close
فونٽ سائيز وڌايو فونٽ سائيز گهٽايو

ارپنا


عمرڪوٽ جي انهن سمورن عظيم انسانن

جي نالي

جن عالمِ انسانيت جي امن ۽ ڀائيچاري لاءِ پاڻ پتوڙيو.

ڀلا ڀُونءِ نه وسرن، نه ڳُڻان چڙهن نه چت،

جن ڏٺي جيءُ ٺري، اهڙا سڄڻ ڪٿ !



پبلشر پاران


سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان، لوڪ ادب جي سلسلي ۾، همروٽ ڇتيسي ڪتاب شايع ٿي رهيو آهي. هن ڪتاب جي اشاعت جو سَهرو، صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه جي مٿان وڃي ٿو. هن صاحب جي ذاتي دلچسپي جي نتيجي ۾ عمر ڪوٽ جي پس منظر ۾ راجستان جي مشهور شاعر ڪوي بانيڪداس چارڻ جي شاعري جو سنڌي ترجمو، جيڪو نوجوان شاعر ڀاڙومل امراڻي سوٽهڙ ڪيو آهي. اهو اڄ پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. ان کانسواءِ ڀاڙو جا ٻيا به ٽي ڪتاب شايع ڪيا پيا وڃن. هنن ڪتابن شايع ڪرڻ جو مقصد، سنڌ جي امر ڪوٽ، ٿر ۽ پارڪر جي لوڪ ادب کي زور وٺرائڻ آهي- ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب ۾ لوڪ ادب جو هڪ اهم ڀاڱو آهي.

اصل ۾ ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين ۾ ڇپيل لوڪ شاعري، هڪ وڏو ذخيرو آهي- هن سموري علائقي ۾ ڀارڻن، ڀاٽن، مـڱڻهارن، هڪ وڏو تخليقي ڪم ڪيو. اهو سڀ ادب جو ناياب ۽ املهه خزانو آهي. سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۾ اهڙو ادب موجود آهي، جنهن تي اڄ به وڏو ڪم ڪرڻ، ۽ تحقيق ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هتي هن حقيقت کان انڪار ممڪن ڪونهي ته لوڪ شاعري، ماڻهن جي جذبن کي جاڳائي ٿي. اها سدا بهار، ۽ نسل درنسل ماڻهن ۾ منتقل ٿيندڙ ادب جو هڪ حصو آهي. بنيادي طور تي لوڪ ادب انسان جي احساسن، امنگن کي جاڳائي ٿو.اهي سدا بهار لوڪ گيت، ماڻهن جا دل لڀائيندڙ آهن ۽ دل کي روح ڏيندڙ آهن.

هن ڪتاب ۾ ڪوي بانيڪداس جا عمر ڪوٽ جي علائقي بابت ڇپيل 36 دوها، ڏاڍا خوبصورت ۽ دل کي موهيندڙ آهن. انهن دوهن ۾ عمر ڪوٽ جي ماضي جي خبر پوي ٿي. هي اهو دور آهي، جڏهن عمر ڪوٽ تي سوڍن جي صاحبي هئي، ۽ هي علائقو ڏاڍو سائو ۽ ستابو هو.ڀاڙومل،ڪوي بانيڪداس جي 36 دوهن کي سنڌي ترجمي سان اسان جي آڏو آئي، هڪ وڏي خدمت ڪئي آهي. انهيءَ سان سنڌي ادب کي قيمتي هٿ آيو آهي.

مون کي فخر آهي، ته مون هن علائقي يعني عمر ڪوٽ ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي حيثيت ۾ ملازمت ڪئي. اڄ به مون کي عمر ڪوٽ جون هوائون اتان جو وايو منڊل، نٿو وسري. سچ پچ ته عمر ڪوٽ تاريخ جا مختلف دور ۽ وقت جا انيڪ لاها ۽ چاڙها ڏٺا آهن. هتي سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي ورق لڪل آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي، ته نه رڳو عمر ڪوٽ جي هڪ ادب، بلڪ هتان جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن بابت مقامي اديب تحقيق جو ڪم ڪن. ته هوندان سان سنڌي ادب کي هڪ وڏو ادبي خزانو هٿ اچي ويندو.

مون کي اميد آهي ته سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان،جتي عمر ڪوٽ جي ضلعي جي مرمت. صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه جي نگراني ۽ ذاتي دلچسپي جي نتيجي ۾ مڪمل ٿي رهي آهي، تيئن ساڳئي وقت ۾ نه فقط عمر ڪوٽ، بلڪ ٿر پارڪر ضلعي جي نوجوان اديبن کي قلمي ڪاوشن، کي اجاگر ڪرڻ لاءِ همت افزائيءَ جو سلسلو جاري رهندو.

غلام اڪبر لغاري

سيڪريٽري ثقافت،

حڪومت سنڌڪراچي



پيغام


ڍٽ ڍري، پَٽَ پَيون، پاسي يارڪَرَ،
وِڄون وَسڻ آليون،ڪوڏان کڻي ڪَرَ،
سڀئي ڀَريا سرَ، پَلَرَ جي پالوٽَ سين.

(شاهه لطيف)

سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان گھڻي وقت کان وٺي، مختلف موضوعن تي ڪتابن جي اشاعت جو سلسلو هلندڙ آهي. اهي موضوع تحقيق، ثقافت، ادب جي مڙني صنفن تي پکڙيل آهن. مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته سنڌ جي تاريخي علائقي عمرڪوٽ جي پسمنظر ۾ ڪيل ڪوي بانڪيداس چارڻ جي شاعري، جو ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. شاعريءَ جو هي ڪتاب نوجوان شاعر ڀاڙو مل امراڻي جو مرتب ڪيل آهي، جيڪو سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان شايع ٿي، اوهان جي هٿن ۾ اچي رهيو آهي. عمرڪوٽ لڳ ولهار ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي هڪ تاريخي چارڻن جو ڳوٺ آهي، کاروڙي چارڻ ۽ ان جي بلڪل لڳ ڀڳ سڏ پنڌ تي منهنجو جنم ٿيو، ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ ۽ اتي ئي منهنجو ٻالڪپڻ چارڻن کي ڏسندي گذريو. اسان جي گهر ۾ چارڻ ڪٽنب جي هڪ عورت ايندي هئي. ان جي چٽيءَ ريت يادگيري اٿم. سچ پچ ته اهي چارڻ ئي هئا، جن هن علائقي کي ثقافتي طور تي مالا مال ڪيو. دراصل چارڻ شاعري جو به هڪ وڏو پسمنظر آهي، ۽ اها شاعري، ننڍي کنڊ جي قديم شاعرن پڻ ڪئي آهي. هن شاعريءَ مان اسانکي ان دور جي اصلوڪي، ۽ چٽي پٽي تصوير ضرور حاصل ٿئي ٿي. ڪيتري وقت تائين چارڻ ادب، هزارين ماڻهن جي واتان، ٻڌو ويندو هو، ۽ ماڻهن جي دلين ۾ وقت گذرڻ کان پوءِ زنده رهيو. ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ خاص طرح ڏهين صدي عيسويءَ کانپوءِ ڪجھه شيون اسان کي لکت ۾ ملن ٿيون. هن ڪتاب ۾ عمرڪوٽ بابت ننڍي کنڊ جي هڪ وڏي ڪوي بانڪيداس جا 36 دوها شامل آهن. ان دور ۾ عمرڪوٽ يعني امراڻي ڌرتيءَ تي پرمار سوڍن جي صاحبي هئي.

جڏهن سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت هئي. تڏهن عمر سومري ٻئي سال 355ع ۾ امر ڪوٽ سوڍن کان هٿ ڪيو. خود سومرن لاءِ به ڪجهه تاريخ نويس چون ٿا ته اصل پرمار راجپوت هئا. هنن سنڌ تي ساڍا ٽي سوسال حڪومت ڪئي.پارڪر ۽ ڍاٽ ۾ جيڪي گيت ڳائبا هئا،انهن ۾ کين سوڍو سومرو ڪري ڳايو پئي ويو. سوڍا راجپوت به هئا. سنسڪرت ۾ راجپوت جي معنيٰ آهي: راجا جو پٽ! اڄ به ٿرپارڪر ۽ ان جي پرئين پاسي يعني ڀارت جي گجرات ۽ راجستان سميت ڪيترن ئي رياستن ۾ راجپوت رهن ٿا.

اصل ۾ چارڻ شاعري، به لوڪ ادب جو هڪ حصو آهي، جيتريقدر چارڻن جو تعلق آهي ته اهي ڪٿان جا هئا ته اهو به هڪ ڊگهو داستان آهي. اصل ۾ چارڻن جو تعلق چارڻن جي ڇهن پاڙن سان هڪ پاڙي مارو سان آهي. باقي چارڻن جا 5 پاڙا هن ريت آهن: ڪاڇيلا، تمر، سورٺيا، سوچي، ۽ گجر، سنڌ ۾ لوڪ ادب تي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شروعاتي ڪم ٿيل آهي. سال 1950ع ۾ وينجھار، ۽ 1956ع ۾ سنڌ جو سينگار عبدالڪريم سنديلي صاحب اوائلي ڪتاب آهن. پر ان کان اڳ سال 1901ع ۾ ديوان ڪوڙومل چندنمل کلناڻي جو ڪتاب ڳجھارتون، ڊاڪٽر دائود پوٽي جو 1953ع ۾ سُرها گل، قابل ذڪر ڪتاب آهن. تنهن کانسواءِ سائين الله بخش نظاماڻي جو لکيل ڪتاب سنڌي لوڪ ادب جي تاريخ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب اسڪيم تحت ڪيترا قيمتي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان آندا. اهو سمورو مواد لوڪ ادب سنڌي ٻولي جو املهه خزانو آهي.سنسڪرت ٻولي ۾ لوڪ، ماڻهوءَ کي چون ٿا، ۽ انگريزي ۾ لوڪ کي فوڪ، چيو وڃي ٿو. لوڪ ادب به نثر ۽ شاعري ٻنهي ۾ موجود آهي.

هاڻ جيتري قدر ڪوي بانيڪداس جو تعلق آهي، ته سندس دور گھڻو پراڻو ڪونهي. راجسٿان جي هڪ ڳوٺ ۾ سال 1771ع هن جو جنم ٿيو. سندس ڪيترائي ڇپيل دوها، ۽ مذهبي شاعري موجود آهي. سندس وفات جو سال 1833ع آهي. مشهور انگريزي ڪتاب “اي هسٽري آف انڊين لٽريچر” ۾ ليکڪ سيسر ڪمار داس، ڪوي بانڪيداس جو ذڪر 814 پيج تي تفصيل سان ڪيو آهي. 

يقينن هي ڳالهه حقيقت تي ٻڌل آهي، ته ڪنهن به ٻوليءَ جي ترقي بچاءِ ۽ ترويج جي سلسلي ۾ لوڪ ادب بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهندو آهي. بلڪ ائين کڻي چئجي ته خود سنڌي ٻوليءَ کي اڳتي آڻڻ ۾ لوڪ ادب جو ڪردار اهم رهيو آهي، ۽ اڄ به سنڌ جي لوڪ ادب جون پاڙون پاتال ۾ کُتل آهن. سنڌ جي پاڙيسري علائقن جھڙوڪ ڪڇ، ۽ راجستان جو لوڪ ادب جو پاڻ ۾ ويجھو ڳانڍاپو رهيو آهي. خود سنڌ ۽ راجستان جي لوڪ ادب ۾ اهڙا سڃاڻ ماڻهو پيدا ٿيندا رهياآهن، جن پنهنجي گفتن، ۽ ٻولين سان پئي سينگاريو آهي. وقت گذرڻ کان پوءِ اهو سندن شعر ۽ چيل ڳالهيون، تاريخ جو حصو بڻجي ٿو وڃي.

لوڪ ادب ڪڏهن سرجيو ويو- ان جو موجد ڪير آهي. تنهن بات ڪو- حتمي فيصلو ڪرڻ تمام مشڪل آهي. چون ائين ٿا ته جڏهن کان انسان جو جنم ٿيو آهي، تيئن ئي پنهنجي دلڪش احساس، جذبن، دل جي اونهاين،احساسن ۽ جذبن، جو اظهار هو ڪندو پيو اچي. مقصد ته لوڪ گيت جو جنم، ادب جي جنم کان اڳ جو آهي- گهڻي لوڪ ادب بابت ته اسان کي خبر به نه آهي، ته اهو ڪنهن لکيو. مقصد ته لوڪ گيت ته موجود آهن، پر انهن جي ليکڪن جو نالو نشان به ڳولئي نه لڀندو.

دنيا جي اڪثر قديم ٻولين جو لوڪ ادب، ڪهاڻين، لوڪ ڪٿائن، ڳجهارتن، ڳاهن، لوڪ گيتن، سورٺن،بيتن ۽ دوهن جي شڪل ۾ اسان جي آڏو موجود آهي. پر سنڌ جي لوڪ ادب کي هڪ خاص هڳاءَ ۽ هڪ خاص سُڳنڌ آهي. وڏي ڳالهه ته سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۾ اهو مختلف روپن ۾ موجود آهي. خصوصي طرح ٿرپارڪر ضلعي جي لوڪ ادب جو پنهنجو نرالو رنگ روپ ۽ زبان آهي. ۽ انهيءَ لوڪ ادب جو هڪ وڏو ڪئنواس ٿر جي ريگستان جهڙو وشال آهي. انهيءَ ادب جي مختلف صنفن ۾ پنهنجو پس منظر ،فطري دلڪشي، حُسناڪي، سونهن ۽ سورهيائپ سمايل آهي. بقول شيخ اياز جي ته اهي لوڪ ڪوتائون نه آهن، ڄڻ پٿر تي لڪيرون آهن-

واقعي اهي پٿر تي اڪريل لڪيرون ڪڏهن به نه ڊهڻيون آهن. نه وري وقت جي دز هنن کي مٽائي ٿي سگهي. ٿر پارڪر ۾ ۽ خصوصي طرح عمر ڪوٽ جي علائقي ۾ چارڻن، ڀانن، ۽ سنگهارن جا ڳاڻ ڳڻيا نالا اوهان کي اڄ ڳولڻ سان هٿ ايندا. هنن لوڪ ڌڻين، جو سرجيل ادب، پوءِ اهو شاعري هجي يا نثر، مقصد ته اهو سڀ تاريخ جو اڻ مٽجندڙ حصو آهي.

حقيقت ۾ سنڌ ۽ راجستان جا لاڳاپا صدين کان وٺي قائم آهن. ٻنهي علائقن جي رهواسين جون ريتون رسمون، ثقافتي قدر ۽ ٻولي به جهروڪر هڪ جهڙي آهي. قابل احترام ليکڪ ماستر رائيچند هريجن جڏهن تاريخ ريگستان ڪتاب لکي رهيو هو، ته هن صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ٿر ۽ راجستان جي تاريخي ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي. ساڳئي وقت منگهارام اوجها، جي ڪتاب ”پراڻو پارڪر“ ۾ هن پارڪر جا گيت جي عنوان سان پارڪر جا هڪ دل لڀائيندڙ گيت جو سنڌي ترجمو ڏنو آهي. ان گيت جي هڪڙي سٽ اڃا به نٿي وسريم.

ماڙي، ٻارهن ورس آويو-ماڙي، نه ڏسي پاتلي پرمار ري،

جاڙيجي مان:

ٻاٻيو ٻوليو، کائڙري کيجڙي.

(اي امڙ، آءُ ٻارهن سالن پوءِ آيو آهيان، پر هوءَ ڪٿي به نظر نٿي اچي، پرمار راجپوتن جي ڌيءَ، جاڙيجن راجپوتن جي ڪنيا. کائڙ جي وڻ تي پپيو ٻولي ٿو!)

ان کانسواءِ ٿرپارڪر جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪيپٽن ريڪس جون ٿر ۽ پارڪر بابت يادگيريون، سنڌ ۽ راجستان جي ڳالاپن کي اجاگر ڪن ٿيون. ان کانسواءِ راجستان جي پوليٽيڪل ايجنٽ ليفٽيننٽ ڪرنل ٽاڊ (1835-1782ع) پنهنجي تاريخي ڪتاب Annals and Antiquities of Rajasthan ۾ راجستان سان گڏ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي- اهو سمورو احوال ٿرپارڪر ۽ راجستان جي هڪجهڙائي کيظاهر ڪري ٿو. بهرحال ڪوي بانيڪداس جا 36 دوها سنڌ جي تاريخي علائقي امر ڪوٽ جي رنگ ۽ روپ جا عڪس آهن، جن کي بقول ڪوي صاحب جي ته هنن دوهن کي ڪي اهل دل ۽ ڏاتار ئي ٻڌندا. يقينن ڪوي بانيڪيداس جي شاعري جو حسن هن ڇتيسي مان ظاهر آهي-

هن ڪتاب جي شاعري يعني ڪوي بانيڪداس جي دوهن ۾ امر ڪوٽ جي سُونهن، سُندرتا، ۽ سخي جهونجهارن سوڍن جي اڻ سورهائپ جو ذڪر ڏاڍي سندرتا سان ويهي ڪيو آهي. تنهن وقت امر ڪوٽ، ڪهڙي نه سُونهن ۽ سندرتا سان رڱيل هو. سونهن ۽ سندرتا يا امرڪوٽ جي اها دلڪش منظر نگاري، ثقافتي، تهذيبي، تاريخي، حالتن جي چٽي پٽي ۽ عڪاسي، هنن 36 دوهن ۾ اوهان کي جا بجا نظر ايندي. مثال طور ڪوي صاحب لانٻي تلاءَ جو ذڪر ڪري ٿو. پاڻيهارين جي گهونگهٽ انڊلٺ جي منظرن، ۽ پاڻيءَ کي کير سان تشبيهه ڏيئي ٿو- وڏي ڳالهه ته اسان جي نوجوان اديب انهن دوهن جو ترجمو به سولي ۽ خوبصورت سنڌي ۾ ويهي ڪيو آهي.

اڄ عمر ڪوٽ جو تاريخي تلاءُ موجود ڪونهي، پر ائون هتي ٻڌائيندو هلان ته لانٻي لفظ جي معنيٰ ڊگهي آهي،هي تلاءُ وڏو ۽ وسيع هو، جنهن کي بارش جو پاڻي ٻارهوئي ڀريل رکندو هو، وسڪاري جي رت ۾ ڀرپاسي جا تلاءَ لانٻي سان ملي ويندا هئا. چون ٿا ته سنڌ جو حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو جڏهن سنڌ تي حملي آور نادر شاهه ۽ هن جي لشڪر کان پاڻ لڪائي اچي عمرڪوٽ ويٺو هو، ته نادري لشڪر لانٻي تلاءَ تي اچي ترسيو هو. تاريخ جي ڪتابن ۾ لانٻي جو ذڪر گهڻو ملي ٿو. لانٻي تلاءَ وارو هنڌ هن وقت لٽجي گرائونڊ بڻجي ويو آهي، عمر ڪوٽ جي موجوده مارئي گرائونڊ، جنهن کي ڪجهه وقت اڳ بينظير گرائونڊ سڏيو ويو، اصل ۾ لانٻي تلاءَ تي ٺهيل آهي، لانٻو ماضيءَ ۾ نهايت وسيع هو، جنهن ۾ جوڳرائي، ولهار، وهري، سومري ۽ هاڙهي تلائن/ ڍنڍن جو پاڻي به اچي پوندو هو، سچ پچ ته اڄ به هن هنڌ جو تاريخي نالو لانٻو ساڳيو هئڻ گهرجي. ۽ اڄ ان ماضيءَ جي امرڪوٽ بابت، ڪوي بانيڪداس جا 36 دوها خوبصورت سنڌي ترجمي سان گڏ، پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهن نوجوان اديب ڀاڙومل جي محنت کي ڏسندي ذاتي دلچسپي وٺي ڀاڙومل کي همٿايو، جنهن بعد هن جو هي ڪتاب همروٽ ڇتيسي، شايع ٿي رهيو آهي. ان کانسواءِ هن جا ٻيا ڪتاب چتر ٻولي چارڻا، ٿر ٿر اندر ٿاڪ، ۽ ڌرتي ڳائي ٿي، جي اشاعت پڻ جلد ٿي رهي آهي. ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي طران هن ڪتان همروٽ ڇتيسي سميت سمورا ڪتاب شايع ڪرڻ جو مقصد،نوجوان اديبن کي همٿائڻ، ۽ خصوصي طرح ٿرپارڪر جي اديبن کي تحقيق لاءِ دعوت ڏيڻ آهي. اميد اٿم ته ته لائق پڙهندڙن هن ڪتاب جي تور دل سان ڪندا، ته جيئن هي سلسلو اڳتي هلندو رهي.

سيد سردار علي شاهه،

وزير ثقافت، سياحت، ۽ نواردات کاتو

حڪومت سنڌ، ڪراچي

29مارچ 2018ع



مهاڳ


هيرن ۽ جواهرن جهڙا سدا جرڪندڙ همروٽ ڇَتيسي جا دوها

انساني روح بنا ڪنهن وڌاءُ جي حيرت جو هڪ اهڙو جزيرو آهي جنهن ۾ اسرارن جو هڪڙو پورو جهان پوشيده آهي. ڏُک ۽ خوشي، محبت ۽ نفرت، پسند ۽ ناپسند، ڪاوڙ ۽ سرچاءُ يا دلچسپي ۽ بيزارگيءَ سميت هڪٻئي جي بنهه ابتڙ يا متضاد اهڙيون انيڪ ڪيفيتون سڌيءَ ريت ماڻهوءَ جي ان داخلي ڪائنات سان تعلق ٿيون رکن، جنهن کي ‘رُوحء’ چئبو آهي.

دنيا جي داخليت پسند اديبن ۽ سنڌ جي هاڻوڪن ريڊيميٽ صوفي ليکڪن جي موشگافين واري ڪچي ڀت اورانگهي، ماڻهوءَ جي اک جڏهن ڪوي ڪاليداس، مولانا جلال الدين رومي، حافظ شيرازي، عمر خيام، بلهي شاهه، ڪبير ڀڳت، لطيف سائين، شيڪسپيئر، گوئٽي، ورڊس ورٿ، ميران ٻائي، زيب النساء مخفي ۽ مرزا اسدالله خان غالب سان گڏ ڪوي جسيم الدين، ڀاڳوڀان، مرکان شيخڻ، حفيظ تيوڻي، سمنگ چارڻ ۽ همروٽ ڇتيسي جي هن سرجڻهار ڪوي بانڪيداس جهڙن تخليقڪارن جي شاعراڻي اظهار جي انڊلٺ جا رنگ ٿي پسي، تڏهن پڙهندڙن جي آڏو حيرت انگيز انساني احساسن جا سمورا اسرار، ريشمي ڪپڙي جي رنگا-رنگ تاڪئي وانگر کلي ٿا پون.

ڀري هيم ورڻيا، ڏوڌ ورنو نير

(رنگين ڪپڙن ۾ سون رنگ سندريون، کير جهڙو اڇو پاڻي ڀريندي سونهن کي انتها تي پڄائينديون آهن).

