close
فونٽ سائيز وڌايو فونٽ سائيز گهٽايو

پبلشر پاران


شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي ڪيتريون ئي شرحون لکيون ويون آهن، ڪيترن ئي محققن ۽ دانشورن شاهه سائين جي بيتن ۽ واين جون سمجهاڻيون ڏنيون آهن. سندس شاعري مان اشارا ۽ رمزون هٿ ڪري ناول لکيا ويا آهن، ڪهاڻيون ۽ سفرناما به لکيا ويا آهن ته ڊراما پڻ تحرير ڪيا آهن. مطلب ته هر محقق، ليکڪ ۽ ناولنگار پنهنجي سمجهه آهر لطيف سائين جي شاعريءَ جي سمنڊ مان موتي ميڙيا آهن. پوءِ ڪن کي تصوف جو جهان مليو آهي ته ڪن علامتون ڪڍيون آهن، ڪن کي جماليات جا جلوا مليا ته ڪن کي وري سنڌي ثقافت جا روشن باب مليا ته ڪن کي وري قومي ۽ فڪري ڌارائون هٿ آيون آهن. پر پوءِ به محقق چون ٿا شاهه جي شاعريءَ ۾ اڃا ڪيئي املهه موتي پيا آهن، جيڪي اسان جي ڏاهن کي هٿ ناهن آيا. عجيب صورتحال آهي ته شاهه سائين جي شاعري هر دؤر ۾ نئين ۽ نرالي ٿي سامهون اچي ٿي ۽ هر ماڻهوءَ کي الڳ انداز سان متاثر ڪري ٿي.

زير نظر ڪتاب “ڳنڍيون منجهه ڳنڍير” ڀٽائي جي ئي هڪ چاهيندڙ عطا چانهيون جي محبتن ۽ محنتن جو ثمر آهي. هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته ليکڪ ڪوشش ڪري شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ڪتب آندل شين، پکين، جانورن، هنڌن، ماڳن، ريتن، رسمن، سنوڻن ساٺن، ڪِرت ۽ پورهين کي جديد انداز ۾ بيان ڪيو آهي. يقيناً لطيف سائين جي شاعريءَ کي نئين طرز سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪارگر ثابت ٿيندي. ۽ اميد آهي ته شاهه سائين جي آفاقي شاعريءَ جا اڃا ٻيا به رخ سامهون ايندا. ڇاڪاڻ ته شاهه سائين جي شاعري جو هر پاسو عظيم آهي!

هنج مڙيو ئي هنج، ميرو منجهن ناهه ڪو!

غلام اڪبر لغاري

سيڪريٽري ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو

حڪومت سنڌ، ڪراچي



پنهنجي پاران


ته ڪَر ڪنهن سُئي، جي سيرَ نه گهڙي سُهڻي

سرڪار جي هن سٽ منجهان متاثر ٿي مون فيصلو ڪيو ته،

آئون به ڪجهه اڳڀري ٿيان،

بنيادي طور تي آئون ڪو ليکڪ ته نه آهيان ۽ لکڻ ته مون کي ايندو ئي ناهي، وري به لکيم سو به لطيف تي، ڊپ به وڏو هو پر وري لطيف جي هن سٽ همت وڌائي.

چاهت پائي چتَ ۾، رنڊا روڙيا جَنِ،

سو کينم پنهنجو موبائيل ۽ ان تي لکڻ شروع ڪيم، منهنجو پهريون ليک لطيف جي هنن سٽن جي ڳولا جو هو.

جي ڀانئين پرين مڙان، ته سِکُ چوران ڪي ڌاڪ،

هري ڏاڍي اهو ليک سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ ڇپيو، ڪجهه دوست يارن وڏو همٿايو ته يار ان ڪم کي جاري رکينس، ان همت افزائي منهنجو حوصلو وڌايو ۽ مون به لطيف سرڪار جي هيٺين سٽ جو ڏڍُ وٺندي اهو فيصلو ڪيو ته،

گهِڙيا سي چَڙهيا، ايئن اٿيئي،

لکڻ ۾ وڏي ۾ وڏي منهنجي مدد لطيف پاڻ ڪئي، هن جي هڪ هڪ بيت ۾ رهنمائي، همراهيءَ، همت، حوصلو، عشق، مجاز، قرب، ڪمائي، جهڄڻُ، جُهوري، لنءُ، لوري، سِڪَ، اُڪيرَ، ڌنڌا ڌاڙيون، ريتون، رسمون، سنوڻ سانسٽ، عزت، غربت، لَڄَ، حياءُ، ڄڻ ته هڪ وڏي سمنڊ کي هڪ ڪوزي ۾ ڀري ڇڏيو اٿس، جنهن جي شاهدي هن سٽ ۾ ملي ٿي.

جيڪي منجهه جهان، سو تاري تَڳي تنهنجي،

مطلب ته پوريءَ ڪائنات کي هڪ سٽ ۾ پروئي ڇڏيو اٿس. ان هستيءَ تي مون جهڙي اَلهڙ جو لکڻ ڄن ايئن آهي جيئن،

تري ڀڳي ڪنگري، ٺلها ڦيرا ڏي،

نه آڻي نه نئي، ته سلهاڙي وتي ساٿَ سِين.

هن ڪتاب ۾ مون ڪوشش ڪئي آهي هر داستان يا سورميءَ مان ڪجهه ورڇ کڻان، لطيف تي لکندي الاهي اديبن جو اکيون انڌيون ٿي ويون، پر پورائو ڪري ڪو نه سگهيا سو مون مسڪين جي ڪهڙي مجال جو رسان ان جي رمز کي،

ڪنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي ان رمَز کي.

ان سڄي سفر ۾ محسوس ڪيم لطيف جي هڪ هڪ بيت تي جيڪڏهن ڪتاب لکجن ته به گهٽ آهن. لطيف تمام وسيع ۽ گهرو آهي، هن جي هڪ ئي بيت کي هر ڀيري پڙهڻ سان هڪ نئي راهه ملي ٿي. تنهنڪري لطيف تمام گهرو لکيو آهي ايترو گهرو جو ڪنهن جي رسڻ جي مجال ئي ناهي.

منهنجي هن ڪم ۾ خاص رهنمائي لطيف ئي ڪئي آهي، جيڏاهن بيت وٺي ويندا هئا آئون به هڪ مقناطيسي ڪشش وانگر اوڏانهن ڇڪبو ويندو هئس. ايئن ئي قصو هلندو رهيو. لطيف پاڻ رهنمائي ڪندو رهيو. جڏهن لطيف جي ڳالهه هجي ته اسان جا سنڌي سمورا لطيف جا عاشق آهن تن اچي هٿ ونڊايو. جن مان اڇڙي ٿر ۾ لوڪ ڏاهپ جو ڏاڏو حاميد فقير، بدين جو کاهوڙي ماڻهو چاچو موسيٰ جوکيو، بدين مان ئي عشق جو کاريل عبدالڪريم لنڊ، عمرڪوٽ مان سنڌ جو المست عاشق جمن دربدر، ڍوري ناري مان لطيف سان نئون نينهن لڳل غلام نبي سمي، ۽ ٻين دوستن هن فقير جي هن ڪتاب لکڻ ۾ وڏي رهنمائي ڪئي.

قاتل ڪمائي ڪري، وههُ ماکي جي ڪن،

وٽان ويهي تَن، پُيُجُ ڪي پياليون.

هڪ راز جي ڳالهه اها ته هنن لکڻين ۾ جنهن فقير جو ذڪر آهي سو آئون ئي آهيان، اهي ڳالهيون، اهي پنڌ اهي پيچرا مون کي لطيف ڏيکاريا، آئون لطيف جي انهن گسن، انهن پنڌن، انهن پيچرن، انهن ڀيڻين تي ويس جن تان لطيف گذريو هو ۽ هر شيءِ منجهه لطيف کي پسڻ جي ڪوشش ڪيم. انهن ڪردارن سان ملاقاتون به ڪيون جيڪي لطيف جا آئڊيل رهيا. ۽ پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته جيڪر آئون انهنس ان نه ملان ها ته، اهو ڪم مون لاءِ لطيف جي هن سٽ وانگر آهي.

آئون ڪُههُ ڄاڻا پنڌ ڪيچَ جو،

سچ ۾ انهن لطيف جي گسن پنڌن کان پهريان مون چڱي ريت سنڌ به ڪو نه ڏٺي هئي. جڏهن سرڪار کي پڙهيم ته سرڪار مون کي سنڌ سموريءَ ته ڏيکاري ئي ڏيکاري پر ان سان گڏوگڏ دنيا جا ٽيويهه ڏيهه ڏيکاري ڇڏيا.

ٿورا مَ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،

هن ڪتاب ۾ مون گهڻو ڪري لطيف سرڪار جي ڪلام وارو لهجو ۽ لفظ رکيا آهن، ڇو جو لطيف پنهنجي ڪلام ۾ جن ڪردارن جو ذڪر ڪيو آهي تن جو به سادڙ و نِجُ ٻهراڙي وارو لهجو آهي ۽ مزي جي ڳالهه اها ته آئون جنهن علائقي اڇڙي ٿر جي ڳوٺ بانڪو چانهيون ۾ رهان ٿو اتي به اهي لطيف جي ڪلام وارا لفظ ۽ لهجي سميت ڳالهايا وڃن ٿا. سو مون لاءِ لطيف جي ڪلام ۽ ان جي ڪردار جي ٻوليءَ وارو لهجو هڪ طرح سان ٿورو آسان به رهيو.

جي پڇن پنڌُ پري، ته اُماڻيو اوراهون ڪري.

هن ڪتاب ۾ مون جيڪو لطيف جي ڪلام کي گواهه ڪندي لکيو آهي تنهن جو خاص مقصد اهو آهي ته لطيف جي فڪر ۽ ڪردارن تي مختصر ۽ جامع ڪهاڻيون لکي لطيف جو پيغام کي توهان تائين پهچايان.

پانڌي پرين پونهارن کي، ڏِجُ نياپا نيڪي،

هن ڪتاب جي هر ڪهاڻي جي عنوان جي چونڊ لطيف سرڪار جي ڪلام جي سٽن سان ئي ڪئي اٿم، ڇو جو منهنجو هي ڪم سڄو لطيف جي ڪلام تي آهي ۽ اهي عنوان ئي انهن ڪهاڻين لاءِ موزون آهن.

جڏهن مون لطيف کي لَنوَ سان پڙهيو، تڏهن لطيف جي ڪلام ۾ جن شين جو ذڪر ڪيل آهي تَنَ جي ڏسڻ جو شوق ٿيو. پوءِ انهن، وڻن، ٽِڻن، ٻوٽن، پکين، پکڻن، جانورن، بلائن، مطلب هڪ هڪ ڪري سڀ ئي شيون وڃي پنهنجي اکين سان ڏٺم. ان سان گڏوگڏ جن ڀيڻين جو سرڪار پنهنجي ڪلام ۾ ذڪر ڪيو آهي جهڙوڪ، لوهار جي ڀيڻي، ڪنڀار، سونار، واڍو، کٽي، ڌوٻي، آتڻ مطلب ته انهن جي ڪم جي هر اها شيءِ جنهن جو لطيف جي ڪلام ۾ ذڪر ڪيل آهي اها مون نه صرف ڏٺي ۽ ان جو ڪارج سمجهيم پر انهن شين جنهن کي لطيف سرڪار ڳايو آهي. اهي کڻي اچي پنهنجي وطاق تي به رکيون ۽ انهن سان هڪ ميوزيم پڻ ٺاهيو اٿم. انهن سڀني شين جو تصويري ڇاپو شاهه جي بيتن سان گڏ جلدي آڻڻ جو ارادو پڻ اٿم. جنهن جو نوي فيصد ڪم پڻ ٿي چڪو آهي. شاهه سائين مون کي انهن رولاڪين ۾ سيکاريو ته کٽيءَ ڪپڙي کي کوڙ ۽ پاهه ڪيئن ٿو ڏي، ڌوٻيءَ جو کنڀُ ڪپڙن کي ڪيئن ٿو کاري، لوهار جي مترڪن جي مارَ سان سانداڻ ڪيئن ٿي سهڪي، ڌَوَڻَ جي ڌَئِڻَ سان اڱار ڪيئن ٿا ٻرن، ڪنڀار ڇا ٿا مٽيءَ ۾ پايو مَنين، يا انهن جي نهائينءَ وانگر نيهن ڪيئن ٿو نبيرجي، واڍو وڻ کي ڪيئن ٿو وَڍ ڏئي. سيراهي ڪيئن ٿي سَلَ ڪڍي، ڪرٽ ڪپار ۾ ڪيئن ٿو وهي، ڪونجَ ڪيئن ٿي ڪُرلائي، هنجُ ڪيئن ٿو هيرائي، ڪانءُ ڪيئن ٿو ڪُرنيشيون ڪري، ٻاٻيهو ڇا ٿو ٻولي، تاڙو ڪيئن ٿو تنواري، هرڻ ۽ هماءُ ڪيئن ٿا سنسار ۾ سرگردان ٿين، اُٺن جا اوٺار ڪهڙا آهن، توڏا تڙٻنگ ڪيئن ٿيا، گورا نيش ڪيئن ٿيا، موڏا مهيري ڪيئن ٿيا، ڀلن جا ڀاڻا، وَڇُن جا وٿاڻ ۽ ڪُنڍين جا پُورَ ڪهڙا ٿيندا آهن.

گهوڙا ۽ گهوٽ ڪيئن ٿا سينگارجن، رُڃَ ۽ رُهي ڇا آهي، ٿرَ جي ٿاڌيل ڪهڙي آهي، مليرَ جا ڏوٿيڙا ڪيئن ٿا ڏُٿَ لاءِ ڏورين، لنبُ سان لاپسي ڪيئن ٿي ڀيٽجي، ڏنورا، پسي، پڪا ڇا آهن. ٿَرَ جا ٿوهر، کارا کٻڙ، مٺيون مکڻيون، ڳاڙهيون ڳولهون، ٽهڪيل ٽوههَ ڪهڙا ٿا ٿين، پيرون مَڪُون ٿيندي ڪيئن وڃي ڪوڪڙ ٿين ٿا، انهن مَڪُن جون مارئڙيون ڪيئن ٿيون ڦڪون ڀرين، مومل جو مجاز ماڻڻ لاءِ ڪهڙا لوڌي لڊاڻي تي آيا هئا، گجميل جي گجرين عمرڪوٽ جي راجائن جي دلين تي ڪهڙيون تبرون هنيون، سسئيءَ کي سيڻ ڪهڙو وڇوڙي جو ورههُ ٿا ڏين، پوءِ هوءَ وڃي هاڙهي کي هڪلي ٿي، مِروئن سان ملي، پيرَ پِٿون ڪري رائو رُلي ٿي، نوريءَ جو نياز ڪهڙو آهي، لِهورَ جي ليلان ڪيئن مَڻين تان موهجي ڏهاڳڻ ٿي، سورٺ جا سوال، راءِ ڏياچ جي سخاوت، لاکي جون لوڙايون ڪهڙيون هيون، اوڏن جا ڪهڙا ٽڪاڻا ۽ ٽول آهن،

سامونڊڪو سَڱُ ڪيئن ٿو وڇوڙي جون وايون ڳارائي، ٻيڙياتا ڪيئن سُکاڻ کي سولو جهلي وڃي پنهنجي منزل ماڻيندا آهن، سُهڻي ڪيئن سههَ سياري جي راتين ۾ سيڻاهه تي سوار ٿي درياهه جي پرئين ڪپ تي ميهار سان ملڻ ويندي هئي، ماروئڙا مينهن جي ملهاڙَ ڏسڻ لاءِ ڪيئن ٿا تاڙي جي تنوار جو انتظار ڪن، پوءِ جڏهن مينهن وسي ٿو ته ڪيئن ٿي گاهن جي گلزاري ٿئي، ڪاپائتين جو سُٽُ ڪيئن ٿو سفرو ٿئي، ٽرڪُ ونگي هوندي ته پوءِ مالهه ڪيئن ٿي ڍَري ٿئي، سهيليون پوڻيون ۽ پَهيون ڪيئن ٿيون ساههَ کي سانڍي صاف ڪن، گهاتو ڇو نه گهر آيا، مارئيءَ جي ملڪ ۾ مارو ڪهڙو ٿا ڏُٿُ ڏورين، عمر مارئيءَ تي کوههَ تان کڻي وڃي ڪوٽ ۾ قيد ڪري ٿو، پوءِ سهييلون سِيلُ جَهلڻَ لاءِ مارئيءَ کي ڪهڙا سنيها ٿيون ڏين، عاشق زهر پياڪ ڇو ٿا ٿين، موکيءَ جي منڌ ۾ ڪهڙو مزو آهي، جوڳين جون جوڳون، سامِيَن جو ساٿُ، کاهوڙين جي ڏِسِ ڏورڻ، ڇورين جا ڇالَ ڏيڻ پوءِ به لاهوتين جو لنگهي وڃڻ، ٿَرَ جا ٿوري، ڍَٽ جا ڍاٽي، ملير جا مارو، لُڊاڻي جا لوڌي، کاري جا کيڙائو، موکيءَ جا مستانا، اهو سڀ ۽ ان سان گڏ ٻيون انيڪ ڳالهيون هن ڪتاب ۾ آهن.

غلطين جي معافي ڏيندا ڇو ته لطيف سائينءَ تي قلم کڻن به هڪ وڏي همت جي ڳالهه آهي. ڪجهه ڪلام جيڪو لطيف سائينءَ جي انهن موضوعن سان ٺهڪندڙ هئڻ سبب ٻيو به آيو آهي پر ان جي تعداد نه هئڻ برابر آهي. لکڻ ۾ ڪچاين کي نظر انداز ڪري اصل مقصد کي سمجهڻ جو عرض ڪندس. جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن کي لڳي ته لطيف جو بيت غلط لکيو آهي يا حوالو غلط ڏنو آهي تنهنجي به معافي.

جلد ئي لطيف سرڪار جي ڪلام ۾ آيل شين جو تصويري ڇاپو آڻيان پيو، دعا ڪريو ته ڪامياب وڃان، ساٿ سلامت، سنگت سلامت.

جيئي لطيف، جيئي سنڌي ٻوليءَ!

عطا محمد چانيهون

کپرو



مونکي ماءُ مجاز، پِڃِياري جيئن پِڃِيو


سندس ۽ محبوب جو نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي مجاز جي ماريل المست عاشق سان ڪچھري ٿي؛ چيم ڏي خبر؟ چيائين خبر وري ڪھڙي.

مونکي ماءُ مجاز پڃياري جيئن پِڃِيو،
ھٿنِ ڇڏي ھاجَ، وئي سار سنڌن مان.

چيم “فقير مجاز ۾ ئي کپي وئين اڃان ته وڏو پنڌُ آھي.” چيائين “ھائو پر اوڏانهن وڃڻ لاءِ مَنُ ڪري ئي نه ٿو.” پڇيمُ “ايڏو مزو آھي ڇا؟” وڏي آھَ ڪري چوي ٿو ”مٺا مجاز جي مزن جو مزو ئي پنهنجو آھي.” مون چيو “ماڻهو چون ٿا عشق الاھيءَ ۾ مزو آھي” چوي ٿو “جي چون ٿا انهن کي مزو ايندو ھوندو پر اسان کي ته مجاز جي قرارن ئي ڪُھي ڇڏيو آھي.”

سِڪَڻُ وڏو سُورُ محبت وڏو مامرو،
اَٺَئي پَھَرَ مَلُورُ، ساعتَ نه سگھو جندڙو.

چوي ٿو ھڪ ڏينهن نما شام ڌاري سڄڻن جي ايڏي ته اُڪِير ٿي جو دل ڪري محبوبن سان گڏ ھجان. مون پنهنجي ساٿي اوٺارن کي عرض ڪيو يار موڪل ڏيو ته وڃي محبوب سان ملي اچان، گھڻا ڏينهن ٿيا آھن محبوبن سان مليو ئي ڪون آھيان.

ڏٺي ڏينھن ٿِيامِ، ڪوھُ ڄاڻا ڪھڙا پِرين،
سَھَسِين سِجَ اُلَھِي، واجھائيندي وِيامِ،
تَنِ رِيءَ سالَ پِيامِ، جَنِ ريءَ ساعتَ سَھان نه ھيڪڙي.

يارن وڏي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، چوڻ لڳا، رات ٿيڻ واري آھي، پنڌ پري آھي، ملڪ ٻيو آھي، چريو اچي ٿيو آھين.

واھُڙَ وَھَنِ نوان، اڃان وَھُ اڳي ٿيو،
گھر ويٺيُون گھڻا ڪريو، سرتيُون سَڱَ سنوان،
صورتَ جا ساھڙَ جي، سا جي ڏٺي آن،
ھوندَ نه پليو مان، گِھڙو سڀِ گھڙا کڻي.

نيٺ وڏيون منٿون ڪرڻ بعد ساٿين موڪل ڏني، پوءِ آئون هئس، ٿرُ ھو، رات انڌيري ھئي، ۽ پرين ڏانھن پنڌ ھو، نه پاڻيءَ جي پرواھ ھئي، ۽ نه ئي ڪا بُکَ جي.

ھلندي ھوتَ پُنھوءَ ڏي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون،
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿئي، جي لالڻَ لاءِ لُوٺِيون،
سَڀِ سھيلون سِڪَ کي، چُنجِھيُون ۽ چُوٺِيُون،
ٻانڀڻِ ٿي ٻوٽِيون، ته ڪُتا کِينَئِي ڪيچَ جا.

محبوبن جو ڳوٺ ھندستان ۾ ھو دنگ لتاڙي وڃي ملڻو ھو، انهن ڏينهن ۾ ھندستان پاڪستان جي دنگ تي ڪا به تار ٻڌل ڪو نه ھئي، کليل بارڊر ھو، ھيڪَڙِ ٻيڪَڙِ رينجرِ وارا گشتُ ڪندا ھئا. انهن کان لڪي وڃي ھن پار پھتس.

اکيون منهن ميھار ڏي، رکيون جنهن جوڙي،
اُڀَ ڪَپي اوڙاھَ ۾، تارِ گھڙنِ توڙي،
تَنِي کي ٻوڙي، ساھڙُ سِگھو ڪِينَ ڪِي.

سياري جي راتِ ھئي سيءَ سامهون پنڌُ ھو گُھپُ انڌيرو ھو پر مون کي پرواھ ئي ڪون ھئي.

سيارو، پاڻي پارو، جِتِ جُھڙُ جَھڪَ ۽ جھولَ،
مَنَ اندر ميھارَ جا، ھينئڙي اچن ھولَ،
جيلانھن ٻَڌِيَسِ ٻولَ، ٿي اَڙانگي آرَِ تَران.

وڃي فجر مھل پرينِ جي پَڊَنِ جي ويجھو رسيسُ، اتيُ. اھا سڄي رات بنا پاڻيءَ بنا مانيءَ جي گذري، پر مون کي پاڻيءَ يا مانيءَ جي ڪا پرواھ ئي ڪون ھئي.

نَڪا طَلَبَ طَعامَ جي، نَڪا بُکَ نه اُڃَ،
اَصُلُ اباڻي ڏيجَ تي، ساري ڏٺم سُڃَ،
رائو، رُلَڻُ، رُڃَ، ڪميڻيءَ ڪُوتُ ٿيو.

راتِ جو آخري پَھَرُ ھو پنڌُ پري ھو، دل ۾ اھو خوف ھو ته سج اڀري کان پھريان وڃي جانبِ جي جوءِ ۾ رسان.

جيئن جيئن ڀڄي رات، تيئن تيئن تاڻي پنڌَ ۾،
ڀوري ٻِئِي نه تاتِ، جيڪا سا جَتَنِ جي.

وڏيءَ تيزيءَ ۾ هلندي ٿاٻو اچي ويو، جنهن سان ڪِرِي پيسُ تنهن تان پير ۾ موچَ اچي وئي پوءِ ھلڻَ کان اصل معذور ٿي پيسُ ڪجهه دير ساھي کائي وري پندُ ڇڪيمُ پير ۾ سور به وڏو ھو ۽ ٿڪل به ڏاڍو ھوس. پر مون ھمٿ نه ھاري.

آءُ اوراھون پرين، وڃ مَ اڳاھون،
ٿڪي کڻي ٿَرَنِ ۾، ٻاڪاريو ٻاھون،
موٽُ محبَ ٻانھون، تاڪُنِ تَڪِي آھيان

وڃي جانب جي جوءِ ۾ رَسِيُسُ ھاڻ بَسِ اُلڪو اھو ھو ته نڪو ڪو سڄڻن جي ملڻ جو. ڪو آجام آھي ۽ نڪا ڪا انھن کي خبر آھي ته ڪو آئون ھتي آيل آھيان. ۽ دل ۾ اھو ڊپُ ٿيو ته جيڪڏهن ڪنهن مونکي ھٍتٍ ڏسي ورتو ته سڄڻن تي ڪا آڱر نه کڻي.

ڪُھُ ڄاڻا، ڪُھُ ٿيو، ڪيڏانهن ٿي وڃان،
ھَٿَ، ڪرايون، آڱريون، سَڀِ مروڙي ڀَڃان،
ٻينِ گھرِ ڳَڃان، مون ھاريءَ ھوتُ وِڃايو.

ڏينهن سارو جھنگ ۾ گذاريم اچي شام تي جيئن ئي انڌيرو ٿيو آئون سِرِي وڃي سڄڻنِ جي ويڙھي جي ويجھو ٿيسُ. اتي ھڪ ڪِرِڙَنِ جو ويڙھو ھو جنھن ۾ اسين اڳي ملندا ھئا سين.

وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِيِين ٿي ويلا ڪري،
گِھڙِي گهڙو ھَٿِ ڪري، سُڻي سانجھي ٻانگَ،
سي ئي ڍونڍي سانگَ، جِتي ساھڙُ سُپَرين.

ان ڪرڙن جي ويڙھي ۾ ويھي رھيسُ، پوءِ سڄو ڪجھ پاڻ ئي ٿيندو ويو، جنهن ۾ منهنجي ڪا به ڪارستاني ڪون ھئي. گھڻي رات گذرڻ کانپوءِ ڏسان ته ڪو ماڻهو پيو اچي مونکي ڊپُ ٿيو ته ڪو شايد مونکي ڪنهن ڏسي ورتو آھي. جڏهن ويجھو ٿيو تڏهن ڏسان ته اها ته ھڪ عورت آھي. اھا عورت سڌي اچي مون واري ڪِرِڙَنِ واري ويڙھي ۾ گھڙي، ڏسان ته اھي ته مون وارا محبوب آھن.

سُڪِيءَ ٻُڏَنِ جي، ساھڙُ ساڻِي تَنِ جو،
لَھَرن سِرِ لَطيفُ چئي، ڪُلَھَنِ چاڙِيو نِئي،
جي پُڇَنِ پنڌُ پري، تَنِ اُماڻِيو اوراھُون ڪري.

ھڪ ٻئي کي ڏسي حيران به ٿيا سين ۽ خوش به ٿيا سِين. مونکان پڇيائين تون ھتي ڪيئن؟ چيم تنھنجيءَ ياد اچي ورايو جنهن اچي ھتي رسايو آھي. سڄڻن کان پچيمُ توھين هتي ڪيئن؟ چوي ٿي ٻن ڏينهن کان ننڊ نه پئي آئي سو سوچيمُ وڃي پاڻ واري ملڻ واري ويڙھي مان ٿي اچان شال ننڊ اچي وڃي.

سُتي سنبِرِيومُ، ڪو گُڻُ ٻاروچنِ جو،
ڳَلِ وِھاڻو ڀِنُو، ھَرِيو ھَٿُ ٿِيومُ،
پرينءَ پُورُ پِيومُ، جاڙ جيان ٿي جيڏيون.

سڄي راتِ وِرِھُ وِھايو سِين، محبوب منهنجي ھنجھ ۾ ھئا، ۽ دل ايئن پئي چيو شالَ ڏينهن ٿئي ئي نه.

ڍولُ مَ کڻي ٻانھڙي، پِرِھَ مَ کڻي پانڌُ،
آئون پنهنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪِي رائِيان.

فجر مھل ملين ٻانگَ ڏني تڏهن ھوش آھيو سڄڻن موڪلائڻ جي ڪئي. مون کان پڇيائين تنھنجو ڇا پروگرام آھي. مون چيو جيڪو سڄڻن جو حڪم.

جيڪر چونمُ بَسِ، ته روحُ پريان کان نه رھي،
ساھَ جي سيدُ چئي، واڳَ پِرِيان جي وَسِ،
جي بيھارين ته بَسِ، جي ھلائين ته ھليو وڃان.

چوي پئي اڄوڪي راتِ مون لاءِ وڏي ڀاڳنِ ڀري آھي. آئون ڪيئن چوان ته تون ھليو وڄُ دل ته چوي ٿي ساري حياتي ساڻِ ھجون.

رھيا اٿئي راتِ، صُبحَ ويندئي صابري،
لئُون، لئُون منجھِ لطيف چئي، ڪَرُ تَنِين جي تاتِ،
سندي جوڳين ذات، ٻئي ڀيري مَسَ ملي.

پڇيم“ ڀلا سڄڻن ڪو ماني ٽڪر به کارايو يا نه؟” چوي ٿو “فقير اسان جون صدين جون اڃون، بکون ھڪ لحظي ۾ لھي ويون.”

محبت جَنِ جي مَنَ، تَنُ تَشِنگي تار،
پي پيالو اُڃَ جو، اُڃَ سِين اُڃَ اٿيارُ،
پنھُون پاڻَ پيار، ته اُڃَ سِين اُڃَ اُجھائيان.

پُڇيمُ “اھو پيچُ ڪيئن پيو؟” چوي ٿو “ھن سان پيچ پراڻو ھو، ھن جو ڳوٺ اسان جي ڳوٺ جي ويجھو ھو، ھنن جو ۽ اسان جو پاڻي پيئڻ وارو کوھُ ھڪڙو ھو. ھوءَ پاڻي ڀرڻ لاءِ ايندي ھئي ۽ آئون اُٺينِ کي پاڻي پيارڻ ويندو ھُئَسِ. اکين ئي اکين ۾ پيچَ پيا. پورا ٻه سال اکڙين اکڙين جي عشق ۾ گھاريو.”

کوڙي کڻُ مَ سپرين، کنيَئي تان کوڙ،
اھلَ اکڙين جا نيئِي نڀائجُ توڙ،
مون ۾ عيبن ڪوڙ، تون پاڻ سڃاڻجُ سپرين.

سو به وڃي اسان جي ھڪ ويجھي دوست ملڻ جا انتظام ڪيا. ملڻ واري ڏينهن اسان ٻئي ڏاڍا رُنا ھئا سين. پڇيم “رنا وري ڇو؟” چيائين “محبوبن سان ٻن سالن کانپوءِ ڳالھائڻ ٿئي روئڻ ته ضرور ايندو.”

اڄُ پُڻُ اکڙيون، ساريو رُوئن سڄڻن کي،
جانبَ جي جمالَ لَهءِ، تاڻِنِ ٿيون تَڪِڙِيون،
جي وَھَمَ پِريان وَڪِڙِيُون، تنِ اُڃَ نه لھي اکڙينِ.

اھا ڳالهه ڪندي پاڻ روئي ڏنائين، چيم اڃان به اوترا ئي پيار آھن يا ڪجهه ويڇو آيو آھي. چوي ٿو “يار تون ته ڪو ڀورو ماڻھو آھين ڀلا سڄڻ به ڪي ڪنهن کي وسريا آھن، اھي جيترا پراڻا ايترا ئي نوان.”

ھِنَ تاري ھُنَ ھنڌ، ھُتِ منهنجا سُپرين،
سَڄَڻَ، ماکي، منڌُ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.

پوءِ گھڻا ئي سال اسان جا ھڪ ٻئي سان انگلَ ھلندا رھيا. ھُوءَ مون سان گھڻي محبت ڪندي ھئي ۽ آئون ھن سان. پوءِ ھڪڙي سال اسان وٽِ ڏڪار آيو محبوب جي گھر وارا مالَ چاري جي سانگي لڏي وڃي سرحد جي ھُنَ پار ويٺا، اھي ڏينهن مون لاءِ ڄڻ عذاب ھئا.

سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻَ سفر ھليا،
رُئان رھنِ نه سُپرين، آيلَ ڪريان ڪيئن،
مونکي چاڙھي چِيئن، ويو وڻجارو اوھيري.

پوءِ گھڻو عرصو آئون اڪيلو اڪيلو پيو بَرَ پَٽَنِ ۾ ڀٽڪندو ھوسِ.

سڄڻَ نہ ساڻِ ڀيٽِ، ڳُجھُ ڳَرِھِيان ڪن سين،
ڳالھيون انهيءَ ريٽِ، سَلا ٻڌي موريُون.

ھڪ ڏينهن ھمٿ ڪري وڃي سڄڻن جي پارِ نڪتسُ پوءِ اھو سلسلو ھلندو رھيو جدائيءَ جا ڏينهن جيءُ جھوريندا رھيا.

سڄڻَ ساعَتَ ھڪڙِي، جي ٿِئي اکيان ڌارَ،
ته ڪر سڀ ڄمارَ، ڪونَ ڏِٺو سِين ڪڏهن.

پڇيم “محبوب جي غيرموجودگي ۾ ڇا محسوس ٿيندو آھي.” چيائين “سڄڻن جي ساڻ نه ھوندا آھن ته ان جون يادون جيءَ کي جھورينديون آھن.”

پَلِ پَلِ پَلِيانسِ، پَلُ نه رھي پِرِيَنِ رِيءَ،
جيئن جھوريءَ کان جَھلِيانسِ، تيئن جِھڄِيو پئي جھوريءَ ۾.

چوي پيو “اسين ڪڏهن به جدا ڪون ٿيا آھيون. جي گڏ نه آھيون ته انهيءَ جو اھو مطلب ته ڪون آھي جو اسين جدا آھيون.”

گَڏِيا آھن گَڏُ ساھَ کان به اوڏا سُپَرِين،
ڪھڙو ڪريان سَڏُ، اھڙَنِ اوڏِڙَنِ کي.

پڇيم “ڪيتريءَ ساعتَ کان پوءِ ملڻ ٿيندو ھو.” تڏهن وڏي اوڇينگار ڏئي چوي ٿو “يار ھاڻِ سڄڻن ھن جھانَ مان ھليا ويا، ۽ اسان کي وڇوڙي جو وِھُ ڏئي ويا آھن. ھاڻِ مولا کان اھا ئي آسَ آھي ته جلدي مِلاءِ محبوبن سان.”

جي قيامَ مِڙَنِ ته ڪَرِ اوڏا سُپرين،
تِھان پوءِ سُڄَنِ واڌايون وصال جون



سورھَ مرين سوڀَ کي، ته دل جا وهمَ وسار


سورِههَ مرين سوڀَ کي ته دل جا وهمَ وسارِ،
هَڻُ ڀالا، وڙهُ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مارُ ته متارو ٿيين.

سورھَ بادشاھ کي12 سالن جي عمر ۾ پاڳاري جو لقب مليو، خوبصورت نوجوان، وطن پرستي جو رَڳُنِ ۾ رَتُ ھو، ۽ مريد به جان قربان ڪرڻ لاءِ اتاولا ھئا. ھن جي خاندان پھريان به ظلم خلاف حق ۽ سچ جو اَلمُ کنيو هيو. کنڻندو به ڪيئن ڪون، جو هن جي رَگُنِ ۾ حسيني رَتُ هُيو.

چون ٿا سورھ جڏهن جوان ٿيو ته ھُن انگريز سامراج جي ظلم خلاف پنهنجا جوھر ڏيکاريا، تنھن تان انگريز کي ڊپُ ٿيو ته ڪٿي سورهه اسان جي حڪومت خلاف ڪا تحريڪ نه هلائي. سو هنن سورههَ کي پهريان ته دڙڪا داٻا ڏيڻ شروع ڪيا، پر هيءُ ڪو مڙي ڏٺائون هاڻِ قصو چڙهي پيو ته سورههَ کي هڪَ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايائون. ۽ ان ڪيس ۾ سزا به ڏنائونس ۽ سنڌ کان پري وڃي رتنا ڳڙهي جيل ۾ قيد ڪيائون. اُتي سورههَ جي ملاقات اَڳُ قيد ٿيل، ڀڳت چندر شيکر، ۽ ٻين آزادي جي متوالن سان ٿي.

قاتل ڪمائي ڪري، وِھُ ماکي جي ڪن،
وٽان ويھي تن، پِيُجُ ڪي پياليون.

قيد ڪاٽي وطن ڏانهن وريو ته ايندي ئي سامراج خلاف تحريڪ ۾ زور آڻي ڇڏيائين. گڙنگ بنگلو تحريڪ جو مرڪز ھو. ُحر ايندا ويا تحريڪ ۾ شامل ٿيندا ويا. حرن کان پنھنجي گھرن واريون ھيءُ وعدو وٺي تحريڪ ڏانهن اماڻينديون ھيون.

ڀڳو آئون نه چوان، ماريو ته وسهار،
ڪانڌَ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُنهان،
ته پڻُ لَڄَ مران، جي هئنس پُٺِ ۾.

مرشد جو حڪم ھو ۽ وطن تان سِرُ ڏيڻو ھو سو ھَرُ حُرُ گھر کان نڪتو اچي گڙنگ بنگلي تي گڏُ ٿيو. مرشد جا ديدار وٺي، حڪم تي عملُ ڪرڻ لاءِ وڃي مکيءَ ٻيلي ۾، مخالف سان وڙھڻ جي سکيا ورتائون.

پتنگن پَھُ ڪِئو، مڙئا مٿي مَچَ،
پسي لَھَسَ نه لچئا، سَڙِئا مٿي سَچَ،
سنداڳچِين گَچَ ويچارن وڃائيا.

انگريز سختيون ڏيڻ شروع ڪيون، ۽ حرن ڪاروايون ڪرڻ شروع ڪيون. سورِھُ ساڻِنِ گڏ ھو ھنن کي ٻئي ڪنھن جي پرواھ ئي ڪون ھئي. سورھَ انگريزن جي ڪاروبار کي ڌڪُ رسائڻ لاءِ حُرن کي حڪم ڪيائين ته پرديسي ڪپڙو، تماڪ، رٻڙ جون چوڙيون پائڻ ڇڏي ڏيون اِھي ٽئي شيون انگريز جي واپار جا اھم ايٽم ھئا. تنھن تي انگريز حرن سان گڏو گڏ سورھَ سان سختيون ڏيڻ شروع ڪيون پر ھيءُ ڪو مُڙي.

اڳيان اڏين وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھيا،
ڪاٽِ ته پوي قَبُولَ ۾، مَڇَڻِ ڀانيين گهَٽِ،
مٿاَ مَهايِنِ جا، پئانه پسين پٽِ،
ڪلاڙڪي هَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَهي.

نيٺِ حر تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ انگيز سورھَ کي وري گرفتار ڪري ڪيس ھلائڻ شروع ڪيو. ۽ ھوڏانھن حرن جي ڪارواين ۾ شدت اچي وئي. ڄڻ ته سامراج جي نانگ تي پير اچي ويو.

پھرين ڪاري نانگ جي، ڪو ڇرڪيلُ ڇيڙَ ڪري،
جي ھڻي ڏنگُ ڏسائيو، ويجھو ڪينَ وري،
جيڪي ٺُپُ مري، جيڪي سٍڪي صحت کي.

 

انگريز سوچيو ته حرن جي اڳواڻ کي قيد ڪرڻ سان حر ڪمزور ٿي ويندا. پر ان جي اُلٽ حرن جي قھري ڪارواين ۾ تيزي اچي وئي. ڪٿي انگريزن جي ڪيمپن تي حملا ٿيا، ته ڪٿي جوڌا جيل ٽوڙائي نڪتا، ڪٿي ريل جي پٽڙين کي اکيڙيو ويو ته ڪٿي انگريزن جي خابرن ۽ واٺن کي موت جي گهاٽ لاٿو ويو، اصل ممڻ مچي ويو. بدلي ۾ انگريز مکيءَ ٻيلي ۽ ڀر ڀاسي جتي حُرَ رھندا ھئا، اتي ھوائي جھازن سان بَمَ اڇلايا. اھڙي قھري ڪاروائي بري صغير جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ٿي ھئي. جنهن سان حرن کي وڏو نقصان ٿيو پر حرن کي مرڻ جي ته پرواهه ئي ڪونه هئي، سِرُ وڃي پر فرنگيءَ وطن کان تڙڻو آهي.

اصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪَمُ،
سئو سسيان اڳرو، سندو دوسان دَمُ،
هيءُ هڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پريان جيءَ نه پڙي.

حُرن جون آباديون گھڻو ڪري نارا ڪئنال جي ٻنھي ڪنڌين تي ھيون، سو انگريز ناري جي کاٻي پاسي جنهن پاسي اَڇِڙو ٿَرُ ھو اُتي عام واھپي جي شينُ جي رسَدَ تي پابندي لڳائي ڇڏي جيڪا سکر کان وٺي عمر ڪوٽ تائين ھئي. ۽ ساڄي پاسي جي حرن جي ڳوٺن کي لڏائي شھرن جي ويجھو لوڙھن جون ڪئمپون ٺاهي قيد ڪيو ويو.

سِڪَڻُ سڀوئي سُورُ، محبتَ وڏو مامرو،
اٺئي پهرَ مَلُورَ، ساعتَ نه سِگهو جندڙو

فرنگين ڪيسُ هلڻ دوران سورههَ بادشاهه کي وڏيون آڇون ڏنئون ته تحريڪ تان هٿُ کڻُ بدلي ۾ جيڪا شيء گهرين سا ملندي، پر سورهه َ انڪارُ ڪندي فرنگيءَ اڳيان هيءَ نعرو هنيو، وطن يا ڪفن، آزادي يا موت؛ چيائين.

سورههَ مرين سوڀَ کي، ته جنگ جامي سين جوڙ،
وهم حيلا خطرا، منجهان منَ واڍوڙ،
آرڻِ جا عشق جي، تنهن کان مُنهنُ نه موڙ،
ناجِي نفسُ نِهوڙُ؛ ته رازُ پَسين هِنَ رِڻَ جو،

انگريز سو چيو ته سورههَ کي ڦاهي ڏينداسين ته تحريڪ ختم ٿي ويندي نيٺ ظالم سورههَ کي حيدرآباد جيل ۾ ڦاهي ڏني ۽ سندس مڙهه مائٽن جي حوالي ڪون ڪيائين.

سُوري آھ سينگارُ، اڳھيِن عاشقن جو،
مُڙڻ موٽڻ مھڻو، ٿيا نظاري نِروار،
ڪُسَڻَ جا قَرار، اصل عاشقن کي.

سورھُ شھيد ٿي ويو پر حُرَنِ پنھنجون ڪاروايون جاري رکيون. ھاڻِ ته حُرَ ته اهو مـڃڻ لاءِ ئي تيار ڪونه هئا ته انهن جو اڳواڻ شهيد ٿي ويو آهي. هو ته ائين ئي مرندا ۽ ماريندا رهيا ڄڻ سورههُ ساڻن گڏُ هجي.

ڪاناريا ڪُڻِڪَنِ، جَنين لوھَ لڱَنِ ۾،
محبت جي ميدان ۾، پيا لال لُڇن،
پاڻھين ٻڌنِ پٽيون، پاڻھين چِڪِيا ڪنِ،
وٽان واڍوڙين، رھي اچجي راتڙي.

سورھَ جي ٻنھي شھزادن کي انگريز سرڪار انگلينڊ موڪلي ڇڏيو. درگاھ شريف واري گھر کي ڊاهي ڇڏيو، گادي ختم ٿي، گاديءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيا وارث دعويدار ٿي ويا. پر انگريز سمجھيو ته جيڪڏهن گادي اصل وارثن جي حوالي نه ٿي ۽ ٻين دعويدارن ي حوالي ٿي ته حر ان گادي نشين کي ماري ڇڏيندا ۽ جيڪڏهن گادي اصل وارثن سورههَ جي شهزادن جي حوا ٿي ته رکي حُرَ وڙھندا رھيا مرندا رھيا ۽ ڀٽڪندا رھيا.

ڏاگھَنِ، ڏيرنِ، ڏونگرنِ، ٽِنِھي ڏِنَمِ ڏُکَ،
سي سَڀِ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاند ڪارڻ ھوتَ جي.

حرنِ وڃي ٿَرُ ۽ جنگلَ وسايا. جيڪڏهن ڪو حرُ بيمار يا زخمي ٿيندو ھو ته ان جو علاج ھو پاڻ ڪندا ھئا،ڇوجوجيڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر انهن جو علاج ڪيو ته ان ڊاڪٽرتي انگريزسرڪارسختي ٿي ڪئي تنهن ڪري جھنگ جي جڙي ٻوٽين ۽ لانڍڪي علاج مان فائدو وٺندا ھئا.

سگھنِ سُڌِ نه سور جي،گھايل ڪيئن گھارين،
پيَلَ پاسو پَٽَ تان. واڍوڙ نه وارين
پَر ۾ پَچَنِ پرينءَ لئي. هئي هنجون هارينِ.
سَڄَڻَ جي سارينِ، تَنِ رويو وھامي راتڙي.

سورھَ جا ٻئي پُٽَ 1952 ۾ پاڪستان موٽي آيا گادي بحال ٿي سورھَ جي وڏي پُٽَ کي پاڳاري جي پڳ ٻڌرائي وئي.

پاڇاٽِئان پئي وُٺو آڳاٽِئان به آڳرو،
چُڪَسُ سَڀِ چئي، تِهان پوءِ مولا مينهنَ وسائيا.



ڪو جو ڪنھن پار، اکيون پسي آئيون


ڪو جو ڪنھن پار اکيون پسي آئيون،
ٿيون ديوانيون دل ۾، اپر لڳينِ آر،
تِھان پوءِ قرار، سُتيون ڪينَ سيد چئي.

ھالار چيو ھاڻي ته “منھنجن ٻڪرين کي به ان گس سان عشق ٿي ويو. جنهن گس تي ڪونج جو گهر هو.” هالارَ ۽ ڪونج جو عشق اکين ئي اکين جي اشارن ۾ عروج تي هو. هو روز ٻڪريون ڪاهي ڪونج جي گهر وٽان مٽيندو هو. اکين ئي اکين ۾ ملاقاتون. محبتون، مهڻا ناز، نخرا، ڄڻ ته اکين ئي اَکِين ۾ پرينءَ پاتو سُپرينءَ کي.

اکيون آسروسنديون، هنئن حُبَ گهڻي،
سَرَهيون ٿيون سيد چئي. ساجن جو سڻي،
جنهن جي گهُرِجَ گهڻي، سو پرين پيهي آيو.

ٻنهي جيونِ راتيون ڄڻُ عذاب هيون اِجهو ڏينهن ٿئي ته دلبر جا ديدار پسنِ. اک ملي اک سان تڏهن وڃي هينيون ٺري.

کوڙي کڻُ مَ سپرين، کَيُئي تان کوڙ،
اھل اکڙين جي نيھي نڀائج توڙ،
مون ۾ عيبن ڪوڙ، تون پاڻ سڃاڻج سپرين.

ھڪ ڏينھن ڏسان تان ھالار جون اکيون ڳاڙھيون ھجن ۽ بيحال ھجي. حال پڇيمُ، چيائين ٻه ڏينهن ٿياآھن جو محبوب جو ديدارڪو نه ٿيوآھي. ڏسان ته پسان تڏھن وڃي اکڙين آرام ٿئي. نه ته نڀاڳين ننڊ نه ٿي اچي.

اکڙين آرام ڪڏھن تان ڪين ڪيو،
ھيون منجهه حمام، کاڻيون کوريءَ وچ ۾.

ڪجهه ڏينھن کانپوءِ مونکي چيائين “يار ھاڻ سهڻيءَ جو ديدار مشڪل ٿي ويو آھي، ۽ جي ديدار ٿئي ٿو ته پري کان اها به ڪا جهلڪ. اکڙيون ڏسي ڍَءُ رڪڻ کان سِڪي ويون آهن لڳي ٿو ته ڪنهن ڪونج کي روڪيو آهي.”

اَڄُ پُڻِ اکڙيون، ساريو رونِ سڄَڻَنِ کي،
جانب جي جمال ڏانھن تاڻِنِ ٿيون تڪڙيون،
جي وھَمَ پريان وڪڙيون، تنِ اُڃَ اکڙين نه لھي.

ھڪ ڏينهن وڃان ته هالار ڏاڍو خوش هجي، وجهه پڇيم، چيائين “يار اڄ مون ٻڪريون پئي چاريون ڏسان ته ڪونج ساهيڙين سان گڏ ڪاٺيون ڪرڻ لاءَ نڪتي آهي. جڏهن منهنجي ويجهي لنگهي خمار مان اهڙيون نظرون وڌيئن جو اصل دل کي قرار اچي ويا. چيائين ھن جو ھرُ حربو ديدار ڪرڻ ۽ ڪرائڻ وارو ھو. منهنجي ٻڪرين جي ننڊڙن ڇيلڙنِ کي ڀاڪرَ ۾ پائي اھڙو پيار پئي ڪيائين ڄڻ منهنجي روح جيون تارون پئي وڄيون. ان مھل سڄڻن جو نظرون مون ڏانهن ھيون.

پڇيم صرف ديدار ٿيا، ڪا ڳالهه ٻولهه؟ مسڪرائي چيائين ”يار ڳالھين کان قصو چڙھيل ھو” ھڪ ته ؛

ڀنڀيون ھڏ مَ ڀير، کَڻ سبتون سپرين،
تو جي چاھَ چلائيون، تنِ وڌو جيءَ سين ويرُ،
ڪجلُ اکين مَ ڦيرُ، تنھنجُين رُکين ئي رِڻُ ڪيو.

ھڪ ڏينھن مون وٽ آيو چيائين يار رات لِڪِي لِڪِي سُھڻن جا ديدار ڪري آيا سين. مون پڇيو اھيو وري ڪيئن چيائين، ڏينھن جو ديدار ڪون ٿيا ھئا سو اکڙين آرو ڪيو ته هَلُ ته پرين پسون. سو سج لٿي جو وڃي محبوب کي ڏسان ته چلهه تي پيو ماني پچائي. پڇيم توکي ڏٺائين، چيائين نه رڳو مون ديدار پسيا ۽ گهڻيءَ دير تائين ڏسي ڍَءُ ڪيمُ.

اکين کي آئون جان ڪِي جَھلُون پائيان،
لوڪُ لتاڙي نِنڊَ ۾، ساجنُ سوٺائون،
مون کي ماريائون، پاڻ پرچي آئيون.

ھمراھن جو عشق عروج تي ھجي، چيائين ھڪ ڏينھن آئون جيئن ئي ٻڪريون ڪاھي ڪونج جي گھر اڳيان گذريسُ ته اسانجون اکيون ھڪ ٻئي سان ايئن اڙيون جو گھڻيءَ دير تائين ھوش ئي ڪون رھيو جو منھنجيون ٻڪريون ٽِڙِپِکڙِ ٿي ويون ۽ ڪونج کي اٌڱڻ تي ٻھارو ڏيڻ وسري ويو. ھوش تڏھن آيو جڏهن ڪونج کي ماءُ سڏ ڪيو.

کُتيون ڪِينَ کِسنِ، ڪنھن جنھن آگمَ آئيون،
نيڻنِ جھيڙو پاڻَ ۾، ويڻين ڪينَ وڙھنِ،
اکين ۽ پرين، پوريون پاتيون پاڻ ۾.

ھڪ ڏينھن مليو حال احوال پڇيم، چيائين “اڄ ته اکيڙين ھڪٻئي تي ميارنِ۽مھڻن جا تيرھلايا. پاڻ ۾ گھڻو تقرارڪيئون پرآخر ۾روئي پاڻَ ۾ پرچي ويو.”

اکڙيوُن اکڙِيُن تي، ڏَمَر ڏوسَ ڪَرينِ،
جيلانَھ سِڪَڻُ سِکيون، تيلانَھ‌ دعويٰ منجھ دَرينِ،
کِلن ۽ کَرينِ، رُسَنِ پَرچنِ پاڻَ ۾.

پڇيم ”جنھن ڏينھن ملاقات نه ٿيندي آھي ته اھوڏينھن ڪيئن گذرندوآھي” تڏھن ھيءُ بيت ڏنائين.

اُڀرندي ئي سج، پرين جي نه پسنديون،
ڪڍي ٻيئي ڏج، اکڙيون ڪانگن کي

پڇيم ڀلا ڪڏھن ملڻ لاءِ مَنَ ڪري ٿو؟ چيائين ملڻ ڪنھن ڏٺو آھي اسان ملڻ، وڇڙڻ، رسڻ، پرچڻ اکين ئي اکين ۾ آھي. مٺا اسين ته اکين جي عشق مان ئي آجاڪون ٿياآھيون تون ته ملڻ جون ڳالھيون ڪرين ٿو.

اکيون سي ئي ڌار، جِنِ سان پسين پرينءَ کي،
ٻئي ڏانھن ڪيمَ نھارِ، گھڻو ريسارا سپرين.

ھڪ ڏينهن ويٺا ھئا سين مون چيو ته “ڪونج تنهنجي نظرن کان پري هلي وئي ته پوءِ تون ڇا ڪندين؟” “مسڪرائي چيائين “مٺا اهي ڏور نه دل ۾ آهن. دلين جي ڳانڍاپي کي ڪو پري جو پنڌ ڏور نه ٿو ڪري سگهي. ڏور اهي هوندا آهن جيڪي وسرندا آهن. اسان کي ته اٿندي وهندي سارَ سڄڻنِ جي هوندي آهي.”

ڪي اوڏائي ڏور. ڪي ڏور به اوڏا سپرين
ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور،
جيئن مينهن ڪنڍيءِ پورُ، تيئن دل وراڪو دوست سين.

هڪ ڏينهن ويٺا هئاسين، ته ٽاريءَ تي ڪانوَ ٻوليو، هالارَ جو ڌيان ڪانوَ ڏانهن ويو ۽ اکڙين مان لڙڪَ لهي آيس. پڇيم ڇا ٿيو؟ چيائين پرين جا پيغام کڻي آيو آھي. چَيُمُ چريو ٿيو آھين ڪانوُ ڪھڙو پيغام آڻيندو؟ مڙئي ويچارو بُکَ مرندي پيو رڙيون ڪري. مون ڏانھن ڏسي اکين ۾ آب آڻي چيائين مٺا منھنَ ۾ تڪينس پرينِ جا موڪليل ڪانوَ ڪڏهن به ڪوڙُنه ڳالھائينداآھن

اچئو اچئو پوُنِ واڪا ڪِئو وڻن ۾،
سنيھا سيڻن جا، چوٽيءَ چڙھئو چونِ،
ڪانگ نه ڪوڙاھون،پريان سندي پارجا.

پڇيم تون ڪھڙو پيغام ٿو ڏئين. شاھ سائين کي ياد ڪندي چيائين.

ڪڍي کي ڪانگا تو ڏيان، ھنيُون ساڻ ھٿنِ،
وڃي کاءُ ولاتَ ۾، اڳيان عجيبن،
پرين مان پڇن، ته هيئه قربان ڪير ٿيو.

ھڪ ڏينهن ھالار مون وٽ آيو چيائين يار ٻڌو آھي ڪونج جي شادي ٿئي پئي. پڇيم ڪنھن سان؟ چيائين آھي ڪو خوش نصيب، چيم تون ڇو نٿو شادي ڪرين. چيائين منھنجا اھڙا نصيب ڪٿي، آئون غريب ٻڪرار، اِھي ته ڪونج جا قرب جومون ڏانهن نيڻ کڻي نھاري ٿي. نه ته مون مسڪين جي ڪھڙي مجال جو آئون ڪونجَ جي قيمتَ لَھان.

اکڙين آرو، مونھان پُڇي نه ڪَيو،
اتي وڃي اڙيون،جتي چوڻ نه چارو،
ھنئڙو ويچارو، واٽون جھليووجُھلي.

شام ٿي آئون هالار جي ٻڪرين جي وٿاڻ تي ويس، ڏسان ته همراهه اُکڙِيو اُکڙيو ويٺو آهي، چيمُ ڇا ٿيو؟ اکين ۾ آب آڻي چيائين يار اڄ سمجهه ته اکڙين جي آخري ملاقات هئي. چيم وري ڇا ٿيو؟ چيائين يار اڄُ اکين جي اشارن ۾ وڇوڙي جون وايون هيون، اکڙيون آب ۾ ڀريل هيون، ۽ هڪ ٻئي سان وري ديدارن جو وعدا، هڪ ٻئي جو خيال رکڻ جون پارتون ڪندي وڇڙيون، مون ٽهڪُ ڏئي چيو ته واعدا وري ديدار جا ڪيا. ملڻ جا ڇونه؟ تنهن تي چيائين يار اکڙين جي عشق جي ڳالهه ئي پنهنجي آهي. ملڻ ڳالهائڻ جو ڪڏهن سوچيو ئي ڪونه، ٿڌو ساههُ ڀري مونکي ڏسي چيائين اڙي ڀورا ملڻ ۾ ڇا رکيو آھي، ڪَرُ ڪي ڏسڻ جيون ڳالھيون. اتي مونکي شاه سائين جو ھي ُ بيتَ ياد آيو.

ڳوليان ڳوليان مَ لَھان، شَالَ مَ مِلان ھوتَ،
مَنَ اندر جا لوچَ، مَڇُڻُ ملڻُ سان ماٺي ٿئي.

ڪونج جي شادي ٿي وئي، پڇيم ڏي خبر ڪي ديدار ٿيا. چيائين ھا مٺا ڪونج جي شادي واري ڏينهن لڪي ديدار ڪيا سين ۽ ٻنھي جي اکين ۾ لُڙڪَ ھئا. انھن لڙڪن ۾ ھڪ ٻئي جون پارتون، وري ملڻ جا وعدا ھئا. اھي لڙڪَ نه هئا پرروحُ تڙپي پي اکين مان ٻاھرپئي نڪتو.

اکين ڪين ڪيو، رَتُ نه رنائون،
پلاڻيندي پرين، بيٺي ڏٺائون،
تن اکين کي آئون. ڪھڙو ڪجل پائيان.

چيائين محبوب جي نظر ته اھڙاڪرم ڪياآھن جو ھاڻِ جنهن ڏانھن به نظرٿوکڻا،ان ۾ محبوب جوعڪس ٿو ڏسڻ ۾ اچي.

مون تي اکڙين وڏا ٿورا لائيا،
ته پُڻ ُپرين پسن،جي کڻا کَرَ سامُھيون.

پڇيم يار اوهين نه مليا، نه کليا، نه ڪڏهن ڳالهايو، پوءِ به ايڏي محبت، اهو وري ڪيئن؟ اک اک سان ملائي چيائين لڳي ٿو تنهنجي ڪڏهن ڪنهن سان اک ناهي لڳي نه ته اهي ڳالهيون ڪونه ڪين ها.

ديکُ مَ توُن سين تَنِ، ھي جي مَجازِياڻيوُن مُنھن ۾،
ڪيِنَ سُڃاتو سُپرين، نھاري نيڻَنِ،
پرين سي پَسَنِ، ٻَئي جنيِن ٻوُٽيوُن.

چيائين تنھنجي ڪنهن سان اک اڙيل ھجي ھا ته هيئن محبوب سان ملاقات ٿئي ھا.

اُپٽيان ته انڌيون، پُوريان ته پرين پسنِ،
وڃيو روز رَسِنِ، حبيباڻي حُجري،

چيُمُ ھاڻِ محبوب ته وياھليا،تنھنجي اکين جي عشق جو ڪيئن ٿو پورائو ٿئي، مسڪرائي چيائين اڙي درويش اھو ته تون ٿو چوين ته محبوب ويا هليا، پر منهنجي مَنَ کان ته پُڇُ محبوب مون ۾ ئي آهي. ويندا انهن جا آهن جيڪي مَنَ جا ڪچا هوندا آهن سچن جي دل ۾ محبوب ديرو ڏئي رهندا آهن. اسان سان ته ستي ويٺي سڄڻ ساڻِ آهن.

جي ٿيا حَل حبيبَ سين، سُمھڻُ تن ثواب،
نيڻ ھيرائي ننڊَ سين، خوش ڪَيائون خواب،
اوسيِئڙو عذابُ، دِليان تنيِن دُورِ ٿيو.



تون پُڻُ ڪَريجُ تيئن، جيئن ڪنڀار ڪرنِ ڪمَ سين


نيھُن نھائينءَ جيئن، ڍڪِئو ڪوھُ نه ڍڪئين
جه ڄَرَ ڄيري ڇڏي، ته رَڇَ پچندا ڪيئن،
تون پڻُ ڪَريجُ تيئن، جيئن ڪنڀار ڪرن ڪَمَ سين.

ھن بيت جي ڳولا ۾ وڃي ھڪ جھوني ڪنڀار کي ڳولي لڌمُ. پُٺَنِ تان لٿلُ ھو مٽيءَ تي ڌُڪيء َجي اصل وارو وار ھئي. چَيمُ چاچا مٽيءَ ڪھڙو ڏوھ ڪيو اٿئي؟ نماڻو نِھاري چيائين مٽي ڪونَ پنهنجو ڪرمُ پيو ٿو ڪُٽِيان، ھجين جي مون واريءَ جاءِ تي ته اهي خبرون ڪون ڪرين ها. بابَل سائين اهي ڌَڪَ مٽيءَ تي نه پر منهنجي پيٽ بکئي تي پيا لڳن، اها مٽي منهنجي ٻچن جي روزي آهي. انهيءَ مٽيءَ کي ماري اصل ميڻُ ڪرڻو آهي تڏهن ته وڃي ٿانوَ پچندا. مٽي ڪُٽي سنهي ڪپڙي ڇاڻ (ڪپڙي سان به ڇڻي وڃي) ڪري پاڻي ڏنائين، پوءِ ته اصل ڇا، اچي مٽي کي پيرن سان لتاڙيائين، پيرن سان لتاڙي ٿَڪو تڏهن ڪجهه دير ساهي پٽي، هٿن سان ڳوهڻ شروع ڪيائين. ڳوهي مٽيءَ کي ميڻ ڪري هڪ وڏو ڳوڙهو ٺاهي رِليءَ سان ڍڪي ڇڏيائين.

ڪي جو ڪنڀارن، مٽيءَ پائي مَنَيو،
تنھن مان تِرَ جيتري، جي پئي خبر کرن،
ھي تان ھوندَ مَرَنِ، ھنَ اڱڻ اوراتو ٿئي.

انھي ڳوھيل مٽيءَ کي وري ڳوھَ ڏئي ننڍا مٽيءَ جا پنوڙا ٺاھي چَڪَ جي ڀرسان رکندو ويو. چَڪَ کي چورڪو ڏئي گوڏو منڊي دِلا ٺاھڻ شروع ڪيائين، جو اصل منٽن جا فيصلا ٿيا. انھن دٍلن کي ڪجھ ھوا تي رکي وري پاڳوٺِي کوڙي ھڪڙي ھٿ ۾ ڪُنيرُ ته ٻئي هٿ ۾ فريءَ سان ٺَپڻُ شروع ڪيائين. اهڙي ته ڪاريگريءَ سان ٺپيائين جو دِلو ننڍڙيءَ سائيز جو هو سو وڏو ٿي ويو. وري انهن دِلنِ کي هوا ۾ سُڪَڻ لاءِ اوٺينگائي اچي وري چڪُ چوريائين، هاڻي مٽَ، ڪُنا، ماٽورا، تسيا، پيالا ۽ ٻيا ٿانوَ ٺاهڻ شروع ڪيائين.

ڀر ۾ سندس زال دانگي پئي ٺاهيا. مون سوال ڪيو ته دانگي چَڪَ تي نه ٺهندي آهي ڇا؟ چيائين دانگي، پاٽِ، ٿپڻو، نادي ۽ تندور چَڪ تي نه پر هٿ تي ٺهنديون آهن. ۽ اهي خاص ڪري ڪنڀاريون ٺاهينديون آهن. اوچتو گڏههَ هينگَ ڪئي، انهيءَ تي زال کي چيائين ته ويچارو بکيو ٿيو آهي ڪو داڻو پاڻي ڏئي اچ. پڇيمُ اهي ٿانو پچائيندين ڪڏهن؟ چيائين ٽن ڏينهن کانپوءِ اچجانءِ ته توکي نهائينءَ جو رنگ ڏيکاريان.

انهيءَ ڏينهن آئون به اچي حاضر ٿيسُ، همراههَ نهائينءَ واريءَ جاءِ تي پئي مال جو ڀاڻُ وڇايو. ڀاڻ کي پاهوڙيءَ سان سڌو ڪري اچي ٿانو رکيائين. سي به اونڌا. پڇيمُ اهو وري ڇو؟ چيائين ٿانوَ سِڌا هوندا ته اصل پچندائي ڪونه. انهن مٿان ڀَڳَل ٺڪر رکي مٿان سُڪلَ گاهه جوَ لهُ ڏئي وري ڀاڻ جو تَهُه ڏنائين. انهيءَ نهائينءَ ۾ هڪ نالي رکي جنهن جو منهن ٻاهر ڪڍيائين. اُن مُنهنَ کي مو کي چوندا آهن.جنهن مان نهائينءَ کي باههَ ڏنائين. اتي مون کي هيءُ بيت ياد آيو.

نيڻَ نِھائينءَ جان، سُتي لوڪَ ڍَڪيان،
اُجھاميو ٻَران، توکي ساريو سُپرين!

پچيمُ ٿانوَ ڪڏهن پچندا؟ چيائين ٽي ڏينهن، ٽي راتيون اھا نھائين مسلسل ٻرندي رھندي تڏهن وڃي ٿانوَ پچي راس ٿيندا. پڇيم “ڪيئن خبر پوندي ته نھائين پچي وئي آھي؟” چيائين “پڪل نھائينءَ جي خوشبوءِ ئي سِھِڃاري”

مون به ٽئي ڏينهن وڃي ٺڪاءُ ڪيو. ڏسان ته همراهه خوش آهي ۽ منهنجي انتظار ۾ ويٺو آهي. چَيمُ ڏي خبر نهائي پچي وئي؟ چيائين ھائو سائين. مون ڦري ڏٺو ته باهه ڪٿان به ٻاهر ڪونه نڪتي هئي. اتي مون کي شاهه سائين جو ھي بيت ياد آيو.

نھائينءَ کان نينھنُ، سِکُ منهنجا سُپرين!
سڙي سارو ڏينھن، ٻَھرِ ٻاڦَ نه نڪري.

ٿانوَنِ مٿان رکَ لاھڻ شروع ڪيائين ڏسان ته چار دِلا ڪچا هئا. پڇيم اهو وري ڇو؟ چيائين اها اسان جي ڏاڏي جي دعا آهي. چيائين هڪڙي دفعي ٻليءَ جا ٻچا ڪنهن دلي ۾ هئا ۽ ڏاڏي نھائينءَ کي باھِ ڏئي ڇڏي. ٻليءَ اچي نھائينءَ جي چئو طرف ڦيريون پاتيون، تنھن تي ڏاڏي کي شڪ ٿيو ته شايد ٻليءَ جا ٻچا اندر آهن. تنهن تي ڏاڏي اچي الله کي ٻاڏايو. جڏهن نهائين کوليائين ڏسي ته ٻچن وارو دلو ۽ ان جي چئو طرف دلا ڪچا ۽ ٻچا جيئرا هئا تنهن ڏينهن کان نهائينءَ ۾ ڪجهه ڪچا دلا ضرور هوندا آهن.

سَرَ ۾ پکي ھيڪڙو، ماري ھجنس لک،
جي اٿس رب سندي رک، ته سَرَ هو گهمي سر۾.

ڀَرِ ۾ ھڪ ننڍڙو ڇوڪرو بوڙينڊو ٺاهي رھيو ھو، مون چيو هن کي وڄائي ڏيکار، جنهن تي هن بوڙينڊي مان ڪجهه سُرَ ڪڍيا. مون چيو سريلو ڪونه آهين، چيائين ڪَچَنِ مان ڪھڙا سُرَ نڪرندا، اھي جڏهن نھائينءَ ۾ پچي راسُ ٿيندا تڏھن سريلا سُرَ ڪڍيندا. اُتي ڀر ۾ ھڪڙيءَ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ دلي تي چِٽَ پئي چٽيا. چيمُ ته ننڍڙي ڏاڍا پيارا چٽَ چٽي پئي. چيائين هائو سائين خاص ڪري اسان جون ڇوڪريون ٿانون تي چت چٽينديون آهن. اتي مون کي هيءُ بيت ياد آيو.

ڀيلي ڀُلائي، پَسي چِٽَر چَرِي ٿي،
ٻَرِ ٻَرِ ٻُڏي سھڻي، ويرنُ ۾ وائي،
ڪچي ڪيرائي لال لَهرنِ وچ ۾.

چَيُمُ توھان سھڻيءَ سان چڱو ڪون ڪيو، ويچاريءَ کي ڀيلو ھٿ ۾ ڏئي ڇڏيو؟ چيائين سائين سهڻيءَ ته اسان جي ڪم جي واکاڻ ڪئي آهي ھُنَ اسان کان ڪون پنھنجي ڪرمَ کان ڀانئيو آھي. اتي ھيءُ بيت ڏنائين.

پڪا رَڇَ ڪنڀار جا، پڪي نھائين،
مون کي تئائين، ڀيلو ڀاڱي آئيو.

اِتي مون چيو ته شاهه سائين هيئن به چوي ٿو.

ڪڍيا جي ڪُلالَ سي پسي خالَ خوشِ ٿئي،
پاڻيءَ چِٽَ پُسائيا، ڌاءَنءُ جهلي ڌمالَ،
سُپَڪَ ڀانئيا سھڻيءَ، جوڀنَ جي جَمالَ،
آڪي جا اَحوالَ، مُعلُمُ ٿيا مھراڻَ ۾.

چيائين نه سائين سهڻيءَ کي ته انهيءَ دريا ۾ ٽِپو ڏيڻو هو، ڀيلو دلو ته مڙئي بهانو هو. نه ته پڪي تي ته هوءَ روز درياه پار ڪري ويندي هئي. پر هُنَ کي آرام ڪونه هو. ڀيلي ته هُنَ کي محبوب سان ملايو. اتي هيءُ بيتُ ڏنائين

گهڙو ڀڳو ته گهوريو پاڻان هو حجاب،
واڄَٽُ وڄي وجودَ ۾، رهيو روحَ ربابُ،
ساهڙَ ريءَ صوابُ، آئون گهڻو ئي گهوريان.

سائين اسان جو ته ٿورو آهي سُهڻيءَ تي جو ڪچو کنيائين جيڪڏهن ٻڏي نه مري ها ته ڪنهن کي خبر پوي ها ته سهڻيءَ ڪير هئي نه ئي شاه سائين ڳائي ها، نه وري تون آئون هُنَ جو ذڪر ڪريون ها. شاه سائين چوي ٿو.

ته ڪرَ ڪينءَ سُئي؟ جي سيرَن گهڙي سهڻي،
هتِ حياتيءَ ڏينهڙا، هڏهن تان نه هئي،
چَڪيءَ تنهن چري ڪئي، جو ڏنُس اُنَ ڏُهي
سهڻيءَ کي سَيَدُ چئي، وڌو قُربَ ڪُهي
هنئين هوندَ مئي، پَرَ ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.

ٽَهڪُ ڏئي چيائين انهيءَ ميهار کان ته سٺوٿيو سهڻيءَ درياءَ ۾ ٽپو ڏنو. نه ته چَري پئي لوڙي ها. پڇيمُ اهو وري ڪيئن؟ اِتي شاه سائينءَ جو هي بيت ڏنائين.

اُڀو تَڙِ ميھارُ، ملاحن سَڏَ ڪري،
آئون پڻُ وجھان ھٿڙا، اَئين پُڻُ وجھو ڄار،
گھوريُون ڪاروُنڀارُ، مانَ ملَنِئوُن سُپرين.

چيائين سھڻيءَ جو سچو عشق ھو جيڪا نڪو ٿي ملاح کي سڏي ۽ ئي وري ڪنھنجو ٿورو ٿي کڻي. هوءَ ته اهو به چوي ٿي.

سُپيرِيان جي تُرَھي ٻُڏين، ھٿُ نه لاھِ،
سُڀاءِ ائين چونداءِ ته اسان تو اُڪاريو.

ميهارُ سچو هجي ها ته ڪاهي پئي ها ڪُنَنِ ۾، جيئن سهڻيءَ صدقو ڪيو.

گھڙيا سي چڙھيا، اٍئين اَٿيئي،
مئي متي مھراڻ ۾، پئو ٽِپو ڏيئي،
ته ميهارُ مليئي، سنڀُوڙو سيِڻاهه سين.

پُڇٍيُم ڪھڙا ٿانو سَوِلا ٺھندا آھن؟ مسڪرائي چيائين، جي سچو عشق آھي ته سِراڙي ۾ سئو ڪوههَ ۽ جي ڪچو آهي ته اڱڻ به اَسِي ڪوههَ اتي مون کي هيءُ يت ياد آيو.

محبتي ميھار جون، دل اندر دونھيون،
آڻيو وجھي آرَ ۾، لُھاڻو لوھيون،
جي ساھڙ جون سونھيون، سيرَ سِراڙو تن کي.

پڇيم پڙھيو آھين‌؟ ٿڌو ساھ ڀري چيائين پيٽ پڙھڻ ئي ڪو نه ڏنو. ننڍي لاڪون گڏھ تي مٽي ۽ِ ڀاڻ کڻي ايندو ھوس ڪجهه وڏو ٿيس ته ابي ٿانوَ ٺاهڻ سيکاريا، چَڪُ هلائڻ جي شوق ۾ رات ٿي ويندي هئي ٿڪبو ئي ڪونه هوندو هوس. تان جو اڃان چڪ پيو هلايان.

پڇيم اڄ ڪلهه مٽيءَ جي ٿانوَنِ جو وڪرو ته گھٽ آھي پوءِ گذارو ڪيئن ٿئي؟ چيائين دنيا ڀليل آھي سون ڇڏي وڃي ڪوڙ پي وٺي. چيُمُ اھو وري ڪيئن؟ چيائين مٽيءَ جا ٿانو صحت لاءٍ سون آھن، اڳي دنيا مٽيءَ جي ٿانون ۾ کائيندي ھئي هاڻ ته اسپتالون اصل ڀريون پيون آهن. مٽي ته دوا به آهي ته پرهيز به اسان جو مالڪ سائين ڪو ٻيو روزگار جو در کوليندو پر دنيا کي ڪنڀارن جهڙا ڪاريگر ڪونه ملندا. اتي مون کي شاه سائين جو هيءُ بيت ياد آيو.

قاتل ڪمائي ڪري، وِھُ جي ماکي ڪن،
وٽان ويھي تن، پِيُجُ ڪي پياليون.



سِرُ سانداڻ ڪري، پُڇج گھرُ لوھار جو



سِرُ سانداڻ ڪري پُڇج گھرُ لُھارَ جو!
ڌڪنٍ ھيٺ ڌري، مانَ گڏينئي رُڪَ سين!