اهڙي دلڪش سونهن لانٻي جي تلاءُ مان “ڏوڌ ورنو نير”ڀريندڙ رنگين پهرواس ۾ ملبوس انهن حسينائن جي ڏيک ۾ آهي يا ان ڪوي بانڪيداس جي شاعراڻي تخيل جو ڪمال آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ کان گھٽ ۾ گھٽ آءُ ته هيل تائين محروم رهيو آهيان.“همروٽ ڇتيسي” جا ڪجهه دوها ٻڌڻ ۽ پوءِ پنهنجين تحريرن ۾ اهي حوالي طور لکڻ ٻي ڳالهه آهي، پر حسين ڪيفيتن جا پوپٽ پڪڙي، انهن کي اڏارون بخشيندڙ ڪوي بانڪيداس جي هن بيمثال شاعريءَ کي هنئين سان هنڊائڻ ٻي ڳالهه آهي. ٻين گھڻن دوستن وانگر جوان عورت جي ٽهڪ جهڙي هن شاعريءَ جو سرور ۽ ترنم تڏهن محسوس ڪري سگھيو آهيان، جڏهن چيلهار تي کڙيل چيٽي چنڊ جهڙي اجري من ۽ ٿڌي مزاج واري دوست ڀارومل امراڻيءَ هي هيرن ۽ جواهرن جهڙا دوها، ترجمي، تشريح ۽ ترتيب جي مالها ۾ پوئي، سنڌي ٻوليءَ جي ڳچيءَ ۾ پارايا آهن.

گذريل ڪجهه سالن کان هن “جواهريءَ جون پراسرار سرگرميون ڏسي آءُ اندر ئي اندر اهو خطرو پيو محسوس ڪندو هئس ته متان سنڌ جو هيءَ ڏات ڌڻي ڀارومل امراڻي به تحقيق جي اهڙي واٽ نه وٺي، جهڙي واٽ تي ويندڙ محققن تي فنڪاراڻي طنز ڪندي شيخ اياز لکيو هو ته، محقق لفظ گھڻو ڪري “حقي” مان نڪتو آهي، ڇو ته حقو بڙ-بڙ گھڻي ڪندو آهي.”

پر وري سوچيندو هئس ته ٿر جي جنهن سوٽهڙ سرجڻهار جو نالو ڀارومل امراڻي آهي، اهو ته پنهنجي مزاج ۾ اهڙو ته ماٺيڻو ماڻهو آهي، جهڙو چنڊ جي اوڻٽيهين تاريخ جو سمنڊ. گذريل ويهارو سالن جي دوستاڻي وابستگيءَ دوران مون هن کي ڪڏهن ضرورت کان وڌيڪ يا فضول ۽ اضافي طرح هڪ اکر به ڳالهائيندي نه ٻڌو. هو ڪچهريءَ ۾ هجي يا ڪنهن ادبي پروگرام جي اسٽيج واري ڊائيس تي، ڳالهائيندو ايئن ۽ ايترو، جيئن ۽ جيترو موضوع جي مناسبت سان موزون ۽ مناسب هوندو. مطلب ته هو هڪڙي تخليقڪار سوٽهڙ جي حيثيت ۾ روهيڙي جي لسايل ڪاٺيءَ جهڙي موضوع تي لفظن جي چٽسالي ڪندي ڪٿي به ٿڙي نٿو. ته پوءِ هو حقي وانگر بڙ-بڙ ڪندڙ محقق صاحبن جي چوياريءَ ۾ ڪانڀ ڪڍي ويهي ڪيئن سگهندو.؟ ان سوال جو ٺوس ۽ هٿيڪو جواب مونکي تڏهن موصول ٿيو جڏهن هڪ ڏينهن هن ڪتاب همروٽ ڇتيسيءَـ جي مسودي جي ڪمپوزڊ هارڊ ڪاپي منهنجي هٿ ۾ ڏئي چيائين، هي ڪتاب پڙهي پنهنجي راءِ ڏجان.ـ

اڄ جڏهن ڀارومل امراڻيءَ جي هن با مقصد ۽ خوبصورت قلمي پورهئي تي راءِ ڏيڻ ويٺو آهيان، تڏهن سندس ڪم ۽ ڪردار متخلق رڳو اها سٽ ئي لکي سگھان ٿو ته:

هيرا ڪهي نه مُک سي، لاک همارا مول

ڀارومل امراڻي پاڻ پڏائڻ واري ٽاپوليءَ ۾ پوڻ بدران مٺي ماٺ ۾ ڪوي بانڪيداس جي “همروت ڇتيسيءَ” جا هي هيرن ۽ جواهرن جهڙا سدا جرڪندڙ ۽ جڳمڳائيندڙ دوها سنڌي ٻوليءَ جي سوني ٿالهه ۾ وجھي،جنهن نفاست سان پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيا آهن، تن جو قيمت جو ڪاٿو ڪري سگھڻ ممڪن ناهي.

انساني روح جي حيرت واري جزيري ۾ موجود مختلف ڪيفيتون، جڏهن ڪنهن ڪويءَ جو اظهار ٿيون بڻجن، تڏهن ماڻهو پنهنجين ظاهري اکين بدران احساس جي اکين سان اُن جهان جا سير ٿو ڪري، جيڪو زمان ۽ مڪان کان مٿاهون آهي. مثال جي طور تي فتح ڏان چارڻ جي سرجڻهار پٽ ڪوي بانڪيداس / لڳ-ڀڳ ٻه/سوا ٻه سو سال اڳ جيڪو عمرڪوٽ ڏٺو، اهو هينئر ڪٿي آهي!؟ پر سندس عمرڪوٽ متعلق سرجيل ڇٽيهه دوهن پڙهڻ وقت ماڻهو ڄڻ ته هاڻوڪي برباد حال عمرڪوٽ مان اُڏامي، ان اُمراڻي ۾ پهچيو وڃي، جنهن جي لاءِ ڪوي بانڪيداس چيو آهي ته:

چيري پونم چندر، ڪاڍي ڪامڻيانهه 

ڪايه سينگل ڍاٽ ڌر، ديکو دامڻيانهه

يعني قدرت واري پونم جي چنڊ کي ٻه-اڌ ڪري هڪ حصي مان عمرڪوٽ جون حسينائون ۽ ٻئي حصي مان سريلنڪا جون حسين ڪامڻيون تخليق ڪيون آهن. زمان ۽ مڪان جي حدن اندر اڄوڪو سريلنڪا ممڪن آهي ته ڪوي بانڪيداس جي دور وارو ساڳيو حسين ۽ جميل سريلنڪا هجي پر ساهه منجهائيندڙ اڄوڪو عمرڪوٽ ته پنهنجي اکين اڳيان آهي.

دلي که اک شهر تها عالم مين انتخاب هم رهني والي هين اسي اجڙي ديارکي

اڄوڪي اجڙيل عمرڪوٽ جو رهواسي هجڻ جي باوجود ماڻهو جڏهن “همروٽ ڇتيسي” جا دوها ٿو پڙهي، تڏهن اهو ڄڻ ته احساساتي طرح ٻه سئو سال اڳ واري ان عمرڪوٽ ۾ پهچيو وڃي جنهن جي واٽن تي پوکيل خوشبو دار نازبو واءَ کي واسي رهيا آهن. جنهن جي فلڪ بوس قلعي ۾ متل چتر ۽ سڄاڻ راڻي جي رهاڻين ۾ وطن جي حدن جي حفاظت، ثقافتي تهوارن جي اهميت، سورهين ۽ سورمن جي تذڪري، سونهن ۽ ورونهن جي ڪهاڻين، تاريخي قصن، ننگن جي حفاظت جي منصوبن،معاشي ۽ معاشرتي ترقي وارين رٿائن ۽ شاعرن توڻي ڪلاڪارن جي سارسنڀال جي رٿابندي ٿيندڙ آهي. شهر جا ٻارڙا پاٺشالائن ۾ پڙهڻ لاءِ ويندي رستن جي رونق وڌائي رهيا آهن. شهر جي مکيه شاهراهه جي سامهون ‘لانٻي جو تلاءُ‘ ڇوليون ماري رهيو آهي. ان جي ڪنارن تي جهڪيل گهاٽن بڙن جي ڳوڙهي ڇانو ۾ سنهڙين چيلهين وارين پاڻيارين جا رنگين آنچل اڏارن ۾ آهن. ۽ لانٻي جي لهرن تان گهلندڙ هوائون ڪوي بانڪيداس جي ڪوتا وانگر ماڻهو جو من مسرورڪري رهيون آهن.

ڍاٽ سرنگي گو ريان سوڍا چترسڄاڻ

بڙجهڪيا لانٻي تڙان آيوگڍ امراڻ.

اهڙي حسين ۽ جميل ماضي جي مالڪ هجڻ واري مسرت جو احساس تڏهن ڏهوڻو وڌي ٿو وڃي جڏهن “همروٽ ڇتيسي” جي دوهن کي سولي ۽ عام فهم ترجمي ۽ تشريح سان اسان جو خاموش طبع ،گهڻ سهو ۽ قلمي پورهيت دوست ڀارومل امراڻي سنڌي ويس ۾ پڙهندڙن اڳيان پيش ٿو ڪري.

“همروٽ ڇتيسي” جو شاعراڻو حسن سنڌي ٻوليءَ ۾ اچڻ کانپوءِ به جيئن جو تيئن دلڪش انڪري آهي جو ان جو سنڌيڪار بذات خود هڪ حسين شاعر آهي. ورنه ته انگريزي ، فارسي ، عربي ، اردو ، هندي يا سنسڪرت مان اڪثر ترجمو ٿيل شاعري ۾ اهڙو چس نٿو هجي جهڙو ڪوي بانڪيداس ۽ ڪوي ڀارو مل امراڻي جي احساس تي هڪ جهڙائيءَ جي ڪري هن ڪتاب ‘همروٽ ڇتيسي’ ۾ موجود آهي.

ايڪ پد مڻي واسطي سينگل گيو رتن،

امرڪوٽ نه آويو متوڪيو ڪي من.

(آئون سوچيندو آهيان ته چتور جو راڻو رتن سنگھ هڪ پدمڻيءَ خاطر سينگل (سريلنڪا) ڪيئن ويو ؟ هن جي دل ۾ اهو ڦيرو ڪيئن آيو. جو ان کان وڌيڪ امراڻي جي حسين نارين ڏانهن سندس جيءَ جهٻي نه کاڌي!)

هن هڪڙي حسناڪ دوهي جي ترجمي مان ئي معلوم ٿي سگهي ٿو ته، هي هڪڙي ڪوي پاران ٻئي ڪوي جي ڪوتا جوڪيل اهڙو ترجمو آهي. جنهن ۾ مترجم دوهي جي اکرن جو ترجمو ڪرڻ بدران ان جي مفهوم جو ترجمو ٿو ڪري. ٻي معنيٰ ۾ اسان جو ڪوي ڀارومل امراڻي، هند جي حسين ڪوي بانڪيداس جي من وارتاجو ترجمو ٿو ڪري ۽ هن جي احساسن کي سنڌي ويس ٿو پهرائي.

هونئن به لغوي ترجمي کان اصطلاحي ترجمو ڳالھه جي بنيادي معني ۽ مفهوم سمجهائڻ ۾ وڌيڪ اثرائتو ٿيندو آهي.

تاريخ ريگستان جي مانواري ليکڪ سرڳواسي رائچند هريجن ۽ پراڻي پارڪر جي مصنف شري منگهارام اوجها صاحب کانپوءِ ٿر جي تاريخي ڳوٺ چيلهار جو ٽيون ماڻهو ڀارومل امراڻي صاحب آهي. جنهن کي ‘همروٽ ڇتيسي’ جي ترجمي ۽ ترتيب جي ڪري سنڌي ٻولي ۾ مهان حيثيت اوس حاصل ٿيندي .

مير حسن آريسر

سرمد جوگهر، عمرڪوٽ

24 جون 2017ع



تاثر


جمالياتي رنگيني سان رچيل شعر

لوڪ ادب جيڪو ڌرتي جي سيني مان ڦُٽي ٿو ۽ صدين جا ولهار واسي ڇڏي ٿو. انهي ڌرتي ڌڻين جي ادب ۾ جهنگ جي حسين گلن جي هُٻڪار ، انساني گُڻن جي بهار ، سور ويرتا، شجاعت ، سخاوت ،فصاحت لوڪ آکاڻين،لوڪ ڪٿائن، ڳجهارتن، ڳاهن، سورٺن بيتن، دوهن ۽ گيتن جو روپ وٺي نسل در نسل منتقل ٿيندي رهي آهي. لوڪ ادب جو لوڪ شاعري وارو پاسو سدا بهار ۽ پائدار ان ڪري به رهيو آهي جو انساني احساسن، اُڌمن، اُمنگن کي سگهارو اظھار لوڪ شاعري ئي فراهم ڪيو آهي .انساني آتما جي آشائن اطمينان ڀريو آسيس شاعري ۾ ئي حاصل ڪيو آھي . لوڪ شاعري جيئن ته عام ماڻھو جي آتما جو آواز بڻجي سندس ڏُکندڙ رڳ تي هٿ رکيو آهي ان ڪري ئي صدين جي سفرکانپوءِ به اهي احساس تازا محسوس ٿين ٿا ۽ روح کي تازگي ارپين ٿا.

برِصغير جي مختلف ٻولين ۾سرجيل لوڪ شاعري انساني احساسن جو اثاثو ۽ اتهاس جو ورثو آهي . برِصغير جي چارڻن ، ڀاٽن ۽ مڱڻھارن لڪا ڀڻن لوڪ ۾ جي مصداق جيڪو تخليقي ڪم ڪيو آهي جيڪو ڪوتا_ کيتر کيڙيو آهي اهو ڪنهن به صورت ۾ فراموش ڪرڻ جھڙو ناهي. تاريخ جتي سمن جي دور جي نامياري ڪوي سمنگ چارڻ جي ڏھ ڏاتار ۽ ست سورهيه تصنيف کي هميشه مان ڏيندي رهندي،اتي ڪوي چمن چارڻ کي به ڪيئن وساري سگهندي ؟ چارڻن ، ڀاٽن ۽ مڱڻھارن جي قبيلن ۾ اهڙا اڻ ڳڻيا نانءُ ملي سگهن ٿا، جن پنهنجي ڪوتائن کي ڌرتي جي خوشبو سان وهنجاري پيش ڪيو آهي ڪارونجهر جي فطرت پوڄاري ڪوي چنديرام ڀاٽ جي آبشارن جهڙي لئي ۾ رچيل دوهن کي ڌرتي ڌڻي صدين تائين پنهنجي احساسن جي ترجمان طور اچاريندا رهندا.جنهن جي لوڪ ڪوتائن بابت مهان ڪوي شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا “ ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر “ ۾ لکيو ته ” هي شعر ناهن ڄڻ ته پٿر تي لڪيرون آهن.“

ڪارونجهر ري ڪور ، مرين تو ميليئي ني،

ماٿي ٽھوڪي مور، ڏونگر لاگي ڏيپتو.

(چنديرام ڀاٽ)

ڪوي بانڪيداس چارڻ 18 هين صدي جو هڪ خوبصورت ڏات ڌڻي ٿي گذريو آهي. ثقافت ۽ آرٽ جي ڌرتي ننڍي کنڊ جي وڏي ريگستان سان تعلق رکندڙ هي شاعر پنهنجي دور جو لازوال شاعر هو. سندس دوها جيڪي عمرڪوٽ/ امرڪوٽ جي فطري دلڪشي، انساني خوبصورتي ۽ سورهيائيءَ جي پسمنظر ۾ سرجيل آهن. ڪوي بانيڪداس جو نانءُ سنڌ ۾ ڀارومل امراڻي متعارف ڪرايو آهي. توڻي جو سنڌ جا مختلف ڏاها ليکڪ اديب پنهنجي مختلف ليکن ۾ بانڪيداس جا ڪجهه دوها لکي چڪا آهن، پر ڪٿي به سندس نالو نه لکيو ويو آهي.

ڀارو مل امراڻي جيڪو ٿر جي ٻن وڏن تاريخ نويسن رائچند راٺوڙ ۽ مگهارام اوجها جي نگري چيلهار سان تعلق رکي ٿو .هڪ ئي وقت بهترين شاعر، ليکڪ ، محقق ۽ مقرر آهي . تاريخ جو شاگرد ۽ ادب جو محنتي پورهيت آهي، جنهن پنهنجي جوڀن جي بسنت ڏينهَن ۾ چنچل حسرتن کان هٿ ڇڏائي ڏات جي مومل سان نيڻ ملائي مُحبت جي الماسن کي ميڙي دل جي ڪورن ڪاڳرن تي سجائي زماني جي ڪاڪ محل ۾ زندگي جا حقيقي رنگ ڀرڻ جي جستجو ڪئي آهي. ڀارو جنهن ننڍپڻ کان ئي پنهنجي وڏڙن کان لوڪ ڏاهپ جي مختلف واٽن جي وٿ حاصل ڪئي ۽ رس رهاڻين ذريعي لوڪ ادب ۽ تصوف جي خزاني مان گهڻو ڪجھ پرايو آهي . زماني جي سنگبار حالتن سان هم قدم ٿي هليو آهي .عشق سان دوستي رکي المين کي شڪست ڏيندو رهيو آهي . هُن جيترو ڪتابن جو مطالعو ڪيو آهي ايترو ئي انساني روين جو مشاهدو ڪيو آهي، چهرن کي پڙھيو آهي. مختلف لوڪ ڏاهپ رکندڙ پارکو ماڻھن سان ملاقاتون ڪري گمنام ڏات ڌڻين جي وقت جي دز ۾ لٽجي ويل ڏات کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.

ڀارو پنهنجي عمرکان وڌيڪ گهڻو لکيو آهي رڳو مقدار ئي نه پر معيار کي پڻ برقرار رکيو آهي . هُن ننڊ گهٽ ڪئي آهي، پڙهيو وڌيڪ آهي فضول ڪچهريون گهٽ ڪيون آهن ۽ لکيو وڌيڪ آهي. لکڻ ۽ پڙھڻ هن جي وجود سان ڳنڍيل ۽ رڳ رڳ ۾ رچيل رهيا آهن

ڀارو سان ڀائرن جهڙو تعلق ۽ دوستي جو سٻنڌ پراڻو رهيو آهي. چيلهار کي هميشه پنهنجو ٻيو گهر سمجهيو اٿم . لوڪ ادب خاص طور تي لوڪ شاعري جي شناسائي ڀارو سان تعلق جڙڻ کانپوءِ ئي ٿي آهي . ڀارو جتي به مليو آهي جڏھن به ملي آهي، هر ڪچهري ۾ هن لوڪ دوهن جي برسات وسائي آهي.

انهن ئي ڪچهرين ۾ ڪوي بانڪيداس جو نالو ٻُڌوسين ،شاعري به ٻُڌيسون .دل ۾ لهندڙ نازڪ نفيس پوپٽ _ پرن جهڙا خيال رُڃ ۾ رابيلن جيئن محسوس ٿيا. مور کيڙن جيان من رقص ڪيو.

ڪوي بانڪيداس جنهنجو ذڪر برِصغير جي ناليواري شاعر اياز به الائي ڇو نه ڪيو پر هن فقير تن ماڻهو پنهنجي ذوق ۽ عشق جي آڌار تي انهي باڪمال ڪوي کي منظرِعام تي آڻڻ لاءِ هڙان وڙان ڪوششون وٺي، ڪيترائي پراڻا ڪتاب هٿ ڪري ڪيترن ئي لوڪ ڏاهپ رکندڙ پارکو ماڻھن سان ملي ورهين جي جستجو کانپوءِ ھي لافاني شاعري هٿ ڪئي آهي ۽ وڏي محنت سان ترجمو ۽ ٺھڪندڙ تشريح ڪئي آهي . هن تاريخي ڪم جو اجورو ڀارو کي تاريخ ڏيندي .جنهن جو ڀارو حقدار آهي.

لوڪ شاعري بابت جڳ مشھور شاعر ٽي ايس ايليٽ جي راءِ آهي ته ” عوام جي شاعري پنهنجي زندگي ماڻھن جي گفتگو مان حاصل ڪري ٿي، هي شاعري شعور جو بلند درجو پيش ڪري ٿي ۽ پنهنجي زبردست قوت ۽ نازڪ احساس جي نمائندگي ڪري ٿي .“

ڪوي بانڪيداس ڪُل [28] ڪتاب تخليق ڪيا آهن. ‘همروٽ ڇتيسي’ انهن مان هڪ آهي، جيڪو تاريخي ڌرتي امرڪوٽ (عمرڪوٽ) جي سونهن ۽ سورهيائي جي گُڻن تي لکيل آھي.

بانڪيداس جي دوهن ۾ امراڻي جي انگور بدن نارين جي سونهن ساراھ سان گڏ اتي جي بانڪن ، بهادرن ۽ سخي سوڍن جي سورهيائي جو ذڪر پڻ آرٽسٽڪ انداز سان چٽيل آهي.

ايڪ ايڪ سون آگلا، راڻا امرڪوٽ،

پرگهٽ هوئا پرماروي، ماڻيگر من موٽ.

هُن جي دوهن ۾ امرڪوٽ/عمرڪوٽ جي ُحسن جي اهڙي ته دلڪش منظرنگاري ملي ٿي جو ان جسماني سونهن سان گڏ ثقافتي تهذيبي ۽ تاريخي حالتن، قدرن، اهڃاڻن ۽ خوبصورتين جي تصوير چِٽي ٿي پوي ٿي . انڊلٺي ويسن جو ذڪر، تاريخي لانٻي تلاءُ جو ذڪر ، پاڻيهارين جي گهونگهٽ جو ذڪر، پاڻي کي کير رنگ سان تشبيھه ڏيڻ اهي سڀ ترڪيبون ۽ تشبيهون هڪ آرٽ شناس، فطرت شناس، اتهاس آشناس تهذيبي قدرن جو قدردان هئڻ ظاهر ڪن ٿا ۽ شاعر کي شاعراڻي ادراڪ (poetic approach) جي اعلي مقام تي بيٺل ڏيکارين ٿا.

هي دوها ان دليل جو بي مثال مثال آهن:

گهونگهٽ کولوي نهين، ٻولوي پڪ ويڻ،

گج گت جاوي گوريان لانٻي سرجل ليڻ.

هي پدمڻيون سدائين گهونگهٽ ۾ رهن ٿيون. سندن ٻول ٻڌڻ لاءِ جرئت کپي، هي گوريون هاٿي چال سان لانٻي تان پاڻي ڀرڻ وڃن ٿيون، سندن قطار حسين منظرن مان هڪ آهي.

انهن شاندار پر وکريل دوهن کي سهيڙڻ جو ڪم گهڻو محنت طلب ۽ مشڪل هيو پر پياري ڀارو پنهنجي شاعرانه دل جي دڳ تي هلندي جذبي سان ڪري ڏيکاريو آهي . بانڪيداس جا هي جمالياتي رنگيني سان رچيل شعر سچ ته سيج تي ويٺل سهاڳڻ جي ڪجلين اکين جي نشيلي نهار جهڙا آهن. جنهن ۾ روحن جي ڪائنات مدهوش ٿي وڃي ٿي. پياري ڀارو جا هن کان اڳ ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن . هڪ ڪتاب لوڪ گيتن تي مشتمل آهي ۽ ٻيو سندس شاعري جو مجموعو آهي.

هي ڪتاب جيڪو ارڙهين صدي جي لازوال ڪوي بانڪيداس جي خوبصورت دوهن تي مشتمل آهي هڪ بهترين ڪتاب آهي جيڪو لوڪ ادب جي پارکوئن توڙي عام پاٺڪن وٽ مڃتا ماڻيندو ۽ پنهنجو مقام پيدا ڪندو.

ناشاد سمون

ڳوٺ مالسريو (ننگرپارڪر)



همروٽ ڇتيسيءَ کي سهيڙڻ وارو ڪم


همروٽ ڇتيسيءِ کي سهيڙڻ وارو ڪم، مون 21 جون 2004 تي پورو ڪري ڇڏيوهو،پرپوءِ منهنجي فقيري سڀاءَ جي ڪري هي قيمتي مواد ڇپجي نه سگهيو. جيتوڻيڪ منهنجي پياري دوست دليپ ڪوٺاريءَ جي وڏي ڪوشش رهي ته، ‘همروٽ ڇتيسي’ جلد ڇپجڻ گهرجي.

ان کان سواءِ مون ‘همروٽ ڇتيسيءَ’ کي پنهنجي ڪتاب ‘چتر ٻولي چارڻان’ ۾ گڏي ڇڏيو هو. منهنجي مهربان سائين تاج جويي، ڊاڪٽر عبدالعزيز، ناشاد سمي،ساگر خاصخيلي،شهاب نهڙي ۽ ٻين دوستن جو اسرار هو ته بانڪيداس جي ‘همروٽ ڇتيسيءَ’ کي چارڻن جي مواد ۾ گڏي پيش ڪرڻ سان، ان جي اهميت گهٽجي ويندي. ان ڪري ان کي ڌار ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ گهرجي.

2012ع ۾ هڪ ڏينهن ڪاوش دنيا مئگزين ۾ ڇپجڻ لاءِ ‘همروٽ ڇتيسيءَ’ کي دليپ ڪوٺاريءَ جي سهڪار سان ڌار ڪمپوز ڪرائي، انور ابڙي ڏانهن مواد موڪليو ته، انور ان کي انتهائي خوبصورتيءَ سان جاءِ ڏني.

ڪاوش مئگزين ۾ اهو مواد ڏسڻ سان ڪن جي اندر ۾ ارهائي جاڳي، ته ڪن قربن جا واهڙ وهائي ڇڏيا. سائين وليرام ولڀ ، مدد علي سنڌي، ڄام جمالي، محمد علي پٺاڻ، علي،حسن چانڊيي ، سائل پيرزادو، ڪلال، رسول بخش درس، محمد علي ٻانڀڻ، علي اڪبر هنڱورجي، علي اڪبر راهمي، پرتاب شيواڻي، جان محمد سمي، نصيرڪنڀر، حاحي محمد ڪنڀر، شنڪر باغي، گوبند راءِ چيلاڻي،مرتضيٰ راهمي، غازي نهڙي ۽ ٻين جي محبتن هانءُ هارڻ نه ڏنو. مون پنهنجي ڪرت لاءِ من کي تيار رکيو.مئگزين جي ڇپيل مواد ۾ ڪافي واڌارا ۽ سڌرا آنداآهن.

آءٌ دلي طور انور ابڙي، دليپ ڪوٺاري، سائين تاج جويي ۽ منگل سنگهه راٺوڙ جو ٿورائتو آهيان، جن ‘همروٽ ڇتيسيءَ’ کي سهيڙڻ، سنوارڻ ۽ شايع ڪرائڻ ۾ رهنمائي ڪئي آهي.

گل گوماڻي، شهاب نهڙي، ناشاد سمي، اياز رضوي، حاجي ساند، هوش محمد ساند، تولارام سوٽهڙ، ساگر خاصخيليءَ، ڊاڪٽر عبدالعزيز، ميرحسن آريسر، امر رائسنگهه راجپوت، خليل ڪنڀار، خالد ڪنڀار، اشرف پلي سميت ڪيترن دوستن جو ساٿ، ميڙا چونڊيءَ جي هن پنڌ ۾ مون لاءِ وڏي وٿ رهيو. منهنجي ڀاڻيجي اميت ڪمار لکڻ واري ٽيبل تي همروٽ ڇتيسي جي پکڙيل پنن کي سنڀالي رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

سنڌ جي نامور شاعر ليکڪ ۽ سياستدان سائين سردار علي شاهه سنڌ ثقافت ، سياحت ۽ نواردت کاتي جي وزارت سنڀالڻ سان ئي ٿر جي دوري دوران اعلان ڪيو ته ڀارو جو لوڪ ادب تي ڪيل ڪم سنڌ ثقافت کاتي پاران ڇپرايو ويندو. پوءِ سائين پنهنجي اعلان تحت مسلسل پوئواري ڪئي ته ڪڏهن ٿو آئون ڪتابن جا مسودا جمع ڪرايان. سچ اهو آهي ته سائين سردارعلي شاهه جي اها سرپرستي مون جهڙي فقير من ۽ تن واري ماڻهو جي لاءِ اعزاز آهي. آئون فقيري سڀاءِ ۾ روح جي رامڪلي جي راهه تي پنهنجي من جي موج سان هلڻ وارو ماڻهو آهيان.انهي جي ڪري هن ڪتاب جي ڇپجڻ ۾ جيتري دير ٿي آهي، اها منهنجي طرفان ٿي آهي. دير جي لاءِ معافي.

سائين سردارعلي شاهه جو ڳوٺ ‘کاروڙو سيد’ عمرڪوٽ کان سڏ پنڌ جي فا صلي تي آهي. ڪوي بانڪيداس جي عزيز چارڻن جو ڳوٺ ‘کاروڙو چارڻ’، ‘کاروڙي سيد’ جي بلڪل ڀرسان آهي. سائين سردار علي شاهه چارڻن جي ڳوٺاڻي ۽ هڪ سگهاري شاعر حيثيت ۾ ڄاڻي ٿو ته، امرڪوٽ جي پسمنظر ۾ ڪوي بانڪيداس هي ڇٽيهه دوها ڪهڙي ڪيفيت ۾ رچيا آهن.

خالد آزاد وگهيو، ايوب گل، ۽ منور هاليپوٽو منهنجا پيارا آهن. ملير جي مهڪ منهنجي من ۾ سدائين سمايل رهيا آهن.آئون مهڪي هن ڪتاب کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو سان مون سڪ کي ساز ممحبت جي ديوتا روزانو نئون اتساهه ڏئي مون کي ٿڪجڻ مور نه ڏنو. شل عمر ڀر محبت ۽ دوستيءَ جو مينهن ائين ئي مون تي وسندو رهي.

آءٌ لوڪ ادب لاءِ پورهئي جي پنڌ ۾، ڪٿي ٿڪ ۽ پيڙا محسوس نه ڪريان!

ڪوي بانڪيداس چيو آهي ته:

نه مڙوا ڀلو نه بڇڙوا ڀلو، تج[1] دونو ڪو سنگ،

بڇڙتي مئي مڇلي، ملتي مريو پتنگ.

(نه ملڻ ڀلو آهي نه وڇڙڻ، ٻنهي حالتن سان تعلق کي ڇڏي ڏي، وڇڙڻ سان مڇي مري ويندي آهي،شمع سان ملندي پتنگ پساهه پورو ٿي وڃي ٿو.)

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ

چيلهار، ٿرپارڪر

17 جولاءِ 2017ع

[1] تج؛ ڇڏ



ڪَوِي بانڪِيداس ۽ همروٽ ڇتيسي


عظيم ڪلاسڪ جو درجو رکندڙ ‘همروٽ ڇتِيسِيءَ’ (امرڪوٽ بابت ڇٽيهن دوهن) جو سِرڄڻهار، ڪوِي بانڪِيداس، پنهنجي دور جو عالم ۽ نامور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس جنم جي تاريخ بابت اختلاف ملن ٿا. باغ علي شوق، پنهنجي ڪتاب ‘راجستاني زبان و ادب’ ۾ بانڪيداس جو جنم هنڌ ‘ڀاريه واس’ ۽ جنم سال 1779ع ڄاڻايو آهي، جڏهن ته هندي تاريخدانَ سندس جنم ڀومي ‘ڀانڏيا واس’ ۽ جنم سال 1771ع لکن ٿا.

بانڪيداس جي پيءُ جو نالو فتح سنگهه هو. چارڻن جي ‘آسيه’ نُک سان تعلق رکندڙ بانڪيداس، پنهنجي ابتدائي تعليم توڙي ٻوليءَ، تاريخ ۽ فنون لطيفه جي ٻين شعبن جي سکيا جوڌپور ۾ ورتي. ٿورن ئي ڏينهن اندر سندس ڏات ۽ ڏانءُ جي هاڪ هنڌين ماڳين عام ٿي وئي ۽ هو پنهنجي منفرد موضوع ۽ مخصوص اظهار بيان جي ڪري، پوري ريگستان جو مستند شاعر بڻجي ويو.

بانڪيداس جي اُڀار ۾ رائپور جي ٺاڪر، ارجن سنگهه جو وڏو هٿ هو. راجا مانسنگهه کيس ‘لاک پساهه’ جي ڀيٽا ڏئي، پنهنجيءَ درٻار ۾ شامل ڪيو ۽ کيس ٻه ڳوٺ جاگير طور ڏنا، راجا خود به پنهنجي ڪوتا جي اصلاح کانئس ڪرائيندو هو، مانسنگهه جي حڪومت ۾ بانڪيداس وڏي عهدي تي رهيو، کيس سرڪاري ڪاغذن تي مهرن هڻڻ جو ڪم سونپيل هو. بانڪيداس، فارسي عروض، سنسڪرتي ڇند وديا (پنگل) ۽ راجستاني ڪوتا جي وزن (ڊنگل) تي عبور رکندو هو. ساڳئي وقت ٿر جو ڍاٽڪي لهجو به سندس شاعريءَ مان ليئاڪا پائيندو رهيو. هن جي شاعريءَ ۾ فارسيءَ جا لفظ پڻ ملن ٿا.

پروفيسر ‘شڪتيڏان’ پنهنجي ڪتاب ‘رنگ ڀني’ ۾ لکي ٿو ته “هو ڊنگل جو وڏو ڪوي هو”. پونم چند وشنوئيءَ ڄاڻايو آهي ته، “بانڪيداس ڏنگل(ڊنگل)، برج ڀاشا، سنسڪرت ڪاويه شاشتر ۽ وياڪرڻ (گرامر) جو وڏو ڄاڻو هو. علمن جي مهارت ۾ پدماڪر[1] کان به گوءِ کڻي ويو هو.”

بانڪيداس پنهنجي هڪ دوهي ۾ ‘ڊنگل ۽ پنگل’ [راجستاني ڇند ۽ سنسڪرت ڇند] جو ذڪر ڪندي چيوآهي ته:

ڊنگليان مليان ڪري، پنگل تڻون پرڪاس،

سنڪرتي هووي ڪپٽ سهج پنگل پڙهيان پاس.

اردو ادب جي نامياري ليکڪ باغ علي شوق ‘راجستاني زبان و ادب’ ۾ لکيو آهي ته بانڪيداس تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو، هڪ دفعي هڪ ايراني عالم راجا مانسنگهه وٽ آيو ۽ چيائين ته مون کي اهڙي ماڻهوءَ سان ملايو، جيڪو ننڍي کنڊ جي تاريخ جو ڄاڻو هجي، راجا مانسنگهه کيس بانڪيداس سان ملايو. بانڪيداس، ننڍي کنڊ جي تاريخ سان گڏ کيس ايران جي تاريخ سان به ايترو روشناس ڪرايو، جو هو دنگ رهجي ويو ۽ ويندي مهل چيائين ته “مون اهڙو شاعر، فاضل ۽ تاريخ جو ڄاڻو ٻيو ڪو ناهي ڏٺو.”

[1] پدماڪر، ننڍي کنڊ ۾ ڀڳتي تحريڪ جي جهڪائيءَ کان پوءِ هندي ۾ شروع ٿيندڙ ‘ريتي ڪال’ تحريڪ جو اهم شاعر ۽ عالم هو، هن ريتي ڪال جي رواج موجب ناريءَ جي پيار کي اهميت ڏئي عشق جي مستيءَ جا لاجواب گيت لکيا آهن. پدماڪر ڪوي بانڪيداس جو همعصر هو. هن 1753 ۾ جنم ورتو. 1833ع ۾ وفات ڪئي. ريتي شاشتر جي عالم پدماڪر جي خاندان کي ‘ڪويشور’ چيو ويندو هو. پدماڪر کي ٻولي ۽ شاعري جي علم تي وڏي مهارت هوندي هئي.



ڪوي بانڪيداس جو خانداني شجرو


نوٽ : شجري جي تصوير ڏسڻ لاءِ پي.ڊي.ايف فائل ڏِسو

بانڪيداس جي وفات تي نه رڳو ريگستان ۾ سوڳ ڪيو ويو هو، پر ريگستان جي ڀروارن رڄواڙن ۾ به ڏک جو تڏو وڇايو ويو. راجا مانسنگهه سندس وڇوڙي تي هيٺيان ورلاپ سرجيا:

سڌ وڌا ٻهون ساج، بانڪي ٿي بنڪا وسُون،

ڪر سُوڌي ڪوَيراج، آج ڪٿي گيو آسيه.

( مون کان سڀ ڪم ڪار وسري ويا آهن. بانڪي تو ريءَ من ملول ٿي پيو آهي. منهنجا سڀ ڪاڄ سڌارڻ وارا اي آسيه نک جا ڪويراج! تون ڪيڏانهن هليو ويو آهين؟)

وڌا ڪُڙ وکيات، راج هر ريس ري،

بانڪا تو ون بات، ڪِڻ اگڙ من ري ڪهان.

(هيءَ ڪلتار جي ڪرڻي آهي، پر تون راڄ جي هر قبيلي کي وڇوڙو ڏئي ويو آهين، ريگستان جو هر گهر ائين ٿو سمجهي ته هن جي گهر جو لاڏلو ڀاتي وڇڙي ويو آهي، اي بانڪا! تو کان سواءِ آءٌ من جي ڳالهه ڪنهن سان ڪريان.)

ڊاڪٽر هيرالال مهيشوريءَ، پنهنجي ڪتاب ‘هسٽري آف راجسٿاني لٽريچر’ ۾ ريگستاني ادب کي چئن دورن ۾ ورهايو آهي،جنهن موجب: بانڪيداس ٽئين دور جو اهم شاعر، اديب ۽ عالم هو. بانڪيداس 28 ڪتاب لکيا هئا، جن مان ڪجهه هي آهن:(1) ‘همروٽ ڇتيسي’، (2) گج لڪشمي، (3) ماوڙيا مجاج، (4) وير ونود، (5) بي سڪ وارتا، (6) سُر ڇتيسي، (7) ڪروپڻ درپڻ، (8) گيت هنومان جي را، (9) گرنٿ، (10) انيوڪتي پنچاسڪا، (11) ڇگالا مکا چپيتڪا، (12) ويسيا وارتا، (13) ودر ٻتيسي، (14) دوها آسياجي مهاراج ديوناٿ را، (15) جهمال ٺاڪرروپن سنگهه را، (16) ڌوڙا پچيسي، (17) نيتي منجري، (18) گنگا لهري، (19) موهامردانا، (20) ڪيار ٻاوڻي، (21) سنتوش ٻاوڻي وغيره.

بانڪيداس جي تاريخي پورهئي کي پروفيسر اين.ڊي سواميءَ 1996ع ۾ “بانڪيداس ري کيات”[1] جي نالي سان سهيڙيو، اهڙيءَ ريت ‘بانڪيداس ڪي باتان’ نالي سان 200 چونڊ ڪهاڻيون، راجستانيءَ ۾ شايع ڪيون ويون آهن. ريگستاني نقادن موجب بانڪيداس، 1803ع ۾ ڪوتا چوڻ شروع ڪئي ۽ 1833ع تائين ڪوتا چوندو رهيو.

سنڌ جي مشهور صوفي شاعر روحل فقير جي تخليق ‘آگم وارتا’، جوڌپور جي‘گلاب ساگر محل’ ۾ هڪ مهينو ست ڏينهن روحل فقير ۽ راجا مانسنگهه جي ڏاڏي راجا وجئه سنگهه جي وچ ۾ ٿيل سوالن ۽ جوابن جو منظوم روپ آهي. روحل فقير‘آگم وارتا’ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن عمرڪوٽ ڏانهن سنڀريو هو، تڏهن راجا جون اکيون اوهيرا ڪري وهيون هيون. هن ڪويءَ جي اڳيان تحفن جو ڍيرلڳائي ڇڏيو هو، پرفقير منش روحل فقيرانهن سوکڙين ڏانهن مڙي به نه ڏٺوهو. راجا بالوتري جي ماڳ تائين روحل فقير کان موڪلائڻ لاءِ گڏ سفر ڪري آيو هو. راٺوڙڪي رهاڻ ۾ روحل جي ‘آگم وارتا’ جي ڪوتا سان گڏ ‘من پرٻوڌ’، ‘نج مول گرنٿ’ جا دوها ۽ ڇند گونجندا هئا ته ٻڌندڙن جي اندر ۾ انوکي تڙپ پيدا ٿي پوندي هئي. من جي مانسروور مان هنج اڏري ڪنڊڙيءَ جي ڌرتيءَ تي اچي پک پکيڙيندا هئا.روحل فقيرچوي ٿو ته ؛

سيلي سنگي ست ساٿي،هم پرگهٽ آئي،

پونم تٿ سوموارآئي گهر شاهو ڪي پائي

(مون حق ۽ سچ جي ساٿ سان شاهوءَ جي گهر سومر ڏينهن، پونم تٿ تي جنم ورتو.)

جيون بجلي ڪا پرڪاش هُوا، چوڏس هُوا اجياس،

جس پل ۾ هم آئيو، کولي پايو نواس.

(منهنجي جنم سان ڄڻ وڄ وراڪو ٿيو،چئني طرف روشني ڦهلجي ويئي.)

ڪرماڪي من وس پڙيو، نانارس ڪي ڀوگ،

سُد ٻُڌ ڀُول گئي، دن دن اُپجي روگ.

(جنهن جو من دنياوي ڪمن ۾ الجهي پيو، نفس جي لذتن جو جنهن مزو ورتو، ان کي انسان جي زندگيءَ جي اصل حقيقت وسري وئي، ۽ هن سنسار جي ڄار ۾ ڏينهون ڏينهن سُور پرايا.)

لک ويد پران انيڪ پڙهي، ست سنگ بنا رنگ لاگي ناهين،

سو محب ڪا مک نه ديک سڪي، جو دوئي کي نيند سي جاگي ناهين،

نال يار وصال نه ٿيوي جو، موه ڪي روگ ڪو تياگي ناهين،

روحل عشق ميدان محبت، سو رهيه سو مُڙ ڀاگي ناهين.

(ويد پراڻ جا لکين ڪتاب پڙهي، پر جيستائين نيڪ انسانن جي محفل ۾ نٿو ويهي، تيستائين رنگ ۾ رچي نٿو سگهي.

محبوب جو مک تيستائين ڏسي نٿو سگهي، جيستائين هو دوئيءَ جي ننڊ مان جاڳي نٿو. هن کي يارجو وصال ايستائين ملي نٿو سگهي، جيستائين هو لوڀ، لالچ کي تياڳي نٿو. روحل عشق جي ميدان ۾ اهو ئي رهيو آهي، جيڪو پوئتي نهاري ڀڳو نه آهي.)

نامياري ليکڪ لطف الله بدويءَ پنهنجي ڪتاب ‘ڪنڊڙي وارن جو ڪلام’ ۾ لکيو آهي ته “روايت آهي ته 1804ع ۾ روحل فقير هن فاني دنيا مان موڪلايو.” بانڪيداس روحل فقير جي موڪلاڻيءَ کان هڪ سال اڳ ۾ پنهنجو شاعراڻو سفر شروع ڪري چڪو هو.

سنڌ ۾ روحل فقيرجي پٽن شاهو فقير،غلام علي فقير سان گڏ خليفو نبي بخش قاسم،نانڪ يوسف،صوفي دلپت ۽ صدرالدين چارڻ، بانڪيداس جا همعصرهئا. سامي، سچل سرمست ۽ صوفي صادق فقير جي عروج جو زمانو هو. سامي، ويدن جي واڻي ‘سنڌيءَ’ ۾ سڻائي رهيو هو، سچل سرمست ۽ صوفي صادق فقير پنهنجي دورجي قصن، ڪهاڻين، المين، اداسين،۽ تلخين سان گڏ تصوف جا نقطابيان ڪري هئا.سچل سرمست وٽ نامور اديب تاج جويي جي لفظن ۾ جمال کان وڌيڪ جلال هو. هو جلالي ڪيفيت ۾ چوندو رهيو ته:

ڪو ڪيئن چوي ڪيئن چوي! جو ئي آهيان، سوئي آهان،

ڪو پنٿ چوي، ڪو سنت چوي، ڪو باغ بهار بسنت چوي،

ڪو ميراثي ڪلونت چوي، جوئي آهيان، سوئي آهيان.

ڪو صورت ۾ انسان چوي، ڪو شر ڀريو شيطان چوي،

ڪو مشرڪ،ڪو ملحد چوي جو ئي آهيان، سوئي آهيان.

ڪو مست ڪوئي سرمست چوي،ڪو راه تي دين درست چوي،

ڪو عاشق روز الست چوي، جو ئي آهيان، سوئي آهيان.

ڪو رنگي ڪو بيرنگ چوي، ڪو مستو مست ملنگ چوي،

ڪو ننگي ڪو بي ننگ چوي، جو ئي آهيان، سوئي آهيان.

ڪو شڪ چوي، ناحق چوي، ڪو بات اها برحق چوي،

مون کي مرشد عبدالحق چوي، جوئي آهيان، سوئي آهيان.

ڪو خاص چوي، ڪو عام چوي،ڪو پختو چئي، ڪو خام چوي،

ڪو سُچو، سچو نام چوي، جو ئي آهيان،سوئي آهيان.

بانڪيداس کان اڳ ۾ چارڻ قبيلي مان سمنگ چارڻ، سومرا دور جو وڏو شاعر هو. هن ‘ڏهه ڏاتار ۽ ست سورما’ متعارف ڪرايا هئا، جيڪي جاڙيجا ۽ سما راجپوت هئا.وقت جي ستم ظريفي اها آهي ته سمنگ چارڻ جي فن، فڪر ۽ زندگيءَ تي تمام گهٽ ڪم ٿي سگهيو آهي.

اردو ٻولي جي نامياري اديب سردار جعفريءَ پنهنجي ڪتاب ‘ڪبير باني’ جي مهاڳ[2] ۾ لکيو آهي ته “پراڻن تاريخ نويسن کي شايد اها سڌ نه هئي ته تاريخ رڳو مخصوص واقعن جي لکت نه، پر سماجي ۽ معاشي رشتن جي تبديلي جو داستان به آهي ۽ فڪروشعور جو سفر به آهي.”