ڏسان ته لهار جي هٿ ۾ هڪ وڏو انبور هجي جنهنجي جي مدد سان تَتَل لوههَ کي سانداڻ تي رکي مٿان اصل هٿوڙن جي وارووار هئي. زال جي هٿ ۾ وڏو هٿوڙو جيڪا بيٺي ڌَڪَ پئي هڻي، مڙس جي هٿ ۾ ننڍڙو هٿوڙو جيڪو ويٺو ڌڪ هڻي زال جو هڪڙو وارُ ڪري ته مڙُسُ ايتريءَ دير ۾ ٻه ڌڪ هڻيو ڪڍي. اُنَ مان جيڪو آواز پئي نڪريو سوته ايڏو سُريلو هو جو مون کي ته سلام وارڻ ئي وسري ويو. وڃي ماٺ ڪري ڌڪن جي آواز ۾ گُمُ ٿي وهي رهيس.

جيئن ئي لوههُ ٿڌو ٿيو ته لوهه کي کُوريءَ ۾ رکي ڌَئِڻِ سان هوا ڏيڻُ شروع ڪيائين، تانجو وري لوههُ تپي ٽاندو ٿي ويو. وري ساڳئي سانداڻ تي رکي مترڪن (هٿوڙن) جي مارَ ڪڍيائون. انهيء سانداڻ جي باري م ڀٽَ ڌڻي چوي ٿو.

سَھي جيئن سانداڻ، ڌَڪَن مَٿي ڌَڪَڙا،
وَھُ وڃائي پاڻِ، ڏي ڏوائون ڏُنگرين.

کوريءَ جي باھِ وسامي وئي جنھنکي وري باھ ڏنائين ۽ مون ڏانھن نھاري پڇيائين ڀائوُ تون ڪير؟ چيمُ يار تنهنجو ڪم ڏسڻ آيو آھيان. چيائين ٺيڪ آھي پر ٿورو وٿيرڪو ٿي ويهه متان باھِ جي چڻنگن ۾ سڙي نه وڃين.

ٻارئو اُجھائين پرين، اُجھايو ٻارين،
مون کي ٿا مارين، لونئا لُھارن جا.

پڇيم ڇا پيا ٺاهيو؟ چيائين ڪُھاڙي پيا ٺاھيون. جواب ڏئي، وري اصل ساڳئين ڌُنَ ۾ لڳي ويا. ھاڻ جڏھن ڪھاڙي پھنجي شڪل ۾ آئي ته لهار پنهنجي زال کي چيو ته ڪوئلا کڻي کُوريءَ جي ڀَر ۾ رکُ ۽ پاڻ ڪهاڙيءَ جي ڌارَ ٺاهيندو ويو ۽ اُنَ کي پاڻي ڏيندو ويو جڏهن تيار ٿي ته سراڻ سان ڪهاڙيءَ جي ڌار تکي ڪرڻ لڳو، پڇيم پاڻي ڇو ٿو ڏيئين؟ چيائين پاڻي ته ڌار کي پڪو ڪندو، نه ته ڪُهاڙي ڌَڪَ ۾ ٽُٽي پوندي.

اَڄُ آڳڙيا آئيا، سُوڌا سٍراڻِي،
پياري پاڻي، تيغون ڪندا تکيُون.

انهيءَ وچ ۾ هڪ همراهه هڪ ڪوڏَرِ ۽ ڪجهه ڏانٽا جيڪي ڪَٽُ ۾ ڀريل هئا سي اچي لوهار کي ڏنائين، جنهن تي مون کي ڏسي چيائين اُهي هاري ئي هاڻِ ڪونه رهيا، نه ته ڪوڏر ۽ ڪٽُ ڇا لڳن، اڳي هاريءَ جا اوزار گَٺَلَ هوندا هئا پر ڪَٽُ ڪڏهن ڪونه هوندي هئي، هاڻ ڏسِين پيو ڪَٽُ جا انبار آهن.

ويا سي وينجھارَ، ھيرو لال ونڌينِ جي،
تني سندي پوئيان، سيھي لَھَنِ نه سار،
ڪُٽين ڪُٽ ُلھار،ھاڻِ انئينءَڀيڻينِ.

ڏانٽن کي گرم ڪري مترڪن سان ماري سڌو ڪري تيز ڌار واري بليڊ سان ڏندا ڪڍڻ شروع ڪيائين. ڏانٽا تيار ڪري اچي ڪوڏر کي لڳو، ڪوڏر کوريءَ ۾ گرم ڪري سانداڻِ تي رکي اچي مُترڪَنِ جي مار ڏنائين جو ڪَٽ به لھيوئي۽ڪوڏرماپ ۾ به وڏي ٿي وئي. پوءِ سراڻِ تي اَرائِڻ شروع ڪيائين تانجو ڪوڏر چوي وھائڻ وارو ڪٿي.

سَرھا ڏِٺمٍ سي، جَنِ ساڃاءٍ سِراڻ سين،
تيغ تَنٍي جٍي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏھين.

سليماني ڳُڙَ واري چانهه چاڙھي، مائيءَ کي چيائين ماني ڏي جيڪا ڇَپِري ۾ ٽنگيل ھئي، سا کولي مون کي صلاح ڪيائين، مون کي به بک لڳل هئي پر حجاب مان انڪار ڪَيُمُ، چيائين اسان غريبن جي ماني اوهان کي ڪٿي ٿي وڻي، سو مون کي به ٻلُ مليو اچي ماني کائڻ شروع ڪيمُ، مانيءَ ۾ چماٽن جي چٽڻي ۽ بصر جي پتي هئي، سا ايڏي ته لذيذ هئي جو وڃي ٿيا ست خير، ماني کائي سليماني چانهه جو ڪوپُ به ڏنائين. چانهه پوري ڪري پَنَ جي ٻيڙي دکايائين مون کي صلاح ڪيائين پر مون انڪار ڪيو تنهن تي چيائين توهان هيءُ غريباڻي ٻيڙي ڪٿي ٿا پيئو توهين پيئندا “گوڊليف” تنهن تي مون چيو ته اهڙي ڪا ڳاله ناهي ڏي مون کي ته آئون به سوٽان هڻان. جيئن ئي پهريون سوٽو هنيم ته کنگهه اچي شروع ٿي تنهن تي ٽهڪُ ڏئي چيائين سائين مون سچ چيو هو نه، هو وري اچي ڪم کي لڳو. اڱارن کي کولريءَ ۾ وجهي باهه ڏنائين ۽ ڌَئِڻِ سان هوا ڏئي مچُ ٻاريائين.

اِيءَ پَرِ اڱارنِ، ٻَڏاھين ٻَرَنِ جي،
ھڪ کوُريءَ کائيا، ٻيو ڌوڌيءَ ساڻِ ڌڳَنِ،
پاڻا لُھارن، ميڙي رکيا مَچَ تي.

پُچِيُمُ ڌَمَڻَ (ڌئڻ) ڪير ٺاهي ٿو، چيائين يار اُھي موچي مري ويا جيڪي ننڍڙي گھيٽي (رِڍَ جو ڦر) جي کَلَ ماري ٺاھيندا ھئا جيڪا عُمِرِ ڏيندي ھئي ھاڻ ته اها اٿئي جيڪا ڏسين پيو. ڌنئي ڌنئي اچي بغل ڏُکَڻَ آيا آهن مجالُ ڪو هوا ڏئي.

ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻَ وارَ، اَڄُ پُڻ آڳڙِيَنِ جي،
ٻاري مچُ مجازَ جو، اوتيائون اَڱارَ،
ڌوڌِئان ٿيءُ مَ ڌارَ، جم ڪچو رُڪُ ڪڻِيون ٿئي.

ٽريڪٽر جي ھَرَ جي ٿالھي ڪڍي. مختلف سائيزن ۾ ڇيڻيءَ جي مدد سان ٿالھيءَ کي ڪَٽيندو پئي ويو ۽ مَچَ تي رکندو ويو. ۽ ڌئِڻِ سان ھوا ڏئي مَچَ کي تکو ڪندو ويو. ۽ انبور جي مدد سان انھن لوھ جي ٽڪرن کي سانداڻ تي رکي مترڪن جي مار ڏئي مختلف لوھند (لوھ جا اھي اوزار جيڪي وَڍ ڪُٽَ جي ڪم اچن ) ٺاھيندو ويو.

ڪَٽٌ ڪَڙھي، لوھُ ٻَري ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ،
مُترڪَنٍ منهه ڪڍئا، سانداڻِيُون سَنڪَنَ،
اَڄُ پُڻٍ آڳڙِين، ميڙو آھي مچَ تي.

پُڇيمُ لوھَ ۽ رُڪَ ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ چيائين لوھُ ڌڪَ سان مُڙي ويندو ۽ رُڪُ ڌَڪَ سان ٻه اَڌ ٿي ٽُٽي ويندو آهي.

پَچائي پَھاڻُ، جَنِ رساڻئو رُڪَ کي،
تنيِن سندو، ڄاڻُ، آھي آڳڙينِ کي.

جيئن ئي ڌئِڻِ جي تيز ھوا اڱارن کي لڳي ته باهه ڀڙڪو کاڌو ڪجهه باهه جون چڻگون اچي مون کي لڳيون آئون به پاڻ بچائڻ لاءِ اتان ٽِپو ڏئي اُٿيس تنهن تي لُهار کِلي هيءُ بيتُ ڏنو.

ڌُوڌا! تون نه ڌنين! آڳ اوڏو نه وڃين
اُلا جي عشق جا سي تان تون نه سَهين!
اُڀو اِيَ چئِين ته آئون آڳڙيو آهيان.

پڇيُم ڀلا ڪا موڪلَ ڪو آرامُ ڪريو؟ چيائين سائين آرام ڪٿان باھِ سان کيڏڻ وارن کي آرام ڇا جو، رات جو گھر، صبح سوير اچي آگِ سان کيڏيندا آھيون. سڄو ڏينھن اڱارَ اجھايون، اڱارَ ٻاريون، اِھي مترڪا، اھي سانداڻيون، اھي ڌئڻيون، اِھا باھِ ۽ اھي اسين.

اڃان تنُوراءِ، ڪالھ ڪڍياسون سَڄَڻين،
پُڻُ تايائون تڪڙو، وحدت جي وَڌاءِ،
محبتين مٿاءِ، مَچُ مُورائين نه لھي‌!

ڀِتِ تي ڪجهه چنگَ ٽنگيا پيا ھئا، پچيُم اھي تو ٺاھيا آھن؟ چيائين ھائو، چنگَ ته ٺاهيندو هو بابو، اسين ته مڙي لَکَڻَ پيا ڪريون بابي جو ٺاهيل چنگُ وڄڻ ۾ ايئن جو ڄڻُ مينهن جو سانڀر پيو وڄي. پري پري کان شوقينَ چنگُ ٺاراهڻ لاءِ ايندا هئا. هاڻ ته اهي شوقين ئي مري ويا ۽ اسان کان به اهڙا سريلا ساز نه ٿا ٺهنِ. بابا سائين ته بندوقون تلوارون ڀالا، بڻڇيون، ڏڦا ٺاهيندو هو. اسان جو ڏاڏي جي ٺهيل زَرههَ ۽ ڍال اڃان به اسان وٽِ محفوط آهي. اُهي ڪاريگر نه رهيا آهن ۽ نه ئي وري قدردان. اڳئين زماني ۾ سٺو اوزار ٺاهڻ تي انعام اڪرام ملندا هئا. هاڻ ته اصل معاوضو به ڪونه ٿو ملي. شوقين واري شيءِ ٺهرائڻ لاءِ ڀلو گهوڙو، اٺ يا ڍڳو ڏيندا هئا. هاڻ ته ڪاگر وارا لوٽ سي به مٿيئن مَنَ سان شامَ ٿي لُهار ٽپَڙَ ويڙهڻُ شروع ڪيا. اُتي پاسي ۾ ڪجهه ڀيڻون ويران هيون مون پڇيو هنن ڀيڻن جا ڌڻي ڪيڏانهن ويا. اُتي ٿڌو ساهه ڀري چيائين ته سائين لُهار ڪو ڪم هاڻ ڪٿي رهيو آهي هاڻي ته اسان جو ڪم مشنيون پيون ڪن. انهن ڀيڻين جي ڌڻين لڏي وڃي ٻيا ويڙها وسايا مون کان ته ٻيو ڪو ڪم نه ٿو ٿئي سو پيو لوههُ ڪُٽيان.

لَڏي ويا لُھار، ڪونھي ڪِڙاڪو ڪِڙَ تي،
ڌئِڻينِ ڌئِڻُ ڇڏيو، اُجھي ويا اَڱار،
سانداڻين تان سيَدُ چئي لٿي مترڪن جي مارَ
اُجھائي اڱار، ھيڪاندا ھليا ويا.



پائي پانڌ ڪپاهه، جان مون آتَڻَ نھاريا



پائي پانڌ ڪپاھ جان مون آتڻَ نھاريا،
کڻي ڪان پساھُ، سرتيون وڃي سُتيون.

آتڻ ۾ ويٺل ٻُڍِڙيءَ جو چھرو سَرَنِ جي لڪيرن ۾ سينگاريل ھو ايئن پئي لڳو ڄڻ شاھ سائين جو ڪاپائتي سُرُ چھري تي لکيل ھجي. ٻڍڙيءَ چرخو ھلايو پئي، ننڍڙيءَ اڳٺُ ٺاھيو پئي، جوان ڇوڪريءَ سُٽَ مان پھيون ٺاھي رھي ھئي ٿورو پريان اڌڙوٽَ عمر عورت ڀرتُ پئي ڀريو، ۽ آئون به انهيءَ آتڻ ۾ هئس.

مون مٿيون بيت چيو، تنهن تي ٻُڍڙيءَ چيو اڙي ڀورا تون ڪٿي شاھ سائين جي پنڌن کي ٻُڄندين، شاھ سائين سمجھين ھا ته ايڏو وڏو پنڌُ ڪونه ڪرين ها. اهي آتڻَ اهي ارٿَ اهي ڪاپائتيون. اهي سڀ مُرِشدَ لِڪون ۽ اڙوُن ڏنوين آهن، ڳالهه جو ڳُجههُ مڙئي ٻيو آهي.

ڳالهه پريان جي ڳُجهَ جي ، ڳاله مِڙيائي ڳُجههُ.

هيئنڙا اُجهه مَ منجهُه، سگها ملندئي سُپرين.

چرخي جو آوازق ايڏو ته سُريلو هو جو مون چندُ گهڙيون خاموش ٿي اُن موسيقي جو مزو پئي ورتو ، ٻڍڙيءَ چيو بابا ڪهڙي جَهانَ ۾ گُمُ ٿي ويو آهين. چيُمُ نه بَس اِتي ئي آهيان ، چيائين هيءَ دنيا جو چرخو آهي ئي اهڙو جو انسان کي پنهنجي گردشن ۾ گُمُ ڪريو ڇڏي، جوان ڇوڪريءَ کي چيائين جيڪي پَهيوُن پڃايون اٿئي سي ته ڏي، جيئن ئي ڇوڪريءَ پهيون ڏنيون تنهن تي ٻڍڙيءَ مون ڏانهن نهاري چيو ابا هيءَ اوڳي صبحَ ويٺي آهي ۽ پهتيون ڏِسين پيو ڪيتريون ڀِڃايون اٿسِ نه ڄاڻان ڪهڙن خيالن ۾ گُمُ آهي ڪم تي ڪو ڌيان ڪون آهي

پَھي ڪِيِمَ پڃاءِ، اَمَڙِ منھنجي آسري،
ھَڻي لَتَ چرخي کي، پوڻيون پاڻيءَ پاءِ،
ڪَتِيُمُ جنھن لاءِ، سو ڪوھيارو ڪيچ ويو.

پُچِيم پھيون ۽ پوڻيون ڇا آھن؟ چيائين پھيون انهن کي چئبو آهي جيڪي رِڍَ جي اُنَ کي سنواري ننڍڙا ٻٌڙا ٺاھيا ويندا آھن انھن صاف ٿيل اُنَ جي ٻٌڙنِ مان چرخي جي مدد سان ڌاڳا ٺاھيا ويندا آھن، ۽ پوڻيون ڪپهه کي صاف ڪري ننڍڙا ٻُڙا ٺاھي انھن مان به چرخيءَ جي مدد سان ڌاڳو ٺاهيو ويندو آهي انهن کي چئبو آهي.

ارٽَ کي ھلائيندي مالهه کلي وئي ته ڌاڳو ٺهڻ بند ٿي ويندو سو ٻڍڙيءَ چرخو بيهاريو پڇيم ڇا ٿيو، چيائين مڙي ابا اھو ارٽ مون ڀوريءَ سان پيو ڀوڳَ ڪري. ھن ويچاري به منھنجووڏوساٿُ ڏنوآھي. هاڻ هن جا ڪڏهن مونا (ارٽ ۾ ڪاٺيءَ جا ننڍا ڪِلا جنهن ۾ ترڪُ لڳندي آهي) اُکڙن ٿا ته ڪڏهن مالهه ڍري ٿئي ٿي.

نه ڪِين ڪتوءِ ڪالهه اڄ پُڻُ اُجهَڻَ کي مرين
منا مَنجِيءَ اُکڙئا، آرٽ ڍُرُڪي مال،
ھئي تني جي حالَ، جَنِ ڪاپي منجھان ڪينَ ڪِئو.

چيمُ ارٽُ هاڻِ جام ڀڄيَ پيو آهي اهو ماڻي هلڻَ ۾ ته وڏي تڪليف ڏيندو هوندو، اتي ٻڍڙيءَ هيءُ بيت ڏنو.

تانسِينءَ ڀڳوئي ڀيرِ، جانسِينءَ رتو راسُ ٿئي،
بُريءَ بيڪاريءَ سين، ھاري پاڻُ مَ ھيرِ،
ڪَتُ ڪَتندِي ڪير، نئين سِين نِڃاڻجِي.

چرخو ھلائيندي پئي وئي ۽ ننڍڙي آواز ۽ ڳائيندي پئي وئي. چيمُ ڏاڏي ٿورو وڏي آواز ۾ ڳائجو مسڪرائي چيائين اڙي ابا، ڳائڻ وري ڪھڙو مڙئي رُوح پئي راضي ڪريان، هاڻ ته ڄاڙيءَ ۾ ڏند ئي ڪونه رهيا آهن جو توکي سُرَ سان ٻُڌايان. سُٽً جي ڌاڳن جيون ناوڙيون(ڍيرون) ٺاھي لوھَ جي سيخَ مان ڪڍيندي وئي جيڪا ارٽ جي مونن ۾ لڳل ھئي ۽ انھن کي ڀَرِ ۾ رکندي وئي. پڇيم انھيءَ سيخَ کي ڇا چئبو آھي چيائين ان جو نالو ٽرڪُ آھي اھا ب ويچاري ٽيڙي ٿي وئي آھي. ڀِٽَ ڌڻي چوي ٿو.

ٽرڪُ وِنگي وَرَ گھڻا، ڪَتِيان ڪُڄاڙو؟
ڪاپي مٿان ڪيترو، آڻيان اُڌارو؟
جي ورُ ڏي وارو ته سُونهان، سَرتِيُن وِچَ ۾.

مون سامھون ويٺل عورت ڏانھن اشارو ڪري پڇيو ته هوءَ ڇونه پئي ارٽُ ڪتي؟ چيائين اُها منهنجي نُهن آهي هن جو وَرٌ(مڙس) ڇَھَ مَھينا ٿيا آھن فوتُ ٿي ويو آھي تڏھن کان ھوءَ خاموش آھي نڪو ٿي ڪنھن سان ڳالھائي ڪڏھن ڪڏھن آتڻ ۾ اچي ٿي چرخو ھلائيندي وڃي ٿي ۽ روئيندي وڃي ٿي.

آتڻُ چونُمُ ڪَتُ، تاڻيان تندُ نه نڪري،
ساجَنُ منهنجو ساههُ هاڃي منجهه هڻي ويو.

جوان ڇوڪري ڪمُ ڇڏي وڃڻ لڳي، تڏھن ٻڍڙيءَ ھنً کي وڃڻ کان جھليو چيو ته ڌيءَ گهٽين ۾ رُلڻَ کان سٺو آهي ڪجهه ڪم سيکي وٺُ.

سونَ ساريکا هٿڙا. ڪوههڪَتين رَڏ.
ويهِي ڪُنڊَ ڪاپو ڪَرِ، گهٽيين گوهيون ڇَڏِ،
ته صرافاني سَڏِ سَرَ ڪئو هوندَ مَٽائيين.

ڇوڪريءَ کي ارٽ حوالي ڪرڻ کان پھريان تلقين ڪندي چيائين ته منھنجي ڌيءَ تنھنجي شادي ٿيڻ واري آھي، ڪجهه ڪم سکي وٺ، جيڪو عمر ڀرِ ڪمِ ايندئي، اھو ڪم توکي ساھُرنِ ۾ ڪيرُ ڪو نه سيکاريندو. ڪجهه سکيلُ هوندين ته تنهنجي عزت به هوندي نه ته پئي مهڻا کائيندي.

پائي ڏورِ ارٿ ۾، ڪَتِين نه ڪُوڙي.
وِنهانءُ جي واڌائين، ڀُوڻِي سنڀوُري.
مٿي جِنهِ مُوري سا ڪيئَن ويهي ويسَري!

ارٽ ڇوڪريءَ جي حوالي ڪري ٻُڍڙي پوڻيون ۽ پَھيوُن سنوارڻ لڳي. منھنجو ڌيان چوڪريءَ جي ارٽُ ڪتڻَ واري انداز ۾ ھو. ھن جي پَھي واري ھٿُ جي اُڇَلَ اھڙي تہھئيڄڻ سارو جھان ان اُڇَلَ ۾ ھو.

ڪتي مٿي آئيون، ڪري تندُ تيارُ،
اُڇَلَ اوڏاھين ٿئي، جيڏانھن پرينءَ پارُ،
ڪاپائتيءَ قرارُ، منجھان پوڻيءَ آئيو.

اوچتو ڇوڪريءَ جي ھٿ مان پھو ڪِري پيو.

نئون نيھنُ لڳوس، ڳري ۽ ڳالھيون ڪري،
ارٽ سوريندي اوچتو، پرينءَ پوُرُ پيوس،
پَھو پَٽِ پِيوسِ، ھوُ ھَٿُ ھُتِ رھيو.

آتڻَ جي ڀَرِ جي ۾ ھڪ نِمَ جو وڻ ھو جنھن جي ٽاريءَ تي ھڪ ڪانوُ ٻولڻ شروع ڪيو، اسان سڀني جو ڌيان ڪانوَ جي ڪان ڪان ڏانھن ويو. تنهن تي ٻڍڙيءَ چيو الله خير ڪري مون چيو ڇا ٿيو؟ چيائين ابا ڪانوُ ڏائي هٿ تي ڳالهائي ته سمجهه سڄڻن ڏانهن خير ڪونهي ۽ جي سائي هٿَ واري پاسي ڳالهائي ته سمجهه سڄڻن ڏانهن خير آهي.

ڏائي چڙھي ڏارَ تي، ڪو جو ڪانوَ ڪَھِيو،
سورائتيءَ سور پئي، کامي ارٽُ کنيو،
پَھو پَٽِ ھنيو، ويچاريَ ورونھنَ مان.

سوال ڪيمُ ته سٽُ سٺو ڪيئن ڪتبو آهي تنهن تي ڀٽَ ڌڻيءَ کي ڳائيندي ٻڌايائين.

سُٽُ اُنھي جو سَڦرو، جي پر پِڃائين،
آوازُ اَرٽ جو، ساھ نه سڻائين،
جي ماڻِڪَ مٽائين، توءِ مُله مهانگو اُنِ جو.

اتي مون به سرڪار جا هي بِيتَ ڏنا.

چائُتِ پائي چِتَ ۾، سنھُون ڪِتو جَنِ،
تَنِ جو صرافنِ، دُڪو داخل نه ڪِئو.

محَبَتَ پائي مَنَ ۾ رنڍا روڙيا جَنِ،
تَنِ جو صرافن، اَڻَ تورئو اگھائيو.

پڇيمُ تو اھو ڪم ڪڏهن سکيو. مون ڏانھن مُڙي اکيون اکين ۾ ملائي پنھنجو داستان ٻڌائيدي چوي ٿي. منھنجي مائٽن جو ڳوٺ ھتان کان سَٽِ ميل پري آھي. آئون چوڏهن سالن جي ھئسِ مونکي امان ارٽ ڪتڻُ سيکاريو. روز صبح جي سانجُڻِ ڪري سڀ ساھيڙون اچي آتڻَ ۾ گڏُ ٿينديون ھيون سين، ڪمَ ۽ ڪچھريءَ ۾ خبر ئي ڪونه پوندي ھئي جو وچئين ٻانگ اچي ويندي ھئي. ته به گھر وڃڻ لاءِ دل ڪون ڪندي ھئي. تڏهن اسان جي ڳوٺ جو سُٽُ ملڪن ۾ مشھور ھو ۽واپاري وڏي شوق سان کڻندا ھئا.

ڪو! جو وَھُ ڪاپائتين، ڪنبَن ۽ ڪَتَنِ،
ڪارڻِ سوُدَ سواريوُن، آتڻَ منجھ اچنِ،
اُنِ جي سونھن سيدُ چئي، صرافَ ئي سِڪنِ،
اَگھيا سُٽَ سَندنِ، پائي تارازيءَ نه تُريا.

پڇيمُ تون ان وقت ڪم جي ڪيتري سُگھڙ ھئين، چيائين آئون مڙي ڪم ۾ ڪسي ھُئَسِ. شروع شروع ۾ منھنجي سُٽَ ۾ مڙي ڀِڙا (ڳنڍيون)ھوندا ھئا سو ساھيڙيون مون تي کلنديون ۽ ٽوڪوُن به ڪنديون ھيون، پوءِ امان مونکي سيکاريو ۽ مون کي به ڪم جو عشق هو سو آخر ۾ آئون سڀني کان گوءِ کڻي ويندي هُئس.

تاڃيءَ توريائون، ته عيبَ نِکَتا اڳيان،
ڪوٺي ڪاپائِتين کي، پَرَ ۾ پُڇيائون.
چي اگَلِڙِي آئون، مون کان ڀِڙا ڀڳا نه ٿيا.

پڇيم ٻيا ڪي هتي آتڻ آهن؟ چيائين اڳي هتي هر گهر ۾ آتڻُ هوندو هو هاڻي ته صرف ٻنِ گهرن ۾ آتڻ جو ڪمُ هلي ٿو. هاڻ اسان جو ڪم ڪير ٿو پڇي. هاڻ ته رٻڙ جي ڪپرن جو زمانو آهي، هِنَ نسل کي ڪهڙي خبر ته سُٽَ جي ڪپرن جي ڪهڙي اهميت آهي هاڻ ته نه اهي آتڻ رهيا نه ئي ڪاتاريون ۽ ارٽ ويچارا ته اُسَنِ سڙي ختم ٿي ويا.

ڪتي ڪتي ڪالهه، اَڄ نه آتڻ آئيون،
اَرٽ اُکلي مالهه، پوري ويئيوُن نجهرا.
نه سي ووڻَ وڻنِ ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسيو بازاريون هينڙو مون لوڻُ ٿئي.



ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙ نيڻئون نه لَھي


ٿر جو ڳوٺ ھو، مينھن جي موسم ھئي اُڀُ ڪَڪَرَنِ سان ڀريل ھو. سڄي ڳوٺ جا مرد مال چارڻ سانگي ٻين علائقن ڏانھن ويل ھئا. عورتون گھر جو ڪمُ ڪري رھيون ھيون، اوچتو تاڙي ٻوليو، سڀني جو ڌيان تاڙي جي تنوار ڏانھن ويو. مايوُن مسڪرائڻ لڳيون، ٻارڙا تاڙو ٻوليو تاڙو ٻوليو ڪري تاڙي کي ڳولڻ لڳا.

مُندَ ٿي منڊَل وَڄئا، تاڙي ڪي تنوارَ،
اَڄُ پُڻُ منھنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪئا.

مينھنِ جي ڏينھنِ تاڙو ٻوليو ته ڄڻ اجهو مينهنُ آيو مارُئريون مالڪ ڏانهن هٿَ کڻي مينن جي موڪل پيون گهُرن

رحمت ڀريا راڄيا، مولا مينھنُ وَساءٍ،
ماڻھون ڍَيين مانِيين، ڌَڻَ ڍَيين سِين گاھَ،
ايڏي سگھ سچا ڌڻي، توھي کي جُڳاءِ،
ميڙائي جو ماءُ، ڪانگُ لوندو ڪڏھن.

ڪانگ پيو ٽاريءَ تي ٻولي ۽ سنگھاريون پنھنجي وَرَنِ ڏانھن ڪانگ ذريعي ھي ُ نياپا پيون موڪلين.

ڪانڌَ تھنجي پانڌَ رِيَ، سيءَ مران سَڀِ رات،
ڪامل ڪپاھن ۾، جھپ نه اچي جھات،
اچين جي پرڀات ته آئون سنجهي سِيءُ نه ساريان

ٻئي سنگهاري وري هي نياپو پئي ڏي.

ڪانڌَ تنھنجي پانڌَ رِيَ، سنجھي سِيءَ مران،
ڪامِلَ ڪپاھنِ ۾، پيئي ٺارَ ٺران،
تاريءَ تو تران، جئن وَرُ وِھاڻي وارئين.

۽ ٽين سنگھاري ڪانوَ کي وري ھيءُ نياپو ٿي ڏي.

اوڇَڻُ گھرجي آجِڪو، جھوپو سھي نه سِيُ،
سُڻائجُ سُوَڙَکي، حالُ منهنجو هئي،
اَڱڻَ آيو ٿيُ، ته ڍوليا! ڪنھن ڍنگ ِٿيان.

ڪَڪَرَ اُڀَ ۾ ايئن پئي ڏٺاڻا ڄَڻُ مينھن اِجھو آيو. ۽ نارينُ جي سڄو ڏينھن اُڀَ ۾ اکِ ھُئي.

ڪَڪَرَ مَنجِھ ڪَپَار، جُھڙُ نيڻَئون نه لَھي،
رات ِ مُنهنجي روُح ۾ اُٺاپرين اَپار،
آءُ ساجنَ لَهُ سارَ، وِرِههَ ويڙهي آهيان

شامَ ٿي اُتَرَ کان ڪاراڻ ڏِسڻَ ۾ آئي عورتن جَھٽَ ۾ ٿانوَ، ڪپڙا، اوڍڻَ جا ٽَپَڙَ اندر ڪري، ٻارڙن کي سڏي اندر ويڙھجي ويھي رھيون. اوچتو طوفان آيو، جھوپڙن کي ڍاھي ھليو ويو پر مينھن ڪونَ وُٺو. چئوڌاري کنوڻين کِلِڪا ڪيا گوڙ به ڪڙڪي پر ھِنن ويچارين تي مينھَن جي ڦڙي به ڪونه ڪِريَ، ماحول ۾ مايوسي ۽ خاموشي ڇانجي وئي سڄي رات اوسيئڙي ۾ گزري ته اجهو مينهنُ آيو پر مينهن ڪون آيو.

ڪُڻِڪنِ ڪاندُ چِٽِ ڪيو، جھُڙُ پَسيو جھُڻِڪَنِ،
سُڻِيو رَڙِ رَعَدَ جي، ڪَلِيون ٿيون ڪَنبَنِ،
ڪَليون ڪينَ ڪُڇنِ، ويچاريون وَرنِ رِيءَ.

--

ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪيو، جُھڙُ پَسِيو جُھڻِڪَنِ،
وَرَنِ رِءَ وانڍين اَڏيا، پَکا سي مَ پُسَنِ
آترُ ڊاهي اُنِ جا ته ڪنهن کي ڪارون ڪنِ
وارثُ وَري تَنِ، اچي شال اولو ڪري.

صبح ٿيو مايوسيءَ مان وري به ڏانهن ڏسڻ لڳيون، اُڀَ ۾ اُٻَ پاڻ ۾ ڳالهيون پيون ڪن ته ٻيلي اڃان آگَمُ آهي هڪڙيءَ چيو خلفيا اٿس ته پاليندو ضرور ٻيءَ چيو ته وڇوڙا ڪيا اٿس ته ملائيندو به ضرور. اتي تاڙو ٻوليو ته ويچاريءَ رڙ ڪري چيو ته مون سچ چيو هونءَ

ڪڪرَ هُون نه هونِ، مينهن منجهائين نِڪري،
ساريون سُپيرين کي، لُڙڪَ لَڙيون پون،
سي مَرُ رويون رونِ، جَن مُسافِرَ سُپرين

هاڻِ کائڻ لاءِ به ڪجهُه ناهي، کوههَ به سُڪي ويا، مال متاع به ڏُٻِرا ٿي ويا آهن کائڻ لاءِ جيڪو ڳُنڌَڻ ( کير، لسي، ڌئنرو) ھو سو به ڌڻَ جي ڏٻري ٿيڻ جي ڪري ختم ٿي ويو آھي. ڌَڻُ ڀٽارو ايڏو ته ڪمزورُٿي ويو آھي جو پنهنجن ڦرِڙن کي به نه پيو پالي سگهي. هاڻِ ته ويچارين جي صبح شام هيءُ وِروُنهنَ آهي.

وَسي تڏھن وَسَ، مندَ مِڙيئي مينھنَ جِي،
کَٽَرُنِ کيٽا ڇڏيا، جي مِڙِيون مٿي مَسَ،
گابا مٿي گَسَ، ڏُکُ نه ڪنداڏُٻرا.

ٻِپَھريءَ جو اُترَ کان وري ڪڪرَ نڪرڻ لڳا، مارئڙوين جي منھنَ تي وري مرڪ آئي. هڪڙي ويچاري ته دانهن ڪري هيءُ بيت ڏنو.

اَڄُ پُڻُ اُتَرَ پار ڏي، ڪَڪَرَ ڪَي چوٽي،
مندائتي مينھن جي، کِنوڻِ نه کوٽي،
آءُ لالڻَ موٽي، گهوريا رُسڻ ڏينهڙا.

پوياڙي جو اُتَرِ کان اچي وسڻَ لڳو جو بادل بَسِ ئي نه ڪن، ماروئڙن جا منھنَ مُرڪڻ لڳا. مينھن جو پَلُرُ پاڻي پيئن ۽ خوشي مان ائين تَڙَ پيون ڪن، ڄڻ ته نئين زندگي ملي ھجي.

بَرَ وُٺا ٿر وٺا، وُٺي ڪَڇَ ڪِنارَ،
پوڃاڙيءَ جو پٽَنِ تي ڏسُ نايائين نار،
سٻاجھي ستارَ، لاٿا ڏُرِتَ ڏيھَ تان.

آگمجي آيو اُتران ڪري اورِ،
جي پرين ھئڙامِ ڏورِ، سي مونکي مينھن ميڙيا.

سڄي رات وٺو تلَ ترايون ڀري صُبحَ جو بَسِ ڪيائين.

وَسين ساري رات، صبحَ جو ساھُ کڻين،
منجھيئي مينھنَ پرينءَ جي تَنَ ۾ ھُئَئي تاتِ،
ته وهاڻي پِرِڀات بادلَ بَسِ نه ڪرين.

ڪنھن ڳُڙَ واري تاھِري رڌي تھ ڪنھن لاپسي ھِڪَ ٻئي کي پيون کاڌا موڪلين ۽ ھاڻِ خوشيءَ مان ھڪ ٻئي کان مينھنَ جون خبرون پيون پُڇن، پاڻ به خبرون ڪندي خبر پئي ته راتو ڪي مينهن جو ريجُ ڪٿي ڪُرنڊُ، ته ڪٿي ٻاڙي ڪٿي هڏي. ته ڪٿي نٺِ ڪٿي هَٿُ، ته ڪٿي ڏونئرو، ڪٿي ڪاهو، ۽ ڪٿي ته اَڙَمَ به ٿي ويو. مينهنُ ته وسي ويو پر هاڻِ وري وَرَنِ جي ورَڻَ لاءِ وڇوڙي جون وايون ڳائين ۽ پيون واٽون يون نهارين.

محبَ منھنجا سُپرين آڻيئي اﷲ،
توکي سارئو ساھ، اُڪنڊئو آھون ڪري.

۽ ڪي ناريون ڪارن ڪڪرن ڏانهن ڏسي اندر جي مينھن جا ٻاھر ٻاڦارا ھيئن پيون ڪڍن.

مينھان ۽ نيھان، ٻئي اکر ھيڪڙي،
جي وسڻَ جا ويس ڪري، ته ڪڪرڪن ڪيھان،
بادل ٿي بيھان ،جي آگمُ اچڻ جا ڪري.

ڪجهه مارئڙا مال ڪاھي وري وٿاڻن تي آيا، ۽ ڪجهه اڃان ڪون آيا. جنين جا وَرَ آيا سي ته خوشيءَ مان نه پيون ماپن ۽ جنين جانءِ آيا سي اندرو اندر ٻين کي ڏسي پيون رُت روئين. ڀٽائي گهوٽُ چوي ٿو.

سڄو صاف نه اُڀري سَرلي وِچان سِڄُ
منهنُ چڙهيو کي ماڙهئين، ڏئي واڌايون وِڄُ
هينئڙا کَپُ مَ کڄُ، سِگها مِلندءِ سُپرين.

اندر جهُڙُ جهورَ وهي ٻَهَرِن بَرِسي بُوندَ،
سَڄَڻَ جنهين هونڌ، سي اوڪاڻيون اکيون.

ھَري هري سڀني جا وَرَ وري آيا وٿاڻن تي. وڇوڙي جا ڏينھن ختم ٿيا، ڏُکَ ڏور ٿيا، ميلاپَ ٿيا، خوشيون ٿيون، ھاڻِ سڀني جي واتن تيِ ھي وايون آھن.

اَڱَڻ تازي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽِ سُونھنِ،
سُرھي سيجَ پاسي پرين، مَرُ ٿا مينھنَ وَسَنِ،
اسان ۽ پرينِ، شالَ ھونِ برابر ڏينھڙا.

ھاڻِ روز تاڙا پيا تنوارين گوڙيون پيون گِجَنِ، وڄون پيون وَسنَ، گاھَ پيا ڦٽن، ٽوڀا، (جتي مينھن جوپاڻي گھڻو گڏُ ٿئي) ٽانڪا(زمين ۾ پلُر پاڻي گڏ ڪري رکڻ لاءِ ٺاھيا ويندا آھن)، تَلَ، ترايون، سڀ ڀرجي ويون. سڄي ملڪ ۾ سرھائي آھي.

ڍَٽَ ڍري پٽ پيئيوُن، وڄون ويسَ ڪري،
مينھَنِ وَسِي ملڪ جا، ڇڏيا تَلَ ڀري،
قادرَ ڪرَم ڪري، سُڪا پٽَ ساوا ڪيا.

کوھَنِ ۾ پاڻي اچي ويو، ويران کوھَ وسي ويا، سنگھاريون سينگار ڪري دِلا چيلهه تي رکي پاڻي ڀرڻ لاءِ نڪرڻ لڳيون، تَسِياري ڌَڻِ به پاڻيءَ جي پيٽ ڀريا.

اَڄُ پُڻُ اُترَ پارَ ڏي، ڪَڪِريون ڪاريون،
وسي ٿو وَڏَڦُڙو، ٽَھِڪَنِ ٿيون ٽاريون،
لَٿِيَنِ لُکَ لطيفُ چئي، ڍايُون تاساريون،
ڀِڄندي ڀَٽاريون، وري وٿاڻين آئيون.

سارو ٿرُ سائو ٿي ويو گاھَنِ جا ڊِٻَ لڳي ويا، ڌڻُ چاري ڦَرَ ميڙي، کير ڏُھي، ولوڙا ڪري مکڻ ۽ لَسي پيون کائين، ۽ ھي وايون پيون ڳائين.

بَرَ وٺا، ٿَرَ وٺا، ڀريون تَرايون،
پِرِھَ جو پَٽَنِ تي ڪَنِ ولوڙا وايون،
مَکَڻَ ڀرينِ ھٿڙا، سنگھاريون سايُون،
ساري ڏُھَنِ سامُھِيوُن، ٻولھايوُن ۽ رايون،
ٻانھيون ۽ ٻايون، پَکي سُونھَنِ پانھنجي.

ريجُ ريجَ سان مليو سنگارَ پنھنجن کيٽن (پوکڻ وارن زمينون) کي کيڙڻ لاءِ ڏاند ڇوڙي، ھَرَ ڪُلھن تي رکي ھمرِچا ڳائيندا روانا ٿيا.

مندَ ٿي منَڍل منڊيا، تاڙي ڪي تنوارَ،
ھارين ھَرَ سَنباھيا، سَرَھا ٿيا سنگھار،
اَڄُ پُڻُ منھنجي يار، وسڻَ جا ويسَ ڪيا.

وڇوڙا ختم ٿي ويا، سنگھار سکيا ٿي ويا. مال وٿاڻن تي وري آيا فصل پوکجي ويا، اتي ڀٽَ ڌڻي آسمان ڏانھن ٻئي ھٿ کڻي مالڪ ڏانھن ٻاڏائي ٿو.

موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وارَ،
وڄون وسڻَ آئيون، چئوڏس چئوڌارَ،
ڪي اُٺيون استنبول تي، ڪي مڙيون مغرب پارَ،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لھنِ سمرقندين سارَ،
ڪي رمي ويون روم تي، ڪي قابل ڪي قنڌار،
ڪي دلي ڪي دکن، ڪي گُڙنِ مٿي گرنارَ،
ڪي جنبيون جيسرمير ڏي، ڪي بيڪانير بڪار،
ڪي پُريون پنجاب ڏي، ڪي ھلن مٿي ھالارَ،
ڪني ڀُڄُ ڀڄائيو، ڪني ڍَٽَ مٿي ڍارَ،
ڪن اچي عُمرَڪوٽَ تان، وسايا وَلھار،
سائين! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪارَ،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.



مونکي چاڙھي چينءَ، ويو وڻجارو اوھيري


سمنڊ ڪناري مھاڻن جي مياڻِ تي ھڪ ٻڍڙيءَ کان چينءَ جو مطلب پڇيم چيائين ابا ڪُٺَلَ ٻَڪري کي کلَ لاھڻ لاءِ جنھن کونٽيءَ تي ٽنگيو ويندو آھي ان کونٽيءَ کي چين چئبو آھي مون چيو آئون ته ڪجه ٻيو سمجهيو ويٺو هُئسُ، چيائين ابا لطيف جو هرڪو ڌڻي آهي جيڪو جيڏانهن وٺي وڃي، پرآئون ته اهو ٿي سمجهان ته جَنِ ونئن جا وَرَ ٻارهئين ماههَ موٽَنِ انهن جي اها هالت هوندي آهي جيڪا اُن ٽنگيل ٻڪري جي هوندي آهي. مون کي چيائين اهو بيت ته ڏي

سڀيئي جوڀَنَ ڏينهَن، سَڄَڻَ سَفَر هلئا،
رُئان رَهَن نه سُپرين، آيل! ڪريان ڪِيئن،
مون کي چاڙهي چيئن، وِئو وڻجهارو اوهري

اِتي وڏي واڪي رَڙِ ڪري چوي ٿي، واھ سھڻا لطيف تو ئي اسان جا درد سَمِدان دنيا کي ڪهڙي خبر ته ڪٿي ٿا وڻجهارا رهن ۽ ڪيئن ٿيون وڻجهاروين گهارين هيٺيون بيت ڏيندي ٻُڍڙيءَ جا نيڻَ ڀرجي آيا.

ٻيڙيءَ جي ڀوڻڻ نيهن ڪِجي اُنِ سين،
اُڀا ڏنڀَ ڏسَنِ سِڙَههَ ڏيئي سِيرَ ٿِئا.

چيائين ابا اھا ويڌَنٍ صرف اسان وَنِيُنِ سان ڪونھي ھوندي آھي، اسان جا وَرَ به وڇوڙي جا درد سهَنِ ٿا. اسين گهر ويٺيون پيون ياد ڪنديون آهن. ۽ وڻجهارا اسان لاءِ کارو کيڙي، طوفانن کي منھنَ ڏئي. روزي روٽي جو بندوبست ڪَنِ ٿا.

سامونڊِريَڪو سڱُ، آھي گُوندَرَ گاڏُئُون،
اَنگھُنِ چاڙھي اَڱَ، وئو وَڻِجھارو اوھَري.

وڻجھارا اسان کي سمونڊ ۾ پيا ساريندا آھن، ۽ اسين پيون تڙن تيِ وڇوڙي جيون وايون ڳائينديون رھنديون آھيون

سمُونڊِي ساري، مَٿي تَڙَ گذاريَان،
مونکي ٿي ماري، اُنِي سَندِي ڳاهڙي.

مون پڇيو تنهنجا ڪيئن ڏينهن گذريا؟ مسڪرائي چيائين ته مٺا آئون ڪا ڄامَ تماچيءَ جي نوري ته ڪون هُيَسِ جو ويٺي هندورن ۾ لُڏان، مون به ٻين وڻجارين وانگر فراقن ۾ ڏينهن گهاريا آهن.

کارو جي کيڙينِ، سيئِي منھنجا سُپرين،
رُئان رَهنِ نه لِکَ سِين. جهليان جهَلَ نه ڏين،
وِرههَ ويڌُ ڪَرين، آيلِ سامُونڊرين جا.

پڇيُمُ اھو وري ڪيئن،؟ چيائين منھنجي شادي جَنِ ڏينهنِ ۾ ٿي اھي ڏينهن سياري جا ھئا. منھنجو وَرَ به چندُ ڏينهن مونسان گهاري سگهو سفر تي روانو ٿيو هو.

لڳي اُترَ اوھَرِئا، واھُوندن وَرَنِ،
آءُ گھڻو ئي گھوريان، سودو سامُونڊينِ،
اَڱَڻِ اَچَنِ، هيءَ وَرُ ٿِئي اُنِ کي.

چيائين وڃڻ کان ڪجھ ڏينهن پھريان وڃڻ جيون وايون پيا ڪن ۽ ٻيڙيون پيا مکنِ، ڄارَ پيا سنوارينِ ۽ مونکي اھو اُلڪو پيو ماري ته اِجھي ڄاڻ ويا.

آئي اُتَرَ مُندَ، هنيين اُڊڪو نه لَهي.
وَٽِينِ لاڄُون بندَ ٻِيهَرَ مَکِينِ ٻيڙيُون.

انهن ڏينهن ۾ اسان جي مياڻ جي ملاحن کي سال ٿي ويو ھو سمنڊ ۾ وِيَنِ کي سي وَرِيا ڪون ھئا. آئون انھن جي ونِيُنِ کي ڏسي پئي ڏَران ته ڪو مون وَرُ وڃي نه نه ڪي ڳچُ ڏينهن گهاري سو مون به پنهنجي وَرَ کان وڏا وچنَ ورتا هئا سگهو ورڻ جا.

جي وِئڙمُ اڃُ، سي ڪڏهن ايندا مان ڳري،
پريان جي ھُنَ پار ڏي، وڃي دونڪي ڌَڄُ،
سامونڊڪو ڏجھُ، ماءُ مارينديم ڪڏهن.

پڇيم سياري جي شروع ۾ وڃن ٿا يا وچَ ۾، چيائين ابا ڏياريءَ جو ڄُڻُ ڏيئو ٻريو ناھي ۽ ھِنَنِ سانڀاھا ڪيا ناھنِ.

ڏٺي ڏياري سامونڊين، سِڙھ سنبائيا،
وجھيو وَرُ وَنجھَ کي، روئي وڻجاري،
ماريندءِ ماري، پِرِھَ سُورَ پريَنِ جا.

پڇيُمُ ان سال تو وارو وڻجارو ڇھين ماھ وريو يا ٻارھين ماھ؟ چيائين منھنجا ڀاڳ ڀلا جو مون وَرُ ٽئين ماھ موٽي آيو. چوي پئي ايندو به ڪيئن نه جو مون نه ڪو پير ڇڏيو هون فقيرُ، اچي باسون ۽ پڙَ باسِيُمُ جو وڻجهارو جلدي وري آيو وطن تي.

جَرَ تَڙَ ڏيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻڌي وانئٽيوُن،
اَلا! ڪانڌُ اَچي، آسائتي آھيان!

پڇيم تون ته ڏاڍي خوش ٿي هوندين، چيائين ته ابا ان چڪر هنن جو واپار ڏاڍو ڀلو لڳو هو سو ايندي ئي وڃڻ وايون ڪَيئون تنِ وايُنِ منهنجو جيءُ ئي جهوري وڌو سو خوشيءَ کان وڌيڪ اهو الڪو ته اجهي ڄان ويا.

لاھيندائي ڪَنِ ڳالھيون ھَلَڻَ سَنديوُن،
ڏيندا مون ڏُکَنِ، وَھِ وِجَھندا جندَڙو.

چيائين ھڪ ھفتو مون سِينِ گھاري وري وڃڻ جا سانڀاھا ڪَيائين. وڃڻ واري رات وڇوڙي جي ڊپ ۾ مون کي ننڊ ئي ڪون آئي. صبحُ ٿيو سڄڻَ سَنبِري ٺھي کاري ڏانھن کيڙائو ٿيا. آئون به کوها ۽ ڄارا کڻائي تڙَ تائين وِيس. اکينُ ۾ آبُ آڻي موڪلايوسين، آئون اوستائين روئندي رهيس جيستائين نظر پئي آيا.

مون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پرينِ پَڳَھَ ڇوڙئا،
ڪامُونهين ۾ گهٽِ نه ته سَڄَڻَ سٻاجها گهڻو

چوي پئي وڻجارن کي وئي مَسَ ويھَ ڏينهن ٿيا ھئا، اسان ساھيڙين گڏجي تَڙَ تي ڪپڙا پئي ڌوتا سين، ڏسون پري کان ڪجھُ ٻيڙيون پيون اچن، سڀني وڻجارين جي مُکَ تي مُرڪُون اچي ويون، ڪا پنهنجي وڻجاري جي ٻيڙيءَ جو وائنٽيون سڃاڻي پئي سرھي ٿئي.

وانٽيون ٿيون وَڙِڪَنِ، اَڃان سِڙَھ نه پڌرا،
اُڀيون سي مَرَڪَن،جَنِي سَنداآئيا.

۽ ڪي وري سندن وَرَنِ جي ٻيڙين جا سِڙِھَ سنڀائي پيون سرھيون ٿين.

اچن سِڙِھَ اُپَڙِئا، مَٿِنِ ڪَپَڙَ ڪوٽَ،
سامونڊِي مُون گھوٽَ، لڪا لُوپي آئِيَا.

اُنَ مھل ڪَنِ ويچارين جا وَرَ ڪون وريا ھئا، تَنِ لاءِ اھي گھڙيون ڄڻُ عذاب ھيون. ۽ آيل وڻجھارن کان سندن وَرَنِ جيون خير خيريت جيون خبرون پيون پڇن.

پَتَڻَ پوءِ پچارَ، آن ڪي ويندا گڏِئا،
اُڪنڊَ مُون اَپارَ، شالَ مُنھنجا موٽِئا!

منهنجي دل چئي ته ڪنهن بهاني رُڪي پوي، هيڪَرَ دل چيو ته سَسُ کي چوان ته روڪي پر حجاب وچان چئي ڪونه سگهيس.

وَڻجهاري جي ماءِ وَڻجهارون، نه پَلِئين؟
آيو ٻارهين ماهه پُڻِ ٿو سَفَرِ سنبهي.

وڃڻ مهل آئون به پوئيان ڀڳي ويس، تَڙَتي رسي مون کي چيائين ونجههُ کوليسِ ته ٻيڙي رواني ڪريان

اُلوڙڻُ نه ڏئي وَرُ وڌائين وَنجهَ کي،
رَهه اڄوڪي راتڙي لالَڻَ! مون لائي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سفرِ سُپرين!

ونجههُ ويڙھي ٻيڙيءَ کي اونھي پاڻيءَ ڏانھن ڌڪڻَ لڳو ۽ مونکي چيائين تون به ڌڪو ڏئي ۽ منهنجي دل چوي ته ٻيڙيءَ جو ڳريو جهلي ويهي رهان.

ڳِرِيو جھَليو روءِ، مٿي مُھري ھٿڙا،
کُوءِ! سودو سَندوءِ، جو تون، ڍوليا! سِکيو.

انھن ڏيھنِ ۾ ڪجھ ٻيڙياتن سان سمنڊ ۾ حادثو آيو ھو جنهنجي ڪري اُھي ٻيڙياتا فوت ٿي ويا ھئا.

اُونِھين ۾ اوھَرِي، جڏھن وئا جي،
موٽي ماڳِ نه آئيا ماءِ! سامونڊي سي،
کاروتَنِي کي،جيڪس وَھُ وري وِئو.

سو مون پنھنجي وَڻجاري کي جَتَنَ ڪرڻ لاءِ وڏيون وايون ڪيون ھيوُن، ته ٻيلي ٻيڙيءَ کي سنڀالي هلائجاءِ

سامونڊي تون سَنِبَھي، ساڄو جَھلِ سُکاڻُ،
لَڳي واءُ وڏاندَرو، مُنجھائي مِھراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪري توائي تَنِ کي

پُڇيم وڻجارا ورڻَ مھَلَ اوھان لاءِ ڇا کڻي ايندا ھئا، چيائين اڳي اسان جي زماني ۾ جواھر موتي، لال، ماڻڪن جو واپار ٿيندو ھو ۽ اسان جا ورَ انھن موتين ۽ ڪوڏن جي تلاش ۾ سيلون تائين وڃي نڪرندا ھئا.

کاري کيڙائو، مٿي مٺِي موٽِئا،
سودو ڪَنِ نه سون جو وڏا وِهائو،
موتي جي مهراڻَ جا تَنِ جو طامائُو،
سامونڊي سائوُ، لَڪا لُوڀي آئيا.

موٽن مهلَ اسان لاءِ به موتين جا هارَ ڪپڙا، سينگار جو سامان ۽ ٻيو سامان کڻي ايندا هئا. ۽ اسان جو سڄو سال خوش گذرندو هو.

سي پونجِيارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ سيوِئو جَنِ،
آندائُون عَميقَ مان، جھوتي جَواھِرَنِ،
لڌائون لطيفُ چئي، لَعَلون مان لَھرِنِ،
ڪانھي قيمَتَ تَنِ، مُلُ مَھانگو اُنِ جو.

پڇيم اڃان به اهي ڳالهيون آهن يا نه؟ ٿڌو شوڪارو ڀري چيائين ابا اڳي اسان جا وڻجهارا سيلون، پور بندر، ڪولاچي وڃي وکر وهائيندا هئا، هاڻ اهي ڳالهيون ڪٿي هاڻ ته مُلڪَ ٺهي ويا. فوجون اچي ويون حدورن ورهائجي ويون، هاڻ ته تڙَتان لهندي رينجرِ نالو لکي ٿي، ۽ چوي ٿي ته جلدي موٺي اچجا. هاڻ ته ماڻڪ موتي گهوريو مڇي نه ٿي ملي، مياڻين تا ملاح به لڏي پيا، تَڙَ پيا، تَڙَ ويران ٿي ويا

نه سي تڙِ هوڙاڪَ نه وايون وايُون وڻجهارن جِيُون،
سَرَتيون سامُونڊين جا. اڄ پُڻ چِڪيَمِ چاڪَ،
ماريِم فراق، ويچاريءَ وتن جو



وَرُ اھا ئي وير جيئن ڌَڻُ تسي تڙ اچي


باک ڦٽيءَ ھلڪي ھلڪي ماڪَ پئي وسي تَڙَ (کوھ) تي پھتس پري کان ڏسان ڪير به ڪونھي ۽ خاموشي آھي.

ٻُري ٻڪر دانهن، ان جو ڀوڻَ ڀَڻڪون سُڻان،
ميان ماروئڙن جا، اوڻا ڏٺم آنھن،
جن ٿي ساٺيڪا; سنجيا، سي ڌڻي ڪيئي ڪانھن،
پکا کڻي پرانھن، جيڪس لڏيو لوئڙيارين.

ويجهو وڃي ڏسان ته پکي تڙ جي آننهن (آوڙو، هود) مان پاڻي پيا پيئڻ ۽ سنجَ (کوههَ مان پاڻي ڀرڻ وارو سامان ٻوڪو ورت) ڀوڻَ تان لٿلَ آهن ۽ تڙَ جي ڀرِ ۾ ويڙهيا پيا آهن.

ڀنيءَ جي ڀوڻن، ڀيڄ ڀڻُڪون سُڻان،
سنجڻ واريون سُتيون، وڃي ويڙههِ وَرَنِ،
پيا سيٽَ سَڙَنِ، تَرهي ٻِنهي ڪنڌين

جيئن ئي سِج ڪَني ڪڍي ڏسان ته ڪجهه سنگهارين کي دِلا مٿين تي ته ڪن کي چيلهه تي، تڙ ڏانهن اچن پيون، اچڻ سان ئي وَرٿَ ٻوڪي ۾ وجهي پاڻي ڪڍڻ شروع ڪري ڏنائين.

سَڀِ نه وڃي سُتِيُون، اَڃان ڪي سنجن،
پيو سي پهرَنِ، جي اُڃائجي آئيون.

ڪجهه ئي دير ۾ ٻيون سنگھاريون دلا جَنڊَنِ تي رکي جيڪي گڏھن تي ھئا، ۽ ٻڪريون ڪاھينديون اچن پيون.

بيرَ کنيائون بَرَنِ ۾، پيارين پَھوُن،
سنجن ساٺيڪن تي، وڏيءَ ويرَ وھوُن،
پائيو جَرُ جنڊَنِ ۾، ڪوڏان ڪن ڪھوُن،
ڏيھان ڏينھن نئون، مون کي ورھُ ويڙھيچن جو

پاڻي ڀري ڪجهه سنگھاريون گھرن ڏانھن روانيون ٿيون، ۽ ڪَنِ ٻارڙا وهنجارڻ شروع ڪيا، ڪَنِ وري. ڪپڙا ڌوئڻ شروع ڪيا. ڪپڙا ڌوئڻ واريءَ ڌُڪيءَ ۽ داٻڙي جو آواز ڀِٽَنِ ۾ ايئن پئي گونجيو ڄڻ نغارا پيا وڄن.

ھنَ ڏيهه سندا ڪپڙا، ھن تڙ نه ڌوئندياس،
موٽائي نيندياس، ميرائي ملير ڏي.

اوچتو ڏسان ته ڍڳين جو وَلرُ تَڙَ ڏانهن رنڀاٽَ ڪندو ڀڳو پيو اچي. سنگھارين ڀڄي وڃي ورتَ ۾ وَرُ وجھي پاڻي آنھن ۾ ڀرڻ شروع ڪيو، ڌڻُ آيو پاڻي پي ڍَءُ ڪري وڃي وڻ ھيٺيان ڦوڪارو ڪڍڻ لاءِ ويھي رھيو.

وَرُ اُھا ئي ويرَ، جيئن ڌڻُ تسئي تَڙِ اچي،
سرتين ڏُٿُ سبيلَ ڪيو، اڱڻ ڍوئي ڍير،
ھينئون اُنَ جي ھيرَ، ٿو جھڄي جھروڪن ۾.

ايتريءَ دير ۾ کوھَ تي پاڻي پيارڻ لاءِ ننڍڙا ٻارڙا ڇيلڙا ۽ گھيٽڙا ڪاھي آئيا.

ھِنَ مُندَ مارُو سنرا، ويڙھين وَڳَ وارين،
ڇَڇِيا ڇيڪاريو ڇيلِڙا، پَٽين پھرائين،
نيڻَ منھنجا اُنِ کي، جھجھو جَرُ ھارين،
تاڙا تنوارين، مينھن وسندا، موٽ تون.

ھڪ سنگھاريءَ کان سوال ڪيم ته مارئي ڪير هئي؟ چيائين مارئيون اسين آهيون ۽ مارئي اسان مان هئي. چيم اهو وري ڪيئن؟ چيائين جنهن عورت ۾ شرم، لَڄَ، غيرت، ۽ وطن جي اُڪيرَ هوندي، اها ئي مارئي آهي.

ستي تنھنجي سَتَ ۾، ڳالھ گھرجي ڳَچُ،
وڍيو، چيريو، چِچِريو، پَرَ ۾ اُڀي پَچُ،
ساڻ امانت اچُ، ته ٿئين سماني ساڻيهه ۾

چيائين مالڪ سائين جو ٿَرَ وارن تي ٿورو جنھن عمر کي اِھا مَتِ ڏني جو مارئيءَ کي کوھَ تان کنيائين، نه ته ڪنهن کي خبر پوي ها ته سنڌ جون نياڻيون ڪيئن پنهنجي لڄَ، پڇائينديون آهن، ۽ وطن جي اُڪير ڇا آهي.

جيئن سُتي منجهه سير، تيئن تون قابو رھجُ ڪوٽَ ۾،
سِپَ سمنڊين سَپِجي، نندي پيئي نه نيرُ،
جيئن هُوءِ اَبَر آسري، تيئن تون مَنُ ملير،
کائڙِ پئين کيرُ، جي امانت اُتي رسي.

مارئي ته اسان جي لڄ خاطر عمر جا سونا زيور ٺڪرائي لوئيءَ ۾ لَڄَ بچائي.

ٿورا منجهه ٿرنِ، مون سين مارو جي ڪيا،
عمر ان ڳڻن، آئون ڪيئن لوئي لڄائيان.

اِيَ نه ماروئن ريت، جِئن سيڻَ! مٽائين سونَ تي،
اچي اُمرڪوٽ ۾، ڪندِيَس ڪانَ ڪُريتِ،
پَکَنِ جي پريتِ، ماڙيءَ سين نه مٽيان.

مون کي چيائين تو ٻڌو ناھي شاھ سائين مارئي جو ماروئن سان ايئن ڳانڍاپو ڏيکاريو آھي جيئن ڳنڍير گاهه جون ڳنڍيون پاڻ ۾ ڳنڍيل آھن.

جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن مون مَنُ ماروئڙن سين،
ڏنيون لَسَ لطيف چئي، ھينڙي کي حمير،
وڃي منجهه ملير، سڀ ڇوڙينديس سومرا.

پڇيم مارئي پرڻيل ھئي يا ڪنواري؟ چيائين لڳي ٿو ته تو شاه سائين پڙھيو ڪو نه آھي، شاھ سائين جي ھن بيت ۾ شاھدي ملي ٿي ته مارئي پرڻيل ھئي.

مون ماروءَ سين لڌيون لوئيءَ ۾ لائون،
سون برابر سڳڙا، مونکي ٻانھن ٻڌائون،
عمر ڪيئن آئون، پَٽُ پھريان سومرا!

چيائين تون اھو ڏس ته مارئي سنڌ جي نياڻي ھئي، جنھن اسان سنڌياڻين جو مان مٿاھون ڪيو. ھُنَ جيون جڙون ڌرتيءَ ۾ ايتريون کُتلُ ھيون جو انهن کي وقت جو بادشاھ به ھِلائي ڪون سگھيو.

جي لوڻُ لِڱِيين لائين، چيري چيري چَمُ،
مون ڪَرُ اڳي نه ڪيو، اَهڙو ڪو جهو ڪم،
جان جان دعوا دَمُ، تان تان ، پرت پنهوار جي،

چيم مارئيءَ کي جنھن مھل عمر کوھَ تان کڻيو پئي ويو تنھن مھل توھان ماروئڙن نڪو روڪيو نڪو ٽوڪيو، ۽ وري اُنَ جو حال احوال پڇڻ لاءِ پوئيان ڪون ويا.

نه ڪا خبرَ نه ڪو خواب نَڪو اوٺي آئيو،
هُتي جَنِ هِتِ اچي ڏنو ڪو نه جواب،
هميرَنِ حِسابُ، ڪُههُ ڄاڻاڻ ڪيئن ٿيو!

چيائين ادا هڪ ته عمر بادشاه ٻيو مارئي کي دوکي سان کوههَ تان کڻي ويو. اسين مسڪين ماروئڙا ڪٿي ٿا هن سان وڙهي سگهون. پر اسان مارئيءَ کي وساريو ڪڏهن ڪونه هو، مارئي کي سهاور ڏيڻ لاءِ وياسين ته متان ڪو ماروئڙن جي لڄ لڄائين.

اُتان اوٺي آئيو. خَبَر ايَ کَري.
وسارجُ مَ وَرَ کي، پئجُ مُنڌُ هري،
ويندينءَ اُتِ وري، ڪو ڏينهن آهين ڪوٽَ ۾.

مون چيو توهان سنگهارين ته اُلٽا مهڻا ۽ طعنا مارئيءَ ڏانهن ڏيارائي موڪليا.

اَڄُ اَڍنگا ويڻَ، موکي مُڪا جيڏيين،
ھارِي! ھميرن جا جيڪسِ کاڌئي کيڻَ،
سانبِيَڙا ۽ سيڻَ، ڪِ تو وِئڙا وسري!

چيائين ھا تون سچُ ٿو چوين اسان کي ھُنَ ڏانھن اھڙو نياپو ڪو نه موڪلڻو ھو، پر مارئي کي پنھنجي ارادي تي ايڏو يقين ھو جو ھُنَ اسان ڏانھن ھيءُ نياپو موڪليو.

مونسين ماروئڙَيون، ڪھڙي ريتِ رُسنديوُن،
چوٽيءَ ۾ چيڙُ پيو، پِيَنِ رَتَ ڄَيُون،
نيڻين ننڊَ وِھُ ٿي، ساري ساڏوھيون،
ھِتي جي ھُيوُن، ته سُڌِپوين ِسِيلَ جي.

چيمُ مارئيءَ قيد ۾ رھي اوھان ڏي ميارون ڏئي موڪليون. پوءِ به اوهان ڪونه ويا، پر مارئي اوهان وَٽِ موٽي آئي.

لوءِ. وڃي ڪو چوءِ، منھنجي ماروئڙنِ کي،
ڇانگان ڇڄي ڇيلڙو، جي ڪنھن جو ھوءٍ،
سهي وَڙولِين سوءِ، آئون ڪيئن ويَسِ وِسري.

چيائين تون ڇا ٿو سمجھين اسين عمر وٽ وڃون ھا ته ڇا هو مارئي اسان جي حوالي ڪري ها. چيائين عمر مارئي جي لوههَ جهڙي لڱڻ ۽ پٿر جهڙي ارادن جي اڳيان مجبور ٿي موڪل ڏني.

عمر ٿي اُميدون رکان، من لھي لوھَ وڃن،
مانَ ميڙائو مون ٿئي، سُتَت سنگھارن،
اندر اباڻن، اڪنڊيو ٿو آھون ڪري.

مون چيو عمر مارئيءَ کوھَ تان زوريءَ کڻي ته ويو پر ان سان زوريءَ شادي ڪونه ڪيائين. انصاف ڪري مارئي جهڙي هئي تهڙي ئي ماروئن ڏانهن موڪلي ڏنائين.

مينڍا ڌوءِ نه مارئي، آهسِ مَنِ ملير،
ڪڍي ته ڪاڻِ لهي، هتان هيءُ هَمير،
کاٿڙِپيَنِ کير، جي امانت اُتِ وڃي.

چيائين عمر جي انصاف ڪري ها ته کوهه تان ڪو نه کڻي ها، اها ته مارئيءَ جي همٿ عمر کي مجبور ڪيو. مارئي ته اهو به عمر کي چيو هو، جيڪڏهن آئون تنهنجي قيد مري وڃان ته منهنجو مڙههُ ملير ڏي موڪلجانءِ، ته سمجهندس ته جئري ئي مائٽن سان ملي ويسُ.

واجھائي وطن کي آئون جي ھِتِ مُياسِ،
گور منھنجي سومرا ڪِج پھنوارنِ پاسِ،
ساري ڏين سرتيون، منجھان وَلِينِ واس،
مُيائي جِياس، جي وڃي مڙھُ مَليرَ ڏي،

مون چيو ھُنَ ٿَرَ وارن جي لَڄَ رکڻَ لاءِ وڏيون سختيون سٺيون. چيائين صرف ٿر نه پوري سنڌوارن جومانُ مٿانھون ڪيائين.

جھڙي آيسِ جيئن، تھڙي وڃان تنِ ڏي،
ڦران ۽ ڦرَ چاريان، ھينئون چئيمُ ھيئن،
وڃان ڪيئن وطن ڏي، ڪاڻِ لھنديمِ ڪيئن،
مدائتي مينھن، سونھان سرتين وچ ۾.

چيائين اُهي سختين وارا ڏينهن مارئي ته پنهنجي پاڻ لاءِ ڀلارا ٿي سمجهي مارئي چوي ٿي شُڪُرُ ٿيو جو عمر جي قيد ۾ ويس، جنهن منجهان آئون پچي راس ٿ آيس نه ته ڪهڙي خبر ته وطن جي سِڪَ اُڪير، لَڄَ ڇا ٿيندي آهي.

سَکرَ سي ئي ڏينهن، جي مون گھاريا بند ۾،
وسايمُ ٿي وَڏَ ڦُڙا، مٿي ماڙِيَنِ مينهن،
نيِرَ منھنجو نيھنُ، اُجاري اڇو ڪيو.

شام ٿي ڪجھ مرد مالَ ڪاھي اچي تڙَ تي ڪَٺا ٿئا، انھن سنگھارين سان گڏجي کوھَ مان پاڻي ڀرڻ شروع ڪيو پاڻي آنھن ۾ ڀريندا ويا ۽ مالُ پاڻي پيئندو ويو.

انھن مان ھڪ سنگھار پنهنجي سانگھاريءَ کي ڦوڳي آڻي ڏنيءِ. چيائين ان ڦوڳيءَ جي گھر ھلي چٽڻي ٺاهينس ته اسين مال کي ڪاھي ٿا اچون.

کُوھرَ ٿُوھَرَ ٿَرَ، جِتِ ساٺيڪا سَتيوُن،
چارينِ اُتِ چاھَ پِئو، ڦوڳَنِ پاسي ڦَرَ،
ڪيئن لَھندَمِ ڪَرَ، جيئن مارو پاڻَ اپاريا.

سج لٿو ماروئڙا مال ڪاھي گھرن ڏانهن روانا ٿيا مونکي کي به گهر ڏانهن هلڻ جي صلاح هنيائون، آئون به انهن سان گڏ هليسُ رات ٿي گهر پھتا سين، چانھ پاڻي پي ٿورڙو ڊاٻو ڪيو سين، ايتري دير ۾ ماني کڄي آئي، مانيءَ ۾ ڦوڳيءَ جي چٽڻي، ڏونرَنِ جو ساڳ ھو گنبو ڀَتُ ھو ۽ ڳنڌڻ ۾ ڍڳيءَ جو کير ھو سو کائي سمھي پيا سين.

تن وَنھينِ ويڙيچنِ، ۾ سدائين سُڪارُ،
چُونڊئو آڻِئو چاڙھين، سندا ڏونرَنِ ڏارَ،
جَنِ جو ويڙينِ سين واپارُ، سي ڏوٿِي ھُونِ نه ڏُٻرا.

آڻينِ ڪي چاڙھيِن، ڏُٿُ ڏيھاڻي سومرا!
سَٿا ڪَيو سَيِدُ چئي، سائوُن سڪائينِ،
منجھان لَنبَ لطيف چئي، چائرَ ڪيو چاڙھين،
پُلاءُ نه پاڙينِ،عمرَ! آراڙيءَسين.

فجر ٿي ڏسان ته ڪجهه سنگهاريون ڦرن کي پيون ميڙين، ڪي جنڊَ پيون پيهن، ڪي وِلورا پيون ۽ ڪي ته وري دِلا کڻي کوهن ڏانهن روانيون ٿيون.

چُرَنِ چُڻِڪنِ چِتَ ۾، رَھيا اَندرِ رُوحَ،
اُٺي وِئڙا اُڪَري، مارُو مٿي مُوھَ،
ويرُون وِلوڙَنِ جون، ساريان گھڻو صُبوُحَ،
وَرُ سي کارا کُوھَ، سِنجئَمِ جي ساڻيهه جا.

اھي سڀ منظر ڏسي مارئيءَ جي ھيءَ آسَ دل تي وري آئي.

کُوءِ آسُون عُمرَ ڪوٽَ جون، وَرُ جھَنگرُ ۾ جھوپي،
جو اَباڻَنِ اَڏيو، ڳُڻَنِ سين ڳُوپي،
ويندسِ ويڙيچنِ ڏي، لوھُ ڀڃي لُوپي،
چِڀِڙَ ُ چُوپي، سِڪَ لاھيندِيَسِ سومرا!

ڏينهن مٿي آيو ته مون موڪلائڻ جي ڪئي، مکڻ لسيءَ سان ناشتو ڪرائي اجرڪون اوڍائي روانو ڪيائون.

آئون ڪيئن ڇڏيان سُومَرا، تَنِ پَھنوارنِ پَچارَ،
جَڙَ جَني جي جانِ ۾، لَڳي رِءَ لُھارَ،
ميخون محبت سنديون، ھنيَڙي منجهه ھزارَ،
کارو پاڻي کُوھَرين، سِنجِيان آءُ سَوارَ،
ٻَڪَرَ شالَ ٻيھارَ، عمرَ چاريان اُنِ جا



جاءِ نه سارو ڏينھن، ھينئڙو اوٺي وڳَ جيئن


جاءِ نه سارو ڏينھن، ھينئڙو اوٺي وڳَ جيئن،
مون پريان سين نيھُ، ڇنڻٍ ڪارڻ نه ڪيو،

ڀٽائيءَ سرڪار جي ھن بيت جي ڳولا ۾ وڃي ھڪ اوٺو وڳُ ڳولهي لڌم. سياري جا سيٍءَ ھئا ۽ مانجهاندي مھل جَتَ چانهه جي ڪِٽلي چلهه تي چاڙھيو ويا ھئا. وڃي سلام واريم، حال احوال کان پوءِ مون جھٽ ۾ شاھ سائين جو مٿيون بيت چيو، جنهن تي پوڙھي جت ڪنڌ لوڏيندي چيو سيد سچو آهي، ھنن ڀَٽارين جا جيڏاھن ڪنڌَ تيڏانهن پنڌَ، ھي اوٺو وڳُ ته آھي ئي رِڻَنٍ جو رولاڪ، سيد سڳورو ته جَتُ به ھو ته وڳُ به ھو. سسئي به ھو ته سور به ھو، مون چيو ته پنھون؟. چيائين پنھون ته ويو پنھنجن سان سسئي سان گڏ ته سور ھئا.

سورَ مَ وڃيجاءٍ، سڄڻَ جيئن سانگ ويا،
پرينٍ پڄاڻا، آئون اوهان سين اوريان.