اهڙيءَ ريت بانڪيداس، فڪر ۽ شعور جي سفر جو منفرد شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ سونهن،سچ،سورهيائي خاص موضوع رهيا آهن. بانڪيداس وٽ ‘شينهن’ سورهيائيءَ جو اهڃاڻ آهي، جنهن کي هُن ڪيترن ئي نالن سان پنهنجي دوهن ۾ ڳايو آهي. ان سواءِ هن ‘ڌوڙ پچيسي’ نالي ڪتاب ۾ ‘ٻڙڌ’ (ڍڳي)کي پڻ بهادريءَ ۽ طاقت جي علامت بڻائي، لازوال شعر سرجيا آهن، انهيءَ ساڳيءَ ڪيفيت ۾ مزاحمتي دوهن جي اُڻت ڪندي، ‘ڪاري نانگ’ کي به سورهيائيءَ جي آدرش ۾ آڻي بيهاري ٿو، ان ڏس ۾ سندس ڪجهه مشهور دوها درج ڪجن ٿا:

امبر ري انگراج سُون، ڪيهر کيج ڪرنت،

هاڪ ڌرا اُپر هوئي، ڪم سهي ٻلونت

(آڪاش جي روپ سروپ جي کينچل به ڪيهر کان برداشت نه ٿيندي آهي، ڪارن ڪڪرن جي گجگوڙ کي هي جهنگل جو بادشاه پنهنجي لاءِ للڪار سمجهندو آهي.)

واگهه ڪري نهين ڪوٽ ون، واگهه ڪري نهين واڙ،

واگهان ري وڌ واوَسين، جهلي اگن جي جهاڙ.

(شينهن پنهنجي وجود جي بچاءَ لاءِ بن ۾ ڪو قلعو ۽ ڪوٽ نه جوڙائيندا آهن، نه وري ڪو ڪنڊيدار لوڙهو ڏياريندا آهن. شينهن جي واڌويجهه بن جي رکوالي ٿي پوندي آهي، ڪنهن کي مجال آهي، جو شينهن جي رهائش/ بن ڏانهن پير وڌائي، انهيءَ بن ۾ وڻ ۽ ٻوٽا آزاديءَ سان گل ڦل ۽ پن جهلندا آهن.)

مينگڙ اٿي آوَ مت، واگهان ڪيري واٽ،

آپ انگوٺان ميلهجان، ڪد يڪ هُسي اگهاٽ،

(ڪير به خوش ٿي شينهن واري واٽ تي نه هلي، ڪنهن کي به هن چنبي جو رڳو آڱوٺو ڏيکاريو ته اُن جي وجود جي رڦڻي نه جهلبي.)

سانوڻ جڙ هڙ گاج سُڻ، کيجي ارڌر کار،

جڳ سون اُلٽا جاڻڻا، واگها تڻا ويچار.

( شينهن ڪنهن به ريت روايت جا پابند نه هوندا آهن، سندن سوچ جڳ کان اُلٽي هوندي آهي، هو ڪنهن جو ذرو به تاب نه سهندا آهن. هو سانوڻ جي گجگوڙ تي به خار کائيندا آهن.)

چمرڌُهڙي نهين شينهن سر چتر نه ڌاري سهس،

هاٿڙ ري ٻڙ سُون هوئا، او مرگ راج آٻيهس.

(شينهن پنهنجي جسم تي نه رنگين پوشاڪ پائينداآهن، نه وري سر تي تاج وغيره هوندو اٿن. بچاءَ لاءِ نه وٽن ڪا ڍال آهي، نه وري ڪو چمڙي جو ٽڪر، هو پنهجي چنبي جي طاقت سان سمورن تي دٻدٻو ويهاريندو آهي.)

ناهر جوگا جس نهين، اي گج وهتا ايک،

سرسرڪمڙ سگنڌ ري، ڀمر نه مانگي بيک.

(هاٿي کڻي ڪيڏو به هاٺيءَ ۾ وڏو آهي، پر شينهن جي ڀيٽ ۾ واکاڻ جوڳو نه آهي، شينهن کي ساراهه جي پرواهه نه آهي، پر هُن جي مستيءَ جي ماڻهو بي اختيار واکاڻ ڪندا آهن. ڀونئرن ڪڏهن به سرهاڻ جي خيرات نه گهري آهي،گلن جو وجود کين پاڻهي ڇڪي ايندو آهي.)

ڪاٻاڙي نت ڪاٽتا، جيڪ ڏي ڪهاڙا جهاڙ،

هووي ناهر واسڻ هُوئي، ون قدرت ري واڙ،

( ڪاٺير روزانو جنهن بن ۾ بي ڊپو ٿي ڪهاڙن جي ڌڪن سان وڻ ڪيرائيندو هو، انهيءَ بن ۾ جڏهن کان شينهن اچي ديرو ڄمايو آهي، تڏهن کان ڪاٺير جا انهيءَ ڏس پير به نٿا وڌن، جهنگل کي فطرت جي واڙ اچي وئي آهي.)

گهال گهٽا گهر پاتلا، آيو ٿو مَ آپ،

سوتو ناهر نيند سُک، پهرو ڏي پرتاپ،

(شينهن گهڻن گهرن جي صفائي ڪري اچي ابدي ننڍ ستو آهي، پر هُن جي اهڙي ڌاڪ آهي، جو اڃا ڪو ويجهو نٿو اچي، سندس دٻدٻو اڃا پهرو ڏئي رهيو آهي.)

سوٿو ناهر نيند سک، سودولو ٻلونت،

وڻ ڪانٺي مارگ بهي، پگ پگ هول پرنت،

(شينهن پنهنجو شڪار ڪري اچي سک جي ننڊ ستو آهي، پر سندس دهشت ۽ داٻو اهڙو آهي، جو ان علائقي ۾ واٽ جي وڻ جي واڄي، ۽ پيرن جي آهٽ تي چڱن ڀلن کان ڇرڪ نڪريو وڃي.)

نر ڪانئر آڻي نهين، لوڻ لهاج لگار،

ڌوڙي ڏن ڇوڙي ڌڻي، آڻي ملي اَڻ بار

(ڪانئر ڪڏهن به نمڪ حلال نه ٿيندو آهي، هُن ۾ ڪڏهن به غيرت جاڳندي نه آهي، هو پنهنجي وجود بچائڻ لاءِ چِٽي ڏينهن مالڪ کي ڇڏي، دشمن سان وڃي ملندو آهي.)

باوَر جيوُن سورڌنش بڻ، تلڪ بڻان دُج پوت،

بنو نه سوڀي مور بڻ، گهاوَ بڻان رجپوت،

(انڊلٺ بنا ميگهه رُت جي، تلڪ بنا برهمڻ جي پٽ جي، موڙ بنا گهوٽ جي، ننهن بنا سس لاءِ گهر جي خوبصورتي اڌوري آهي، تيئن گهاون بنا راجپوت جي سونهن اڻپوري آهي.)

شينهان ديس وديس سم، شينهان ڪيسا وطن،

شينهان جڪي ون سنچري، سو شينهان ون،

(شينهن لاءِ ديس پرديس ساڳيا آهن، هو جنهن به جهنگل ۾ رهندا آهن، سو سندن جهنگل هوندو آهي.)

شينهان وپت نه سم پوي، ٺالي جائي نه ٺاڙ،

هاٿڙ سُون پل هيڪ ۾، شينهان هوئي سُڪاڙ.

(شينهن جي جهڙپ جي سُڌ نه پوندي آهي، سندن هڪ وک به اجائي نه ويندي آهي. هو چنبي سان هڪ پل ۾ کاڌي جو ڍير ڪري ڇڏيندا آهن ۽ سندن لاءِ سُڪار ٿي پوندو آهي.)

ڪيهر ڪنڀ وڌاريو، گج موتي کريان،

جاڻو ڪاڙا جڙد سُون، اولا اوسريان،

(شينهن پنهنجي سگهه سان هاٿيءَ جي سونڊ رتورت ڪري ڇڏي آهي، هاٿي جا ڏند ٽمي رهيا آهن، ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ ڪارن بادلن مان کنوڻ بکي رهي آهي.)

سُور نه پُوڇي ٽپڻو، سگن نه ڏيکي سُور،

مرڻ نو منگل گُڻي، سمر چڙهي مُک نور،

(سورهيه نه ٽپڻو پڇندو آهي، نه ڪو سنؤڻ ساٺ ڏسندو آهي. رڻ ۾ ويرگتيءَ کي هو راحت سمجهي ٿو، جنهن جو تصور اچڻ سان هن جو چهرو چمڪي ٿو پوي.) [3]

ڪرپڻ جتن ڌن رو ڪري، ڪانئر جي جتن،

سور جتن آڻ رو ڪري، جڻ رو کاڌو ان.

(ڪنجوس سدائين دولت جو خيال رکندو آهي، ڪانئر سدائين پنهنجي وجود جي جتن ۾ هوندو آهي، پر سورهيه کي سدائين الڪو هوندو آهي ته جن جو هن اناج کاڌو آهي، تن جي ڪڏهن نمڪ حرامي نه ٿئي، انهي ڀرم لاءِ پنهنجي سر جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار رهندو آهي.)

سکي اميڻو صاحبو، نر ڀئي ڪاڙو نانگ،

سر راکي مڻ سيام ڌر ۾، ريجهي سنڌو راگ.

(سکي! منهنجو صاحب بي ڊپي ڪاري نانگ وانگر آهي، پنهنجو سر اوندهي ڌرتيءَ تي مڻ جيان رکي، مٺي راڳ تي ريجهي پوندو آهي.)

سکي اميڻا ڪنٿ ري، پوري هئه پرتيت،

ڪه جاسي سُرڌرا نگري، ڪه آسي رڻ جيت،

(سکي! مون کي پنهنجي ڪانڌ جي پوريءَ ريت پڪ آهي، جنهن تي آءٌ فخر ڪريان ٿي ته رڻ ڀوميءَ ۾ هو جيتي ايندو يا ويرگتي پائيندو .)

ڪا پُرسان فٽ ڪانئران، جيوڻ لالچ جيان،

اُر ديکي ارڻان ۾، توڻ مُک مانجهل پيان.

(رڻ ڀومي ۾ ڪانئرن کي جيئڻ جي لالچ آهي، تن کي معمولي زخم به پڇتاءُ ڏئي رهياآهن، پر سندن وچ ۾ منهنجا محبوب! ويرن سان وڙهندي به تنهنجي مٺڙي مُنهن تي مرڪ آهي.)

ڪنڌ نه ڦيري ڌُر وهي، ڌوڙا ايهي ڌرم،

راگهو جيان ري راکي، سيگان تڻي شرم.

(ڌوڙو ٻڙڌ (ڍڳو) ڪنهن خوف کان سواءِ سڌو پنهنجي رستي تي هلي رهيو آهي ڪنڌ به ڦيري نٿو. بي ڊپائي هن جو ڌرم آهي. مالڪ سندس سڱن ۾ ڪيڏو شرم ۽ حياءُ رکيو آهي.)

ڪڙيا گاڏا ڪاڍتو، ڏي ڪانڌو وڙ دؤر،

هؤي ڌوڙو ٻوڍو هويو، جگ پت سون ڪي جور.

(هي ڌوڙو ٻڙڌ ڪيڏا وڏا گاڏا پنهنجي ڪنڌ جي زور سان ڇڪيندو ويندو هو، هاڻي ته ويچارو اچي پوڙهو ٿيو آهي. اهڙا ڏينهن ڏسڻ جڳ جي ريت آهي، ان تي ڇا ٿو ڪري سگهجي.)

بانڪيداس جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي اتهاس جو پڙاڏو ۽ فطري حُسناڪيءَ جامنظر ملن ٿا. پروفيسر شڪتي ڏان، پنهنجي مشهور تحقيقي ڪتاب ‘سوڍائڻ’ ۾ سنڌ جي سمن حڪمرانن بابت بانڪيداس جا ٻه دوها ڏنا آهن:

ماءِ ايسا پوت جڻ، جيها انڙ جام،

ڏيڌي سات سنڌ ام، جِمِ ڏيجي اِڪ گام.[4]

(اُها ماءُ شل مُرڪي جنهن انڙ ڄام کي ڄڻيو آهي. هر ماءُ جي گود ۾ اهڙو گل ڪٿي؟ انڙڄام سپت سنڌوءَ جو راج (سانٻل چارڻ) کي ائين ڏئي ڇڏيو، جيئن هڪ ڳوٺ ڏبو آهي.)

لاکاپري سات پيڙهيان، ڄام انڙ هويو،

ڄام انڙ پري اگياره پڙهيان، هيم هيڙائو هويو.[5]

(لاکي کان ست پيڙهي اڳ ڄام انڙ ٿيو ۽ ڄام انڙ کان يارنهن پيڙهيون اڳ ۾ هيم هيڙائو نالي سمو ٿيو).

بانڪيداس جا حب الوطنيءَ جي عظيم ڪردار مارئيءَ متعلق به دوها ملن ٿا، هتي هڪ دوهو ڏجي ٿو، جنهن ۾ مارئيءَ جو جنم هنڌ ‘ڀالوا’ ڏيکاريل آهي:

موتيان اُجلي مارئي، سورج ڀرنت ساک

ڀوپت روپ ڀالواڻي، جيها جڙنت نه لاک![6]

(مارئي موتين کان به اُجري آهي، جنهن جي سونهن جي سورج پڻ شاهدي ڏي ٿو، ڀالواجي هن سندر روپ جهڙو لکن ۾ به هڪ نه هوندو).

ڪجهه روايتون آهن ته ٿر جي ٻن لوڪ داستانن “سانچي” ۽ “مانڌل سونڌري” بابت ملندڙ شاعري بانڪيداس جي آهي، پر انهيءَ بابت اڃا تحقيق جي ضرورت آهي. ‘سانچي’ جي قصي بابت پنج دوها هن وقت تائين ملي سگهيا آهن. ٽي سانچي جي واتان ۽ هڪ هن جي پيءُ سُڄاڻي ۽ هڪ مڙس جي ڪردار کان چورايل آهي. سانچي جو قصو لوڪ روايتن ۾ هن ريت ملي ٿو ته “سانچي ڍاٽ جي هڪ شاهوڪار سيٺ سُڄاڻي جي حسين ڌيءَ هئي، سُڄاڻي پنهنجي ڌيءَ عمرڪوٽ جي اوسواڙي کي پرڻائي ڏني هئي. وقت جي راجا جو عمرڪوٽ ۾ هڪ صوبيدار مقرر ڪيل هو، عمرڪوٽ جي صوبيدار جڏهن سانچيءَ کي ڏٺو ته مٿس موهت ٿي پيو، پرسانچيءَ پنهنجو ست قائم رکيو، وقت جي وڏي ماڻهوءَ کي ڪا هڙ حاصل نه ٿي.”

سانچيءَ جي واتان:

واڙ ڏيجي کيترني، واڙ کيترني جي کاءِ،

اَمِ راجا رنڊي رعيت ني،تو ڪوڪ ڪڻ لگ جاءِ !

(ٻنيءَ کي (ٿر ۾) حفاظت لاءِ ڪنڊن جو لوڙهو ڏبو آهي. پر اها واڙ، ٻني کائڻ شروع ڪري ته ان جي رکوالي ڪير ڪندو؟ اهڙيءَ ريت راجا عوام جو رکوالو آهي، چوڪيدار چور ٿئي ته پوءِ ان جي دانهن ڪنهن کي ڏِجي!)

رُت آوي بن موريا کليا ڪيتڪِي گُل

پنٿيا باڀل ني اَم ڪيهجو، ڀمرو نه پسي گُل،

(بسنت جي رُت اچڻ سان جهر جهنگ ڦٽي پيا آهن، گلن جي سڳنڌ تي ڀؤنر ڀنڀوليا پيا اچن. اي مسافر! منهنجي بابل کي چئجان اهڙي رُت ۾ منهنجو ڀؤنر مون کان ريسارو آهي. هُن جي لاءِ ڄڻ ڦل ٽڙيا ئِي نه آهن.)

ڪيهر مُڇ، ڀوئينگ مڻ، سرڻاگت سُوران،

ڪرپڻ ڌن ستي پنور هاٿ ڏيوڻ ڏي مُوئان.

(شينهن پنهنجي مُڇ تي، واسينگ نانگ پنهنجي مڻ تي جيئري ڪنهن کي هٿ لائڻ نه ڏيندا آهن. سُوروير (بهادر) پيش پوڻ (سر جُهڪائڻ) جو ڪڏهن سوچي نٿو سگهي. اهڙيءَ ريت ڪنجوس (موذي) پنهنجي ملڪيت ۽ سيل سانڍيندڙ ناري پنهنجي ڇاتيءَ تي مرڻ تائين غير کي هٿ لائڻ نه ڏيندا آهن.)

سُڄاڻيءَ جي واتان:

مين ڏيوي سروري، پاڻي پيئڻ ري ڪج،

هنسي چونچ نه ٻوڙي، جي رو اُتر ڏيجو اڄ،

(تلاءَ پاڻي پيئڻ لاءِ هوندا آهن، پيئر پنهنجون ڌيئرون ‘ڪنيادان’ ڪندا آهن، پر اي هنس! تون تلاءُ مان هڪ چهنب به نه ٿو ڀرين، ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟ انهي راز جي ڳنڍ کولي ٻُڌاءِ.)

مڙس جي واتان:

جس مارگيئي ڪيهر آويو، رجي لگي تڻي،

اوکـڙ اوڀـا سُـڪين، نا چُوگين هرڻي.

(جنهن رستي تان شينهن گذريو هجي، ان جي پيرن جا نشان تازا هُجن، ان رستي تان هرڻ کي گذرڻ جي همت ڪيئن ٿيندي، اُهي رستا سنسان رهندا آهن، سيم جو گاهه سُڪي ويندو آهي، پر هرڻ کائي نه سگهندا آهن.)

‘مانڌل ۽ سونڌري’ جي ڪهاڻي ٿر جو نيم تاريخي عشقيه داستان آهي. هن داستان جا دوها ڏاڍا دلچسپ آهن، ۽ ٿر ۾ مچ ڪچهرين ۾ ڳايا ويندا آهن. ڪجهه دوها هتي ڏجن ٿا:

هاڙيان هڙ ڇوڙو، ٻيسو جيمڻ ڀات،

ايڪ ناجيمي سونڌرو، ڪي من ۾ بات

(هاريو! هر ڇڏي اچو ته ڀت کائڻ لاءِ ويهون، هڪ سونڌرو نٿو کائي، خبر نه آهي ته سندس من ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي.)

اُتر ڏس اوڻ ڪي نگري، ويسانگري ان ڪو گام،

راجا مينگڙ راءِ ري ڏيڪري، مانڌل اوڻ ڪا نام.

(آءٌ جنهن جو عاشق آهيان، اُن جو ڳوٺ هتان کان اُتر طرف ويسانگري آهي، راجا مينگڙ راءِ جي ڇوڪري آهي ۽ مانڌل سندس نالو آهي.)

سونڌرو ساڪوٽيا، ڪري ٻڍگا ويس،

هل تُري تڪڙي، ڏيکان مانڌل ڪو ديس،

(سونڌرو گيڙو ويس پائي روانو ٿيو آهي. گهوڙي کي اِڙي هڻي چوي ٿو: جلدي هل ته هلي مانڌل جو ديس ڏسُون.)

بهين نالا، بهين نديان، بهي چوماسو ڀرپُور

هُون پُوڇان پنٿيا ، مانڌل ڪَتي هيڪ دورُ.

(نئيون ۽ نالا روانيءَ سان وهن پيا، چوماسي جي رُت ڀرپور جوڀن ۾ آهي. هن سهڻيءَ رت ۾ واٽهڙوءَ کان پُڇان پئي مانڌل اڃا ڪيترو پري آهي.)

جوگڻ ٿيان ري جاليا، کڦر مان ري هاٿ،

در در بکيا مانگان، جائون سونڌري ساٿ.

(مانڌل، راهه روڪيندڙ سان مخاطب ٿي چوي ٿي؛ “اي جاليا! مون کي محبوب سان گڏ جوڳڻ ٿيڻ قبول آهي، ڪشتو هٿ ۾ کڻي در در بکيا گهُرنديس، پر سونڌري سان ئي گڏ وينديس”)

“سانچي” ۽ “مانڌل”، “سونڌري” جي دوهن تي نظر وجهجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته انهن ۾ جذبات ۽ احساسات جي اُها سگهه ۽ جمالياتي نرالپ نه آهي، جيڪا بانڪيداس جي ‘همروٽ ڇتيسيءَ’ ۾ آهي، يا بانڪيداس جي ڪوتا جي ٻين مجموعن ۾ آهي، انهيءَ ڪري شڪ گاڏڙ راءِ جڙي ٿي ته، ممڪن آهي ته هي دوها بانڪيداس جا نه هجن، يا اُنهن مان ڪي ٿورا دوها بانيڪداس جا هجن.

[1] ريگستان جي تاريخ جي حوالي ڇهه ڪتاب مشهور ۽ مقبول رهيا آهن

  1. بانڪيداس ري کيات (سهڙيندڙ پروفيسر اين.ڊي سوامي 1956ع)
  2. مهتا نيڻسي ري کيات (سهڙيندڙ بدري پرساد 1967-1984-1989)
  3. مارواڙ را پرڳڻا (ڊاڪٽر اين.ايس ڀاٽي 1969-1968-1974ع)
  4. ٽاڊ راجستان حالات مارواڙ (ڪرنل جيمس ٽاڊ 1818 )
  5. تاريخ ريگستان (رائچند هريجن 1956)
  6. پراڻو پارڪر (مگهارام اوجها 1966)

[2] ‘ڪبير باني’، صفحو 70

[3] ڀٽائي چوي ٿو ته:

سورهيه مرين سوڀ کي دل جا وهم وسار،

هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار،

مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين

[4] سمو، سنڌ جي سماٽ قبيلن مان آهي. هڪ لوڪ دوهي ۾ آهي ته “سنڌ سمو، ڪڇ چنو، ڀاٽي جيسلمير،” سنڌ جو هي حڪمران قبيلو راجا يادوَ جو اولاد آهي، جنهن جو وڏو راجا يياني هو. ڪتاب “سمارا جهولڻا” ۾ ڪوي چمن چارڻ لکيو آهي ته سما کشتري (راجپوت يادُو ونسي (جادم ونسي) آهن.تاريخ جي مختلف ڪتابن مطابق شري ڪرشن جي ستين راڻي سامبتيءَ جو اولاد ‘سماٽ’ سڏجي ٿو. سمن اڳتي هلي اسلام قبول ڪيو، وڪرمي نائين صديءَ ۾ پٽيالا جي راج اندر ساماڻا ۽ پنجاب جو سماسٽا نالي شهر پڻ سمن جي هٿ هيٺ هو، سمن جي سنڌ ۾ سمانگر (سامئي) ۾ راجڌاني هئي، جنهن کي ‘ننگر ٺٽو’ چيو ويو آهي. ڄام انڙ، هيم هيڙائو ۽ لاکو ڦلاڻي سنڌ جي سما خاندان جا ارڏا حڪمران رهيا آهن

[5] نوٽ: هن دوهي ۾ ڄام انڙ جي پيڙهي ڏني وئي آهي.

[6] بانڪيداس جي ان دوهي سان ملندڙ جلندڙ مفهوم وارو بيت لطيف سائينءَ وٽ به ملي ٿو:

پکي ۾ پدمڻي، ڏئي وراڪا وِڄ،

جهڙي صورت سج، تهڙي مورت مارئي.



همروٽ ڇتيسي


بانڪيداس، امرڪوٽ (عمرڪوٽ) جي ساراهه ۾ ڇٽيهه دوها سرجيا آهن، جيڪي ‘همروٽ ڇتيسي’ جي نالي سان مشهور آهن. ‘همروٽ’، امراڻي يا امرڪوٽ کي سڏيو ويو آهي. همروٽ ڇتيسيءَ جي جوڌپور، مارواڙ ۽ ٿر ۾ وڏي هاڪ ۽ ڌاڪ آهي. چارڻن ۽ ڀاٽن کي ‘همروٽ ڇتيسي’ برزبان ياد آهي. ٿر جون ڪچهريون، هميشه ‘همروٽ ڇتيسي’ جي حسناڪ ڪوتا سان گونجنديون ۽ سُونهنديون رهنديون آهن.

بانڪيداس جي ‘همروٽ ڇتيسيءَ’ ۾ آفاقيت ۽ ڪمال درجي جي فني اُڻت آهي. اها شاعري اڄ به زمان، مڪان جي پابندي کي ٽوڙي ٿي، همروٽ ڇتيسي ڪوتا جو هندورو آهي، جنهن ۾ عمرڪوٽ جو حُسن جهولي ٿو، سٽ سٽ ۾ لفظي معنيٰ جو ميٺاج آهي، ته ڳوڙهن جي ڳُوڙهائي به آهي، راڻن راجپوتن جون ريتون رسمون به آهن ته سندن سورهيائيءَ جا ڪارناما به آهن، تلوارن جي تيج به آهي، سهڻن سريرن جي اجهل ڇڪ به آهي، لانٻي تلاءَ جي پڻگهٽ (نار) تي پڻيارين جي ٻيلهڙن جي لوڏ کان وٺي نماڻين اکڙين جي احساسن تائين ڍاٽي حُسن جي تصويرڪشي موجود آهي. ‘پرين ۽ سندس پار’ بابت هن وٽ هڪ حسين تصور آهي. ‘همروٽ ڇتيسي’ پڙهندي من ۾ ڀٽائيءَ جي سٽ “ڪنواريون ۽ ڪنول، هل ته پسون ڪاڪ جا” واري ڪيفيت محسوس ٿئي ٿي.

بانڪيداس، ڪوتا کي ‘روحانيت جي رومال’ ۾ ويڙهڻ بدران مجاز جي ٿڌي ٿڌي چانڊوڪيءَ ۾ چنگ وانگر وڄائي ٿو. ڀرتري هريءَ وانگر عورت جي حُسن ۽ جهنگ جي نظارن کي اکين جو ٺار سمجهي ٿو.

هن دوهن جي مالها ۾ بانڪيداس، حسين ڪامڻين جي ڇاتيءَ جي ڇلڪاءَ سان گڏ وراڪا ڏيندڙ سنهڙي چيلهه تي به لکيو آهي، ته تن جي تشنگيءَ تي به لکيو آهي، پر هن تمثيل جو سهارو ورتو آهي، هن جي روح ۾ عشق جو گولو ٻري ٿو، همروٽ ڇتيسيءَ جي هر سٽ اڻڀي ۽ الوڻي جيون ۾ تيل ڦليل جو ڄڻ سامان آهي.

هن ۾ ٻوليءَ جو جوڀن ۽ شعري حُسناڪيون دل لڀائيندڙ آهن، مون کي ڄاڻ نه آهي ته جديد سنڌي شاعريءَ جي وڏي نانءَ شيخ اياز جي لکڻين ۾ ڪٿي به هن ڪويءَ جو ذڪر ڇو نه آهي؟ شيخ اياز کي ننڍي کنڊ جي هر اهم شاعر جي سُڌ هئي ۽ سندس مطالعو وسيع ۽ ڀرپور هو، پوءِ هو ڇو بانڪيداس هن جي اڀياس کان ڏور رهيو. بانڪيداس، موجوده دور ۾ ڪاليداس، اُمارو ۽ ڀرتري هريءَ جي قبيلي جو شاعر آهي.

‘همروٽ ڇتيسي’ عمرڪوٽ جي تاريخ ۽ تهذيب سان گڏ جسماني خوشبوءِ جي ڦهلاءُ جي ڪوتا آهي، پر هن جون سون ورڻيون سٽون نه معلوم ڇو شيخ اياز جي اک چڙهي نه سگهيون؟

‘تاريخ ريگستان’ ۽ ‘امرڪوٽ جو اتهاس’ جي تحريرن ۾ بانڪيداس جا دوها ته آهن، پر ڪٿي به بانڪيداس جو نالو نه ڏنو ويو آهي. سندس نالو گم رهڻ جو آخر ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ اهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي. پر هن جي شاعريءَ جو مٺاس ماڻهن کان پري نه رهيو آهي.

بدنصيبيءَ سان برصغير جي ٻين بلند پايي جي شاعرن وانگر بانڪيداس کي ڪو سچو ۽ کرو نقاد نه ملي سگهيو، ‘همروٽ ڇتيسيءَ’ جا، ٿر جي تاريخ ۽ جماليات بابت عڪس، سنڌي ۽ هنديءَ جي ڪتابن ۾ موجود رهيا آهن.

ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ‘سوڍن جي صاحبيءَ’، رائچند هريجن تاريخي ڪتاب ‘تاريخ ريگستان’، پروفيسر شڪتيڏان پنهنجي تخليق ‘سوڍائڻ’، عبدالواحد آريسر پنهنجي خوبصورت شاعراڻي نثر جي ڪتاب ‘چانڊوڪيون ۽ چيٽ’ ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ‘تالاب عمرڪوٽ’ عنوان سان لکيل مضمون ۾ ‘همروٽ ڇيتسيءَ’ جا دوها ڏنا آهن:

امراڻو امرا پُري، ڌرُا سرنگي ڍاٽ،

رهي جو سوڍو راجوي، پهه پنوارن پاٽ.

(امراڻو ڌرتيءَ تي امراپُري (دلڪش ماڳ) آهي. ڍاٽ جا هي دڙا، جتي پرمار سوڍن جي صاحبي آهي، ڏسندين ته اتي جي ريت سرڳ سمان آهي.)[1]

ڪيهر لنڪي گوريان، ڍولا چتر سُڄاڻ،

بڙ جهڪيا لانٻي سران، آيو گڊ امراڻ.

(جتي چيتي جي سنهڙي چيلهه واريون سُندر ناريون هجن، جتي مرد سياڻا ۽ بهادر هجن، جتي لانٻي جي تلاءَ تي بڙ جي وڻن جا جهڳٽا هجن، ته پڪ ڄاڻجان اهي آثار امراڻي گڍ (قلعي) جا آهن.)

انکڙيان اڻيليان، ڪاجل ريک ڪيانهه،

ڀنڀليان ڀاوويا، لاج سنيهه ليانهه.

(حُسن جا اُهڃاڻ هتي دنگ نٿا ڪن، امراڻي جي پدمڻين جون وڏيون ۽ ڪجل ڀريون اکيون حيا ۽ حُسن جو اوتارو آهن، انهن مٿان ڪارا ڀِرُون، سونهن کي ويتر وڌائين ٿا، اکين جي لڄ ۽ جُهڪاءُ نينهن وارن لاءِ نياپو ٿي پوي ٿو.)

“ڌرا سرنگي ڍاٽ”، “ڪيهرلنڪي گوريان”، “انکڙيان اڻيليان” جُون ترڪيبون ۽ تشبيهون، فطرت ۽ زندگيءَ جي سنگم جون صورت گيريون آهن، جيڪي بانڪيداس جي شاعريءَ کي امرتا بخشن ٿيون. اهڙيءَ ريت بانڪيداس جي خيالن جي اُڏام، ڪاليداس، شاهه لطيف ۽ ڀرتري هريءَ جي فڪر ۽ حسناڪيءَ کي ڇهندي نظر اچي ٿي. مثال طور:

ڪوي ڪاليداس:

“تنهنجون اکيون ڪنول جي پتن وانگر آهن،

تنهنجو ’مُک ڪنول وانگر آهي،

تنهنجا چپ ڪچا ڪونپل آهن ۽

تنهنجا انگ چمپڪ جي پنن وانگيان آهن.”

ڀرتري هري:

“ڪامڻي پاڻ کي چنڊ جي ڪرڻن کان

جهنگ جي وڻن ۾ ڇُپائي ٿي،

۽ پنهنجو چولو مٿي ڪري ٿي،

جنهن ۾ هن جا اُرهه ڍڪيل آهن.”

شاهه لطيف:

سون ورڻيون سوڍيون، رُپي رانديون ڪن.

-

گنير گت سِکن، چلڻ جي چاهه پئي.

-

مومل کي مجاز جا، اکين ۾ انبور

-

سڄڻ سُتا وِلهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور.

-

مڙهيا گهڻو مُشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن

_

تارا، تر، تروڪڻيون، مٿن ڦلڙيون

_

جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،

چوٽا تيل چنبيليا، هاها هو هميش.

ڪوي بانڪيداس جو به اهڙو ئي خوبصورت انداز آهي:

ڪمل جيسي ڪماريان، ڪر، چوڙا رنگيا چول.

[(امراڻي جي) سندر نارين جا هٿ ڪنول جهڙا آهن، سندن ٻانهن تي رنگين چوڙا پاتل آهن.]

ڪومل راتا پاتلا ، اڌر جڪان را ايڪ

[مسافر! (منهنجي امراڻي جي) حسن کي تون ڏسندين ڇا؟ سندر نارين جا چپ ڳاڙها، نازڪ ۽ سنهڙا آهن.]

ايڪي ڏٺان ڏٺ، سهه چمپڪ مال

[(امراڻي جون) پدميڻون سڀ هڪ جهڙيون آهن، هڪ ڏٺئي ڄڻ سڀئي ڏٺئي، چمپا جي مالها وانگر آهن.]

_

هيم ڪڙس انگ اوپر نير ڪڙس سرليئه

[چيتي جهڙي سنهي چيلهه رکندڙ ڪامڻين جي ڇاتي پوري ڀريل آهي ڄڻ سون رنگا ٻه مٽ ڪامڻين جي ڇاتيءَ تي رکيل آهن، ٻه گهڙا مٿي تي رکيل آهن.]

_

ڀري هيم ورڻيا، ڏوڌ ورڻو نير

[رنگين ڪپڙن ۾ سوني رنگ واريون سندريون کير جهڙو اڇو ۽ شفاف پاڻي ڀريندي، سونهن کي انتها تي پڄائينديون آهن.]

_

گج گت جاوي گوريان، لانٻي سرجل ليڻ

[هي حسين ناريون ٻيلهڙا مٿي تي رکي، لانٻي تلاءَ ڏانهن هاٿي واري ڌيمي ڌيمي چال سان پاڻي ڀرڻ روزانو وڃن ٿيون.]

_

انگ انگ منجهه اوڦڻي، جوَ وَن آٺُون جام

[(امراڻي جي ڪامڻين جي) انگ انگ ۾ اٺ ئي پهر جوڀن جو جام ڇُلڪي رهيو آهي، جواني ٽهڪي رهي آهي.]

ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ لنڪا جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:

سڻي سون لنڪا جو سک نه سامونڊين.

بانڪيداس جي شاعريءَ ۾ سينگل، سريلنڪا علائقي جي علامت طور ڪم آندل آهي. بانڪيداس سينگل جي سونهن ڍاٽ جي ڌرتيءَ سان بيهاري ٿو:

چيري پونم چندر، ڪاڍي ڪامڻيانهه،

ڪايه سينگل ڍاٽ ڌر ديکو دامڻيانهه،

(قدرت واري) پونم جي چنڊ کي ٻه اڌ ڪري هڪ حصي مان امراڻي جون حسين ناريون ۽ ٻئي حصي مان سينگل(سري لنڪا)جون ڪامڻيون تخليق ڪيون آهن.)

هندي جي نامور شاعر ملڪ محمد جائسيءَ پنهنجي مشهور تخليق پدماوت ۾ چيو آهي ته:

ناسِڪ کين کڙڪ ڪي ڌارا،

کين لنڪ جَن ڪيهر هارا.

[نڪ سنهو تلوار جي ڌار وانگر آهي، سنهڙي چيلهه جنهن کان چيتي به هار کاڌي.]

بارهن اڀرن، سورهه سنگارا،

قوهه سونهه نهه سس اجيارا،

سس سڪ لنڪر هي نهه پوجا،

تو نڪلنڪ نه سر ڪوءِ دوجا.

[تنهنجي ٻارهن ۽ سورهن سينگارن جي برابر چنڊ جي روشني ڪجهه به نه آهي، چنڊ کي ڪارو داغ آهي، جنهن جي پوجا نٿي ٿئي، تون بي داغ آهين،تون بي داغ آهين ۽ ٻيو ڪو به تنهنجي برابر نه آهي.]

ملڪ محمد جائسيءَ جي تخليق ۾ هڪ پدماوت سهڻي آهي، پر بانڪيداس جي ڪوتا ۾ عمرڪوٽ جي هر ناري، ڪيهر لنڪي، گوري ۽ سونهن جي ديوي آهي. هڪ ڏٺي ڄڻ سڀ ڏٺيون، هر ناري سڪوتري آهي. بانڪيداس چوي ٿو ته اهڙي سونهن ڏسڻ لاءِ پوري هند ڌرتي ڇڏي، سنڌ جي سهڻي علائقي ڍاٽ ڏانهن هليو اچ.

ڌن امراڻو ڍاٽ ڌر، پدمڻيان ٻن پار،

سهه ناري سيڪو تري، ڌرتي هند ڌڪار.

[امراڻي ۽ ڍاٽ جون پدمڻيون ڏسڻيون اٿئي ته ٻئي پار ڏي نه ڏس ! هند جي ڌرتي به ڇڏي اچ.جو هتي جي هر سندري سيڪوتريءَ جهڙي آهي.]

هنديءَ جو شاعر پياري لال پنهنجي هڪ شعر ۾ پدمڻيءَ جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته:

چمپڪ ورڻي پدمڻي ات ڪومل سو انگ،

پدم گنڌ جا تن بسي،ڀنور نه ڇوڙت سنگ،

شيل ونت اور پت ورتا چندر مکي پڪ بين،

مڌر يامڻي اجلا لجاوت هين نين.

(چمپڪ گل جي رنگ جهڙي پدمڻي جو سارو بدن تمام گهڻو ڪومل آهي،ڪنول جي گل جي خوشبوءِ هن جي تن ۾ وسي ٿي، انهي ڪري ڀنور هن جو ساٿ نٿو ڇڏي،سٺن لڇڻن واري شيل ونتي مڙس جي فرمانبردار ناريءَ جو مُک چنڊ جهڙو چمڪندڙ ۽ آواز ڪوئل جهڙو آهي، سندس اکيون نماڻيون ۽ حيادار آهن.)

بانڪيداس، امراڻي جي حُسن جا پار ڏيندي پوري شدت سان سونهن کي ساراهيو آهي. هن پياري لال وانگر امراڻي جي حسن جا اهڃاڻ ڏنا آهن.

تاريخ جي ورقن ۾ اهو رتن ڳولڻ جي ضرورت آهي، جيڪو هڪ حسينا ماڻڻ جي لاءِ سينڌل ويو هو،جنهن کي بانڪيداس ميار ڏيندي چيو ته هو عمرڪوٽ ڇو نه آيو!؟

همروٽ ڇيتسيءَ جو مطلب همرڪوٽ (امرڪوٽ) جا ڇٽيهه دوها آهي، ‘همروٽ’ جي آخري دوهي ۾ بانڪيداس چوي ٿو ته ‘هي ڇٽيهه دوها مون امرڪوٽ جي باري ۾ چيا آهن.’

لوڪ ادب جي خاڪ ڇاڻيندي، مون کي بانڪيداس جا چار ٻيا دوها عمرڪوٽ بابت مليا آهن، پر اهي همروٽ ڇتيسيءَ جو حصو نه آهن.

 شهر وسايو سومري، امرڪوٽ ڪهرايه،

ڪهجي امرڪوٽ تي، سوڍان ليڌر آيه،

(امرڪوٽ جو شهر سومري حاڪم وسايو ۽ امرڪوٽ سڏجڻ لڳو، سوڍن ملڪ جي مشهور شهر کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو.)

عمر هتو دوسرو، هونتو نام همير،

 تئه همروٽ ڪهاوهي، سک ڪرنير سمير.[2]

(عمر ٻيو بادشاهه هو، جنهن جو نالو همير پڻ هو، اُن ڪري امرڪوٽ هميرڪوٽ يا همروٽ سڏجي ٿو هي شهر سک جو ساگر آهي.)

شير شاهه دلي تخت، ٻيٺو ٻل نج ٻانهه،

امراڻو جڏ اويو، سرس همايون ساهه،

(شير شاهه سوري پنهنجي طاقت جي ٻل تي مغلن کان دهلي ڦري ورتي، تڏهن کين سر بچائڻ جي ڪٿي به جاءِ نه ملي، همايون سنڌ ڏانهن اُسهيو امراڻي پهچڻ تي پيٽ ۾ ساھ پيو)

جت اڪبر جنميو، جائِي ڌوُن وي راءِ

هوئو هند اڪليم ۾، صاحب شهنشاهه،

(همايون کي (امراڻي جي ڌرتيءَ تي) اڪبر جهڙو پٽ جنميو، هن مٽيءَ جو ڇا ڪمال آهي، جو جلاوطن ٿي آيل همايون جو پٽ هند اڪليم جو شنهشاهه ٿيو.)

هي دوها پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته بانڪيداس تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو. عمر سومري جي حوالي سان ملندڙ دوها تضادن سان گهيريل آهن، ساڳيءَ ريت اهي دوها ٻولي جي حوالي سان بانڪيداس جي ڪوتا جو حصو هجڻ بابت تحقيق جي ضرورت آهي.

هرڏان چارڻ (گڍڙي چارڻ جي)سان ٿيل ڪچهريءَ، پروفيسر شڪتيڏان جي ڪتابن “سوڍائڻ” ۽ “رنگ ڀني”، باغ علي شوق جي “راجستاني زبان و ادب” ۾ اهي چارئي دوها بانڪيداس جي حوالي سان نه ملي سگهيا آهن.

جيئن ته همروٽ ڇتيسي صرف ڇٽيهه دوهن تي ٻڌل آهي، ان ڪري جيڪڏهن هي دوها بانڪيداس جا آهن، ته انهن کي متفرقه دوهن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

مون هن ڪتاب ۾ پيار جي آبشارن جهڙي “همروٽ ڇيتسي” جي دوهن کي هندي ۽ سنڌيءَ جي مختلف ڪتابن ۽ سينن جي سمونڊ مان سهيڙي، محبت واري ڪيفيت ۾ گڏ ڪيو آهي. لفظن جي اُچار، صورتخطيءَ، معنيٰ، منظر ۽ پيش منظر کي بيان ڪندي غلطي به ٿي سگهي ٿي، ان ڪري پڙهندڙن کي پورو حق آهي ته اهي خلوص دل سان نشاندهي ۽ تنقيد ڪري سگهن ٿا.

اسان جي لوڪ ادب سان وڏو الميو اهو رهيو آهي، جو ان کي اڪثرناشناس نقادن جون پنهنجي عقيدي ۽ مسلڪ واريون اکيون ۽ ميرا هٿ مليا آهن، جن کري ۽ کوٽي، سُٺي ۽ سُرهي جي پرک کانسواءِ گلن ڦلن سان گڏ ڪکن، ڪانن کي به سيهڙيو آهي، انهن عالمن آڏو سونهن سرهاڻ ۽ نفاست کان وڌيڪ تعداد جي اهميت رهي آهي. هن المئي جي ڪري اسان پنهنجي صدين جي امرورثي سان سگهارو فني ۽ فڪري تسلسل جوڙي نه سگهيا آهيون.

منهنجي لاءِ لوڪ ادب ‘ڏٿ’ جيان رهيو آهي. مون ڀٽائيءَ جي هيءَ سٽ هميشه آڏو رکي آهي:

سمر ڪيائون سڃ ۾، ڏوري ڏٿ لهي.

آءٌ لوڪ ادب لاءِ ‘ڏوٿيئڙو’ ٿي وڌيوآهيان. منهنجي ڪوشش رهي آهي ته انڌن اونڌن نقادن جي غلط تشريح ۽ سهيڙ وارين سٽن کي ريٽي،قومن جي نفسيات واري آئيني ۾ صدين جي سچ کي ڌار ڪري چمڪايان. انهيءَ لاءِ لوڪ ادب جي لوڪ ڪهاڻين ۽ لوڪ ڪوتا جي تمثلين محاورن، استعارن ۽ علامتن جو ڪنهن صوفيءَ جي سوچ “سٺو چونڊي کڻو ۽ خراب کي ڇڏي ڏيو” وانگر ڇنڊڇاڻ ڪئي اٿم. ميڙا چونڊيءَ ۾ انهن سٽن کي شامل ڪرڻ جا جتن ڪيا اٿم، جن تي ڀؤنر ڀنڀوليا آهن، جن ۾ لهوءَ کي گرمائڻ جي سگهه آهي، جيڪي مُرده ضميرن لاءِ آب حيات جو ڪم ڏين ٿا، جن کي حقيقي زندگيءَ جي فلسفي ۾ شامل ڪري سگهجي ۽ جيڪي آرٽ جي ڪنهن ڪارج ۾ ڪم اچن، روز نوان اُمنگ اُڀارين، ۽ پانڌيئڙن لاءِ اُتساهه جو ذريعو بڻجن.

‘همروٽ ڇتيسيءَ’ ۾ طلب جي تنوار کان آجيءَ لگن سان فن جي پروڙ ڪئي اٿم. منهجي نظر۾ همروٽ ڇتيسي، ڪاليداس جي ‘ميگهه دوت’ جهڙي ڪوتا آهي. بانڪيداس اعليٰ انداز سان ڏسي ٿو ته، مسافر منهنجو امراڻو هيئن ۽ ههڙو سُهڻو ۽ سُهاوڻو آهي!

ننڍي کنڊ ۾ ‘ميگهه دوت’ جي طرز تي ڊاڪٽر منوهر شرما پڻ ‘ڪونجا’ جي عنوان سان هڪ طويل نظم لکيوآهي، جيڪو ريگستاني ٻوليءَ ۾ آهي:

من موتي تن اُوجلو ، نرمل جات سو ڀاؤ

ڌاران چالي ڏوڌري، نئي امرت رو درياؤ

--

اي امبر ري گنگا

مَروڻ ني لي جيا ايڪ سنديسرو

رُڪ رُڪ سُڌ آوي ري

تون امبر ري اپسر ا، مهي ڌرتي را لوگ ،

ٿاري من ۾ مور سمايو، مهاري من ۾ روگ

اي امبر ري سوڀا

مَروڻ ني لي جيا ايڪ سنديسرو

ٻيجلي سَرڻان وي....