وڏو شُوڪَارو ڀري چيائين ته اوٺو وَڳُ ته سدائين سورن جي ور چڙھيل آھي ۽ وري مزي جي ڳالھ ته ھنن ويچارين اسان کي ته سسئيءَ کان به گھڻا سور ڏنا آھن. سوال ڪيم ته اھو وري ڪيئن؟ چيائين، تون ته رڳو ھتي ڪجھ گھڙين لاءِ آيو آھين توکي ڪھڙي خبر ته“عشق” ڇا آھي. اسان ته ھنن سان اُڃُون، بُکون، تَڙِڪا، سٍينٍ ۾ رُھٍيُنٍ ۽ رُڃُنِ ۾ رھڻ جا پيچ پاتا آھن. جيترا سورَ ھيءُ ڀٽارو ڌڻُ سَھي ٿو اوترا ئي اسان کي ڏئي ٿو.

سنڌيون سور ڪرينٍ، ھڏَ پڻ ڏکن ھوتَ لاءٍ،
پرينءَ جي پاڻ ڏنا، سي سُتي سکُ نه ڏينٍ
جي ماڻهن کي مارينٍ، تن سورن کي سڏ ڪريان.

ھن ڌڻَ کي ته اسين رڳو سياري جي سِيَن ۾ مٍڙي روڪ ڪندا آھيون.ڏاچي گھڻو ڪري سياري ۾ ويامندي آھي ۽ ھن موسم ۾ نرَ اُٺَ مستيءَ ۾ ھوندا آھن انهيءَ ڪري مادين اُٺِينِ کي گڏ ڪري وڳُ گڏ ڪندا آھيون ته ڪو مستُ اُٺُ مادي اُٺِ کي ماري نه وجھي. مون چيو مستُ اٺُ؟ ٽھڪُ ڏئي چيائين سياري ۾ ٻٍئي خلقت ساري اَجهو ڳولي ۽ اُٺَ کي وري مستي، سُھڻيءَ وانگر سيءَ ۾َ پيو پٺن تي سردي وسائيندو آھي. جيترا سيءَ گھڻا اوتري مستي گھڻي، ٺاٺُ سياري جي سِھَ راتين ۾ ھيءُ اُتر منھن ڪري تاروُن ڪڍي پيو گُڙندو آھي. اتي مون چيو سُھڻيءَ وانگر ڪيئن؟ چيائين اڙي چريا سھڻي به ته سياري جي اونداھين راتين درياھ پار ڪري وڃي محبوب سان ملندي ھئي.

سياري سِهه رات، جا گھڙي وسندي مينھن،
ھلُ ته پڇون سھڻي، جا ڪر ڄاڻي نينھن،
جنھن کي راتو ڏينھن، ميھار ئي من ۾.

سوال ڪيم ته اونھاري ۾ ھيءُ ڌڻُ ڪيڏانھن وڃي؟ نماڻيون اکيون ڪري ھيءُ بيت ڏنائين.

سورن ڪري سڏَ، ھلندي سورن سامُھي،
سورن ساڙيس ھڏَ سي پڻ سيڪي سور سين.

چيائين، اونھاري ۾ جيڏانھن ڪنڌ تيڏانھن پنڌ، ڪو اُٺٍ ڪٿي ته ڪو ڪٿي. پڇيومائنس ته اھو وري ڇو؟ چيائين ھيءُ ڀورو ڌڻُ کاڌي جي تلاش ۾ وڻ، وڻ جي ڪاٺيءَ ٿي ويندو آھي ۽ ڏينھو رات پيو وڇوڙي جون جھيرون ڳائيندو آھي.

جھوڪون ڏسيو جھيرون ڪري، رَڙي ٿو راڙو،
جھيڪاريو جھڪي نه، چري نه چارو
مھيو ويچارو، وڄھلي ٿو وڳ لاءِ

پڇيم ته اھو عرصو اوھين ڇا ڪريو؟ چيائين اسين وري انھن رُڃُنِ جي رولاڪن کي وڃي رڃن ۾ پيا ڳوليندا ۽پيا ڀٽڪندا آھيون. ھڪڙيءَ کي ڏسي تسلي ڪري وري ٻيءَ جي پير پوندا آھيون.

عشق اھڙي ذاتِ، جو مانجھي منجھائي مَھٍين کي،
ڏيھان ڏورين ڏونگرين، رئن ساري رات،
اٿي ويٺي تات، ميان محبوبن جي

پڇيم ڪا خاصيت ھن ڌڻَ جي؟ چيائين اُٺٍي ڌڻَ جو کير ٻٽيھن بيمارين جي لاءٍ آمڻ (ٿر ۾ چوڻي جھنجو مطلب علاج جي آخري دوا )آھي. اُٺِ ھر گاھُ ھر وڻ کائي ٿي ان ڪري ھن جو کير به وڏي حڪمت. وارو آھي. ٻيو ھيءُ ڌڻُ بُکُنِ، اُڃُنِ، سيارن، انھارن جو ڏاڍو آھي.

ٽيون وري مالڪ جو اڱڻ نه وساريندو آھي ھيءُ ڌڻُ ڪٿي به ھجي ۽ جيترو به وقت گزري پر وري وٿاڻ تي ضرور ايندو آھي. چيائين ھڪڙي دفعي منھنجي سلوار، (ڍُڪي اُٺِ) وڃائجي وئي جيڪا گھڻي ڳولهي ۽ گھڻيون وڙولون رکيون پر نه ملي، جنھن کي وڃائي ٽي سال ٿي ويا، ھڪڙي ڏينھن کوھ تي پاڻي پي ڀريو سين، ڇا ته ڏسون اُھا وڃايل اٌٺِ پنجن اٺِيُنِ جي سَلَھَڙَ ۾ ڀٍٽَ تان اچي لٿي. پڇيم پنج اٺيون وري ڪيئن؟ چيائين، ڍُڪي ۽ سلوار معنا ٽي ته اُھي اڳي ھيون، باقي انھي جي گوري ۽ اھا اُٺِ پاڻ ٻيو دفعو ويائيون ته اھي پنج ٿي ويون.

اُٺُ نه وڃي وڳَ سين، چري نه لاڻو،
مھيي کي مجاز جو، ٿُوھي اندر ٿاڻو،
ڀٽاري ڀاڻو، مرندي سين نه مٽيو.

پڇيم ته انھن کي گڏ ڪيئن ڪريو؟ چيائين ملڻ جي مندَ مَھَلَ جھوڪنٍ ڏانھن جھيرون ڪنديون وڇوڙي جو وايون ڳائينديون اچي اڱڻ تي بيهنديون آھن.



جوڳَ نه جوڳوتون،ڪرين پچارون جوڳَ جون


نانيءَ ويندڙ ويراڳين کي وڃي رَسِيُسُ، همرام واڪيندا وڃن، اصل جهلَ ئي نه ڏينِ هِڪَ ٻئي سان ٺُپُ نه ڳالهائين ڪنڌُ هيٺ هو گروءَ جي پٺيان قطار ۾ وردُ پڙهندا واڪيا وڃن. هلندي هلندي همراه کي ڪن ۾ چيمُ مو ن کي به وٺي هلو. مون کي به توهان سا هلڻ جو وڏو شوق آهي. کلي چيائين شوق آهي ته فقير گهرِ ويهه، منزل تي اهو رسندو جنهن کي عشق هوندو آهي، شوق وارا وچَ ۾ کپي ويندا آهن.

جوڳَ نه جوڳو تون، ڪرين پچارون جوڳ جون،
هڪڙو پنڌُ پيرينءَ ڏي، ٻي جا تَتِي ڀوُن،
سامي سيڻنِ ڏوُن، روئندا ئي رَتُ ويا.

مون ڏانھن ڏسي چيائين، فقير تون ڪٿي ٿو رسيِن اسان جي راھَ کي، اھي ڪاٽنِ جا ڪپڙا، انگريزي بوٽَ، اکينِ تي چشما، ڇڏڻا پوندءِ ۽ پيرن ۾ کيٿڙا، ھٿ ۾ ڏنڊو، ڪلھي ۾ گبري، منھنَ ۾ منڊرا پائڻا پوندءِ.

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته مُنھَن ۾منڊراپاءِ،
ڪَنَنِ ڪينَ وڃائيو، جَنِ ۾ ڪوري ڪَڪَرَ وڌاءِ،
ڇَڏِ چادر، ٻڌُ چمڙو، جُتِي تون نه جُڳاءِ،
ته ساميڙاسندياءِ،گُرَوَٽِ گِلا نه ٿِئي.

چيائين تنھنجي ڳالهه گروءَ جي اڳيان رکيان ٿو جيڪڏهن اھو توکي پاسِ ڪري ٿو ته سَتَ بسم الله.

ڳچُ پنڌُ اڳتي ھَلي ھڪ وڏي وڻَ ھيٺيان ساھي پٽيائون. منھنجي ڳالھ گروءَ جي اڳيان رکيائون، گروءَ مونکي سڏُ ڪري ڀَرِ ۾ وھاري سندسُ تنبيءَ مان پاڻي پياري، ۽ گبريءَ مان سُڪلَ ماني ڏئي چيائين بابلا تون ڀلين آئين ۽ چيلَنِ کي چيائين ھَنِ جي پارتِ اٿئو. تڏهن مونکي به وڏو سهارو ٿيو ته آئون ضرور منزل تي پهچندُسُ.

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته ڪين َپيالو پيءُ،
ناههِ نهاري هَٿِ ڪَرِ، آئون سيِن اُتِ نه بيههُ،
ته وحدَتَ سندو ويءُ، طالِبَ توڙا ماڻِين.

سنگت مون کي ھڪ گبري ۽ لانگوٽي ٻڌڻ لاءِ ڏني، چيائين يار تون به اسان جي رنگ ۾ رنگجُ گهڻئي فيشن ڪئي.

لُنگَ ڪڍيائون لاونگ، موٽي نه ڪَنِ مَسَحو،
جااسلامئون اڳي ھئي، ساسئائون ٻانگ،
سامي ڇڏي سانگ، وڃي گڏياگورک ناٿَ کي.

جهنگ جھاڳيندا وڃي وَسوُنءَ کان پري پيا سين، شامَ ٿي پاڻ ۾ صلاح ڪري ھڪ جاءِ تي ٿاڪُ ڏنائون. ڪو ڪاٺيون ڪرڻ نڪري ويو ته ڪو پاڻي ڀرڻ، مونکي گروءَ اٽو ڳوھِڻَ جو چيو، سنجھي مان ئي ماني کائي سابه پاڻيءَسان سمھي پيا. فجرکان پھريان ئي سفرتي رواناٿيا.

وچينءَ ويٺا ھُونِ، سانجھيءَ رَھَنِ سُمَھي،
آڌيءَ رات اُٿي ڪري، راوَلَ رَتو رُونِ،
وِھاڻيءَ واٽنِ تي، پاسا کوڙيو پُونِ،
مَھيسِي مُنھنُ پانھنجو ڌاران ڌُوڙِ نه ڌُونِ،
ڪنهن کي اِئين نه چوَنِ، ته اسين آديسي آهيون.

سياري جا ڏينهن ھئا سيءَ سامھون پنڌُ ھو، صبوح ٿيو جبل جي اوٽ ۾ آسَڻُ ورتائون، سليماني چانھِ پي ھَلِڪو ڊاٻو ڪيائون، ھڪَ ساٿيءَ سنکَ وڄايو سڄي سنگت راھي رواني ٿي.

اَڄُ نه اوطاقن ۾، تازا پَٿَرَ ڪَکَ،
دونھِين دُکَڻُ ڇَڏِيو پيئِي اُڏامي رَکَ،
سامي کڻي سَنکَ وَڄائي واٽَ ٿِئا.

ڏينھن مٿي آيو وڃي جبل ۾ پيا سين، منھنجو ڪڏھن به جبلَ جو پنڌڪو نه ڪيل ھو. سوآئون جبل ڏسي گھٻرائجي ويسُ، ٻين ساٿين جيئن ئي جبل ڏٺوته اچي نعرا ھنيائون سِڱيون وڄائي خوش ٿيا. مون سبب پڇيو ته ھڪ دوست چيو پيارا اھاخوشي ھڪ منزل کي ماڻي ٻيءَ ڏانھن روانا ٿيڻ جي آھي. جبل جي پنڌ ۾ سختي گھڻي ھوندي آھي جنھن لاءِ اسين نڪتا آھيون. چيائين تون گھٻراءِ نه جيڪڏهن گھٻرايُئي ته منزل ڪڏھن ڪون ملندئي.

مٿي کان مٿي وڃي، جوڳيءَ ڏٍٺي جُوءِ،
اوڏو ٿِئو الَکَ کي وڃي رُوءِ بَروءِ،
بابوُ چکي بوُءِ، منجھان باغَ بقاءَ جي.

شامَ ٿي جبل وچ ۾ ڏيرو ڏنائون، ھرڪو پنھنجي ڪم کي لڳي ويو سنجھي مان ئي سمھي رھيا، آڌيءَ راتِ جو سنگت ھلڻ جي سِنڱي وڄائي راھي ٿيا روانا.

صبح سِڱِڙِيوُن کَڻِي وئا وڄائي ويرَ،
ڏوريان ڏوريان نه لهان تَنِ بيراڳين بهيرَ،
آسڻ جَنِ عنبيرَ، آءُ نه جيئنديس اُنِ ريءَ.

هلڻَ مهل ايڏي ته جلدائي ڪندا آهن ڄَڻُ اجهي رسيا، ڪنڌُ هيٺ ڪري هونداريندا ايئن هلن ڄڻ هڪ ٻئي سان هو ڏَ ريل هُجينِ.

ڪنھن جنھن سناسِي ۾، وَھَلُورئا وَتَنِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَلَکَ جو ڪو، وَڍُ ويراڳينِ،
سدائين صاحبَ ڀَرِ ٿا ڪاپڙي ڪَنَبنِ،
جي راتو ڏينھن رَمَنِ، ھلو تَڪِيا پَسون تَنِ جا.

شام ٿي رستي تي ھڪَ عورت جو ڏيرو آيو جنھن کي چيلھ ۾َ چَڙا ۽ پيرن ۾ نيئر ٻڌلُ ھو.

گھنڊنِ، پاسي گِھنڊَ، گڏُ گذارينِ گودڙيا،
پليتيءَ کان پنھنجا، پاڪُ رکيائون پِنڊَ،
نانگا ڪَنِ ته ننڊَ،وڃن روئندارامَ ڏي.

تنھن گروءَ کي رات رھڻ لاءِ جھولي وڌي تنھن تي گروءَ سنگت سان صلاح ڪري رات رھڻ جي حامي ڀري. عورت ڏاڍي خوشِ ٿي وڏو مَچُ ٻاري لنگر کارائي، اسان جا ڪپڙا ڌوئڻَ لڳي. مون به ان عورت کي ڪم ۾ ھٿ ونڊائڻ جو چيو تنھن تي اُنَ عورت وراڻيو ته اڄوڪي رات منهنجي ثوابُ کٽڻ جي آهي تون ماٺ ڪري آرام ڪرينس.

رھيا اٿيئي راتِ، صُبُحَ ويندَءِ صابري،
لُونءَ لُونءَ منجهه، لطيف چئي ڪَرُ تنين جي تاتِ،
سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري مَسَ مڙي.

فجُرِ تي ان عورت جي سليماني چانهه پي سڱيون وڄائي راھي روانا ٿيا.

تان ڪِي ساڻنِ اورِ، جان آھينِ اوطاقن ۾،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏينھن ۾، پاڻُ مَٿانئُن گھورِ،
ويا جي ھنگلورِ، ته ڪَرَمِ ملندءِ ڪاپڙي.

 

اُترَ ڏي منهن ھو سيءُ اصل پارو ھو، ۽ جبل جو پنڌ ھو.

پارو پَواڙا ڪري، لڳي اُتَرَ مُٺِ،
لاھوتي لطيف چئي، ڪن جُسي سين جُٺِ،
پَوَڻِ نه ڏين ِپُٺِ،مَڇُڻُ پَوينِ وِٿِ وصال ۾.

گروءَ مونکي پنهنجي رِلي اوڍائي مونکان پڇيو ڏي خبر پڇتائين ته ڪون ٿو،سوچيمُ جنهن سان توهان جھڙو سُنگُ گڏآھي تنهن کي گھٻرائڻو ڪھڙو.

جا گُرَ ڏني گودڙي، سا مونکي ٿي مَرَڪُ،
چيلا ماري چَرَخُ، اوڍي ويهه ادب سين.

ڏينهن جو به سيءُ وڏو هو سو شام ٿيندي ئي اُترَ اچي اوتون ڏنيون. ساٿين پاٿاري ٺاهي وڏو مَچُ ٻاريائيون. مَچَ ۾ ڀاڻُ ڀيڙايدنا ويا ۽ سڱيون وڄائيندا ويا.

ميڙيو ڀاڻُ ڀريوُن ڪِئو، جوڳي جلائين،
سامي سِڱِڙِين سين، خوديءَ کي کائين،
ھُو جي تارَ تڳائين، آءُنه جيئندي اُنِ ريءَ.

ڏينهن جو جهنگ جھاڳيندا وِردُ ڪندا ڪاھيندا پيا ھلنِ شام ٿي رات گذارڻ لاءِ جاءِ ڳولي ٿَڪُ ڀڳائون، پاڻي تمام گھٽِ ھو ۽ کاڌي لاءِ به صبح واري ُ سُڪل ماني بچيل هئي، سا پاڻ ۾ ڳڀو ڳڀو ڪري ورهائي کائي، عبادت شروع ڪيائون، اها رات سڄي عبادت ۾ گذري، فجر ٿي سڱيون وڄائي واٽ ٿيا.

بکُ وڌائون بگريين، جوڳي ڪندا جُڃَ،
طلب نه رکن طعام جي، اوتئون پين اُڃَ،
لاهوتي لطيف چئي مَنُ ماري ڪِئو مُڃَ،
سامي جهاڳي سُڃَ، وَسونءَ کي ويجها ٿيا.

جبلُ جھاڳيندي ھڪ جاءِ تي قبر ڏسڻ ۾ آئي، سنگت سڱيون وڄائڻ شروع ڪيائون. ڪجھ دير ان قبر جي چوگرد جهاڳيندي رھيا ۽ وِردُ ڪندا رھيا. مون ساٿيءَ کان پڇيو ھيءَ قبر ڪنھن جي آھي، چيائين اھا قبر اسان جي ھڪ ساٿيءَ جي آھي جيڪو ٽي سال اڳ راھَ ھلندي بيمار ٿي پيو ۽ گذاري ويو. اسين ھر سال ھن جي قبر تي اچي حاضري ڏيندا آھيون.

مڙھ پوريا، ماٺِ ٿي، تَڪِيينِ ناھِ توارَ،
آسڻَ مٿي ان جي نتِ ٽمايَمِ نارَ،
سامي سَڀِ ڄمارَ، ڏيئي ڏُکُ ڏورِ وئا.

ھلندي جبل جي وچ ۾ ھڪ جاءِ تي ڏسان ٿو ته ڪجھ ماڻهو ويٺا آھن ان جاءِ جي ويجھو رسي اسان جي سنگت ۽ سامھون وارن، سڱيون ۽ سنکَ وڄائڻ شروع ڪيا. ھڪ ٻئي سان ملڻ بعد ڏسان ته ھڪ اڇيءَ ڏاڙهيءَ سان پوڙھو جھورُ ھمراھ آسڻُ ماريو ويٺو آھي ۽ ٻيا اُن کي نمي سلام پيا ڪن.

جوڳيءَ کي جُڳَ ٿئا، مٿي سين ميري،
اکيون اَلَکَ سامُھِيون، ڀونءِ ڏي نه ڦيري،
ڪاراوارڪڪا ٿيا، ڄرا ٽيا ڄيري،
لُڙُڪَ لالُلطيفُ چئي، ڪنبي ۽ ڪيري،
نيھنُ نه نبيري، سورَ چرندي سنرو.

پڇيم ھيءُ ڪيرُ آھي چيائون اھيو ھڪ ناٿُ آھي. جنھن وڏيون جوڳون ۽ تپسيائون ڪيون آهن، سالن جا سال چِلا ڪڍيا آھن. دنيا کي تياڳ ڏئي اچي جنگھل وسايا اٿس.

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته سڱ سَڀيئي ٽوڙ،
جي ڄاوا نه ڄاپندا، جيُ تنين سين جوڙ،
ته تون پُهچين توڙ، محبت جي ميدان ۾،

صبح ٿيو چشمي جي پاڻيءَ ۾ سنان ڪيائون، سياري ۾ چشمي جو گرمُ پاڻي مون لاءِ عجيب ڳالهه هئي. مون به ايئين تَڙُ ڪيو ڄڻ ڪو سالن جو ميروهجان، ڇو جو پورو هفتو ته اسان کي تَڙُ ڪرڻ لاءِ ڪو پاڻي مليو ئي ڪونه. سو سڄي سنگت تَڙُ ڪيو ۽ ڪپڙا به ڌوتا. مون پنهنجن هٿن پيرن تان مَرُ پئي لاٿي تنهن تي هڪ ساٿيءَ مسڪرائي چيائين. آها مَرُته اسان جو حُسُنُ آهي ۽ تون اها رَڳِڙي لاهين پيو.

ھر ھر ڪَنِ اميسَ، ڌُوَنِ ڏيھاڙي ڌوتيا،
جَنِ ماري ميسَ، ناٿُ نه نمي تَنِ کي.

ٻيءَ رات به ان ۾ کاڌي جي هر شيءِ مليل هئي چانور، دال، آلو، سبزيون، مانيون، به ان ۾ هيون، هڪَ وڏي ڍولي (ديڳ) چڙهيل هئي ۽ جيڪو ٿي آئيو ۽ ان وٽ جيڪا به کاڌي جي شيءِ هئي سا ان ڍوليءَ ۾ ٿي وڌائين. اُن لنگر کي سنگت وڏو پاڪ سمجهي کائي رهي هئي جنهن تي هو خوش ٿيو ۽ چيائين سائين اهي داڻا ڀاڳن وارن کي نصيب ٿيند اآهن، سڄو ڏينهن سفر ڪيو، شام ٿي نانيءَ جو آستان هنگلاج ڏسڻ ۾ آيو سنگت سڱيون ۽ سنکَ وڄايا ۽ نارابه هنيا، وڃي نانيءَ جي پيرين پيا. ۽ اهو زار روئڻ لڳا. اتي ته وڏو ميلو متلُ هو ۽ مزي جي ڳاله هيءَ هئي ته هر ماڻهو هڪ ٻئي جي خدمت پيو ڪري. هڪ ٻئي جا ڪپڙا پيا ڌوئڻ، زورَ پيا ڏين، اها خدمت هنن لاءِ وڏي ثواب واري هئي، ھنن جي عبادت ۾ روئڻ، توبھ، تڙپڻُ، جسم کي سختي ڏيڻ، مَنَ کي مارڻُ، جِھڄَڻُ، جھوري، اھا عبادت ڏينھن رات ھنن جي جاري ھوندي ھئي. ھوپنھنجي پاڻ کي ايئن رولينِ ۽ تڙپائڻ ٿا ڄڻ ڪا رُوح جي ڪا وڃايل شيءِ جي ڳولا ۾ نڪتل ھجن.

جوڳيئڙا جَھانَ ۾، اھڙي رَوِشِ رَمَنِ،
نَڪا دِلِ دوزخ سِين، نَڪو بھِشِتُ گُھرنِ،
نَڪو ڪم ڪُفارَ سِين، نَڪِين مسلماني مَنِ،
اُڀا اِيئن چَوَنِ، ته پرين ڪَجاءِ پنھنجو.



عشق ايئن ڪري، جيئن ڄارو ڄامَ ڪُلھي تي


چَوَنِ ٿا جڏهن وقت جي بادشاھ ڄام تماچي جي جڏهن نوريءَ تي نظر پئي تڏهن نوري ٻيڙيءَ تي چڙھي ڪنول وَلِ جي گلن جي جھرمٽ جي وچ مان ڪوڻيون ۽ بِھَ پئي ڪڍيا.

پَنَ پَٻُڻِ، ڪُمَ ڪُوڻيون، مٿي جَرَ جَرِڪَنِ،
اچي رھيا ريل ۾، ڪارڻِ ڪالُوڙنِ،
سَھسِين راڄَ سيدُ چئي، پاسي تَنِ پَرَنِ،
مِڙي ملاحَنِ، راتِ تماچي رانئِيو.

نوري ننڍي لاڪون حَسِينَ هئي، ٿورڙي وڏي ٿي ته هن کي ڪوڙههِ جي بيماري لڳي جنهن سان نوري ڪوجهي ٿي پئي. مائٽن مان نوريءَ جو سڱ وٺڻ لاءِ ڪيرُ به تيار ڪون هو، پوءِ هُنَ جو پيءُ هڪ درويش وٽ دعا لاءِ وٺي ويو جنهن جي دعا سان نوريءَ جي بيماري دُور ٿي وئي ۽ حُسُنُ موٽي آئيو. نوري جوان ٿي ته حُسنَ جو هڳاءُ چئو طرف هُلڻ لڳو، اها ڳاله تماچيءَ جي تخت تائين وڃي پهتي، تنهن تي تماچيءَ نوري جو حُسُنُ ڏسڻ لاءِ ڪينجهر تي شڪار بهاني اچي پهتو، ڏسي ته هڪ حسين ڇوڪري ٻيڙيءَ تي چڙهي ڪينجهر ۾ ڪنول ولِ جي گلن سان پئي کيڏي، جڏهن تماچي نوريءَ جي ويجهو آيو ته نوريءَ اهڙي ناز منجهان ڪنول گل پيش ڪيو جو تماچيءَ اصل موهجي ويو، نوري حُسِنَ ۾ تمام حَسِينِ هئي ۽ نَکَٽَنِ ۾ صفا اصل نُورُ هئي، اَکِ جنهن تي کڻي اصل ڪُهي وجهي. ۽ تماچيءَ کي پهرين ڌَڪَ ۾ نوري نهوڙي وڌو.

پاٻوڙو پيشِ ڪِئو، نَئُون نوريءَ نيئِي،
حاضُرُ ھُيوُن ھَڪيُون، سَمِيون سَڀيئِي،
نوازِي نيئِي، گاڏيءَ چاڙھي گندَري.

ھاڻِ تماچيءَ کان شڪار وسري ويو، اک اصل نوريءَ ڏانھن، شام ٿي ھرڪو پنھنجي گھر ڏانھن روانو ٿيو. پر تماچي کي ڪٿي آرام راتِ اکين تي ڪٽيائين، صبح ٿي وري تماچي ڪيجھرَ ڪناري.

تَڙُ تماچيءَ ڄامَ جو، تَڙُ تماچي راءِ،
تماچيءَ جي تَڪِيي، تون تماچي ڳاءِ،
ته تون تماچياءِ، تَماچي تِئان لَهين.

سڀ ڪم ڪار ڇُٽا فجر مھل تماچي ڪينجھر جي ڪنڌيءَ تي سڄو ڏينھن نوريءَ سان گڏ رات ٿي وڃي ته به محل ۾ وڃڻ جي دل ئي ڪون ڪري ھاڻِ تماچيءَ جو تختُ ڄڻ ڪينجھرَ ڪنڌيءَ آھي.

ڄامُ تماچي آئيو، وري ٿي وَراڻ،
ڪينجھر ٻنھي ڪنڌيين راتو ڏينھن رھاڻ،
پرچي ويٺو پاڻ، ٿيون مرِڪَنِ مڇيءَ واريوُن.

ھڪ ڏينھن نوري تماچيءَ کي عرض ڪيو ته تون بادشاه آهين ۽ آئون مسڪين ملاح جي ڌيءَ ڪٿي مون کي ڇڏي نه ڏجاءِ.

تون سمون آءُ گَندَري، مون ۾ عَيبَنِ لَکَ،
ھِنَ منھنجي حالَ جي توکي سَڀَ پَرَکَ،
ڪارَڻِ رَبَ اَلَکَ، متان مان ڳَرِ مَٽِيين.

تنھن تي تماچيءَ چيو ته ھتي اچي مون توتي ڪو ٿورو ڪو نه ڪيو آھي. اھاته منهنجي خوشنصيبي آهي جو تنهنجي نازُ نظر ۽ نوڙت مون ڏٺي جنهن مون کي اُجاري اڇو ڪيو. هن کان پهريان ته منهنجي دل جو ڪاغذ ڪورو ھو، تو ملڻ بعد ھزارين عشق جا داستان لکجن پيا. مونکي توسان ملڻ بعدِ ئي زندگيءَ مزو ڏنو آھي ھن کان اڳ جي زندگي ڄڻ خالي ھئي.

مُھاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نه گِيرَبُ نه گَاءُ،
نيڻَنِ سِين نازُ ڪري، ريجھايائين راءُ،
سَمُو سَڀنِ مُلاءُ،ھيريائِين حِرفَتَ سِين.

ھڪ نوريءَ جو حُسُنُ ٻيو ڄامَ تماچيءَ جو ڏھڪاءُ انھن ٻنھي کي ڏسي ڪينجهر جرڪڻ لڳندي ھئي.

ھيٺِ جَرُ مٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وڻراھَ،
اچي وڃي وِچَ ۾، تماچيءَ جي ساءِ،
لڳي اُتر واءَُ، ته ڪينجهر ھندورو ٿئي.

ڄام جي محل جي سَمِيُنِ عورتن کي خبر پئي تہڄام تماچي ھڪ ملاح ڇوڪري سان گڏ روز شڪار ڪندو آھي. جيڪا ايڏي ته حسين و جميل آھي جو تماچي محل ڇڏي وڃي ملاحن جي مياڻِ وسائي اٿس.

ميءَ ھَٿَ ۾ مَڪِڙِي، ڄامَ ھَٿَ ۾ ڄارُ،
سَڄو ڏينھن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه ھو.

تنهن تي محل جي سَمِيُنِ پهه ڪيو ته ھلي ڏسون ته تماچي روزو ڪينجھر تي ڇا ٿو ڪري.

سَمِيوُن ڪري سينگارَ، راءُ ريجھائِڻَ آئيون،
ڄام هٿن ۾ ڄار، جُھلي جھَٻيرَنِ وِچَ ۾.

ڪينجھر جي مياڻِ تي ملاحن ۾ سرهائي اچي وئي، جن کي ڪير به نه پڇندو هو تن وٽ ڄام تماچيءَ اچي رڱي ڇڏيا.

کِکِيءَ ھاڻِيُون کاريُون، ڇِڇِيءَ ھاڻا ڇَڄَ،
پانڌُ جَنين جي پانڌَ، سين لَڳو ٿئي لَڄَ،
سَمُون ڄامُ سَھَڄَ، اُڀو ڪري ان سِين.

ڄام روز پيو اچي ڄڻ ميلو متو پيو آھي. نوريءَ جيون سڀ ساھيڙيون اچي ڪينجهر ڪناري پيو رَڇَ سنوارين، مڇيون پيون مارين پاٻوڙا وَلِ جا گل وارن ۾ سنواري نوريءَ جا ڪوڏَ پيون ڳائينِ.

ثَڙِ تَريون ڍوئين، ڪَنِ رِھاڻيوُن ريلَ ۾،
رَڇَ پنھنجي راڄَ ۾، ويٺيون سموئين،
مُھاڻيون موھين، تَخُتُ تماچيءَ ڄامَ جو.

--

پکا پَکارئو، ڄامُ تماچي آئيو،
گوندرُ لاھيو گَندريوُن آتڻ اُجارِئو،
مَڪِڙيون سين موتيين سَھجان سينگارئو،
ڪينجھرُ قرارئو، سمي ڄامَ سَمَگِئو.

ھاڻِ تماچيءَ جو تخت ڪينجھر ڪناري، ھلڻَ لڳو، وزير مشير خدمت گذار سڀ اچي ڪينجهر تي ڪٺا ٿيا. ڪينجھر جي ملاحنِ جا وارا نيارا ٿي ويا. بازاريون لڳي ويون اصل رونقون ٿي ويون.

تھڙو ڪينجھر ۾ ڪِينَ ٻئو، جھڙي سونهه سَندِياس،
مَڏَ مياڻيون مُڪُڙا، مِڙَئِي مُعافُ ٿياسِ،
رِيسُون راڻينِ ڇڏيون، وَھي ڪينَ وٽانسِ،
مورڇَلُ مٿانسِ، ھڻي ڄامُ ھٿنِ سِين.

ھاڻِ اھو ڏينھن آيو جنھن ڏينھن ڄام تماچيءَ نوريءَ جو سڱ گھرڻ لاءِ مانگا موڪليا. تنھن تي ڪينجھر جي ملاحن جھولي جهلي ھاڪار ڪئي. ڄام جي نوريءَ سان شادي ٿي وئي، مسڪين ملاح ڄام تماچيءَ جا سيڻَ ٿي ويا.

ھٿين پيرين آرکَڻينِ، مُنھِ نه مُھاڻي،
جِئن سَڳووِچَ سُرندڙِي، تئن راڻين ۾ راڻي،
اصل ھئي اُنَکي، اَھَلَ ڄاماڻي،
سَمي سُڄاڻي، ٻيڙو ٻَڌُس ٻانهن ۾.

نوريءَ کي ڄام تماچي شادي ڪري دھلن ڌمالن سان وٺي آيو. سڀئي سَمِيوُن سڀئي سُومريون سينگار ڪري پنھنجن ڪمرن ۾ ويٺيون ته اجھوڄام آيو پرڄامَ وڃي نوريء َجي ڪمري جودرُ کوليو.

سَڀيئي سُھاڳِڻِيُون، سَڀِنِ مُنهه جَڙاءُ،
سَڀَڪنھنِ ڀائيو پاڻَ کي، ايندو مون گَھرِ راءُ،
تان پيٺو تنھن دَراءِ، جِئن پَسي پاڻَ اَڄائيُون.

ھاڻِ نوريءَ جون ساھيڙيون به ڄام جي محل ۾ بنا روڪ ٽوڪ اچن پيون.

گندُ جني جيءَ گوڏِ ۾، ڪُلھنِ تي ڪُونڙيون،
اَنَ ناپي جِيُون اُنِ کي، مٿي تي مُوڙيون،
اَچنِ سنڀوڙيون، سَمي جي سلام تي.

نوريءَ جي ڪري مياڻِ جي سڀني عورتن تان ڪم ڪار معاف ٿي ويو اھي سڀ اچي محل ۾ رھڻ لڳيون،

ڪاريون ڪوجھيون ڪُوَڙِيون، مُنھَ ميريون مُييُون،
ڀاڪُرَ پائي ڀَنَ کي، پاڻيءَ ۾ پييُون،
جي سامَ سَمي وييُون، تَنِ تان لَٿو حَرفُ حِسابَ جو.
--

ڪاريون ڪوجھيون ڪُوَڙِيوُن مُنھِ نه موچاريون،
وٺي ويٺيون واٽَ تي،کِکِيءَ جِوُن کاريوُن،
اُنھي جون آريون، سَمي رِءَ ڪيرُ سھي.

ڄام تماچيءَ جيون اَڳُ جون راڻيون به ڄامَ جي عشق ۽ راز کي سمجي نوريءَ جي خدمت ڪرڻ لڳيون.

تختُ، بخت، ُ تَڙُ، تماچي، سَڀِ نوريءَ کي نِمَنِ،
لِڪِي لِياڪا پائيا، ساري راتِ سَمِينِ،
ٻائيوُن، دائيوُن، راڻيون، تَھِنجا پيرَ چُمَنِ،
ڏِنسِ ڏيھَ ڌڻيَنِ، معافيءَ جي مُھِرَ ھڻي.
--

کُوءِ سَمِيُون، ٻَنِ سُومِريُون، جي اچنِ اوچي ڳاٽِ،
وَرُسي ڪينجهر ڄائيون، جن تماچيءَ جي تاتِ،
راڻينِ مُلان راتِ، ماڻِڪُ مي پِرائيو.

نوري تماچيءَ جي راڻي ٿي وئي پر ھن جي ناز، نوڙت، ۾ ڪا به ڪمي ڪونه آئي. تماچيءَجي محل ۾ اچڻ کانپوءِ ھن جي ناز ۽ نوڙت ۾ نکارُ اچي ويو. ان ڳالھ تي محل جيون سڀ راڻيون نوريءَ جي نوڪري ڏيڻ لڳيون.

نه وڍي نه وِڪڻِي نه کِکِيءَ لائي هَٿُ،
ڪُرُ نايو ڪيتريون، مِڙِئو ڪَنِ مِنَٿُ،
جا سَمي وِهاري سَٿَ، تنهن سِين رِيسَ نه ڪنديون راڻيون.

سمِي ڄامَ جي سيڻَ ٿيڻَ سان ملاحن ۾ سرھائي اچي وئي مُھاڻِيون مَرِڪِي ويون، سڄي ڪينجهر تي سُکُ ٿي ويو. جيڪي ملاح ڏَنُ ۽ ڏوھُ ڀريندا انهن کي انعام ۽ اڪرام ڏنا ويا.

قُوتُ جَنِي جو ڪُوڻِيون، پَرَھَنِ پاٻوڙا،
پايو مُنھُ مھراڻَ ۾، ڪَڍَنِ ڪالوڙا،
جَنِ تي ڏَنَ ھئا ڏوڙا، سي سَڀِ انعامي ٿئا.

ھن داستان ۾ حُسنَ عشق کي اھڙو چڪر ڏنو جو تماچي تخت ڇڏي اچي نوريءَ سان مڇيون مارڻ شروع ڪيائين.

ڪو جو ڪامڻ مي، آھي اکڙين ۾،
تَنُ تماچيءَ ڄامَ جو، ناڀُنُ پايو ني،
عشق ايئن ڪري، جيئن ڄارو ڄامَ ڪلھي تي.



سنھا ڀانءِ مَ سَپَ، وياءَ واسينگن جا


ڪچهري ڪندي ھڪ پوڙهي جھور جوڳيءَ سان اصيل نانگ جو ذڪر ڇِڙِيو، چيائين اصيل ڪنهن کي ڀلا ڇو کائي، ھو ته پنھنجي مستيءَ ۾ مست ھوندو آھي. هن کي ڪير ڇيڙي ته پهريان ڦونڪارا ڏئي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پوءِ جي نه مڙي ته اصل آخري وارُ ڪندو آهي وارُ به اهڙو جو همراهه ڇِڙِهي به نه هڻي.

پھرين ڪاري نانگ کي، جي ڪو ڇِرِڪِيلُ ڇيڙَ ڪري،
جي ھڻي ڏنگُ ڏسائِيو، ويجھو ڪينَ وري،
جيڪي ٺُپُ مري، جيڪي سِڪي صحتَ کي.

چيائين ڪاري ڪڏهن به ڪنهن واٽ ويندڙ بيگناه کي ڪونه ڪَکِيو ( ڏنگيو) آهي هو ته ماڻهو ماڻهو کي ڏسندو آهي ۽ ڀڄندو آهي، هن کي بيگناهه کي ڪَکَڻُ مهڻو آهي.

ڪاري ڪُرُ لَڄي، جي اَڻَ ڪڄاڙئو کاءِ،
ڄاڙئان اندرِ ڄِڀَ ۾، ڳُجھو ٿو ڳالھاءِ،
اُتي اُو ساماءِ، جِتِ رَتي ناھي ريجَ جي.

سوال ڪيمُ، ٻڌو آھي ڪارو نانگ پنھنجو ويرُ نه وساريندو آهي، چيائين هائو ابا جيڪڏهن هُنَ جي ٻچن کي ڪير ماري يا نَرَ ماديءَ مان هڪ کي ماري ته اُهو ڪڏهن به ويرُ نه وساريندو آهي.

ڪوھُ جاڳائي جِيجُن کي، ٿو سُتَلنِ ھَٿُ ھَڻي،
جو ڏاڙُون ڏاڙُنِ ويٺِيُون، ته وڙهندئي وِههُ وڻي،
جَنِ جي ڌُوجُ ڌَڻي، تون ڪيئن وجهين ويرُ تَن سين.

پڇُيُمُ ڪاري نانگ جي ننڍن ٻچن ۾ زھرُ ھوندو آھي ڇا؟ چيائين ڪاري جا ٻچا به ڪاراھونداآھن. ٻچي جوڏنگيل به سِگھو ساھُ نه کڻندوآھي.

سنها ڀانءِ م سَپَ، وياءِ واسيگن جا،
لَتاڙيا لطيف چيئ چوريا وِجهَنِ چَپَ،
تَنِي جي جهڙَپَ، هاٿي هنڌان نه چُري،

پڇِيُمُ اوھين ڪھڙا نانگ جھليندا آھيو؟ چيائين اسان کي ته هميشه ڪاري جي ڳولا هوندي آهي، جنهن جي مٿي ۾ مَڻِ هجي چيائين ڪارا اصيلَ گرمين ۾ زمين جي اندر رهندا آهن، بنا کاڌي بنيا پيتي، اُنهَنِ جو وِههُ (زهرُ) مٿي ۾ ٽِڪيءَ وانگر ڄَمي ويندو آهي جيڪو مَڻِ جي شڪل اختيار ڪندو آهي.

جَنِ جِوُن اوطاقون اَريجَ ۾ مَڻِيوُن تَنِ مَٿَنِ،
ماٺِ مرتبو سُمِيت جو وَسان ڪينَ ڪُڇَنِ،
جو اوڏو وڃي اُنِ، تَنِ جوکو ٿيِي جانِ کي.

چيائين اصيلَ ڪارو نانگ زمين جي اوناھيءَ پنھنجو آسڻُ ڪندو آھي اُتي جتي ريجُ ختم ٿئي اتي وڃي آرامي ٿيندو آھي اھي به مهينن جا مهينا، ۽ ڪاري کي مري وِئي سئو سال به ٿي وڃَنِ، ته به اُنَ جي ڪنڊي تي ڪنهن جو پيرُ اچي ته اُنَ ڪنڊي ۾ به ايڏو ته وِههُ هوندو جو اُهو وِههُ موت مار ٿيندو آهي.

آسَڻُ جَنِ اَريجَ ۾ تَنِ جي وِھَ جو وَرَنُ ٻئو،
تَنِ جو ڪنڊو ئي ڪمُ ڪري، جي مَٿِسِ پيرُ پئو،
پَريين آھي پڌرو، تَنِ نانگنِ جو نِھو،
ڪَلِي ويرَ ڪِھو، جو سامُھون ٿئي سَپَنِ کي.

پڇيم توهان کي نانگَ کائن ڪون؟ چيائين اسين پاڻ نانگ آھيون، اسان کي نانگ ڀلا ڇو کائيندا؟ چيُمُ اھو وري ڪيئن؟ چيائين اسان کي ته سُتِي به نانگ جي زهر جي ملندي آهي. نانگ جي خاندان مان آهن ۽ اسين نانگن مان آهيون. اسين ته اَکِ کولڻ سان ئي نانگ ڏسندا آهيون. ننڍي هوندي ٻين جا ٻارَ رانديڪن سان کيڏين ۽ اسين نانگن سان . اسان کي ڏاڏي جي دعا آهي سو اسين نانگ جي پڪڙڻ مَهلَ گوگي پيرَ جي ڊوهي ڏيندا آهيون. جنهنجي ڪري نانگ اسان جو يارُ ٿيو وڃي.

کَپرَ گاروڙين سين، وڏو وِڌُءِ ويرُ،
نانگَ نه ويندين نڪري، تو ڏَرِ مٿي آهي پيرُ،
هيءُ تني جو ڍيرُ، جَنِ جهونا ڳڙُهه جلائيو.

چيائين ڪي نانگ ته ايڏا زهريلا هوندا آهن جو انهن کي اسين به ويجهائي ڪونه وڃون، جي وياسين ته اڦٽ مئاسين.

واتان جني وِھُ وَھي، سي آيا اوڳارين،
جي آرَڻِ آئيا تان نانگ نه نھارين،
ڏَنيرَ تَنِ ڏارينِ، ميلُ جَنِي جي منَ ۾.

پڇيم توکي ڀلا نانگ ڪڏهن کاڌو؟ چيائين ھائو ابا مڙي ڪڏھن ڪڏھن درويش ناراض ٿيندو آھي ته چڪُ هڻي ڪڍندو آهي پڇيم پوءِ؟ چيائين پوءِ وري ڇا، سندس ڏنگ تي سندس ئي مَڻِ رکندا آهيون، جيڪا زهر کي چوسي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي آهي. اسين وري اهڙي جا اهڙا، پڇيم ڊاڪٽر وغيره ڏانهن ڪون وڃو؟ چيائين اڙي ابا انهيءَ ڪاري جي ڪکيل کي ڊاڪٽر ڀلا ڇا ڪندو. اسان جو ڊاڪٽر اھا ڪاري جي مَڻِ آھي. اھا مَڻِ نه هجي ته ڪاري جو ڏنگيل ٿوڙي داڪٽر تائين رندو، اصل افَٽِ مرندو.

پڇيم مَڻِ سان ڪيئن علاج ڪريو؟ چيائين علاج وري ڪھڙو ھوڏانهن ڪاري ڪَکِيو ناھي، مَڻِ ڏنگَ تي رکي ناھي. اھا مَڻِ نانگ جي زھرَ کي چوسي ڇڏيندي آھي. ڄڻ نانگ ڪکيو ئي ڪون ھو. پوءِ انهيءَ مَڻِ کي کير جي ڪٽوري ۾ وجھندا آھيون جنھن سان اھا مَڻِ انهيءَ زھرَ کي اوڳاڇي ڇڏيندي آھي جنهن سان اھو کير جو ڪٽورو زھر ۾ سائو چِچُ ٿي ويندو آھي. اھا مڻِ ھميشھ َ اسان جي گودڙيءَ ۾ ھوندي آھي، انھيءَ مَڻِ کي اسين سڄو سال کير پياريندا آھيون. ان کي ڪپڙي جي پوشَ ۾ ويڙھي رکندا آھيون.

سوال ڪيُمُ اوھان ڪاري نانگ کي جھليو ڪيئن؟ چيائين ڪاري اصيل جو ليٽاڙو ئي پڌرو، ليڪو وٺي وڃي ڏسندا آھيون، ڪارو خاص ڪري جهنگل يا ويران جڳهه تي رھندو آھي. ۽ ھو ٻِرَ يا جھاڙين ۾ لڪي ويھندو آھي. ھن جو کاڌو جيت جڻا آھي کاڌي لاءِ به رات جونڪرندوآھي ڏينهن سڄوآرام ڪندوآھي. جھلڻ کان پھريان گوگي پيرجي ڊوھي ڏئي پڙُ ڪڍيندا آھيون پوءِ پَڙَھَتِ ڪندا آھيون. پَڙَھَتِ ڪرڻ کان پوءِ ڪارو اسان جو اسين ڪاري جا.

پڇيم ڪيترو عرصو پاڻ وٽِ رکندا آھيو؟ چيائين سال جي ڊوھي ڏيندا آھيون سال کانپوءِ جتان پڪڙيو اتي ئي ڇڏي ڏيندا آھيو.
پڇيم کاڌو ڪھڙو ڏيوس چيائين کاڌي ۾ کير ڪوئا، ڏيڏر ۽ گوشت ڏيندا آھيون. چيائين ڪاري اصيلَ جي مادي سال ۾ ھڪ دفعو ٻچا ڏيندي آھي. ۽ اسيلُ سال ۾ ھڪ دفعو کل به لاھيندوآھي.

پڇيم نانگن جا ڪهڙا قسم آهين؟ چيائين نانگن ۾ ڪارو، ڪنڀارو، گڊرو، پدمُ، کَپَرُ ڪلانڪاري، جُهوڙُ ۽ ٻيا ڪيترائي نانگ آهن انهن مان ڪارو ھروڀرو ڪنھن کي ڪو نه کائيندو آھي. ڪنڀارو ۽ گڊو بنا چيڙئي ئي چڪُ ھڻي ڪڍندو آھن. پدم نانگ جي تمام وڏي عمر ھوندي آھي. جھوڙُ نانگ پاڻيءَ ۾ رھي ٿو اھو پاڻيءَ ۾ مينھن کي به پيٽَ وَرُڏئي ماري ڇڏيندوآھي.

چيائين بلائُنُ ۾ لُنڊي، پيئڻِ، ڊمڻِ، ڀِمُھي، ھُڻُکَڻُ، ارڙَ، ڪوڏياري سِگھَ ۽ ٻيون ڪيتريون آھن انھن مان لنڊي بي پيري آھي. ۽ پيئڻِ ستي ماڻھوءَ جي وات ۾ زھرُ ٿڪي ان ماڻهوءَ کي پُڇَ ھڻي جاڳائي ويندي آھي پيئڻِ جو کاڌل مَسَ بچندو آھي.

پُڇِيُمُ نانگ ۽ مورَ جو پاڻَ ۾ ڪھڙو ويرُ آھي؟ چيائين اھو پراڻو جھيڙو آھي مور نانگ جو وڏو ويري آھي. نانگ کي مورَ ڏٺو ناھي ڄَڻُ کنڀيو ناھي.

موران موٽڻُ مِھِڻو، نوڻي نانگ نه ڪَنِ،
ڪارايَلَ ڪارَنِ کي، ڳاراڪِئو ڳِھَنِ،
وٽِيين وِھُ پِيَنَ،سِڪَ سُرِڪِيين نه لھي.

چيائين مورُ نانگ کي زمين تان چنبن ۾ کڻندو آھي ۽ وڃي آسمان ۾ وڙھندو، ۽ اتان کان ھيٺ اڇلائي وري مٿي کڻي وڃي وڙھندو آھي.

مٿي جھَڙَ جھيڙين، مورُ ڪارايَلُ پاڻَ ۾،
نوڻي نانگ نه ڏين،موران موٽَڻُ مِھِڻو.

چيائين مورُ نانگ کي آسمان ۾ ماري اچي زمين تي کائيندو آھي. ڇو جو مٿي آسمان ۾ نانگ جو زور نه لڳندوآھي. پوءِ به نانگ جو وَسُ لڳو ته مور کي مٿي ئي ڏنگي وجهندو آهي، جنهن سان ٻئي اچي زمين تي ڍيري ٿيندا آهن.

سَپَ، کَپَرَ سَڄا ڳِھي، نانگن ڳولھيو کاءِ،
تَنِي کي واجھاءِ، مَڻِيُون جَنِ مَٿَنِ ۾.

چيائين ڪاري اصيل نانگ کي مورَبه ويجھا ڪو نه وينداآھن.

ڪنھن ڪنھن ڪاريءَ، ذاتِ کي مورَ به مٽائين،
لتاڙئا لطيف چئي، چُرئا چَکائين،
توڙي ٺُپُ مارين، ناته سِڪنِ صحتِ کي.

چيمُ ڀٽائيءَ سرڪار ته چوي ٿو ڪارو نانگَ وڏو خطرناڪ آهي کِلِي چيائين سرڪار ته اسان کي به نانگن کان وڌِ سمجهي ٿي اسان ڇا ٿا چئي سگهون.



اُٿَنِ وِھَنِ اَدَبَ سيِن، ڳالھائين نرم


ڪجهه ڪھاڻين مان ھڪ ھيءَ به آهي ڏڪار جي ڏينهنَ ۾ لطيف سرڪار جڏهن اڇڙي ٿر جي سوڍن راجپوتن جي ڳوٺ ۾ پهتو، ڏسي ته مرد ماڻهو ڪير به ناهي ڪجهه پرديدار عورتون جَنِ شاهه سائين کي ٻارڙن جي هٿان پيغام موڪليو ته سيد کي چئوسِ ته اوتاري ۾ پڌاري (ويهي) سرڪار جي خبر پئي سوڍا سڀ ڏڪار جي ڪري مال سانگي ٻين علائقن ڏانهن ويل آهن ۽ سوڍيون پنهنجن گهرن ۾ اڪيليون آهن. سوڍين جو پردو، ادب، اخلاق نوڙت ۽ مهمان نوازي ڏسي شاهه سائين سرڪار ڏانهن هٿ کڻي هيءَ دعا گهري.

ڏونگھا آڇُ مَ تَنِ کي، ڪاسا تَنِي نه ڪَمُ،
اُٿنِ وِهَنِ ادبَ سِين ڳالهائين نَرَمُ،
پِنَدي پَرَ ڏيهه َ ۾، تَنِ سوڍين ٿئي شَرَمُ،
قادرَ ڪَرُ ڪَرَمُ، ته وَسَ ويچارين تي.

اڇڙي ٿر ۾ سوڍن راجپوتن جا ڏھاڪو کن ڳوٺ آھن، جيڪي، مئُو، ڦلاھُو، راڻاھُو، رابلاھُو، جيڻھارُ، آسوڏرُ، ڪُورَ، نالن سان آھن. انھن ڳوٺن ۾ ويرسي نُکَ جا سوڍا راجپوت رھن ٿا. عمرڪوٽ ضلعي ۾ جيڪي سوڍا رھن ٿا انهن جي نُکَ گنگڏاس، سرتاڻ، اُڏا ۽ ڪيلَھَڻَ سوڍا راجپوت آھن. ٿرپارڪر واري پاسي نَرا، نَٻا، مالڏي، مَڏا بِيبا ۽ ٻيون سوڍن جو نکون رھن ٿيون.

مرد سوڍن جي نالي پويان سنگھ لڳندو آھي مثال ڀوپت سنگھ، ڀومجي سنگھ، پدم سنگھ، سجان سنگھ سروپ سنگھ، ۽ عورتون جي نالن پٺيان ڪنورِ جو لقب لڳندو آھي مثال طور، نيل ڪنور، بخت ڪنور وغيره. ھي سوڍا پنھنجي نياڻين جون شاديون راجپوتن جي ٻين نُکنِ ڀاٽي، راولوت راجپوتن ۾ ڪرائين ٿا. جيڪي خاص ڪري گَڊَ يا ٺڪاڻي جا مالڪ ھوندا آھن.

پاڻ وري انھن نُکنِ ۾ شادي ڪن ٿا جيڪي سوڍن جي نُکَ مان نه هجن جيڪي هيل مَهَلَ گهڻيون هندستان ۾ رهن ٿا. ان سرحدي بنديءَ کانپوءِ سوڍن جي نياڻين وري اچي پنهنجو وطن ڏٺو آهي ۽ نه ئي وري زالن پنھنجو مائٽراڻو ملڪ ڏٺو آھي.

ڳالهه ڪجي سوڍين جي شرم حيا ۽ پردي جي ته ڏندين آڱريون اچي وينديون. ساجھر مھل اڃان سج ڪَنِي به ڪو نه ڪڍندوآھي ان مھل سوڍاگھرڇڏي اچي اوتاري تي پاٿاري منڊيندا آھن. انھيءَ جو سبب اھو ته سوڍيون پنھنجوڪم ڪارآسانيءَسان ڪري سگھن. ڇو جو جڏھن ڪو مرد سوڍو ڏينھن مھل گھر ۾ موجود هوندو ته پردي وچان سوڍيون گھرجوڪم ڪارآسانيءَ سان نه ڪري سگھنديون.

پردو ايترو جو ننڍي ڀاءُ جي زال وڏي ڀاءُ جيٺَ (ڏير) کي ڪڏهن به ڏيٺاري ڪونه ڏيندي. وڏو ڏير، ساھرو، يا ساھراڻي ڪيڙَجو ڪيربه مرد ھجي ان کان وڏو پردو ڪنديون آھن. سواءِ ننڍي ڏيرَ جي جنھن کان پردو ڪو نه ڪنديون آھن. جيڪڏهن سندس وَرُ ڏينھن جو ڪمري ۾ موجود ھجي ته سندس زال ان ڪمري ۾ ڏينھن جو ڪڏھن ڪو نه ويندي. رات جوسڀ لوڪ سمھي تڏھن به لِڪَ ۾ ويندي. صبوح ساجھرستي لوڪ اھاچلھ تي ڪم ڪارڪندي ڏسڻ ۾ ايندي، ۽ حجاب وچان ايئن محسوس ڪرائيندي ڄڻ سڄي رات چلھ تي ڪٽي ھجي. سوڍيون ساجھر ستي لوڪ گھر جو ڪم ڪار ڪري ڇڏينديون آھن. جيڪڏهن ڳوٺ جو ڪو وڏو مرد گھر ۾ ايندو ته ان کي ڏيٺاري ڪونه ڏينديون،

سڏجوجواب جيڪاري ۾ڏينديون آھن مڙس جونالو نه کڻنديون آھن،مڙس کي پنھنجي پُٽَ يا ڌيءَ جي نالي جي نسبت سان سڏينديون آھن. سَھُري کي ٻاپ جي ۽ سَسُ کي بھو جي جي نالي سان سڏينديون آھن وڏي جيٺاڻي (ڀاڄائي) کي ڀاڀي ڪري سڏينديون آھن. ننڍي جيٺاڻي کي لاڏي ۽ مڙس جي ڀيڻ کي ٻائيءَ جي لقب سان سڏينديون آھن. گھر ۾ سَسُ سَھُري کانپوءِ وڏي جيٺُ ۽ جيٺاڻيءَ جو پڻ وڏو ادب ڪنديون آھن. ننڍي جيٺاڻي ۽ مڙس جي ڀيڻ ۽ مڙس جي ننڍي ڀاءُ سان کِلَ ڀوڳ يا ڪچھريون ڪنديون آھن. فارغ وقت ۾ چوپڙ راند ڪنديون آھن، ان راند جو ذڪر مومل راڻي جي داستان ۾ پڻ اچي ٿو. اھا راند سوڍا پنھنجي نياڻين کي ڏاج ۾ پڻ ڏيندا آھن.

سوڍن جي ڳوٺ مان جيڪڏهن ڪو گذر ٿيندو ته ڪوبه عورتاڻوآوازٻڌڻ ۾ ڪونه ايندو. سوڍيون ڳالھاڻن ۾جھيڻيون ۽ تمام نرم ھونديون آھن. ھو پاڻ ۾ ڳالھائينديون ته به ڦسڪي ياڀڻڪي ۾.
اڄ به سوڍن جي ڳوٺ مان ڪنهن مهل گذر ٿيندو ته توهان کي ڪابه سوڍي ٻاهر گهمندي نظر نه ايندي

گھر جي ڪم جون سگھڙ ھونديون آھن، گھرن جي صفائي اصل دنگ، جيڪڏھن ڪچا گھر ھجن ته انهن تي رنگين چِٽَ سالي اصل غذب، گهر هميشه ليپو ٿيل نئون لڳندو.کاڌو کائڻ ٺاھڻ ۾ به ڀَڙُھونديون آھن،ننڍڙاسنھڙاڦلڪا،ٻوڙَجي ترڪاري اصل ٻوڙي وجھي. ھونءَ به ھو راجستان جون ته آھن سو راجستاني کاڌي جو سواد سوڍين جي ھٿ جي کاڌي ۾ ضرور ايندو.

سوڍيون پنھنجي نياڻين جي تربيت ۾ ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏينديون اهن، ته جيئن ساهرن ۾ وڃي پنهنجي مائتن جو ڳاٽُ اونچو ڪري، سوڍينِ جي لباس ۾ چولي گهاگهرو ۽ زيور هنن جو شان آهي.

ڪنگَڻَ ڪَڙولا، ڪيوِٽِيون، ھٿَنِ ۾ ھِيرا،
مَکِينِ ٿِيُون، مُشُڪُ، عطرُ ۽ انبيرا،
خانن اچي کوڙيا، ڪنڌيءَ پاسِ ڪيرا،
سوڍِيوُن سوئيرا، آڏا پائي آئيون.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سوڍن جي ڳوٺ راڻاهوءِ جي نياڻي هندستان جي ڳوٺ ۾ ڏنل هئي، ان وقت هندستان پاڪستان هڪ هو. سوڍن جي ڳوٺ راڻاهوءَ جي ڀرسان هڪ هڱورجن جي ڳوٺ مان ڪجه اُٺين جو وڳ ان ڇوڪريءَ جي ساهرن جي ڳوٺ جو هڪ ماڻهو چوري ڪاهي ويو هو. تنهن تان وڳَ جو مالڪ پير کڻي ان ڳوٺ ۾ پهتو. ان ڇوڪريءَ کي خبر پئي ته منهنجي مائٽاڻي ملڪ مان اٺين جو وڳُ چوري ٿي اسان جي ڳوٺ ۾ آيو آهي. ان ڇوڪريءَ سڄي ڳوٺ کي گهرائي چيو جيڪڏهن توهان کي منهنجي مائٽن جي چوري ڪرڻي هئي ته پوءِ مون کي ڇو وٺي آيا. تنهن تي ڇوڪريءَ جي ساهُرن چيو ته اهو وَڳُ تنهنجي مائٽن جو نه پر ڀرواري ڳوٺ جي هڱورجن جو آهي. تنهن تائن ڇوڪريءَ وراڻيو ته اسان جي وڏن جو چيل آهي ته پاڙي وارن جو به احترام گهر وارن جيترو ڪبو آهي. جيڪڏهن اهو اٺين جو وڳُ واپس مالڪن کي منٿ ميڙ سان نه رسايو ته مون کي مُئل ڏسندئو، پوءِ اهو وڳُ منٿَ ميڙِ سان واپس مالڪن تائين پهتو.

سوڍن جي ڳاله ڪجي ته مَڏَ ۾ جوڌا جوان، قد ۾ ڊگها هٿَ ۾ هٺيلا ۽ صورت ۾ سهڻا ڏسڻ ۾ ايندا مٿي ٿي ڦينٽو (رنگين پٽڪو) ٻڌل هوندو، لباس ۾ ڇوٽي قميص ۽ لانگو تو ٻڌل هوندو، پيرن ۾ ڪڙهائيءَ وارو موجو ۽ هٿ مُچَ تي هوندو، وڏيون مڇوڻ رکڻ سوڍن شان آهن، هلَڻَ واري ٽورَ فخريا انداز واري ۽ ويهندا به وڏي شان شوڪت سان.

عام ڳالهه مشهور آهي ته سوڍو پيٽَ بکيو به ڪڏهن محسوس نه ڪرائيندو ته هو بکيو آهي. هنن جي زندگيءَ ۾ رک رکاءُ تمام گهڻو آهي.

اوتاري جا خان ۽ سخاوت هنن جو شان آهي. ملڻ مهل سلام ۾ مجرو ڪري ملندا آهن، جيڪڏهن ڪو هنن کي مجرو ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو سلام ڪري ته ان کي عيب سمجهندا آهن.

هنن جي ڪچهريءَ کي رهاڻ چوندا آهن. رهاڻ ۾ مختلف قسمن جيون مٺايون ڳُڙُ مصري ۽ ٻيون مختلف شيون هونديون آهن اِنَ رهاڻ ۾ عَمَلُ ۽ دارون ( شراب) لازمي هوندو اهي. عَمَلُ پاڻيءَ جو دئورُ هميشه وڏي کان شروع ٿيندو آهي. رهاڻ جي شروعات هنن جو مڱڻهار وياڳُ يا ڏوئو ڏئي ڪندو آهي جنهن ۾ سوڍن جو شجرو ۽ بهادريءَ جا قصا شامل هوندا آهن.

رهاڻ هلندي ڪو مهمان اچي وڃي ته اهو هٿ نه ڏيندو آهي ٻئي هٿ ٻڌي مجرو چئي رهاڻِ ۾ شامل ٿي ويندو آهي.

عمل پاڻي ڪرڻ جو سلسلو به عجيب هوندو آهيو. عَمَلَ کي ننڍڙيءَ وٽيءَ ۾ ڳاري ۾ ان ڪپهَ جو ٻُڙو پسائي ساڄي هٿ جي تِريءَ تي نائي هڪ مخصوص انداز سان مهمان کي پياريو ويندو آهي اهو عمل سڄي رهاڻ ۾ هلندو آهي. ڏارونءَ جي شروعات به وڏي شان سان ڪئي ويندي آهي سڀ پيگ (گلاس) ڀري وڏي جو انتظار ڪندا آهن ته هو ڪڏهن گلاس کڻي اجازت ٿو ڏئي ان وچ ۾ ڳائڻ جي محفل هلندي رهندي آهي.

ننڍا سوڍا رهاڻ هلندي وڏي سوڍي جي احترام ۾ ڪڏهن به سامهون نه ويهندا آهن. هميشه جهيڻي آواز ۾ ڳالهائيندا آهن. سڏ جي ورندي جيڪاري( جيسا چئي) ڏيندا آهن.

رهاڻ جي آخر ۾ مانيءَ جو دور هلندو آهي. رهاڻ واريءَ مانيءَ ۾ مصريءَ جي ماني مختلف قسمن جيون مٺايون، ترڪاريون ۾ گوشت ضرور هوندو آهي. ماني کائڻ کان پهريان هٿ ڌورائڻ جو دور به وڏي کان شروع ڪيو ويندو آهي

اڄڪلهه سوڍا هندستان ڏانهن لڏي پيا وڃن ڇو جو هنن جون رشتيداريون هندستان ۾ جن علائقن ۾ آهن انهن علائقن ۾ پاڪستاني ماڻهوءَ کي وڃڻ جي اجازت تمام گهٽ ملي ٿي.



ھُئس وڏيرو وَڳَ جو


ھُئَس وڏيرو وڳ جو، مڙني ۾ مھندار،
چِنمُ ٿي چاڳ مان، موڙيو مڃر ٽار،
لکئي جي لغار، آڻي ٻڌم اکيا.

ھن بيت جي تلاش ۾ مون وڃي ھڪ گھاڻي ۾ ھلندڙ اُٺَ کي ڳولي لڌو، ڏسان ت اُٺَ جي اکين تي اکيا (کھوپا) ٻڌل ھئا، تمام ڪمزور ھو پوئين ٽنگَ تي ھڪ وڏو ڦٽ (زخم) ھو ۽ گھاڻي ۾ پئي گول گھميو. اتي مون کي شاھ سائين جو ھيءُ بيت ياد آيو.

ڪنين ڪامڻَ ڪَياءٍ؟ ڪيئن ڀنڀولئين ڪَرھا،
اکين مٿي اکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گٺاءِ!
وَڳَ ڪين وسرياءٍ؟ ٻڌو جئن گھاڻي وھين.

مالڪ گھاڻي جي مھريءَ ھيٺيان سرنھن جو ٻجُ تيل ڪڍڻ لاءِ وجھندو پيو وڃي ۽ منھنُ ٽيڙو ڪري وات مان اُٺَ کي ھڪلڻ لاءِ ڪِٽِڪارَ پيو ڪري ۽ اٺ پيو ھلي.

ھُنگرَ ھلايو، ڏئي موڙ مُھار جي،
وسان ٿي ويو، ڪَرَھو نه ڪامون سھي.

مون مالڪ کان سوال ڪيو اٺ کي ڀلا ساھي ڏئين؟ ، چيائين ساھيون ھيون وَڳَ سان، ھتي ساھي ڏنم ته آئون ۽ اُٺُ ٻئي بُکَ مرندا سين. پڇيم ته ڪرھو ڪٿان ورتو اٿئي؟ چيائين اڄُ کان ٽي سال اَڳُ ھن کي اڇڙي ٿَرَ مان لک رپئي ۾ وٺي آيو ھوس.

لَکَ لاکيڻو ڪَرَھو، ڪوڙيون ڏيئي ڪاھٍ،
ايلاچيُون آھُرَ ۾، پوُڄَ مَيي کي پاءٍ،
ڪَٿَ نه ڪندو ڪاءٍ، پلاڻيو ته پرينءَ مڙي.

پُڇيمُ ان وقت ھن جي حالت ڪھڙي ھئي، چيائين اصل ڦوھُ جوان ھو، مَسٍتي ايڏي جو مھارَ به نه وٺي اصل اُٺُ چوي تون ڪير؟ چيُمُ پوءِ؟ چيائين پوءِ وري ڇا، اچي بُکن جون مارون ڏنمُ، جنهن سان اثر اھو پيو جو ھڪڙيءَ ھونگر تي سڄو ڏينھن پيو ھلي.

اَڄ نه اڳئين ڍارَ، ڪَرَھو جيئن ڪالھ ھو،
اڱڻِ آيو نَ ڪري، پاھوڙي پچارَ
ڪا جا منجهه قطار، وَلِ چنائين وِھَ جي.

منھنجي ٻئي منزل ان ھمراھَ ڏانھن ھئي، جنھن کا ھِنَ اِھو اُٺُ ورتو ھو، وڃي ڳولهي لڌم. جيئن ئي مون فقير سان اُٺَ جو ذڪر ڪيو ته فقير جيون اکيون ڀرجي آيون، چيائين سائين ڇو ٿا سورَ جاڳايو. اُھو اُٺُ ڪو نه منھنجو ٻچڙو ھو، ھُنَ جي ننڍي ھوندي ماءُ مري وئي ھئي، آئون وَڳَ مان ھُنَ کي گھر وٺي آيو ھوس پوءِ پورا ٻَه سال ھُنَ کي مون ٻڪريءَ جو کير پنھنجين آڱرين سان چوسائي وڏو ڪيو ھو. جيڏانھن به ويندو ھوس، پيو منھنجي پٺيان هلندو ھو، ۽ جي آئون نه ھوندو ھوس ته پيو رڙندو ۽ جھيرون ڳائندو ھو.

گورو گٍلائون ڪري، اُڀو اوٺين جون،
سائو پاسو سندن، ڏائو بِه ڏُڌائون،
ڏئي ڪَھُ ڪامُنُ جو، ڇوڪي ڇڏيائون،
اھڙو ئي آئون، جو وريو وھان وَڳَ سين.

پڇيم پوء؟ چيائين پوءِ وري ڇا، گوري مان اچي ڪنواٽُ ٿيو. ھلڪا ڦلڪا پلاڻَ رکيم ۽ سواري شروع ڪيمُ، ڏاڍا ڌڪَ ڏنائين پر آئون ڪو مُڙان، ٻنھي جي جواني ھئي ٻنھي کي ڪا پرواھ ئي ڪون ھئي، کلندي ڪُڏندي خبر ئي ڪون پئي جو گورو اچي ڇَھنِ سالن جو ڏاگو ٿيو. ھاڻٍ سياري جي سيئن ۾ ڪجهه مستي ڪرڻ شروع ڪيائين. خير قصو ھلندو رهيو، اچي اٺن سالن جو ڦوھُ جوان نيشُ اُٺُ ٿيو، پڇيم نيشُ؟ چيائين اَٺَنِ سالن ۾ اُٺُ چار نيش ڏندَ ڪڍندو آھي، جنھن کي مڪمل اُٺُ يا ڏاگو چئبو آھي. ميڙن (ميلن) ۾ وٺي ويندو ھوس وڏي ڪوڏ سان نچندو ھو ۽ تيزي به وڏي ھئس. ڪوڏ مان نالو رکيم مجنو، ھاڻ مجني جو ملڪان ملڪ نالو وڃڻ لڳو. ھڪ رات ٻڌل ڇٍنائي ويو.

نَوَ نِيرَ پائي، جان مون ھنئڙو جھليو،
وٍيڙو ڇِنائي، پوئينءَ رات پرينِ ڏي.

چيائين پير کنيمُ وڃي ڏسان ت اُٺُ ھڪ ماديءَ اُٺٍ سان گڏُ بيٺو آھي ۽ تارون ڪڍي مستيءَ ۾ پيو گُڙي. اُھي ٻئي مون کان پري هئا، جيئن ئي اُٺَ جي مون تي نظر پئي ته اُٺِ ڇڏي مون ڏانھن وڌڻ لڳو اچي ويجھا ٿياسين، مون کي اچي ڊَپُ ٿيو، انھن ڏيھَنِ ۾ علاقي ۾ هڪ مستَ اُٺَ ماڻھو ماريو ھو. سو سوچيمُ ت واپس وڃان ڪنھن کي گڏ وٺي اچان، وري سوچيمُ ته سڀاڻي ڪنھن کي وٺي ايندس، اھو سوچي اڳتي وڌيُس، اچي ويجھا ٿيا سين، اُٺَ ڪَرُ کڻي مون ڏي پئي آيو. اچي آمون سامھون ٿيا سين، اُٺُ منھنجو منھنُ سونگھڻ لڳو، منھنجي ڄڻ رڳن ۾ ساھُ ئي ڪون ھو، ڪجهه دير ۾ اُٺ ماٺ ڪري مون گڏ بيٺو رھيو، مون به ڏڪندڙ ھٿن سان مُھارَ ناڪيليءَ ۾ فاسائي، پوئين پير گھر ڏانھن وڌڻ لڳس، ڊپ مان پُٺي نه پيو ڏيان، ٿورو اڳتي ھلي، پٺي ڏنم اچي گھر رسياسين اٺ کي ڪلي ۾ اٽڪائي اچي آھُرَ ڏنم پر اٺ ڪو کائي. اصل کاڌي کي ويجھو ئي ن وڃي.

چانگا! چَندَنُ نَه چرين، مَيا! پِئين نَه موڪ،
اگر اوڏو نه وڃين، ٿُڪيو ڇَڏئين ٿوڪَ،
لاڻي وچان لوڪَ، تو ڪھڙي اکرِ آئڙي؟

ھاڻ اچي مون کي ڊپ ٿيو ته ڪٿي اٺ مونکي يا منھنجن ٻارن کي ماري نه وجھي، سو اچي اُڻِ تُڻِ ۾ پيُسُ، سنگت يار به جھليو تَه اٺ جي ويجھو نَه وڃجاءِ، سو پِھُ ڪيم وڪڻَڻَ جو. پڇيُمُ گاھُ نَه پئي کاڌائين پو جيئرو ڪيئن پئي رهيو؟ چيائين اُٺُ مستيءَ ۾ پيو پنھنجو رَتُ کائيندو آھي.

اٺ نه وڃي وڳَ سين، چري نَه لاڻو،
ميي کي مجاز جو ٿوھي اندر ٿاڻو،
ڀٽاري ڀاڻو مرندي سين نَه مٽيو.

پڇمُ ڀلا ڀٽاري کي گھاڻي تي ڇو ڏنئي، رَڙِ ڪري چيائين آئون اونڌقلبو ڀُلجي پيُس، ڪاتيءَ جي ڊپَ کان سوچيم ته گھاڻي ۾ ھلندو ته مستي به ختم ٿيندي ۽ جيئرو هوندو.

اٿي اڙائينس، ڇڏيو تَه ڇيڪُ ٿيو،
کارايان کڙيو وڃي، پلاڻي پائينسِ،
ڏاوڻ تنھن ڏائيِنس، جئن چَري ۽ چنگھي ڀُڻو.

پڇيُم ڀلا وري ڪڏهن ڏٺئي؟ چيائين ھائو ھڪڙي ڏينهن ڀٽاري جي اچي ياد ستايو، سو وڃي ڏٺم، ڏسڻ سان ئي منھنجا ته ڦھَ نڪري ويا. اوڇينگار ڏئي چيم تَه مون ھي ڇا ڪيو. ان کان ته ڪاتي ئي صحيح ھئي، اھو ھيڪر سورُ ھو هتي تَه ڀٽارو روز جيئي ٿو تَه روز مري ٿو.

وَڏپَڻُ ۽ واءُ، ڪرھي کاڏو کوڙيو،
کوءِ ٻَن پلاڻئاءُ، اولاڻٍئو نه اُٿيي.

پڇيم ڪنھنجو بيت آھي، چيائين ٻولي ته شاھ سائين جي آھي، باقي اوهين پڙھيا لکيا آھيو، جنھنجو ڪريو.