(اي آسمان جي گنگا،منهنجو هڪ نماڻو عرض آهي، هو جنهن جو من موتي جهڙو، تن اڇو اجرو ۽ سڀاءُ جي انتهائي نرمل آهي، جنهن جو هلڻ کير جي ڌارا وانگرآهي يا امرت جو نئون درياهه آهي. انهيءَ حسينا لاءِ منهنجو سنيهو کڻي وڃ، کيس چئجانءِ تون آڪاش جي اپسرا آهين ، اسين ڌرتيءَ جا ماڻهو تنهنجي من ۾ مور ٽهوڪن ٿا، منهنجي من ۾ درد آهن. اي آسمان جي سونهن! منهنجو هڪ نياپو کڻي وڃ، هُن کنوڻ جيان کلندڙ کي وڃي ڏجان.)

سنڌ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعرن عمرڪوٽ/ امرڪوٽ کي سُر مارئي، سُر سارنگ، سُرمومل راڻي سميت مختلف سُرن ۽ ڪردارن ۾ ڳايو آهي. شاهه لطيف، سچل سرمست، مراد فقير، خليفي نبي بخش قاسم، صوفي صادق فقير، عبدالرحيم گرهوڙي، حمل فقير، حاجي احمد ملاح ۽ شيخ اياز کان وٺي موسيٰ راز، مير حسن آريسر، حاحي ساند، نماڻي سنڌي، سائينداد مڱريي ۽ خطائي ٿيٻي تائين ڌرتيءَ جي خوبصورت شاعرن جي شاعريءَ ۾ امرڪوٽ/ عمرڪوٽ جو حسن، تاريخ جو تجلو، فطرت جي ڦلواڙي، دردن جا داستان، مٽيءَ سان محبت جا منظر سمايل آهن. نموني طور ڪجهه شاعري هيٺ ڏجي ٿي.

لطيف سائين:

ڍٽ ڍري پٽ پيئون، ٿيا ولهارن وي،

_

ڪنين اچي امرڪوٽ تان وسايا ولهار

-

اچي امرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪان ڪُريت

-

مراد فقير:

ورسي پٽ پدمات جا، ٻن پئي هالار ،

ڏٺي منهن ميهار، ڏکيا ڏينهن نه ساريان.

حاجي احمد ملاح:

ڏٺم اڄ اکين سان عمرڪوٽ کي

عقل چرخ ڏسندي عجب اوٽ کي،

-

لکين آفرينو، عمرگهوٽ کي،

ڀلين ماءُ ڄائو به ڄاموٽ کي،

مٿي هيٺ نقشو نهاريو ويو،

ڀٽن ڀر برابر بهاريو ويو،

-

نه صدين ڪنان سو سڌاريو ويو،

اڃا اک ڀرائي ٿو اکروٽ کي.

-

سونهن ساوڪون قِسم گُل گاهه جا،

ويهي جهاڙ جانچيم ڀڃي جوٽ کي.

-

وڏو ويڪروڦير ڦرندو ٻه ڪوهه،

مٿي ڪرڪ وارِي لڳو ڪوٽ لوهه،

-

دونالين جي ڌوڌو ڪنديس اڄ به ڪوهه؟

دٻائي ٿو دشمن جي دٻڙوٽ کي.

-

ڏکڻ طرف ڀٽ ٻيا طرف باغ و بهار،

عنب انب انجير ليمان ليار،

ڪٿان گل، ڪٿان ڪيوڙا در قطار،

ڏسي باغ ڇڏيو بدن ٽوٽ کي.

-

بڙودو بيڪانير ڀڄ هِند تي،

 جهليو ڪنهن نه چئنچل سندن چوٽ کي.

-

اول ابن سومار ڀونگر ڀلير،

چنيسر، ننگر شير دودو دلير،

ٻه طائي ۽ طاهر هئا ڇٽ ڇڳير،

مُڙن ڪين چون مهڻو چون موٽ کي

-

عمر ڪوٽ آهي، نه آهي امير،

نه سينهڙو، نه پنرو، نه راڻو، همير،

نه مومل نه مارئي، نه مارو ملير،

مڙئي مُنهن پيا موت اڻ موٽ کي.

-

عمرڪوٽ احوال ڏي ٿو ايهو،

حڪومت هلايو ته هڪ ٿي بيهو،

ٿين ڇڙو ڇڙ، تن ڇيهائي ڇيهو،

پنن لوڪ لاشڪ کڻي لوٽ کي.

(طويل نظم جا شعر)

حاجي ساند:

اتران اٿي آئيون، پسائيون پدمات،

رهيون روحل واءِ تي ريلا ڪري رات،

پياري ڇا پرڀات، ڌوتل منهنجي ديس جي.

مير حسن آريسر[3]:

امراڻي جي رات جوڳي جاڳن ڀٽ تي،

سڀني صلاحون ڪندي پرهه ٿي پرڀات،

مومل ملاقات، راڻي ڪهڙي ريت ٿئي؟

-

جوڳي ڪهڙي جوءِ جا آيا امراڻي،

رات ٻڌي راڻي، واکيا تن جي وتري.

_

امراڻي جو ريت، سيج ٿيو سامين لئه،

اڀ ڇمر ڇانئيو ، شامياڻي سميت،

خوشبوءِ خوشبوءِ کيت،هوا هندورو بڻي.

سائينداد مڱريو:

تڪيون ويٺا تارا امر ڪوٽ ۾،

اسين عشق وارا امرڪوٽ ۾.

نه تون،تنهنجو روئڻ نه مرڪڻ مٺي،

جيئون پيا اُڌارا امرڪوٽ ۾.

رهيا سنڌ جي سينڌ ۾ رنگ جيان،

ٻه ٽي ڏات وارا امرڪوٽ ۾.

هو روپي جا ڌوڙي، هو ڌرتي ڌڻي،

هو ڪولهي هو ڪارا امر ڪوٽ ۾.

هي لانٻو هي نارو، امر جو قلعو،

هي راڻي جا پارا امرڪوٽ ۾.

جي هيڪر اچين تون ورهائي ڇڏيان،

ڪي خوشبوءَ جا کارا امرڪوٽ ۾.

سُتو لوڪ سارو سُتو سائينداد،

سُتا سُور سارا امرڪوٽ ۾.

ولهار ۽ پدمات عمرڪوٽ جا حصا آهن. ولهار وقت جي مشهور ڍنڍ به رهي آهي، جنهن جا آثار موجود آهن.

ڪوي چمن چارڻ چيلهار جي سخي جوجهارسنگهه جي سخاوت جو ورڻ ڪندي عمرڪوٽ جي قلعي کي ساراهيو آهي.

سوڍو سورج سريکو انجسي گڍ امراڻ.

پارڪر جي معرڪي ۾ سوڍن ۽ ڪولهين جي ڪوپائيءَ جا ڪوڏ ڪندي چارڻن امرڪوٽ جي قلعي کي وساريو نه آهي.

ڪاررنجهر انجس ڪري، انجسي گڍ امراڻ،

آپ تڻي ڌرا اوجلي، ڪيڌي تين ڪلياڻ

(اي سوڍا ڪلياڻ! تو پنهنجي مٽي جو مان مٿانهون ڪيو آهي، تو تي ڪارونجهر فخر ڪري ٿو ۽ توکي امراڻ گڍ به سلام پيش ڪندو )

ٿر جي لوڪ گيتن ۾ به عمرڪوٽ ذڪر ملي ٿو:

امراڻي جائي جو، چُوڙلو لائي جو .....

امراڻي ري مارگئي مروو روپيو ڙي ....

۽ ٻيا به ڪيترائي ٿري لوڪ گيت آهن.جن ۾ امراڻي جي حسن جي هاڪ آهي. هندي، مارواڙي ۽ ڍاٽڪي شاعري ۾ امرڪوٽ (عمرڪوٽ) کي ڳائڻ جا ٻيا به ڪيترائي مثال موجود آهن. سامين جي پُري سلسلي جي شاعر ڏونگر پري ۽ سندس چيلي لکمي مالهي جي واڻين ۾ امراڻو ڳايل آهي. پروفيسر سڪتيڏان جي شاعري جو مجموعو ڌرا سرنگي ڍاٽ ٿر ۽ عمرڪوٽ جي پسمنظر ۾ آهي. ڪوي جوجهاڏان جي ڪوتا ۾ به امرڪوٽ (عمرڪوٽ) جو ذڪر ملي ٿو . چارڻ ڪوين جي هڪ پراچين دوهي ۾ آهي ته ؛

پرلي پاڙ نه جاڻي، جگ جگ رهه جماڻ

بڪماڏي ري بيڏئي کوجيو گڍ امراڻ

[1] شيخ اياز پنهنجي هڪ شعر ۾ ٿر جي فطري حسناڪي سرڳ سمان بيان ڪندي ائين چيو آهي ته:

ساٿي مون دنيا گهمي چونڊيو آهي ٿر،

ڄڻ ڪنهن سرڳ سمان آ واريءَ تي هي گهر،

سانجهيءَ وير امر، هي رتيءَ ريت تي.

[2] هي سٽ هيئن به ملي ٿي ته:

  1. عمر هندو دوسرو، هونتو نام همير
  2. عمر ٻيجو سومرو هوتو نام همير

لفظ هنتو ڍاٽڪي جو آهي ۽ لفظ هندو پڻ ڍاٽڪي ۽ جيسلميري ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي ‘هوندو هو’ يا ‘هو’، اهو لفظ ٿر ۾ سامروٽيءَ جي پٽي ۾ ڪجهه قبيلن ۾ ڳالهايو ويندو آهي،انهيءَ ساڳيءَ سٽ ۾ شاعر لفظ ‘هونتو’ به ‘هوندو هو’ جي معنيٰ ۾ ڪم آندو آهي.

[3] رسي ويل راڻي کي پرچائڻ جي لاءِ مومل جو قافلو عمرڪوٽ ۾ جوڳي جي ويس ۾ عمرڪوٽ آيو هو. انهي منطرجا بيت



ڪوتا جو ڪردار عمرڪوٽ/امراڻو


سنڌ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعرن عمرڪوٽ/ امرڪوٽ کي سُر مارئي، سُر سارنگ، سُرمومل راڻي سميت مختلف سُرن ۽ ڪردارن ۾ ڳايو آهي. شاهه لطيف، سچل سرمست، مراد فقير، خليفي نبي بخش قاسم، صوفي صادق فقير، عبدالرحيم گرهوڙي، حمل فقير، حاجي احمد ملاح ۽ شيخ اياز کان وٺي ڊاڪٽر اسد جمال پلي، موسيٰ راز، مير حسن آريسر، حاحي ساند، نماڻي سنڌي، سائينداد مڱريي ۽ خطائي ٿيٻي تائين ڌرتيءَ جي خوبصورت شاعرن جي شاعريءَ ۾ امرڪوٽ/ عمرڪوٽ جو حسن، تاريخ جو تجلو، فطرت جي ڦلواڙي، دردن جا داستان، مٽيءَ سان محبت جا منظر سمايل آهن. نموني طور ڪجهه شاعري هيٺ ڏجي ٿي.

لطيف سائين:

ڍٽ ڍري پٽ پيئون، ٿيا ولهارن ويءَ،
شمس قمر نه پاڙيان سيڻن جي شبيهه،
جي جاني اندر جيءَ، سي پرين پيهي گهر آئيو.

_

جهجها ڏيج جهُار، منهنجا ملير ڄائيِين
آسر ڀَرِي آهيان پرچن شال پنهوار،
ويڙيون ۽ ولهار، ڪِ سوايا سارين مون.

_

لاکيون مٿن لوئيون، اوڍين اڇي ان،
وٺي ولهارن جون سرتيون ڪن سمن،
آگا ساڻ امن، مون کي مارو مڙئين

_

موٽي مانڊاڻن جي واري ڪيائين وار،
وڄون وسڻ آئيون چوڏس چوڌار،
ڪي اٿي ويئون استنبول ڏي، ڪن مغرب پار،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمر قندين سار،
ڪي رمي ويئون روم تي، ڪي ڪابل ڪي قنڌار
ڪي دهلي ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،
ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنهين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار
ڪنين اچي امرڪوٽ تان وسايا ولهار
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين

-

ايءَ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائين سون تي،
اچي امرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪان ڪُريت
پکن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.

-

مَ سَپني مارئي، مُئي مَ ڄائي،
جنهن اچي عمرڪوٽ ۾، لوئي لڄائي،
جا سانگين سڏائي، سا ڪيئن مرڪي ماڙئين.

مَ سَپني مارئي، مُئي مَ ڄائي،
جنهن اچي عمرڪوٽ ۾، لوئي لڄائي،
جا سانگين سڏائي، سا ڪيئن مرڪي ماڙئين.

-

قيدالماءِ ٿيوم، هت اڙانگي گهاريان،
النار نصيب العاشقين ههڙو حال سندوم
قادر شال ڪندوم، آجي عمرڪوٽ کان.

-

سرتين سخت سنيھڙا، مڪا مان ڏونھن ملير
ته آهن عمرڪوٽ ۾ کنڊون مٺا کير،
چانور چکي چورما هرين ساڻ حمير،
ڪنڊا قوت قرير، ويڙهيون ويئي وسري

-

النار نصيب العاشقين ههڙو حال سندوم
قادر شال ڪندوم، آجي عمرڪوٽ کان.

مراد فقير:

ورسي پٽ پدمات جا، ٻن پئي هالار،
ڏٺي منهن ميهار، ڏکيا ڏينهن نه ساريان.

حاجي احمد ملاح:

ڏٺم اڄ اکين سان عمرڪوٽ کي
عقل چرخ ڏسندي عجب اوٽ کي،
-

-

لکين آفرينو، عمرگهوٽ کي،
ڀلين ماءُ ڄائو به ڄاموٽ کي،

-

مٿي هيٺ نقشو نهاريو ويو،
ڀٽن ڀر برابر بهاريو ويو،

-

نه صدين ڪنان سو سڌاريو ويو،
اڃا اک ڀرائي ٿو اکروٽ کي.

-

سونهن ساوڪون قِسم گُل گاهه جا،
ويهي جهاڙ جانچيم ڀڃي جوٽ کي.

-

وڏو ويڪروڦير ڦرندو ٻه ڪوهه،
مٿي ڪرڪ وارِي لڳو ڪوٽ لوهه،

-

دونالين جي ڌوڌو ڪنديس اڄ به ڪوهه؟

دٻائي ٿو دشمن جي دٻڙوٽ کي.

-

ڏکڻ طرف ڀٽ ٻيا طرف باغ و بهار،
عنب انب انجير ليمان ليار،
ڪٿان گل، ڪٿان ڪيوڙا در قطار،
ڏسي باغ ڇڏيو بدن ٽوٽ کي.

-

بڙودو بيڪانير ڀڄ هِند تي،
جهليو ڪنهن نه چئنچل سندن چوٽ کي.

اول ابن سومار ڀونگر ڀلير،
چنيسر، ننگر شير دودو دلير،
ٻه طائي ۽ طاهر هئا ڇٽ ڇڳير،
مُڙن ڪين چون مهڻو چون موٽ کي

-

عمر ڪوٽ آهي، نه آهي امير،
نه سينهڙو، نه پنرو، نه راڻو، همير،
نه مومل نه مارئي، نه مارو ملير،
مڙئي مُنهن پيا موت اڻ موٽ کي.

-

عمرڪوٽ احوال ڏي ٿو ايهو،
حڪومت هلايو ته هڪ ٿي بيهو،
ٿين ڇڙو ڇڙ، تن ڇيهائي ڇيهو،
پنن لوڪ لاشڪ کڻي لوٽ کي.

(طويل نظم جا شعر)

غلام محمد جنجهي:

اسان اباڻن جو ڀرم رک ڀتار،
ڀٽن پٽن ڀيڄ ڪر وسن سڀ ولهار،
ٻرو ٻرٽ سانوڻي، ڪوري ڪر ڪار،
چاريون اسين چاهه مان رڍون جت ريڍار،
پلر جي پالوٽ سان کيٽن چاڙهه خمار،
گهڻا غلام محمد چوي ٿين ان انبار
اسان پکن جي پاٽار، ڪر آسودي ابر سان.

-

آسودا ابر سان ڪيا، سارنگ سڀ سنگهار،
سوين ٿيون ساوڪون، وايون منجهه ولهار ،
کائيو گاهه گابڙا، کنيا خوب خمار،
واليءَ ڪئي وسڪار، لٿو، اهک اڀرن تان.

حليم باغي:

ڪارونجهر جي ڪور مٿي،
ڪو سائو پيلو مور نچي،
هو ڀورو ڀورو بادلڙو،
بي راهه مسافر جيان ڀٽڪي،
ڏس سر ۾ آهي ساهه پيو،
ٿي گوڙ ٿو مينهن وسي،
لهندڙ سج جي لامن ۾،
ڪا شام هئي، شمشام هيو
هن رات جي ڪاري روپ اندر
ڪو پرهه سندو پيغام هيو،
منهن مير مهل جا ماڪ اٺي،
ايءُ رات سندو انجام هيو،
ڪرڻو ڍنڍ جي جهرڻي ۾
ائين آهي ڇپيو ڄڻ تير کپيو،
هوءَ ناسي رنگ جي نئن هلي،
ڪو گورهاڙو آ گل اڳيو،
ولهار سڄو آ واسي پيو،
انسان اٿيو انسان اٿيو.

حاجي ساند:

اتران اٿي آئيون، پسائيون پدمات،
رهيون روحل واءِ تي ريلا ڪري رات،
پياري ڇا پرڀات، ڌوتل منهنجي ديس جي.

مير حسن آريسر[1]:

امراڻي جي رات جوڳي جاڳن ڀٽ تي،
سڀني صلاحون ڪندي پرهه ٿي پرڀات،
مومل ملاقات، راڻي ڪهڙي ريت ٿئي؟

-

جوڳي ڪهڙي جوءِ جا آيا امراڻي،
رات ٻڌي راڻي، واکيا تن جي وتري.

_

امراڻي جو ريت، سيج ٿيو سامين لئه،
اڀ ڇمر ڇانئيو ، شامياڻي سميت،
خوشبوءِ خوشبوءِ کيت،هوا هندورو بڻي.

خطائي ٿيٻو:

سڪ ته ساڻيهه جي ڪندي،

درد ونديءَ جو داد،

روئندو عمرڪوٽ پيو.

بندياڻي تان بند جي،

ٿي ويندي آزاد،

روئندو عمرڪوٽ پيو.

ڏاڍايون سڀ ڏيهه جون،

ٿينديون مرده باد،

روئندو عمرڪوٽ پيو.

مارن ويندي مارئي

دنيا رکندي ياد،

روئندو عمرڪوٽ پيو.

ٻاجهه خطائي تي ڪري،

ٻڌندو رب فرياد،

روئندو عمرڪوٽ پيو.

الهبخش آريسر:

آئيني ۾ عڪس ٿي امراڻي جا کولي،
هاڻ تاريخ پئي وقت هٿن ۾ ڳولي،

-

مارئي ڪوٽ ۾ قيدي ٿي رڙي ڏس هر هر
عمر جو هٺ ڪو مروڙي ۽ ڇڏي تنهن ڇولي

-

ڀاڄ کائي ٿو همايون هو حميده سوڌو،
عمر جو هٺ ڪو مروڙي ۽ ڇڏي تنهن ڇولي

-

تار سڪ مان سو تلاءِ گڍ ۽ سجهن وڻ سارا،
هاڪڙي هوڪ ٻڌي روڪ وڃي ٿو رولي،

-

ڀاڄ کائي ٿو همايون هو حميده سوڌو،
ڀاڳ اڪبر جو ڀلو، نيٺ جهٽي ٿو جهولي،

-

تار سڪ مان سو تلاءِ گڍ، سجهن وڻ سارا،
هاڪڙو هوڪ ٻڌي روڪ وڃي ٿو رولي،

-

هو ستي ٿان ۾ سانجهي ٿي مچائي مچ ٿي،
روز ٽڙڪاٽ ڪري لڱ ٿا ٻرن جيئن هولي

سائينداد مڱريو:

تڪيون ويٺا تارا امر ڪوٽ ۾ ،
اسين عشق وارا امرڪوٽ ۾.

-

نه تون،تنهنجو روئڻ نه مرڪڻ مٺي،
جيئون پيا اُڌارا امرڪوٽ ۾.

-

رهيا سنڌ جي سينڌ ۾ رنگ جيان،
ٻه ٽي ڏات وارا امرڪوٽ ۾.
-

هو روپي جا ڌوڙي، هو ڌرتي ڌڻي،
هو ڪولهي هو ڪارا امر ڪوٽ ۾.
-

هي لانٻو هي نارو، امر جو قلعو،
هي راڻي جا پارا امرڪوٽ ۾.
-

جي هيڪر اچين تون ورهائي ڇڏيان،
ڪي خوشبوءَ جا کارا امرڪوٽ ۾ .
-

سُتو لوڪ سارو سُتو سائينداد،
سُتا سُور سارا امرڪوٽ ۾.

ولهار ۽ پدمات عمرڪوٽ جا حصا آهن. ولهار وقت جي مشهور ڍنڍ به رهي آهي، جنهن جا آثار موجود آهن.

اهڙي طرح چارڻ ڪوين به عمرڪوٽ /امرڪوٽ کي ڳايو آهي. ڪوي چمن چارڻ چيلهار جي سخي جوجهارسنگهه جي سخاوت جو ورڻ ڪندي عمرڪوٽ جي قلعي کي ساراهيندي چوي ٿو ته؛

جاجڪ پالتو جوجهو، ام مڇ پالتو مهراڻ،
ڪوَ آيا ريجهان ڪرين، انجسي گڍ امراڻ.

(جوجهو، جاجڪ ائين پالي ٿو، جيئن مهراڻ دريا مڇ پالي ٿو، ڪوي (چارڻ) اچي ريجهي رهاڻيون ڪن ٿا. گڍ امراڻ (پنهنجي سپوت سوڍي تي) فخر ڪري ٿو.)[2]

پارڪر جي معرڪي ۾ سوڍن ۽ ڪولهين جي ڪوپائيءَ جا ڪوڏ ڪندي چارڻن امرڪوٽ جي قلعي کي وساريو نه آهي.

ڪاررنجهر انجس ڪري، انجسي گڍ امراڻ،

آپ تڻي ڌرا اوجلي، ڪيڌي تين ڪلياڻ

(اي سوڍا ڪلياڻ! تو پنهنجي مٽي جو مان مٿانهون ڪيو آهي، تو تي ڪارونجهر فخر ڪري ٿو ۽ توکي امراڻ گڍ به سلام پيش ڪندو )

پروفيسر شڪتيڏان ڪويا چارڻ جو ٿر۽ عمرڪوٽ سان خاص انس رهيو آهي، هن شادي به کاروڙي چارڻ جي ڏيٿن چارڻن مان ڪئي آهي. ‘ڌرا سرنگي ڍاٽ’ ٿر ۽ عمرڪوٽ جي پسمنظر ۾ لکيل هن جي شاعري ءَ جو مجموعو آهي.