ھنجنِ سِينِ ھيڪار، جي ٻاجهه ڪري نھارينِ


ھنجن سين ھيڪار جي ٻاجهه ڪري نھارينِ،
ته ٻگهن سينِ ٻيهارَ، ٻيلهه نه ٻڌينِ ڪڏهن،

فقير چوي ٿو ھنجھَ پکين جي اڏام کي ڪير به رَسين ٿو سگھي، ھوآسمان ۾اُڏامنِ ٿا ۽ پاتالَ ۾ موتي چُڻنِ ٿا. ھنن جي منزل دُور ۽ پنڌُ اڙانگو ھوندو آھي. اُھي آڌي ڏئي اڏامندا آھن ۽ اونھي ۾ آسَڻُ ڪنداآھن. انھن جي رمزکي هر عام نه ٿوسمجھي سگھي.

جيھَرَ لوڪُ جَپَ ڪري اوھِيرَ اُڏامَنِ،
پِٿُون جي پاتارَ جا، چيتارئو چُڻَڻِ،
ڪوھُ ڪندا کي تَنِ، پاڙهيري پَھُ ڪري.

ٻَگَهه پکين جي ھيٺيائين ۽ ننڍي اڏام ھوندي آھي، ۽ خراب ۽ چِلڙَ پاڻيءَ ۾ رھندا آھن انهن جو کاڌو پونئرا ۽ ننڍيون مڇيون ھوندو آھي.

ٻَگا ڪوھُ ٻُجَھنِ، ته سِپُنِ ۾ ڇاسَپِجي،
ڦِرِيوڦَھيارنِ کي،وَرِيو واتُ وِجھَنِ،
سندي زاتِ ھنجھَنِ،منھنُ لايوموتي چُڻي.

ڪنگُ پکي به ٻگَهه پکيءَوانگرخراب پاڻيء َ۾ رھي ٿو ۽ ڇلُڙَ ۾ چُوڻِ ڪريٿو.

لُڙُ جو ھيٺِ لَئِي، وِٺِنِ ھَڻي وڃائيو،
پيتو تَنِي پيئِيُون، جائُون منجھِ جَئِي،
ڊوڙُون منجهه ڊَھِي ڪنگَ ڪُڄاڙِئا پائِيين.

ڪانيرو (ڪانئرو) پکي سٺي پاڻيءَ ۾ چُوڻِ به ڪندا آهن ۽ ان پاڻيءَ کي گدلو به ڪندا آهن هي پکي ٺولن ۾ هوندا آهن ۽ سڄو ڏينهن لُڙُ ڪندا رهندا آهن. هنن جو ڪم صاف پاڻيءَ کي خراب ڪرڻ آهي.

ڪُوڙنِ ڪانيرَنِ، سُرَھو سَرُ وڃائِيو،
آڌيءَ راتِ اُٿِي ڪري دَدا دانھُون ڪَنِ،
سندي ذاتِ ھنجنِ، منھنُ کوڙيو موتي چُڻي.

فقير چوي ٿو هنجهه پکي ڏسڻ ڏاڍو خوبصورت ۽ قَدَ بُتَ ۾ وڏو سنھي ڊگھي ڳچي ۽ رنگ جو سفيد ٿيندو آھي ھيءُ پکي اڇي اونھي پاڻيءَ ۾ رھندو آھي.

اڇو پيو اَڇاھُ، ته اَئين اَڇائي اُبَھو،
وِھَڻُ وَڙُ نه آهنِ جو لُڙَ پاڻي لَلاههُ
سُسَر ڏجي ساههُ ڪُسَر ڪَنگنِ قبرون.

ٻگهه پکي رنگَ جو اڇو سَنھو ڊگھو ۽ ڳِچي سنھي ڊگھي ڏسڻَ ۾ به خوبصورت هوندو آهي پر خراب پاڻيءَ ۾ چُوڻِ ڪندوآهي ڊُونڊَ ۽ گندُبه آهي.

ٻَگَهنِ سِينِ ٻيلھَ ٻَڌي، ھنجھڙا مَ ھيريجُ،
چِلِڙَ سيِن چاھَ ڪري، پَکَ مَ پُسائيجُ،
سو سَرُ ساڳائيجُ، جِتِ پارک سندي پَکَيِين.

ڪنگُ رنگَ جو ڀُورڙو قدَ جو ننڍو ھوندو آھي. ميري پاڻيءَ ۾ پونئرا پيو کائيندو آھي. جنهن پاڻيءَ ۽ ڪنگَ پکي رھندو آھي، ان پاڻيءَ تي ھنجھَ پکي ڪڏهن ڪو نه ايندا آھن.

اَڇو پاڻي لُڙُ ٿيو، ڪالُورِيو ڪنگَنِ،
ايندي لَڄَ مَرَن، ِ تنھن سَرَ مٿي ھنجھڙا.

ڪانئرو پکي رنگَ جو ڪارو اڇي پاڻيءَ ۾ اچي لُڙُ ڪري خراب ڪري وري وڃي ٻي ڪنهن اڇي پاڻيءَ کي ميرو ڪندو آھي.

ڪنگَ ڪانيرا، ڪانئرا، ٻَگا چِڪَ چُڻَنِ،
سي لَعلُون ڪيئن لَھَنِ، جي گھورا گھوگھيتَنِ جا.

ڀٽَ ڌڻيءَ ھنجھَ پکيءَ جو مثال ان ماڻهو لاءِ ڏنو آھي، جيڪو ھن دورنگيءَ دنيا ۾ پنھنجو پانڌُ پاڪ رکندو آھي، ۽ ھو سچائي، پاڪائي ۽ ارادي تي اٽلُ بيھڻ تي ئي يقين رکي ٿو. ھو ڪڏھن به غلط ڪم نه ڪندوآھي بُک مرندي به گندُن کائيندو آهي. جيئن ھنجھُ پکي سچا ماڻِڪَ ۽ موتي کائيندو آھي، ايئن ئي اھو انسان سچَ حق جي راھَ تي اٽل بيٺل ھوندو آھي.

ٻگاڪوههُ ٻُجهَنِ، ته سِپُن ۾ ڇا سَپَجي،
ڦريو ڦهيارَنِ کي، وَرئو واتُ وجهَن،
سَندِي ذاتِ هَنجهنِ، منهن لايو موتي چُڻي.

ٻَگَ پکيءً جو مثال ان انسان لاءِ ڏئي ٿو ٿو جيڪو رنگ ۾ ته ھنج وانگر سچ ۾ حق تي نه هوندو آهي هو پاڻَ کي هنجه وانگر صاف سٿرو سڏائيندو آهي، پر ان جي من ۾ هميشه ڪوڙُ م ٺَڳي هوندي آهي.

ھَنجھنِ سِينِ ھيڪارَ، جي گُڻُ ڪري نِھاريينِ،
ته ٻَگَنِ سين ِٻيھارَٻيلھَ نه ٻَڌين ڪڏھن.

ڪنگُ پکيءَ جي مثال ان انسان جي ڏني آھي جيڪو نه ته ھنجھنِ وانگرصاف سٿرو ھوندوآھي ۽ نه وري ڪو ھنجھن وانگرڪم هوندوآھي. پرمَنَ ۾ پنهنجي پاڻَ کي تمام وڏو سمجهندوآھي

ھَنجھَ ھَرِيوئي پيرُ، سَرَ سُڪي سالَ ٿيا،
ڪنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمِزَ کي.

ڪانئيري پکي جي مثال ان انسان لاءِ ڏني آھي جيڪو نه ھنجھَ جھڙو آھي ۽ نه ئي وري ھنجھَ جھڙو سڏائي ٿو. ان ماڻهوءَ جو ڪم سدائين سٺي ڪم ۾ دخل اندازي ڪري اُنڪم کي خراب ڪرڻ ھوندوآھي. اِھواُھوانسان آھي جيڪو ڪنھن به ڪم جونه آھي پرٻائتال اھڙو ڪندوآھي ڄڻ ھيءُ ئي ته آھي جنھن سان جھانُ هلي ٿو.

اونھُون جو اوڙاھ، ھيءُ ھنجھُ تنهن ۾ ھوءِ،
اِيءَ ڪانئيرو ڪوءِ ڇَاڇرَ ۾ ڇيريون ڪري.

فقير چوي ٿو ھنجھَ ڪڏھن به متارا ڪون ھونداآھن ھو ھميشھ گَھٽِ کاڌوکائينداآھن. آڌيءَ جو اڏرنداآھنِ انسان ذات کان ھميشھ پري رھنداآھن.

پکي سَڀِ مَچَنِ، ھنجھَ ھميشھ ڏُٻِرا،
آھِنِ اَڳاھيِن پنڌَ جو وَھَمُ ويچارنِ،
لوڪُ سُتو ننڊَ ڪري، ھي آڌي ڏيو اُڏِرَنِ،
مامري ماريءَ جي، ھي رُڃنِ ۾ وڃيو رھِنِ،
الله تن ِپکِين ِسُمَھي سُکُ نه ماڻِيو.

فقير چوي ٿو ڀِٽَ ڌڻي اھا ڳالھ انهن انسانن جي ڪري ٿو جيڪي ھن دنيا جي ظلمت ۽ غفلط کان ڊڄَنِ ٿا ۽ اِنَ غم ۾ نڪو ٿا کائين نڪو ٿا پيئن. ساري عمر اھو اُلڪو ھوندو اَٿن ڪٿي ھننِ هٿان ڪو غلط ڪم نہٿئي. ان ڪري لوڪَ کان لڪي الله اڳيان آھو زاري پيا ڪنداآھن.

آڇو پئو اَڇاھُ، ته ائين اَڇائِي اُبَهو،،
وِھَڻُ وَڙُ نه آهن جو، لُڙَ پائي لَلا ههُ
سُسَرِ ڏِني ساههُ ڪُسرُ ڪنگنِ قبرون.

اتي شاھ سائين چوي ٿو جڏهن خراب ماڻهو اچي سٺن ماڻهن جي جاءِ تي ويھي رھندا آھن تڏھن سٺا ماڻهو ھليا ويندا آھن يا پاسيرا ٿي ويندا آھن.

فقير چوي ٿو هنج پکي ڪڏھن به ميري پاڻيءَ ۾ ڪونَ رھندو آھي، ۽ نه ئي ھوپاڻ ميرو ھوندو آھي. ھنجھُ جتي به رھندوآھي ان پاڻيءَ کي جرڪائي ڇڏيندو آھي.

ھنجھَ مِڙوئي ھنجھَ، ميرو منجھنِ ناھِ ڪو،
جتي رھن سنجھَ، سو سَرُ ڪرين سَرَھو.

چوي ٿو ھنجن جھڙا انسان ڪڏهن ڪڙو ٻولُ نه ٻوليندا آهن هميشه مٺي ٻولي ۽ مٺي لولي واتَ ۾ هوندي اٿنِ، اِهي انسان هميشه دنيا کي نيون راهون نيون واهون، نوان پنڌ پيچرا ڏيکاريندا آهن. اهي انسان جڏهن ڳالهائيندا آهن تڏهن ٻگنِ جهڙن ماڻهن جو واتُ بند ڪري ڇڏيندا آهن.

لَلي لَئي لاتِ، سَرَ ۾ ڪِيو سوجھرو،
ٻَگا ٻاتاڙا ٿيا، وائي ڪَنِ نه واتِ،
جُنگنِ پنھنجي ذات، نيئِي رَساڻِي روھَ کي.

فقيرَ کان پڇيم ڀلا ڪي تو ھنجھَ پکي ڏٺئي؟ اتي اکڙينِ ۾ آبُ آڻي چيائين مون ھنجھَ پکي ته ڏٺاپرھنجھنِ جھڙا انسان ضرور ڏٺا.

ڪارايَلَ جي ڪوڏَ، مون ڪينجھر سَڀِ نھاريو،
وري وانھيري نه ورئا، لَلَا لاکيِڻِيءَ لوڏَ،
ھينڙي جنِي ھوڏَ، سي ھنجَڙا سَڀِ ھلي وئا.

فقيرُ چوي پيو ته اڃان به هنجهن جهڙا انسان هن خلقِت ۾ آهن پر اُهي انسان اسان جهڙن انڌن کي ڏسڻَ ۾ ڪونه ٿا اچن. هيٺيون بيت ڏئي چوي ٿو انهن انسانن جي نشاني هئڙي آهي.

ماڻِڪ چُوڻو جَنِ جو، هنج حُضوري سي،
چِلُڙَ ۾ چُھِنجَ ھڻي، مڇي کِينِ نه اي،
لوڪَ نه لَکِئاتي،جيلاھَ ڀُوڻَنِ ٻَگنِ گڏيا.

مون پچيو اھي ٻگهنِ سان ڇو پيا گُھمن؟ اتي چيائين ھنجھَ ٻگنِ نه پر ٻَگَهه هنَن سان ٻيا گهمنِ. چوي ٿو هنجَهنِ جا ساٿي جڏهن هليا ويندا آهن تڏهن ان کي اڪيلو سمجهي اچي ٻگَنِ جهڙا ماڻهو گهيري وٺندا آهنِ. نه ته هو اڪيلو ئي گذاريندا.

سَرَ ۾ پَکي ھيڪڙو، چَڻي چُونگاري،
جيڪا رضا رَبَ جي، سا پَکيئڙو پاري،
وٽان ويچاري، وَڳَرَ سَڀِ وَھي وِئا.

فقير کان پڇيمُ اهي ٻگهنِ جهڙا انسان هنجهنِ جهڙن انسانن سان گڏُ رهندي به اهي هنجهن جهڙو ڪم ڇو نه ڪندا آهن؟ چيائين اڙي ڀورا انسان جيڪي اندار جا ڪارا م ٻاهرِ جا اڇا هوندا آهن آهي سڀني کان خطرناڪ ٿيندا آهن. انهن کي اندر ويٺل ڪارو انسان ڪڏهن به سٺو ڪم ڪرڻَ نه ڏيندو آهي.

لالُون لتاڙي، ٻَگا ٻيءَ وِئا،
چُڻَنِ چِلُڙُ ڪنڌيينِ پکي پُوتِ پيا،
اُمُلُ اُتِ ڪئا، تانگھو جَنِ طَلِبئو.

پُڇيمُ ڀلا ڪنگهنِ جي ڏيو خبر اھي ڇا ڪندا آھن؟ چيائين ڪنگهه پکيءَ جو مثال انهن ماڻهن جو آھي جيڪي نه ته ھنجن ِيا ٻگنِ جھڙا اڇا ڏسڻ ۾ اينداآھن ۽ ئي وري ھنجھَ وارو ڪم ڪندا آھن اھي ماڻهو ايڏا ته سست ۽ ڪاھلَ ھونداآھن جو ھڪڙيءَ جاءِ تي ساري عمرگذاري مري وينداآھن. ۽ اھي جتي به رهنداآھن ان جاءِکي گندوڪري ڇڏينداآھن.

اڇو پيو اَڇاھُ، ته اَئين اَڇائي اُبھو،
وِھڻُ وَڙُنه آھِنجو، لُڙُپاڻيلَلاھُ،
سُسَر ڏجي ساھُ ڪُسَرِ ڪنگنِ قبرون.

پڇيم ڪانئرن جي ڏيو خبر آھي اھو ڪھڙن ماڻهن لاءِ چوي ٿو؟ اتي ٽَھَڪَ ڏئي چيائين ھاڻِ ھِنَ دنيا ۾ ڪانئرن جو ته راڄُ آھي. اھي جھڙا اندران ڪاراتھڙائي ٻاھرا ۽ ھُلُ ايڏو پياڪن ڄڻ ھنجھَ به اھي ته مورَبه اُھي. ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته اُھي ڪوڙ ُپياڳالھائين پوءِ به اسان انهن کي ساٿُ ڏيون ٿا انجو مطلب اسان به ڪانئراآھيون.

ويا مورَ مري، ھنجھُ نه رھيوھيڪڙو،
انهن آکيرن تي ويٺا چِٻ چڙهي،
وطنُ ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئرن جو.

فقير کان پُڇيُمُ جيڪڏهن ھنجھنِ جھڙا انسان موجود آھن ته پوءِ اھي ظلم خلاف ڪُڇَنِ ڇونٿا. چيائين ڪنھن جي اڳيان ڪڇنِ ھيءُ ملڪ سڄو ٻگنِ، ڪنگنِ ۽ ڪانئرن جھڙن ماڻهن گھيري ڇڏيوآھي. ان ڪري ويچارا لِڪا ڀُڻَنِ ملڪَ ۾.

ڪُسَرِ ڪنگنِ قبرون، سُسَرِ ساڱاھيجُ،
ھنجھَ ھُتي جي ڳالَھڙي، ٻَگَنِ مَ ٻوليجُ،
ماڻي تُون مَريجُ، چَئِجُ مَ ڪَھِين چُھنجَ سِين.

چيائين ھيءَ ڀليل دنيا سٺن انسانن جو قدر نٿي ڪري تڏهن ھن دنيا ۾ ڪروڌِ ۽ ڪينو آھي. اسين سڀ ڀليلَ آھيون جو انهن کي سڃاڻو نٿا. انهن وٽِ ظلم ۽ ڏاڍ کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عمليون آھن، پر اسان عقل جا انڌا وتون ٿا ٻِگَهنِ ۽ ڪنگَنِ جھڙن انسانن پٺيان ڀٽِڪندا.

هيءُ نه هنن ڏيههُ، هِتِ مسافر هنجڙا،
ڀري موتين ڳچيون، پسڻ آئيا پر ڏيههُ،
وڃي ساڻِن ويههُ، متان وڃن اڏامي اوچتا.

چوي پيو ھن دنيا ۾ ايڏو ته گند ۽ خلفشارُآھي جوسٺن ماڻهن جيڪا هلي ئي نٿي. ان ڪري ماٺ ٿي ويھي رھيا آھن.

جنھن پاڻيءَ ۾ پٌونئرا، چِلُڙُ چِڪَ گھڻي،
ويا چِتُ کَڻي، تنھن سَرَ مٿان ھنجھڙا.

مون چيو ته اچي سٺا انسان ماٺِ ٿي ويهي رهيا ته اهي ٻگهن ۽ ڪنگن جهڙا ٿي ويندا؟چيائين تون چوين سچ ٿوھن وقت انهن هنجن جھڙن انسانن جي ھن دنيا کي وڏي ضرورت آھي. انهن کي اڳيان اچي ھن خرابي جو حصو ٿيڻَ جي بجاءِ خرابيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گھرجن.

پَکِيئڙا پوئِيان، لَڙِھِيُون موتِين سنديون،
آءُ اڏامي تون، توکي جھوليءَ ۾ جھوئيان،
ته سڀئي کنڀَ کٿوري ۾،تنھنجا لاکيڻا لوئيان،
ساري سموئيان، ھڪ ھڪ ڪري ھٿنِ سِين.

فقير چوي ٿو پري ڇو پيو وڃين اھو سٺو انسان تون به ٿي ٿوسگھين. پنهنجي اندرِ جهاتي ته ڏِسُ اُهو هنج اهو ٻگهه، اهو ڪنگُ ۽ اهو ڪوڙو ڪانئرو تنهنجي اندر آهي. هاڻِ اهو توتي آهي ته تون ڪهڙي پکيءَ جي روپ ۾ هن دنيا ۾ اچين ٿو.

سو پکي، سو پڃرو، سو سر، سوئي هنجهه،
پيھِي جان پروڙيو، مون پاھنجو منجهه،
ڏيلُ جنهن جو ڏنجهه، سو ماري ٿو منجھِ وڙھي.



وَڳَرَ ڪِئو وَتَنِ، پِرِتِ نه ڇِنن پاڻَ ۾


وَڳَرَ ڪِئو وَتَنِ، پِرِتِ نه ڇِنن پاڻَ ۾،
پَسو پَکِيئڙَنِ، ماڻھنِئان ميٺُ گھڻو،

فقير چئي ٿو ھڪ شڪاريءَ مون کي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن سڄو ڏينهنُ رليُسُ پر شڪار نه مليو، مايوس ٿي گهرَ ڏانهن موٽندي ڏسان ته هڪ ڪونجن جو ولر مون مٿان گذريو آئون لَڪُ وٺي لِڪي ويهي رهيس جڏهن ڪونجن جي روههَ مون مٿان گذريو ان مهلَ مون بندوق جو ڌڪ هيو، تنهن تي هڪ ڪونجَ ولرَ مان ڇِڄِ زخمي ٿي ڪِرِ پئي.

بَغَلَ منجِهه بندوقَ، ماريءَ ميرا ڪپڙا،
ماري ميرَ ملوڪَ، لتاڙيو لَڪُ چڙھي.

جتي ڪونجَ ڪِري اتي هڪ وڏو جهنگُ هو ۽ شام جو وقت هو مون ڪونجَ گهڻي ڳولي پر ڪونجَ نه ملي، راتِ ٿي وئي آئون به گهر ڏانهن روانو ٿيس. سڄي راتِ ان اُلڪي ۾ گذري ته ڪونج نه ملي، ڇوجو ڪونج جو اهو شڪار منهنجي زندگيءَ جو پهرين شڪار هو. ۽ مون کي ڪونج ڏسڻ جو وڏو شوق به هو. سو ٻئي ڏينهن وري صبح سوير وڃي زخمي ڪونجَ ڳوليم پر ڪونجَ نه ملي اِتي ڏسان ته ڪونجن جي روههَ رڙيون ڪندي پئي اچي.

ڪوھُ نه ڪُڻِڪِيين ڪُونجِڙِي، روھِ نه وِيِئِين راتِ،
اَڄُ تُنھن جي تاتِ، سَر َ۾ سارَڻَ آئِيُون.

ڏسان ته مونکان ٿورڙو پري ان زخمي ڪونج به رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون تنھن تي روھَ مان ھڪ ڪونجَ ڇِڄِي رڙيون ڪندي سڌي اچي زخمي ڪونج وٽ لٿي. آئون به ڊوڙي اچي انهن ڪونجن جي ويجهو ٿيس ڏسان ته ٻئي ڪونجون پاڻ ۾ پَرَنِ جو ڀاڪُرُ پائي دانھون ڪن پيون، اُھي ڪونجن جون دانھون اُڀُ ڏاريندڙ ھيون. دانھون ڪندي ڪندي زمين تي ھيٺ ڪِري پيون آئون ويجھو وڃي ڏسان ته ٻنھي ڪونجن ۾ ساھُ ڪو نه ھو.

مَ لَئون ڪونجڙي ماٺِ ڪَرُ، چورُ مَ ھيئين چاڪَ،
ڦٽيون جي فِراقَ، سي گَھرِ گھارينديون ڪيترو.

منھنجي پيرن ھيٺيان زمين ڇڏائي وئي ۽ آئون بيھوش ٿي پٽ تي ڪِرِي پيُسُ، گھڻيءَ دير کانپوءِ ھوش آيو توبھ زاري ڪندو گھرَ ڏانھن موٽيسُ، ان ڏيھن کان پوءِ مون شڪار کان بَسِ ڪئي.

ماري مَرِين شالَ، ڍَپَ وَڃِنَئِي ڍَٻِيُون،
جيئن تو اچي ڪالهه، وِڌو وِچُ وَرِھَنِ جو.

فقيرُ چوي ٿو ڪونجَ ڏسڻ ۾ خوبصورت ۽ ٻولي مٺي ھوندي اٿس ھن جو رنگ گھرو سرمئي ڳچي سنھي ڊگھي پير ڊگھا ۽ قد جي پوري پني هوندي آھي. ڪونجن جو قرب وڏو مشھور آھي اهي ھميشھ قطار ۾ اڏامنديون آھن اھا قطار گھڻو ڪري پھرين تاريخ جي چنڊ وانگر اَڌُ گول وانگر ھوندي آھي. ڪونجن جي خاصيت اها آھي اهي هميشه پَرُ پَرَ سان ملائي اڏامنديون آهن. ۽ ڪڏهن به هڪ ٻئي پٺيان قطار ڪري نه اڏامنديون آهن.

وَڳَرَ ڪِيو وَتَنِ، پِرِتِ نه ڇِنَن پاڻَ ۾،
پَسوپَکِيئڙَنِ، ماڻھنئان، ميٺُ گھڻو.

ڪونجن جي باري ۾ ھڪ ھيءَ ڳالھبه مشهور آهي ته اهي پنهنجي ديَس ۾ آنا لاهِي سفر ڪنديون آهن، انهن آنِنِ جي ڦٽڻَ جي اُلِڪي سڄي سفر ۾ پيون جهيرينديون ( رڙينديون) آهن ۽ اهو به مشهور آهي ته هنن ڪونجن جي اِنَ سِڪَ ۽ اُڪِير ۾ ئي آنا پَچِي ڦٽندا آهن. ٻچا نڪرڻ مهل اهي ڪونجون واپس آکيري تي ويهنديون آهن.

ڪُونجن کي ڪِيمَ چَئو، جي ٻاجھارو ٻولينِ،
ساريو سانڀِيڙَنِ کي، رَڙيُون ڪِئو رُئَنِ،
سائين سندا تَنِ، ٻَچا ميڙِيِين ٻاجھَ سِين.

فقير چوي ٿو ڪُونجون سَڄو ڏينھن سفر ڪنديون آھن نِما شامَ ڌاري اچي ڪنھن سڌي پَٽَ (سڌي زمين) تي لھنديون آھن لَھڻ کان پھريان ان پَٽَ جي چئوطرف گول ڦيرا ڏئي اچي لھنديون آھن.

قِسِمَتَ آنديون ڪُونجڙيون، وطن سندُنِ روھُ،
ڪنھن جو ڪونھي ڏوھُ، رِزِقُ رازِقَ ھَٿَ ۾.

ڪُونجون اُڏامندي به رڙيون ڪنديون آهن ته لهندي مهل به هنن جي رَڙ ۾ وڏو سوزَ هوندو آهي. ڪونجون هميشه گڏجي وَڳَرَ ۾ رڙنديون آهن. جيڪڏهن ڪا هڪ رَڙندي آهي ته ان سان ٻيون گڏجي ڪيِهُون ڪنديون آهن پوءِ گهڻيءَ دير تائين منهن مٿي ڪري پيون رڙنديون آهن.

روھَ راماڻا ڪَنِ، اَڄُ پُڻُ ھَلَڻَ واريون،
ڪَرگَلُ ڪُونجِڙِين، رائي ۾ راتِ ڪِئو.

فقير چوي ٿو ڪُونجن مان ڪا ڪڏهن وڇڙي وڃي ٿي تڏهن ٻيون وڇوڙي جون پيون وايون ڳائينديون آھن. ۽ اھي ھر سال ان وڇوڙي واريءَ جاءِ تي اچي ڪجھ دير رھي رڙيون ڪري پوءِ اڏامي وينديون آھن.

ڪُونجڙيءَ ڪالھَ لَئِي، سَڄَڻَ وِڌَمِ چِتِ،
آءُ جَنِ رِيءَ ھِتِ، گھنگھرَ گھاريان ڏينھڙا.

ڪُونجن جي روھَ مان ڪا ڪونج بيمار يا ٿڪجي ٿي پوي ته ان لاء ڪونجن جو روھُ وڏا وَسَ ڪندوآھي ته ان ڪونجَ کي گڏ وٺي ھلي. ان ڪوشش ۾ ان روھَ کي جتي ھڪ راتِ رھڻو پوندو آھي اتي ٻ ٻه ياٽي راتيون به گذري وينديون آھن. ۽ جڏهن اها زخمي يا بيمار ڪونج اڏامڻ جي ڪوشش ڪندي آھي ان سان گڏوگڏ اھو روھُ سارو ان ڪونج سان اوترو ئي حُلانڀ ڏيندو اڏامندو آھي جيترو اھا ڪونجَ اڏامندي آھي. اھو قرب ڀريو منظر عجيب ھوندو آھي.

ڪالھونڪرَ ڪُونجَ، ڪري اُتَرَ ڏي آلابَ،
پرين پَسي منجھِ خواب وھاڻيءَ وايُون ڪَري.

پوءِ جڏهن پوري روههَ کي پڪ ٿيندي آهي ته اها اسان جي ساٿي ڪونجَ هلڻ جي قابل نه رهي آهي پوءِ ٿڪجي هاجي آسرو پلي رڙيون ڪنديون وڇوڙي جيون وايون ڳائينديون اڏامنديون هليون وينديون آهن.

مَ لَنؤ ڪُونجڙي ماٺِ ڪر، چورُ مَ ھِنيِين سَلَ،
ڳوڙھا مٿي ڳلَ، جِمَ وِھاڻيءَ وِھائِيِين.

فقير چوي ٿو ڪونجَ پنهنجي ساٿي ڪونجن کان وڇڙڻِ کان پوءِ نه آرام ڪندي آھي ۽ نه ماٺِ هوءَرڙيون ڪندي مري ويندي آھي.

وَڳَرَ وِساري، ويٺِيِن ڪِئن ماٺِ ڪري،
ڪِ تو نه ماري، رُڻِجُھڻِ سَندِي سَڄَڻِين.

ڪونجَ جون رڙيون ٻڌي ٻيا پکي به اچي ساٿ ڏينداآھن پرھن کي اُڪيرَھميشھ پنھنجن جي ھوندي آھي سو ھيءَ ويچاري نه ٻين سان گڏچُڻندي آھي نه ئي ٻين سان ڀُڻندي آھي.

وڏي وَڳرَ ھيرِئِيين، چُڻِي نه ٻِئَنِ گَڏُ،
ڪُونجَ ڪريندي سڏُ،ويئِي وِھاميراتِڙي.

ھن خوبصورت ۽ معصوم پکيءَ جو شڪاري شڪار به ڪنداآھن. جيتوڻيڪ هن ۾ ڪو گهڻو گوشت نه هوندو آهي پر هن جي خوبصورتي ۽ مٺي ٻولي هن جي مرڻ جو سامان آهن.

ڪونجن کي ڪِينَ چونِ، جو ٻاجھارو ٻولينِ،
ساريو سانبيڙن کي، رڙيون ڪيو رونِ،
سائين سندا تونِ، ٻچا ميڙين ٻاجھَ سيِن.

ڪونجَ کي هڪ ته بندوق سان ماريو ويندو آهي ۽ ٻيو وري ڍَٻَ جيڪو ڪَکَنِ ۾ لِڪائي ٺاهيو ويندو آهي، جنهن ۾ چوڻ اڇلائي ويندي آهي جنهن جي چڻڻ تي اهو معصوم پکي ڦاسي پوندو آهي.

ڪونجَ نه پَسين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنِي سِين ڍَڪِئو،
مارِيءَ ماري لَکَ، وَڳَرَ هڻي ويڇُون ڪئا.

فقير کان پڇيم ان ڪونجن جي داستان ۾ ڀٽائي سرڪار اسان کي ڪھڙو سبق ڏئي ٿو؟ تنھن تي چيائين بابَلَ وڇوڙي کان ڪو وڏو سبق ٿيندو آھي.

چُڻي نه ٻِئَنُئان ڌار، وڏي وَڳُرَ هيرئين،
ڪونجن لاءِ قطارَ، رائي ۾ رڙي مئي،

وَڳَرَ اُڪِيري سَرُ، سارئو سُورَ چَري،
جُھريي جھڄَندي ڏي، سنيھا کي سڄَڻِين.

وطن جي حُبَ ضروري آهي توهان زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترا به اڳتي نڪري وڃو پر وطن کي ياد رکن ۽ وطن ڏانهن موٽڻ ضروري آهي.

چُڻي چيتاري، ڪُونجَ ڪاڇي ڪنڌيين،
سَڳَرُ سو ساري، ھئي جنھن جي ھيرئين.

يعني پنھنجي ساٿيءَ سان ساٿ مرڻ گھڙيءَ تائين توڙ نڀائڻوآھي.

ڪونجڙيءَ ڪالھَ لَئي، سڄڻُ وڌومِ چِتِ،
آئون جنين رِءَ ھِتِ، گھنگھر گھاريان ڏيھنڙا،

مطلب ته پنھنجن تي ڀيرو ضرورڀرڻوآھي.

وَڳُرَ ۾ وائي، ڪالھَ تنھنجي ڪونجڙي،
سَرَ ۾ سارينئي گھڻو، ڀينر ۽ ڀائي،
پَسين نه ڦاھي،جاماري سندي مَنَ ۾.

پنھنجا جڏهن ھليا ويندا آھن انھن کي به ياد ڪرڻ ضروري آهي ۽ اهو به ياد ڪرڻ ضروري آهي ته اسان کي به هتان جلدي وڃڻو آهي.

وَڳَرَ ويا وَھي ڪالھَ، تنھنجا ڪونجڙي،
ڪندين ڪوھُ رھي، سَرَ ۾ سُپيرين ريءَ،

يعني ته پکين ۾ ايڏو قرب ۽ ٻڌي آھي ته پوءِ اسين انسان پاڻ ۾ ڇونٿا ٻڌي ۽ قرب ڪري سگھون. فقير چوي ٿو لطيف سرڪار جي ٻڌيءَ واري پيغام تي عمل اڄ اسان سنڌين لاءِ اشدُ ضروري آھي. اڄُڪلھ خاص ڪري سنڌ ۾ انتشار، بگاڙ، ڪروڌِ ۽ نفرت جو عروج آھي يعني دنيا جي ھر برائي اسان ۾ گھر ڪري وئي آھي. جيڪڏهن ان برائيءَ خلاف اسان ٻڌي نه ڪئي سون ته اسانجو نالو نشان به نه رھندو.



تَنِ سُورَنِ کي شاباس، جَنين مُون سِينِ گھاريو


تَنِ سُورنِ کي شاباشِ، جَنِين مون سِين گھارِيو،
هِڪُ وِيو هوتَ سِين، سَڀِ رهيا مُوهِين پاسِ،
جڏِهِين پُنهُون مِلِياسِ، تَڏَهِين ويچارا ويا هليا.

فقير چوي ٿو جنھن ھن دنيا ۾ سور نه سَٺا تنھن ڄڻ ٺلھي گھوئي کاڌي. اھي سور ئي ته آھن جيڪي سڄڻن جي سُڌِ ٿا ڏين، سکن ۾ ته نه ساڃاھ ھوندي آھي ۽ نه ئي وري سُرتِ.

سَرَتِيُون سُورُ پُنھونءَ جو، سُڃن ۾ شامِلُ،
ڪوھيارو ڪامِلُ، مونکي ڏُکَ ڏيکاريو.

ڏُکُ انسان کي سيکاري ٿو سُکُ انسان کي کاري ٿو. ھن دنيا ۾ جيڪي به عظيم انسان ٿيا آھن انھن ڏک ڏٺا آھن سکن جي اُھي اوڏا ئي ڪون ويا شايد اھي ڏک نه ڏسن ھا ته انھن جو نالو ڳنھڻ وارو به ڪير ڪون ھجي ھا.

سکر سي ئي ڏينھن جي مون گھاري بند ۾،
وسايُمُ ٿي وَڏَڦُڙو، مٿي ماڙِيِنِ مينھن،
نِيرَنِ منھنجو نيھنُ، اُجاري اڇو ڪيو.

فقير چوي ٿو سُکِيا گھڻو ڪري احمق ھوندا آھن يا وري ڪم چور. مون پچِيو اھو وري ڪيئن؟ چيائين سکئي کي ڪڏهن به اندر جي وِلوڙَ نه ھوندي آھي. اندر جي ولوڙَ ڏکئي کي ھوندي آھي اندر جي ولوڙ ئي توھان کان ڪو ڪارنامو سرانجام ڏياري ٿي.

ڏُکَ سُکَنِ جي سُونھن، گھوريا سُکَ ڏُکَنِ تان،
تَنِھي جي وِرُونھن، سڄَڻُ آيو مون گھري.

فقير ھڪڙو قصو ٻڌائيندي چوي ٿو، وقت جي بادشاھ ابراھيم بن اَڌم جي محل ۾ ھڪ نوڪرياڻي ڪم ڪندي ھئي. ھڪ ڏينهن اھا نوڪرياڻي ڪم ڪندي ٿڪجي پئي سوچيائين ته ٿورڙو آرام ڪري وٺان. سو ھوءَ ابراهيم بن اڌم جي ريشمي بستري تي سمھي پئي. بسترو عاليشان ھو ھن کي ڪجھ آرام گھڻو اچي ويو. ايتريءَ دير ۾ ابراهيم بن اڌم به اچي ويو ڏسي ته ھن جي بستري تي ڪنيز ستي پئي آھي. ان ستل ڪنيز کي ابراهيم بن اڌم ڪجھ لَڪُڻَ وهائي ڪڍيا.

سُورنِ سانڍياسِ، پُورنِ پالِي آھيان،
سُکنِ جي سيدُ چئي، پُکي آئون نه پِياسِ،
جيڪسِ آئون ھياسِ، گُرِي گُوندرَ وَلِ جي.

تنھن تان اھا ڪنيز رَڙِ ڪري اٿي ۽ کلندي ڪمري مان نڪري وئي. ابراهيم بن اڌم ان کي گھرائي پڇيو ته تون پھريان رُني ۽ پوءِ کلندي ڀڳي وئي ان کلڻ ۾ ڪھڙو راز آھي؟

تنهن تي ڪنيز جانِ جي امان گھرندي عرض ڪيو آئون ته ان بستري تي ڪجھ گھڙيون ستي آھيان جنهن تان مون کي ايتري مارَ ملي آھي. جيڪو انسان ان بستري تي سڄي عمر سُتو آھي ان سان ڪھڙو حشر ٿيندو.

اھا ڳالھ ٻڌي بادشاھ حيران ٿي ويو ۽ سوچيائين ته مار ُڀڻِسان ھيءَ ته مون کي سبق ڏئي وئي. واقعي سُکنِ سان سڄڻ نه ملندا محبوبن لاءِ ڪشالا ڪرڻا پوندا. سو بادشاھ ھاڻِ ان ٻُڏِ تَرِ ۾ ھو ته ڪجي ت ڇا ڪجي.

ھڪ ڏينھن ڏسنِ ھڪ درويش بادشاھ جي محل تي رَسو ڪلھي تي رکي ھونگر لايو ويٺو آھي. بادشاھ ان درويش کان پڇيو ته فقير ڇا پيو ڳولھين تنھن تي فقير وراڻيو اُٺِيُون وڃائجي ويون آھن سي پيو ڳولھيان. بادشاھ چيو فقير چريو ٿيو آھين اُٺيون وڃي جھنگلَ ۾ ڳولھ منهنجي محل ۾ توکي نه ملنديون. تنهن تي فقير وراڻيو جيڪڏهن مون واريون اٺيون ان محل ۾ نه آھن ته پوءِ تون جنهن کي پيو ڳولھين اھو توکي محل ۾ نه ملندو.
اھا ڳالهه ٻڌندي ئي بادشاھ محل مان نڪري وڃي جھنگل وسايو.

جڏانھن ڪرِ ٿيامِ، ساڃاھَ سُپيريان جي،
تڏھان ڪرِ تِرَ جيترو، ويلَ نه وِسريامِ،
اندر روح رھيامِ، سڃڻَ اوطاقون ڪري.

پوءِ سڄي زندگي الله جي عبادت ۾ گذاريائين ۽ غلطين جي معافي وٺندو رھيو ۽ روئندو رھيو.

نَڪِي روئَڻَ واريون، نَڪِي ڪي اوسارين،
مُونھِين کي مارِينِ، مُوھِين سَندا ڏُکَڙا.

پوئيان بادشاھيءَ جو نظام درھم برھم ٿي ويو تنھن تي ان بادشاھيءَ جي ريائيا سوچيو ته هلي ابراهيم بن اڌم کي جهنگل مان وٺي ٿا اچون. سو ان بادشاھيءَ جي خلقت اچي ابراهيم بن اڌم کي ڏسي ته ھو ھڪ درياءَ جي ڪناري تي آھوزار روئي رھيو آھي.

گوندرَ وِڌو پيچُ، ماءُ منھنجي جيءَ کي،
ڏکوئين جو ڏيجُ، روئڻُ رَتُ پِرينِ لئي.

ان رعايا ابراهيم بن اڌم کي عرض ڪيو ته سائين توهان کانپوءِ بادشاھي رُلي وئي آھي اسان دربدر ٿي ويا آھيون ڇڏيو جھنگل ھلو بادشاھي سنڀاليو گھڻي اصرار کانپوءِ ابراهيم بن اڌم ان خلقت سان ھڪ شرط رکي، چيائين آئون ھڪ ڪم توهان کي ٿو ڏيان جيڪڏهن توهان اھو منهنجو ڪم ڪيو ته آئون توھان سان گڏ ھلندس. ھنن چيو ته سائين اسان تنھنجو ھر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آھيون پر توھان اسان سان گڏ ھلو. ابراهيم بن اڌم ھڪ سُئي پاڻيءَ ۾ اڇلائي ان خلقت کي چيائين اھا سُئي مون کي ڳولي ڏيو تنھن تان انهن ماڻهن ابراهيم بن اڌم کي چيو سائين اھيو تمام مشڪل ڪم آھي سو اسان جي وس کان ٻاھر آھي. ان جواب بعد ابراهيم بن اڌم درياءَ جي مڇين کي حڪم ڪيو ته اھا سئي ڳولھي ڏيو تنهن تي سڀ مڇيون اچي حاضر ٿيون انهن مان ھڪ مڇيءَ جي وات ۾ اھا سُئي ھئي.

ابراهيم بن اڌم ان خلقت کي چيو ته مون توهان تي ھيتري عمر حڪمراني ڪئي ۽ توهان منهنجو ھڪڙو ننڊڙو ڪم به نٿا ڪري سگھو. ھاڻِ ڏسو مون اھي محل ماڙيون ڇڏي اچي جھنگل ۾ الله کي راضي ڪيو اٿم تنهن ڪري مون لاءِ ھر ڪم آسان تي ويو آھي.

سَوَ سُکنِ سانٽي ڏَئي، وِرِھُ وِھائيمُ ھيڪڙو،
مون کي تنهن نِيھي، پيرُ ڏيکاريو پرينءَ جو.

فقير چوي ٿو اھو بادشاھ انھن ململ جي بسترن تي سمھي ھا ته ان سان الله ايترو راضي ڪون ٿئي ھا. ھن اھي ململ جا بسترا ڇڏيا، بادشاھي کاڌا ڇڏيا، بادشاھت ڇڏي وڃي جھنگل ۾ ڏُکَ ڏٺائين، انهن ڏکن اھڙا سھنجَ ڪيا جو ھاڻِ اھو بادشاھ مڇين جو بادشاھ ٿيو ويٺو آھي.

ستي ملن نه سُپَرين، ويٺي وَرَ نه پَوَنَ،
جي رندَنِ مٿي روئَنِ، ساجنُ ملي تَنِ کي.

فقير چوي پيو گھر ويٺي سُورَ ڪون ملندا آھن سورن لاءِ وڏا ڪشالا ڪرڻا پوندا آھن. ۽ سورن جو جنھن مزو وٺي ڏٺو تنھن کي ڪڏهن آرام ڪون ايندو.

سنڌيون سورَ ڪَرِينِ، ھَڏَ پُڻُ ڏُکَنِ ھوتَ لاءِ،
پُنھونءَ جي پاڻ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نه ڏِينٍ،
جي ماڻھوئَنِ کي مارين، تَنِ سورن کي سَڏَ ڪريان.

مونکي چيائين تون ڪڏھن به اھو نه سمجهجان ته سکيو رهي منزل ماڻيندين منزل اھي ماڻي جنهن سُکَ ڇڏي ڏکن جي ڏوليءَ پيا.

سِکَنِ واري سَڌُ، متان ڪا مونسِين ڪري،
اندر جنِين اڌُ، ڏونگر سي ڏورينديون.

مون کان پڇيائين تو کي ڪڏهن عشق ٿيو آھي؟ مون چيو نه، ان تي وڏي رَڙِ ڪري چيائين پوءِ فقير تون ايڏا خفا ڇو پيو ڪرين؟ ماٺِ ڪري جاءِ جَھلُ. چيائين عشق بنا انسان اڌورو آھي. ۽ آئون جيڪي تو سان ڳالھيون پيو ڪريان انھن جي توکي سُڌِ به ڪون پوندي. چيائين جڏهن نه عشق ٿيئي تڏهن توکي ڪَلَ پوندئي. مون چيو جيڪڏهن عشق نہ ٿيو آھي تڏهن به تو جھڙن عاشقن جي صحبت به نصيب ٿي آھي. چيائين اسان کان عشق وري ڪٿي ٿيو مڙي پئي جھنگ ۾ جھوتون پاتيون سين.

جيڪِي سِڪَڻُ سِکُ، نا ته پَسُ سِڪنديُون،
پاسي تَني مَ لِڪُ، نِيھُن نه سُڄاڻَنِ جي.

چيائين عاشقن جي منزل دور ٿيندي آھي عاشقن اھي جيڪي زھرُ به ماکي ڪري کائيندا آھن.

عاشق زھرَ پياڪَ وِھُ ڏسي وِھِسنِ گھڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا، ھميشھ ھيراڪ،
توڙي چِڪَنِ چاڪَ، ته به آھَ نه سَلِينِ عامَ سين.

چيائين يار توکي ڪھڙي خبر ته سُورُ ڇا هوندو آھي، جڏهن توکي عشق ٿئي تڏهن تون خلقن کي ڏَسَ ڏيندين ته سڄڻنِ جو سورُ ڇا هوندو آھي.

سَگھنِ سُڌِ نه سُورَ جي، ته گھايَلَ ڪيئن گهارين،
پِيَلُ پاسو پَٽَ تي، واڍوڙَ نه وارينِ،
پَرَ ۾ پَچَنِ پرينِ لاءِ، ھَئي ھنجھون ھارين،
سَڄَڻَ جي سارين، تَنِ رويو وھامي راتڙي.

چيائين سسئيءَ جو قصو ٻڌو اٿئي؟ مون چيو مڙي ڪجھ ڪجھ. چيائين محبوب سائين سسئي مڙئي سورُ اٿئي. سورنِ جي سُڌِ وٺڻي اٿئي لطيف کي ضرور پڙھُ خاص ڪري سسئي، جنھن ۾ سسئي سورنِ کي چوي ٿي مون وٽان محبوب ته ويا ھليا، ٻيلي سُورَئو اوھين ته مون وٽِ رھو ته جيئن آئون اوھان سان اندر جون ڳالھيون اوريان.

سُورَ مَ وڃيجاءِ، سڄڻَ جيئن سانگِ ويا،
پِرِيَنِ پُڄاڻا، آئون اوھان سِينِ اورِيان.

ھڪڙيءَ جاءِ تي ته سسئيءَ حد ڪري ڇڏي آھي اھا مستيءَ ۾ اچي سورن کي سڏَ ڪري ٿي.

سُورنِ ڪري سَڏَ، ھلندي سُورن سامُھِي،
سُورنِ ساڙِيَسِ ھَڏَ، سي پُڻُ سيڪي سورن سِين.

فقير چوي ٿو ايئن ئي ھر وڏي منزل ڏُکَ ڌاران نه ملندي آھي. ھيءُ جيڪو اڄ ڪلھ اسان جي معاشري ۾ گھوڙو ڪٽڪ لڳو پيو آھي انهيءَ جو واحد سبب اھو ئي ته جو اسان ھر شيءِ سک سان وٺڻ چاھيون ٿا جيڪا نٿي ملي.

سِڪَڻُ ۽ سُوري ٻئي اکر ھيڪڙي،
وِھَڻُ واٽڙين تي، ڪارڻ ضروري،
ٻنھي جي پوري، جيءَ ڏني نه جڙي.

انهيءَ سُکُ گھڻن جي تڏا ويڙھ ڪري ڇڏي، چيائين تو ٻڌو ناهي ته اڪثر اھو چوندا آھن ته يار فلاڻي ماڻهوءَ ھيترو گڏُ ڪيو ھو. ان جي مرڻ کانپوءِ ان جي پٽ ڌَڪَ ۾ وڃائي ڇڏيو. اھو ان ويچاري پٽ جو قصور ناهي، ڇو جو ھن ڪڏهن ڏک ڏٺا ئي ڪون. اها ملڪيت، اھا شھرت، اھو مان مرتبو سنڀالي تڏهن ھا جڏهن ھو پاڻ گڏ ڪري ھا، ڏک ڏسي ھا ته ھن جي ھٿنِ مان پيءُ جيون اھي ميڙيل شيون وڃن ڪون ھا.

ايئن ئي اھو اسان سنڌين لاءِ سبق آھي ته اسان کي اگھور ننڊ مان جاڳڻ کپي ۽ پهنجي لاءِ پنهنجن ٻچن لاءِ، پنھنجي قوم لاءِ پنهنجي سرزمين لاءِ ڪجھ ڏک ڏسو ۽ سور سھون تڏهن وڃي ڪجھ حاصل ٿيندو. نه جيڪو آھي سو به ھٿان ھليو ويندو.

ڀيري ڀيري ٻڌُ، سورائتي سندرو،
ڪيچُ اڳاھون پنڌُ، سورن رِءَ نه سُٿرو.

فقير کان پڇيم عشق ڇا ٿيندو آھي؟ چيائين جيڪڏهن تنهنجي اندر ۾ ڪا باھِ ٻري ۽ ان باھِ کي وسائڻ لاءِ تون ڪنهن جي تلاش ۾ ھجين، انهيءَ اندر جي باھِ کي عشق چئبو آھي.

پڇيم سُورُ ڇا آھي؟ چيائين سور عشق جو حاصل آھي. سورُ ملئي ڄڻ عشق جو ڦلُ کاڌئي.، ۽ محبت عشق جي کيتي اٿئي. ان کيتيءَ جو جنھن ڦلُ کاڌو ڄڻُ اھو ئي سرھو ٿيو.

جيئن ڄيرو کائي ڄَرُ، عشق ايئن ڪري،
اڃان پِرِتِ پري، ڳالھِ ڳاڻھيٽي ناھِ ڪا.

پڇيم عشق ڪنهن سان ٿيندو آھي؟ چيائين عشق ﷲ جي مخلوق سان ٿيندو آھي. پڇيم مخلوق سان ڪيئن؟ چيائين عشق انسان سان به ٿيندو آھي ۽ ڌرتيءَ سان به ٿيندو آھي ۽ ڌرتيءَ تي ٻيءَ مخلوق رھي ٿي ان سان به عشق ٿيندو آھي. پر انسان وارو عشق وڌيڪ لذت ۽ جٽاءُ وارو ٿيندو آھي.

پڇيم خدا سان عشق ٿيندو آھي؟ چيائين خدا جي مخلوق وٽان ئي خدا سان عشق جو جو رستو گذرندو آھي.

پڇيم پنهنجي پاڻ سان عشق ٿيندو آھي. چيائين عشق جي آخري منزل اھا ئي ته آھي جڏهن عاشق ۽ معشوق ھڪ ٿي ويندا آھن. تڏهن بندو سڄو سور ٿي ويندو آھي. چيائين ڏسين ڪون ٿو اھي عليل الف ننگا عاشق جيڪي نڪو ٿا کائين نڪو ٿا پيئن، نڪو اٿن اوڍڻ جو الڪو نڪو پھرڻ جو الف ننگا ٿيو عشق جي سور ۾ چورُ ٿيو پيا گھمن، اھو سُورُ ھنن لاءِ سُکُ اٿئي.

سُوريءَ مٿي سيڻَ، ڪھڙي ليکي سَنِرا،
جُه لڳا نيڻَ، ته سُوريائي سيڄَ ٿي



ڪانگ نه ڪوڙا ھُونِ، پريان سندي پارَ جا


اچيو اچيو پُونِ، واڪا ڪِيو وَڻَنِ ۾،
سَنيھا سَڄَڻَنِ جا، چوٽيءَ چڙھيو چُونِ،
ڪانگَ نه ڪُوڙا ھُونِ، پِرِيان سندي پارَ جا.

فقير چوي ٿو ڪانگ يا ڪانوُ ڪارڙو ڪوجھڙو، پکي جنھن جي نه شڪل سٺي نه ئي ٻولي مٺي پر پوءِ به عاشقن ۽ معشوقن جو پيارو پکي.

آءُ ڪانگلَ تو ڏِيان، ھينئون ساڻِ ھَٿَنِ،
وڃي کاءُ ولاتَ ۾، اڳيان عجيبن،
مانَ پرين پُڇَنِ، ته ھينئن قربانُ ڪيرُ ٿيو.

ھي پکي رات مھل ڪنھن وڏي جھنگ يا ھڙيءَ ۾ ٺولن جي صورت ۾ رھندا آھن. جيئن ئي سانجھي ٿيندي آھي ھي پکي رڙيون ڪندا ساھيون کائيندا ھڪ ٻئي کي ھڪليندا ٽولن جي شڪلن ۾ پنهنجي واھري ورندا آھن.

وَڻَنِ ويٺا ڪانگ، وچئين ٿي ويلا ڪري،
گھڙي گَھڙو ھَٿِ ڪري، سُڻِي سانجھيءَ ٻانگَ،
سي ئي ڍونڍي سانگَ، جتي ساھڙُ سُپَرين.

صبوح ٿيندي ئي کاڌي جي تلاش ۾ نڪري پوندا آھن. ھي پکي کاڌي جي تلاش لاءِ باقاعده منصوبابندي ڪري نڪرندا آھن. ان منصوبابندي تحت علائقا ورھائي رکندا آھن. جيئن ته سڀ ڪانوَ ڪنهن ھڪ ڳوٺ يا ھڪ علائقي ۾ نه ھجن ته جيئن کاڌي جي تلاش ۾ مشڪلات نه ٿئي. ھنن پکين جو کاڌو، گوشت، مانيون، سبزيون، اناج، فروٽ ملطب جيڪو مليو سو کاڌو.

ھنن پکين جي ٽولي ۾ ھڪ اڳواڻ ھوندو آھي، جيڪو ھر مھل ساٿين کي خطري کان ھوشيار ڪندو رھندو آھي.

ھنن پکين جي خاصيت اھا آھي ته ھي پکي ڪنهن به معاملي تي گڏ ٿي حل ڪڍيندا آھن. جنھن کي عام زبان ۾ ڪانگيرو چيو ويندو آھي. ۽ ٻيو اھيو ته مشڪل وقت ۾ پنهنجي ساٿي کي مشڪل مان ڪڍڻ لاءِ به وڏا وسَ ڪندا آھن.

ھيءُ پکي پنهنجي پاڻ کي وڏو سياڻو سمجھندو آھي، پر حقيقت ۾ ھيءُ آھي به وڏو ھوشيار. اسين ھن پکيءَ کي ايئن چئي سگھون ٿا ته ھي پکي طبيعتن وڏو شاطر آھي.

مثال طور جيئن ئي ھيءُ پکي ڪو خطرو ڏسندو آھي ته ان تي ايڏو لُڙُ ڪندو آھي جو سڀ ڪانوَ اچي ان خطري واريءَ جاءِ تي اچي گڏ ٿيندا آھن، انهي مان ھنن جي دليري به محسوس ٿئي ٿي ته ھڪ ڪانوَ کي خطري ۾ ڏسي ان خطري واري جاءِ تي ڳچ ڪانوَ اچي ڪٺا ٿيندا آھن. ۽ جڏهن ڪو ڪانوُ مري ويندو آھي ان مھل ٻيا ڪانوَ وڏو لُڙُ ڪندا آھن، ۽ گھڻيءَ دير اھو روڄُ راڙو پيو ھلندو آھي.

ڪانگلَ ڪُھُ ٿيو، جو پيو آھِين پَٽَ تي،
اَڳي اُسَ تِڙِڪو نه سھِين، اَڄُ سارو ڏينهن سَٺوءِ،
پَسِي حالُ سندوءِ، ڪانگنِ ڪانگيرو ڪيو.

فقير چوي ٿو ھن پکي بندوق، تيرڪماڻ، يا غليل ڏٺي ڄڻ ھو ئي ڪونه! نه صرف پاڻ ڀڄندو پر پوري راڄ کي رڙيون ڪري ڀڄائيندو.
ھيءُ پکي ھميشھ خوف ۾ به رهي ٿو ۽ چئني پاسن تي ھن پکيءَ جي نظر ھوندي آھي. ڪانوُ کاڌو به وڏي خوف سان کائيندو آھي. جڏهن ڪو به خطرو محسوس ڪري ٿو ته وڏيون دانهون ڪندو آھي جنهن تي ٻيا ڪانوَ به اچي ڪٺا ٿيندا آھن.

ڪانوُ پکي وڏو سخي دل به آھي جو ھن جي آکيري ۾ ڪوئل پکي ڪانوَ جا آنا ٽوڙي پھنجا آنا رکي ويندو آھي ان مھل ڪوئل ۽ ڪانوَ جو وڏو جھيڙو ھلندو آھي ڪانوُ پنھنجا ٻچا بچائڻ لاءِ وڏا وس ڪندو آھي پر پوءِ به ڪوئل ان ڪم ۾ ڪامياب ٿي ويندي آھي. اھو حشر ڪانوَ جي اکين جي آڏو زوريءَ ٿيندي به انهن ڪوئل جي آنن کي ڪانوُ ٽوڙيندو نه آھي پر آرو پچائي ڦوڙيندو آھي. اھي آنا جڏھن ڦٽندا آھن تڏھن پنهنجا ٻچا ساري ڪانوُ وڏو روڄُ راڙو ڪندو آھي. ايئن محسوس ٿيندو آھي ڄڻ اھو ڪانوُ ٻين کي فرياد ڪري رھيو آھي ته ھيءُ مونسان ڪھڙو ظلم ٿيو آھي. ان مھل ٻيا ڪانوَ ڪانگيرو ڪري ھن جي غم ۾ شريڪ ٿيندا آھن پر اھو ڪانوُ انھن ٻچن کي ماريندو ڪون آھي الٽو پاليندو آھي. پوءِ جڏهن اھو ڪوئيل وارو ٻچا وڏو ٿي ٻيءَ ٻولي ڪندا آھن تڏهن به وڏو لُڙُ ٿيندو آھي ته اڙي گھوڙا ڙي ھيءُ ڪھڙو ظلم ٿيو آھي. ھيءُ ته منھنجي ٻولي به نٿو ڪري. ان مھل به سڀئي ڪانوَ ڪانگيرو ڪري نصيبن تي ڀاڙي ماٺ ڪرائيندا آھن. ھيءُ پکي پنھنجي پاڻ سان اھو ظلم سھي به انهن ڪوئل جي ٻچن کي کارائي نپائي وڏو ڪري پنهنجي اصل نسل ڏانھن موڪليندو آھي.

ڪانوُ پکي وڏو سوڻِي پکي آھي ان ڪري خطري کي جي ويجھو ئي ڪون ويندو آھي. ھن جي باري ۾ مشهور آھي ته ڪانوُ ڦاسي ته ٻه ٽنگو ڦاسي. اھو انھيءَ لاءِ ته ھيءُ پکي ٻئي پير گڏ کڻي ٽپڪيون ڏيندو ھلندو آھي ان ڪري جتي به ويھندو آھي اتي ٻئي پير گڏ رکندو آھي. مثال طور جيڪڏهن ڪا ڪوڙڪي ڦاسايل ھجي ته ان ڪوڙڪيءَ مان کاڌو ڪڍڻ لاءِ ڪانوُ ان ڪوڙڪيءَ تي ٻئي پير گڏ رکي رکي کاڌو کائيندو آھي. جنهن سان ھو ٻنهي پيرين قابو ٿي ويندو آھي. جڏهن ته ٻيا پکي ھڪ پير ڪوڙڪيءَ تي ۽ ٻيو پير زمين تي رکندا آھن.

فقير چوي پيو، ڪانگ کي گھريلو پکي به چئي سگھجي ٿو، ھيءُ پکي گهرن ۾ ايڏو ته ھجائتو هوندو آھي جو گھر جي ٻارڙن جي ھٿان ماني ڦري ويندو آھي. ٻھراڙي ۾ اڄ به جڏهن ماني پچندي آھي تڏهن ڳوهيل اٽي جا پنوڙا ٺاهي ھن پکي کي ڏنا ويندا آھن ۽ پڻ مانيءَ جو ٽڪر ٽوڙي ھن کي ضرور ڏنو ويندو آھي

پکيڙا پوئيان، لَڙِھِيُون موتِين سنديون،
آءُ اُڏامي، توکي جھوليءَ ۾ جھوئِيان،
ته سَڀيئي کنڀَ کٿُوريءَ ۾، تنھنجا لاکيڻا لوئيان،
ساري سَمُوئِيان، ھڪ ھڪ ڪري ھٿنِ سِين.

فقير چيائين ڪانگ جي باري ۾ ھڪ چوڻي ھيءَ به مشهور آھي تہ ملائڪن کان پوءِ آسمان کان رُوءِ زمين تي ڪانگ پھريون قاصد آيو ھو. چون ٿا جڏهن نُوح نبيءَ جي ٻيڙي پاڻيءَ تي ھئي تڏهن نُوح نبيءَ ڪانگ پکي کي قاصد ڪري موڪليو ھو ته وڃي ھيٺ زمين ڏسي اچي ٻڌاءِ ته ڪھڙو زمين جو ٽڪرو سُڪلُ آھي ته اتي ھلي ٻيڙي لاھيون. پر ڪانگُ ويچارو اھا ڳالھ وساري سڪل زمين ڏسي کاڌو کائڻ ويھي رھيو. دير ٿيڻ بعد نُوح نبيءَ ڪبوتر کي اھو ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو. ڪبوتر ڏسي ڪانگ سُڪلُ زمين تي کاڌو پيو کائي.

سو ڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَرِ، جو سدا ڍونڍي ڍُونڍَ کي،
ڪِ ڪندو پھچي پيٽَ جي، ڪِ ويندو دوستن دَرِ،
جنھن جي ٻولي ٻَرِ ٻَرِ، سو نياپا ڏيندو ڪھڙا.

پوءِ جڏهن ڪبوتر ۽ ڪانگ سڪل زمين جي خبر وٺي وري جڏھن ٻيڙيءَ تي پھتا تڏهن نُوحَ نبيءَ ڪانگ جي ان غلطيءَ جي ڪري پِٽَ ڏني ته تُون ھميشھ خوفَ ۾ رھندين. تڏهن کان ھيءُ غريب پکي ھميشھ خوف ۾ رھندو آھي.

ھُئِين وسيلو وِچَ جو، ڪانگلَ پارِيَئِي ڪانَ،
اوتِيَئِي عجيبَ کي، ظاهر ساڻِ زبانَ،
توڙُ پُھِتِي تانَ، اورِيان ئي آڻِيو ڏين.

چيائين اِنَ خوفَ واري ڳالھ جي ڪري ته ڪانگُ ڪڏهن به ڪوڙُ نه ڳالھائيندو ان ڳلهه کي نظر ۾ رکندي عاشقن ۽ معشوقن ھن کي وري ھڪ ٻئي ڏانھن قاصد ڪري موڪليو آھي.

پرين جي پرڏيھِ ويا، تَنٍي ڪانگلَ ڪِجُ خبرَ،
ته سَڀِ مَڙِھِيان سونَ سِين، پکي تُھنجا پَرَ،
گُھمِي مَٿان گَھر، ڏِجُ پارانڀا پرينِ کي.

فقير چيو ھيءُ پکي سوڻِي ھئڻ جي ناتي ڪجهه ماڻهو ھن پکيءَ سان به سوڻَ ٻولائيندا آھن. مثال طور ڪانگ جي ٻوليءَ کي ڪجھ ماڻهو سمجهي ويندا آھن ته اڄ ڇا ٿيڻو آھي. ان ڪري ھو ان خطري کان بچڻ لاءِ مختلف طريقا اپنائيندا آھن. يا وري ھن پکيءَ سان ھيئن به سوڻَ ٻولايا ويندا آھن، ته جيڪڏهن ڪو ڪانگ ڪنهن ماڻهوءَ جي ساڄي پاسي اچي ڳالھائي ته سمجهيو ويندو ته سڄڻن ڏانهن سُکُ آھي، ۽ جيڪڏهن کاٻي پاسي اچي ڳالھائي ته سمجهيو ويندو ته سڄڻَ سُکَ ۾ نه آھن.

ڏائي چَڙِھِي ڏارَ تي، ڪِي جو ڪانوَ ڪَھِيو،
سُورائِتِيءَ سُور پَئي، کامِي اَرِٽُ کنيو،
پَھو پَٽِ ھَنيو، ويچاريءَ وِرُونھَ مان.

ڪانوَ جي باري ۾ ھيءَ ڪھاوت به مشھور آھي راتيان ٻولي ڪانئرو، ڏيھان ٻولي سنيار (گدڙ) يا مري ڏيھَ ڌڻي يا ڏيھَ ۾ پئي ڏڪار.

دنيا ڀلي ھن ڪارڙي ڪانوَ کي ڪوجھو قرار ڏي پر عاشق معشوق لاءِ ھن جي ٻولي ھيئين جو ٺار ھوندي آھي. ڇو جو ھو ھڪ ٻي لاءِ نياپا ھن پکيءَ ذريعي موڪليندا آھن.

ڪانگلَ سي ئي ڪوٺِ، پرين جي پَرَڏيھ ويا،
جَنين رِءَ جھانَ ۾، اَکڙِيِن اَروٺِ،
لِلا لَڳِ لطيفُ چَئي، ڪِجُ ڳاراچو ڳوٺ،
جي ڏمريا ڪنھن ڏوٺِ، سي اُڏامي آڻِ پرين.

فقير کان پڇيم لطيف سائين ان ڪانوَ کي ايڏو وڏو مٿي کنيو اٿس، ان جي مقابلي ۾ ڪبوتر سھڻو پکي آھي ان کي چو نه ڳايو اٿس؟ فقير ٿڌو ساھُ کڻي چوي پيو ته اڙي ڀورا لطيف سائينءَ ھميشھ ڪِنِڙَنِ ڪوجھِڙَنِ کي ڀانئي ٿو. چيائين لطيف جا ڪردار جوڳي، سامي، عورت، ڪانگ يعني جنھن ڪردار کي معاشري ۾ گھٽ سمجهيو ويندو آھي تنهن کي لطيف سرڪار تمام مٿي کڻي ويو آھي اها ئي ته لطيف جي وڏائي آھي.

پڇيمُ ڀلا ان ڳالهه تي اسان کي ڪھڙو پيغام ملي ٿو؟ چيائين لطيف اسان کي پيغام ڏي ٿو اھي ماڻهو جيڪي تنھنجي در تي روز اچن تَنِ جو قدر ڪر، انهن کي ڪِنا سمجھي در تان ڌِڪار نه اھي تو سان محبت ڪن ٿا انهن کي ئي قرب سان ڪوٺي اچي اڱڻ تي وِيھار متان اھي اڏامي وڃن.

مٿان منهه منھنجي، ڪنھن اڏاريو ڪانوُ؟
ڳنهي آيو ڳالھڙي، سندي سُپيرِيانءُ،
جيڏيون جاڙَ ڪِياءُ، سُئُمِ ھُوندَ سَنيھڙو.

چوي پيو اھي ئي ته وڏا امانت دار اٿئي انهن تي ئي ڀروسو ڪري پنهنجي محبوب ڏانهن پيغام موڪل.

اُڏرِ لَڳُ الله، ويلو ڪر نه وچ ۾،
آئون جو ڏِيَئِين سنيھو، سانڍِ برابر ساھَ،
سندي گُجھاندرَ ڳاھَ، ڪَھِجُ مَ قريبنِ رِيءَ،

فقير چيوجنهن کي ڊپ ھوندو آھي سو ئي سچو ھوندو آھي، اھي ڪڏهن به ڪوڙُ نه ڳالھائيندو آھن. جيڪو چَيَئي سو ئي سڄڻن کي چوندو.

پانڌِي پنڌِ پَويجُ، وڃي پريان سندي پيچِري،
وڃڻ مھل وقت جون، سختيون سڀ سھيجُ،
ڪري سِرُ صدقو، رَمِي اُتِ رَسيجُ،
مُرَھُون مَ موٽيجُ، ملڻَ بنا محبوب جي.

فقير چوي پيو اصل ۾ لطيف سرڪار ڳالھ تنھنجي منهنجي پيو ڪري ڪانگ ويچاري جي مڙي اَڙَ ڪئي اٿس. ڳالھ مڙئي ڳُجھَ جي ڪئي اٿس، ان ڳالھ کي ڪي سالِکَ سمجھن تنھنجي منهنجي وس جي ڳالھ ناھي پيارا.

آنديون ڪانگَ قريب جيون، اڄُ واڌايُون واھَ،
مَنَ مُرادُون پُنيُون، ٿيون سراھيُون ساھَ،
آندا پرين ﷲ، سَڏَ منهنجا سابِ پيا



گھوڙن ھَنيُون گھڻِيُون، اُٺَنِ ھَئِي آءُ


گھوڙن ھَنيُون گھڻِيُون، اُٺَنِ ھَنئِي آءُ،
جا نِيھُنُ ڳِنَڌي ناءُ، سا مون جيئن پوندي مامِري.

سَسُئيءَ جو پيرو کڻڻ لاءِ وڃي ڀنڀور مان نڪتُسُ، وڃي ڏسان ڀنڀورُ ھاڻِ ڀنڀور نه رھيو آھي اھو ھاڻِ مٽيءَ جو ڍير آھي. ڪجھ سمجھ ۾ نه پئي آيو. ھمٿ ڪري ڀنڀورُ ڇڏي جبل ڏانهن منهن ڪري ڪيچَ جو پنڌ ڇڪيمُ.

ڀنڀوران ٻاھر ٿي، ھلي آسَ پلي،
ڪَرَھَنِ جي قدمنِ جي، مٽي منھن ملي،
جانبَ لَهءِ جلي، روئي ٿي رتَ ڦڙا.

ڪجهه اڳتي ھلي جبل جھاڳيندي منھنجي استاد خالد سُليمان قاضيءَ جي ڳالھ ياد آئي جيڪو چوندو ھو تہ سَسُئِيُون اڃان آھن. تنھن ڳالھ کي ياد ڪري مون کي آسرو ٿيو ٻيلي سَسُئي ملندي ضرور.

پُڄان جي نه پُڄان، ته به وڃڻ جا وَسَ ڪَيان،
سَڳَرُ آئون سُڄان، ته رائي ۾ رَڙِي مُئي.

ھو عجيب شخص ھو، ھُو ننڍي ھوندي انگريزي اسڪول جو پڙھيل، مرسڊيز، مَسِلِسِ ۽ رولسِرازِ گاڏين ۾ گھميل سنڌ جي سياسي سکئي ستابي گھر سان تعلق ھئسِ، تمام گھڻو پڙهيو لکيو ڄڻ ڏاھپ جو درياءُ ۽ علم جو سمنڊ ھو. ھن جو ننڍي ھوندي نالو خيام ھيو پر پوءِ مائٽن ھن نالو مٽائي خالد رکيو، ۽ ھن کي ڪوڏَ ۾ گھر وارا پَپُو به چوندا ھئا. جڏهن ھو چاليهن سالن جي عمر ۾ اچي ٿو ته ھُنَ کي آئون بَڀُوت بابُوءَ جي شڪل ۾ رِڻنِ ۾ رُلندي، جبل جھاڳيندي ۽ جھنگل جھوتيندي ڏسان ٿو.

ڪَڙھي ۽ ڪَڙي، پَرَ ۾ پيرُ پُنھُونءَ جو،
سِڪَ ٻڌائين سندرو، جانِبَ لئه جَڙي،
لَڪَنِ سِرِ لَطِيفُ چئي، مُنڌَ جھيڙي ۽ جَھڙي،
پَڻِيءَ تان نه پَڙي، جي عمِرِ سڀ ايئن ڪري.

ھن وٽ ايڏو ته علم جو خزانو ھو جنهن جي وزن سان ھو ھميشھ جُھڪي ھلندو ھو. ھن ڪنھن کي اھو ڪڏهن ڪون چيو ته ڪو آئون سنڌ جي ھڪ تمام وڏي سياسي ۽ پڙھيل لکيل گھراڻي قاضي خدابخش مورائي جي خاندن جو فرزند آھيان، جيڪو 1937 ۾ ڪراچيءَ جو ميئر رھيو آھي. ھن جو ڏاڏو سنڌ جو پھريون AG ايڊوڪيٽ جنرل پڻ ھيو. ننڍي ھوندي تربيت سندس چاچي قاضي مظھر ڪئي ھئي جيڪو پڻ وڏو پڙھيو لکيو، ڀٽي جو ويجھو ساٿي ھو ۽ جنهن برطانيا ۾ پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو ھو ۽ شادي به اتان جي ھڪ انگريز ڇوڪريءَ سان ڪئي ھئي. پپو ُ ننڍي ھوندي کان ئي انتهائي نفيس ۽ ھوشيار ڇوڪرو ھو. ھيءُ پڙھائيءَ ۾ ھميشھ نمبر کڻڻ وارو ڇوڪرو ھو.

پپوءَ ھن جي سنگت ھڪ ڇوڪريءَ سان ٿئي ٿي جنھن سان ھن جي مڱڻي به ٿي ھئي. ھو چوي ٿو جڏهن اسين پاڻ ۾ ويھندا ھئا سين تڏھن، لطيف، رومي، ڀڳت ڪبير، شڪسپيئر، ثقافت، تاريخ، موسيقي ۽ دنيا جا پيا علم اسان جو موضوع ھوندا ھئا. چوي پيو گھڻو ڪري ھوءَ شيڪسپيئر ٻڌائيندي ھئي ۽ آئون لطيف ۽ وڏي بحث کان پوءِ آئون ھميشھ ھارائي ويندو ھئس. مون پڇيو يار شيڪپيئر لطيف کان وڏو شاعر ھو جو تون بحث ۾ ھارائي ويندو ھئين؟ لُڙڪَ لاڙي چيائين يار محبوب اڳيان ھارائڻ ۾ ئي ته ۾ ئي ته مزو آھي.

سَري نه جَنِ رِيءَ ساھُ، رتِي رُسُ مَ تَنِ سيِن،
ھُو جھڙِينِ تُون جَھڪو ٿيءُ، پانڌُ ڳِچِيءَ پاءِ،
پاڻَ وڃي پرچاءِ، متان رٺوئي رھٍجي وَڃِين.

چوي پيو جڏھن اسان جي دوستي عشق جو روپ اختيار ڪري چڪي ھئي، تڏهن ھن جي ماءُ مون کان رشتو ٽوڙي ھن ڇوڪريءَ جي ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرائي ڇڏي.

ڪو جو لَڳَسِ ڪانُ، آرِيءَ جي عشقَ جو،
ٿي نِماڻِي نِيشانُ، ڇڏي سانگو ساھَ جو.

ان ڏينھن مون گھر ڇڏي جبل ڏانهن منهن ڪيو سياري جا ڏينهن ھئا، ھڪ ڪاري شال منهنجي ڪُلَھنِ تي ھئي ٻيا سڄڻنِ جا سُورَ سيني ۾ِ ھئا.

لَڳُمُ ٻاڻُ پروچَ جو، اَمَڙِ جَهل مَ مُون،
سَڀِ رَڱِينديسِ رَتَ سِين، ڪيچان اوري ڀُون،
مادَرِ مَٿان مون، ڪانگ لَمندا ڪَڏَھن.