گور سريکي گوريان، مرد جٺي منموٽ،

پرهه نوڪوٽان ۾ پرٿم، ڪيهجي امرڪوٽ.

(جتي جون ناريون سونهن ۾ شو جي استري گور جهڙيون خوبصورت آهن، جتي جا مرد وڏا سخي ۽ چتر آهن. اهو نو ڪوٽن ۾ مکيه (پهريون نمبر) امرڪوٽ (عمرڪوٽ ) سڏجي ٿو.)

ڪوي جوجهاڏان عمرڪوٽ لڳ ٻاوڙائي جي سوڍي پاٻو جي لاک پساهه کي رنگ ڏيندي امراڻ جي اوجيس کي اکرن ۾ آندو آهي.

ڪاڙوو پنچ ڪلياڻ، سوڍي پاٻو سمپيو،

اجواڙيو امراڻ، امر ڪريو انچليسري،

(سوڍي پاٻو (چارڻ کي لاک پساهه ۾ ) ڪارو پنج ڪلياڻ گهوڙو ڏيئي، امراڻي کي روشن ڪرڻ سان گڏ پنهنجي خاندان انچليسري کي امر ڪيو)

سوما هندا سيس، پاٻو داٻي پگ سين،

ٻاوڙيائي ٻاويس، بيس بسوا سوڍا وڌي.

(ڪنجوسن جي سر کي سوڍي پاٻو (چارڻ کي لاک پساهه ڪري ) سخاوت جي پير سان دٻائي ڇڏيو. ٻيا سوڍا سخاوت ۾ ويهه آڱريون آهن ته هي ٻاوڙائي جو سوڍو ٻاويهه آڱريون يعني ٻه انگ مٿي آهي.

[1] رسي ويل راڻي کي پرچائڻ جي لاءِ مومل جو قافلو عمرڪوٽ ۾ جوڳي جي ويس ۾ عمرڪوٽ آيو هو. انهي منطرجا بيت

[2] سوڍو سورج سريکو، انجسي گڍ امراڻ



لوڪ گيتن ۾ عمرڪوٽ/امراڻو


ٿر جي لوڪ گيتن ۾ به عمرڪوٽ جو ذڪر ملي ٿو:

بادليا تون برس امراڻي ري ڏيس

تين بنا هاڙي هڙِيا نا کيڙين،

بلکي ڦري ڀتوارڻ ري

اي بادل! تون امراڻي جي سيم تي وس، تو کان سواءِ هاري هر نٿا کيڙين، ڀتواري پريشان ڦري رهي آهي.

بادليا تون برس امراڻي ري ڏيس

تين بنا گائين ڏوڌ نا ڏئين،

بلکي ڦري ڏوجهارڻ ري

اي بادل! تون امراڻي جي سيم تي وس، تو کان سواءِ ڍڳيون کير نٿيون ڏين، ڏوجهاري پريشان ڦري رهي آهي.

بادليا تون برس امراڻي ري ڏيس

تين بنا تڙهي پاڻي سڪيو،

بلکي ڦري پڻهارڻ ري

اي بادل! تون امراڻي جي سيم تي وس، تو کان سواءِ کوهن جو پاڻي سڪي ويو آهي، پڻهاري پريشان ڦري رهي آهي.

بادليا تون برس امراڻي ري ڏيس

سندر سهامڻي رو ساڙون ڀنجي

ڀنجي بالم ڪيسريو ري

اي بادل! تون امراڻي جي سيم تي وس، پلر جي پاڻي ۾ سندر ناري جي چنڙي پسي ۽ (ان جي ) بالم جو ڪسريو پٽڪو پسي.

ڪاڙا ڪجليو ٿي گائون ڙي ڪاڙا ڪجليو ٿي گائون

ڪاڙا ڀيل ڪاڙيندا هون ڪجليو ٿي گائون

ڪاڙا ڪجليو ٿي گائون

ڪارا ! ڪجليو ٿي ڳايان، اي ڪارا! ڪجليو ٿي ڳايان، ڪارا ڀيل ڪاريندا (نک جا) آئون ڪجليو ٿي ڳايان

جاني مانهنجو جيل هون ريل ڏي ٿي جائون

ڪاڙا ڪجليو ٿي گائون

منهنجو جاني جيل ۾ آهي، آئون (ڳوٺ جي ) ريل ڏيئي وڃان ٿي. ڪارا! ڪجليو ٿي ڳايان،

تارياڻي مان تار مهلي، عمرڪوٽ ٿي جائون،

ڪاڙا ڪجليو ٿي گائون

تارياڻي مان تار موڪلي آهي، عمرڪوٽ وڃان ٿي. ڪارا ! ڪجليو ٿي ڳايان،

اڌ پاساڙي ۾ کيتر کيڙيو، تينڏسين چونڊڻ ٿي جائون

ڪاڙا ڪجليو ٿي گائون

اڌ پاساڙي ۾ ٻني کيڙي آهي، آئون ميها چونڊڻ وڃان ٿي، ڪارا ! ڪجليو ٿي ڳايان،

لاڌيو پٽيل واهر چڙهيو، هون پگ هڻايو ٿي جائون

ڪاڙا ڪجليو ٿي گائون

لاڌيو پٽيل واهر چڙهيو آهي، آئون پير هڻايو وڃان ٿي، ڪارا ! ڪجليو ٿي ڳايان،

اونڏي ڏاهري للر پڪو هون مريڙو چونڊڻ ٿي جائون

ڪاڙا ڪجليو ٿي گائون

اونهي ڏاهري (ڏهر واري زمين ) ۾ للر پڪو آهي آئون مريڙو چونڊڻ وڃان ٿي، ڪارا ! ڪجليو ٿي ڳايان،

دڙي مٿي ڪونڊير پڪا هون پپان چونڊڻ ٿي جائون

ڪاڙا ڪجليو ٿي گائون

دڙي مٿي ڪونڊير پڪا آهين.آئون پپون چونڊڻ وڃان ٿي، ڪارا ! ڪجليو ٿي ڳايان،

مان جي رنگ ڀري موملڙي، آئو ري امراڻي ري ڏيس

موملڙي هيڪ وار امراڻي ري ڏيس

منهنجي سهڻي موملڙي امراڻي جي ڌرتي ڏي اچ، موملڙي هڪ ڀيرو امراڻي جي ڏس اچ.

راڻو ستو رنگ محل ۾ پرديسڻ ري جوئي واٽ،

سيرک پٿراڻي تين بن کٽا، آج کاري لاگي کاٽ

موملڙي هيڪ وار امراڻي ري ڏيس

راڻو رنگ محل ۾ ستو آهي، پرديسڻ جي واٽ نهاري رهيو آهي، تو بن هنڌ بسترو ۽ کٽ سڀ اڄ کٽا لڳي رهيا آهن، موملڙي هڪ ڀيرو امراڻي جي ڏس اچ.

ڪهين تو مولاوان اوڍڻ چنڙي، ڪهين مولاوان هار،

ڪهين تو ڦلڙي گهڙاوان، ڪهين جهانجهر جهڻڪار

مان جي رسيلي موملڙي، آئو ري امراڻي ري ڏيس

موملڙي هيڪ وار امراڻي ري ڏيس

چوين ته (تنهنجي لاءِ ) چنري جو اوڍڻ وٺان، چوين ته تنهنجي لاءِ هار خريد ڪريان! چوين ته ڦلڙي گهڙايان، چوين ته جهانجهر جي جهڻڪار وٺان منهنجي رسيلي موملڙي امراڻي جي ڌرتي ڏي اچ، موملڙي هڪ ڀيرو امراڻي جي ڏس اچ.

راڻو رمي رنگ محل ۾، پڻ مومل رو پتو نا پار،

ڍاڙو ڍڙڪي گيو، پڙيو نانهه پونهه ٻار

مان جي هيتالي موملڙي آئو ري امراڻي ري ڏيس

موملڙي هيڪ وار امراڻي ري ڏيس

راڻو رنگ محل ۾ ( چوپڙ راند ) رمي رهيو آهي، مومل جو ڪو پتو ناهي، ڍارو گسيو وڃي ٿو، ڪڏهن پئون ٻارنهن نه پيو آهي، منهنجي پياري موملڙي امراڻي جي ڌرتي ڏي اچ، موملڙي هڪ ڀيرو امراڻي جي ڏس اچ.

ڪٿڪي اپجي سونٺڙي، ڪٿ ڪي اپجي جيرو،

ڪٿ ڪي وسي مانرو سائٻو، سگي نڻڌل ٿانرو وير

ڪٿي سنڍ ٿئي ٿي، ڪٿي جيرو پيدا ٿئي ٿو؟ ڪٿي منهنجو صاحبو وسي ٿو؟ ڪٿي منهنجي سڳي نڻڌل تنهنجو ڀاءُ رهي ٿو .

امراڻي اپجي سونٺڙي، مارواڙ اپجي جيرو،

پارڪر وسي مانرو سائٻو، سگي نڻڌل ٿانرو وير

امراڻي ۾ سنڍ ٿئي ٿي، مارواڙ ۾ جيرو پيدا ٿئي ٿو. پارڪر ۾ منهنجو صاحبو وسي ٿو. منهنجي سڳي نڻڌل تنهنجو ڀاءُ رهي ٿو .

گاڏيئي آوي سونٺڙي، موٽري آويو جيرو،

گهوڙلي آويو مانرو سائٻو، سگي نڻڌل ٿانرو وير

گاڏين ۾ کڄي سنڍ آئي، موٽرن تي جيرو آندو ويو. گهوڙي تي چڙهي منهنجو صاحبو آيو آهي . منهنجي سڳي نڻڌل تنهنجو ڀاءُ آيو آهي.

ڍڙ گئي ٿانري سونٺڙي، آن وکري گيو جيرو،

رسي گيو مانرو سائٻو، سگي نڻڌل ٿانرو وير

تنهنجي سنڍ هارجي ويئي، ۽ جيرو پکڙجي ويو آهي. منهنجو صاحبو رسي ويو آهي. منهنجي سڳي نڻڌل تنهنجو ڀاءُ رسي ويو آهي .

چرمي مانري چرملي،

چرمي را ڏاڙا چار

گهوري جائون مانري چرمي نا،

واري جائون مانري چرمي نا

ترجمُو : چرمي منهنجي چرملي (پياري ) آهي. چرمي جا چار ٽار آهن. چرمي تان آئون گهور وڃان.

چرمي بابي جي لاڏلي،

سچ موتيان وچلي لال،

چرمي ماتا جي لاڏلي،

ماتا ري ڪاڙجيئي ري ڪور

گهوري جائون مانري چرمي نا،

چرمي منهنجي بابا سائين جي لاڏلي آهي. چرمي سچن موتين جي اندروني لال آهي. چرمي ماتا جي لاڏلي آهي. جيجل جي جگر جو ٽڪرو آهي. چرمي تان آئون گهور وڃان.

اونچلي ڏاڙي مين چڙهان

مانري نيچلي ڏاڙهي جيٺ

اُترو جيٺ جي مين چڙهان

جوئي مانرو بابو جي ٿانري واٽ

گهوري جائون چرمي نا

آئون مٿئين ٽار تي چڙهڻ چاهيان ٿي، پر هيٺئين ٽار تي جيٺ ويٺو آهي. اي منهنجا جيٺ جي! توهان هيٺ لهي اچو، منهنجو بابو اوهان جي واٽ نهاري رهيو آهي(اوهان بابا سان وڃي ڪچهري ڪريو). چرمي تان آئون گهور وڃان.

چڙهتي نا ڏيکي پاراڻو،

اترتي نا ڏيکي امراڻو

چڙهتي رو چوڙلو چمڪي،

اترتي رو چمڪي نو سر هار

گهوري جائون چرمي نا....

مون کي وڻ ٽاري تي چڙهندي پاراڻو ڏسي ٿو، وڻ تان لهندي منهنجو امراڻو (عمرڪوٽ) ڏسي رهيو آهي. چڙهندي منهنجو چوڙلو چمڪي ٿو. لهندي نو سر هار چمڪي ٿو. چرمي تان آئون گهور وڃان.

بابي جي ري چڙهي رو گهوڙلو

بيري جي ري چڙهي رو اٺڙلو

گهوڙي نا ٻڌل گُگهرا ري

اٺڙلي را ٻانڌيوڙا جهوڙا ري

گهوري جائون چرمي ....

بابا سائين جي چڙهي جو گهوڙو آهي. ڀاءُ وٽ چڙهڻ جي لاءِ اٺ آهي. گهوڙي جي ڪنڌ ۾ گهنگهرو ٻڌل آهن. اٺ جي ڪنڌ ۾ جهوڙا آهن. چرمي تان آئون گهور وڃان.

مانرا ساهير سوڍا، مانرا رتن راڻا،

همڪو گهوڙو امراڻي نا ڦير.........

ترجمُو: منهنجا بهادر سوڍا، منهنجا راڻا رتن. پنهنجو ڀلو گهوڙو امراڻي (عمرڪوٽ ) ڏانهن ڦير.

ڀٽيل راڻي ڇاجڙيا ري ڇائڙي مان،

اوڀوڙا آنسوڙا ڇٽڪاوت،

ڪينا ري ڀڙاوان امراڻي ري ڪوٽڙي،

ڪينا ري ڀڙاوان امراڻي ري باجار ري

مانرا رتن همڪو گهوڙو امراڻي نا ڦير................. .

ترجمُو: ڀٽيل راڻي (راڻي ڀٽياڻي )ڇپرن جي ڇانو ۾ بيهي ۾ ٻٽا ٻٽا آنسو هاري رهي آهي، اي منهنجا راڻا رتن! ڪنهن کي امراڻي جي ڪوٽڙي سونپيان، ڪنهن جي حوالي امراڻي جي بازار ڪريان؟ منهنجا رتن ! پنهنجو ڀلو گهوڙو امراڻي (عمرڪوٽ ) ڏانهن ڦير.

ٿانري ڪاڪي جي نا ڀڙاوو امراڻي ري ڪوٽڙي

ٿانري ڀائيڙان نا ڀڙاوو امراڻي ري باجار،

مانرا رتن همڪو گهوڙو امراڻي نا ڦير................. .

ترجمُو: تنهنجي چاچي کي امراڻي جي ڪوٽڙي ۽ تنهنجي ڀائرن کي امراڻي جي بازار سونپ. منهنجا بهادر سوڍا، منهنجا (راڻا )رتن. پنهنجو ڀلو گهوڙو امراڻي (عمرڪوٽ ) ڏانهن ڦير.

هاٽڙلي ڇُرڪي ٻانڀڻ واڻيان

چووڙئي ڇرڪي چارڻ ڀاٽ،

مانرا رتن همڪو گهوڙو امراڻي نا ڦير................. .

ترجمُو: دڪانن تي تنهنجي لاءِ ٻانڀڻ واڻيا اداس آهن، چووڙين تي چارڻ، ڀاٽ سڏڪي رهيا آهن.اي منهنجا (راڻا)رتن! پنهنجو ڀلو گهوڙو امراڻي (عمرڪوٽ ) ڏانهن ڦير.

باغڙلان مانهه ٻولي ميٺي ڪوئل،

مگرئي ٻوليا جهڻوڙا مور،

مانرا رتن همڪو گهوڙو امراڻي نا ڦير................. .

ترجمُو: باغن ۾ ڪوئل مٺي ٻولي رهي آهي. دڙن ۽ ڍيٻن تي مور جهيڻا ٽهوڪيا آهن. اي منهنجا راڻا رتن! پنهنجو ڀلو گهوڙو امراڻي (عمرڪوٽ) ڏانهن ڦير.

اري موريا ري موريا. ٿاني ري پرڻاوان پيڙي پومچي پومچي،پومچي،

مانرا پنچم واڙا ڦيرا کائيجي آج موريا،

مانري پنچم واڙا ڦيرا کائيجي آج موريا،

ميٺو تون ٻولي گڙتي رات رو رات رو......

اي موريا! توکي پيلي رنگ جو پومچو پارائي پرڻايُون، منهنجا پنچم جا ڦيرا اڄ کائجن. تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻولجان.

اري موريا ري موريا. آيو ڙي سرامڻئي پهلي ٽيج ري ٽيج ري ٽيج ري

مانري بڙلي ٻڌاڙان هينڏري موريا، مانري بڙلي ٻڌاڙان هينڏري موريا،

ميٺو تون ٻوليو گڙتي رات رو رات رو......

مانرو بالم وسي پرديس موريا،

مانرو بلالو وسي پرديس موريا،

ميٺو تون ٻوليو گڙتي رات رو رات رو......

اي موريا! ري موريا سانوڻ جي پهرين ٽيج آئي آهي، منهنجي بڙلي ۾ لوڏ ٻڌايان، منهنجو پتي پرديس ويل آهي،منهنجو بلالو پرديس وسي ٿو، تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻوليو آهين..

اري موريا ري موريا. ٿانري باغان ۾ ڪهين ڪهين نپجي نپچي، نپجي

مانري امراڻي ۾ پلجي ڏاڙم ڊاک موريا،

مانري امراڻي ۾ پلجي ڏاڙم ڊاک موريا،

ميٺو ري تون ٻولي گڙتي رات رو رات رو......

اي موريا! ري موريا! تنهنجي باغن ۾ ڪٿي ڪٿي نپجي ۽ منهنجي امراڻي ۾ (سدائين ) ڏاڙهون ۽ ڊاکون ٿين ٿا. تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻولجان.

اري موريا ري موريا. تون ڪي ٻوليو ڙي آڌي رات رو رات رو،

مانري اڏ گئي انکيان واڙي اونگ موريا

آڇو تون ٻوليو گڙتي رات رو رات رو......

مانرو بالم وسي پرديس موريا،

 مانرو بلالو وسي پرديس موريا،

ميٺو ري ٻوليو گڙتي رات رو رات رو......

اي موريا!ري موريا، تون آڌي رات جو ڪيئن ٻوليو؟ تنهنجي ٻوليءَ تي منهنجي نيڻن جي ننڊ اڏامي ويئي. تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻوليو آهين. منهنجو پتي پرديس ويل آهي،منهنجو بلالو پرديس وسي ٿو، تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻوليو آهين..

موريا ري موريا. ٿانري ري باغان ري کڙلي کولي ري کولي ري کول ري،

مانري اڏ گئي اکڙين ري نيند ري موريا

آڇو تون ٻولي گڙتي رات رو ري رات رو......

ميٺو ري ٻولي گڙتي رات رو ري رات رو......

اي مورياري موريا! تنهنجي باغن جي کڙڪي کوليءَ َ کولي ري کولي، کڙڪي کول.منهنجي نيڻن جي ننڊ اڏامي ويئي. تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻولجان. 

اري موريا ري موريا. ٿانري پگان ري پايل باجڻي ري باجڻي، باجڻي.

ٿانري رم جهم واجي گگهريان ري هور،

ميٺو ري تون ٻوليو گڙتي رات رو رات رو......

مانرو بلالو وسي پرديس موريا،

ميٺو ري ٻوليو گڙتي رات رو رات رو......

اي موريا! ري موريا! تنهنجي پيرن جي پايل وڄت واري آهي، تنهنجي گنگهرون جي هور رم جهم وڄي. منهنجو بلالو پرديس وسي ٿو، تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻوليو آهين..

مانا ٿيمرو ڪانٽو لگو، راجن امراڻي ۾

ترجمُو : اي منهنجا راجن! مون کي امراڻي ۾ ٿيمرو جو ڪنڊو لڳو آهي.

حيدراڻي جائي جائيجو، چوڙلو لائيجو،

چوڙلو گورل رو سينگار، راجن امراڻي ۾............ 

حيدراباد وڃي منهنجي لاءِ چوڙو وٺي اچجو، چوڙو (تنهنجي ) گورل جو سينگار آهي.

ڪراچي جائي جو، ڦلڙا لائي جو،

ڦلڙا گورل رو سينگار، راجن امراڻي ۾ ...................

ڪراچي وڃي منهنجي لاءِ ڦلڙا وٺي اچجو، ڦلڙا (تنهنجي ) گورل جو سينگار آهن.

پارڻي جائي جو، چنڙي لائي جو،

چنڙي گورل رو سينگار، راجن امراڻي ۾ ...................

پاراڻي وڃي منهنجي لاءِ چنري وٺي اچجو، چنري (تنهنجي ) گورل جو سينگار آهي.

چيلهاڻي جائي جو، جانجهر لائي جو،

جانجهر گورل رو سينگار، راجن امراڻي ۾ ................... 

چيلهار وڃي منهنجي لاءِ جانجهر وٺي اچجو، جانجهر (تنهنجي ) گورل جو سينگار آهي.

مٺاڻي جائي جو، ڪاچوڙو لائي جو،

ڪاچوڙو گورل رو سينگار، راجن امراڻي ۾ ...................

مٺي وڃي منهنجي لاءِ ڪاچوو وٺي اچجو، ڪاچوو (تنهنجي ) گورل جو سينگار آهي.

ميندِي ري نپجي ماڙٻي، آيو ڙِي امرڪوٽ

ميندِي ليسين ٻانڀڻ واڻيان

ميندِي مُلهاسي سورج رو ساکيو

ترجمُو: ماڙٻي (مالوا) ۾ ٿيندڙ ميندِي عمرڪوٽ آندي وئي آهي، جتي دڪانن تي ٻانڀڻ واڻيا وٺندا. اتان منهنجو سورج جيان چمڪندڙ ساجن ميندِي خريد ڪندو.

ميندِي ڀِجوئان ڪوري ڪونڏلي، جهيڻي ڪپڙي ڇاڻيان

ميندِي ليسين ٻانڀڻ واڻيان

ميندِي مُلهاسي سورج رو ساکيو

ميندِي ڪوري ڪونڊي ۾ پسايان، پوءِ نفيس ۽ سنهي ڪپڙي سان ڇاڻي رکان ميندِي ٻاڀنڻ واڻيا وٺندا، ميندِي منهنجو محبوب خريد ڪندو.

رائي ڌڻ ٽيٽوڙي انگوڙي، بالم ڏائي هاٿ هڻيان،

ميندِي ليسين ٻانڀڻ واڻيان

ميندِي مُلهاسي سورج رو ساکيو

گوري پنهنجي ٽينٽوڙي (چينچ) تي سان بالم جي ڏائي هٿ تي ميندِي چٽيندي. ميندِي ٻانڀڻ واڻيان وٺي ايندا ۽ منهنجو پرين اُتي ميندِي جو ناڻو ڪرائيندو.

آج تو مانهنجو لاڏلو بنڙو گهوڙلا سينگاري،

گهوڙليان رو مچيو گهمسان،

 مانهنجي ميندي لال مڃيٺ، تنان اٿ ڪوڻ لايو،

گهوڙليان رو مچيو گهمسان،

مانهنجي ميندي مڃيٺ ڪوڻ لايو........

ترجمُو: اڄ منهنجو لاڏلو گهوٽ گهوڙا سينگاري رهيو آهي. گهوڙن جو گهمسان مچيو آهي. اي منهنجي لال مڃيٽ ميندي تو کي هتي ڪير وٺي آيو آهي. گهوڙن جو گهمسان مچيو آهي. اي منهنجي ميندي لال مڃيٺ ڪير وٺي آيو آهي.