ٻه ڏينهن ٻه راتيون بنا کاڌي بنا پيتي بَرَ ۾ پئي ڀَٽِڪِيَسُ جبل جھاڳيندي ھڪ ٻڪرين جو ولرُ ڏٺم ٻڪرين جي ٻڪرارن مون کي پاڻي پياريو ۽ کير به ڏنو. تقريباَ ڏھَ ڏينهن جبل ۾ رھيسُ ڏينهن جو ٻڪرار ٻڪريون ڪاھي اچي ويندا ھئا سي ٻڪرين جو کير ۽ ڪجھ ماني به کارائيندا هئا. رات ٿيندي ھئي سڄڻَنِ جا سورَ چِتَ تي چڙھندا هئا، آئون جوش ۾ اچي وڏيون رڙيون ڪندو ھوئس.

ھُئان ھوتَ پُنھونءَ سيِن، مون جيئن ملاقاتِ،
ته ٻانھُنِ وِجھي واتُ، رِيھون ڪَيو رُڃُنِ ۾.

چوي ٿو ته منهنجيون رڙيون ٻڌي جھنگ جا گدڙ ۽ ڪتا به مونسان گڏ اوناڙيندا ھئا.

ھَلندي ھوتَ پُنھُونءَ ڏي، کُھِجَنِ ٿيون کوٽِيُون،
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿئي، جي لالڻَ لَہءِ لُٺِيُون،
سَڀئي سَھيلِيُون سِڪَ کي چُنجُون ۽ چُوٽِيُون،
ٻانڀَڻِ ٿِي ٻُوٽِيُون، ته ڪُتا کِينِئي ڪيچَ جا.

سڄي رات داھون ڪندي صبح جو ٻڪرار بيھوشيءَ ۾ ڏسندا ھئا. اھي ويچارا پاڻي ڇنڊي مونکي ھوش ۾ آڻي ڪجھ ٽُڪُرُ ڳَڀو ڏيندا ھئا پر مون کي وڻندي ڪون ھئي پر ھو ويچارا زوريءَ کارائيندا ھئا.

نڪا طلبَ طعامَ جي، نَڪا بُکَ نه اُڃَ،
اَصُلِ اباڻي ڏيجَ تي، ساري ڏِٺُمُ سُڃَ،
رائو، رُلَڻُ، رُڃَ، ڪَمِيڻيءَ قُوتُ ٿِئو.

چيائين ھڪ رات لطيف جو ھيءُ بيت چِتَ تي چڙھي ويو.

ڪَنِ پَٽَ، ڪاپَٽَ ڪاپِڙِي، ڪنوٽِيا ڪَنَ چيرَ،
سدا ويھِين سامُھان، عاشق اُتَر ھيِرَ،
تَسِيا ڏَئي تَنَ کي، ساڙيائون سَرِير،
جي فَنا ٿيا فقير، ھلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.

سو مون سياري جي قاتل رات ۾ ڪپڙا لاھي جبل جي چوٽيءَ تي چڙھي اُتَرَ منهن ڪري سڄڻن کي سارڻُ شروع ڪيمُ صبح جو ٻڪرارن بيھوشيءَ ۾ ڏٺو، منهنجو جسم سيءَ سڪائي چڏيو ھو. ٻڪرارن ويچارن وڏا وس ڪيا پر مونکي ھوش نه آيو، تَنِ مون کي ڪپڙي جي ڏولي ٺاهي پنهنجي گھر وٺي ويا. ڏھَ ڏينهن جبل ۾ گذاري آئون جڏهن گھر ڏانهن موٽيسُ تڏهن مونکي ھيءَ دنيا ڄڻ کائڻ پئي آئي. ڪجھ ڏينهن گھر گھاري پوءِ رِڻَنِ جو راھي ٿيسُ جيڪو اڃان پيو ڀٽڪان.

جيئن سيِ ھرڻ، ھماءُ، سرگردان سنسارَ ۾،
ھُو پَڳُ نه کوڙي پَٽِيِن، ھُو سَرُ ڌِڙُ نه ڌَڙي ڌار،
جيڪَسُ ان ملاءُ، سَسُئيءَ سُورَ پرائيا.

ھو اڪثر چوندو ھو ته ﷲ سائين منهنجي جيڪر ھيءَ خواهش پوري ڪري ته جيئن آئون ڪنهن ڏکوئيل انسانن جي سيني تي ھٿ رکيان ۽ ان جا سڀئي سُورَ پنهنجي سيني ۾ سانڍي ڇڏيان ۽ ھن کي سُور کان آزاد ڪري ڇڏيان. آئون چوندو ھئسُ سُورَ ته تو وٽِ اڳيئي گھڻا آھن ٻين کي ڇا ڪندين، جواب ۾ چوندو ھو يار مون وٽ اھي سُورَ نه پريَنِ جا پُورَ آھن. انھن پُورن ۾ وڏو مزو اٿئي.

سنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، ھَڏَ پُڻُ ڏُکَنِ ھوتَ لئه،
پِرِينءَ جي پاڻ ڏنا، سي سُتي سُکٌ نه ڏِينِ،
جي ماڻهنٍ کي مارِينِ، تَنِ سُورًنِ سَڏَ ڪريان.

تاريخ، مذھب، موسيقي، ادب، جو ماھر ھو. لطيف ھن جي رڳَ رڳَ ۾ رچيل ھو. ھُو چوندو ھو ته لطيف سرڪار کي جنهن سنڌيءَ ماڻھوءَ نه پڙھيو، ته سمجھ ان تي سنڌي ھئڻ جو شڪ واجب آھي. ھو لطيف جي بيتن کي انگريزيءَ ۾ ايئن ٽرانسليٽ ڪري پڙھندو ھو ڄڻ لطيف پاڻ پيو ڳالھائي. چوندو ھو اسين سنڌي رڳو لطيف کي شاعر يا اميدون پوريون ڪرڻ وارو پير ٿا سمجھون. چوي ٿو ته لطيف دنيا جي ڏاھن مان ھڪ آھي اسان جو سماج جيڪڏهن لطيف جي پيغام کي سمجهي وڃي ته اسان دنيا کان گھڻو اڳتي ھجون.

ھو چوندو ھو ته علم، دولت، ۽ شھرت گهڻو ڪري ٽِنِ نسلن کانپوءِ انسان ۾ فضيلت آڻينِ ٿيون. ان ڳالھ تي مون کي ھن سان اعتراض ھوندو ھو. تنھن تي ھو دليل ڏيندي چوندو ھو ته انسان اصل ۾ جلدباز ۽ بي صبرو آھي. تنھن کي جيڪڏهن ايڏيون وڏيون نعمتون جلدي ملي وڃن ته ھو پنهنجي آپي مان نڪري ويندو آھي. انڪري اھو انسان انهن شين جو غلط استعمال ڪندو آھي. انهيءَ غلط استعمال ڪرڻ جي ڪري اھو انسان انهن ٽنھي شين کي جلدي وڃائي ويھندو آھو.

کاھوڙين ڳَرَا، سُوڌي خَبَرَ پَکيَان،
سوجھي جَنِ ڪَيا، مٿي انگُھنِ آنھِرا.

ان ڳالھ جي جھلڪ قاضي صاحب جي زندگيءَ ۾ وڏي نمايان ھئي. اھي ٽئي ڳالھيون وٽ ھجڻ باوجود به ھن ۾ سادگي، نوڙت، ۽ ھٿ جوڙي ڪُٽي ڀريل ھئي.

ھن مختلف ادارن ۾ ڪم به ڪيا انهن ۾ ورلڊ بئنڪ، سنڌ مدرسه، سگا، ۽ ٻيا. مختلف ادارا، جن ۾ ھن جو ڪيترين ئي ڇوڪرين سان ملڻ ٿيو پر ڪنھن کي پنهنجي دل نه ڏنائين. مون کي ياد آھي ھن جي ھوشياري، قابليت، ڏاھپ، نوڙت، سادگيءَ جي ڪري ڪيترين ئي ڇوڪرين ھن سان پيچُ پائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن ان عمل کي پنهنجي محبوب سان بيوفائي ٿي سمجھيو. تنهنڪري انهن ڇوڪرين جي ويجھو ئي ڪون ويو.

ڪاڪِ ڪَڪُوريا ڪاپِڙِي، موھِيا نه ڪنھن مالَ،
جي ڇورِيِنِ ڏِنا ڇالَ، ته به لاھوتي لنگھي ويا.

قاضي صاحب منڌُ به پيئندو ھو آئون اڪثر ھن کي اِھو ڪم ڪرڻ کان روڪيندو ھئسُ، ڇو جو منڌُ پيئڻ ڪري ھن جي صحت خراب ٿيندي ھئي، ۽ ٻيو ته ماني نه کائيندو ھو. آئون جڏهن مانيءَ لاءِ زور ڀريندو ھُوَسِ تڏهن ھو مون کي چوندو ھو يار مون کي بُکَ نه اُڄَ آھي مونکي پيئڻ ڏي.

مُحبتَ جَنِ جي مَنَ ۾، تَنُ تَشِنَگي تار،
پي پيالو اُڃَ جو، اُڃَ سِيِن اُڃَ اُٿِيارُ،
پُنھُون پاڻ پيارُ، ته اُڃَ سِيِن اُڃَ اُجھائيان.

آئون چوندو ھٌئَسُ يار منڌُ تنھنجي طبيعت ويتر خراب ڪري ٿو. ماڻهو غم ڀلائڻ لاءِ منڌُ پينِ ٿا ۽ تون ته وڌيڪ غم ۾ اچي ٿو وڃين. پوءِ ڇو ٿو پيئين؟ جواب ۾ چوندو ھو ڪير ظالم طبيعت سڌارڻ يا غم ڀلائڻ لاءِ پيئي ٿو. آئون ته پيئان ئي سڄڻَ ياد ڪرڻ لاءِ ٿو.

وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻِيو،
قَدُرُ ڪيفَ ڪلاڙَ جو، پِياڪَنِ پِيو،
اَچَنِ دُرسُ دڪانَ تي، ڪنڌُ قَبُولُ ڪِيو،
سُرَھا سِرُ ڏيو، چَکَنِ سُرِڪَ سَيَدُ چئي.

جڏهن مستيءَ ۾ ايندوهو تڏهن مونکي چوندو ھو يار اڄُ ڪو ڪلام ته ٻڌاءِ. ھو سنڌيءَ ۾ اڪثر ڍولَ فقير کي ۽ اردوءَ ۾ kL Seghal ڪُندن لال سھگل کي ٻڌندو ھو. آئون جيئن ئي ڪُنڌن لال جي آواز ۾ مرزا غالب جو ڪلام (بڑے بے آبرو ہو کر تیرے کوچے سے ہم نکلے) لڳائيندو ھوس ان مھل ھو مستيءَ ۾ اچي رقص ڪندو ھو ۽ آھ و زار رئندو ھو.

ڪنھن پًرِ رُوئان پرينءَ لئه پارُ نه ڄاڻا پيرُ،
ڀَنَڻِ مون ڀيرو ٿيو، سُورن لائيو سيرُ،
آرِيءَ لئه اُليرُ، رقصُ ڀاڱِي رَنَ جي.

ان وقت ھن جي اھا حالت ڏسي آئون به روئي پوندو ھئسِ.

اچو سُورن واريون، ڪريون سُورن پچارَ،
ڪَنِي ٿورا، ڪَنِي گھڻا، ناھِنِ سُورئان ڌاري،
ڏنا جي ڌاتارَ، سي مون جھولي پائي جھليا.

ھڪ ڏينهن مون پڇيو قاضي صاحب ڪو شاديءَ جوبھ ارادو آھي يا نه؟ چيائين يار شادي ته ھئي سڄڻن سان ڌاران سڄڻنِ ڪھڙيون شاديون.

حَبِيبَنِ ھيڪارَ منجھان مَھَرَ سَڏُ ڪيو،
سو مون سَڀِ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھو ئي ٿيو.

ھو ھر وقت لکندو رھندو ھو، ھن جون ڪجھ لکڻيون ته محفوظ آھن پر گھڻيون ھن پاڻ ساڙي ڇڏيون يا زمين ۾ لَتي ڇڏيون. آئون چوندو ھوئس تہ يار اھو ڇا ٿو ڪرين يا ته لِکُ نه جي لِکِين ٿو ته محفوظ ڪر، تنهن تي چوندو ھو يار آئون نٿو چاھيان ته دنيا منهنجي درد ڪٿا ٻڌي.

حقيقت ھن حالَ جِي، جي ظاھر ڪريان ذَرِي،
لَڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، ڏُونگر پَوَنِ ڏَرِي،
وڄنِ وڻ ٻري، اوڀَڙِ اُڀِڙي ڪِينَ ڪِين.

آخري ڏينهن ۾ گھڻو بيمار ھو، چوندو ھو آئون صرف پنهنجي اَمَڙِ جي ڪري زنده آھيان، نه ته ھتي منهنجو ڪير آھي.

آئون نه گڏي پرينءَ کي، عُمِرِ تان وَئِي،
وِلِھِيءَ ڏينهنَ وِڃائِيا، سَرَتِيُون سَڀيئي،
پِيريءَ ۾ پيئي، اَکِيُون آريءَ ڏي کڻي.

ھن کي ھيءَ دنيا سمجھي نه سگھي ھو علم جو درياءُ ھو، منھنجي ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن جي وڏي رھنمائي ڪندو ھو. بس ڏک اھو آھي مونکي ھن کان گھڻو پِرائِڻو ھو پر افسوس آئون اھو ڪري نه سگھيسُ.

سُتِينءَ سمجھي ئي، منهن ويڙهي مُئَنِ جيئن،
اوجاڳو اکين کي، ڄاتوءِ نه ڏيئي،
ھٿان تو پيئي، ٿي ڪچو ڪيچِيَنِ کي ڪرين.

ھن سان منهنجو ساٿ تقريبن ٻارھن سالن جو ھو. ھو مون تي ايڏو مھربان ھو جو جڏهن به کپري ايندو ھو ته مون وٽ ئي رھندو ھو. راتين جون راتيون، ڏينهن جا ڏيھن گذري ويندا ھئا پر ڪچھريءَ مان جيءُ نه ڀربو ھو. ھن جون تمام گھڻيون ڳالهيون آھن جيڪي سڀ ھڪڙيءَ ساعت ۾ نٿيون ڪري سگھجن.

سرتيُون سُوراتِيِن جون، ڪُوھُ ٿيون پٿر پُونِ،
گھاءُ نه لڳنِ گھوٽُ جو، اُو رِيا مان ٿيون رُونِ،
چيتاري نه چونِ، پارَ منهنجي پرينءَ جا.

ھن کي مون ڏانهن اچڻو ھو ھن مون کي ميسيج ڪيو ھو ته آئون اچان پيو رھيل ڪم پاڻ گڏجي ڪنداسين. اچانڪ اسان جي ڪامن دوست شاھنواز عمراڻيءَ ميسيج ڪري ٿو ته يار پنهنجو يار موڪلائي ويو. رُوح مان رَڙِ نڪتي گھوڙا ................!!!!!!! ھي ڇا ٿي ويو.

ڏونگر ڏکوئِيَنِ جا، ڳَلِ نه سُڪا ڳوڙھا،
گھوڙا ڙي گھوڙا، وڃن جت جيڏي ڪري.



چنڊَ چَوَئِين سچُ، مَرُ مَٺِيائِيِن ڀانئِيِين


فقير چوي ٿو چنڊ عاشقن ۽ معشوقن جي ملڻ جو وسيلو آھي. پڇيم چنڊ وري ڪھڙو وسيلو؟ چيائين لوڪ سمھي ھي جاڳنِ پوءِ جي اڪيلا ھجن ته پوءِ چنڊ سان ڪچھريون ڪندا ٻيو وري ڪنهن سان،

چوڏهين چنڊ اڀري، سَھَسِين ڪري سينگار،
پلڪ پريان جي نه پَڙِين، جي حيلا ڪرين ھزار،
جھڙو تون سڀ ڄمارَ، تھڙو دم دوست جو.

۽ جي سڄڻن سان ملڻ ٿئي ته به چنڊ سونھون ٿئي.

چنڊ تنھنجي ذات، سڀ مڙھائيان سونَ سان،
پرين منهنجا پنڌَ ۾، تون ڪر سھائي رات،
وھاڻيءَ پرڀات، لَھِي وڃ لطيف چئي.

مون چيو چنڊ جي روشنيءَ ۾ ته سڀ ڪجهه ڏسڻ ۾ ايندو آھي پوءِ اھا روشني ته عاشقن معشوقن لاءِ ته نقصانڪارهوندي آھي. انھن کي ته ملڻ لاءِ انڌيرو کپي.

چنڊ لڳئي منڊ، سنجھيئي شيخَ ٿيئين،
ڪر اونداھي انڌھ، ته ملان محبوبن کي.

چوي پيو چوڏهين راتِ ھجي ھنن جي ملڻ جو آجام ھجي ته ھنن جي اھا ئي آس هوندي آھي جي ته ڪاش چنڊ ڪجھ گھڙيون ڪڪرن ۾ لڪي وڃي ته ملون محبوبن سان.

اونداهيءَ اَڌَ راتِ، پرينِ پسايو پاڻُ،
چنڊ ڪتين ساڻ پيھي ويو پڙلاءَ ۾.

چوي ٿو عاشقن جي مرضي ھوندي آھي اسان جا سڄڻ چنڊ جي روشنيءَ ۾ اچن پوءِ جڏهن پاڻ ۾ ملون ته پوءِ ڀلي چنڊ لڪي وڃي.

چنڊ کي چورائي، جُھڙَ جَھپي نه وٺين،
اونداهي آھي، اَجھو عاشقن جو.

ڪڏهن ڪڏهن عاشقن جي ھيءَ حالت ھوندي آھي جو اھي چاھيندا آھن ته اڄ چنڊ ٿوريءَ دير سان اڀري ته جيئن اسان سڄڻن سان انڌيري ۾ آسانيءَ سان ملي سگھون.

چنڊ! مَ آءُ چَڙِھي، سنجھي ڪر مَ سوجهرو،
اسان پرينِ پاڻ ۾، گھارڻُ ڏي گھڙي،
تو پُڻُ ھُوندَ سَرِي، جي پَلَڪَ پانھيرو اُڀرين.

پڇيم چنڊ کي عاشق سڄڻن ڏانهن قاصد به ڪندا آھن ڇا؟ مسڪرائي چيائين اھي مڙي عاشقن جون رمزون اٿئي. چيائين جڏهن سڄڻ ساڻ نه ھوندا آھن تڏهن دل جو بارُ ھلڪو ڪرڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن سان ته دل جا راز اورڻا پوندا آھن. ۽ پوءِ اتي جيڪڏهن ڪا چوڏيھنءَ جي رات ھجي ۽ چند سڄڻن وٽان اڀري ته پوءِ عاشق معشوق ڏانهن نياپو ته ضرور موڪلندو.

ھيءُ چنڊُ اُھو ئي، جو ھُتِ پَسي پرينءَ کي،
آڏتِ چَئِيجُ اُنَ کي، ڏيان جي روئي،
ھيڪاندي ھوئي، شل سانگَ مَ پوي سڄڻ،

پڇيم عاشق چنڊ سان سڄڻن جي ڀيٽ ڇو ڪندا آھن؟
چوي ٿو چنڊ جڏهن جوڀن تي ھوندو آھي تڏهن ھر شيءِ چنڊ جي سحر ۾ اچي مستيءَ ۾ اچي ويندي آھي. چوڏھين رات جو سمنڊ به جوش ۾ اچي ويندو آھي. پوءِ عاشق ته اڳي ئي الِمستَ هوندا آھن تَنِ کان ڪٿي ٿي سڄڻن جي ڀيٽَ ۾ ٻي دنيا جي خوبصورتي برداشت ٿئي.

چنڊَ تنھنجي ذاتِ، پاڙيان تان نه پِرِينءَ سِين،
جھڙو تون اڇو منجھِ راتِ، تھڙو سڄڻ نِتِ سوجھرو.

چوي پيو عاشقن جون اکين کي ھر مھل اوسيئڙو اھو ھوندو آھي ته. ڪڏهن ٿا معشوقن جو ديدار پسجن. ھي چنڊ کي ھيئن نياپو ڏيندا آھن.

ناسيندي نگاھَ، پھرين ڪِجُ پرينءَ ڏي،
احوال عاجِزَنِ جا، آکِجُ لڳ اﷲ،
روز نھارين راھَ، اکيون اوھان جي آسري.

مطلب اَئي چنڊ تون جڏهن اڀرين ٿو ان مھل پھرين پنهنجي نظر منهنجي محبوب تي ڪري، خدا جي واسطي ھيءُ نپاپو ڏِجُ اسان جون اکيون روز اوهان جي اچن راھَ پيون نھارين، ۽ اوهان جي ئي آسري تي ويٺيون آھن.

ناسيندي نِھارَ، پھرين ڪِجُ پرينءَ ڏي،
سنيھا کي سَڄَڻين، چئجُ چنڊ اپارَ،
ساجَنَ سڀ ڄمارَ، اکيون اوهان جي آسري.

فقير کِلي چوي پيو عاشقن جي اَرِڏائي ته ڏِسُ چنڊ کي به اھڙيءَ طرح سان نياپو ڏين ٿا ڄَڻُ چنڊ ڪو انسان آھي.

آئون جي ڏيَئِين سَنِيھڙا، سي چنڊ پلئي ٻَڌُ،
چئِجُ حالُ حبيبَ کي، نِئي نوڙائي ڪنڌُ،
تو تيڏاھين پنڌُ، عالمَ جيڏانھن آسرو.

مون پڇيو چنڊ وري ڪھڙو نياپا پلي ۾ ٻڌي سڄڻن جي اڳيان نِوِڙِي وڃي پيش ڪندو، اها ڳالھ مونکي سمجھ ۾ ڪون ٿي اچي. چيائين توکي ڪڏهن عشق ٿيو آھي؟ چَيُمُ نه، چيائين پوءِ تو تي ميارَ ئي ڪون آھي جيڪڏهن نه تنھنجي اندر ۾ عشق هجي ھا نه اهي پيو خبرون ڪرين ھا.

اُڀرُ چنڊ! پَسُ پرين، تو اوڏا مون ڏُور،
سَڄَڻَ سُتا وِلَھَ ۾، چوٽا ڀري ڪَپُور،
پيرين آئون نه پُڄِڻِي، ٻاٻل ڏئي نه ٻُور،
جنهن تي چڙھي اَسُور، سنجھيئي سڄَڻ سانڀيٽِيان.

فقير چوي ٿو چنڊ ساري دنيا کي رات جي انڌيريءَ ۾ روشن ڪري ٿو پر عاشقن کي اھا روشني اَکِ ھيٺ ناھي. ھُو چنڊ کي پرينِ جي پير جي پدمَ کان به گھٽِ ڀانئين ٿا.

چنڊ! چَوَئِين سچُ، مَرُ مَٺيائين ڀانئِيين،
ڪڏهن اُڀِرين سنھڙو، ڪڏهن اُڀرين ڳَچُ،
جو مُنهنَ ۾ ٻَرَئِي مَچُ، سو پَدَمُ پريان جي پيرَ ۾.

پڇُيُمُ اھو پَدَمُ ڇا آھي؟ چيائين پدمُ پيرُ ان کي چوندا آھن جنهن پيرَ جو زمين تي نشان پھرين تاريخ جي چنڊ وانگر سنھڙو ۽ ان سان ملندو ھجي. ان کي پدم پير چيو ويندو آھي.

فقير کان پڇيم، فقير سائين ڀلا ڪو پھرين جي چنڊ يا عيد جي چنڊ جو ڪو ذڪر ئي ڪون ٿا ڪريو؟ چوي ٿو عيدون انهن جون جن جا سڄڻ ساڻِ ھجن باقي بنا سڄڻين اهي عيدون به اجايون ته چوڏهينءَ جاچنڊ اڻٽيھن جي اونداھي.

سَھَسِين سِجَنِ اُڀِري، چوراسي چَنڊَن،
بِلاھَ رِءَ پِرِيَنِ، سَڀِ اُنداھي ڀائيان.

چيائين ڪي درويش ته چنڊ کي چڙھندي ان لاءِ ديدار ڪندا آھن جو ھنن جي مَنَ ۾ اھو ئي هوندو آھي ته آئون جنهن چنڊ کي ڏسان پيو ان چنڊ کي ته سڄڻن جون اکيون به ڏسنديون ھونديون. پوءِ پھرين جو چنڊ ھجي يا عيد جو، اکيون چار ڪري ملڻ جا سنيھا، عيد جون مبارڪو، نيھن جا نياپا انهيءَ چنڊ ذريعي ئي موڪليندا آھن.

ڏِٺو ڏِٺو ڪَنِ، سٿا کيروُن سڄَڻِين،
ھُنَنِ ھُتِ جُھاريو، ھٍنَنِ ھِتِ پَسَنِ،
اسان ۽ پِرِيَنِ، چارئي اکيون چنڊ ۾.

پڇيم ڀلا ڪي تارا ڪي ڪتيون يا ٻئي جھان کي عاشق رازدان بنائين ٿا يا رڳو چنڊ ئي يار جو يار آھي. چيائين عاشقن ڪٿي ڪٿي وري تارن کي به راز ڏنا اٿن.

ھِنَ تاري ھُنَ ھنڌِ، ھُتِ منھنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ، ماکي، منڌُ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهن.

چيائين تارا اصل ۾ طرف ڳولڻ ۾ مدد ڏيندا آھن. اڄ به اسين تارن جي جھان جو اندازو لڳائي سمجھي ويندا آھيون ته رات جو ڪھڙو وقت ٿيو آھي. ۽ جي سڄڻن جي طرف ڏانهن تارو ھجي ته پوءِ ان تاري کي ڀاڳ ڀريو سمجهيو ويندو آھي.

تارا تيلاھين، تو ڏانهن گھڻو نھاريان،
سڄڻَ جيڏاھين، تون تيڏاھين اُڀِرين.

پڇيم فقير سائين اسان کي ننڍي ھوندي ڏاڏيون، نانيون جيڪا چنڊ واريءَ ٻڍڙيءَ جي ڪھاڻي ٻڌائينديون ھيون ان ۾ ڪيتري صداقت آھي. کِلِي چيائين اھا مڙي ٻار وندُرائڻ جي ڳالھ آھي. اسان جون ڏاڏيون ۽ نانيون اھا ڳالھ اسان کي به ڪنديون ھيون ته ھو ڏسو ھڪ ٻڍڙي ھڪ وڻ ھيٺيان کيرُ ولوڙي پئي، ۽ ڀر ۾ ٻڪري ٻڌي ٻئي آھي. پڇيم واقعي اھا ٻڍڙي اتي آھي ڇا؟ چيائين نه ابا ان چنڊ ۾ ھڪ عڪس ڏسڻ ۾ اچي ٿو جيڪو ھوبھو وڻ ۽ ٻڍڙيءَ وانگر ڏيٺاري ڏئي ٿو پر اھا ڳالھ آھي ڪون. اهو عڪس اصل ۾ چنڊ تي موجود کڏن کوٻن ۽ جبلن جو آهي.

پڇيم ڇا جھانُ آھي جو عاشق چنڊ تارن سان ڳالھيون ڪرن، اھو چنڊ اھي تارا ته نڪو ٿا ڪُڇَن نڪو ٿا پٌڇَنِ پوءِ ايڏا وڏا دل کي آسرا؟ چوي ٿو جڏهن نه عشق لڳندو آھي تڏهن سُرِتِ ڇڏائي ويندي اھي، پوءِ صرف عشق جون اَلولِيُون ھونديون آھن لطيف سرڪار چوي ٿو نه، عاشق زھر پياڪَ وِھُ ڏسي وِھٍسَنِ گهڻو . پورو جھانُ ھڪ پاسي عاشق ٻئي پاسي، ساري جھانَ جو حُسُنُ ھڪ پاسي محبوب جي مرڪ ٻئي پاسي.

کڻي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪِيائُون نازَ نظر،
سُورج شاخون جَھڪِيون، ڪوماڻو قمر،
تارا، ڪَتِيُون تائِبُ ٿيا، ديکيندي دلبر،
جھڪو ٿيو جوھر، جانب جي ته جمالَ سِين.



آڻينِ ۽ چاڙھينِ، ڏُٿُ ڏِھاڙي سومرا


اڇڙي ٿر جي ھڪ ڍاڻيءَ ۾ ھڪ ٻُڍِڙيءَ کي ڏسان ته ڏَڪندڙ ھٿن سان کنڀيون پئي ڪَٽيندي وڃي ۽ اُسَ ۾ سڪائيندي پئي وڃي. سوال ڪيم ته ڏاڏي اھو ڇا پئي ڪرين؟ لُڏندڙ ڪنڌ سان جواب ڏنئين ته ابا ڏُٿُ پئي گڏُ ڪريان. پڇيم اھو ڏُٿُ ڇا آھي؟ تنھن تي وراڻي ڏيندي چئي ٿي ته ڏُٿُ اھو آھي جيڪو ٿر ۾ قدرتي طور وڻن يا گاھن ۾ اناج يا پَنَ ٿين جنهن ۾ کنڀيون، پِپُون، مريڙو، لُلُرُ، سناڙي، سانٽو، ڦڙھي، لنبُ، ڀُرٽُ، گوارُ سائون، ٻَرُو، موٺِ، سڱرُ، ڏئنرا، پڪا، پيرُون، ڪوڪڙِ، ٻير، ڦوڳي، ڳاڱا ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه آھي جيڪو اسان جو ڏُٿُ آھي. انھن گاھن، ٻوٽن جي پَنَنِ ۽ ٻجنِ کي وڍي ڪٽي سڪائي سڄي سال لاءِ پيٽ جو قوت ڪرڻ لاءِ رکيو ويندو آھي.

وَرُ اُھا ئي وير، َ جيئن ڌَڻُ تَسِئي تَڙِ اچي،
سَرتِيُنِ ڏُٿُ سبيل ڪيو، اَڱَڻَ ڍوئي ڍير،
ھنيون ان جي ھيرَ، ٿو جِھڄي جھروڪنِ ۾.

کنڀين جون ڏنڊيون ٽوپيءَ کان الڳ ڪريو چيريو پئي رکي ۽ اٽي واريون ٽوپيون الڳ پئي رکي، پڇيم اھي الڳ الڳ ڇو پئي رکين؟ چيائين ابا اھي کنڀين جون ڏنڊيون اُسَ ۾ سڪائي رکنديسِ، جيڪي سڄو سال ڀاڄي جي ڪم اينديون آھن. ۽ اھي اٽي واريون جيڪي ٽوپيون آھن سي پاڻيءَ ۾ اٻاري رکنديس انھن جو وري کاٽيو ڀلو ٺھي ٿو. پنهنجي نُھَن کي سڏُ ڪري ڪجهه وڍيل کنڀيون ڏئي چيائين ته امان ھنن جي ڀاڄي ٺاھِ ڀائيي کي کارائيون. چوي پئي کنڀين جو اٽو ڀَڳَلَ ھڏَ لاءِ به آمڻ آھي. ڪنهن ماڻهوءَ يا جانور جو ھڏو ڀڳل ھجي ته ان کي کنڀيءَ جو اٽو کارائجي ڄڻ ريھُ اچي ويو.

کاڄُ ماروئن جو کنڀيون، لُلُرُ ۽ لاڻو،
سڱرُ سڃاڻون، جيڪو مارو کيِنِ ملير ۾.

ھڪ ننڍڙي ڇوڪري پِپُون ڪانبي ۾ پٽي کڻي اچي ڏاڏِيَسِ کي ڏنئين، ڏاڏِيَسِ بسم ﷲ چئي جھوليءَ ۾ رکي پنهنجي نُھَن کي چيائين امان ھنن پِپُنِ جو ٻوڙُ به ٺاھِ ۽ چٽِڻِي به ٺاھجاءِ. ڪجھ پِپُون مون کي به ڏئي چيائين ابا ھي اسان ٿرين لاءِ قدرت تحفو موڪليو آھي، اھو تون به چکي ڏس. پپون کائڻ ۾ ھلڪيون کَٽِيون ۽ لزيز ھيون. مون چيو ڏاڏي پپون کائڻ ۾ کائڻ ۾ تمام لذيذ آھن، چيائين ھائو اھي ھينئر صبح مھل کائڻ ۾ کٽيون ۽ لذيز ھونديون آھن، ۽ جي انهن کي شام مھل کائيندين ته نڪو ساھُ ھوندو نه سِيرِي. پڇيم اھيو وري ڪيئن؟ چيائين ابا اهي قدرت جا ڪمال اٿئي، آئون نه پُڄِڻِي انهن کي. چوي پئي ته تازين پِپُنُ جو کاٽيو ڏاڍو مزيدار ھوندو آھي.

ٿا ڄا ٿَرَ جَھلَ، پِپُون پائر وَٽَ ۾،
سيئي ساريو سومرا، اچي آب اُڇل،
سابين وڌمُ سَلَ، ڏٺي جن ڏينهن ٿيا

نُھن کي چيائين امان اھو مليرو‌ (مريڙو) جيڪو سڪايو ھو تنهن کي کولجانءِ ته جيئن سُڪي وٺي. مون پڇيو اھو مليرو ڇا آھي؟ چيائين اھو به اسان جو ڏُٿُ آھي. اھا ھڪَ گاھَ وانگر سبزي ٿئي ٿي. جنهن جو ساڳُ ٺاهيندا آھيون، ۽ پُڻُ ھن جو کاٽيو به ڀلو ٺھندو آھي. ان کي سڪائي سڄو سال ڏٿ تور استعمال ڪندا آھيون.

ھن مندَ مارو سنرا، ڍنگر ڍار رھن،
پاڻي پوڄَ پٽنِ ۾، پکي پانڌ پيئن،
ھن کي لوھَ لطيف چئي، ھو کائڙَ منجھ کِلَنِ،
کاٽونبا کاڄن، مينهن وسندا موٽُ تون.

پُڇيمُ ٻيا ڪھڙا کاڌا ڏُٿَ ۾ ايندا آھن. چيائين ٻيو لُلُرُ پُڻُ اسان جو معشوق ڏُٿُ آھي. ان لُلُرَ جي سبزي ۽ کاٽيو تمام ڀلا ٺھندا آھن. ان کي سال لاءِ سڪائي پُڻُ رکندا آھيون.

پنھوارن پاٻوھيو، ڪي واھوندن وَسَ،
عمرَ انهيءَ ڏيھَ جا، ڏوٿينِ ڏِنُمِ ڏَسَ،
وَلِيُنِ وڻَ ڦلاريا، لُلُرُ نِگِيو لَسَ،
آڻيو وِجھن آھُرين، سندا ٽوھن ٽَسَ،
ميوا، مَڃَرَ، ماکيون، سڀڪا چکن چَسَ،
ماڙيءَ وِھي مَسَ، مليرَ ويندي مارئي.

سناڙي ۽ ساٽو (واھو) به ڏُٿَ ُ ۾ شامل آھي. انهن جي تازي ڀاڄي ۽ کاٽيو ڀلو ٺھندو آھي پر انهن جو سڪل ڏُٿُ به وڏي ڪم جو آھي.

پڇيم ڏاڏي ڀلا ڪو گاھن جي ٻِجَ وغيره کي به گڏ ڪري کاڌي لاءِ رکو يا نه؟ چوي پئي ھائو ابا گاھن جا بجَ به لُڻي گڏ ڪري سڪائي ڇاڻي گڏ ڪري سڄو سال کائيندا آھيون.

انهن ۾ ڦڙھيءَ (ٻوڙي) جو ٻجُ بيٺل سڪل ٻوڙي جي ٻجَ کي ڪپڙي تي ھنجھندا (ڇاڻيندا) آھيون پوءِ ان کي اُکريءَ ۾ وجھي مُھِريءَ جي مدد سان ڪٽي اَنُ ڪڍي ان اَنَ کي جنڊَ ۾ پيھي اَٽو ٺاھي ماني پچائيندا آھيون.

لُنبُ کي ساڳئي طرح سان ڇاڻي اُکريءَ ۾ صاف ڪري کائيندا آھيون. ان جي اُنَ جي چانورن وانگر لاپسي ٺاھي ويندي آھي. جيڪا کائڻ ۾ چانورن کان به لذيز ٿيندي آھي. لنبُ جو ٻجُ صاف ڪرڻ تمام ڏکيو عمل آھي.

آڻينِ ۽ چاڙھين، ڏُٿُ ڏِھاڙي سومرا،
سٿا ڪِئو سيدُ چئي، سائون سڪائين،
منهنجان لَنبَ لطيف چئي، چانورَ ڪِئو چاڙھين،
پُلاءُ نه پاڙينِ، عمر آراڙيءَ سيِن.

چوي پئي ابا تو ڪڏهن ڀُرِٽَ جي ماني کاڌي آھي؟ چيمُ نه ڏاڏي. چيائين پوءِ تو ڇا کاڌو آھي. چوي پئي ڀُرِٽَ جي ماني کائين ته دنيا جا ٻيا کاڌا اصل وسري وڄِنئي ھا. ڀُرِٽُ جيترو تِکو اوترو لزيز ھوندو آھي. ڀرٽُ ۾ سنھا ننڍا ڪنڊا تمام ججھي مقدار ۾ ھوندا آھن، ان جو ٻجُ انهن ڪنڊن ۾ هوندو آھي. اھو ٻجُ صاف ڪرڻ ۾ وڏو نورُ نچوئڻو پوندو آھي. اسان ٿرين لاءِ ڀُرِٽَ جو ڏُٿُ گڏ ڪرڻ تمام ڏکيو آھي پر ڇا ڪريو جو ان کان سواءِ دل رهي به ڪون ٿي.

اڙڪُ گُوارُ به اسان جو خاص ڏٿ آھي جنهن کي آنٽيو گوار به چوندا آھيون، ان کي پڻ ٻاڦي سڄي سال لاءِ رکندا آھيون.

چيم لطيف سرڪار سائون گاھَ جو ذڪر ڪري ٿو اھو ڪھڙو ٿيندو آھي. چوي ٿي اهي هاڻي گاھَ ڪٿي رھيا آھن ٿي سگھي ٿو لطيف جي دور ۾ ٿر ۾ سائُون گاھُ ٿيندو ھجي، پر ٻچڙا مون اھوگاھ ٿر ۾ ُ نه ڏٺو آھي ۽ نه ئي وري ان جو ڏٿ کاڌو آھي. چوي پئي ٻَروءَ گاھَ جي ٻجَ جي ماني ضرور کاڌي آھي. جيڪو سائون گاھَ جھڙو ٿيندو آھي.

پڇيم برساتي گاھن کان سواءِ پين وڻن پوٽن جو ڏُٿُ گڏ ڪريو يا نه؟ چيائين مولا جا ڪرم آھن ٿر ڀلين پيو ڏسين پر توکي ھتي ھر وڻ ھر ٻوٽي ۾ کاڌو به ملندو ته حڪمت به ملندي. چيائين ھو ڏسين پيو سامهون ڪنڊين جا وڻ اھي ويچارا ڏڪار ھجن يا سڪار ھر حال ۾ ساوا چِچُ ھوندا آھن. انهن جي ٽاري اسان جي مال جو قوتُ ۽ انهن ۾ جيڪو سڱرُ ٿئي سو اسان جو قوتُ. سائي سڱرَ جي ڀاڄي جي کائين ته آڱريون پيو چٽين. ان سڱرَ کي اٻاري سڪائي سڄو سال کائيندا آھيون اھو سڱرُ وڻ ۾ سُڪِي کوکا ٿيندو آھي تڏهن اھي کوکا کائڻ ۾ مٺا ۽ مزيدار ٿيندا آھن.

پانڌي پرين پنھوار جا، نياپا ني ڪي،
ساري ڏِجُ سَرَتِيِين، جادِ پون جيڪي،
وَلِين وَڻَ ڦلاريا، ڪِرڙَ پڪا ڪي ڪي،
سَڱَرُ کِينِ سرتيون، سَيِنِ جيئن سي ڪي،
جيريون ڀڃي جي ڪي، ته ملان پرينءَ پھنوار کي.

نينگريءَ کي سڏ ڪندي چوي پئي ابا اھا ڏاڏيءَ راتِ جيڪا آراڙي ٺاھي آھي اها ته ڀائيي کي کاراءِ. مون چيو اھا آراڙي ڇا آھي؟ چيائين “ڪِرِڙَ جي پَڪَلَ ڏنئورن کي ماٽيءَ ۾ وجھي جُھڳي رَسُ ڪڍي پوءِ ان کي شربت طور واپرائيندا آھيون.” مون کاڌي جنهن جو ذائقو فالودي وانگر ھو ۽ ڏاڍي لذيذ به ھئي.

ڪرڙُ به اسان کي ڏک سک ۾ وڏو ساٿ ڏئي ٿو اھو وري ڏڪار ۾ گھڻو فصل ڏئي ٿو ۽ سڪارَ ۾ گھٽ. ان جي پُسي ۽ ڏنئورن جي سبزي تمام سٺي ٿئي. ڏنئورا هونئن ته تمام ڪڙا ھوندا آھن. پر انهن کي ھڪ مخصوص طريقي سان ماري مٺو ڪيو ويندو آھي. انهن ڏنئورن جو سانڌاڻو به ٺاهيندا آھيون. ڏنئورا جڏهن پڪا ٿي ڳاڙھا لالُ ٿيندا آھن تڏهن اهي مٺا ٿي ويندا آھن. اهي پڪا اسان جي لاءِ ميوات ُ آھن.

پَٽَ پراڻا وسِيا، اچي چيائون،
ڏوئنرا پُسِي ڏيھَ ۾ ساماڻو سائون،
ھِتِ ھيڪلڙي آئون، ھُتِ سڳرَ ساھيڙين جا.

ڳالھيون ڪندي ڏٿ جون ڏسان ته ھڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ پنهنجي ماءُ کي اچي دانھن ڏني ته امان ننڍڙو ادو مون کي ڪوڪڙِ نٿو ڏئي. ڏاڏيءَ کان پڇيمُ ڏاڏي اها ڪوڪڙ ڇا آھي؟ مسڪرائي چيائين اھا اسان جي غريباڻي ميوات ُ آھي. پيروئن کي پٽي اُسَ ۾ سُڪائيندا آھيون انهن سُڪل پيروئن کي ڪوڪَڙِ چئبو آھي. اھا ڪوڪڙِ سڄو سال استعمال ڪندا آھيو.

آما ڀائيان اَڪَ، کٻڙَ کٿوريان اڳرا،
پٽيان ڀريان پيٽ کي، ماکيان مٺي مَڪَ،
ڪوڪڙِ ڪنڊيرن ۾، ڦونڪيو ڀريان ڦَڪَ،
وَرُ ھلاکي سين حَقَ، کوءِ وَڌائُون وڙن سين.

اونھاري ۾ کٻڙن ۾ پيرون ٿيندا آھن جيڪي پُڻُ اسان جو ڏُٿُ ۽ اسان جي مال جو چارو ٿيندا آھن. پيرو ٿرين جو معشوق ميوو آھي انهن پيروئن ۾ ڪي ڳاڙھَڪَ، ته ڪي ڌئورڪَ، ڪي ماڇِڪَ ته ڪي ٻاڌُڪَ ٿيندا آھن ۽ ھر قسم جو پنهنجو ذائقو ۽ رنگ ٿيندو آھي.

تَنِ ساڏوھِيِن سَڌَ مران، ڏنگا جَنِين ڏارَ،
ڀِرِي ساڻِ ڀتارَ، پائُرَ پيرون چونڊيان.

مون چيو ڏاڏي ڦوڳيءَ جو ذڪر ئي ڪون ٿي ڪرين. چيائين ٻچا ھيلُ الاءِ ڪھڙو واءُ وريو آھي جو ھن سال ڦوڳن ۾ ڦوڳي ٿي ئي ڪو نه. نه ته لُکُنِ ۾ اسان ۽ اسان جي ٻڪرين جو چارو اھا ڦوڳي ئي ته آھي. ان جي چٽِڻي کائي ڏسين ته اصل ڏيھَنِ کي پيو ڏَسَ ڏيئين.

ٿوھرَ کُوھرَ ٿر، جِتِ ساٺيڪا ۽ سٺيون،
چارين ٿيون چاھَ پئي، پاسي ڦوڳن ڦر،
ڪيَ لھندم ڪر، مارو پاڻ اپاريا،

مون کي چيائين ٿر ۾ ميھا به ٿين ٿا. چيمُ اھي اوھين پوکيو ٿا يا قدرتي ٿين ٿا. چيائين اڙي ڀورا اھا اسان جي وس ڳالھ ڪٿي آھي اھي ته مالڪ جا ڪرم جو قسمن قسمن جي ميواتِ اسان لاءِ پيدا ڪري ٿو. چوي پئي ميھن جي ڀاڄي تمام سٺي ٿئي ٿي، ۽ انهن کي وڍي سڪائي سڄو سال کائيندا آھيون.

جيھا جي تيھا، مون مارو مڃئا،
مون جيڏيون ملير ۾، چونڊين موڪَ ميھا،
منهنجي آھَ اھا، ڪڏهن ڪيرائيندين ڪوٽ کي.

چوي پئي ڇانھا به ٿين جيڪي ڪچا ھجن ته ٻوڙُ رڌيون ۽ جي پچن ته ميواتِ ڪري کائيون. پڇيم ڇانھن کي وڍي سڪائي سال جو ڏٿ ڪون ڪريو. چوي پئي ڇانھن کي ته ڪون سڪايون پر انهن جون ڪُرِيُون (ٻجُ) ضرور سڪائي رکيندا آھيون. اھو ٻِجُ جتي گڏُ ڪندا آھيون تنهن کي ڪُرِھُ چوندا آھيون.

چوي پئي ٿر جا چِڀِڙَ ڪڏهن چکيا اٿئي. چيم ھائو ھڪ دفعو کاڌا آھن. چوي ٿي اهي چڀڙ ڪچا کائڻ ۾ ڀلا ٿيندا آھن ۽ پر جي کاٽيو يا چٽڻي ٺاھجي ته وَڄَ وڃي وڃن. انهن کي به وڍي سڪائي سڄو سال کائيندا آھيون. چوي پئي چڀڙ ته امان مارئيءَ کي به وڏا وڻندا ھئا. ھوءَ عمر جي قيد ۾ رھي به چڀڙن کائڻ جون آسون ڪندي ھئي.

کُوءِ آسَ عمر ڪوٽ جي، وَرُ جھنگل ۾ جھوپي،
جو اباڻنِ اَڏِيو، ڳُڻَنِ سِين ڳوپي،
ويديسِ ويڙهيچن ڏي، لوھ ڀڃي لوپي،
چِڀڙَيون چُوپي، سِڪُون لاهينديسِ سومرا.

چوي ٿي گولاڙا به اسان جو ڏُٿُ آھن گولاڙا ول ٿيندي آھي جيڪا مينھن ۾ سائي ٿي ڦل جھليندي آھي ان ڦل کي ڳولھَ يا ڳولھُون چيو ويندو آھي جيڪي کائڻ ۾ مٺيون ٿينديون آھن. اھابه اسان جي ميواتِ آھي.

سنھيءَ سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سيِن ساھُ،
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاھَ،
ھينئون منهنجو ھُتِ ٿيو، ھٍتِ مٽي ۾ ماھُ،
پَکَنِ منجھِ پساھُ، قالب آھي ڪوٽن ۾.

ڳاڱا ولِ جا ڳاڱا به اسان لاءِ ميوات آھن اھي کائڻ ۾ تمام مٺا ٿيندا آھن .چيم ٻيرن جي ڳالھ ئي ڪون ٿي ڪرين؟ چوي پئي ابا ٻيرَ اسان جي اڇڙي ٿَرَ ۾ ٿين ئي ڪون، پر اھي ٿَرپارڪر ۾ ٿين ٿا. انھن ٻيرن جي ٻيرين کي ڄانڱري ٻير چوندا آھن. ننڍڙي ڇوڪري مون لاءِ ماني کڻي آئي، مانيءَ ۾ کنڀين جي ڀاڄي، پِپُنِ جي چٽڻي مريڙي جو کاٽيو ھو، گڏو گڏ گرھيڙي ۽ ھڪ ماني ڦڙھيءَ جي ھئي. ڏاڏيءَ ڇوڪريءَ کي چيو ابا ڪجھ ڳنڌڻُ کڻي اچ مون پڇيو ڏاڏي اھو ڳنڌڻ ڇا آھي. چيائين کير، لسي، يا مھيءَ کي اسين ٿريا ڳنڌڻ چئون ٿا.

ٿر وُٺا، بر وٺا، وُٺيون ترايون،
پِرِھَ جو پَٽَنِ تي، ڪن ولوڙا وايون،
مکڻَ ڀرينِ ھٿڙا، سنگھاريون سايون،
ساري ڏُھَنِ سامُھِيُون، ٻولاھيون، رائيون،
ٻائيون ۽ دائيون، پکي سونھن پنهنجي.

چوي پئي ابا اسان غريبن جو اھو ڏٿُ توکي وڻي الاءِ نه؟ جواب ڏنم ڏاڏي توهان وري غريب! توهان ته اھي شيون کائو ٿا جن لاءِ امير به سِڪَنِ ٿا. بنا ڀاڻ دوا جي اهي کاڌا ته دنيا ۾ مھانگي ۾ مھانگا آھن ۽ اوهان ته اھي روز کائو ٿا. تازي ھوا، تازي آڪسيجن، بنا شورَ، بنا گندگيءَ واري زندگي گذاريو پيا جنهن لاءِ ته امير به سِڪَنِ ٿا. ڪاش مونکي ڪو اهڙو ماحول ملي ته آئون اتي ئي ديرو لاھي ويهي رھان.

آڻين ۽ چاڙهين، ڏُٿ ڏهاڙي سومرا،
سٿا ڪيو سيد چئي، سانئون سُڪائين،
منجهان لنب لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين،
پُلاء نه پاڙين، عمر! آراڙيءَ سين.



لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦلاڻيءَ ڦيرُ ٻيو


اوڏن جي تلاش ۾ وڃي ھڪ اوڏ سان ملاقات ڪيم ڏسان ته ڪوٽ تي مٽي پيو ٿڦي مٿي تي ٽوال جو پٽڪو ٻڌل ھجيس، گڏھَ تي سندس زال مٽي سٿي ھڪلندي پئي اچي. نمستي ڪري مليسُ، چاچي ڀليڪار چئي خبر ورتائين. چيم لاکي ڦلاڻي ۽ اوڏن جو قصو ٻڌڻ آيو آھيان. کٍلِي چوي ٿي ابا اهي اوڏ ئي مري ويا ۽ لاکو به مري ويو.

جي تون اوڏَ طَلِبِئِيِن، تئان ھِتِ نه ڪو،
وئا لاکي لوءِ، سنجھي نَھِي ٽنگڙا.

مون چيو چاچا پوءِ به ڪجھ ته ٻڌايو. چيائين ھائو ڪوٽ تي مٽي ٿڦيندي پنهنجي ننڍڙي ڇوڪري کي چيائين چانھ ته کڻي آ. چوي پيو ڳالھيون ته گھڻيون آھن لاکي ۽ اوڏن جو قصو لطيف سرڪار به چيو آھي. پر سائين لطيف سرڪار جي منزل تمام وڏي آھي جنهن کي تون ۽ آئون پڄي نٿا سگھون. پر مون پنهنجي ڏاڏي کان ھيءَ ڳالھ ٻڌي.

چون ٿا راءِ کنگھارُ ڪَڇَ ڀُڄَ جي ھڪ ننڍڙي رياست جو بادشاھ ھو جيڪو ڪنهن ضروري ڪم سان ٽِنِ مھينن لاءِ ٻاھر ويو جنهن ان پنهنجي رياست جون ڪم ڪار ھلائڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ لاکي ڦلاڻيءَ کي واڳون ڏنيون. ان علائقي ۾ اوڏ به رھندا ھئا. انهن اوڏنِ مان ھڪ رُوڙيو اوڏ ھو جنهن جي زال جَسِمه اوڏڻِ ھئي. جيڪا تمام گھڻي حَسِين ھئي.

جنهن تي ھڪ پينوءَ فقير جي نظر پئي، تنهن سڌو وڃي لاکي کي ٻڌايو ته تنهنجي رياست ۾ ھڪ حَسِين عورت رھي ٿي جنهن جي اڳيان تو واريون ڇَھَئي زالون بيھارينس ته ٽڪو ئي نه لھنِ. جنهن تان لاکو ھِرِکي پيو تنهن ھڪ ترڪيب ٺاھي ته جسمه کي ڏسجي. علائقي ۾ ھوڪو ڏياريائين ته ڪوٽ ٺھرائڻو آھي سو اوڏ اچن مون کي ڪوٽ ٺاھي ڏين انهن کي چڱو خاصو معاوضو ڏنو ويندو. اھا خبر پوري علائقي ۾ پکڙي وئي جسمه جي مڙس روڙِئي چيو ته ڪوڏر تغاري کڻ ته ھلون پيٽ گذر ڪريون. تنهن تان جسمه چيو ته روڙِيا ھلين ٿو پر ڏکيو ڏاڍو ٿيندين. ڇو جو جسمه کي پنهنجي حسن جو اندازو ھو. پر سندس مڙس ضد ڪيو ته ھل ھلون دنيا پوري وڃي پئي پاڻ کي وري ڇا ٿيندو؟

ھي ٻئي اتي پھتا جسمه پري کان پڌري سو لاکو پھرين نظر ۾ ھٍرٍکي پيو، تنهن ھڪ دم وزيرن کي حڪم ڪيو ته اھو ڪوٽ روڙئي اوڏ کي ٺاھڻ لاءِ ڏنو وڃي. ڪوٽ ٺاھي جڏهن حساب ڪتاب جو وقت آيو. تڏهن لاکي جسمه جو سڱُ گھريو تنهن تان اوڏن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

اَڏِيو جو اوڏنِ، سو ڍِنگَرُ ڍِلو مَ ٿِئي،
جنهن ڀَرِ ويھِي ڪَنِ، ليکو لاکي ڄامَ سين.

لاکي کي منٿون ميڙيون ڪيائون ته ٻيلي جسمه پرڻيل آھي ڪنواري ڪونهي جو توکي سَڱُ ڏيون. ھنن وڏيون ميڙيون منٿون ڪيون پر لاکو اصل انهيءَ ڳالهه تي ھو ته جسِمه مونکي ڏيو.

تون لاکو اسين اوڏَ، ڪھڙو پٽاندرُ پاڻ ۾،
تون پھرين پَٽُ پَٽيھرُ، اسين کٿيءَ سين گوڏِ،
لاکا لاھٍ ڪوڏ، نه ته ماڻهو ڏيندئي مھڻا.

ھنن ويچيارن وڏا وس ڪيا ته لاکو ان ڳالھ تان چِتُ کڻي، چيائون تون هينئر اسان جو بادشاھ آھين، بادشاھ وڏي عدل ۽ اعتبار وارا ھوندا آھن. اسان غريبن سان عدل ڪر.

لاکي لَڄَ کَنئِي، اَسان اوڏِڻينِ جي،
ڪندو ڪان ٻئِي، اَڳُ وٍسُوڙَل آھيان.

جڏهن اوڏن ڏٺو ته لاکو اصل ھڪڙيءَ تي تڏهن اوڏن ويچارن رات جي پيٽ لڏڻ شروع ڪري ڏنو.

ڇنلَ ڇَڄَ ھٿَنِ ۾، ڪُلھَنِ ۾ ڪوڏارا،
پورھيي ڪارڻِ پيٽَ جي، اُٿينِ سَوارا،
اوڏَ به ويچارا، لاکا وڃن لڏيو.

انهن اوڏنِ تي لاکي جو ايڏو ته ڏهڪاءُ ٿيو جو پنهنجا مالَ مڏيون سامان سڙا ڇڏي لڏي وڃي ٻيا ديس وسايائون.

اَڏي اَڏي اوڏَ، ڇڏي ويا ڀيڻِيُون،
ڪانڀايُون ۽ ڪوڏَ، پيا آھن پَٽَ ۾.

قصو هلندو رھيو ايتري دير ۾ اصلي بادشاھ راءِکنگھار اچي ويو تنهن کي خبر پئي لاکي اوڏن جي عورت ۾ اکيون وڌيون تنهن تان اوڏ راتو رات لڏي ويا. بادشاھ عدل پسند ھو تنهن لاکي ڏانهن ڪارو گھوڙو، سونو وٽو ۽ ھڪ تلوار موڪلي ڏنائين تنهن تي لاکو سمجھي ويو ته بادشاھ مون تي ڪاوڙيل آھي ۽ مونکي ڏيھ نيڪالي ڏني وئي آھي. ان زماني ۾ ڏيھ نيڪاليءَ لاءِ اھو سامان ڏنو ويندو ھو. پوءِ لاکي ڪَڇُ ڀُڄُ مان نڪري وڃي گجرات، کنڀات، جيسلمير وسايائين اتي سندس اڳواڻيءَ ۾ ڌاڙيلن جو ٽولو ٺاھي ڌاڙا ھڻڻ شروع ڪيائين. پوءِ ته جتان به لنگھندو ھو اتان اصل ڀينگَ ڪري ويندو ھو. سندس ڀاءُ راءِ کنگھار کي به لاکي جي انهن زوراورين کان ڇڏيو ڪو نه.

لاکو نه لاھي، ھَنِي مَٿان ھٿڙا،
گھونيريان گھيرُ، ڪري اُڀوئي آھي،
وڃيو سي ڪاھي، خاصيون کنگھارن جِيُون.

اوڏن وڃي ڪَڇَ جي جاڙيجن ۾ پناھ ورتو. چوي ٿو لاکو پھريان ته ان ضد تي ھو جسمه مونکي ڏيو پر ڏيھَ نيڪاليءَ کانپوءِ ھن کي احساس ٿيو ته مون غلط ڪيو. ان غلطيءَ جو ازالو ڪرڻ لاءِ اوڏن وٽ لاکو ھلي ويو پنهنجي غلطيءَ جي معافي ورتائين، اوڏن لاکي کي معافي ڏئي ڇڏي پر جاڙيجا دشمن ٿي پيا. اوڏ ذاتِ تي لاکو ايڏو ته مھربان ٿيو جو جتي به اوڏنِ جو ڳوٺ يا گھر ڏسندو ھو اتان کان پاسو ڪندو ھو، ۽ الٽو لُٽِيلُ مالُ اوڏنِ ۾ ورھائي ويندو ھو.

لاکا وَرِجُ وَرُ، عيبَ گھڻيرا اوڏ ۾،
سي پرين توکي پرتا، جي پَکا منجھِ پَڌَرِ،
رَکين ڀرمُ ڀُنگنِ جو، جي گندڙا اوڏنِ گھر،
جي ڍولا ھيٺِ ڍنگھر، تَنِ کي پَتِيُون ڏيجُ پَتِ جُون.

چَيُمُ ڦُرِ جو سامان مال کڻي اچي اوهان کي ڏيندو ھو ڪھڙو ڀلو ڪندو ھو. چوي ٿو نه سائين لاکي کي ايئن نه چئو لاکي جھڙا مڙس ڪٿي ملن. لاکي انهن کي لُٽيو جيڪي مُوزِي مروانَ ھئا. ۽ ورھائيندو انهن ۾ جيڪو مسڪين بي سھارا ھئا.

تَنِ رَھِيَنِ ڪَنان لَڏِ، جَنِ جي مُھَڙِ ناھَ ملير ڏي،
جو ڌَڻُ ڌَڻِيَئُون ڌارَ چَري، سا ڇانگَ ڀَڄِي ڇَڏِ،
ته ھاڃي سندي ھَڏِ، ڪُوڪَ نه سُڻِين ڪڏهن.

لاکو ھميشھ فجر مھل ڦُرِ ڪندو ھو ۽ ڪنهن کي ڪو جاني نقصان ڪون ڏيندو ھو.

لاکو لوءِ بِلوءِ، وِڙِھي ويلَ سڀ ڪنهن،
پرھَ ڦُٽيءَ پوءِ، ڪندو ڪرگلُ ڪَڇَ ۾.

لاکي جو جھيڙو جاڙيجن سان ھو خاص ڪري اھي جاڙيجا جيڪي ظالم ۽ پاڻ کان سَڀَرا ھئا. ھو ھميشھ ٻولائي مالُ ڪاھيندو ھو، ھُنَ ڪڏهن به لِڪَ چوريءَ يا راتِ جي انڌيري ۾ ڦُرِ يا چوري نه ڪئي. وڏيءَ هاڪ سان مالُ ڪاھي مال چاريندڙَ ھٿان نياپو موڪليندو ھو ته وڃُ تو واري ظالم ڌَڻِيءَ کي ٻڌاءِ ته لاکو ڦُلاڻي مالُ ڪاھي ويو آھي. ۽ مجالُ آھي جو لاکي جي پوئيان پيرُ کڻي مال ورائڻ لاءِ ڪو ويو ھجي.

لاکو لوڙائن سان، چوڏس ٿو چڙھي،
وِڙِھيو وريامنِ جا، ڌُڻِيو ڌَڻَ ھڻي،
پِيَسِ جي پَڙِي، سي واھُرَ ڪَنِ نه وايُون.

چوي ٿو اھي جاڙيجا ڪَڇَ ۾ رهندا ھئا انهن جي اچڻ وڃڻ جو رستو ھڪ ئي ھو جنهن وٽان تقريبن چوڏهن لنگهه (چارا) ھوندا ھئا. اھي لنگهه اھڙا ته خطرناڪ ھئا جو انهن لنگھن مان حملو ڪرڻ آسان ھو ۽ بچاءُ ڪرڻ تمام ڏکيو ھو. ۽ اھي لنگھ لاکي جا گَسَ ھئا.

راءِ سيٍن رُٺا جي تَنِ جاڙيجَنِ جاڙَ ڪئي،
ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪڇڙو.

چوي پيو لاکي ڦلاڻيءَ جو علائقي تي ايڏو ته ڏھڪاءُ ھو جو جنهن سان به ھن جي دشمني ھئي سي سُکُ نه سُتا ڪڏهن.

جاڳو جاڙيجا، سَمان سُکُ مَ سُمَھو،
پَسو آن پِئا، لاکو ٿو لوڙِيون ڪري.

چيائين جاڙيجنَ ۾ لاکي کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڌا جوان جاڳيا پر لاکي جي تَنِ تي اک ئي ڪو نه ٻڏندي ھئي. انهيءَ وقت جاڙيجا قوم جي ماڻهن ٻين قومن جي ماڻهن سان وڏيون جاڙون ڪيون ھيون. پر جڏھن لاکو ھنن تي ڏمريو تڏهن مڙنئي ماٺِ ڪئي.

لاکا لک سُڃَنِ، پر ڦُلاڻيءَ ڦيرُ ٻيو،
جنهن ڀَرِ راڻا راڄيا، ڪوٽنِ ڌڻي ڪَنبَنِ،
جنهن جو جاڙيجَنِ، سُتي سونچو نه لھي.

چوي پيو لاکو راتِ راتِ جي پيٽ ۾ ڀُڃَ کان ھلندو ھو صبح فجر مھل اچي ڪَڇَ تي ڪَٽِڪندو ھو.

ڀُڄِئان ڀُلي پيرُ، وڌو راءِ رڪابَ ۾،
ڪَڇَ رھندو ڪيرُ، لاکو لوڙائن سين.

ڇيمُ لاکو هيڪلو ھو يا ان جا ساٿي به ھئا؟ چوي ٿو لاکي جا ساٿي به ھئا جيڪي لاکي سان ھميشھ گڏ ھوندا ھئا. ۽ لاکي سان گڏو گڏ لاکي جي ٽولي جو به وڏو دٻدٻو ھو.

لاکي لُوڙائن جي، سُڄي داٻَ دَئي،
پُڇو کي پَھي، وڳَ نه ڇڏيو ويسرا،

پڇيم لاکو ۽ لاکي جا ساٿي ايڏو وڏو سفر ڪنهن تي ڪندا ھئا؟ چيائين اھي ڀلن گھوڙن تي سفر ڪندا ھئا، انهن جا گھوڙا اھڙا ڀلا ھوندا هئا جو اصل ميلن جو سفر اصل منٽن ۾ ڪندا ھئا.

ٺاٺوڪين پلاڻَ، سدا هڻن کَرِکِرَا،
لاکي لوڙائنِ جا، اَھِڙا ئي اھڃاڻَ،
ڏيئي تنگن تاڻُ، ڪُوڪُ ڪاريندو ڪَڇِڙِي.

چوي ٿو ان زماني ۾ ڪَڇَ ڀُڄَ ۾ ريٻارين جا به وڏا راڄَ رهندا ھئا جيڪي تمام وڏا مالوند ماڻهو ھئا. جيڪي جاڙيجن جي رعايا ھئا جيتوڻيڪ انهن ريٻارين سان لاکي جو ڪو وير ڪو نه ھو پر ريٻارين جاڙيجن جي رعايا هجڻ جي ڪري لوڙيو. ريٻاري وڏا سکيا ۽ مالوند ھئا انهن وٽان مال ڦري وڃي غريبن ۾ ورھائيندو ھو. پر ريٻاري امير ھوندي سوندي شريف تمام گھڻا ھئا. جاڙيجن وانگر لاکي سان کَسندا يا سامهون ڪو نه ٿيندا هئا. لاکي جو ٻڌندا ھئا تڏهن پنهنجو مال لڪائي ڇڏيندا ھئا ته جيئن لاکي جي نظر نه پوي. ريٻارين جو مال خاص ڪري ريٻارين جون عورتون چارينديون ھيون.

ريٻارڻِ ريجھاءِ، لاکو لولاٽنِ سِين،
سائو ما نه سندياءِ، ٺَٽُ مٽائي ٺاڪرو،

لاکي جو اصول هوندو ھو ته ھن ڪڏهن به عورت تي ھٿ نه کنيو، جيڪو مال عورتون چارينديون ھيون تنهن مال جي ڦُرِ ڪون ڪندو ھو. ۽ نہ ئي ڪڏهن مادو ڍورُ يا ان جا ڦَرَ نه ڪاھيائين. ھو ھميشھ نر ڌَڻُ ڦريندو ھو سو به جيڪو مرد چاريندا ھئا.

رڙي ريٻارڻِ روءِ، واڙيءَ پايو وڇڙا،
کَرا ويڻَ کنگھار کي، چنچنل اُڀِي چوءِ،
واڙيءَ وَڇَ نه ھوءِ، لاکو لوڙائن سين.

پڇيم پوءِ، چيائين پوءِ آخر ڪار لاکِي زوريون ڪرڻ ڇڏي ڏنيون. جَنِ سان دشمنيون ھيون تن سان صُلِحُ ڪيائين.

صُلِحُ ڪَرِ سنگھارَ جَتَنِ جاڙيجنِ سيِن،
تون وَڳَ ڇڏين ٿو ويسرا، ھُو چَمِڪئا چَئوڌارَ،
تو جيڏا تو يار، لاکي ڪيئي لڏائيا.

جن سار وير هو تن جو ڀرجھلو ٿي بيٺو. سڀئي سنگھار سُکُ ٿي ويٺا.

سرھا ٿيا سنگھار، لاکي لوڙيون ڇڏيون،
چانڊاڻي چوڌار، وانڍين وَسَ چَرَنِ.

چوي ٿو لاکي جي ھڪ گھوڙي هئي جنهن جو نالو ھن لَکِي رکيو ھو لَکِي ھلڻَ ۾ تمام تيز ۽ آرامدھ ھئي.

لاکو لَکِيءَ تي چڙهي، لکي لاکي ساڻِ،
واسي سڀِ وٿاڻَ، چاري چوماسو آيو.

لاکي جو ايڏو ته ڏھڪاءُ ھو جو ھن جي سڀني زوراورين کي ڇڏڻ کان پوءِ به ماڻهو ھن کان ڊڄندا ھئا. ھن جي مرڻ کانپوءِ ڪيتريوئي اکيون آليون ٿيون ۽ ڪيترن ئي گھرن جا چلھا اجهامي ويا. چون ٿا جنهن مھل لاکي ڌم ڌڻيءَ کي ڏنو تنهن مھل لَکِي به ھن جھان مان لڏي وئي.

لَکِي ۽ لاکو، ٻئي مُئا ٻاجھَ ٿي،
قادر لاٿو ڪَڇَ تان اَديون اولاڪو،
وانڍينِ ۾ واڪو، ريٻاري رھي ويا.



جي ڀائين پرين مڙان...


جي ڀائين پرين مڙان، ته سک چوراڪي ڌات،
جاڳڻ جشن جن جو، سُک نه ساري رات،
اُجهي ٻُجهي آيا، وائي نه ڪن وات،
سَلي سُوريءَ چاڙهيا، بيان نه ڪن بات،
توڻين ڪُسن ڪاتُ، ته به ساڳي سَلَن ڪين ڪِي.

لطيف سرڪار جي هنن سِٽن جي تلاش ۾ مون وڃي هڪ همراهه ڳولي لڌو، جنهن جو نالو خدا بخش، ڪنهن زماني ۾ المعروف خدو چور هو، هينئر هن جي عمر تقريبن 82 سال، چُرڻ پُرڻ کان لاچار ۽ ٻڌڻ به گهٽ اٿس پر يادگيريون برقرار اٿس.

مون سان ڳالهيون ڪندي جوانيءَ جي پُورن جو هڪ رات جو قصو ٻڌايائين. چوڻ لڳو ته"ان رات کان ٻه ڏينهن اڳ مون ۽ سنگت پاڻ ۾ ويهي چوريءَ جو وقت ۽ هنڌ سِٽيو. اها رات آئي، مقرر هنڌ تي اچي گڏ ٿياسين، سياري جي گهپ اونداهي رات هئي ۽ چوريءَ جو هنڌ اسان کان لڳ ڀڳ 6 ميل پري هو، اهو وقت منهنجي چورين جو شروعاتي هو ۽ ٻي سنگت ڪجهه پراڻي هئي. منزل ڏانهن روانا ٿياسين، هڪ همراهه جي هٿ ۾ ڪهاڙي هئي ۽ اسان ٻن جي هٿن ۾ گهوٻاٽا ۽ منهنجي چيلهه ۾ رسو پڻ ويڙهيل هو. کلندا ڪُڏندا، ڀوڳ ڪندا منزل تي وڃي پهتاسين، هڪ همراهه کي گهر جي ٻاهران جانچ لاءِ چاڙهيڪي تي بيهاريوسين ۽ اسان ٻئي گهر جي گهٽيءَ جي کڙهه لاهي اندر گهڙياسين، ڏاندن جي جوڙي ٻئي مال کان الڳ ۽ گهر جي اڱڻ جي ويجهو ٻڌل هئي، ٻيا گهر وارا سڀ ڪمرن ۾ سُتل هئا، هڪ پوڙهو ڇپري ۾ سُتل هو جيڪو اسان کي نظر پئي آيو، اسان جيئن ئي وڃي ڏاندن جي جوڙي کولڻ جي ڪوشش ڪئي، ان وقت پاڙي جا ڪُتا ڀونڪڻ لڳا، جنهن تي پوڙهو چاچو کنگهيو ۽ اُٿي لٺ هٿ ۾ کڻي مال ڏانهن وڌڻ لڳو، اسان به ڍڳن جي آهوري جي آڙ ڏئي ساهه مُٺ ۾ ڪري لڪي ويٺاسين، پوڙهو هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻي وڏا کانگهارا ڪري وري وڃي سُتو. اسان اڌ ڪلاڪ کن اُن آهوري جي ڀر ۾ ايئن لڪل هئاسين ڄڻ ته اسان ۾ ڪو ساهه ئي ناهي، جڏهن محسوس ڪيوسين ته پوڙهي کي ننڊ اچي وئي آهي، ڏاند کولي روانا ٿياسين. جڏهن اڌ رستي تي پهتاسين ته پاڻيءَ جي واري تي ويٺل همراهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، رستو مٽائي تيز هلڻ جي ڪئي سون، هڪ وڏي جهنگ ۾ مقرر ڪيل پاٿاريءَ تي پهتاسين، جتي همراهه اڳ ئي اسان جي انتظار ۾ هو، جنهن جي حوالي ڏاندن جي جوڙي ڪئي سون. ان همراهه اسان کي سليماني چانهه به پياري. اُتان هر هڪ پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو، آئون به فجر مهل پنهنجي گهر پهتس، گهر وارا سُتل هئا، ايتري دير ۾ مُلين به ٻانگ ڏني، مون لوٽي کڻي وڃي ڍڳي ميڙي، کير کڻي وڃي امان کي ڏنو، چانهه پي ڏانٽو گندي کڻي ڍڳين لاءِ گاهه ڪرڻ لاءِ نڪتس، گاهه ڪري اچي مال کي ڏنم. گاهه ڏئي ڏاندن جو جوڙو ڇوڙي ٻنيءَ ڏانهن روانو ٿيس، ٻن پهرن تائين هر هلايم، ايتري ۾ ننڍڙي ڀيڻ ماني کڻي آئي، مانيءَ ۾ بصر جي پِتي ۽ مرچن جي چٽڻي هئي، ماني کائي نَڙُ ٿي ڏاندن کي گاهه ڏئي ڳوٺ جي ڀرسان هوٽل تي وڃي يارن سان ڪچهري ڪيم، نِما شام مهل ڏاند ڪاهي گهر پهتس، جسم سُور ۾ چُور هو، سڄ لٿي ئي ماني کائي سُمهي پيس."

تنهن تي مون سوال پڇيو ته "چاچا اُن ڏينهن ڇو نه سُتين"؟

چاچي جواب ڏنو ته "ابا جيڪڏهن اُن ڏينهن صبح سوير اچي سُمهان ها ته شَڪجي پوان ها،

اُن ڪري اھو سڄو ڏينهن مون کي عام معمول جهڙو ڏينهن گُذارڻو پيو".

وري مون سوال ڪيو ته "چاچا اُنهن ڍڳن جو ڇا ٿيو"؟

چيائين ته "اَبا ڍڳا پاٿاريءَ تي پهتا ته سمجهه اسان جو ڪم ختم."

پڇيم ته "ڀاڳيو جاڳي پوي ها ته پوءِ"؟

ٽهڪ ڏئي چيائين ته "پوءِ پيرن تي زور".

پڇيومانس ته "پهرين چوري ڪهڙي ڪئي هيئي"؟

مُرڪي چيائين ته "پهرين مون هڪ ڪُڪُڙ چورايو هو".

جنهن تي مون پڇيو "اهو وري ڪري ڪيئن"؟

چيائين "ابا سنگت ۾ ويٺا هئاسين، ڪُڪُڙ چورائڻ جي شرط لڳي، مون هامي ڀري ڪُڪُڙ ڳوٺ جي وچ واري گهر ۾ ٽائيين ته ويٺل هو، هٿ ۾ هڪ ڊگهو تِيلو کنيو، جيڪو ڪُڪُڙ جي پيرن وٽ سِرڪايم، جنهن تي اهو ڪُڪُڙ اچي تيلي تي ويهي رهيو، ڪُجهه گهڙيون مون پنهنجو ساهه جهلي اُن تيلي کي هِلڻ نه ڏنو ته جيئن اهو ڪُڪُڙ انهي تيلي تي سهمي پوي، تسلي کان پوءِ اهو تيلو ڪُڪُڙ سوڌو گهر کان ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ويس. ٻيءَ رات اهو ڪُڪڙ کائي دوستن کان داد ورتم. دوستن واهه واهه به ڪئي ۽ ٽيڪرون به ڏنيون، جنهن تي آئون پنهنجي پاڻ کي مُڙس ماڻهو سمجهڻ لڳس".

پڇيومانس ته "چاچا ڪڏهن چوريءَ ۾ پڪڙيا به ڀلا"؟

چيائين "پڪڙياسين ته ڪونه پر هڪ رات گهوڙو چورائيندي ڀاڳيا جاڳي پيا، اسان سرزمين تان ڀڳاسين، سڄي ڳوٺ ۾ هُل پئجي ويو، ڀڄندا ڀڄندا پير لڪائڻ لاءِ وهندڙ پاڻيءَ جي ڪڙيي (واٽر) ۾ گهڙياسين، پاڻي جهاڳندا جهاڳندا اچي پري نڪتاسين. واٽر مان نڪرڻ مهل پيرن تي ڊَڀَ ٻڌاسين ته جيئن پيرن جي سُڃاڻپ نه ٿئي. رستي ۾ ايندڙ ڳوٺن ۾ به پير هنياسين ته جيئن ڀاڳيا ان ڳوٺ ۾ شڪ ڪن. وچ ۾ اسان جي هڪ ساٿيءَ جو ڳوٺ به آيو جنهن صبح سوير ٻڪرين جو ولر اُنهن پيرن تان گهمائي ڇڏيو. اسان ٽيئي پنهنجي پنهنجي گهر خير خيريت سان پهچي وياسين".

پڇيومانس ته "ڪڏهن پوليس پڪڙيو"؟

چيائين ته "هائو پٽ، هڪ نه ٻه ٽي دفعا".

پڇيم ته "پوليس مار به ڏني"؟

چيائين "ڀلا اهڙي تهڙي؟ چيائين هڪ دفعو هڪ اُترادي صوبيدار جيڪو چورن کي ڪُٽ ڪڍڻ ۾ وڏو مشهور هو، سو بدلي ٿي اسان جي حد واري ٿاڻي تي آيو، تازو ئي علائقي جي وڏيري جو گهوڙو چوري ٿيل هو، مون کي پوليس وارن هوٽل تان کنڀي کڻي وڃي صوبيدار اڳيان پيش ڪيائون، صوبيدار ٿاڻي جي اڳيان کٽ رکي ويٺو هو، همراهه کي گنجي ۽ گوڏ پاتل هئي، ۽ ھمراهه رنگ ۾ صفا اسيل پئي لڳو ۽ شربت پئي پيتائين، مون کي ڏسندي ئي پري کان گار ڪڍيائين، حُڪم ڪيائين ته هن کي چئوڳو ڪريو، سپاهين مون کي هيٺ ڪيرائي منهنجي هٿن ۽ پيرن جي ترين تي کٽ رکيائون، اُن کٽ مٿان اهو صوبيدار چڙهي ويٺو. شربت پيئندو رهيو، مون کي گاريون ڏيندو رهيو، تان جو آئون بيهوش ٿي پيس. رات جو مون کي لاڪپ ۾ ڪُتن وانگر اُڇلائي ڇڏيائون. صبح مهل صوبيدار آيو جنهن کي اڃا به شربت جا خُمار ڇانيل هئا، مون کي اچي ڏنڊي سان ورتائين، تان جو آئون وري بيهوش ٿي پيس. شام مهل پوليس وارن مون کي گهلي ٻاهر ڪڍي صوبيدار اڳيان پيش ڪيائون، صوبيدار مون کي وڏا داٻا دڙڪا ڏنا، پر مون ٻڙڪ به ٻاھر نه ڪڍي، سپاهين کي حڪم ڪيائين ته هن کي ماکي کارايو، جنهن تي سپاهين مون کي ھڪ وڏي ٻٻر جي ٿُڙ سان ٻڌي پاڙ ۾ پاڻي هاري ڇڏيو، جنهن تي ماڪوڙن اچي مون کي ورتو، جنهن سان منهنجو جسم سڄو سُڄي پيو، پوليس وارا مون کان چوريءَ جو پڇندا رهيا ۽ ماريندا رھيا ۽ آئون انڪار ڪندو رهيس، تان جو آئون وري به بيهوش ٿي پيس. ٽئين ڏينهن منهنجي حالت مرڻ جهڙي هئي، صوبيدار مون وٽ آيو، مون کي چيائين مون کي پڪ آهي ته چور تون آهين ۽ هاڻي مون کي اها به پڪ ٿي وئي آهي ته تون چوري نه باسيندين. اهو چئي مون کي هٿ ٻڌائين، چيائين خدا جي واسطي مون تي وڏيري جو وڏو بار آهي، اهو گهوڙو مون کي واپس ڪرائي ڏي، جيڪو گهوڙو ٻيءَ رات وڏيري کي آهوري تي ٻڌل مليو."

مون سوال ڪيو ته "ڪهڙي چوري آسان هوندي آهي"؟

چيائين ته "وڏيري جي چوري آسان ۽ غريب جي چوري ڏکي هوندي آهي".

مون پڇيو ته "اهو وري ڪيئن"؟

چيائين ته "غريب مال جي وچ تي کٽ رکي سمهندو آهي ۽ وڏيرو لاپرواهيءَ ۾ بنگلي ۾ سمهندو آهي ۽ نوڪر ته اُن کان به وڏا لاپرواهه هوندا آهن".

پڇيومانس ته "چوريءَ جي رٿا ڪيئن ڪندا آهيو"؟

چيائين ته "چوريءَ کان اڳ پاڻ ۾ ويهي هر هڪ تي ڪم رکندا آهيون، هڪ همراهه کي ڀاڳيي جي گهر جي جانچ جو ڪم ڏيندا آهيون، ٻئي همراهه کي اُن گهر ڏانهن اچڻ وڃڻ جي رستن جي جانچ جو ڪم ڏيندا آهيون، ٽئين همراهه کي پاٿاريءَ واري سان چوريءَ جي رسائي ۽ ڏي وٺ جو ڪم ڏيندا آهيون".

پڇيومانس ته "چوريءَ مان ڀلا ڪجهه ڪمايئي"؟

چيائين ته "ابا ڪمايو وري ڪهڙو؟ مڙئي عادت پوري ڪرڻي هئي".

پڇيومانس ته "عادت وري ڪيئن"؟

چيائين ته "ابا هڪ ته پاڙي ۾ ڪا چوري ٿي ويندي هئي ته ڀاڳيا اسان وٽ ايندا هئا ته اها چوري واپس ڪرائي ڏيو، جنهن جي واپس ڪرائڻ سان پاڙي وارا اسان جي عزت ڪندا هئا ۽ ٻيو وري اسان کي ايڏي ته ٽيڙي ھوندي ھئي جو اسان هلڪي ڦلڪي ڀاڙيي ڀُتي کي ليکيندا به ڪونه هئاسين".

پڇيومانس ته "اهو وري ڪيئن جو پاڙي وارن جون چوريون به ڪريو ۽ عزت به اوهان جي ڪن"؟

چيائين ته "نه ابا اسان کي پاڙي ۾ چوري ڪرڻ گار برابر هئي، اسان ڪڏهن به پاڙي ۾ چوري نه ڪئي، اُلٽو پاڙي ۾ جتي چوريون ٿيون اُهي سنگت يار تي بار رکي واپس ڪرايون سين".

پڇيومانس ته "اڄڪلهه جيڪي چوريون ٿين پيون اُنهن جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي"؟

چيائين ته "اڙي ابا اڄڪلهه چوريون ته نه پر زوريون پيون ٿين، اهي چور به مري ويا ۽ ڀاڳيا به ناهن ساڳيا، سرڪار جيڪا اسان جي وقت ۾ ڀاڳيي جي پاسي هوندي هئي، اُها هاڻي چورن سان گڏ بلڪه پاڻ چوريون پئي ڪري، اڄڪلهه ڦورو، ڌاڙيل، ٻيو وري دهشتگرد سرڪار سان ملي ڀاڳين جي ڀينگ پيا ڪن. اهي لفظ چئي چاچو خدُو توبهه واري انداز ۾ نڪ ۽ ڪنن تي هٿ رکندي آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳو.



اڱڻ تازي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پٽ سُونھَن


سر سارنگ جو مٿيون بيت ڏئي فقير کان پڇيم فقير ڀلا اھو ڇا آھي؟ فقير چوي سھڻا اھو اسان سنڌين جو ھني مُونُ آھي ٻيو وري ڇا. فقير چوي ٿو لطيف سرڪار سنڌين جي مجاز کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو تڏهن ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ انهن جي شوق جو سامان گڏ ڪري پوءِ ئي ته ھني مون جو ماحول جوڙي ٿو.

اَڱَڻَ تازي، ٻَاھِرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُونھَنِ،
سُرھِي سيڄَ پاسي ۾، مُرُ پيا مينھن وَسَنِ،
اسان ۽ پِرِيَن، شالَ ھُونِ برابرِ ڏينھَڙا.

چوي ٿو سنڌي ڀلي ڪيڏو به اڳيان نڪري وڃي پر پوءِ به ڳوٺ جي ڇِڪَ ضرور واپس وٺي ايندي. جڏهن ڳوٺ جي ڳالھ ڪبي ته اُتي ڀلن گھوڙن، ڪاڇِي ڏاندن، ڪُنڍي مينھين ۽ ڀَلَنِ اوتارن جي ڳالھ ضرور ايندي، اھي سڀ شيون ھجن ۽ سڄڻ ساڻ ھجن اُھي به سڄي حياتي ته پوءِ ڇا ٿو سمجھين سنڌين جي ھَنِي مُون آھي يا نه.

ھن وقت به سنڌ جي گھڻن ڳوٺن ۾ اھي اوتارا، اھي اوطاقون، اھي گھوڙا، اھي ڪنڍيون، اھي ڏاند ۽ اھي ٻڪريون موجود آھن. پر ھن تبديليءَ جي دور ۾ ڪجھ جاين تي انھن جي جاءِ تي ھاڻ وري فارم ھائوس يا وڏا بنگلا وٺي رھيا آھن. جيتوڻيڪ اڄ جي اوطاق تي ڇَنَنِ، پَکَنِ، لانڍين واري جاءِ تي وڏو بنگلو، ان جي ڀر ۾ ھڪ اينڪسي، پلاسٽڪ جيون ڪرسيون، سوئمنگ پول، ۽ ٻيون ڪجھ اڄ جي دور جون ضروري لوازمات اچي ويون آھن.

فقير چوي ٿو پر لطيف سرڪار ان وقت جي سنڌين جي مزاج مطابق ھڪ اھڙو خيال چٽيو آھي جنهن ۾ لذت به آھي ته خوشحالي به ، شاھ سائين ان خوشحال سکئي سنڌ جي ڳالھ ڪئي آھي. جنھن ۾ ڀلن گھوڙن ٿي پٽڪو ٻڌي ڀاڳيا سوار ٿي راڄ ڀاڳ جي سڏن تي وڏي شان شوڪت سان ويندا ھئا. اھي گھوڙا ھر سنڌي چاهيندو ھو ته ان جي اڱڻ تي ضرور ھجن. انھن گھوڙن جا ھاڻ اھي نسل ئي وڃي گھٽ رھيا آھن، جن ۾ سنڌي، مارواڙي، بلوچي، کارائي چڻو ھوندا هئا ۽ انھن کي وري رنگن جي مطابق ھينءَ سڏيو ويندو ھو. ڪميتُ، ڪارو اصيل، سرکو، مَڪڙو، ڪبوتر، سنجاف، انبلَکُ، ٻَگلو، بورُ، شينھن مڪڙو ۽ سَمندُ مَڪڙو اڱڻ جي سونھ ھوندا ھئا. انهن گھوڙن جا سنج اھڙا سنگاريل ھوندا ھئا جو ڀڄي ٿي پري، انهن سنجن تي چاندي جو ڪم اھڙو ڄڻ گھوڙو اصل جَرِڪي پيو، روز شام جو گھوڙن کي سينگاري ٻنين جو چڪر لڳائي اچي تنبيلن ۾ ٻڌيندا ھئا. ھاڻ انهن گھوڙن جي جاءِ ڪارون يا موٽرسائيڪل وٺي ويا آھن.

گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينھڙا،
ڪڏهن منجھ ڪوٽَنِ، ڪڏهن راھي رِڻَ جا.

پر سنڌي وري به سنڌي جيڪي انهن ڪارُنِ کي پنهنجن اوطاقن جي اڱڻن تي ايئن ئي بيھاريندا آھن جيئن اڳ ۾ گھوڙن کي بيھاريندا ھئا.

پڇيم اھي ڪنڍيون مينھيون وري ڪھڙيون آھن؟ چيائين جيڪڏهن ڪُنڍين جي خبر نه اٿئي پوءِ حيف ھجي تنھنجي حال تي. چوي پيو ڪُنڍي مينهن جو نسل آھي جيڪا سنڌ جي اصلوڪي مينهن آھي، ڪنڍيءَ مينهن جي نشاني اها آھي ته ھن جا، سنڱَ (پورَ) چوڙي وانگر وريل ھوندا آھن جنهن کي چوڙَ ڪُنڍِي به چوندا آھن. ڪنڍي مينهن کير جي ڀلي، وزن ۾ وچولي، ۽ مھانڊري ۾ تمام ڀلي ڏسڻ ۾ ھوندي آھي.

ڪي ويجھا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سُپَرين،
ڪي چڙهڻ ته چِتَ تي، ڪي وِسِرَنِ نه مور،
جيئن مينهن ڪُنڍِيءَ پُورُ، تيئن دِلِ وارڪو دوست سين.

فقير چوي ٿو مينھيون مھانڊن ۽ رنگن سان ھينئن سڃاتيون وڃن ٿيون، ڪنڍي، گوشي، ڀِلَ، ڏٻي، ميڻي، ڀوري، ڀولي، گجر،چال، پنج ڪلياڻ، نڀور ڪاري، ماڻڪي ۽ ٻيا قسم ھوندا آھن.

فقير کان پڇيم لطيف سرڪار ٻڪرين جو ذڪر ڪون ڪيو آھي ڇو؟ چوي ٿو سنڌين جا کوڙ سارا شوق آھن ڪھڙن جو ذڪر ڪجي بھرحال لطيف سرڪار مٿين بيت ۾ خوشحال سنڌ جو چٍٽُ چِٽيو آھي.

ڀليون ٻڪريون اڱڻ تي سنڌي پنهنجو شان سمجھندا آھن. ھونءَ ته ٻڪرين جا گھڻا قسم آھن پر سنڌ ۾ ڪاموري، پٽيري، ٿَري، ٽاپري، بَري، ٽِڪِڙِي، جَھرِي، لاسي، ۽ ليڙي ٻڪريون شوق سان پاليون وڃن ٿيون، انھن ۾ ڪاموري ۽ پٽيري نواب ٻڪريون آھن. انهن ٻڪرين کي شوقين وڏي شوق سان پاليندا آھن.

ڍڳين جي باري ۾پڇيم، چوي ٿو ڀليون ڍَڳِيُون ۽ ڀلا ڍَڳا (ڏاندَ) سنڌين جي اوطاري جي سونھن آھن. ڍڳين جا ڪيترا قسم آھن، جن مان، مليرَ، پارڪِرِي (ڪَڇي) چولستاني، ٿاريلي سنڌ ۾ پاليون وڃن ٿيون. انهن مان چولستاني ۽ پارڪري ڍڳين جا ڏاند ملوڪ ۽ وزني ٿيندا آھن. سنڌ ۾ ڏاندن جا ميل پڻ ٿيندا آھن جيڪي شوقين وڏي شوق سان سينگاري اچي پِڙَ ۾ لاھيندا پوءِ جنهن جي ڏاندن گوءِ کٽي ان جي اصل ٻانهن ٻئي لڳندي آھي، اھي ڀلا ڏاند سنڌين جي اڳڻ جو پڻ سينگار آھن.

اوطاق جو پڇيم؟ چوي ٿو اوطاق اوطاري مان نڪتي آھي، سنڌين جي اوطاق جي خاص ڳالھ اھا ھوندي آھي ته وڏا ڪکاوانا مَنَھَن، پَکا، ڇَنا، لانڍيون سينگاريل هونديون آھن،جيڪي ڪٿي ڪٿي اڃان به آھن. انهن پَکَنِ ۽ مَنَھَنِ جو لطيف سرڪار ھڪ ٻئي بيت ۾ به ذڪر ڪيو آھي.

ڊِگِھي اَڏُ مَ مَنَھِي، پَکو اَڏُ مَ لانڍَ،
جَنِي اَڏِيو وِرانڍَ، تًن کي لاکي لڏائي ڇڏيا.

انهن اوطارن ۾ ڀليون جنڊريءَ واريون کَٽُون انهن کَٽُن تي ٽُڪَ واريون رِلِيُون، انهن رلين مٿان ڀرتيل وھاڻا، ۽ ڪريسين واري جاءِ تي تِيلَنِ وارا موڙا سنڌين جي اوطاق جو شان ھوندا آھن.

انهن کٽن ۽ مُوڙن تي بوسِڪِيءَ جا پٽڪا ٻڌي اجرڪ ڪلھن ۾ وجھي سنڌين جون محفلون ھلنديون رھنديون آھن.

ان اوطاري ۾ مَچَ ٻارڻ لاءِ مخصوص جاءِ ھوندي آھي، جتي ڪچهريون ڪيون وينديون آھن. انهن ڪچهرين ۾ ملڪي حالات، برادري مسئلن، ۽ راڳ رنگ جا پڻ دورَ ھلندا آھن.

انهن اوطاقن ۾ ويھڻ جي ھڪ مخصوص ترتيب ھوندي آھي، جنهن ۾ برادريءَ جو وڏو يا چڱومڙس ھميشھ مٿاھين ۽ وچ واري جاءِ تي ويھندو آھي، ان وڏي جي احترام ۾ سڄي برادري خاموش رھندي آھي، ڪچهري ۾ وڏا سيراندي واري پاسي ويھندا آھن ۽ ننڍا پيرانديءَ واري پاسي ويھندا آھن، سلام ڪرڻ، ھٿ ڏيڻ، پاڻي پيارڻ، ماني کارائڻ، ھٿ ڌورائڻ، جو سلسلو ھميشھ وڏي کان شروع ڪيو ويندو آھي. وڏا بوسڪيءَ يا ململ جا پٽڪا ٻڌي اجرڪون ڪلھن ۽ وجھي ڦانگھون ٻڌي وڏي شان سان ويھندا ھئا.

اصول مطابق اجرڪ جي ڦانگھ وڏي جي موجودگيءَ ۾ ننڍا ڪون ٻڌيندا آھن. ۽ جي ٻڌيندا ته به وڏي جي اجازت سان.

چڱا مڙس يا وڏيرا انهن اوطارن ۾ برادرين جا فيصلا پُڻُ ڪندا آھن، انهن فيصلن جي خاص ڳالھ اھا ھوندي آھي ته فيصلي ڪندڙ چڱو مڙس ٻنهي ڌرين لاءِ قابلي قبول ھوندو آھي.

چوي ٿو سنڌي ماني کارائڻ جا خان آھن، ڀلين ڪيڏو به غريب ھجي پر مھمان کي مانيءَ کانسواءِ نه ڇڏيندو.

چوي ٿو نه صرف ماني پر ڀلي اجرڪ جي اوڍاڻي ڪري پوءِ مھمان کي موڪليندا آھن.

چوي ٿو سنڌي عاشق مزاج ته آھن ئي مٿان جي لطيف سرڪار جي دعا سان اھي سڀ شوق اکين اڳيان ھجين ته پوءِ ڇا ٿو سمجھين.

چوي ٿو برسات وسڻ کانپوءِ سنڌ جو نظارو ئي الڳ ھوندو آھي، ماڻھو کيٽ کيڙيندا آھن، مال لاءِ چارو ٿيندو آھي، سنڌُ سموري سائي ٿي ويندي آھي. مينهن وسڻ کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ سرھائي ٿي ويندي آھي.

بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، ڀًرِيُون تَرايُون،
پِرِھَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،
مَکَڻَ ڀَرٍين ھَٿَڙا، سَنگھارِيُون ساريُون،
ساري ڏُھَنِ سامُھِيُون، ٻولھايُون رايُون،
ٻانھيُون ۽ ٻايُون، پَکي سُونھَنِ پنهنجي

فقير چوي ٿو لطيف سرڪار ھڪ اھڙي خوشحال سنڌ ٿو گھري جنهن ۽ اوطارا وَسِيَلَ ھجن، انهن اوطارن ۾ ھڪڙي پاسي ڀلا گھوڙا، ٻئي پاسي، ڀليون مينھيون،. اَڱَڻَ تي مينهَن پيا وسن مطلب سنڌين جي خوشيءَ جو سارو سامان ڪٺو ھجي، ۽ تنهن مھل سڄڻَ ساڻِ ھجن انهن سڄڻن جي حسن جو ھيٺين بيت ۾ ھيئن ذڪر ڪيو اٿس.

گَنيَرَ گَتَ سِکَنِ، چَلَڻَ جي چاھَ پَئِي،
ھِنڊاوا حيرَتَ ۾ پِئا، لالي ڪِي لَبَنِ،
چَمِڪَنِ چَوءڏَسِ چنڊَ جئن، وِڄُڙِيُون وِھِسَنٍ،
لوچَنِ ٿِيُون لطيف چئي، پَسَڻَ لئهءِ پِرِيَنِ،
ڪيسَرِ قَريبَنِ، سنباھي ساڻ ڪئا.

اھڙا سڄڻ ساڻ ھجن ته پوءِ مَرُ پيا اھڙا مينهن وسن.

ڏَڙَ رَيا، ريجَ ٿِيا، ڪِي اوھِيرَنِ اوڪَ،
ميھا، چِڀِڙَ، ڦنگِيُون، ٿِينِ سَڀَئِي ٿوڪَ،
ڇاڇَرِ ٿي ڇَنَنِ ۾، مينھِيُون چَرَنِ موڪَ،
سَرَھِيُون سَنگھاريُون ٿِيُون، پائين تويو توڪَ،
لاٿائين مٿا لوڪَ، ڏوگاھي جا ڏينھَڙَا.

فقير چوي ٿو اھي سڀئي سامان ڪَٺي ھجن ۽ سڄڻ ساڻ ھجن ته پوءِ سنڌين جي ھني مون ٿي يا نه ، مونکي چيائين اھو بيت وري ڏي.

اڱڻَ تازي ٻَھرِ ڪنڍِيُون، پَکا پَٽِ سُونھَنِ،
سُرَھِي سيڄَ پاسي ۾، مَرُ پيا مينهنَ وَسَنِ،
اسان ۽ پِرِيَنِ، شال، ھُونِ برابر ڏينھڙا.



مُومَلَ کي مجازَ جا اکڙين ۾ اَلِماسَ


مُومَلَ کي مجازَ جا، اکڙين ۾ اَلِماسَ،
نَڪو عام نه خاص، جي ويا سي وَڍِيا.

فقير چوي ٿو مومل ۽ سُومَلَ پنهنجي پيءَ راجا نندَ جون ٻئي لاڏليون ڌيئرون ھيون. پيءُ جي ھڪ طعني تي ڪاوڙجي ماٿيلي مان نڪري وڃي جيسلمير جي ڀر ۾ ڪاڪِ ننديءَ جي ڪنڌيءَ تي ھڪ طِلِسِماتي محلُ ٺاهيئُون ھِنَنَ جي ھمراھَ ۽ ھمراز ٻانھي َ ناتَرِ به ھنن سان گڏ ھئي. فقير چوي ٿو مومل جو حُسُنُ، سُومَلَ جو عقل ۽ تاترِ جي نخرن ۽ جادوءَ جا چئوطرف چئوٻول ھلڻ لڳا.

ھلو ھلو ڪاڪ تڙ، جتي نينھن اُڇلَ،
نڪا جھلَ، نڪا پَلَ، سڀڪا پسي پِرينءَ کي.

موملَ پنهنجي حُسُنَ سوملَ پنهنجي ڏاھپَ ۽ ناترِ پنهنجي ناٽڪ جي بانوَرَ تي ھوڪو ھلايو ته آھي ڪو مرد مَٿيرُ جيڪو اسان کي ماڻي. جنهن تي پري پري کان ڪيترن ئي خانن ڪاڪ ڪنڌيءَ اچي ڏيرا ڪيا.

ڪنگڻَ ڪڙولا، ڪيوٽيون، ھٿنِ ۾ ھِيرا،
مَکِينِ ٿيون، مشڪُ، عطر، ۽ انبيرا،
خانن اچي کوڙِيا ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪِيرا،
سوڍيُون سوئيرا، آڏا پائي آئيون.

ان محل ۾ شاندار ڪمرا، ڪمرن ۾ ريشم جا ھنڌ، ھنڌن تي عطر ۽ انبير ڇنڊيل، ان محل ۾ ڪيتريون ئي ٻانھيون، انھن ٻانھين جي بدن تي قيمتي لباس پھريل يعني جو ڏسي سو کپي.

اطلش آبريشم جا، پاتائون پھرڻَ،
عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪيائون تڻَ،
ٻيا ھاريا ھٽنِ تي، سندا مُشڪنِ مڻ،
چندنَ سِين چِڪَ ڪري، اُجاريائون اَڱَڻَ،
مومل جي مرڪڻَ، لکين لوڌي لُٽِيا.

ان محل جي ويجھو ھميرَ سومرو پنهنجي وزيرن راڻو مينڌرو، شينھڙو ڌماچاڻي ۽ ڏنئورُ ڀُٽاڻي سان گڏ شڪار ڪري رھيو ھو. شڪار ڪندي ھڪ بيحال جوڳيءَ کي ڏٺئون، جوڳيءَ کان خبر ورتائون ته ڪير آھين ۽ ڪٿان پيو اچين؟

آئون اُتاھين آيو، جِتِ ڪنهن جي ناھِ مجال،
مومل جي ماڙيءَ کي طرحين طرحين تال،
لکين ماريو لال، موٽيو اچان مينڌرا،
--

پِرِھَ جو پيدا ٿيو، ڳاڙاھيءَ جو گَچُ،
سائي سالَ ڪلھن ۾، ٻيو منهن ۾ ٻري پيو مچُ
سامي چَئِجُ سَچُ، ڪٿان ڪَڪوريون ڪاپِڙِي.

جوڳي ڏسڻ ۾ تمام حَسِينُ جميلُ ھو، اھو چوي پيو آئون جوڳي ڪون آھيان پر جيڪو مون ڏٺو آھي ۽ جيڪو مونسان ٿيو آھي ان مونکي جوڳي بنائي ڇڏيو آھي. ھن کان پھريان آئون به ڪنهن رياست جو بادشاھ ھئس. بھرحال ان سان حال احوال ڪندي خبر پئي ته مومل جي ماڙيءَ تان سامي سڀ ڪجھ لٽائي بيحال ٿي موٽيو آھي.

ڪالھَ گڏيو سِين ڪاپِڙِي، بابُو بانَ بَرِي،
سائي سالَ ڪُلَھَنِ تي، سامِي سونَ سَرِي،
خَبرَ ڏي کَرِي، ڪا موملَ جي مجاز جي.

جوڳي چوي پيو ته مومل جي مھل ۾ اھڙو ته تِلِسِمُ آھي جو آئون منهنجو وڏو قافلو ڪاھي ويو ھوس اھو سڄو لُٽائي واپس خالي ھٿين موٽيو پيو وڃان.

ڪالھَ گڏيو سِين ڪاپڙي، پَھَرَ سِجَ کانپوءِ،
پَسُو سونھَنَ ساميءَ جي، رَتُ وَرِنو روءِ،
جو مُنھنُ موملَ جي پوءِ، موٽڻُ تنھن مَسَ ٿِئي.

جوڳي مومل جي حُسنَ تان پنهنجو سڄو ڪجهه لُٽائڻ جي ڳالهه شروع ڪري ٿو، چوي ٿو مونکان پھريان ڪي خان آيا سي سنجھي ئي کپي ويا. مون به وڏا وسَ ڪيا مومل جو مجاز ماڻڻ لاءِ پر ماڻي نه سگھيسُ، ڳالھ ڪندو وڃي روئندو وڃي. ھاڻِ سَڄو ڪجھ لُٽايو پيو چرينِ وانگر ڦران.

بِکاريءَ کي برَ ۾، ويو ڪيفُ چَڙَھي،
ڳالھيون ڪندي ڪاڪِ جون، ڳوڙھا پِيَسِ ڳَڙَھي،
ڪا جا انگَ اڙي، جيئن ڇُٽلَ ڦَٽَ ڇِڙِي پيا.

جوڳيءَ جون اھي ڳالھيون ٻڌي ھمراھَ ھيڪر ته ھَڪِيا ٻَڪِيا ٿي ويا. ۽ ان سوچ ۾ پئجي ويا ته اھڙو ڪھڙو ڪاڪ ڪنڌيءَ تي جادو آھي جو جيڪو ٿو وڃي سو لُٽٍجي ٿو اچي.

جوڳيءَ جاڳائي، ماري وڌا مامري،
ليهه لُڊوڻِئي ڪنڌيين، اَڻَ مَيو آھي،
وڃو جي ڪاھي، ته نِڪُون پَسو نينھن جِيُون.

جوڳيءَ جون جوش ڀريون ڳالھيون ٻڌي راڻو راھَ ۾ ئي ڪُسِي پيو. ھاڻِ راڻي رَءُ ڪيو ته اھا مومل ضرور ماڻِڻِي آھي سو ساٿين سان صلاح ڪري همير کي راضي ڪري کڻي ڪاڪِ ڏانھن ڪاھِيَئون.

ڪالھَ گڏيو سِين ڪاپِڙِي، جھڙو ماھُ مُنِيرُ،
فيضُ، فِراقُ، فَقيرُ، جوڳِي جاڳائي ويو.

ڏِسِ ڏوريندا چارئي يار اچي ڪاڪِ ڪنڌيءَ تي پھتا، اتي ڏسن ھڪ ڳاڙھي رنگ جو محل ٺھيل آھي، جنهن جي چوڌاري ھڪ وڏو عاليشان باغ آھي

چڙهيا چارئي يار سُوڌا شڪاري،
ڪاھي ويا ڪاڪ تي، جِتِ مومل موچاري،
بابو گڏيو بَرَ ۾، جنھن ڏِسِ ڏيکاري،
فِڪِرَ سٍين ڦِٽِي ڪئي، تنھن سوڍي سوپاري،
موٽيا نه ماري، جن ڪونئَرَ لتاڙيا ڪاڪ جا.

ڏسن ته ان باغ ۾ قسمن قسمن جا وڻ ٻوٽا پوکيلَ آھن، جنهن ۾ ڪيترائي رستا آھن جيڪي مومل جي محل ڏانھن وڃن ٿا. انهن رستن تي ڪيتريون ئي ڪنواريون مھمانن جي ميزبانيءَ لاءِ ڪَرَ کنڻيو بيٺيون آھن

ڪرسَڻَ ڪاڪِ ڪنڌين، جِتِ لوھيڙا لال،
سوڍيون سونَ ورنيون، جوڀِنُئُون جمال،
تَنِ گھڻا گاروڙي گھائيا، ڪَلنگِين سان ڪمال،
ڌاران مينڌري مجال، ٻيو ڪاڪ ڌڻي ڪون ٿئي.

ان باغ ۾ ھنن لاءِ رھڻ جو بندوبست ڪيو ويو، پر راڻي سنگت کي صلاح ڏني ته جي ھتان واپس زنده ھلڻو اٿئو ته رھڻ، کائڻ، پيئڻ، جو بندوبست خود کي ڪرڻو پوندو. تنهن تي ھي پنهنجو ھڪ الڳ ڏيرو ٺاھي رھڻ لڳا.

لُڊوڻيان لطيف چئي، کٽون کنيائون،
ڇڏي حيلا ھليا، مومل ماڻيائون،
وڃي ڪاڪ ڪنڌيءَ، لَڏون لاٿائون،
ڀيرو ڀڳائون، آسڻ آرامي ٿيا.

اتي پھچڻ بعد خبر ورتائون، تنهن تي خبر پئي مومل ماڻڻ لاءِ وڏيون ڪَڙِيُون شرطون رکيل آھن اھي شرطون جھڙو تھڙو نه پار ڪري سگھندو. انهن شرطن کي کٽڻ لاءِ ڪي ئي خان آيا ۽ کپي ويا.

گُجَرَ کي گجميلَ جون، تارن ۾ تبرون،
ھڻي حاڪمن کي، زور ڀريون زبرون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.
مومل کي مجاز جا، اکين ۾ انبورَ،
ھڻي حاڪمن کي، پٽَ ڀري پورَ،
گھوٽَ پھرين گھورَ، جي ويا سي وڍيا.

ان باغ مان مھمانن کي مومل سان ملائڻ لاءِ ناتَرِ ٻانهي وٺي ويندي ھئي، جنھن وٽ مھمانن کي ورغلاڻن لاءِ ڪيترا ئي ڪرتب ھئا. جنھن جي ڳالھين ۾ اچي ھمراھَ وچ واٽ تي ئي کپي ويندا ھئا.

آيا اُوءِ ڪائي، پسي گامَ گجرئيين،
تنھن ناتَرِ گھڻا نِھوڙيا، جا دَرَ مٿي دائي،
اڃان مومل منجھِ ٿي، جا ٻاڻَ ھُئي ٻائي،
ساٿِيا سانبائي، ڪامل ڪجو ڪاڪ جي.

پاڻ ۾ صلاح ڪيائون جنهن ۾ اھيو فيصلو ٿيو ته ھميرُ سومرو پھريان مومل ماڻڻ ويندو، ھمير تياري ڪري ناتر سان وڄڻ لڳو ڪجھ دير اڳتي ھلي ڏٺائين ته ڳالهه ڳاڻيٽي ۾ نٿي اچي سو منهن ھيٺ ڪري وچ مان ئي موٽي آيو. ساڳيين حالت شينھڙي ڌماچاڻيءَ ۽ ڏنئور ڀٽاڻيءَ سان ٿي.

سوين شڪاري آئيا، وڏا منجهه ويرَ،
ھِتي ڪَئِين ھميرَ، لکين خان کپي ويا.

جڏهن راڻي جو وارو آيو تڏهن راڻي ھنن تي ٺَٺولَ ڪندي چيو ته اوهين ته ناترِ جي نخرنِ ۾ ئي ڍير ٿي ويا مومل ماڻڻ ڪو مزاق ناھي ڏسو ته آئون ڪيئن ٿو ماڻيان.

ڪاھي آيا ڪاڪ تي، ڏٺائون ناترِ،
گھوٽن وِسريا گھر، گُھورَ پھرين گھائيا.

ناترِ راڻي کي وٺي مومل ڏانهن رواني ٿي، تڏهن راڻو سمجھي ويو ته سڄو کيل ان ناترِ جي ناٽڪ ۾ آھي راڻي رستي ۾ ئي ناترِ جي ڳالھين کي نظرانداز ڪندي پنهنجي ڏاھپ تي زور ڏنو ۽ ناترِ جي ڳالھين ۾ اچڻ کان پاسو ڪيائين. جڏهن ناترِ ڏٺو ته راڻو منهنجي ڄار ۾ نٿو اچي تڏهن راڻي کي ڊَپَ ڏيڻ لڳي.

آئون ٻانھي ٻايون ٻيون، تَڙُ مڙوئي تار،
ھتي لکين لوڌي نھوڙيا، ھتي ھاڻ ھزار،
پيا نه ڏسين پَٽَ تي، ڪنڌيءَ ڪاڪ ڪنار،
تو جيڏا تو يار، مومل موھي جھليا.

ناتَرِ ڏٺو راڻو مُڙي ئي ڪون ٿو تڏهن راڻي کي وري پنهنجي ڦَند ۾ آڻڻ لاءِ راڻي جي همدرد ٿي سمجھائڻ لڳي.

گام مڙوئي گجريون، جِتِ راٺوڙيون رھن،
ڏھَ ڏھَ ڀيرا ڏينهن ۾، خون کلندي ڪن،
سامهون وڃ مَ تنِ، اڳيان راڻان ٿو رِڻُ وھي.

وچ تي ڪيتريون ئي ڪنواريون جھولَ جھلي بيٺيون ھيون ته راڻي کي رستي تي ئي ڪپائي ڇڏيون. پر سائين راڻو به راڻو ھو تنھن جي انهن مان ڪنهن تي به اک نه ٻڏي اصل مومل مومل پيو ڪري.

ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، موھيا ڪنهن نه مالَ،
سوڍيون سھجائي ھليا، ھي تني جي حالَ،
جي ڇورين ڏنا ڇالَ، ته به لاھوتي لنگھي ويا.

آخر راڻو نه ھٽيو تڏهن ناترِ آخري حربو هلندي چوي ٿي راڻا تون جيڪا مومل مومل پيو ڪرين سان توکي ڏسندي ئي ماري ڇڏيندي.

مومل ھٿ ڪماڻ، نسورو ئي نينھن جو،
ھڻي حاڪمن کي، ٻنگَ نھاريو پاڻ،
جيلانھن لڳس ٻاڻ، ٿي واڍوڙن ڪَرُون لَھي.

پر راڻو ڪو مُڙي نيٺ اچي ناترِ کي مجبور ڪيائين تہ مومل ضرور ڏيکار، ناترِ مجبور ٿي اچي مومل سان راڻي کي ملايو.

آسڻَ باسَڻَ ان جا، سونا سَڀيئي،
رتا ھَٿً راٺوڙِ جا، ٻِيڙن سِين ٻيئي،
ناترِ نيئي، راڻو اُتِ رسائيو.

راڻو ڏسي ته مومل جي جيڪا ڳالھ دنيا ۾ ھلي پئي ان کان به وڌيڪ مومل ملوڪ آھي. خير ٻئي مليا پاڻ ۾، مومل پھرين ساعت ۾ سمجھي وئي ته جيڪو ھيڏيون رڪاوٽون لتاڙي اچي مون وٽ پھتو آھي تنهن ۾ واقعي ڪا مَڻِيا ته ضرور ھوندي. اھا رات ڳالھيون ڪندي گذري وئي ڪا خبر ئي ڪان پئي.

گلستان جھڙيون گُجريون، اِرمَ اوڍيائون،
چوٽا تيل ڦليلَ سِين، واسينگ ويڙھيائون،
ستي لوڪ لطيف چئي، راڻو رانيائون،
سو موٽي ڪيئن پاھون، جو گل گجرِ کي گڏيو.

فقير چوي ٿو ان رات راڻي کي پاڻيءَ جي طلب ٿي تنهن تي مومل راڻي کي پاڻي پياريو، پاڻيءَ جو ڳاڙھو رنگ ڏسي راڻو ڇرڪجي پيو. تنهن تي مومل راڻي کي چيو رڻا ڇِرِڪُ نه اھو پاڻي ڪاڪ ننديءَ جو آھي جنهن جو رنگ ڳاڙھو ھوندو آھي. تون بي خوف ٿي پيءُ.

ڪَڪو پاڻي ڪاڪ جو، راڻا ڀاءُ مَ رتُ،
سوڍا اِيءُ شربت، نسوروئي نينھن جو.

تقريبن ٻن ڏينهن کانپوءِ راڻي کي ھوش آيو ته مون سان وقت جو بادشاھ ھمير سومرو ۽ ٻئي سنگت آيل آھي، سو مومل آٿتِ ڏني ته تون پريشان نہ ٿي انهن جي خدمت ۾ مون ڪا به ڪسر ڪون ڇڏي آھي. ناترِ ٻانهي انهن جي خاص خدمتگار آھي.

سوين شڪاري آيا، تون سِرُ سڀنِ جو،
مڻيون جنهن جي منهن ۾، سوڍو آھي سو،
اِيءُ تَڙُ مٽايو تو، ٻيا ڪامل آيا ڪاڪِ تي.

ھميرَ سومري ۽ ٻئي سنگت ناترِ ٻانهيءَ کان پڇيو ڏي خبر راڻي جي ڪيڏانهن ڪيو اٿئي نه ٿو اسان جي خبر وٺي نڪو ئي ٿو اچي ڇا ماجرا آھي. تڏهن مومل چوي ٿي راڻو مومل جي آسڻ ۾ آھي ھن وقت ھن کي پيو سڀ جھانُ وسريل آھي.

راڻو ٻن ڏينهن کانپوءِ پوءِ جڏھن سنگت سان مليو تڏهن راڻي جي منهن تي مرڪ ھئي ۽ مومل جي مجاز جا خمار ڇانيل ھئا، اھو ڏسي سنگت سمجهي وئي ته راڻو ڏاڍو خوش آھي.

ڪاڪِ ڪڪوريا ڪاپِڙي، تَنِ لَھي نه لالي،
ڪڙي ڪيف خماريا، مَئي پي موالي،
ڪري حاصلُ ھليا، ڪيفيتَ ڪمالي،
وطنُ وصالي، لُڊوڻيا لوڌي ٿيا.
ڀونئر جيئن ڀِرِي، سڄڻَ سلامتَ آيا،
تني کي ڦِري کلِي مون کينڪاريو.

سو سنگت ايندي ئي راڻي کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيائون. ڳالھ ڪندي مومل جي مجاز جي راڻو چوي ٿو مومل ڪيترن کي ماري وڌو پر آئون مومل کي ماتِ ڏيو پيو اچان.

گُجَرَ گھڻا گھائيا، پاڻان لڳسُ گھاءُ،
مينڌري مُلاءُ، لڳُسُ ڪانُ ڪپارَ ۾.

سنگت پڇيو راڻي کان مومل ڏسڻ ۾ ڪھڙي آھي اخلاق ۾ ڪھڙي آھي، تو سان ھن ورتاءُ ڪيئن ڪيو تو ھن سان ورتاءُ ڪيئن ڪيو؟

ڪنڍا نَڪَ ڪُنوارئين، ڪارا ڀِروُن ڀنڀور،
نيڻين ڀِنِيُون نِينگِريون، اَڇا ڏندَ اَتورَ،
گھميو لاھينِ گجريون، سندي ڦلنِ ڦورَ،
ٻيٽيون راجا نندَ جون، ٽِلنِ وڏي ٽورَ،
ھئا مانجھي منهن مٿورَ، جي راتِ ڪنوارينِ ڪڪوريا.

فقير چوي ٿو اھي ڳالھيون ٻڌي ھمير جو مَنُ ماندو ٿيو تنهن مومل جا ديدار پسڻَ لاءِ راڻي کي چيو، چون ٿا راڻي همير کي هيٺ ڪرڻ لاءِ شرط رکيو ته جيڪڏهن مومل جا ديدار پَسِڻا اٿئي ته ھميرَ توکي مينھين جو ميھار ٿيڻو پوندو. ھميرَ اھا شرط قبول ڪئي وڃي ويسُ مٽائي مينھيون ڏُھڻُ شروع ڪيائين، مومل مينھين جو وٿاڻُ گھمندي ڏسي ته جيڪو ھمراھ مينھيون ڏُھي پيو تنهن جا ھٿَ رتُ ٿي ويا آھن، معلوم ٿيو اھو همير آھي جنهن مومل کي ڏسڻ لاءِ اھو روپ ڪيو آھي تنهن تي مومل ڏاڍي مايوس ٿي ۽ راڻي کي چيائين راڻا توکي ھمير سان ايئن نه ڪرڻو ھو.

تون ڍاٽي ڍَٽَ ڌڻي، ڍولا تنھنجو ڍَٽُ،
پائي تارازيءَ توريان، ملڪُ نه تنھنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، اچي کوڙُ قناتون ڪاڪِ تي.

پر راڻي مومل سان واعدو ڪيو مومل تون ھينيون نه ھارُ آئون جلدي موٽي ايندسُ تنهنجي ماڳ تي. مومل آخر تائين راڻي کي ريجھائيندي رھي ته ٻيلي جيڪو قول ڪيو اٿئي سو پارجُ ضرور.

تون ڍاٽي ڍَٽَ ڌڻي، تون راڻو، تون راءُ،
مومل محتاجِيُون ڪري، عاجزيون اڳيانءِ،
ھُو جي قولَ ڪياءِ، سي سگھا پارِجُ سُپرين.

نيٽِ آخر مومل کان موڪلائي ڍَٽَ ڏانهن پنڌ پيا، مومل وڏيون ايلازيون ڪندي رھي پر راڻو واپس ورڻ جا قول ڪندي روانو ٿي ويو.

ڍَٽَ مَ وَڃِجُ ڍولَ! ڪاڻِياري ڪاڪ ڪري،
آءُ اڳَھين آھيان، ٻڌي تنھنجي ٻولَ،
توکي ساري سُپرين، ھينڙي اچن ھولَ،
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَھُ مون وِھُ ٿئا،

جڏهن ھميرُ سومرو چئني يارنِ سان گڏ امرڪوٽ پھتو، تڏهن چون ٿا همير راڻي کي خارَ ۾ اچي عمرڪوٽ کان ٻاھر وڃڻ جي پابندي لڳائي ڇڏي. پڇيم پابندي جو لڳايئين؟ فقير چوي پيو ھڪ ته ھمير کي مومل نه ماڻڻ جو ڏک ھو، ۽ ٻيو ان ڳالھ جو جيڪو راڻي ھمير کي مومل جي مينھين جو ميھارُ ٺاھيو ھو انهن ڳالھين جي ڪري همير راڻي تي ڪاوڙيل ھو.

چون ٿا راڻي ڪجهه ڏينهن عمرڪوٽ ۾ گھاري مومل سان ملڻ جي ھڪ ترڪيب ڪڍي جيڪا اھا ھئي ته اھڙو ڪو اٺ ھٿ ڪجي جيڪو راتو رات وڃي مومل سان ملائي. سو راڻي وڃي ريٻارين کان اٺ گھريو تنهن تي ريٻارين راڻي کي چيو اسان جي وڳ ۾ ھڪ گورو آھي جيڪو رات مھل وڳَ مان ھليو ويندو آھي ۽ صبح مھل وڳ ۾ اچي ويندو آھي اھو گورو جيڪا اوڳرِ واريندو آھي تنهن مان خوشبو ناگيلَ ول جي اچي ٿي جيڪا وَلِ صرف ڪاڪ نديءَ تي ئي ٿئي ٿي پيو ڪٿي به نٿي ٿئي.

جي ننڍو تان ڪوھُ، وٍکِيِن آھي وِتِرو،
وَڃيو ڪاڪِ ڪنڌِينِ ۾، پَھَسِ پَکيءَ جِئَن پوءِ،
اِنَ ڪُڙھِ سندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نه ٿِئي.

راڻي اھو ئي گورو ڌوڻيو، ان گوري تي روز رات جو مومل سان ملڻ لاءِ ڪاڪ محل وڃي نڪرندو ھو، ۽ صبح مھل ھمير جي محل ۾ ھوندو ھو.

اَکُون، ڊاکون، سِرِکنڊَ شاخون، جِتِ چوکا چندنَ ڪونئرَ،
مَيي سي ئي ماڻيا، جِتِ نه ڀِرَنِ ڀوءَنر،
ڪُئاريون ۾ ڪوءنرَ، ڪاھِ ته پَسُون ڪاڪِ جا.

مومل ۽ راڻي جي ملاقاتن جو سلسلو ھلندو رھيو، ھڪ ڏينهن راڻي جي ڀيڻ جيڪا ھميرَ جي زال ھئي تنهن ڏٺو ته راڻو آرامي آھي ۽ راڻي جي زلفن مان ڳارھو رت جھڙو پاڻي وھي رھيو آھي. تنهن وڃي ھميرَ کي اھو ماجرو ٻڌايو، ھميرَ معلوم ڪيو ته خبر پئي ته اھو ڳاڙھو پاڻي ڪاڪ ننديءَ جو آھي ھميرُ سمجهي ويو راڻو رات مومل سان ملڻ وڃي ٿو تنهن وري راڻي تي سختي ڪري ڇڏيائين ۽ اُٺ جا پيرن لوھي ڪِلا ھڻائي ڇڏيائين.

ھڪ راتِ راڻي کي مومل جي ياد اچي ورايو، تنهن وري ساڳيو ڪرھو ڪاڪ ڏانھن پلاڻيو پر ڪرھي جي پيرن ۾ ڪِلا لڳل ھئا، ڪرھو ھلڻَ ۾ ھيڻو ٿي ويو.

ڪرھا ڪَسَرَ ڇڏ، وِکَ وڌندي پاءِ،
منهنجو ھلڻُ اُتي ئي، جِتِ جانب جاءِ،
توکي چندنُ چاريان، ٻيو وڳُ لاڻِي کاءِ،
ايئن اُٺَ اٺاءِ، جيئن ھونديءَ راتِ ھُتِ مِڙون.

راڻي ڏٺو رات ڪرھي جي قدمن ۾ ته لوھُ لڳل آھن سو اھو ڪڍي ڪاڪِ ڏانهن ڪاھيائين. پوءِ ته ڪرھو چئي اصل ڪاڪ ڪٿي.

ڪَسَرَ ڇڏُ ڪنواٽَ، وِکون وِجُھ وڌندِيُون،
سَئِي سُپيرين جي، ونگِي ڀاءُ مَ واٽَ،
ڇَڏُ جُھوري ڏي جھاٽَ، ھونديءَ رات ھُتِ مِڙُون.

وڏيءَ راتِ راڻِي کي ڪَرَھي ووي ڪاڪ رسايو، ڏسي ته مومل ڪنهن مرد سان گڏ سُتي پئي آھي، سو راڻو ماٺِ ماٺِ ۾ پنهنجو لَڪُڻُ نشاني رکي روانو تي ويو. مومل جاڳي ڏسي ته راڻو رات آيو ھو جيڪو ڪاوڙجي پنهنجي نشاني لَڪُڻُ رکي ھليو ويو.

ڪاڪِ ڪَڙھِي وڻَ ويا، جَلي منهنجي جانِ،
رکي ڪامَ ڪَڙِڪِيو، مارِيَسِ تنهن گُمانَ،
ھَڏِ نه جيئان ھاڻِ، سِگھو موٽِجُ سُپَرِين.

فقير چوي ٿو راڻي ملئي مومل کي گھڻا ڏينهن ٿي ويا ھئا سو مومل سومل کي چيو ته راڻي جي وڏي سِڪَ لڳي آھي تون مون سان مردن وارا ڪپڙا پائي سمھُ، ان رات مومل کي خبر کان ھئي ته ڪو راڻو ان رات اچي پيو، سو مومل سومل سان گڏ سمھي رھي، راڻي جيئن ئي مومل سان ڪو مرد سُتَلُ ڏسي شڪ جي بنياد تي ڪاڪِ کي ڪاڻياري ڪري وڃي عمرڪوٽ مان نڪتو، ھِتي مومل جي من ۾ ڄڻُ مچُ ٻري ويو.

ڪاڪِ ڪڙھي وڻ ويا، جلي منهنجي جان،
رکي ڪامَ ڪڙڪيو، مارِيَسِ تنهن گُمان،
ھَڏٍ نه جيئان ھاڻِ، سِگهو موٽجُ سُپرين.

--

ھئي جي نه ھئي، ته نه راڻو رنجُ رکي ويو،
ماريس تنهن مامري، جا سڀ ڪنهن ڳالھ سُئي،
ڳُڻًنِ سان ڪُھي، ويو نھوڙي ننڊَ ۾.

فقير چوي ٿو مومل کي راڻي کان وڇڙڻ کان وڌيڪ ان داغ جو غم ٿيو جيڪو گناه ھن ڪيو ئي ڪو ھو. تنهن غم ۾ ھيءَ ڏينھون ڏينهن اندر ئي اندر ۾ ڳرندي وئي.

راڻا رُسِي ڪاڪِ سِين، وڇوڙو وِڌوءِ،
فوڙائي فراق جو، قدر ڪونَ پيوءِ،
دل کي داغُ ڏنوءِ، مُئِيءَ نه وسري مينڌرا.

راڻو رُٺو ڪاڪِ سِين، ٿي قيامت ڪاري،
جنهن پر مير مينڌرو، سا پر نه مون پاري،
ڍولي سا ڍارِي، جيئن ڪنڌُ مٿاھون نه کڻان.

مومل کان راڻي جي رُسَڻَ بعد کائڻ، پيئڻ، کِلَڻُ، ڪُڏَڻُ سڀ وسري ويو ھاڻِ ڪاڪِ تي اصل ڪانگ ويھي رھيو.

ڪاڪِ ڪڙھِي وڻَ ويا، ٻريا رنگَ رَتولَ،
تو پُڄاڻا سُپرين، ھينئڙي اچن ھولَ،
ھُو جي ڪَيَئِي قولَ، سي سگھا پارجُ سپرين.

فقير چوي ٿو راڻي ۽ مومل جي ملڻ جو وقت رات جو هوندو ھو، ۽ اڳي رات جو وقت جو تعين چند، تارن، ڪتين، لوڌي، ٽيڙوئن جي ھلچل تي ڪيو ويندو ھو، ۽ مومل جون سڄيون راتيون نگاھون، راڻي جي راھَ ۽ تارن جي ھلچل تي ھونديون ھيون.

ڪَتِينِ ڪَرَ موڙيا، ٽيڙو اڀا ٽئي،
راڻو رات نه آيو، رات ٽَرِي ويئي،
کُوءِ سا کاڻِي راتڙي پِرِيَنِ لئهءِ پيئي،
مون کي ڏَنءُ ڏيئي، وڃي ڍوليو ڍَٽِ قراريو.

ھاڻِ اھو ڪاڪِ محلُ جنهن ۾ مومل ڪي ئي ڪوڏَ ڪيا سو مومل کي ڄڻ کائڻ پئي آيو. راڻو رسيو ڄڻ مومل جي مَتِ کَسِي چرينِ وانگر لُڏاڻي ڏانھن اک ھجي ھاڻ راڻي ۽ راڻي جي ڪرھي کي ساريو پئي رتُ روئي.

مومل ويٺي مينڌرو، سدائين ساري،
وَلِيون واسَ ورنيون، چانگي کي چاري،
جڏهن تڏهن سپرين، ايندمُ اوتاري،
سوڍي سين ساري، ڳالھيون ڪنديس ڳُجھيُون.

راڻي ڏانھن نياپو موڪليندي چوي ٿي راڻا تو جيڪا مونکي عيبن ھاڻي سمجھي سا آئون نه آھيان،. منھنجي من ۾ صرف ۽ صرف تنھنجو ئي ٻارڻُ آھي، جي تون نه آھين ته سمجھ مون لاءِ ڪجھ به نه آھي. اھا ڪاڪِ، اھي باغ، اھي ٻانھيون، اھي ٻايون مون لاءِ حرام آھن. تون ھڪ ڀيرو ڪاڪِ تي ڪَھِي اچ.

ڏجانءِ ڍاٽي ڍولَ کي، سنيھو ساري،
مونکي ڦَٽَ فراق جو، مينڌرا ماري،
اچين جي واري، ڪرھو ڪميڻيءَ تي.

چوي پئي راڻا آئون تنھنجي ئي رنگ ۾ رنڱيل آھيان. مونکي ٻيو ڪجھ به نه ٿو سُجھي، تون ئي منھنجو ننگُ آھين تون ئي مون کي عيبن ھاڻي ڪندين ته پوءِ آئون ڪيڏانهن وينديس.

راڻا تنھنجو رنگ، ڪنهن ويسريءَ نه وسري،
اسان ڏي اچڻ جو، دوست وجھجُ مَ دنگٌ،
نَرَ سڃاڻِجُ ننگُ، مِھِڻِي آب متان ڪرين.

پر راڻو نه آيو مومل ارادو ڪيو ھاڻِ راڻي ڏانھن مونکي پنهنجي صفائي ڏيڻ لاءِ خود وڄڻو پوندو، سو مومل مردانو ويسُ ڪري ڪاڪِ ڇڏي لُڏاڻي ڏانھن پنڌ ڇڪيو اچي عمرڪوٽ ڀر سان ڏيرو ڏنائين، راڻي کي خبر پئي ته ڪو پرديسي آيل آھي جيڪو ڇوپڙ راند جو وڏو ماھر آھي، راڻي کي شوق ٿيو ته ان سان به اھا راند ڪجي، سو راڻو به اچي رسيو. ڏسي ته ھڪ مرد جنهن جي چھري تي پردو آيل آھي اھو ماڻهن کي چوپڙ راند ۾ ماتِ ڏيو ويٺو آھي. راڻي به رَءُ ڪيو ته ڇو نه ان کي راند ھارائجي، سو راڻي راند رھڻ جي حامي ڀري راند رھڻ شروع ڪئي. راند ھلندي رھي ھڪ راڻو راند ماري ته ٻيءَ مومل ماري، اصل راند جو نبيرو ٿئي ئي نه اچي شام ٿي. راند ڪندي مومل جي ھٿ جي ڪرائيءَ تان ڪپڙو لھي پيو جنهن سان راڻو مومل جي ھٿ جي ڪرائيءَ تي نشان ڏسي سمجھي ويو ته اھا مومل ئي آھي جنهن سان آئون راند پيو کيڏيان. راڻو ڪاوڙ ۾ اٿي روانو ٿيو ۽ چوڻ لڳو مومل ھاڻٍ تون ڪيڏا به ھيلا بھانا ڪرين پر راڻو تنھنجو ڪو نه ٿيندو، سٺو آھي تون ھتان ھلي وڄُ. مومل رڙيون ڪندي چوندي رھي راڻا آئون پاڪ آھيان تون مونکان ساکَ وٺ جيڪا آئون ڏيڻ لاءِ تيار آھيان. پر مونکان ناراض نه ٿي.

پائي پانڌ ڳچيءَ ۾، اڱڻَ جي اَچن،
منهن ۾ مديُون تن کي، ڏسڻ سين نه ڏجنِ،
اوڳُڻَ عيب اُڻايون، ڍڪڻُ ٿي ڍَڪِجن،
توڙي ڪچيُون ڪنِ، ته به معاف ڪجن مينڌرا.

فقير چوي ٿو راڻي ڪون مڃيو اتان کان اٿي ھليو ويو ۽ چوندو ويو مومل تون ھتان ھلي وڃ. مومل رڙيون ڪندي رھي ۽ چوندي رھي راڻا آئون توکان سواءِ ڪيڏانهن وڃان جيڏانھن ٿي وڃان اوڏانهن تنھنجو ئي عڪس سامھون اچي ٿو.

ڪيڏانهن ڪاھيان ڪرھو، چوڏس چِٽاڻو،
منجھئي ڪاڪِ ڪَڪوري، منجھيئي لُڏاڻو،
راڻو ۽ راڻو، رٍءَ راڻي ناھي ٻيو ڪو.

پر راڻو اتان کان ھليو ويو، مومل راڻي ڏانھن نياپو موڪليو ته راڻا جيڪر توکي مون تي اعتبار نه آھي ته سڀاڻي اچي ڏس آئون مَچَ جي آڙاھَ ۾ توکي پنهنجي ساک ڏيان ٿي. ٻئي ڏينهن مچُ ٻريو ملڪ ۾ ھوڪو ھليو، خلق اچي گڏ ٿي، مومل تيل ڦليلَ ڪري ھارن سينگارن سان گڏ کلندي ڪڏندي اچي مَچَ ۾ ٽپو ڏنائين، فقير چوي ٿو اھا ڳالھ جڏهن راڻي جي ڪَنَنِ تائين پھتي تڏهن راڻي به اچي پنهنجو پاڻ مچ ۾ وڌائين.

مون گھر اچي ٿئي، مينڌرو مھمان،
آڻي جھوڪيان آگ ۾، ڄيري وجھان ڄاڻ،
تاڻي تنورن ۾ ڀيري ھڻا ڀاڻُ،
پيڪنِ سوڌو پاڻ، گھرُ، تڙُ، گھوريان پِرَ تان



موکي منڌُ پيارُ، اُونچو اُونچي مَٽَ مان


فقيرچوي ٿو موکيءَ جو جنھن جاءِ تي ھَٽُ ھو ان جاءِ وٽان متارنِ جو گَسُ ھو. موکي جي ھَٽَ تي شراب ملندو ھو ۽ متارا موکيءَ جي ان منڌَ جا مشتاق ھئا. ھونءَ ته ان گسَ تي ٻيا ڪيترائي ھٽَ ھئا پر موکي جي ھٽَ جو چَسُ ئي ٻيو ھو.

عاشق! معشوقن جي، وٺي ويھُجُ واٽَ،
موکي سندي مَٽَ تي، اَچِجِ اُوچي ڳاٽَ،
لاھيندئي اُساٽَ، وَٽِيُون پياري وٍکَ جون.

فقير کان پڇيم موکيءَ ھئي ڪير؟ چوي ٿو ھُونئن خلق ڳالهيون ته ڳچُ ٿي ڪري، پر مونکي جيڪا ڳالھ عقل ۾ ٿي اچي ٿي اُھا اِھا آھي ته موکي ناترِ جي ڌيءَ ھئي. جيڪا ناتَرِ مومل جي ٻانھي ھئي.

آيا اُو ڪائي، پَسِي گام گجرئين،
تنھن ناتَرِ گھڻا نھوڙيا، جا دَرَ مٿي دائي،
اڃان مومل منجھ ٿي، جا ٻاڻَ ھڻي ٻائي،
ساٿيا سانباھي، ڪامل ڪجو ڪاڪِ جي.

فقير کان پُڇيم متارا ڪير ۽ ڪيترا ھئا؟چوي ٿو لطيف سرڪار موکي جي مئخاني جي مستانن کي متارا ڪري پڪاري ٿو. متارن جي باري ۾ به مختلف ڪھاوتون آھن، ڪي چون ٿا اھي ڇَھَ ڄڻا ھئا ته ڪي چون ٿا اھي اَٺَ ڄڻا، پر ھڪ بيتُ شاھدي ڏئي ٿو جيڪو لطيف سرڪار جو آھي يا ٻئي ڪنهن درويش جو آھي، جنهن مان شاھدي ملي ٿي ته اُھي اَٺَ ڄڻا ھئا، پر جي مزارن تي وڃبو ته اتي ڇَھ قبرون ھڪڙيءَ لانڍَ ۾ آھن ۽ ستين قبر انهن کان الڳ آھي.

ٻه سمان، ٻه سومرا، ٻه چنا، ٻه چوھان،
موکيءَ دَرِ مھمانَ، ايندا ھئا اَٺَ ڄَڻا،

موکي جو ھَٽُ ڪراچيءَ جي اُڀَرنديين پاسي ناراٿر جبلَ جي ٽڪريءَ تي ھو. جتان کان سامونڊي واپاري لنگهندا ھئا. اھي واپاري وڏا مالدار، ملڪيت وارا ھوندا ھئا. انھن جو ٿَڪُ لاھڻ لاءِ موکيءَ به اچي شراب جو ھٽُ کوليو ھو.

عاشق! معشوقن جي، وٺي ويھج راھَ،
موکي جي مَئِخانَ تي، نَمِي ڪِجُ نگاھَ،
وَڃُ ته ڏِينَئِي واھَ، سُرڪي ڪا شراب جي.

موکيءَ ماڻسِ وانگر ڏسڻ ۾ سُھڻي ھئي ۽ ھن جي ادائن ۾ به وڏي نماڻائي ۽ نِوِڙَتَ ھئي. جنهن ڪري موکيءَ جي ھَٽَ جو وڏو چرچو ھو.

وِجِھجُ واٽاڙن تي، مئخاني جي ماڪَ،
ٿيندي سُڌِ سڀڪنهن، ھنڌ ھنڌ پوندي ھاڪَ،
پِرِھَ جا پياڪِ، جه سي اڱڻ آئيا.

ھڪ دفعي موکيءَ جي متوالن اچي موکيءَ وٽ لَڏُون لاٿيون. ايندي ئي موکيءَ کان سري جي سَڌَ ڪيائون.

جهُ سي اڱڻَ آئيا، ته سرو ڪندا سُڃَ،
سائي ٿيندي اُڃَ، ھِي پيتو ھُو آڻ ڪي.

موکي وڃي مٽنِ جا منهن اُپِٽِيا ته مار هي ڇا! مٽ ته سمورا خالي لڳا پيا آھن ٻيا مٽَ خالي ڏسي هُن جڏهن آخري مَٽُ اُپِٽِيو ته ڇا ٿي ڏسي ته ان مَٽَ ۾ ھڪ وڏو ڪاريھر نانگُ مُئو پيو آھي، پر ان سري جي بُوءِ وڃي متارنِ تائين پھتي.

موکي سندي مٽ ۾، سِري سَپُ پئو،
ڳري سو ڳڀا ٿي، پرزا ٿي ويو،
ڪنڊن ڪرون جھليون، مچي منڌُ پيو
قضا ڪم ڪٍئو، ڪونهي ڏوھ ڪلاڙَ جو.

موکيءَ انھن کي انڪارُ ڪيو ته مون وٽ منڌُ ختم ٿي چڪو آھي ان ڪري آئون توھان جي اھا خدمت نٿي ڪري سگھان. متارن سمجهيو موکيءَ سَري جو مُلُھ مھانگو ڪرڻ لاءِ پئي نخرا ڪري. تڏهن متارن موکيءَ کي چيو “موکيَ تون پئسي جي پرواھ نه ڪر جيڪو توکي مُلُھُ کپي سو وٺ پر اسان کي شراب تنھنجي ئي ھٿان پيئڻو آھي“.

موکي متارنِ جا ننڍا ڪِيمَ نھارَ،
ساماڻا سري ڌڻي، اڇا اڱڻَ ڌارَ،
ناڻو ڪِيمَ نھارَ، سِرَ پُڻُ ڏيندا سَٽَ ۾.

موکي کي چيائون اسين به ڪنهن رياست جا راجه آھيون پر موکيءَ تو اسان جي به سردار آھين تنھنجي ھٿن جو ٺاھيل شراب اسان کي ڪٿي به ڪون ٿو ملي، نه ئي تو جھڙو ساقي. نه ڄاڻ ڪھڙو تو ۾ ۽ تنھنجي شراب ۾ نشو آھي جو اسان ٻئي ڪنهن ڏانهن ڪنڌ کڻي نھاريندا ئي ڪون آھيون. تنهنجي شراب مان اسان کي وڏا قرار اچن ٿا.

موکي! منڌُ پيار، اُونچو اُونچي مَٽَ مان،
ڏيندي ڏاتارن کي، وَٽِي وِجُھ مَ وار،
سِرَ کڻي سردار، اڱڻ تنھنجي آئيا.

پر سائين متارا ڪي مُڙَنِ ھنن کي موکيءَ جي ميخاني مان سَري جي بوءِ.ته پھريان ئي پھچي چڪي ھئي، تن ضدُ ڪيو ته جيڪو تو وٽ موجود آھي سوئي اسان کي پيش ڪر.

موکي مَٽَ اُپٍٽِئا، سوارا صُبُوح،
اُونچي جي عبداللطيف چئي، باسَ پُھتينِ بُوءِ،
ڪڙو جي ڪَڪُوھ، ته به وَٽَ سِرِ گُھرن وٽِيُون.

موکي مجبور ٿي ان مَٽَ منجهان متارنِ کي وٽيون ڀري ڏيندي وئي ۽ متارا تِڪُون ڏيندا ويا ۽ پيئندا ويا. تان جو وڃي مَٽُ خالي ڪيائون.

عاشق زھرَ پياڪَ، وِھُ پَسِئو وِھِسَنِ گھڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا، ھميشھ ھيراڪَ،
لَڳِيَنِ لَئُون لطيف چئي، فنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، ته به آھَ نه سَلَنِ عامَ کي.

موکيءَ متارن کي وِھَ واريون وٽيون ڏيندي وئي، متارا ان وِھَ کي پنهنجو جيءُ دانُ ڪري پيئندا ويا. موکيءَ ڏٺو هنن جو پيگنِ مان پورائو نٿو ٿئي، سو آڻي مَٽُ اڳيان رکيائين.

گُھٽَنِ ۽ گُھٽِڪَنِ، وٽِيُون پيئن وھَ،
سِر گاڏئون، بِدہ ساقي برخيز پيار کي پرين،
ھو پِڪين نه پرچنِ، مَٽَ تَڪِيائون منجھيان.

موکي ڏٺو سڄو سَرو ته سُڃَ ڪري ويا پر مُرڳو متارا مستيءَ ۾ اچي اڃا وڌيڪ منڌُ پيا گھرن.

مشتاقَ مئخاني جا، مُوران نه موٽنِ،
جهُ ڪاتَ ڪلاڙَ ڪڍيا، پتنگ جيئن پونِ،
نَفِيان نابود ٿي، اثِباتان اچن،
ڪنهن جنهن چالِ چلنِ، آڳِڙِيا اَجلَ کي.

موکيءَ جي من ۾ اھا وِرونھن ته متارا اجھي مئا، پر متارا مستيءَ وچان منڌُ منڌُ ڪندا راھي روانا ٿي ويا.

نَڪِي منڌُ مَٽَنِ ۾، نَڪِي جھولي جھانءِ،
متارا ناھِنِ ڪي ڪَڪُوھُ ڪڍيان، ڪنهن لاءِ،
وِئا ڪنهن ڏينھاءِ، ٻه ٽي لڳنِ ڏينھڙا.

گھڻو عرصو لڳي ويو متارا وريا ڪون، اھي محبت جا ماريل، پِرِھَ جا پياڪ اڳي ھر ڇھين مھيني موکيءَ تي مھربان ٿيندا ھئا پر ھن دفعي هُنن کي سال ٿيڻ جي ويجھو اچي ٿيو پر متارن موٽڻ جي ڪان ڪئي. ھاڻ موکي جي اک متارن جي واٽ تي ھجي ۽ اندرو اندر پئي ڳري.

موکي مٽَ مٿي تي، اڀي نِھاري واٽَ،
متارا نه موٽِئا، اُونچا جني ڳاٽَ،
گھڙيو ڪئين گھاٽَ، واٽون جَھليو وِجُھلي،

تان جو اچي سال ٿيو ھڪ ڏينهن موکيءَ کي خبر پئي ته متارا اچن پيا.

ٻئي گُھتِ ٻارھين آئيا، اڳي ڇَھين ماھَ اچنِ،
اچي گھريائون گھورن سين، پروڪو پرين
پِئا لالَ لُڇَنِ، ڪنهن ڪڙي ڪيفَ خمارئا.

موکي متارن کي زنده ڏسي خوش به ٿي ته حيران به ٿي ته اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي جيڪي پَرُ سال ھتان زھريلي نانگ وارو شراب پي ويا هُئا سي وري زنده سلامت منهنجي اڱڻ تي ڪيئن اچي ويا آھن.

جي اٿئي سڌَ سُرِڪَ جي، ته وَنءُ ڪلاڙَنِ ڪاٽي،
لاھي رکُ لطيف چئي، مٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئي پِڪَ پيءُ، تون گھوٽَ منجھان گھاٽي،
جو وِرونھنَ وِھاٽِي، سو سِرَ مَٽِ سَرو مھانگو.
--

ماءُ! متارا آئيا، سَري جا سردار،
مڙِنِي مھاين جي، ھٽن پئي ھاڪَار،
سڻي سا تنوار، موکي مٽ اپٽيا.

موکيءَ متارن کي پنهنجي مئخاني ۾ وھاري وڃي مٽنِ جا ڍڪ اُپِٽِيا.

موکي مٽَ اُپِٽئا، آڻي اُتر ھيٺَ،
گھوٽَ گھرِئون نِڱِئا، ناڻا ٻڌي بيٺَ،
متارا تنهن ميٺَ، اچن سِرَ سنباھيو.

متارنِ جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ موکي ھارَ سينگار ڪري متارنِ جي خدمت ۾ لڳي وئي، متارا ته اڳي ئي موکيءَ جي محبت ۾ مستان ھئا.

چکي مَئي مٽنِ جي، آڳِڙيا آئيا،
ڪڙي قاتل ڪوڏيا، ورونھَ وھائيا،
ھي گُھورن سين گھائيا، پيئڻ ته پري ٿيو.

موکي متارن کي شراب اچي پيش ڪيو متارنِ به ھيجَ منجھان وٽيون وات ڪيون، پر متارنِ کي مزو نه آيو، تنهن تان متارنِ موکيءَ کي چيو ته موکي تنهنجي منڌَ ۾ اڳيون مزو نه رھيو آھي. اسان کي اھو منڌُ پيار جيڪو تو اسان کي پَرُ پياريو ھو.

موکي متارنِ کي، پَروڪو پِئار،
ناڻو ڪيمَ نِھارُ، ماڻڪَ ڏيندئي مُوڙيين.

موکي چيو پروڪو منڌُ ھيلُ ڪٿان آڻيان، ھيلوڪو پيئو اھو منڌُ مون پنهنجي مَنَ سان توهان لاءِ ٺاھيو آھي. پر متارن جو ته پروڪو پيتلُ ھو. تَنِ چيو موکيءَ توکي خبرَ آھي اسين ھر ڇَھين مھيني تو وٽ ايندا آھيو، پر ھن دفعي سال ٿي ويو آھي پر پروڪي منڌَ جا خمار اسان تان اڃان ڪون لٿا آھن. منڌُ اسان کي پروڪو ئي پيار، اسان تي مھرباني ڪر پنهنجي مٽنِ ۾ نھارُ من ڪو پروڪي منڌَ جو چُڪو بچيل ھجي.

موکي مٽ نھارِ، مَنَ پروڪِي پلنگ لَھِين،
ان سري جي سُرِڪَ سِين، اَپر لَڳِينِ آر،
دائم تو دربار، اجھي اَگھوري آئيا.

موکي ڏٺو متارا مُڙَنِ ئي ڪون ٿا، تنهن تي موکيءَ پروڪي شراب جو قصو ڪندي ٻڌايو چوي ٿي ته “اھو شراب ڪون ھو زھرُ ھو. ان مَٽَ مَٽَ ۾ ڪاريھر اصيلُ نانگُ مئل ھو.

جو پَرُ پيتو آن، سو سندو سَپَنِ ساڙ،
جي واسينگ وتنِ ويڙِھِين، سي نه وَھيڻا ماڻ،
تيلانھن لَڄَ مران، جئن اَڻَھوند آئين گھرو.
--

موکي سندي مَٽَ ۾، پِئو نانگُ نَچِي،
ڪَنڊَنِ ڪَر جھليا، پِئو مَٽُ مَچِي،
اَسارَنِ اَچِي، پِيتيُون سُرِڪِيُون سِڪَ جُون.

توهان ضد ڪيو مون آڻي پيش ڪيو توهان پيئندا ويا آئون ڏيندي ويسُ توهان تي زھرَ ڪو اثر ڪون ڪيو پر نشي جي خمارَ ۾ وٺجي ويا.

موکي سندي مَٽَ ۾، آھي عاشقن آرو،
پيئَنِ وٽيون پُرِ ڪيو، سَڄو ڏينهن سارو،
کَٽو جي کارو، پئا اوتِينِ اندرَ ۾.

توهان ھتان کان مستيءَ مستيءَ ۾ روانا ٿي ويا. مون سمجھيو توهان ڪڏهن جا مري کپي ويا ھوندا پر توهان وري ان ئي وِھَ جي گھرجَ ڪري رھيا آھيو.

پَروڪو پَرو، موکي متارنِ کي ڏنو،
جنهن ٻارھين ماھَ ٻڌايو، ھي سپاڻو سَرو،
ڳالھاءُ ٿِيَنِ ڳرو، سِرَ ڏِنائون سَٽَ ۾.

فقير چوي ٿو موکيءَ جيئن ئي اھا ڳالھ متارن کي ٻڌائي ڇيھُ ڪئي، تيئن اچانڪ ئي متارنِ تي پروڪي پِيتلَ زھرَ جو اثرَ چڙھڻ شروع ٿي ويو. موکيءَ کي متارا چون ٿا موکي اسان توتي ڀروسو ڪري ايندا آھيون نه ته ھٽَ ملڪ ۾ ٻيا گھڻا آھن، تنھنجي ادائن، تنهنجي نازن، تنهنجي نخرن جا اسين مستانا آھيون توکي اسان سان اھو قھر ڪون ڪرڻو ھو. گھٽ ۾ گھٽ اسان جي محبت جو ته مانُ رکين ھا.

موکيءَ متارن سِين، ڪِي جا ڳُجھي ڳالھ ‌،
‌‍وَ نَحُنُ اَقرَبُ اِلَيْه مِن حَبلِ الوريدِ، ويجھا ٿئا وِصالَ،
ڪري نام نِھالَ، سُتا بُٺيءَ ڀَرِ ۾.

متارن تي پروڪي زھرَ ايترو ته اثر ڪيو جو متارن تڙپي تڙپي موکيءَ جي مئخاني تي دم ڏنو.

ڪلاڙڪي منَھين، ڪُسَڻَ رِيَ پيو ڪِينَ،
مٿا متارنِ جا، پئا پَسُ زمينَ،
رکي رُوھَ رھينِ، وٽيون پيتائون وِھَ جون.

فقير چوي ٿو، متارا مري ويا، موکيءَ جو ويڙھو ويران ٿي ويو ۽ مئخاني تي ماڪَ ڇانئجي وئي موکيءَ متارن مرڻ بعد چرين وانگر پئي روئي ۽ رڙي.

وِجھئو منهن مَٽَنِ ۾، موکي اُڀي روءِ،
متارا مري وئا، اڱڻ اچي نه ڪوءِ،
متارَئُون پوءِ، مٺا مَٽَ مٽي ٿِئا.

موکي متارن جون ڳالھيون ياد ڪندي اندر ئي اندر پئي رت روئي. موکي متارنِ کي مئخاني ۾ دفناني انهن جي قبرن جي مٿان آھو زار پئي روئي.

نه اڱڻ آڳڙيا، نه سا سِٽَ سري،
ڪٽورا قاتل جا، پيتا جن ڀري،
اٺئي پھرَ اُلِٽِيا، ڌرتي سِرِ ڌري،
وَئي اجھامي اُن جي، بٺي بسَ ڪري،
ساريو سورَ چري، موکي متارن جا.

موکي کي ڏکُ ان ڳالهه جو هو ته جيڪر آئون ھنن سان اھا ڳالهه نه ڪريان ھا ته اھو شراب ڪون زھرُ ھو ته شايد اھي اڄ زنده ھجن ھا. موکي انهن جي موت جي ملامت پنهنجي پاڻ تي کڻي، سندس ويڙھو ئي ويران ڪري ڇڏيو.

نه ڪنهن ماريا جنگ ۾، نه ڪنهن سورَ ٻَري،
اوريجن ھئا تان نه آئيا، جيڪس ويا پري،
ھاڻي رُئان ڪيئن ڪري، مادر متارن کي.

موکي سوچي پئي ڪاش اھو زھر وارو مٽُ آئون ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيان ھا، ته آئون انهن منهنجي مئخاني جي مورن کي ھن ويلَ زندھَ سلامت محبت جو مَي پيئندي پئي ڏسان ھا.

ڪُوڪِيين ڪِينَ ڪَلاڙَ! جُه ڏِٺَهءِ سَپُ صُراحَ ۾،
ڀَڃِي مَٽُ ڀورا ڪري، هنڌ اُنِھين ئي ھار،
دائم تو دربار، اِجُھي اَگھوري آئيا.

ان غَمَ موکيءَ کي جھوري وڌو نه کائڻ نه پيئڻ، موکيءَ لاءِ جيئڻ ڄڻ زھرُ ٿيڻ لڳو. پنهنجي پاڻ کي ميارون ڏيندي چئي پئي موکي تنهنجا مستان متارا تو ماري ڇڏيا تون ڪنهنجي ڪارڻ پئي جيئين.

متارا مري وئا، موکي! تون به مرُ،
الفراقُ اَشَدُ مِنَ الموتُ، سَچو سراسرُ،
پي پيالو پُرُ ٿِئا، جَھلِيائُون بُٺِينِ ڀَرُ،
گھوڙا ڇڏي گَھرُ، وِيرَ سُتا ويرانَ ۾.

ان بعد موکيءَ به سِگھوئي دمُ ڌڻيءَ کي ڏنو.

موکي متارَنِ سِين، ڪھڙو قَھَرُ ڪِيوءِ،
سنڌِيَلُ سَپُ سيدُ چئي، ڏيندي ڏُکُ نه ٿِيوءِ،
اِنَ اوڀالِيان پوءِ، موکي ماڳِ مَرِي وئي.

ھاڻِ ان مئخاني ۾ متارا ابدي ننڊ ستا پيا آھن ٿورڙو پريان موکي جو مَڙُھُ ھڪ ويران ويڙھي ۾ اداس ماحول جوڙيو ويٺو آھي.

وِيرَ سُتا ويرانَ ۾، ڇڏي ماڳَ مڪانَ،
پيئندي پورا ٿئا، قھري لڳن ڪانَ،
موکي ۽ مھمانَ، اَڄُ نه انھيءَ ڀيڻِيِين



جي لِيلائي نه لَھِين،ته پُڻُ لِيلائيجُ


جي لِيلائي نه لَھِين، ته پُڻُ لِيلائيجُ،
آسَرو مَ لاھيجُ، سڄڻَ سٻاجھا گھڻا،

فقير چوي ٿو، چنيسر لِھورَ رياست جو بادشاھ ھو، لِيلان چنيسر جي راڻي ھئي، سندن پاڻ ۾ وڏي محبت ھئي. ليلان حُسُنَ ۾ راڻين جي به راڻي ھڻي، ان حُسنِ جي ھاڪ ليلان جو مٿو خراب ڪري ڇڏيو ھو. ان ڪري ليلان چنيسر جي محل ۾ پئي انگل آرا ڪندي ھئي.

وڏيري ھُياسِ، چنيسرَ جي راڄَ ۾،
دُھلين دَمامين، نَقَرين، پَرَ ۾ پُڇيئاسِ،
جيلانھن ڍولي ڍِلياس، تي ٿِئَسِ ڏُھاڳڻِ ڏيھَ ۾.

ھُنن جي محل ۾ ھڪ ٻانهي ھئي جنهن جو نالو ڪَنئرو ھو. چون ٿا ڪنئرو چنيسر کي پائڻ لاءِ ئي محل ۾ ٻانھي ٿي آئي ھئي، ڪنئرو جي ماڻِسِ به ساڻس گڏ ھئي.

ھُيَسِ دادلِي درگاھَ جي، ٻيو وَرَ جو ھومُ واءُ،
چانڪَ کِلِي چڙھنديسِ، کَٽَ تي ريجھائينديسِ راءُ،
ڪنئرو جھڙيون ڪيتريون، دايُون در مَھَنداءُ،
پوءِ اھڙو ئي ﷲ، جنهن کلنديءَ کان وَرُ کسيو.

چون ٿا ليلان جي جڏهن چنيسر سان شادي ٿي ھئي تڏهن چنيسر ليلان سان واعدو ڪيو هيو ته ليلان توکي پنهنجي زندگي ۾ ٽِنِ غلطين جي معافي ڏئي سگھان ٿو ان ڳالهه تي ڳنڍِ ٻڌي ليلان محل ۾ مغرور ٿي اچي انگلَ ڪرڻ شروع ڪيائين.

چئي چنيسر ڄامَ سِين، ليلا تون مَ لَکاءُ،
دوست تنھنجو داسڙو، کاندِ وڏي کاءِ،
ڍولو ڍَڪُ سندياءِ، عيبنِ کي آڏو پَئي.

ليلان چنيسرَ جو چاھُ ڏسي مستيون ڪرڻ شروع ڪيائين، پر چنيسر پنهنجي چاھَ ھٿان مجبور ٿي ھن کي ڪڏهن ڪون روڪيو، روڪيندو به ڪيئن جو چنيسر پنهنجي دل جي ھٿان مجبورُ عوام هو.

چَئي چنيسرَ ڄامَ سِين، ليلا لَکاءِ مَ تون،
اِيءُ ڪانڌُ ڪنهن جو نه ٿئي, نَڪا مون نه تون،
رونديُون ڏٺيون مون، ان در مٿي دادليون.

ليلا جي پنهنجي حُسنَ جي بانورَ تي سندس عيبن تي ڪو ڌيان ڪون ڌريندي هئي ، ھُوءَ حُسنَ جي زور تي ھُوڙاھِيُون ڪندي رھي ۽ چنيسر سھندو رھيو.

ليلا لکڻَ پانھنجا، سارجُ سَڀيئي،
وَرَ سِين وِڙِھيو اُٿِيِين، ڏوراپا ڏيئي،
ڪُھُ ڄاڻان ڪيھي، چنيسرَ جي چِتَ ۾.

چنيسر جو چاھُ ۽ ليلان جا نازَ نخرا اصل محل جي ماحول کي مچايو ويٺا ھئا، ھڪ ڏينهن ڪنئروءَ ليلان کي ھڪ قيمتي مَڻِيَنِ سان مھڪندڙ ھارُ ڏيکاريو جنهن تي ليلان جو منُ اچي ماندو ٿيو ته اھو ھارُ مونکي ڏئي.

مَڻِيي اُتي موھجي، ھاري! پاتُئِي ھَسُ،
تو ڀانئيو مون سِين هوندا، رِھاڻيُون رَسَ،
وري ويئي وَسَ، تي آيو ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.

تڏهن ڪنئوروءَ وَجُھ وٺي ليلان سان شرط رکيو ته توکي جيڪڏهن اھو ھارُ کپي ته ان جي بدلي چنيسر ھڪ راتِ لاءِ منهنجي حوالي ڪرڻو پوندو، ليلان ان ڳالھ کي ھلڪو وٺي ڪنئروءَ کان ھارُ وٺي پنھنجي گلي ۾ پاتو، ۽ چنيسر کي ھڪ رات ڪنئروءَ جي حوالي ڪرڻ جي حامي ڀري ڇڏيائين. ان رات چنيسرَ کي شراب جي نشي ۾ ڪنئرو جي حوالي ڪري ليلان اھو قيمتي ھارُ گلي پائي خوش ٿي.

جو تو ڀانيو ھارُ، سو سُورن سندو سڳڙو،
چنيسر چِتُ کڻي، ٿِئو پورھيت جو پارُ،
اَوَڻِتِ جو آچارُ، ڪانڌُ ڪَنھِين سِين نه ڪري.

صبح ٿي چنيسر کي ھوش آيو ڏسي ته آئون جنهن عورت سان ستو پيو آھيان؛ اھا ليلان نه پر مون واري نوڪرياڻي ڪنئرو آھي. جنهن تي پشيمان ٿي محل ڏانهن ھلڻَ لڳو ته ڪنئرو چنيسرَ کي روڪيندي چوي ٿي “چنيسر تون مون وٽ وِڪِيلُ آھين توکي تو واري لاڏليءَ زال مونکي کي ھڪ ھار جي بدلي وِڪيو آھي.”

مَڻِيي اُتي موھجي، مُوڙھي ڪِيوءِ مَرَڪُ،
چَئي چنيسرَ ڄامَ سِين، وِڌوءِ وڏو فرقُ،
وري وِئو وَرَقُ آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.

تڏهن چنيسرَ کي ھوش آيو مار ڀَڻِسان مونکي ان وِڪيو آھي جنهن سان آئون تمام گھڻي محبت ڪريان ٿو. تنھن ڏينهن کان چنيسر ليلان کان منهن مٽيو، تڏهن ليلان کي به ھوش آئيو ته مون وڏو ڏوھ ڪري وڌو آھي. ھارُ اڇلائي پٽَ تي ھنيائين ۽ ايلازيون ڪرڻ شروع ڪيائين.

مَڻِيُون ھارُ ھڻِي، پَلنگَ سِرَ پِٿٌون ڪيان،
جنهن تان چِتُ کڻي، وِئو وينڊَڙِيارو وَلَھو.

فقير چوي ٿو ھاڻٍ ليلان کي اُھا ڳالھ ياد آئي جيڪا ليلان چنيسر جي شادي مھل چنيسر ڍَڪڻَ رسم ۾ ناڪام ويو. فقير کان پڇيم اھا وري ڪھڙي رسم ٿيندي آھي؟ چوي ٿو جڏهن گھوٽُ سنبري ٺھي ڪري ڪنوار جي گھر ڏانهن وينديو آھي تنهن مھل گھوٽ جي کٽ ھيٺيان ھڪ ڍَڪَڻَ تي ڏونگھي رکي ويندي آھي، ان ڏونگھيءَ کي گھوٽُ کي پير ھڻي ڀڃڻو پوندو آھي. چنيسر اھا ڏونگھي ڀڃڻ ۾ ناڪام ويو ھو، اڄ به عام خيال اھو آھي ته ان رسم ۾ ناڪام وڃڻ جو مطلب اھو ته اھا شادي ان گهوٽ کان نڀئي نه سگھندي.

پونچا ڏِٺِمُ پير ڍڪڻَ مٿي ڍولَ جا،
مون ڀانئيو تنهن وير، ڪوجھي ڪندو پرِيتڙي.

ھاڻِ ليلان کي ھوش آيو ته مون جيڪي حُسُنَ جي زور تي زورآوريون پئي ڪيون تَنِهن ته مون کي آڻي چنيسرَ جي چِتَ تان لاٿو، مون کي جيڪر اھو ھوش هجي ھا ته اھو ھارُ منهنجي ڏھاڳ جو سبب بڻبو ته آئون ان کي مورھون تن تي آڻيان ئي ڪون ھا.

جيڪرَ ڀانيان ايئن، ته ڪو دل مٽائيندو داسڙو،
ته سُوڙھَ لڳندي سِينئَن، ھوندَ ھٿين ھارُ نه جھليان.

فقير چوي ٿو ھاڻِ ڪنئروءَ جو قبضو چنيسر تي ٿي ويو، چنيسر ليلان کي ڏھاڳُ ڏئي من تان لاھي ڇڏيو. ليلان ھارُ اڇلائي ڦٽو ڪيو، ھاڻِ چنيسر جي ڏھاڳَ جي ڊپ کان پئي روئي ۽ رڙي.

داغُ تنھنجو دائما، ماري معذوري،
سائين ڪارڻ سپرين، وجِھجٌ مَ دُوري،
آءُ تون حُضُوري، ته مَڻِيُون وجھان مَچَ ۾.

ليلان جيڪا چنيسر جي لاڏلي زال ھئي تنهن ڏٺو چنيسر ان چِتَ ئي ڪون آھي جيڪو آئون سمجھيو ويٺي آھيان. ليلان چنيسر وٽ وڃي اھو واعدو به ياد ڏياريو جيڪو چنيسر شادي مھل ليلان سان ٽي غلطيون معاف ڪرڻ وارو ڪيو ھو. چنيسر چيو ليلان اھو واعدو آئون ڪڏهن جو پاڙي چڪو آھيان. ھن کان پھريان تو ٽي نه پر ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون جيڪي مون توکي معاف ڪيو پر ھاڻوڪي غلطي ڪڏهن به معاف نه ڪندس. ليلان ڏٺو چنيسر جيترو ھِنَ کان پھريان منهنجو ھو سو ھاڻِ اوترو ئي ڪنئرو جو آھي.

چئي چنيسر ڄامَ سِين، ليلا لَکايو،
تو جو ڀانئيو پنهنجو، تنهنجو پرو ڪون پِيوءِ،
ڪنئروءَ ڪانڌُ سندوءِ، دوست ڪيو داسڙو.

ليلان ڀڄي وئي ڪنئوروءَ کي چيائين ته ھي وٺ پنهنجو ھارُ مونکي منهنجو وَرُ ورائي ڏي.

جان مون پوءِ پروڙِيو، اٍيُ وڏوريو واپارُ،
ھاڻِ کڻُ ھيُ پنهنجو ھارُ، واري ڏي مون وِلَھو.

ڪنئورو چيو مون جنهن مھل توکي اھو ھارُ ڏنو ھو تنهن مھل ته تو کِلِي ڪُڏي ھارُ ڳِچيءَ پاتو ھو. تڏهن تو کي اھو ھوش ڪون ھو ته ھيءُ آئون ڇا پئي ڪريان.

کِلِي ھارُ ھَٿِ ڪَيُئِي، ٿي سَرَھي سانجھيءَ ويرَ،
خبر پئي تنھيرَ، ڪا پِرِھَ ٿيندي پَڌِري.

ليلان وري ڀڄي چنيسر وٽ وئي چوي پئي چنيسر تنھنجيون ڪيتريون ئي زالون ۽ ٻانھيون آھي مونکي انهن برابر سمجھي تو وٽِ وِھارُ آئون تنھنجي ٻانھي ٿي گزارينديس پر مون کي ڏُھاڳُ نه ڏجانءِ.

ڪوڙين تنھنجيون ڪامڙيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌُ،
مون کي ڇڏ مَ داسڙا، ته وڃان نه وِڻواند،
مون ڳچيءَ ۾ پاندُ، تو چنيسر ھٿَ ۾.

ليلان وڏيون ايلازيون ڪندي روئندي، رڙندي چنيسر جي پيرن پئي چئي ٿي چنيسر آئون ڀليل ھيسِ مون توتي وڏا انگل ڪياَ جيڪي تو وڏي دل ڪري سَٺا، ھاڻي ھيءَ غلطي به معاف ڪر. مون توبھ ڪئي ھن کان اڳيان ڪڏهن به اھڙو ڪچو ڪم ڪون ڪنديس. چنيسر چوي ٿو ليلان تو کان وقت ويو مون گھڻيون غلطيون معاف ڪيون آھي پر اھا غلطي توکي ڪڏهن به معاف نه ڪندس.

جيڪَرَ چَئِين ٿي ھيرَ، تنهن جي اَٺِين پَٽِي جي اڳُ چَئِين،
ته خُونَ سَڀَئِي بخشيان، مَنَ ۾ آڻي مَھيرَ،
ھاڻِ جھڙا کنيَئِي پيرَ، تھڙا موٽي آيَئي منهن ۾.

ھاڻِ ليلان بي حالُ ٿي محل ۾ چرينِ وانگر پئي ڦري، ھوءَ پنهنجا انگلَ، آرا، منَ مستيون ساريو پئي رتُ روئي.

ٿِڙِڪي پَسي ٿوڪُ، تِرِڪي تڪبر پئي،
اچئو اچئو اَگِلي، چَئي ليلا کي لوڪُ،
اندرُ اوڀالن سِين، ساڙي ڪيائونسِ سوڪُ،
ٻالاپڻ جو ٻوڪُ، وئو ويچاريءَ وسري.

ليلان ڀڄي وڃي پنهنجي سھيلين کي چيو توھين وڃي چنيسرَ کي سمجھايو، ته ليلان ھارُ ڏسي ڀلجي پئي، پر تون ته وڏي دل ڪر ليلان کي نه چڏينسِ ماڻهو ڇا چوندا چنيسر، ليلان کي ڏُھاڳُ ڏئي ڇڏيو.

ڀينَرُ ڀيريو داسڙو، چنيسرُ چئي،
ھيءُ جو ڏَنڀُ ڏُھاڳَ جو، سگھان تان نه سھي،
مون کان تان پئي، تون کَمِ کانديلا سُپرين.

فقير چوي ٿو، چنيسرَ ھڪ به نه مڃي، نيٺِ اھو ڏينهن به آيو جڏهن چنيسر ليلان کي ڏُھاڳُ ڏئي محل ڇڏڻ جو چيو. تڏهن ليلان وري چنيسر وٽ ليلائي ٿي چنيسر مون کي محل مان ڌڪي نه ڪڍُ آئون تنھنجي ٻانهي ٿي محل ۾ نوڪري ڏينديس، پر مونکي محل مان تڙي نه ڪڍي.

لڏي نٍڪرُ لِھورَ مان، ويو چئي چنيسر،
ڪڄاڙيان ڪاوڙيو، ڌڪايائيم در،
ڪونئروءَ اھو قھر، پسو پاڙي ۾ ڪيو.

وري چوي ٿي مونکي تون محل ۾ رھڻ نٿو ڏيئين ته ٻيلي پاڙي ۾ ڪو اجھو ڏي ته تنهنجي ڇانوَ ۾ بقايا زندگيءَ جا ڏينهن گھاريان.

جي مون کي وَرَ وھارئين، مٿي ھٿ ڏئي،
ته پاڙي ۾ پيئي، ھوندَ ڪانڌَ ڪميڻي گھاريان.

پر چنيسر ھڪ نه مڃي، ھاڻ محل ۾ ڪونئروءَ جا فرمان پيا ھلن، چنيسر ھاڻ ڪونئروءَ جي ڪَڇَ ۾ ويٺو ڪونئرو ڪونئرو پيو ڪري.

ڪونئروءَ ڪوسو چاڙھيو، تون ليلا پنهنجو لاھِ،
سندي ھار اُھاءِ، وڃي اورُ ارٽَ سِين.

ليلان وڏيون منٿون ميڙون، ايلازيون ۽ نيازيون ڪرڻ بعد ٿڪجي ھارجي پئي اندرون اندر ڳري ۽ رت روئي.

لَڄَ منھنجي لوڪ ۾، واريءَ جيئن ويئي،
جيئن اٽو پئي پاڻيءَ ۾، تيئن پگھرجي پئي،
مٿي ھٿ ڏيئي، ڪانڌُ نه ڪوٺي ڪڏهن.

اھو حشر ڏ سي ليلا چنيسر جي محل مان لڏڻ جي تياري ڪئي.

ليلان ڇڏ لِھورُ، وڃُ پنھنجي مائٽين،
ھار منجھاران ھور، تو سوڀيءَ سورُ پرائيو.

فقير چوي ٿو جڏهن ليلان چنيسر جي محل مان نڪرڻ محل اٺ تي سوار ٿي وڃڻ لڳي تڏهن به اٺ کي جھيڪي ماڻهن کي چيائين وڃي ھڪ دفعو وري چنيسر کي چئي اچو ته ليلان لڏيو پئي وڃي.

نيھو جھليو روءِ، اڱڻ جھوڪيو ڪَرَھو،
ڪو چنيسر کي چوءِ، ته ليلان وڃي لڏيو.

خلق وڃي چنيسرَ کي چيو ليلان لڏيو پئي وڃي، چنيسر چيو ليلان کي آئون نه روڪيندس اِھا اُھا عورت آھي جنهن مون کي ھڪ ھارَ جي بدلي وڪيو ھو، ھن کي نه روڪيو ڇڏيو ته ھتان کان لڏي وڃي.

لَڏي ته لَڏايوءِ، منڌَ مَ روڪيو ماڙھان،
ھيءَ اھا ئي جوءِ، جنهن مڻِئِي تي وَرُ مٽيو.

ليلان ويچاريءَ وڃي پنهنجي مائٽن جو ويڙھو وسايو، اڳلا انگل، وسري ويا، منهن مٿاهون ڪرڻ وسري ويو، ھاڻ چِتَ ۾ چنيسر ئي چنيسر آھي.

ڀينَرَ ڀِنِيءَ رات، مون چنيسرُ چِتَ ۾،
سُتو لوڪُ ننڊُون ڪري، مون پِرِيان جي تاتِ،
سَڃَڻَ سِينِ پِرِڀاتِ، مَنان مُورِ نه وِسِري.

فقير کان پُچيم نيٺِ آخر ليلان جو ڇا ٿيو؟ چوي ٿو ٿيندو وري ڇا ليلان ٻين جي لاءِ سبق ڇڏي وئي، ته جيڪا مون جيئن مغرور هوندي سان مون جيئن ڏھاڳَڻِ ٿيندي.

ڏيئين جي ڏُھاڳُ، ته سَنئُون سُھاڳُ آئون ڀانئيان،
تنهنجو مونکي سُپرين، سَڀوئي سُڀاڳُ،
دوستَ تنھنجو داڳُ، ڌُئان ڌوتو ته لَھي.

چوي ٿو ليلان پھريان غافل ھئي، پنهنجي وَرَ جي وَڙَنِ کان پھريان ھن کي پنهنجي حُسُنَ ۽ رُتبي مغرور ڪري ڇڏيو ھو، ھوش تڏهن آيو جڏهن محل مان تڙجي نڪتي. ۽ ٻين لاءِ سبق ڇڏي وئي ته ڪو مون جيئن غافل ٿي پنهنجو وَرُ وڃائي ويھي.

سھاڳَ پُڻُ سنبران، ڏُھاڳُ پُڻُ ڏِٺوم،
ھن اڀاڳي حال کي، کڻي هٿين ھار ڇُتوم،
تِھان پوءِ پيوم، قدرُ ڪاڻيارين جو.



محرم موٽي آئيو، آئيا تان نه امام


محرم موٽي آئِيو، آئِيا تان نه مام،
مديني جا ڄام، مولا مون کي ميڙين.

فقير چوي ٿو جڏهن به محرم ايندو آهي تڏهن مون کي امامن جي غم ھر انسان کي ڏکوئيل ڏٺو آھي، اھي ھندو ھجن يا مسلمان ڄڻ ته اھو قضيو انهن جي گھر ۾ ٿيو آھي.

ڏٺو محرمُ ماھُ، سونڪو شھزان ٿيو،
ڄاڻي ھيڪُ ﷲ، پاڻ وڻنديون ڪري.

چوي ٿو جڏهن شھزادا پنهنجو قافلو ڪاھي ڪوفي ڏانهن روانا ٿيا تڏهن مڪي، مديني جي ماڻهن ۾ وڏي غم واري ڪيفت ھئي، ۽ پڻ حسين کي صلاح ڏنائون اَئي حسين تو ڪُوفي ڏانهن نه وڃ، اھي ڪُوفِي تو سان وفا نه ڪندا. پر حسين رَبَ جي رضا سمجهي ڪوفي ڏانهن روانا ٿيا.

ڏِٺو محرم ماھُ، سونچو شھزادن جو ٿيو،
مڪي، مديني، ماڻھين رُنُو مٿي راھَ،
تنهن واحدَ کي واھَ، جو حُڪمَ ھھڙائي ڪري.

فقير چوي ٿو ڪوفي جي رھاڪن حسين کي خط لکي موڪليو ھو ته ائي حسين تون سھڻي نبي محمد صلي ﷲ عليه وسلم جو ڏوھيٽو آھين اسان تو مان ئي اميد رکيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا ته اچي اسان کي يزيد جي ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيار. اچي اسان کي آزاد ڪراءِ.

ڪُوفينِ ڪاغذ لکيو، وچ وجھي اﷲ،
اسين تابعَ تنھنجا، تون اسان جو شاھ،
ھيڪرَ ھيڏي آءُ، ته تخت تابئي تنهنجي.

ڪوفي جي رھاڪن جي خط جي تصديق ڪرڻ لاءِ حسين پنهنجو نمائندو موڪليو تنهن پڻ اتي پھچي تصديق ڪئي ته واقع ڪربلا جي ماڻهن جو مطالبو درست آھي.

ميرَمدينئان نڪري، ڏيرا ڏنائون،
ڪاٺيءَ، پاڻيءَ، گاھَ کي، ماڻهو مڪائون،
چڙنھندي چيائون، ته ٿيندي ويڙِھِ وڏاندڙي.

تنهن بعد حسين رفيقن سان صلاح ڪري شام ڏانهن قافلو ڪاھڻ شروع ڪيو.

ميرَ مدينئان نڪري، رِڙِھِيا مٿي رندَ،
گھوڙا تَنِ گھوٽنِ جا، پُڙِيا مٿي پنڌَ،
ڪُلھا ڪرنگرَ ڪنڌَ، جُھرَنِ جُھوجھارن جا.

چون ٿا ته حسين جي ڪل قافلي ۾ ٻاھتر ماڻهو ھئا، جنهن ۾ عليءَ جو سڄو اولاد، ڪجھ رفيق، ڪجهه ٻيلي، ۽ ڪجهه جانثار گڏ ھئا.

چنڊ وھاڻيءَ چڙھيا، مَلَھَ مدينئان ميرَ،
اُن سِين طبل، َ باز،َ تبرُون، ڪُنڌَ، ڪٽارا، ڪِيرَ،
علي پُٽَ امير، ڪندا راڙو رُڪَ سِين.

اچي ڪربلا جي ميدان ۾ رسيا اتي سنگت کي حڪم ڪيائون ته قافلي جو پڙاءُ ڪيو وڃي.

ڪربلا جي پِڙَ ۾، خيما کوڙيائون،
جھيڙو يزيد سامهون، جنبي جوڙيائون،
منهن نه موڙيائون، پسي تاءُ تَراڙ جو.

ڪربلا ۾ پڙاءُ ڪرڻ بعد حسين پنهنجي رفيقن سان صلاح ڪري دشمن سان ڳالھيون ڪرڻ شروع ڪيائين.

ڪامل ڪربلا ۾، آيا پاڻ پيھي،
پَھُ ڪيائون پاڻ ۾، مقابل ويھي،
قضا ھيءَ ڪيھي، ھَئِي ھَئِي ٿي حسين سِين.

ڳالھيون ھلنديون رھيون، حسين حق ۽ سچ جي راھَ جو عَلَمُ ڇڏڻ کان انڪاري ھو ۽ يزيد ظلم ۽ ڏاڍ جو. انهن ڳالهين ۾ حُرُ جيڪو يزيد جو سپھَ سالار ھو تنهن حسين کي صلاح ڏني ته توهان ھتان موٽي وڃو ڇو جو يزيد جي نيت توهان لاءِ بَدِ آھي ۽ حُرَ ان وقت حسين جي پويان نماز پُڻُ پڙھي ھئي.

حُرُ ھلي آئيو، مانجھي مردانو،
آھيان عاشق آڳ جو، پَتنگُ پروانو،
مانَ راضي ٿِئي رسولُ رَبَ جو، نبي تو نانو،
ھيءُ سٍرُ سمانو، گھوٽَ مٿان ئي گھوريان.

فقير چوي ٿو، جنهن تي يزيد ڏمري حُرَ کي ھٽائي ٻيو ماڻهو ڳالھين لاءِ چونڊيائين پر حُرُ انهن ڳالھين ۾ گڏ ھو. نيٺِ حُرَ ڏٺو ته نبيءَ جو ڏوهيٽو حق تي آھي ۽ يزيد ناحق تي آھي، جڏهن جنگ جي ميدان ۾ حسين جو قافلو ۽ يزيد جي فوج آمھون سامھون ھئا، تڏهن حُرُ يزيد کان ڦري حسين جي پاران يزيد سان وڙھڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ فقير چوي ٿو ان جنگ جو پھريون شھيد به حُرُ آھي.

ھُئي ھدايتَ حُرَ کي، اَزَلَ ۾ اَصُلان،
چڙھي آئيو جَنگِ تي، ھلي ھُنَ پاران،
ايندي چيائين امامَ کي، گھوريس آئون مٿان،
لايُڪَلِف ﷲ نَفِسًا اِلا وُسُعَھا‌‌‍، جيڪا پُڄَندِيَم سان،
گھوٽَ به لڳا گھاءَ، سِرُ پُڻُ شيرُ شھيدُ ٿيو.

حُرَ حسين جي قافلي ۾ شامل ٿي يزيد کي اھو پيغام موڪلي ته:،

جھيڙو لاھِ يزيدَ، عليءَ جي اولاد سين،
سا نه پسندِين عيدَ، جا ھوندي ميرَ حُسينَ سين.

فقير چوي ٿو جڏهن حُرُ حسين سان وڃي مليو تڏهن يزيد جا ساٿي حُرَ تان کليا ته ڪيڏو ته چريو آھين، جو يزيد جي ھيڏي فوج ڇڏي وڃي حسين جي ننڍي ٽولي سان مليو آھين.

بَھادُرَ گَڏِيا بَھادُرين، کَڙڳَ کِلۡوِلِ ڪَنِّ؛
وِجَھنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھڻَنِّ؛
ڪِرَن، ڪَنڌَ نَچَنِّ، رِڻُ گَجِيو، راڙو ٿِيو.

تڏهن حُرَ يزيد جي ساٿين کي چوي ٿو.

جَنين جھيڙو اَڄُ، عليءَ جي اولاد سين،
ڀَئي تَنِي کان ڀَڄُ، جي جماعتي يزيد جا.

يزيد ڏٺو ته حسين ھُنَ جي داٻ ۾ نٿو اچي تڏهن يزيد عليءَ جي اولاد جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو.

ڪُوفي ڪربلا ۾، پاڻي نه پيارينِ،
اُتي علي شاھ کي، شھزادا سارين،
نِڪريو نھارين، ڇڙھُ ميرَ محمد عربي.

پاڻي بند ٿي ويو شھزادن تي سختي اچڻ شروع ٿي وئي، پوءِ بہ صبر ڪيائون، ڇو جو صبر ھنن جي رت ۾ شامل ھو.

سختي شھزادن جي، ملارُ مڙوئي،
زرو ناھِ يزيد جو، آثارُ اُهو ئي،
ڪُسَڻَ جو ھوڪوئي، اصل امامن سين.

آخر اھو ڏينهن به آيو جڏهن يزيد جون فوجون سِرَ تي ھيون، يزيد جي فوجن جو تعداد ھزارن ۾ ھو ۽ حسين جا ساٿي سَوَنِ ۾ به ڪون ھئا. حُرَ حسين کي عرض ڪيو ته سائين پَھِلِ مون کي ڏيو ته آئون توهان تان سِرُ صدقي ڪيان.

پاٻوھيو پُڇَنِ ته ڪٿي ھٿُ حبيب جو،
نيزي ھيٺان نِيھن جي، پاسي پاڻ نه ڪنِ،
عاشق اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اچن،
ڪُسَڻُ قرب تَنِ، مرڻ مشاھدو تَنِ جو.

جنگ هلندي رھي سُورھَ سِرَ صدقو ڪندا رھيا، ھِنَنِ مان ھڪ شھيد ٿئي ته ھُنَنِ جا ڪيترائي ڪُسِجِي وڃن. حسين جي جانسارن جي جانِ نثار ڪرڻ جو عجيب طريقو ھو.

اڳيان اَڏِينِ وَٽِ، پوئين سِرَ سنڀائيا،
ڪاٽُ ته پَوِين قبولَ ۾، مَڇُڻُ ڀانئين گَھٽِ،
ڪلاڙڪي ھَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪُوپُ وَھي.

فقير چوي ٿو جنگ هلندي ھڪ حسين جو جانثار واپس ڪنهن ضروري ڪم سانگي زخمي حالت ۾ حسين وٽ آيو، تڏهن ڪجھ عورتن ان جانثار جي ونيءَ کي چيو ته لڳي ٿو ته تو وارو وَرَ ڀڄي آيو آھي، تڏهن اھا وني چوي ٿي،

ڀڳو آئون نه چوان، ماريو ته وسھان،
ڪانڌَ مُنھن ۾ ڌَڪَڙا، آئون سيڪِيندي سُونھان،
ته پُڻُ لَڄَ مران، جي ھُئَنِسِ پُٺِ ۾.

اُھا وَني سندس وَرَ جا ڦَٽَ اُگھندي وڃي، روئندي وڃي، ۽ چوندي وڃي،

سُورھَ مَرِين سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَھَمَ سَڀِ وِسارِ،
ھَڻُ ڀالا، وِڙُ ڀاڪرِين، آڏي ڍالَ مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مارُ ته متارو. ٿِئِين.

اھا وڪي پنهنجي وَرَ کي چوي پئي ته ٻين سڀن جا ورَ جنگ جي ميدان ۾ حسين تان سر صدقو پيا ڪن، ۽ تو اچي مون تان ماڻهو کلايا آھن.

ڀَڄي آئين ڀَڄِڻا، لَڄايئي مون سيڻَ،
ويٺيون وجھن ويڻ، منهن مٿاھان جن جا.

پنهنجي وَرَ جا ڦٽَ صاف ڪري پٽيون ٻڌي وري جنگ جي ميدان ڏانهن موڪلي چوي پئي،

مَرُ مَرين آئون روئين، موٽي ڪانڌَ مَ آءُ،
مَڇُڻُ تو پُئان، ڪچا ڪَنِمِ جيڏيون.

حسين جي ساٿين جي وڙھڻَ جو طريقو مخالفن جون وايون بتال ڪري ڇڏڻ وارو ھو، مخالفن تي وارُ ڪرڻ سان گڏگڏ سندن ساٿين جي پُڻُ پَرَگھورَ لَھنِ پيا، ته ڪٿي اسان جو ساٿي منجھي نه وڃي يا ڪٿي ڦاسي نه پوي.

ھَڻَڻُ ھَڪِلَڻُ، ٻيلي سارڻُ، مانجِھيان ئيءُ مَرَڪُ،
وِجَھنِ تانَ نه فرقُ، رُڪَ وَھَندي راند ۾.

حسين جي جانسارن حسين مٿان پنهنجا سِرَ ايئن جانسار ڪيا جيئن پتنگ باھ ۾ اچي سِرُ صدقو ڪندا آھن.

پتنگن پَھُ ڪيو، مڙيا مٿي مَچَ،
پَسِي لَھَسَ نه لِچيا، سڙيا مٿي سَچَ،
سندا ڳِچِين ڳَچَ، ويچارن وڃائِيا.

فقير چوي ٿو حسين جي جانسارن تي دشمن جا جيترا تير وسندا ھئا، ھِي اوترا ئي خوش ٿيندا ھئا، ۽ ھڪ ٻِڙِڪَ بہ آھَ جي ٻاھِرِ نه ڪڍيندا ھئا.

عاشق زھرَ پياڪَ، وِھُ ڏِسي وِھِسَنِ گھڻو،
ڪَڙي ۽ قاتل جا، هميشه ھيراڪَ،
لَڳِينِ لَئُون لطيف چئي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، ته به آهن سَلِين عامَ سِين.

فقير چوي ٿو سُورِھن جا ڌڙَ ڌرتيءَ تي ھئا، ۽ ڳِجھن جا آسمان ۾ لامارا ھئا. چوي ٿو ڳجھ هميشهه ڪِنو ڍونڍَ ٿيل کائيندي آھي پر ھتي عالم ئي ٻيو ھو. حسين جا بزدل دشمن پئي ڪِنُ ٿئا، ڳِجُنِ اچي سُورھنِ جا ڳارا ڪيا.

ڳِجھڙينِ ڳارو، راتو ڏينھان رِڻَ ۾،
ڀُڻِيون پُڇَنِ پاڻَ ۾، ڪنهن منهن ڪيڏارو،
کِينِ کَڳُ مارو، ڪائنرُ پِيو ڪِنو ٿِئي.

فقير چوي ٿو ڳِجُھن کي تڏهن کان پِٽَ آھي ته ھميشھ کنڀَ کُٿَلَ ھوندئي، ڇو جو ئي ڳِجھڙي توکي انهن سُورھن مٿان پرنِ جون ڇانھون ڪرڻيون ھيون ۽ تو ان کي ڳارا ڪري کاڌو.

کنڀَ کُسَنَئِي ڳِجھڙي، لِڱين پَوِنَئِي واءُ،
اَميرن مَٿاءُ، جِئن تو ڦُلين ڇانھون نه ڪيون.

آخر ڏھين محرمَ جو چند چڙهيو حسين پِڙَ ۾ پير پائڻ جو پَھُ ڪيو، فجر نماز پڙھي حسين ذوالجناح کي تيار ڪرڻ جو حڪم ڪيو،

گھوڙو گھوٽَ پلاڻِئو، مَٿِسِ زِينَ ڌَري،
علي شاھُ پُٽَنِ کي، بيٺو سَڏَ ڪري،
قَضا ڪيئن ٽَري، جيئن اَمُرُ اِلاھي آئِيو.

حسين پنهنجي پيارن کان موڪلائي جنگ جي ميدان ۾ لٿو.

ڪامل ڪربلا ۾، اھلِ بيتَ آئيا،
ماري مِصِرينِ سين، تَنِ ڪامِلَ ڪنبائيا،
سَچُ ڪي بِيبيءَ ڄائيا، ھَئِڙا سُورھَ سُپَرين.

فقير چوي ٿو جنگ جي ميدان ۾ لھڻ کان پھريان جانسارِ حسين زرھَ (پاکر) کڻي آيا، حسين انڪار ڪندي چيو، مونکي موت جو ڊپ ناھي، پاکر سي ئي پائيندا جَنِ کي جيئڻ جو شوق ھوندو، آئون ته آيو ئي منهنجي پياري ناني محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جي دين جي راھَ ۾ شھيد ٿيڻ آھيان.

ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، پاکر جو پائي،
اڃان انَ کي جِيئَڻَ جو، آسانگو آھي،
سُورھُ سو چائي، جو رُڳو ئي رِڻِ گھڙي.

پوءِ جنگ جو ميدان ھو دشمن سامهون ھئا، جيڪو حسين جي سامهون ٿي آيو سو ٿي ويو. اصل پِڙُ ڪري بيٺو ھو، سامهون ھزارن ۾ ھئا ھيءُ اڪيلو ھو.

ڏِٺو ڪالھَ ڪَھِين، جُھونجھارڪو جھڳڙو،
ھاٿِيَنِ ھَڏَ مڇائيا، ريلو رَتَ نَئِين،
ڀانئِنِ سا سَئِين، جِئان جيءُ جوکو ٿِئِي.

حسين جنگ جي ميدان ۾ ھو ۽ دشمن جي تيرن جو وسڪارو ھو تير وسندا رھيا حسين وڙھندو رھيو. ظحر نماز جو وقت آيو حسين رَتَ سان لٿڙيل ذوالجناح لھي نماز پڙھڻ شروع ڪئي. دشمن موقعي جي تلاش ۾ ھو. جيئن ئي حسين سجدي ۾ ويو دشمن حسين جو سِرُ ڌَڙَ کان ڌار ڪري ڇڏيو.

پاڪَ جَنِين جا پيرَ، کَٽان ھيٺِ نه کوڙئا،
تنگَ تَراين تِڇِئا، ڇَڻِئو پُون ڇُڳيرَ،
ڌَڙَ تَنين جا ڍيرَ، ڳِجھڙين ڳَرَ لائيا.



رَچي جي ريٽو ٿيان، ڪِينَ اُٻاٽِجَنِ اُوءِ


رچي جي ريٽو ٿيا، ڪِينَ اُٻاٽِجَنِ اُوءِ،
کُھنڀُ نه کاري تنھن کي، جو ھالاري ھوءِ،
توڻي ڌوٻيءَ ڌوءِ، ته به لالائي نه لَھي.

ھن بيت جو پيرو کڻي وڃي ھٿونگي شھر جي چاچي گوپال داس کَٽِيءَ سان مليس. چاچو ٻانڌوڻي ڪپڙي جي رنگاوت جو بھترين ڪاريگر آھي، جنهن جي مڃتا ۾ کيس صدارتي ايوارڊ پڻ مليل آھي. چاچي کي مٿيون بيت ڏئي سمجھاڻي پڇيم تڏهن ٿڌو شوڪارو ھڻي چوي ٿو، پُٽَ لطيف کي تون، آئون ڪٿي ٿا رسون؟ لطيف جي اڏام تمام مٿي آھي ھن بيت ۾ لطيف انهن سالڪن جي ڳالھ پيو ڪري جن پنهنجي پاڻ کي پچائي راس ڪري ڇڏيو آھي، تن کي ھن دنيا جي گردش ڪجھ به نٿي ڪري سگھي، انهن تي جيتريون سختيون اينديون اھي اوترا ئي مضبوط ۽ ثابت قدم رھندا.

چيم حقيقت ته اھا آھي پر تو واري ڪم جو لطيف سرڪار ھن بيت ۾ ذڪر ڪيو آھي، ان جي باري ۾ ته ڪجھ ٻڌاءِ، چوي ٿو لطيف اسان جي ڳالھ ڪون ڪندو ته ٻيو ڪنهن جي ڳالھ ڪندو اسين لطيف جا آھيون لطيف اسان جو. چوي ٿو مٿين بيت ۾ لطيف سرڪار اسان جي ڪم ۽ ڌوٻيءَ جي ڪم جو ذڪر ڪيو اٿس، چوي ٿو اسين ڪم ڪندا آھيون ٻنڌڻ جو، ٻنڌڻ واري ڪپڙي کي ٻانڌوڻو چئبو آھي اھو ڪپڙو پندرهن مرحلن مان نڪري وڃي پنهنجي اصل روپ ۾ ايندو آھي، پوءِ ھن کي ڌوٻي ڌوئي يا ڌوٻن ھن جو رنگ نه مِٽائي سگھندا، ان کي جيترو ڌوئيندا اوترو ئي نکرندو.

پڇيم اھو ڪپڙو ڪھڙو ھوندو آھي جنهن تي اوھين رڱاوت ڪندا آھيو؟ چوي ٿو اھو نِجُ سوٽي ڪپڙو ھوندو آھي، جيڪو سُٽَ مان ٺھندو آھي انکي کي پھريان پاڻيءَ ۾ پُسائي پوءِ پٿر تي سٽيندا آھيو ته جيئن ان جو ڪلف نڪري وڃي ۽ ڪپڙو نرم ٿي وڃي. ان پٿر جي سَٽَ ڪُٽَ واري مرحلي کي کوڙ چوندا آھيون. اھو کوڙ وارو مرحلو پنج يا ست دفعا ڪندا آھيون.

جان پَرِ جُڙِيَمُ جوڙَ، دوستُ پيھِي در آيو،

ڏکنِ اچي سکنِ کي، مُحَڪم ڏني موڙَ،

جان پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورن سانٽِي.

ان بعد ايرنڊي جي تيل ۾ سوڍا کار پاڻيءَ ۾ ملائي پوءِ ان ۾ ڪپڙي کي وجھندا آھيو پوءِ ان ڪپڙي کي پاڻيءَ مان ڪڍي اُس تي سڪائيندا آھيون اھو سلسلو پنج دفعا هلندو آھي ته جيئن ڪپڙو بلڪل نرم ٿي وڃي.

انهن مرحلن کان پوءِ ان ڪپڙي کي تلاءَ يا واھَ تي کڻي وڃي ڌوئيندا آھيو ته جيئن تيل ۽ کار نڪري وڃي.

ان کانپوءِ ان ڪپڙي کي ڦٽڪڙيءَ (ڦٽڪي) واري پاڻيءَ ۾ چويھن ڪلاڪن لاءِ وجھي ڇڏيندا آھيون.

وري ان ڪپڙي کي واھَ يا تلاءَ تي کڻي وڃي ڌوئيندا آھيون. ڌوئي اُس تي سڪائي ڇڏيندا آھيون.

پڇيم ڦٽڪڙي ڇو ڏيندا آھيو؟ چوي ٿو ڦٽڪڙي واري ڪپڙي تي رنگ پڪو چڙھندو آھي.

پوءِ ان ڪپڙي تي ھلڪي گلابي رنگ جا پور ھڻندا آھيون.

ان بعد ٻنڌڻ جو مرحلو ايندو آھي. جيڪو تمام ڏکيو ۽ پيچيده ھوندو آھي.

ٻانڌوڻا ٻَنِ ڏيان، اَرِغَچَ ۽ انبِيرَ،
ماروءَ سِين مانڻيان، کَٿِيءَ جھڙي کيرَ،
اندرِ اُڃَ اُڪيرَ، مون کي پرينءَ پنھوارَ جي.

پڇيم اھو ٻنڌڻ ڪيئن ڪندا آھيو؟ چوي ٿو ٻنڌڻ واري ڪپڙي کي ڌاڳي سان ڀينڍيون ٻڌيندا آھيون، انهن ٻڌل ڀينڊين واري جاءِ تي رنگ نه ڇڙھندو آھي، باقي سڄي ڪپڙي تي رنگ چڙھي ويندو آھي.

چيم اھو وري ڪيئن ٿو ٿي سگھي، چوي ٿو اھو ئي ته کٽيءَ جو ڪمال آھي نه ته سڄي خلقت رنڱريز ٿي ويٺي ھجي.

پوءِ ان ٻڌل ڪپڙي کي چروءَ جي بٺي ٻاري اليجر رنڱ چاڙھيندا آھيون، اھو مرحلو ڪلاڪ کن جو ھوندو آھي.

پڇيم اھو چَرُو ڇا ٿيندو آھي؟ چوي ٿو اھو پِتَلِ جو وڏو ھنڍو جيڪو ڪپڙا رڱڻَ جي ڪم اچي ان ھَنڍي کي چَرُو چوندا آھيون.

پوءِ ان ڪپڙي کي چروءَ مان ٻاھر ڪڍي سڪائي ٻنڌڻُ کوليندا آھيون، ان ڪپڙي ۾ جنهن جاءِ تي ڀينڊي ٻڌل ھوندي آھي، اھا جاءِ اڇي ھوندي آھي باقي ڪپڙي جو رنگ ھالاري ٿي ويندو آھي.

پڇيم اھو ھالاري رنڱ ڪھڙو ھوندو آھي؟ چوي پيو ڪُٺَلَ ٻَڪِري جو رتُ ڏٺو اٿئي ان رت جھڙي رڱَ کي ھالاري چوندا آھيون. ۽ جيڪڏهن ان ڪپڙي کي ڪاڪِريچي رنڱ ڏيڻو پوندو ته اليجَرَ رنڱ کي نِيرَ سان ملائڻو پوندو ته جيئن ان ڪپڙي جو رنڱُ نيرو ڪارو ٿي ويندو. ان رنڱَ واري ڪپڙي کي ريٽو پُڻُ چوندا آھن.

پڇيم ٻنڌڻَ کان سواءِ ٻيو ڪپڙي جي رنڱتِ جو ڪھڙو ڪم ڪندا آھيو؟ چوي پيو ٻيو ڪم اسان ڪپڙي تي پور (بلاڪ پرنٽ) ھڻندا آھيون جنهن کي ليمائي رنگت وارو ڪپڙو چئبو آھي. پڇيم اھو ڪپڙو ڪھڙو ھوندو آھي؟ چوي ٿو اھو ڪپڙو به سوٽي ھوندو آھي، سوٽيءَ (سُٽَ مان ٺھيل ڪپڙو) ڪپڙي کانسواءِ ٻئي ڪپڙي سان اسان واري چَرُوءَ جو چاھُ ئي ناھي، جيڪڏهن ٻيو ڪپڙو ھوندو ته اھو ھڪ دم ڦاٽي پوندو. پڇيم ان ڪپڙي جي رڱَڻَ جا ڪھڙا مرحلا آھن؟ چوي ٿو ان سوٽيءَ ڪپڙي کي پھريان نرم ڪرڻ لاءِ آسري لَئي (وڻ) جي ٻجن (ساڪونڻُ) کي ڪُٽي، پيھي پائوڊر ٺاھي ان پائوڊر کي پاڻيءَ ۾ وجھي ٿورڙو ان ۾ تيل وجھي، ان ڪپڙي کي ان پاڻي ۾ وجھي ڪجھ دير سَھِي پوءِ اُسَ تي سڪائي ڇڏيندا آھي. ڪپڙو سُڪِي وڄڻ بعد ان تي ڪَٽُ جو ٺپو ھڻندا آھيون. پڇيم اها ڪَٽُ ڇا آھي؟ چوي ٿو لوھَ جي ٽڪڙن کي ھڪ مَٽَ ۾ پاڻي وجھي پندرهن ڏينهن رکي ڇڏيندا آھيون، ته جيئن اھو لوھُ ڪَٽُ ڇڏي. پوءِ ان ڪَٽُ واري پاڻيءَ سان گدامڙيءَ جي ٻج جو اٽو ٺاھي پاڻي ۾ ملائي ان پاڻي مان ڪپڙي تي ٽَپا ھڻيندا آھيون. اڄ ڪلھ ان جاءِ تي ڪيمڪل استمال پيو ٿئي، جنهن کي ھيراڪَسُ چوندا آھن. پوءِ ايندو آھي پاھَ جي ٺپن جو مرحلو. پڇيم اھو پاھ ڇا آھي؟ چوي ٿو ڦٽڪڙي ۾ گدامڙي جو ٻجَ جو اٽو ٺاھي، پاڻي ۾ ملائي ان ڦٽڪڙيءَ واري پاڻيءَ جا ٺَپا ان ڪپڙي تي ھڻندا آھيون، پوءِ جتي ڦٽڪڙيءَ وارو ٺپو لڳل ھوندو اتي ئي رنڱ بيھندو، ٻيو سارو رنڱ لھي ويندو. پَرِتوو پُنھونءَ جو، سھائي سِياھُ، مُنھُن ڏئي مون آئيو، رنگا رنگي راھُ، پھرين ڏيندا پاھُ، پوءِ رڱيندا رنڱ ۾. پوءِ ان کي چروءَ جي بٺيءَ تي چاڙھي اَليجَرُ رنڱ چاڙھيندا آھيون. ڳچُ دير ان پاڻي ۾ اڪاري چَرُوءَ مان ڪڍي اُسَ ۾ سڪائي ڇڏيندا آھيون. ان اليجر ڏنل واري ڪپڙي جو رڱ ڳاڙھو ٿي ويندو آھي، جنهن کي اسين ڳاڙھو گھنڊُ چوندا آھيون. پوءِ ان رنڱيل ڪپڙي کي واريءَ وارا پورَ ھڻي، وري ان ڪپڙي کي چَرُوءَ تي چاڙھي نيرَ (انڊيگو) سان رڱيندا آھيون ان رنڱتِ واري ڪپڙي کي ليمائي رنڱ وارا ڪپڙا چوندا آھيون. پڇيم کُنڀُ ڇا کي چوندا آھن؟ چوي ٿو کُنڀُ ڌوٻيءَ جي ڪپڙا ڌوئڻ جو ٿانوَ آھي جيڪو ھڪ وڏو پتلِ جو ھنڍو هوندو آھي ساڳئي اسان واري چَرُوءَ وانگر ان کي ٻٺيءَ تي چاڙھي ڌوٻي ان کنڀَ ۾ پاڻي ڀري ان جي مٿان ڪاٺين جو ڄارُ ٺاھي ھڪ ويڙھيل پُسِيل ڪپڙن جي گول ديوار ٺاھي وِچُ خالي ڇڏي ان گول ڪپڙي جي ديوار نما سَٿِيءَ مٿان ڪپڙو ويڙھي ڍڪي ڇڏيندا آھن ان کنڀَ واريءَ بٺيءَ کي مسلسل ٽي ڪلاڪ ٻاريندا آھن، پوءِ ان کنڀَ وارا ڪپڙا مَرُ ڇڏي ڏيندا آھن، انهن ڪپڙن کي ڌوٻي تلاءَ تي کڻي وڃي پٿر تي سٽيندا آھن ته جيئن مَرُ نڪري وڃي ۽ ڪپڙا اڇا اُجرا ٿي وڃن.

رَچي جي ريٽو ٿيا، ڪِينَ اُٻاٽجَنِ اُوءِ،
کُنڀُ نہ کاري تنهن کي، جو ھالاري ھوءِ،
توڻي ڌوٻيءَ ڌوءِ، ته به لالائي نه لھي.

پڇيم رنڱَ گھڻن قسمن جا رڱيندا آھيو؟ چوي ٿو عورتن ۾ سھاڳڻ عورت جي ڪپري جو رنڱ ٻيو ته ڏھاڳڻ عورت جي ڪپڙي جو رنڱ ٻيو ھوندو آھي. عورت جي شاديءَ جي ڪپڙن جو رنڱ ٻيو ته عام زندگيءَ ۾ ڪپڙا پائڻ جو رنڱ ٻيو هوندو آھي. چوي ٿو اڳي ته ذاتين جا پورَ (ٺپا) ئي الڳ هوندا هئا، ھندوئن جا الڳ ته مسلمانن جي ڪپڙن جي پورن جا چِٽَ الڳ هوندا ھئا.

پڇيم پُورَ ڪيترن چِٽَنِ جا هوندا آھن؟ چوي ٿو سائين پورن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪو نه ھوندو ھو.

پڇيم عورتن جي اوڍڻ جا ڪھڙا ڪپڙا رڱيندا آھيو؟ چوي ٿو، عورتن جا پَڙا، پيٽِيُون، پُٺِيُون، پوتيون رڱيندا آھيون. پڇيم توھين رڳو عورتن جي پھرڻ جو ڪپڙو رڱيو يا مردن جا ڪپڙا به رڱيو؟ چوي ٿو ٻانڌوڻو يا پورَ وارو (ليمائي) ڪپڙو اسين عورتن لاءِ رڱيندا آھيون، باقي مردن جو ڪپڙو ڪو نه رڱيون. پڇيم اجرڪ رڱيو؟ چوي ٿو اسين اجرڪ ڪو نه رڱيون، اجرڪ گھڻو ڪري ھالا، ڀٽ شاھ، نصرپور، بدين ۽ ڀرپاسي وارا کٽي رڱيندا آھن، اھي مسلمان کٽي آھن جيڪي گھڻو ڪري سومرا ذات جا آھن، ۽ اسين ھندو کَتِرِي آھيون، چوي ٿو اڳي اھي مسلمان کٽي اسان وارو ٻنڌڻ وارو ڪم ڪندا ھئا، پر ھاڻ اھي اھو ڪم گھٽ ۽ گھڻو ڪم اجرڪن جو ۽ ٻيو فيشني ڪم ڪندا آھن، اسان وارو ڪم صديون پراڻو ڪم آھي، جيڪو ھٿونگي، کپري، مٺيءَ ۾ اڃان به ٿئي ٿو پر تمام ٿورڙو. چوي ٿو اڳي رڳو ھٿونگي شھر ۾ رڱڻ جون اَسِي بٺيون ھونديون ھيون ھاڻ صرف ھڪ بَٺِي آھي اھا به ڪجھ عرصي کانپوءِ بند ٿي ويندي. پڇيم اھو وري ڇو؟ چوي ٿو تو اسان جو ڪم ڏٺو ۽ ان ۾ محنت به ڏٺي پر ان جي بدلي معاوضو تمام گھٽ ملي ٿو، چوي ٿو اسان وارا رنڱ ئي قيمت ۾ ڪم لاھيو ڇڏين ۽ ٻيو وري ڪپڙو، چوي پيو اھو پانڌوڻو پَڙو جيڪو پريان پيو اٿئي اھو پورا ست وال اٿئي، پر ان جي قيمت چار کان پنج ھزار ملي ٿي، ۽ اھو جيڪو ليمائي پَڙو آھي، ان جي قيمت ته مُرُڳو پنجَ سئو رپيا ملي ٿي. چوي ٿو ان ڪم ۾ ھاڻ اسان جو گذران نٿو ٿئي ھاڻ اسان جي برادري جا ماڻهو ھاڻي ٻيا ڪم ڪارِ ڪري رھيا آھن، انهن مان ڪي واپاري، ته ڪي سرڪاري ملازم آھن، ڪي ماستر، ڪي ڊاڪٽر، ڪي وري انجنيئر پڻ آھن. چوي ٿو مونکي منهنجي ابي ھيءُ بيتُ ٻڌايو ھو، جنهن ۾ کٽي کي سکيو ستابو رھڻ جي دعا ڪيل آھي. بابو چوندو ھو ته اھو بيت ميُون شاھ عنايت جو آھي.

کَٽِي کيٽُ مَ کيڙُ، توڙي ٿينئي سونا سنگڙا،
ھيجَ مجھاران ھٿڙا، مٿي ڀِينڊيءَ ڀيرُ،
ابي، ڏاڏي جي پير، سکيو ھوندين سيد چئي.



ڪَڙھي ۽ِ ڪَڙي، پَرَ ۾ پيرُ پُنٌھونءَ جو


ڪَڙھي ۽ ڪَڙي، پَرَ ۾ پيرُ پُنھونءَ جو،
سِڪَ ٻَڌائين سندرو، جانِبَ لئهءِ جَڙي،
لَڪَنِ سِرِ لطيف چَئي، مُنڌَ جھيڙي ۽ جَھڙي،
پَڻيءَ تان نه پَڙي، جي عُمِرِ سَڀِ اِيئن ڪري.

فقير کان پڇيم لطيف سرڪار ھن بيت ۾ ڪَڙي جو ذڪر ڪري پيو اھو ڇا آھي؟ چوي ٿو سَسُئِي ويچاريءَ بَرَنِ پَٽَنِ ۾ پنهونءَ جا پيرَ پئِي ڪَڙِيا لطيف اھا ڳالھ پيو ڪري. ٻھراڙي ۾ ڪا چوري ٿيندي آھي تڏھن پيري ڪاٺيءَ سان چور جي پير تي گول دائرو ڪڍي نشانوَرُ ڪندا آھن ان کي پير ڪَڙَڻُ چوندا آھن. چيم فقير سسئيءَ جي چوري ته ڪون ٿي ھئي جو پير پئي ڪَڙِيائين؟ چوي ٿو ان کان وڏي ڪا چوري ٿيندي آھي ڇا، چوري نه پر جَتَ ڌاڙو ھڻي ويا ھئا ويچاريءَ جو، سُتي رات سڄڻ کڄي ويو ته سمجھ ڌاڙو لڳو.

ڀينر ھنَ ڀنڀورَ ۾، منهنجو ڪڄاڙو،

ڪلھي ڦاٽَمُ ڪنجرو، مٿو اگھاڙو،

ڌوٻَڻِ جو ڌاڙو، ھُو جو ھوتَ ھڻي ويا.

فقير کان پڇيم فقير ڏي خبر تون پير سڃاڻي ويندو آھين؟ چوي ٿو ھائو ابا ٻيو اسان ڪيو سين به ڇا، سڄي عمر پير ئي ته کنيا سين، ماڻهو جا ته ڇا پر جانورن جا به پير سڃاڻون. پڇيم اھو وري ڪيئن؟ چوي ٿو اھا لوڪ ڏاھپ آھي، جيڪا تو جھڙن جي وس جي ڳالھ ڪونهي. اھا ڏاھپ انهن وٽ ھوندي آھي جيڪي ڳوٺن، جھنگن ۽ رڻپَٽنِ ۾ رُلندا آھن.

جيڪِي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجھيائي ڳجهه ۾،
سو جي سُڻَنِ ڪڏهن، ڪِرِتِ وارا ڪي،
ته سازَ مِڙَئِي سي، پِٿُون ڪن پَلَڪَ ۾.

چوي ٿو ھڪڙي ٿيندي آھي چوري، ٻيو کاٽُ، ٽيون ڌاڙو، چوٿين ٿيندي آھي ڦُرِ، چوري ۽ کاٽُ ھڻندڙ کي چور چئبو آھي، ڌاڙو ھڻندڙ ڌاڙيل، ڦر ڪندڙ کي ڦورو چئبو آھي. چوري مال (ڌڻ) جي ٿيندي آھي، کاٽ گھر ديوار ٽوڙي يا ان مان سوراخ ڪري ان مان سامان ڪڍيو ويندو آھي، ڌاڙو اھو جيڪو سڄي ڳوٺ جو گھيرو ڪري ھنيو ويندو آھي ڦر اھا جيڪا اڪيلي يا ھڪڙي گھر وارن کي يرغمال ڪري سامان ڦريو وڃي. پڇيم اھا ڪيئن سڃاڻپ ٿيندي آھي ته اھو ڪنهن جو پير آھي، چوي ٿو ھڪ دفعي پاڙي واري ڳوٺ ۾ کاٽُ لڳي ويو کاٽُ وڏيري جي گھر جو لڳل ھو سو پورو ملڪ اچي ڪَٺو ٿو. مونکي گھرايَئُون مون کاٽَ واري جڳھ ڏٺي کاٽ ڪنهن ڏاھي چور جو ھنيل ھو، پير ڏٺو سين ٻن چورن جو پير سرزمين تي ھو، ھڪڙو ڪوٽ کان ٻاھر چونڪيءَ تي بيٺل ھو. پير ڏٺم انهن مان ھڪ چور جو پير سڃاتم، خير اھو راز رکيم ٻيو ڏينهن ٿيو اچي پيرين جي ذات گڏ ٿي، ٽئي ڏينهن پيرن جي پريڊ ڪوٺائي وئي. اچي چورن جو راڄُ گڏ ٿيو، پير لڳو، ساڳيو چور به اتي آيو ھو ان چوريءَ وارن چورن مان ھڪ ٻيو چور به آيو ھو. سڀني پيرين پير ڏٺا مون ۽ ٻين ٻن پيرين انهن ٻن چورن ۽ ٻين ٽن جا پير ڪَڙِيا سين. وري ٻيو دفعو انهن پنجن چورن جو پير ھڻايو سين، انهن مان ٻن اصلي ۽ ھڪ ٽئي ھمراھ جو پير ڪَڙِيو سين. وري ٽيون دفعو انهن ٽنهِي جو پير لڳو وڃي آخر ۾ اصلي چورن جو پير ڪڙيو سين. پوليس انهن چورن کي گرفتار ڪيو نيٺِ آخر چورن چوري باسي. پڇيم اھو چور اوھان سڃاتو ڪيئن؟ چوي ٿو پيريءَ جي اھا ڪِرِتِ ھوندي آھي ته ايندي ويندي جي پيرَ تي نظر رکندو آھي، خاص ڪري چورن جو ته اسين پنڌ ڪري به وڃي پير ڏسندا آھيون ان ۾ خاص ڪري پير جو چِٽُ، ماپ، چالَ، لَھِرو، وِکَ جي مفاصلي جو اندازو رکيو ويندو آھي. جيڪڏهن جُتي پاتل ھجي ته ان کي ڪيئن سڃاڻبو؟ چوي ٿو جُتيءَ ۾ وِکَ، چالِ، لَھِرو، ماپَ، تي نظر رکبي. اِنھنِ چورن جو پير ايئن سڃاتو سين جو ھڪ چور جي پير کان آئون اڳ ئي واقف ھُئس، ۽ ٻئي چورَ پير ھڻڻ مھل پنهنجي پير جي چال مٽائي تنهن تي سڃاتو سين. چوي ٿو ڪو به ماڻهو پنهنجي ھلڻ جي چال مَٽائيندو ته ان جي مفاصلي ۽ چالِ ۾ گھٽِ وڌِ جو فرق ايندو، تنهن تان اھو ماڻھو پنهنجي چالاڪيءَ ۾ ئي ڦاسي ويندو آھي. ٻيو وري پير جي نشان ۾ خبر پئجي ويندي آھي. چوي ٿو پيري اھو جيڪو سُبَتا ۽ اُبَتا پير سڃاڻي، پڇيم اھو وري ڪيئن؟ چوي ٿو سُبتو پير اھو جيڪو چور چوري ڪري جيڏانھن ويو ان پٺيان پير کڻڻ، ابتو اھو پير جيڪو چور جتان چوري ڪرڻ آيو اھو پير کڻڻ.

چوي ٿو ھڪ همراھ جي ڏاندن جي جوڙي چوري ٿي وئي، مونکي گھرايو ويو ڏسان ته ٻن چورن جو پير سر زمين تي موجود آھي ھڪ کي سليپر پاتل ھو ۽ ٻئي کي چپل، صبح سوير پير کنيو سين، پير کڻندا اچي ھڪڙي ڳوٺ ۾ پيرُ هنيو سين، چور وڏا ھشيار ھئا، پير ڳوٺ ۾ ھڻي، ڳوٺ جي پَرِيين پاسي ڏاندَ ڪاھي نڪرِي ويا. ان ڳوٺ ۾ اسان کي دير لڳي وئي ڳوٺاڻن ڏاندن جي ساک ڏني مون ڳوٺ جي پريين پاسي پير اھاڙيو ڏسان ته چور ڏاندن جي جوڙي ڪاھي ان ڳوٺ مان نڪري ويا آھن، پوءِ پير کنيو سين رات پئجي وئي وڃي ھڪ ڳوٺ ۾ پياسين جيڪو بدنام چورن جو ڳوٺ ھو چئنٍي طرفان اھاڙيو سين پير ڳوٺ کان ٻاھر ڪو نه نڪتو، ڳوٺاڻن تي زور ڀريو سين، يا ڳوٺ کان ٻاھر پير ڪڍي ڏيو يا ڍڳا ڏيو، وڏي زور کان پوءِ ڏاند واپس ٿيا ڀاڳيا ڪاھي گھر پھتا.

پڇيم توکي ڇا مليو؟ ٽھڪ ڏئي چوي ٿو چورن سان دشمني ٻيو وري ڇا ملندو. پڇيم اھو وري ڪيئن؟ چوي ٿو چور ڳولي ڏيندس ته چور دشمن ئي ٿيندا. پڇيم ڪو نقصان؟ چوي ٿو اھڙو ڪو خاص ته ڪون مڙي ھلڪي ڦلڪي موسيقي ھلندي رھي ٿي. پر چورن جي اسان سان ياري به ھوندي آھي، پوءِ ڏسندا آھيون ڪٿي يار ڦاسي ٿو ته مڙي بچائي ويندا آھيون، اھو به ڪنهن امير، يا ظالم جي چوري ھجي ته ، غريب جي چوري مون ڪڏهن به وڃائي ڪون پوءِ ڀلين چور ڪيڏو زوراور ڇو نه ھجي يا ڀلين کڻي دوست ھجي.

پڇيم اھا ڪيئن خبر پئي ٿي ته چور سيکڙاٽ آھي يا پراڻو؟ چوي ٿو سيکڙاٽ گھڻو ڪري ڪا نه غلطي ڪندو آھي، ھوشيار چور ھميشھ غلطيءَ جي گنجائش گھٽ رکندو آھي. چوي ٿو ھشيار چور چوري ڪرڻ مھل ان ڳالھ کي به نظر ۾ رکندو آھي ته سڀاڻي پير به کڻندا، تنهنڪري ھو ھميشھ پير وڃائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ته جيئن پيري پير کڻڻ مھل ڀلجي پوي. چوي ٿو سياري جي وڌيڪ سيئَنِ وارين راتين ۾ چوريون گھڻيون ٿينديون آھن، ڇو جو ڀاڳيا سيءَ ڪري اندر ڪمرن سمھندا آھن ۽ مال ٻاھر اڪيلو ھوندو آھي، ۽ ٻيو سياري جون راتيون وڏيون ٿينديو آھن، جنهن ۾ چور چوريءَ کي پاٿاريءَ تي پھچائڻ ۾ ڪامياب ويندا آھي. چوي ٿو اسان کي ھر ذات جي ماڻهوءَ جي پير جو پتو پئجي ويندو آھي.

پڇيم اھو وري ڪيئن؟ چوي ٿو ھر ذات جي قد، بُتَ ۽ ھاٺيءَ جو پنهنجو نمونو ھوندو آھي، ۽ پڻ ھلڻ جي چال ٻڌائي ڇڏيندي آھي ته ھمراھ ڪھڙن منجھان آھي. پڇيم جانورن جا پير ڪيئن سڃاڻو؟ چوي ٿو جانور جو پير ماڻهو کان به سَوَلو آھي. چوي ٿو رڳو اسين نه گھڻا ڀاڳيا پنهنجي جانورن جا پير سڃاڻندا آھن، اٺ جو پير سڃاڻڻ ۾ صفا سَوَلو ھوندو آھي، جيڪڏهن ڪا ٻڪري يا ڍڳي وڃائجي ويندي آھي ڀاڳيا ان جو پير کڻي وڃي ڳولي لھندا آھن، چوي ٿو ھوشاري اھڙي جو سَوَنِ ڍورن جو ڌڻ پيو وڃي پر ڀاڳيا ان مان پنهنجي ڍور جو پير ڳولي لھندا آھن. چوي ٿو ھڪ دفعي منهنجيون ٽي ٻڪريون وڃائجي ويون، منهنجي گھر واريءَ چيو ته پنهنجي ٻڪرين جا پير مون وَڍَ کان پَريين پاسي ڏٺا ھئا، شايد اھي انهيءَ پاسي ئي ھجن، پوءِ اھي پيرَ وڃي کنيم ٻئي ڏينهن وڃي ڏسان ته اھي ٽئي ٻڪريون رُھِيءَ ۾ پيون وڙڪن، ڪاھي اچي گھر پھتس. چوي ٿو ھڪ اٺ جي چوري ٿي وئي، منهنجي استاد ان چوري جو پير کنيو، پير کڻندا وڃي ھندستان ۾ ھڪ ٺَڪُرَنِ جي ڳوٺ ۾ پيا سين ٺڪرن اسان کي کاڌو رڌڻ لاءِ ڪچو سيڌو ڏنو، ان سِيڌي ۾ جيڪو اَٽو ھو سو ھٿ سان ٿِڦِيَلُ ھو. منهنجي استاد ان ٿڦيلَ اٽي تي ھٿ واري نشان ڏانهن اشارو ڪندي ساٿين کي چيائين چوري ھتي آھي. سنگت پڇيو اھو وري ڪيئن؟ چيائين رستي ۾ چورن جتي ساھي کاڌي ھئي اتي ھڪ چور اٿڻ مھل ھٿ جي تِرِي کوڙي اٿيو ھو، ان ھٿ جا نشان ھن اٽي تي لڳل عورت جي ھٿ جي نشان مان لڳي ٿو اھا عورت ان چور جي ڀيڻ ڪا ويجھي رشتيدار آھي. اسان اھا ڳالھ انهن ٺَڪُرَنِ سان ڪئي تڏهن ٺڪرن پيريءَ جي ڏاھپ جو انصاف ڪندي اٺ موٽائي ڏنون.

چوي ٿو ھڪ دفئي جي ڳالهه آھي، ڀر واري ڳوٺ مان ڪا مادي اُٺِ وڃائجي وئي، وڃائي پورا پنج سال ٿيا ھمراھ ڳولي ڳولي ٿڪا پر نه ملي. ھڪڙي ڏينهن ڪو ڀرپاسي واري ڳوٺ ۾ ڀَتُ ھيو ان ڀَتَ ۾ وڃايل مادي اُٺِ واري مالڪ ھڪ نر اُٺَ جو پير ڏٺو ان پير کي ان ڀاڳئي ڪَڙِي چيو ته ھيءُ اُٺُ منهنجي وڃايل اُٺِ جو ڦَرُ آھي. نيٺ آخر ڳَچُ اٺن جا پير ھنيا ويا انهن ۾ به ان ڀاڳئي انهيءَ ساڳئي اُٺَ جو پير ڪڙيو، پوءِ ٿيو ايئن جو پوئتي کونٽي ڳولڻ سان اھو اٺ واقع ان وڃايل اُٺِ جو ڦَرُ نڪتو. پوري پَجين سالين اھو اٺُ ۽ ان جي ماءُ اھا به سلوار ڀاگئي جي حوالي ٿي.

چيم اھو وري ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ چوي ٿو توکي پھريان ٻڌايم ته اھا ڳالهه اوهان جي سمجھ کان مٿانھي آھي، چوي پيو اھا ڪَھاوت ڪون ٻڌي اٿئي. راڳي، (راڳ ڳائڻ وارو)، ‌پاڳي (پير نھارڻ وارو)، پارکو (سڄاڻُ)، ناڙي ويڄُ (طبيب)، نياءُ (فيصلو ڪندڙ) گُرُ سڀني ھيڪڙو اُڪِلي سَڀِن ھنيانءَ.



پونچا ڏِٺُمُ پيرَ، ڍَڪَڻَ مٿي ڍولَ جا


پونچا ڏٺم پيرَ، ڍَڪَڻَ مٿي ڍولَ جا،
مون ڀانئيو تَنھن ويرَ، ڪوجھي ڪندو پِرِيتِڙِي

فقير ڏي خبر لطيف سرڪار ڪھڙي ڳالھ پيو ڪري، تڏهن مسڪرائي چوي ٿو لطيف سائين ڀاڙئي ۽ مڙس ماڻهو جي سڃاڻپ پيو ڏَسي. اھو وري ڪيئن؟ ان کي لوڪ ڏاھپ چوندا آھن سنڌين جي شادين جي رِيتُن ِرَسمُنِ ۽ سَوَڻَ، سانٽنَ جو اھم حصو ھوندو آھي، جنهن ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار جي پرک ڪئي ويندي آھي، ته ھمراھن ۾ ڪيترو دم آھي.

چوي ٿو توکي منڍَ کان منهنجي شادي جي ڳالھ ٿو ٻڌايان ٿو ته منهنجي پَرِڻِي ۾ ڪھڙا ڪھڙا سَوَڻَ سانٽَ ڪيا ويا. چوي ٿو ڳالھ ڪريون ٿا، سنڱُ گھرڻ جي، جڏهن منهنجو سنڱ گھرڻ لاءِ مانگا ويا، پچيم اھي مانگا وري ڪير آھن؟ چوي ٿو سنڱُ گھرڻ وارن کي مانگا چيو ويندو آھي، مانگا ڇوڪري جي مائٽن سان سنڱ جي ڳالھ ٻول ڪري منڱڻيءَ (مڱڻيءَ کي کيرُ پيئڻ به چئبو آھي) جو ڏينهن پڪو ڪندا آھن.

جانڪِين سَتِيين سِيرُ، تان ڪِينَ وِھَندِئَسِ ڪوٽَ ۾،
سِپَ سَمُنڊرين سَپِجي، نَدِيءَ پئي نہ نِيرُ،
جئَن اُوءِ اَبرَ آسري، تِئَن منهنجي جي مَنِ مليرُ،
کائُڙ پيئن کيرُ، جي امانت اُتِ وڃي.

کيرُ پيئڻ مھل منهنجا مائٽ ڇوڪريءَ لاءِ کيرَ منڊي ۽ مليرَ وٺي ويا، منڊي ڪنوار کي پارائي ۽ گڏوگڏ ڪنوار کي مليرَ پڻُ اوڍايئون. پڇيم اھا ملير وري ڇا آھي؟ چوي ٿو ڪنوار جي پائڻ جي پوتي جيڪا گھوٽيتن پاران ڏني ويندي آھي، جيڪا کَتِريءَ جي ھٿن جي رڱيل ھوندي آھي، جنهن جو مخصوص ڇاپو ھوندو آھي. ڪنواريتن مون لاءِ مڱڻيءَ جي اجرڪ موڪليائون جنهن جا پلا ڀرت ۽ ٽئورن سان ڀريل ھئا.

نَڪا جَھل نه پَلَ، نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾،
آڻِئو وجَھنِ آھُريِن، روڙِيو رَتا گُلَ،
ھڪ مارو پاڻ امُلھَ، ٻيون مَليرون مُرڪِڻِيُون،

مڱڻيءَ بعد شاديءَ جا ڏينهن پڪا ڪيا ويا، ان مھل ڪچي ڌاڱي کي ھئيڊَ جو رنگ ڏئي ڳنڍيون ڏنيون ويون، اھي ڳنڍيون ھر روز سج لٿي مھل ھڪ ھڪ ڪري ڳائي وڃائي ڇوڙيون ويون. ڀڇيم ڳبڍيون؟ چوي ٿو اڳيين زماني ۾ ڏينهن ڳڻڻ جو اھو طريقو ھوندو ھو، پوءِ جيترا ڏينهن ھوندا اوترويون ڌاڳي ۾ ڳنڍيون ٻڌي ھر روز ھڪ ھڪ ڪري ڇوڙيون وينديون ھيون.

چوي شاديءَ کان اڳ سَتَ ڏينهن يا پنج ڏينهن ڳائي وڄائي مھندي لائي لاڏا ڳائي سَڳو (ڳانو) ٻڌو ويندو آھي.

مون مارُوءَ سِين لَڌِيُون، لوئِيءَ ۾ لائُون،

سونَ برابر سَڳِڙا، مونکي ٻانھُنِ ٻڌائون،

عُمَرَ ڪِيئَن آئُون، پَٽُ پَھِريان سومرا.

ڳاني ٻڌڻ بعد ڪنوار کي وَنواهه ۾ ويھاريو ويو. چوي ٿو جيڪڏهن ڪنوارِ موڀي آھي ته ست ڏينهن ۽ جيڪڏهن ننڍي آھي ته پنچ ڏينهن، پڇيم تو واري ڪنوار موڀي ھئي يا ننڍي؟ ٽھڪ ڏئي چوي ٿو، اھا ڀاڳن ڀري موڀي آھي. ڪنوار کي اھي سَتَئِي ڏينهن سج لٿي محل سانجھي ڏني ويندي آھي، جنهن ۾ مخصوص گيت ڳايا ويندا آھن.

پڇيم ڪنوار کي وَنواهه ۾ ويھارڻ جو ڇا مقصد ھوندو آھي؟ چوي ٿو ڌيءَ ڌَڻُ ٻاھر جي ماحول کان اڻ واقف ھوندي آھي، تنهن کي ھڪ ڪوٺڙيءَ ۾ سندس سھيلين سان گڏ ست ڏينهن ويهاري ويندي آھي، جيڪي ڪنوار سان گھوٽ ۽ گھوٽيتن جون ڳالهيون ڪري واقف ڪنديو آھن، ته جيئڻ ڪنوار دل ۽ دماغ سان گھوٽ ۽ گھوٽ جي گھر وارن کي قبول ڪري.

ويٺيسِ ڪالھ وناحَ، منهنجي ڪپڙن لَنئُہ نه لڌي،
لائي منھندي لطيف چَئي، ڏنو پاڙيچِنِ پناھُ،
جتي پِڙا گھميا پئي پُنھل جاَ، انهن ڀيڻينِ لاتم باھ،
ڦريجي آئون فقير ٿيس، غريب رِءَ گناھ،
ھنن اٺن ٻٺيان آھ، منهنجو مرڻ جيڏيون.

ڏورو ٻڌڻ مھل منهنجي ھڪ ڪنواري دوست کي اَنھِيَرُ چونڊيو ويو، جيڪو سَتَئي ڏينهن مون سان گڏ ھو. پڇيم اھو اَنھِيَرَ ڇو ڪندا آھن؟ چوي ٿو گھوٽ دوستن يا عزيزن جي مائُرن جي اھا آس ھوندي آھي ته جيڪو ڇوڪرو ڪنهن گھوٽ جو اَنھِيَرُ ٿيندو تنهن جي شادي جلدي ٿيندي. تنهن ڪري ڪُنوارن ڇوڪرن جو مائُرون وڏي ھوڏ ۾ ھونديون آھن ته منهنجو پُٽُ انھير ٿئي.

آخر شاديءَ وارو ڏينهن آيو مونکي سينگاريو ويو ۽ ڪنوار کي سينگاريو ويو، سيگارڻ مھل مون کي ھجام ۽ ۾ منهنجي ڪنوار کي ھجامڻِ پيٺِي/ چِڪِيو (ھئيڊ، ميٽ، تيل ۽ شين کي ملائي ڪريم ٺاھيو ويندو آھي) ھنيو ته جيئن حُسن ۾ نکارُ اچي.

ان بعد اسان ٻنهي کي سائي وڻ ھيٺيان وھنچاريو ويو. پڇيم سائو وڻ ڇو؟ ڇوي ٿو سائي وڻ جو مطلب ته جوڙي سدائين سائي رھي، وڻ نه ھوند ته سائي وڻ جي ٽاري وڍي ان ھيٺيان وِھنجاريو ويندو آھي.

مون کي وھنجاري ھڪ سينگاريل کٽ تي ويھاري ڪپڙا پارائي، پٽڪو پڌرائي، پٽڪي مٿان ٻِٽَ ٻڌرايئون. پڇيم اھا ٻِٽَ وري ڇا آھي؟ ڇوي ٿو گوٽ کي سينگارڻ مھل اجرڪ ۽ پوتي اوڍرائي ويندي آھي ان کي ٻِٽَ چوندا آھن، ان ٻِٽَ واريءَ پوتيءَ کي آخر ۾ ڪنوار کي اوڍايو ويندو آھي. ٻِٽَ اوڍائي ان مٿان موڙ ٻڌرايئُون. ان وقت ھڪ مخصوص ڀرتيل رومال جيڪو منهن تي رکڻ لاءِ ھوندو آھي، ان رومالَ جي پلي ۾ ھڪ ننڍڙو چاڪو پڻ ٻڌل ھو ۽ ھٿ ۾ سينگاريل لَڪُڻُ پڻ ڏنئون.

چوي ٿو ڄڃ جڏهن رواني ٿيڻ واري ھئي، تڏهن ھڪ پوڙھيءَ ڏوڪريءَ چيو ته ڄڃ اوڀر طرف رواني ٿيندي، مزي جي ڳالھ اھا ھئي ته اوڀر طرف گھر جي گھٽي ڪون ھئي، ان وقت لوڙھو ٽوڙي اوڀر طرف چارو ٺاھيو ويو. چيم اھو وري ڇا؟ چوي ٿو اسان سنڌي اڄ به ڪنهن ڪم لاءِ نڪرندا آھيون ته وارُ جانچي پوءِ نڪرندا آھيون. مثال طور، ڦلاڻي ڏينهن ڦلاڻي طرف سفر ڪرڻو آھي يا نه جيڪڏهن ان ڏينهن اوڏانهن سفر نه ڪرڻو آھي ۽ اوڏانهن سفر ڪيو سين دل ۾ اھو الڪو ھوندو آھي ڪٿي خراب وار جي ڪري ڪم خراب نه ٿي وڃي.

جيئن مثال طور، ڪنهن ڪم سان ويندڙ ماڻهوءَ جي اڳيان خالي دلا اچن ته سمجھيو ويندو خير ناھي، ۽ جي ڀريل ھوندا ته واھ واھ، کير آيو ته واھ جو ڪم ٿيندو.

پويان سڏ ٿيو ته ڪم خراب، ڏائي پاسي مالھاري، يا ڪانوُ ٻوليو ته ڪم خراب ٿيندو، ۽ جي سائي پاسي ٻوليو ته ٻيڙا ئي پار.

ڏائي چڙھي ڏارَ تي، ڪِي جو ڪانوَ ڪھيو،
سورائِتِيءَ سورِ پئي، کامي ارٽٌ کنيو،
پَھو پَٽِ ھنيو، ھو ھَٿُ ھُتِ رھيو.

فقير چوي ٿو جڏهن آئون تيار ٿي ڪنوار وٺڻ لاءِ روانو ٿيس تڏهن منهنجي جي کٽ جي ھيٺيان ڍڪڻ تي ڏُونگھي رکي ويئي جيڪا مونکي پير سان ڀڄڻي ھئي. پچيم اھو ڍڪَڻُ ۽ ڏُونگھِي ڇو ڀڃبي آھي؟ ڇوي ٿو ان مھل گھوٽ جي پرک ڪئي ويندي آھي ته ھمراھ ۾ ڪيترو دم آھي. جيڪڏهن اھا ڏونگِھي ڀَڳَئِين ته سمجھ ھمراھ شادي ۾ ڪامياب جي ته ته ڀاڙيو پال جو نڪرندو. پڇيم تو واري ڏونگي ڀڳي يا ته ؟ تڏهن جوش ۾ اچي چوي پيو پھرين ڌڪ ۾ ڏونگِھي ۽ ڍڪڻُ اصل چِريُون چِرِيُون ٿي ويا.

پونچا ڏٺم پير، ڍَڪَڻَ مٿي ڍولَ جا،
مون ڀانئيو تَھِين وير، ڪوجھي ڪندو پِريِتِڙِي.

ڄَڃَ رواني ٿيڻ مھل منهنجي ڀينرن مون کي کٽ تان لھڻ ڪون ڏنو چيائون ادا ابا ۽ چاچن کان پوڳرُ وٺي پو۽ کٽَ تا لَھُ پوءِ بابا ۽ چاچن پوڳرُ ڏنو تڏهن کَٽ تان لٿس.

پڇيم اھو پوڳر ڇا آھي؟ چوي ٿو ڪو مائٽ يا عزيز گھوٽ کي ڪو ڌڻُ، زمين يا ملڪيت مان حصو ڏئي ان کي پوڳرُ چيو ويندو آھي.

ڄڃ رواني ٿيڻ مھل بندوق جو فائر ڪيو ويو، منهنجي ڄڃ اُٺَنِ تي رواني ٿي پَھريان ڄَڃَ اسان جي ڳوٺ واري قبرستان تي حاضري ڀري قل ڏئي رواني ٿي. پوءِ دوستن يارن جون چانھِيُون کيرَ پيئندا وڃي ساھرن جي ڳوٺ جي ويجھو ٿيا سين، اتي ھڪ مائي ڌَڻَ مان کيرُ ڏُھي اچِي اسان جي رستي تي بيٺي، مون ۽ ٻين ڄاڃين اھو کير پيتو ان مائيءَ کي کارڪون ڏئي روانا ٿيا سين. چوي پيو اھا اسان جي پراڻي رسم آھي ته جڏهن ڪا ڄڃ ڪنهن وٿاڻ وٽان گذر ڪندي آھي ته ان کي تازو کير ضرور پياريو ويندو آھي. چوي پيو سُھڻي کي به ان سُرڪيءَ چريو ڪيو ھو.

ميھاران مِرِڪَ، پِيتائين پِريم جي،
تنهن منڌَ متوالي ڪي، سندِي ساءِ سرِڪَ،
لڳيَسِ ڪامَ ڪِرِڪَ، لوھان تِکي لطيف چئي.

ڳوٺ ۾ پھچڻ کان پھريان ڳوٺ جا ڇوڪرا لَٺيون ۽ ڀِتر کنيو بيٺا ھئا، تن اسان جي واھ جي ڄَڃَ ڪئي. پڇيم لٺين ۽ ڀترن سان وري ڪھڙي ڄڃ ٿي؟ چوي ٿو اھو پھاڪو تو ڪڏهن ٻڌو ڪون آھي ته ڦلاڻي همراه جي واھ جي ڄَڃَ ٿي، ٽھڪ ڏئي چوي پيو اِھا ئي ته اُھا ڄڃ آھي. چوي پيو اھي مڙي اسان جون پاڻ ۾ ھجتون ھجتون ھلنديون رھنديو آھن. پوءِ انهن کي کارڪون ڏئي ڪجھ راضي ڪيو سين.

پوءِ ڳوٺ جي ٻاھران اچي اسان جي ڄڃ جو پَڙاءُ ٿيو، ٿوريءَ دير ۾ ڪنواريتن مان ڪجھ ماڻهو اسان کي وٺڻ آيا. جيڪي اسان جي پَڙَ ڄڃ ڪري وٺي ويا. اتي اسان جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو، عورتن اسان جي آجياڻي جا سھرا ڳايا. پڇيم اھا پَڙَ ڄَڃَ ڇا ٿيندي آھي؟ چوي ٿو جڏهن ڄڃ ڳوٺ جي ٻاھران اچي پَڙاءُ ڪندي آھي تنهن کي ڪنوارتا اچي وٺي ويندا آھن ان کي پَڙَ ڄڃ چئبو آھي.

اچي ڪنوار جي گھر پھتا سين، ڪجھ دير ۾ ڄڃ لاءِ مٺو کير کڄي آيو جنهن ۾ مصري ۽ ڦوٽا ھئا، ان بعد اسان لاءِ بُسِرين (ڳُڙھيري) جا وٽا ڀرجي آيا. پوءِ سڄي ڄڃ انھن بُسِرين جي چُوري ٺاھيندي وئي ۽ کائيندي وئي.

ڪنواريتا اَنھِيَرَ ۽ ڄاڃين سان کِلَ ڀوڳَ پُڻُ ڪندا آھن، جنهن لاءِ گھوٽيتا، ۽ ڪنواريتا اڳ ئي تياريءَ ۾ ھوندا آھن پوءِ پاڻ ۾ کل ڀوڳ جو وڏو مقابو ٿيو، نيٺ آخر مون وارن ھمراھن ھارَ مڃي تڏهن وڃي ھنن جي جان ڇُٽي.

گڏو گڏ رھاڻِ پُڻ ھلندي رھي، جنهن ۾ نشا پتا، کارڪو، ڏوگھيون، سوپارين جا دور پڻ ھلندا رھيا.

ڪجھ دير کانپوءِ ڪجھ عورتون آيون جيڪي مون کي وٺي وڃي ڪنوار جي ڪمري جي اڳيان بيھاريَئُون ڪمري جي در تي ٻن ڇوڪرن کي ڳاني جھليل ھئي، ڪنوار جي ڪمري ۾ انڌيرو ھو مون کي ھُوءَ ڪون پئي ڏسڻ ۾ آئي، پر ھن مون کي ڏٺو پئي. ھاڻ ٿيڻو ايئن ھو جو مون کي ان ڳانِيءَ کي ڌڪ ھڻڻو ھو ۽ ھن کي مونکي ڇانوَرَ ھڻڻا ھئا. مونکي منهنجي انھير چيو ته يار ان ڳانيءَ کي اھڙو لَڪُڻُ ھڻينس جو اھا ٽُٽِي پوي يا ھٿن مان ڇڏائي وڃي، پوءِ مون به اھڙو وار ڪيو جو ڳاني اچي پَٽَ تي ٻئي، ۽ ڪجھ اندران کان اڇلايل چانور به مونکي اچي لڳا، ان سلسلي کي کيهه ڇنڊڻ چوندا آھن. پڇيم ان کيهه ڇنڊڻ ۾ ڪھڙو راز آھي؟ چوي ٿو ان جو مطلب ته زندگي ڪاروھنوار ۾ منهنجي ڳالھ ئي ٻڌبي، جيڪڏهن آئون ڳاني ڪيرائيان ھا ۽ چانور نه لڳڻ ڏيان ھا ته زندگيءَ جي ڪاروھنوار ۾ منهنجون ئي من مانيون ھلن ھا. جڏهن مون کي چانور لڳا ته ان جو ملطب انهن فيصلن ۾ منهنجي گھر واري جي صلاح پڻ ھلندي. ان مھل ڪنوار جي سھيلين ۾ وڏي سرھائي آئي ۽ خوش ٿي کلڻ لڳيون، پر مون وارو انھيرُ مون مان مايوس ٿي چوڻ لڳو يار ھيءُ ڇا ڪًيُئِي توکي ڳانيءَ کي جلدي ڌڪ ھڻي نڪرڻو ھو، تون واتُ ڦاڙيو بيٺو ھئين ته توکي چانور لڳن.

وري اچي کٽَ تي ويٺا سين ڄاڃين اھا ڳالھ ٻڌي ته مون تي چرچا ڪرڻ لڳا، ته يار تو سڄي ڄڃ جي بي عزتي ڪرائي ڇڏي، خير قصو ڪوتَھُ، ڪچھري هلندي رھي وري ساليون مون کي وٺڻ آيون چيائون ته ھل ته ڏانوَڻَ جي رسم ڪريون.

مون کي وري وڃي ڪنوار جي ڪمري اڳيان بيھاريئون، ھڪ پيلو ڌاڳو کڻي آيون جنهن جو ھڪ ڇيڙو منهنجي سائي پير جي چيچ ۾ ٻڌائون ۽ ٻيو ڇيڙو سائي ھٿ جي چيچ ۾ ڦاسايئون، پوءِ ساليون واري واري تي ان ڌاڳي کي آڱرين مٿان وڙھينديون ويون ۽ آئون انهن ورن کي کوليندو ويسُ، جام دير بعد ٻنهي ھار مڃي، تڏهن وڃي ڏاوڻ جي رسم پوري ٿي.

پڇيم ان ڏانوَڻَ جي رسم ۾ ڪھڙو منتق آھي؟ مسڪرائي چوي پيو منطق وري ڪھڙو مڙي دل وندرائڻ. چوي ٿو اصل ۾ ڏانوڻ ڏيڻ جو مطلب ته گھوٽ کي ساھراڻي گھر قابو ڪرڻ ته جيئن گھوٽ ساھرن جي وڌيڪ ٻُڌي، ۽ پنهنجي مائٽن جي گھٽ. پڇيم تون ڪنهنجي ٻڌندو آهين، کلي چوي پيو آئون ته پنهنجي زال جي ٻڌندو آھيان، نڪو ساھُرنِ جي نڪو مائٽن جي.

ڪجھ ننڊ ڪئي سون فجر مھل وري سڏ ٿيو ته اچ ته ڏھي لِلاڙَ جي رسم ڪريون، وڃي ڪنوار جي ڪمري اڳيان بيٺاسون، مون کي منهنجي سَسُ ڪنڌ ۾ ڪپڙو وجھي ٻه ٽي دفعا منهنجي ڪنڌ کي ھيٺ جھڪايو پوءِ منهنجي منهن ۾ مصري پُرِکي دعائون ڏنائين. پڇيم ان ڏَھي لِلاڙَ جي رسم جو مطلب ڇا آھي؟ چوي ٿو ان جو مطب ته ساھراڻي گھر ھميشھ ڪنڌ جھڪائي ھلڻو آھي، ۽ جي ڪنڌ جھڪائي ھلندين ته ھميشھ مصريون کائيندين.

ان مھل اسان آندل پِڙو ڪنواريتن جي حوالي ڪيو. پڇيم اھو پِڙو ڇا آھي؟ چوي ٿو گھوٽيتا ڄڃ سان گڏ ڇوڪريءَ، ڇوڪريءَ جي ماءُ، ڀيڻن، ماسين، چاچِين جا ڪپڙا، کارڪون، ڏونگھيون، چانور، مصري، ڳُڙُ، سوپاريون، ۽ ٻئي سامان کي ٻڌي ھڪ ھَڙَ ٺاھيندا آھن، ان ھَڙَ کي پِڙو چوندا آھن.

ايتري دير ۾ اچي ڏينهن ٿيو، صبح سوير ڳوٺاڻا اچي ڪٺا ٿيا. مولوي کي گھرائي اسان جو نيڪاح پڙھايو ويو، ڪجھ دير بعد سڏ ته اچو ته ڏاج ٿو ڳڻائجي مائٽن کان سواءِ ڪنوار جي ٻين عزيزن ۽ ڳوٺاڻن پڻ مڏيون ڳڻايون. پڇيم اهي مڏيون ڇا آھن؟ چوي ٿو ڪپڙن جو جوڙو ۽ ان سان گڏ اڳٺ، سڳي، پوتي، ۽ ٻيو پڻ ڪجھ سامان ھوندو آھي تنهن کي مڏ چوندا آھن.

پوءِ ساليون وٺڻ آيون ھل ته تو کي ڪنوار سان لائون ڏيرايئون مونکي وٺي وڃي ھڪ وڏي ورانڊي ۾ ويھاريئون اتي ڪنوار کي به وٺي آيون اسان ٻنھي کي آمھون سامھون ويھاريئون، وچ ۾ وھاڻو رکي پوءِ واري واري تي ڪنوار جي ڀيڻن ۽ سھيلين اسان ٻينھي جا مٿا پاڻ ۾ ملائينديون ويون ۽ بسملا چونديون.

پڇيم انهن لائُنُ جو ڇا مطلب آھي؟ چوي ٿو ان جو مطلب ھاڻ توهان ٻه جسم ھڪڙي جان ٿي ويا آھيو.

مون ماروءَ سِين لڌِيون، لوئيءَ سين لائون،

سونَ برابر سڳڙا، مونکي ٻانھُنِ ٻڌائون،

عمرَ ڪيئن آئون، پَٽُ پھريان سومرا.

ان کان پوءِ مُنڊي ڳولڻ جو سلسلو شروع ٿيو منڊيءَ کي چانورن جي وٽي ۾ لڪائي ڳولڻ لا۽ چيو ويو، اسان ٻنهي جا ھٿ ان چانورن جي وٺي ۾ منڊي ڳولڻ ۾ لڳي ويا، منهنجي گھر واريءَ منڊي ڳولي لڌي، مون تي ھن جي سھيلن ٺٺوليون پڻ ڪيون. ان منڊي ڳولڻ جو مطلب پڇيم؟ چوي پيو ان ۾ ھوشياري يا چالاڪيءَ جي پرک پوي ٿي.

پوءِ ان منڊيءَ کي ڪنوار جي مُٺِ ۾ جھلائي مونکي چَيَئون ته اھا مُٺِ کولي ڏيکار. مون به يارن کان مُٺِ کولڻ سکِي ورتي ھئي سو جَھٽَ ۾ مُٺِ کولي ڏيکاريم، تنهن تي منهنجي ڄاڃين، منهنجي سالين تي ٺَٺوليون ڪيون.

پڇيم ان مُٺِ کولڻ جو ڇا مطلب آھي؟ چوي پيو ان مان خبر پوندي آھي ته ٻنهي ھمراھن مان زوراور ڪير آھي.

ان بعد ڪنوار جي ڪپڙن تي ڪپھ جا ٻُڙا رکيا ويا، مون کي چيائون اھي ٻُڙا لاھينس، آئون پنهنجي رومال سان اھي ٻُڙا لاھيندو ويس ۽ ساليون اھي پُڙا رکنديون ويون، مون کي منهنجي انھِيَر روڪيو ته اھو ٻڙو جيڪو ڪنوار جي مٿي تي رکيل آھي ان کي نه لاھجان. پڇيم اھو ٻڙو ڇو نه لاٿئي؟ ڇوي ٿو اھو پڙو سھاڳ جو ھوندو آھي، ان ٻڙي کي لاھڻ جو مطلب ته ڪنوار ڏُھاڳَڻِ ٿيندي.

مارو مِٽَ ملير جا، سڀئي پَرِکيا سون،
سوکِيءَ ڀانئي سڀڪو، اوکيءَ تون ھي تون،
مولا مٿان مون، ٻڙو مَ لاھِجُ ٻاجھ جو.

اھو سڄو ڏينهن ريتن رسمن ۽ کِلَ ڀوڳ ۾ گذريو، رات ٿي مونکي سيج تي وٺي ويا، ڪچھريون ٿيون روھَ جا ٿڪَ لاٿا سين. صبح ٿيو، سالين اچي در کڙڪايو مٺي ماني کڄي آئي ٻنهي کاڌي سين، اچي شام ٿي نيکيٽي جو تياريون ٿيون ڪنوار جي گھر ۾ مايوسي ھئي، ڪنوار ۽ گھر وارن ھڪ ٻئي کان روئي موڪلايو. منهنجي اجرڪ جي پلي ۾ ڪنوار جي پوتيءَ جو پلو ٻڌائون، ان ۾ سلاڙجِي اچي پنهنجي گھر پھتاسين.

ٻَڌو ڪنهن ٻڌاڻ، ھينئڙو ھوتاڻن سِين،
ڪاجا پيَسِ ڪاڻِ، نِبيريانسِ نه نِبِري.

گھر جي اوٽي تي ٻڪر ڪُھي رتَ ڇاڻ ڪئي وئي. پڇيم اھا رت ڇاڻ ڇا آھي؟ چو ٿو اھو اسان جي جان جي امانَ جو صدقو آھي، ته جيئن ڪا آفت ھجي ته ٽَري وڃي. اھو ٻڪرو اسان جي اوٽي جي گھٽيءَ تي ڪُٺائون ته جيئن ان ٻڪري جي رَتَ ۾ سائي پير جي چيچَ ٻوڙي گھر ۾ داخل ٿيون، ان عمل کي رَتَ ڇاڻ چوندا آھيون.

پڇيم اھي ريتون رسمون اڃان ھلن پيون؟ چوي ٿو اڄ به اُھي ماڻهو اِھي رسمون ڪن پيا جن کي تاريخ ۽ تھذيب جي ڄاڻ آھي، باقي جيڪي فيشني يا اڻ واقف آھن انهن کي ڪھڙي خبر ته اسان ڇا آھيون، ۽ اسان جي تارخ ڇا آھي.

پڇيم پوءِ ڇا ٿيو؟ ٽھڪ ڏئي چوي پيو پوءِ ٿيو ايئن جو اسان جا پنج ٻار آھن، پوءِ به ھُوءَ مون تي ساھ ڏي ٿي ۽ آئون ھن تي ڄڻ تہ اُھي ڏينهن اُھي نيھن آھن.



مارِيءَ ميرا ڪپڙا، بَغَلَ منجهه بندوق


ماريءَ ميرا ڪپڙا، بغلَ منجهه بندوق،
ماريو ميرَ ملوڪ، لَتاڙيو لَڪَ ڇَڙھي.

مُحِبَ فقير کي ميرا ڪپڙا پاتل ھئا مٿان ڀورو ڪوٽُ ۽ ڪُلھي تي بندوق، بغل ۾ ڪارتوسن وارو ٿيلو ھو، فقير لَڪُ وٺيو پکين جي لانگھي تي تاڙَ ۾ ويٺو ھو. مون به وڃي سلام واريو مون کي ھيٺ ويھڻ جو ھٿ سان اشارو ڏئي پاڻ پکين ڏانهن بندوق تاڻيندي ڌڪ ھنيائين، ڏسان ته ٻه پکي اچي پَٽِ پيا، ٻنھي پکين کي سِيرَ ڏئي، وري گوڏو منڊي پکين جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو، پوءِ پکي ايندا ويا ۽ فقير ڪيرائيندو ويو. اچي انڌيرو ٿيو ڊزن کن پکي کڻي اتان روانا ٿيا سين.

مارِي مَرِين شالَ، ڍُب ڀَڄِنَئِي ڍَٻِيُون،
تو پُڻُ اچي ڪالھ، وِڌا ويڇا وَرِھِيَنِ جا.

مونکان پڇيائين تو ھتي ڪيئن آيو آھين چيم تھنجو شڪار ڏسڻ ۽ تو سان ڪچهري ڪرڻ آيو آھيا.

چيائين ڀَلِين آئِين، پڇيمُ فقير سائين نڪو ڍَنڍَ نه پاڻي پر پکي کوڙُ سارا ماريو پيو وڃين، اھو ڇا ماجرو آھي؟ مسڪرائي چيائين ڍَنڍَ اسان جي ويجھي ھئي پاڻ پکين جي گسَ تي ويٺا ھئا سين، جنهن کي اسين شڪاري لَڪُ چوندا آھيون، ان جڳهه تي پکي تمام ويجھا لگھندا آھن سي مارڻ ۾ سَوَلا ھوندا آھن.

فقير ميرا ڪپڙا پاتا اٿئي؟ چوي ٿو ميرو ڪپڙو ھوندو ته شڪارُ شڪاريءَ کي ڏسي ڪون سگھندو. اڇو يا چمڪيلو ڪپڙو پري کان ڏسبو آھي جنهن کي شڪار پري کان ڏسي رستو ئي مٽائي ويندو آھي.

ڍَنڍَ ڪناري پُھچي مون کي چيائين اچ ته ڪاٺيون ڪريون، ڪاٺيون ڪري ڪجھ پکي صاف ڪري وڍي ڪُٽي گوشت سان چانورَ وجھي ڪچھري ڪرڻ لڳا سين، ڪچهري ڪندي چانورَ پچي ويا ديڳڙي کي دم ڏئي چانور کائي وري ڪچھري کي لڳا سين مَچُ ٻرندو رھيو ڪچھري ھلندي رھي.

سياري جي رات ھئي ۽ ڍنڍَ ڪنارو ھو. فقير کان پچيم سيءُ ڪو نه ٿو لڳي؟ چيائين سيءُ لڳندو تو جھڙن کي اسين سيءَ کي لڳندا آھيون.

اھو وري ڪيئن؟ چيائين فجر مھل ڏسجان، وري ڪچھري ڪرڻ ويھي رھياسين. اھي پکي ڪھڙا آھن جيڪي ماريا اٿئي؟ ٻه سھڻا رنگين پکي کڻي چوي پيو ھي نِيرَڳَ اٿئي، ٻين ٽن ڏانهن اشارو ڪري چيائين اھي ٿُراندا پکي اٿئي. باقي پيل پکين جي باري ۾ چيائين اھي ڊگوش آھن. پُڇيم ڀلا ھنن ۾ ڪا آڙي به آھي؟ ٽھڪ ڏئي چيائين اھا ڪاري لَڪَ تان لنگھي ئي ڪو نه. پڇيم ٻيا ڪھڙا پکي ھوندا آھن؟ چيائين پکي ته ھزارين آھين پر ھتي سنڌ ۾ جيڪي شڪار وارا پکي اچن ٿا سي، نيرڳ، ڊگوش، ٿُراندو، آڙي، چِيڪِلا، رتُونڀا، شينھون، سانءِ، خاص اھي آھن. پڇيم اھي اچن ڪٿان ٿا؟ چوي ٿو چون ٿا ته اھي روس جي رياست سائبرريا مان اچن ٿا، اتي جڏهن سيءَ پارا پون ٿا تڏهن ڍنڍون برف ٿيو وڃن، تڏهن اھي پکي ھيڏانھن اچن ٿا. سياري جا ٽي مھينا رھي وري پنهنجي وطن واپس ھليا وڃن.

شڪار ڪھڙن پکين جو ڀلو ھوندو آھي؟ چوي ٿو نيرڳَ پکي جو شڪار معشوق شڪار ھوندو آھي، جنهن جي پُڇَ ۾ وريل کنڀُ ھوندو آھي، جنهن کي شڪاري خاص ڪري ٽوپيءَ ۾ لڳائيندا آھن. ٻيو ڊگوش، ٿراندي ۽ رتونڀي جو شڪار به ڀلو لڳندو آھي باقي جي نٿو شڪار ملي ته چيڪلا، يا آڙيون ماري مڙي شوق پورو ڪندا آھيون. ڪچھري ڪچھري ۾ ڏينهن اچي ٿيو. فقير بندوق ۾ ڪارتوس ڀري گوڏ پائي لانگوٽو ڪري ڍنڍ واري پاڻيءِ ۾ گھڙيو پاڻي اصل پارو ھو، مونکي چيائين ھاڻ ڏسجاءِ نظارو فقير کي چيلھ تائين پاڻي آيو، اَڃان ڪجھ انڌارو ھو، ڏٺم ته فقير بندوق تاڻي نشان ڪري ڌڪ ھيائين، لڳو لڳ ٻه فائر ڪيائين ڏسان ته فقير پاڻيءَ ۾ پکي پيو ڳولي، پکي ڪانبيءَ ۾ وجھي وري شڪار جي تاڙَ ۾ بيٺو، ڏسان ته ھڪ پکين جي ٽولي فقير مٿان لامارو ڏنو، فقير به وجھ وٺي فائر ڪيو، ٽي پکي اچي فقير جي اڳيان ڍيرِي ٿيا، سج اچي اڀريو فقير به ڍنڍ مان ٻاھري نڪري آيو ساڻس ويھارو کن پکي ھئا. مون کي پري کان رَڙِ ڪري چيائين يار مَچَ کي مچائينس سيءُ مريو ٿو وڃان. اچي مَچَ تي ھٿڙا سڪيائين. ڪپڙا پائي چيائين ھل ته ھلون ڏيري تي.

رستي ۾ پڇيم فقير ڪڏهن ھنجھُ پکي ماريو اٿئي؟ توبھَ ڪندي چيائين، يار ھنج مارڻ جا پکي ٿوري ھوندا آھن، ھنجن جا ته نظارا ڪبا آھن، جيڪي موتي چڻن تن کي بندوقون ٿورئي ھڻبيون.

ھَنجھَ نه بندِ ڪَجَنِ، پَکي نه وجھجن پِڃِري،
مَڇُڻُ مري رھنِ، ساريندي کي سڄَڻِين.

پڇيم ڀلا اھي ھنجھ پکي تو ڏٺا آھن؟ چيائين ھائو اھي پکي اڳي ھتي جام ايندا ھئا، ھاڻ الاءِ ڪھڙو واءُ وريو آھي جو ھاڻ ڏٺي ڏينهن ٿيا، وري نه ڏٺا سين ڪڏهن.

ڪارايَلَ جي ڪوڏَ، مون ڪينجھر سَڀِ نِھاريو،
وري وانھيري نه ورِئا، لَلا لاکِيڻِي لوڏَ،
ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھنجھڙا سَڀِ ھلِي ويا.

پڇيم ڀلا ڪو ھرڻ ماريو اٿئي؟ چوي پيو ڏاڍا ماريا سين، چوي ٿو شڪاريءَ لاءِ ھرڻ جو شڪار وڏي خوشيءَ جي ڳالھ آھي. ڀچيم ڀلا اھو شڪار ڪيئن ڪندا آھيو؟ چوي ٿو ھرڻ وڏو سڄاڳ جانور آھي ھرڻ کي شڪاري ڪون ماريندا ھرڻ کي سندي کُٽِي ماريندي آھي. پڇيم اھو وري ڪيئن؟ چوي ٿو ھرڻ جي سونگھڻ جي سگھ وڏي آھي پري کان ماڻهوءَ جي بُوءِ سونگھي ويندو آھي. ھرڻ جي ھڪڙي عادت جيڪا مارائيندي آھي. اُها اِھا ته ھرڻ ڀڄندي، بيھي پوئتي لوڻو ھڻندو آھي ان مھل ھشيار شڪاري تاڙَ ۾ ھوندو آھي سو وجُھ وٺي ڌَڪُ ھڻي ڪڍيندو آھي.

چوي پيو مون ڪڏهن به بندوق سان ھرڻ نه ماريو، ھميشھ رائفل سان نھرا ڪيرايا، پڇيم اھي نھرا وري ڇا آھن؟ چوي ٿو سال جو جوان ھرڻ کي نھرو چئبو آھي، سال کان ننڍو ھوندو تنهن کي ٻَٺَرُ چئبو آھي. چوي ٿو مون ڪڏهن به مادي يا سلوار نه ماري، ھميشھ نَرُ سو به نھرو. پڇيم شڪار رات جو ڪرين يا ڏينهن جو؟ چوي ٿو ڏينهن شينهن آھي، رات جو ته چوريون ٿينديو آھن. اڄ ڪلھ ظالم رات جو سرچ لائيٽ تي شڪار کي انڌو ڪري شڪار ڪندا آھن، اھو شڪار ڪون ظلم آھي. شڪاري اھو جيڪو شڪار کي ٻولائي ماري.

چوي ٿو ھرڻ جو گوشت رڌڻ ۾ لذيذ ڪون ھوندو آھي پر جي ان جي سيخَ پچائجي ته پوءِ ٻوٽيون واھ جون ٿينديون آھن.

پڇيم ڪڏهن سَھي جو شڪار ڪَيَئِي؟ چوي ٿو سَھي جو شڪار به ڪو شڪار آھي، سُھو ويچارو معصوم جانور آھي، ان جو گوشت به مزي وارو ڪون ٿيندو آھي. ڪجھ شڪاري نه پر خفتي سھي جو شڪار ڪُتنِ سان به ڪندا آھن.

تِتِرن جي باري ۾ پڇيم تڏهن ڀَڙِڪو ڏئي چوي پيو تتر جو شڪار شاھي شڪار اٿئي، اھو به اُڏامندي پيرن ۾ ڪيرائيندو ھئس. ڪڏهن به چاڙھيڪي جو تتر نه ماريو. پڇيمُ چاڙھيڪو وري ڇا؟ چوي ٿو ڀورڙو تتر رات جو وڻ تي آرام ڪندو آھي سو به ٽولن ۾، ڪي ظالم انهن سُتلن کي به ڌَڪُ ھَڻِي وٺندا آھن. اسان ڪڏهن به چاڙھيڪي يا ماديءَ جو شڪار ڪڏھن ڪون ڪيو سين.

ڀڇيم ڀلا ڪڏهن ڪا ڪونج ماري اٿئي؟ توبھ ڪندي چوي ٿو، نه مٺاڪونج جو شڪار ڪون ٿيندو آھي، چوي ٿو ڪونج جي ڪِيھَ ستين آسمان تائين پُھچي ٿي، ڪونج جنهن ماري تنهن جا اصل جَڻَ ٻچا رُلي ويندا.

وَڳَرَ ويا وَھِي، ڪالهه تنھنجا ڪُونجِڙي،
سَرَ مِ سارِينِئَي، گھڻو، ڀينَرَ ۽ ڀائي،
پَسِين نه ڦاھِي، جا ماريءَ سندي مَنَ ۾.

چوي ٿو تلورِ جو بندوق سان شڪار ڏاڍو ڏکيو آھي، ھيءُ پکي ڏاڍو ھوشيار آھي پري کان خطري جي ڀڙڪ پئي ويندي اٿس، ڀڄڻ جو تِکو ۽ اڏام به پري ڪندو آھي.

پر پوءِ به ھوشيار شڪاري تلور ڪيرائي وٺندا آھن. ٻيو وري عرب سڳورا تلور جو باز سان شڪار ڪندا آھن، اھو شڪار ڏسڻ منجھان ھوندو آھي.

پڇيم بندوق ھلائڻ ڪٿان سِکِيِين؟ چوي ٿو بندوق ته ننڍي ھوندي سکيل ھيسِ، جوانيءَ ۾ ئي منهنجي ڀَرِتِي حُرُ مجاھد فورس ۾ ٿي وئي، پوءِ 65 ۽ 71 واريون جنگون وڙھيُس، اتي ته رڳو گولين جي راند ھئي، گولي ھڻڻ مجاھديءَ ۾ سِکيُس. پوءِ نشان اھڙو پڪو ٿيو جو جيڪو پکي يا جانور وَرَ تي چڙھيو سو اصل پَٽَ تي ڪريو.

پڇيم گوشت ڪھڙي پکيءَ جو ڀلو ٿيندو آھي؟ چيائين تتر جو گوشت سڀني پکين مان پھريون نمبر تي آھي، ٻيو نمبر تلور، ٽيون نمبر پاٽيبڙ جو ٿيندو آھي، ڍنڍ جي پکين جو پلاءُ ڀلو ٿيندو آھي، خاص ڪري آڙيءَ جو پلاءَ جا اصل ھٿ پيو چٽيندين.

پڇيم ڪو گڊ، سرھَ، يا ڦاڙھو مارِيَئِي؟ چوي ٿو جوانيءَ ۾ جبل واري پاسي اھي جانور مارڻ ويندا ھئا سين ھڪڙو سرھ مون به مايو ھو. پر گڊَ ۽ سَرَھَ جو شڪار تمام ڏکيو ٿيندو آھي. اھي جانور خطري کي ڏسي جبلن جي چوٽين تي چڙھي ويندا آھن پر جبل جي ڪڇ ۾ ڦاڙھا، روجھون ۽ ڪارا ھرڻ ڪئين ماريا سين.

گوشت جو پڇيم ڪھڙي جانور جو سٺو ٿيندو آھي؟ چوي ٿو جبل جي جانورن جو گوشت صحتمند ۽ لذيذ ٿيندو آھي. چوي ٿو اسين گوشت لاءِ ٿوروئي شڪار ڪندا آھيون، شڪاري جو شوق ھوندو آھي ته شڪار ھن جي پھرين ڌَڪَ سان پيرن تي ئي ڪِري ته مزو ٿئي.

ڀڇيمُ شڪارن جا به ڪي قسم ھوندا آھن ڇا؟ چوي ٿو کوڙ سارا شڪار قسم آھن مثال طور تير ڪمان، غليل، ڪوڙڪي، دام، ڦنڌُ،. ڄار ۽ لٺ سان شڪار سان ڪيو ويندو ھو. ڪتن ۽ باز سان پڻ شڪار ڪيو ويندو آھي. ھاڻ ته گھڻو ڪري بندوق سان شڪار ڪيو ويندو آھي.

ڍنڍ جي پکين جو بندوق ۽ ڄار سان ڪيو ويندو آھي. تتر جو شڪار بندوق، دام، ڄار، ۽ غليل سان ڪيو ويندو آھي. ھرڻ جو بندوق ۽ ڦنڌ سان شڪار ڪيو ويندو آھي.

ڪتن سان خاص ڪري خفتي سوئر، سھي، جو شڪار ڪندا آھن. پڇيم اڳم شڪار جو مزو ھوندو ھو يا ھاڻي؟ چوي ٿو شڪار ھو اڳم ھاڻ شڪار آھي ئي ڪون آھي ته مزو وري ڪھڙو ايندو.

پڇيم ڀلا ڪو شينهن وغيره جو شڪار ڪيئي؟ ٽھڪ ڏئي چوي ٿو، تون شينهن جي ڳالھ ٿو ڪرين ھتي اسان کي سھو به ڳولئي ڪون ٿو ملي. ھن ملڪ ۾ شڪار وارا جانور ته رھيا ئي ڪو نه آھن، ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ پکي اچن ٿا سي به اسان کان رُسي ويا آھن.

پڇيم مڇيءَ جو شڪار ڀلا؟ چوي ٿو اڙي ابا ڪھڙا ڪِيسَ پڇين ٿو، اسان جي ڳوٺ جي ڀر سان ڍنڍ ھوندي ھئي تنهن ۾ ڏاڍي مڇي ھوندي ھئي، تنهن کي مارڻ لاءِ اسين روز ڪُنڍِي ڦاسايو ويٺا ھوندا ھئا سين.

ڪُنڍي ڪَلِيَنِ وچَ ۾، جڏهن هنيائون،

موتُ نه ماريائون، ڏورِ ڏئِي ويا ڏُکَ جي.

ڳالھيون ڪندي شڪار جون اچي فقير جي ڏيري ڀيڙا ٿياسين، شام جو وقت ھو ٻڪريءَ جي کير جي چانھ پيتي سون. مون موڪلائڻ جي ڪئي، فقير جو زور ڀريو ته ماني کائي وڃ، نيٺ آخر فقير اڌُ ڊزن پکي مون کي ڏانائين تَنِ جو پلاءُ سامھون آھي ٻيو مڙئي خيرُ.



ھيرائي ھَٿِ ڪيو، هينئڙو حبِيبَنِ


ھيرائي ھَٿِ ڪيو، هينئڙو حَبِيبَنِ،
ٻڌِي ڪَچِيءَ تندُ ۾ سلھاڙيو سيڻَنِ،
جُه وِڌا پيچَ پرِيَنِ، ته ھينڙو ھٿِيڪو ٿيو.

محبوب پڇيو، ھيتري حياتي ڪٿي ھُئين، چيمُ ڪالھ رات ڄائو آھيان ڪالھ صبح تنھنجي خبر پئي اڄ اچي پھتو آھيان، ھڪڙي رات وچ ۾ پئي ان جي معافي ڏيو. چيائين توکي خبر آھي؟ ته ھڪڙي رات جي سزا ڇا آھي؟ چيم ھا مونکي خبر آھي مون اھو عذاب ڀوڳيو آھي، راتوڪي رات مون لاءِ ايئن ھئي، ڄڻ ته ،

ڏَءُ لڳو ڏونگر ٻريو، ڀينرُ کاڻي ڀون،

جتن ڇڏي آھيان، ﷲ ڇڏُ نه تون،

مَنان لاٿو مون، جيئڻ سندو آسرو.

چيم تون ھيتري حياتي ڪٿي ھُئِي؟ چوي پئي آئون به به ڄڻ ته ڪالھ صبوح ئي ڄائي آھيان، ڪالھ شام خبر پئي پرين پنڌ ۾ آھن راتوڪي رات انتظار جي گھاڻي ۾ پي پِيڙِھِيُسُ، صبح تون مليين ڄڻ منزل ملي، راتوڪي راتِ جو صفر مون پڻ ھيئن گذريو،

ڏينهن تَتو ڏونگر ٻريو، ڇَپَرَ ھَنئِي ڇاٽَ،
رندَ پَسِيو رِيھُون ڪري، ڳوڙھن ڀريو ڳاٽُ،
آڌيءَ اٿي ھليا، سَنوَڻَ ڪي ساٽَ،
روئي ڪندو ماٺ، ھينئڙو ٻانھيءَ ٻارَ جيئن.

چيم توکي ته منزل ملي وئي پر اسان جو سفر ته اڄ شروع ٿيو آھي. توکي خبر آھي انهن مسافرن کي سفر ۾ وڏيون ازيعتون اينديون آھن؟

ٿَڪِيءَ ٿَڪَ نه جھوريو، ويھي ڪٿي واٽَ،
تَتِي ڏونگر تَئي ٿيو، ڇَپَرُ ھَڻي ڇاٽَ،
اندرَ جي اُساٽَ، ڪالھوڻِيان اڄ گھڻي.

چوي پئي منزل ماڻڻ کان ڊڄين ٿو ته ، تو سان گڏ ھلڻَ وارن مسافر جو ته الاءِ ڇا ٿيندو؟

ٿَڪِيءَ ٿَڪَ نه جھوريو، رھي جِتي رات،

پِيَسِ گھڻو پِتي تي، ڪا بلوچاڻي باتِ،

تَنَ اندر ۾ تاتِ، جيڪا سا جَتَنِ جي،.

چيمُ ساٿي مسافر تو جھڙا ڀَرِ جھلا ھوندا ته سفر سکيو ۽ منزل ملي ويندي.

ڪالھوڻِيان اڄ ڪَثَرَ ٿي، اُڇِلي وِکُون اڄ،
مرندي مارڳَ وِچَ ۾، ايئن لوڪاڻي لڄ،
ڀوري اُٿي ڀڄ، ته سفر ۾ سڳرَ ٿِئِين.

چوي پئي اھي ڳالھيون ڪر ته رُوحَ راضي ٿين نه ته ٻئي وچ منزل ۾ ئي کپي ويندا سين.

سَڳَرَ ٿِئين ساٿَ جي، مَنَ ڪوٺي ڏِينَئٍي ڪانڌ،
نه ته لَکِين اِنِھِين لَڪَنِ تي، مِرُوئن کاڌيُون مانڌ،
ٻانڀَڻِ عشقُ ٻروچَ جو، رُلِي ڀانءِ مَ راند،
ته پُنُھُون وڇائي پانڌ، وِھارِينَئِين وچ ۾.

 

چيم گھٻراءِ نه منزل به ملندي، ۽ مسافر ڪون ٿڪبا.

وِھاريندو وچ ۾، جَنِ ڪانڌَ جي ڪئي،
جَنِين پارُ پُنُھُوءَ جو، ساجُھرُ رَسِيُون سيئي،
ھوتَ اُڪاريُون ھَٿَ سِين، ڏونگرَ پيرَ ڏيئي،
پاڙي ھُجُ پيئي، اَڱَڻَ نِھاريو اُنِ جا.

پُڇيمُ فقير سائين پوءِ ڇا ٿيو؟ چوي پيو پوءِ ٿيو ايئن جو نئون نيھنُ ھو ھن جو ننڊون حرام ھيون ۽ منهنجو سُکُ چينُ، مِلُون ته وڃي ڪُجُھ مَنَ ۾ ماٺارَ ٿِئي نه ته جدائي جا ڏينهن ڄڻ عذاب ھئا.

نئون نِيھنُ لڳو، ڳَري ۽ ڳالھيون ڪري،
اَرٽُ سورِيندي اوچِتو، پرينءَ پورُ پيو،
پَھو پَٽِ پِيو، ھُو ھٿُ ھُتِ رھيو.

پڇيم فقير سائين پھرين ملاقات ۾ جيڪا ڪلھ رات ڄمڻ واري ڳالھ ڪئي ھئي اھا ڪجهه سمجهه ۾ نه آئي.

چوي ٿو ھن جي حسنَ جا چرچا پوري جڳ ۾ مشھور ھئا ۽ منهنجي مست جواني جا چئوگرد چئوٻول ھئا. ملڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ستي خواب لڌمُ، خواب ۾ ڏسان سڄڻ سان وڃي مليو آھيان.

سُتي سَنبِريومُ، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو،
ڳَلِ وِھاڻو ڀِنُو، ھَرِيو ھَٿُ ٿيومُ،
پِرينءَ پُورُ پِيومُ، جاڙِ جيان ٿي جيڏيون.

خواب ۾ ھڪ ٻئي سان حال اوريا سين، تن ڳالھين اچي اسان کي پاڻ ۾ ملايو. مون کي ھن جو حسن ڏسڻو ھو ھن کي منهنجي جواني.

ڏِسنِ سي پَسَنِ، جڏهن تڏهن پرينءَ کي،
ڏورينديون ڏسن، اڱڻَ عجِيبن جا.

فقير چوي پيو انسان جڏهن عشق جي وَرِ چڙھندو آھي تڏهن ايئن محسوس ٿيندو آھي، ڄڻ ھن جي زندگي ھاڻِ شروع ٿي آھي اڳيئين زندگي ڄڻ ايئن ئي ھئي.

تَه ڪَرِ ڪنهن سُئِي، جي سِيرَ نه گِھڙي سُھِڻِي،
ھِتِ حياتيءَ جندڙا، ھَڏَ ھِنَ تان نه ھئي،
چُڪيءَ تنهن چَرِي ڪَئِي، جا ڏِنَسِ اُنَ ڏُھي،
سُھڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قُرِبَ ڪُھِي،
ھُئِين ھوندَ مُئِي، ٻُڏِيء تان ٻيڻا ٿيا.

سو مون سان به ڪجھ اھڙو ئي معاملو ھو ۽ سڄڻن جا سان به ايئن ئي ٿيو ھو، ڄڻ ٻئي ان ڏينهن اگھيا ھئا سين.

پُنھونءَ ساڻِ پِرِيتِ جو، ڪو جو پيچُ پِيومِ،
ڀَنڀي ھن ڀنڀورَ ۾، ويھڻُ وِھُ ٿِئومِ،
مَتِيُون موٽڻَ سنديُون، ڪاڪيُون ڪِيمَ ڏِيومِ،
سرتيون ساھُ سندومِ، ٿِئو حوالي ھوتَ جي.

فقير چوي ٿو جڏهن عشق لڳندو آھي تڏهن عقل، ڇڏائي ويندو آھي. ساري حياتي سڄڻ جي ئي سِڪَ ھوندي آھي، سواءِ سڄڻ جي روحُ راضي ئي نه هوندو آھي ۽ من ھر وقت ملڻ لاءِ ماندو ھوندو آھي.

ڪو جو مَٿس مينهن، آريءَ جي اُڪِيرَ جو،
راتيان روئي رَتَ ڦُڙا، سُکُ نه سارو ڏينهن،
ٻاروچاڻو نينهن، مُٺِيءَ ماٺو نه ٿئي.

پڇيمُ ڀلا ڪا روڪ ٽوڪَ ٿي ڪڏهن ملڻ جھلڻ ۾، چوي ٿو نه بابل اسان جي عشق جي سواءِ قريبن جي ٻئي ڪنهن کي ڪَلَ ئي ڪون پئي. اسان اھڙو سنھو ڪَتِيُو ئي ڪون جو ڪٿي وِٿي يا ڇِنُ پئي.

عاشق ايئن نه ھُونِ، جيئن تون سَئِين آڱُرِيين،
دَرِ وڃي دوستن جي، رَتُ ڏِھاڻِي رُونِ،
ٻِئِي پَرَڪَ نه پُونِ، ماڪَرِ محبوبن سِين.

پڇيم ان سان تنھنجي شادي ٿي؟ چوي پيو نه مٺا شادي ته منزل کٽائي ڇڏيندي آھي ۽ اسان کي منزل تي پھچڻو ضرور ھو. ڇو جو اسان پھرين ڏينهن کان ئي منزل ماڻڻ جا وچن ڪيا ھئا.

پَھِرِين تون پاريجُ، پارَڻُ پوءِ پُنُھونءَ تي،
ٻولُ مَ وِساريجُ، ھُو جو ڪَيُئي ھوتَ سِين.

چيم شادي نه ٿي ته منهنجي نظر ۾ منزل نه ملي، تڏهن مون ڏانهن گُھوري ڏسي چوي پيو لڳي ٿو تون اڃان ڪو ڪورو آھين. عشق ۾ شادي جي ضرورت ناھي ھوندي بلڪ عشق کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ناھي ھوندي سواءِ سڄڻن جي راضپي کانسواءِ، عشق ۾ ملڻ لازم ناھي، عشق ۾ لازم آھي تَنَ اندر جي تاتِ جيڪا عاشق کي جيئرو رکندي آھي.

آئون ڳولِيِنِ شالَ مَ مِلِين، پرين ھُئِين پري،
ھَڏِ ساھُ نه سَري، تَنِ تَسَلِي نه ٿِئي.

چيمُ اھو وري ڪھڙو عشق جنهن کي ملڻ جي ضرورت ئي ناھي، تڏهن ٿڌو ساھ ڀري چوي ٿو ملڻ سان اندر جي تڙپ ختم ٿي ويندي آھي، ۽ اسان کي ان تڙپ ۾ جي قرار ملن ٿا سي ڪٿي ملڻ ۾ ملندا.

ڳوليان ڳوليان مَ لَھان شلَ مَ ملان ھوتَ،
مَنَ اندر جا لوچَ،مَڇُڻُ مَلَڻَ سان ماٺي.

فقير کان پڇيم پوءِ ڇا ملبو ئي ڪون ڇا؟ چوي ٿو اسين ته مليل آھيون پاڻ ۾، ھو منهنجي روحَ ۾ رچيل آھي ۽ آئون ھن جي ۾، اٺئي پھر سڃڻ جي سار آھي، ڌاران سڄڻ ٻيو ڪو مَنُ ڪري ئي ڪون ٿو. بيشڪ ھو مون کان جسماني پري آھي، پر اسين روحاني پاڻ ۾ سلھاڙيل آھيون.

جيئاريسُ سنڀارَ، ڪُھُ ڪريندِيَسِ گڏجي،
ويرو تارَ وُجودَ ۾، پِرِيَنِ جي پَچارَ،
سي سَڄَڻَ ھُونِ نه ڌارَ، جي ھيئين ۾ حَلِ ٿِيا.

فقير چوي ٿو جڏهن سڄڻن مون کان موڪلايو پئي تڏهن مون سڄڻن جي سيرانديءَ کان بيھي نِوِڙِي حال پڇيا تنهن مھل منهنجا لُڙِڪَ لَڙي محبوبن جي گلڙنِ تي ڪِرِي پيا، مون ڏانهن اکڙيون کڻي پاڻ به لُڙِڪَ لاڙي چوي پئي، ويچارو ڀورو ڀانئي پيو ته آئون ڪو مران ٿي، آئون مران ڪون ٿي، توکي ڇڏي ڪيڏانھن وينديس تون روءِ نه آئون ڪيڏانهن ڪون ٿي وڃان، ڳالھيون ڪندي زندگيءَ ڀر گڏ رھڻ جون سڄڻ موڪلائي ويا، اھا ڳالھ ڪندي فقير پاڻ به روئي ڏنو ۽ مون کي رئاري وڌائين.

ڏونگَرَ ڏُکوئِيَنِ جا، ڳَلِ نه سُڪا ڳوڙھا،
ھُو جي پَھَڻَ پَٻَ جا ڀَڄِي ٿِيا ڀورا،
گوندر جا گھوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِيو.



مينھون ھِنَ ميھارَ جون، الله سَڀِ بَچَنِ


ڏسان ته ھڪ سريلي اڌڙوٽ عمر جي انسان جي ڪلھن تي نيٽَ جي لٺ رکيل ھجي مينھيُون ھونگاريندو ھليو پيو وڃي. جھڙو پاڻ سريلو تھڙيون ئي مينھيُون سريليون، گَسُ وٺيو ھڪ قطار ۾ ڪنڌُ ھيٺ ڪري ھلنديون پيون ھلن، ڪنڍين جي ڪنڌ ۾ ٻڌل چڙن جي آوازَ سڄي ماحول کي سُرَ ۾ وٺي ڇڏيو ھو.

چَڙَنِ چوري آھيان، سُکُ ٿي سُمُھان ڪِيئَن،
ڏَمُ ڏوراپا ڏي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن،
مون مَرڻَ سِيئَن، نِيئَرُ پاتُمُ نِيھَن جو.

ھمراھَ کان نالو پڇيم چيائين منهنجو نالو ڪريم ذات جو مري ڳوٺ ڪريم بخش مري لڳ پراڻي ميرپور آھي. پڇيم ڪڏهن کان مينھيون پيو چارين؟ چيائين مئٽرڪ ڪري ڀٽاريون چارڻ شروع ڪيم. چيم ٻيو ڪو ڌنڌو ڪرين ھا مينھيون پيو چارين؟ چوي پيو ٻيا ڌنڌا سڀ وسري ويا جڏهن کان ھنن سان پيچُ پيو اٿم، ٻيو ڌنڌو ھاڻِ ٿئي ئي ڪون ٿو، فجر مھل کير ڏُھي صبح سوير ڀٽارين کي چارڻ لاءِ نڪري ويندو آھيان، تان جو سج لٿي اچي وٿاڻ تي وھنديو آھن.

مَري مَ ميھارُ، وٿاڻُ وِلھو مَ ٿِئي،
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ،
ساھڙُ مون سينگارُ، ماڻهن ليکي مِھِڻو.

--

مينھيون ھن ميھار جون، ﷲ سڀ بچن،
وڇون جي ڪِيرَنِ سِين، سدا ٿيون سُونھَنِ،
مونکي ماڻِڪِيِنِ، تاڻي ھنيو تارِ ۾.

چوي ٿو مون کي مينهيون عشق چارايون. پڇيم اھيو وري ڪين؟ چوي ٿو جڏهن عشق لڳم تڏهن ڏينهن جو مينهون چاريندو ھوس ۽ راتِ جو ٽريڪٽر ھلائيندو ھوس. ٽھڪ ڏئي چيم عشق، مينھيون ۽ ٽريڪٽر کوڙو لڳو ڪون ٿو، پاڻ مسڪرائي چوي پيو ڇوٿون جلال به گڏ ھو، چوي ٿو عشق لڳو ڄڻ ڏَنءُ لڳو، ننڊ نيڻن کان اصل رُسي وئي. سڄي رات ٽريڪٽر ھلائيندو ھوس فجر مھل جلال واتان راڻو ٻڌي بس ڪندو ھوس. وري صبح سوير مينھيون ڇوڙي پرين جي گس ڏانھن روانو ٿيندو ھوس.

آڌيءَ اُڌاڻا، سرتيون سُکَ ميھارَ جا،
لنگھي سِيرَ سنوان ٿيا، ساھڙَ سيباڻا،
ڀيڄَ ڀِنِيءَ ڀاڻان، پَسان مانَ پرينِ جا.

پڇيم تو چيو پئي مينھيون عشق چارائيون اھو وري ڪيئن؟ چوي ٿو اسين ٻئي گڏ پڙھندا ھئا سين، ميٽرڪ ڪرڻ بعد ھن کي مائٽن اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، تڏهن کان منهنجو مَنُ به اسڪول کان کڄي ويو. ھن جي گھر جي اڳيان منهنجي مينھين جو چارو ھو، ھن جا ديدار پسڻ لاءِ مينھيون ڪاھي ھن جي گھر جي اڳيان گذرندو ھوس. اکين جا صبوح شام ٺارَ ٿيندا ھئا، نشا نينھن ۾ ٿيندا ھئا.

سِڪَ تنھنجي سُپَرين، جيئن تران تيئن تار،
تون ئي رھيو رُوھَ ۾، تون ئي اکين ٺار،
پرين تنھنجي پار، مون واجھائيندي وَرِھَ ٿيا.

پڇيم ٽريڪٽر جو قصو ڇا آھي؟ چوي ٿو رات جو سڄڻن جي سار ۾ ننڊ ايندي ئي ڪون ھئي پوءِ وڃي ٽريڪٽر ھلائيندو هئس ۽ جلالُ جيءَ جا جوش جلائيندو ھو.

چوڌاري چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلاين جا،
سُتي سانڀرن جو، پِيَمُ ڪَنَ پَڙَاءُ،
وِھَڻُ مون وَڙاءُ، سُڻِيو جھانءِ جِھڄي ھينيُون.

چيم جلال وري ڪھڙا جوش جلائيندو ھو؟ چوي ٿو جلال کي ڪڏهن لطيف جي ٻولي ڳائيندي ٻڌو اٿئي؟ اھو به رات جي پوئين پَھَرَ ۾ لطيف جو راڻو ڳائي ڄڻ عاشقن جا ڇٽلَ ڦٽَ جاڳائائي ڇڏيندو.

ھِنَ ڀَرِ سُئَمُ ھاڪَ، سُتي سنڀارن جي،
محبتي ميھارَ جي، چَڙَنِ چوريا چاڪَ،
اُنِھِين جي اوطاق، وڃڻُ مون واجب ٿيو.

چوي ٿو آئون جنهن جوءِ ۾ ٽريڪٽر ھلائيندو ھوس اتان سڄڻ جو ويڙھو ويجھو ھوندو ھو. پوءِ سڄي رات جاڳي دل خوش ڪندو ھئس، دل ۾ اھا آس هوندي ھئي ته جلال جي آواز ۾ لطيف جو راڻو ٻڌي مَنَ سڄڻ جو منُ مون لاءِ ماندو ٿيندو ھجي.

پچيمُ ڪڏهن مليا به يا رڳو مَنُ ماندو ڪندا ھئا؟ چوي ٿو ملڻ نه محبوبن جي وس ۾ ھو ۽ نه ئي اسان جي وس ۾. چوي پيو سائين زمانو ڏاڍو ظالم آھي ھن ظالم دنيا ۾ پيار ڪرڻ وڏو ڏوھُ آھي، جيڪر پنهنجن کي خبر پوي ته اھي پنهنجا به پراوا ٿي ويندا آھن.

ڳئورا ٻئي پارَ، ھينيُون حيرت ۾ پيو،
وِھان ته ويرَ ۾ ٿئي، نيھن ۾ پئي نِھارَ،
وڃان ته واڪو ٿئي، پاڙي ۾ پئي پچارَ،
ھُتِ واعدي جي وارَ، ھِتِ سُوٽو ڏِيَنُمُ سرتيون.

ڳالھيون ڪندي عشق جون ڏسون ته ھڪ ڀوريءَ ڀٽاري ڀڄي وڃي ڀر واري فصل ۾ ڀيلَ ڪئي. سو ھن ڊوڙي وڄي لَٺِ جا اولارا ڏئي مينهن کي واپس ورايو. چوي پيو اھا ڀَٽاري پاڙي وارن جي آھي ٻه ڏينهن ٿيا آھن ڪٿان وٺي آيا آھن. ھاڻ مونکي ڏني اٿَنِ چارڻ لاءِ، ڀٽاري نئين آھي جيسيتائين وڃي مون وارين مينهين سان ڀِري تيسيتائين پئي ٻئي پاسي چڪَ ھڻندي.

وڏي وَڳُرَ ھيريِين، چِنِي نه ٻين گڏ،
ڪونجَ ڪريندي سڏ، وئي وھامي راتڙي.

ڀڇيمُ تو وارين مينھين جو نسلُ ڪھڙو آھي؟ چوي ٿو اھي ڪُنڍِيون اٿئي، اصلوڪيون سنڌي نسل جون ڪنڍِيُون ڀٽاريون ٿورَ کايُون، کير جون ڀليون ۽ مُھانڊي ۾ موچاريون ھونديون آھن.

مينھيُون ھِنَ ميھارَ جون، اﷲ سڀِ جِيئَنِ،
ڪاريُون، ڪَڪِيُون، ڪُنڍِيُون، وارا ڪِيو ويئنِ،
جُوءِ جا جانارنِ جي، ٻيلا ٻَھ ٻَھ ڪن،
اچي ريلَ رھنِ، مون سانڀارا سُپَرين.

پُڇيمُ مينھين ۾ ٻيا ڪھڙا نسل ٿيندا آھن؟ چوي ٿو سنڌ جو سدا ملوڪ نسل ڪُنڍِي مينھن آھي، جنهن جا ڪُنڍا وريل سِنڱَ ٿيندا آھن، پنجاب ۾ جيڪا مينهن ٿئي ٿي تنھن جا سِڌا، يا اَڌُ وريل سنڱَ ٿيندا آھن. ٽي وري پٺاڻن واري پاسي ٿئي ٿي تنهن جو رنگ اچو ڀورو ٿيندو آھي. انهن ٽنھي مان ڪنڍيءَ جو ڪو مقابلو ئي ڪون آھي.

چوي پيو ته رنگ، مھانڊي ۽ عمر سان مينھين کي سُڃاتو وڃي ٿو. ڪي رنگ جون ڪاريون، ته ڪي ڪڪيون، ڪي ڀوريون، ته ڪي ٻولاھيون، ڪي چالون، ته ڪي ماڻڪيون ٿينديون آھن.

چوي ٿو عُمِرِ سان مينھين کي ھيئن سڄاتو ويندو آھي.

ننڍڙي کي وَڇَ،. ٿوري وڏي کي پاڏي، ڦرجڻ جي لائق کي ٽِھاڻِ ۽ وڏي کي مينهن، اھي وصفون مينھين جي عمر جي سڃاڻپ ڏين ٿيون.

اَنڌِيءَ وَڇُون، ڪنڌِيءَ وَڇُون، تَنگئا لَھي نه تِکَ،
صُورتَ جا ساھڙَ جي، ڏيلَ پنهنجي ڏِکَ،
واھُڙُ تَنِين وِکَ، جَني سانڀارَ سُپرين.

مُھانڊي ۾، ماڻڪي، ڀِلَ، حالي، ٻولاھي مينھين جو مُھاڊري ۾ سڃاڻپ جا اھڃاڻ آھن.

ڳالھيون ڪنڌي اچي نماشام ٿي فقير کڻي مينهن کي گھر ڏانھن موٽَ ڏني، مونکي به دعوت ڏنائين ھل ته ھلون ڏيري تي، پوءِ ڀٽاريون پاسا پلاند چرنديون سڌيون اچي وٿاڻ تي پھتيون.

چاھَڪَ چَرِي، تارِ تَرِي، آيُون مٿي آرَ،
ڪوڙِين ڪَرَ کَڻَندِيُون، سُڻِي سَڏَ ڌرارَ،
مينھِيُون ساڻِ ميھارَ، پَرِچي پار لگھينديُون.

وٿاڻ تي پھچڻ سان ئي ڀٽاريون وڃي پنهنجن ڪِلَنِ تي بيٺيون، ھڪ ھڪ ڪري مينھين جي پيرن ۾ پينگھون ڦاسايائين.

مري تان مَ ميھارُ، وٿاڻُ وِلَھو مَ ٿِئي،

وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ،

ساھَڙَ مون سينگارُ، ماڻهن ليکي مِھِڻو.

پينگھيون ڦاسائي مينھين جو ڀاڻ گڏ ڪر دونھي دکايائين، پڇيم اھو ڇا پيو ڪري؟ چوي پيو دونھي پيو دکايان ته جيئن ڀٽارين کي محا (مڇر) نه لڳن.

ڪٿي ٿيو ميھارُ، ڪِٿي ٿو گِھنڊُ گُڙي،
ڪِٿي دُونھِي دوست جي، ڪٿي پريون پارُ،
جنهن مون سڀِ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جھوتون ڏنيون.

پڇيم تو وارا محبوب به سھڻيءَ وانگر سھڻا آھن يا نه؟ تڏهن چوي ٿو اڙي درويش ڀلا ڪير چوندو ته منهنجا محبوب ٻين کان گھٽ آھن،

مون کي ڀوري مينهن ڏُھي کير سان گڏ ماني ڏنائين، آئون به کائي نَڙُ ٿيسُ، گھران بسترو کڻي آيو مونکي چيائين تون سُمَھي پَوُ، آئون وڃان ٿو ٽريڪٽر ڪاھي کيڙي ڪرڻ صبح سوير وري ٿو اچان.

آڌيءَ اُڏاڻو، ھينڙو مون ھٿَنِ مان،
وَھٍ پِئو، واھُڙُ تري ساھَڙَ سيباڻو،
ڀيڄِ ڀٍنيءَ ڀاڻو، پِيَه جو پَسِي آئِيو.

اتي ھڪ وَڇَ ڇنائي وئي، پوءِ اسان ٻنھي جي ھٿن ۾ رسا ھئا گھڻيءَ دير کانپوءِ پوءِ وَڇَ وڃي وٺ ڏنو، وڇَ ٻڌي تڙ تڪڙ ۾ ٽريڪٽر ڪاھي يار نڪري ويو.

وَڇُنِ سِين ويٺي، سُورُ وھاڇي سُھڻي،
آنَ ڪا ٿي ڏيٺي، مينھِينِ جي ميھارَ سين.

سڄي رات ٽريڪٽر ھلايائين ۽ جلال ٻڌائين، فجر مھل اچي مون وٽ بريڪ ھنيائين، چيم ڏي خبر ڪي ملاقاتو يا ديدار ٿيا؟ چوي ٿو يار اھڙا اسان جا نصيب ڪٿي مڙي پئي جلال ھڪ ٻئي کي جاڳايو.

کرڪين خوش ڪِياسِ، محبتي ميھارَ جي،
پَسَڻَ ڪارڻَ پرينءَ جي، آڌي ٿي اُٿياسِ،
سُتي جاڳاياسِ، سانڀَرَ سُپيرِين جي.

صبح ٿيو ماکي، مکڻ، لَسِي ۽ ماني کڻي آيو، ٻنهي کاڌي، مون موڪلائڻ جي ڪئي، ھن چيو ته بيهه ته آئون ڀٽاريون کولي وٺان پوءِ ٻئي گڏ ٿا ھلون، مينھيون ڪاھي روانا ٿيا سين، وچ ۾ ھن جي محبوبن جو گھر آيو، ھيءُ ديدار ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، اچي روڊ جي ويجھا ٿيا سين. وري ملڻ جا وچن وٺي ڌار ٿيڻ سان اتي فقير ھيءُ بيت ڏنو.

اوھين جي وڃو اوٺيا، ته اﷲ کي پرتا،
اوهان ته ڪئي سڀڪا، پر مون نه ڪئي ڪا،
سُکن ھيريو جندڙو، تنهن ڏُکَ مَ ڏيجا،
وري وَڙُ ڪريجا، اﷲ ڪارڻ اوٺيا.


فھرست