ڏاڙا ري روپاڙي ميندِي تو جهليا چار،

رنگي هاٿڙا ڪريا ري لال

مانهنجي هينئڙي هاڪڙو ياد آيو

روپن واري مينڌي (جي وڻ ) جا چار ٽارا نڪتا، جن کي نائي مون هٿڙا رنگي لال ڪيا آهن. منهنجي هينئڙي کي هاڪڙو ياد آيو .[1]

ڦٽري تو مينڌي مانهنجي امرڪوٽ ري،

ميندي ملاوي راڻي مينڌري

مومل هٿيان رنگ امراڻو لکايو...........

خوبصورت مينڌي منهنجي عمرڪوٽ جي آهي، جنهن کي راڻي مينڌري به ملاوي هئي.مومل جي هٿڙن عمرڪوٽ جو اهو رنگ لکايو هو.

رائلاڻي ري، امراڻي ري جهيڏر،

ماءُ ! مني پيڇيا ماڻهوڙا اڻي را ميهل ،

ترجمُو: اي ماءُ ! آئون رائلاڻي، امراڻي جي جهيڏرآهيان، مون پويان هتان جا ماڻهو موڪل

ڏاگليو چڙهي چهيڏر ٻائي جويو، ڏيس را ليلوڙا جهاڙ،

رائيلاڻي ري، امراڻي ري ...........................

ترجمُو: جهيڏر ٻائي اٺ تي چڙهي، پنهنجي ڏيهه جا ساوا وڻ نهاريا. اي ماءُ ! آئون رائلاڻي، امراڻي جي جهيڏرآهيان، مون پويان هتان جا ماڻهو موڪل

پگڙي جهٻوڪي پولري، هينئڙي جهٻوڪي نو سريو هار

رائيلاڻي ري، امراڻي ري ...........................

ترجمُو: منهنجي پيرن ۾ پولري جهٻڪي رهي آهي ته منهنجي هينئڙي تي هار جهٻڪي رهيو آهي. اي ماءُ ! آئون رائلاڻي، امراڻي جي جهيڏرآهيان، مون پويان هتان جا ماڻهو موڪل

هاٿڙلي ڏينوڙي ميندڙي چوڙلي لاگوڙي ري لال مجيٺ

رائيلاڻي ري، امراڻي ري ...........................

ترجمُو: منهنجي هٿڙن تي ميندي چٽيل آهي ته منهنجي چوڙلي کي لال مڃيٺ لڳل آهي. اي ماءُ ! آئون رائلاڻي، امراڻي جي جهيڏرآهيان، مون پويان هتان جا ماڻهو موڪل

ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي،

مان ماروڙا پرديسي نجر ماريو ڙي

گيا ٿا مانري امراڻي ري شهر

ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي.

ترجمُو ؛منهنجو ٻيڙلو نظرجي ويو آهي.اي منهنجا پرديسي! منهنجي ٻيڙلي کي نظر هنئي آهي. تون منهنجي امراڻي جي شهر ويو هئين. منهنجو ٻيڙلو نظرايو آهي.

گيا تا مانري مٺياڻي ري شهر،

تم سي هون نهين ٻولان ري،

گيا تا مانري پاراڻي ري شهر،

ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي ....

مان ماروڙا پرديسي ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي......

تون منهنجي مٺي جي شهر ويو هئين، تو سان آئون نه ڳالهائيندس، تون پاراڻي جي شهر ويو هئين منهنجو ٻيڙلو نظرايو آهي. اي منهنجا پرديسي! منهنجي ٻيڙلي کي نظر هنئي آهي.

نٿڙي لائجو ري، نٿڙي لائجو ري،

مان ماروڙا پرديسي، نٿڙي لائجو ري ،

نٿڙي مٿي حيدراڻي ري ڇاپ ري،

ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي ....

مان ماروڙا پرديسي ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي.....

اي منهنجا پرديسي! منهنجي لاءِ نٿڙي وٺي اچجان، جنهن تي حيدرآباد جي ڇاپ هجي. منهنجو ٻيڙلو نظرايو آهي.اي منهنجا پرديسي! منهنجي ٻيڙلي کي نظر هنئي آهي.

گيا تا مانري امراڻي ري شهر،

چوڙلو لائجو ري، چوڙلو لائجو ري،

مان ماروڙا پرديسي، چوڙلو لائجو ،

چوڙلي مٿي ميرياڻي ري ڇاپ ري،

ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي ....

مان ماروڙا پرديسي ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي....

اي منهنجا پرديسي! تون منهنجي امراڻي جي شهر ويو هئين، منهنجي لاءِ چوڙلو وٺي اچجان، جنهن تي منهنجي ميرياڻي شهر (ميرپورخاص ) جي ڇاپ هجي. 

اي هالو امراڻو جوئان زائي،

 لاريان آئي آولٽ ڪڍيا.

ترجمُو: اچو هلي عمرڪوٽ هلي گهمون، گاڏين اچي آواز گونجايو آهي.

آپڻئه نوان ڪوٽ شهر ۾،

پڪا ري ٻڌاويا...... .

ڌرتي را امي ساٿي سون،

اي هالو امراڻو جوئان زائي.....

پنهنجي نئون ڪوٽ شهر ۾ پڪو روڊ ٺاهي (مزدوري ڪري )پورو ڪيو آهي. پاڻ ڌرتي جا ساٿي آهيون، اچو هلي عمرڪوٽ هلي گهمون، گاڏين جو آواز گونجي رهيو آهي.

آج ڪ ٽالهي جهڙي شهر ۾،

پڪا ري ٻڌاويا ري...... .

حياتئي کشي رو نوم سئه ،

اي هالو امراڻو جوئان زائي.....

اڄ ٽالهي جهڙي شهر ۾ پڪو روڊ ٺاهي (مزدوري ڪري )پورو ڪيو آهي. حياتي خوشي جو نالو آهي، اچو هلي عمرڪوٽ هلي گهمون، گاڏين جو آواز گونجي رهيو آهي.

آج ڪ نبي سران شهر ۾،

پڪا ري ٻڌاويا ري...... .

حياتئي سندرتا رو نوم سئه ،

اي هالو امراڻو جوئان زائي.....

اڄ نبي جهڙي شهر ۾ پڪو روڊ ٺاهي (مزدوري ڪري )پورو ڪيو آهي. حياتي سندرتا جو نالو آهي، اچو هلي عمرڪوٽ هلي گهمون، گاڏين جو آواز گونجي رهيو آهي.

آج ڪ ڪنري شهر ۾،

پڪا ري ٻڌاويا ري...... .

حياتئي منزل رو نوم سئه ،

اي هالو امراڻو جوئان زائي.....

اڄ ڪنري جهڙي شهر ۾ پڪو روڊ ٺاهي (مزدوري ڪري )پورو ڪيو آهي. حياتي منزل جو نالو آهي، اچو هلي عمرڪوٽ هلي گهمون، گاڏين جو آواز گونجي رهيو آهي.

جوڌيا مانرا ڙي، ! مين امراڻي ري مارگئي،

جوڌيا! مين مروئو روپيو ڙي

جوڌيا مانرا ڙي، ! امراڻي ري سيريئي،

جوڌيا مين ڪجليو روڙيو ڙي

اي منهنجا جوڌيا! مون امراڻي جي رستي تي مروئو (نازبو) پوکيو آهي، جوڌيا! مون امراڻي جي گهٽين ۾ گهمندي اکين ۾ ڪجل پاتو آهي.

جوڌيا مانرا ڙي، ! امراڻي ري واڙيان نا ڍڙتي،

جوڌيا! منان ڏاويو ٻوليو ڙي

جوڌيا مانرا ڙي، ! امراڻي ري سيريئي،

جوڌيا مين ڪجليو روڙيو ڙي

اي منهنجا جوڌيا! امراڻي جي رستي ڏانهن ويندي (سوڻن وارو پکي) منهنجي ڏائي پاسي ٻوليو آهي، جوڌيا! مون امراڻي جي گهٽين ۾ گهمندي اکين ۾ ڪجل پاتو آهي.

جوڌيا مانرا ڙي، ! ٻاڙاتڻ ري پريتڙي،

جوڌيا! منان پياري لاگي ڙي

جوڌيا مانرا ڙي، ! امراڻي ري سيريئي،

جوڌيا مين ڪجليو روڙيو ڙي

اي منهنجا جوڌيا! مون کي ننڍپڻ جي پريتڙي پياري لڳي ٿي. جوڌيا! مون امراڻي جي گهٽين ۾ گهمندي اکين ۾ ڪجل پاتو آهي.

جوڌيا مانرا ڙي، ! ڌوريئي چڙهتي،

جوڌيا! منان ڏاڏاڻو ياد پڙي ڙي

جوڌيا مانرا ڙي، ! امراڻي ري سيريئي،

جوڌيا مين ڪجليو روڙيو ڙي

اي منهنجا جوڌيا! ڀٽ تي چڙهندي مون کي ڏاڏاڻو ياد پوي ٿو. جوڌيا! مون امراڻي جي گهٽين ۾ گهمندي اکين ۾ ڪجل پاتو آهي.

جوڌيا مانرا ڙي، ! امراڻي ري مارگئي،

جوڌيا! جهيڻي اڏي کيهه ري 

جوڌيا مانرا ڙي، ! امراڻي ري سيريئي،

جوڌيا مين ڪجليو روڙيو ڙي

اي منهنجا جوڌيا! امراڻي جي رستي تي جهيڻي کيهه اڏامي رهي آهي، جوڌيا! مون امراڻي جي گهٽين ۾ گهمندي اکين ۾ ڪجل پاتو آهي.

جوڌيا مانرا ڙي، !ننڍڪي ٿڪي رو،

جوڌيا! ڇورا پليو لگو ڙي

جوڌيا مانرا ڙي، ! امراڻي ري سيريئي،

جوڌيا مين ڪجليو روڙيو ڙي

اي منهنجا جوڌيا! منهنجو تو سان ننڍي هوندي کان پلو اڙيو آهي، جوڌيا! مون امراڻي جي گهٽين ۾ گهمندي اکين ۾ ڪجل پاتو آهي.

مروئو ، مانرو امراڻي ري واڙ يئي

مروئو مانرو ڏاڏاڻي ري سيريئي

ڪيهي ٻائي رو وايو ڙو ،

ڪيهي ٻائي رو سينچيوڙو 

مانهنجي جهيڻو لي جيڏل! مروئي ري مهڪار،

مروئو (نازبو) منهنجو امراڻي جي واڙين ۽ مروئو (نازبو) منهنجو امراڻي جي گهٽين ۾ ڪهڙي ٻائي پوکيو آهي، ڪهڙي ٻائي سنڀاليو آهي. منهنجي پياري جيڏل مروئي جي مهڪار اچي رهي آهي.

مروئو ٽوڙي بيري ري موڙ ٻڌڙان

مانهنجي باڀلڙي ري چوڙلي

مروئو مانرو گوڍي ڏاڙي ڊانکڙو

پاني ڦلي ڦوٽرو

مانهنجي جهيڻولي جيڏل.......

مروئو (نازبو) ٽوڙي منهنجي ڀاءُ جي موڙ ۾ ٻڌان، منهنجي باڀلڙي جي چوڙلي تي واسيان. مروئو منهنجو ٿڙ ۽ ٽارين ۾ گهاٽو آهي. پنن سان سهڻو لڳي ٿو. منهنجي پياري جيڏل مروئي جي مهڪار اچي رهي آهي.

مروئو مانرو موڀي ويري ري گاسيڙي

مانري باڀلڙي ري چوٽلڙي

مانهنجي جهيڻولي جيڏل، .......

مروئو (نازبو) منهنجي ڀاءُ جي (چڙهي واري اٺ جي ) گاسيئي ۾ رکان، منهنجي باڀلڙي جي جي چوٽي ۾ وجهان. منهنجي پياري جيڏل مروئي جي مهڪار اچي رهي آهي.

مروئو مانرو ٻيهنل ٻائي ڇاتلڙي

ٻهنوئي جي ري رهاڻ

مانهنجي جهيڻولي جيڏل ......

منهنجي (پرڻيل) ڀيڻ جي ڇاتي مروئي سان واسيل آهي. مروئو منهنجي ڀيڻوئي جي مجلس آهي.. منهنجي پياري جيڏل مروئي جي مهڪار اچي رهي آهي.

۽ ٻيا به ڪيترائي ٿري لوڪ گيت آهن.جن ۾ امراڻي جي حسن جي هاڪ آهي.هندي، مارواڙي ۽ ڍاٽڪي شاعري ۾ امرڪوٽ (عمرڪوٽ) کي ڳائڻ جا ٻيا به ڪيترائي مثال موجود آهن. سامين جي پُري سلسلي جي شاعر ڏونگر پري ۽ سندس چيلي لکمي مالهي جي واڻين ۾ امراڻو ڳايل آهي. پروفيسر سڪتيڏان جي شاعري جو مجموعو ڌرا سرنگي ڍاٽ ٿر ۽ عمرڪوٽ جي پسمنظر دلچسپ آهي. هتي صرف هڪ شعر ڏنو آهي.ڪوي جوجهاڏان جي ڪوتا ۾ به امرڪوٽ (عمرڪوٽ) جو سهڻو ذڪر ملي ٿو . چارڻ ڪوين جي هڪ پراچين دوهي ۾ آهي ته ؛

پرلي پاڙ نه جاڻي، جگ جگ رهه جماڻ

بڪماڏي ري بيڏئي کوجيو گڍ امراڻ

[1] هاڪڙي جي عروج واري زماني ۾ مينڌي جا گهڻا وڻ هوندا هئا



سوڍن جي صاحبي


همروٽ ڇتيسيءَ جي ڪردارن سوڍن جي سورهيائي ۽ صاحبيءَ جي ڪارنامن سان تاريخن جا صفحا ڀريا پيا آهن. سوڍن جي مکيه ماڳن ۾ عمرڪوٽ، رتوڪوٽ ۽ سمورو ٿرپاررڪر رهيا آهن.

سوڍا لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ‘سوڍ’ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ‘وير، بهادر ۽ سلڇڻو.’ سوڍا، پرمار راجپوت آهن. راجپوتن کي ‘کشتري’ پڻ چيو ويندو آهي. ‘کشتري’ جي لفظي معنيٰ ‘سووير’ ۽ ‘حفاظت ڪندڙ’ آهي. شريمد ڀاڳوت پراڻ ۾ ‘کشتري’ جا جيڪي گُڻ ٻڌايا ويا آهن، سي هي آهن: ‘تيجوان، ٻلوان، ڌيرج وان، ۽ محنت ڪش.’

پراچين اتهاس کان وٺي اڄ جي دور تائين لکيل ڪتابن ۾ اهو آيو آهي ته، پرشرام رشيءَ جي “نا کشتري” ڪرڻ کان پوءِ برهم رشي وسشٽ، ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ ابو پهاڙ تي يگيه ڪيو . يگيه جي اگنيءَ (باهه) مان چار کشتري: پرمار، پڙهيار، چوهاڻ ۽ سولنگي نڪتا. انهن چئن مان ٻيون اگني ونس راجپوت جاتيون نڪتيون آهن.[1]

پرمارن جو هن ننڍي کنڊ ۾ وڏو ڌاڪو رهيو آهي. پرمارن جي مکيه ماڳن مان: اُجين، مالوا، ابو ۽ ڌارا نگري رهيا آهن. چارڻن جي ڪوتا آيل آهي ته:

پرٿمي بڙا پرمار، پرٿوي پرماران تڻي،

ايڪ اجيڻي ڌار، ٻِيجو ابو ٻيسڻو.

پرمار ونس جون 35 شاخون آهن. سوڍا انهن مان هڪ شاخ آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ سوڍن جو گهڻو ذڪر آهي. سوڍن جون وري 35 شاخون آهن. جيڪي هن ريت آهن: سُرتاڻ، ڀوجراج، ساڏور، اجيت، مالديو، گنگ ڏاس، ڀاڻ، نانگڙ، سنگراسي، اکمالوڌ، مڏا، جيسا، ميهراڻ، ڪيلڻ، آسڪرڻ، پاٽينگڙا، سورج مل، دودا، وجيراميت، وئرسي، رپار، ملوت، نرسينگهه، تيجو، اونڀا، ولهي رام، لوڻڪر، بجيرا وغيره.

سوڍو ۽ سانکلو ٻه ڀائر هئا. جن جو اولاد انهن جي نالن پويان سڏجي ٿو. پرمارن پهرين آبو پهاڙ تي قبضو ڪيو. پوءِ پوري مارواڙ تي ڌاڪو ڄمائي ميواڙ ، مالوا، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ تي پنهنجا راڄ قائم ڪيا. آبو پهاڙ جي پرمارن چندراوتيءَ تي راج گادي بڻائي. پرمارن نوَ ڪوٽ ٻڌرائي، پنهنجي حاڪميت کي ‘نوڪوٽي مارواڙ’ چورايو.

آهستي آهستي پڙهيار ۽ چوهاڻ ونس به اڳتي اڀري آيا. چوهاڻ ۽ پڙهيارن پرمارن سان ويڙهاندون شروع ڪيون. چوهاڻن سڀادکش (اجمير) تي پنهنجو راڄ ڄمايو. اجمير جو قلعو راجا اجيه پال چوهاڻ ٻڌايو، جنهن جي ڪري اجمير کي ‘اجيه ميرو’ به چيو ويندو هو.

پڙهيارن، جالور جو قلعو کسيو. پوءِ منڊور (جوڌپور) کي پنهنجي قبضي هيٺ آندو. چوهاڻن اجين کي پنهنجي راڄڌاني بڻائي. وقت جي وير پرمارن جو زور گهٽائي ڇڏيو. پرمارن اهڙيءَ حالت ۾ ڪراڙو کي پنهنجو ماڳ بڻايو. جنهن کي ڪرات ڪوٽ يا ڪرات ڪوپ به چيو ويندو هو. ٿر جا مهيشوري ‘ڪراڙو’ جا رهندڙ هئا، انهي ڪري انهن کي اڄ ڏينهن تائين ‘ڪراڙ’ سڏيو وڃي ٿو. پرمارن مان راڄا ٻاهڙ راءِ ڪراڙو تي راڄ ڪندو هو، جنهن کي ‘ڌرڻي وراهه’ به سڏيو ويندو هو. جنهن جو دور ‘سوڍائڻ’ جي مصنف مطابق سن ڏهين عيسوي صدي آهي.

ٻاهڙ راءِ جي نالي تي ‘ٻاڙمير’ شهر سڏجي ٿو. ٻاهڙ راءِ جو ٻيو نالو ‘واگڀٽ’ پڻ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. جنهن جي ڪري ‘ٻاڙمير’ کي ‘واگڀٽ ميرو’ به سڏيو ويندو هو. راجا ٻاهڙ راءِ جو پٽ چاهڙ راءِ ٿيو، جنهن جي نالي پويان ‘ڇهوٽڻ’ لڳ ‘چاهڙسر’ نالي ڳوٺ وسيو.

چاهڙ جا ٻه پٽ ٿيا: هڪ سوڍو ۽ ٻيو سانکلو. سانکلي جو اصل نالو واگهه هو، جنهن ڪري ڪن مؤرخن غلطيءَ سبب واگهه، چاهڙ جو ٽيون پٽ ڏيکاريو آهي. راجا چاهڙ پنهنجي الڳ راڄڌاني ‘ڪوهلاپُر’ وسائي هئي. ڪوهلا نالي پربت تي آدي شڪتي ‘هنگلاج’ جو آسٿان آهي. چاهڙ راءِ هنگلاج جو عقيدتمند هجڻ جي ڪري سنڌ سان ويجهڙائپ رکندو هو. وقتي حالتن سبب چاهڙ راءِ کان راڄ هٿان ڇڏائجي ويو. پوءِ هو رائڌڻ پور لڳ ڳوٺ جهاجهما ۾ رهڻ لڳو.

چاهڙ راءِ جي پرلوڪ پڌارڻ کان پوءِ ‘سوڍو’ سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. جتي هڪ روايت موجب سومرن هن کي ‘رتوڪوٽ’ ڏنوهو، پرمارواڙ جي نامور مصنف شڪتيڏان، ‘سوڍائڻ’ جي صفحي نمبر 24 لکيو آهي ته، “سوڍو پنهنجن ساٿين سان گڏجي سنڌ روانو ٿيو. ڇهن ڏينهن جي پنڌ بعد ستين رات جو ‘رتي ڪوٽ’ تي حملو ڪري ‘رتي مغل’ کي ماري، پنهنجو قبضو قائم ڪيو.”

رتوڪوٽ، کپري کان ڇهه ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اڄ به کنڊرات جي شڪل ۾ موجود آهي.

سانکلو مارواڙ جي پڙهيارن وٽ ويو، جتي ‘واڌوريا’ ڳوٺ ۾ پنهنجي ڦڦي ‘سندر’ (جيڪا گيانچند پڙهيار کي پرڻايل هئي) وٽ رهڻ لڳو. سانکلي جو اولاد سانکل پرمار چوائي ٿو.(سانکلن جي الڳ تاريخ آهي.)

سوڍي کان پوءِ سندس پٽ راڻي رائديو (راجديو) راڄ سنڀاليو. رائديو کان پوءِ سندس پٽ چاچڪ ديو راجائي سنڀالي. راڻا چاچڪ ديو، داناءُ ۽ بهادر هو. هن راڄ سنڀالڻ سان ئي امرڪوٽ فتح ڪيو. چارڻن کي ‘کاروڙو’ دان ۾ ڏنو هئائين. راڻا چاچڪ کان پوءِ ‘جئه ڀرم’ راڄ ڌڻي ٿيو. ان کان پوءِ جيسهڙ (جيسا)، سوميشور، ڌاراپرش ۽ دُرجنشال ترتيب وار راج ڌڻي ٿيا.

ڌارا پرش جا ٻه پٽ هئا: هڪ درجنشال، ٻيو آسراءِ. درجنشال کي کينئرو ، ڀاٻ، نانگڙ، ڪيهلڻ ۽ ٻيا پٽ ٿيا، جن جو اولاد امرڪوٽ جا راڻا ۽ ٿر جا سوڍا آهن. ڀاڻ کان پوءِ راڄ ڌڻي مانڏڻ ٿيو، جنهن جو پٽ مشهور درويش ‘پير پٿورو’ آهي.

آسرا جو اولاد ننگرپارڪر جا راڻا ۽ سوڍا آهن. جن انگريز کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا هئا. راڻي آسراءِ کان پوءِ ننگرپارڪر جي راڻپ ترتيب وار ديو راج، سلک (يا سڙڪجي)، ديپوو، کنگهار، ارجڻ جي، ڀيم جي، ويرسل، ڀاکرسي، گانگو جي، اکو جي، ماڻڪ راءِ، لوڻجي، ڏيپار جي، رامسنگهه، وڻوير جي، رائڌڻ جي، گجسي، ڪانجي (يا ڪرڻجي)، رتن جي، همير جي، رڻڇوڙ جي، اچل سنگهه وٽ رهي.

عمرڪوٽ ۾ راڻي درجنشال کان پوءِ ترتيب وار راڻو کينئرو، راڻو اوتارڏي، راڻو ٿرو، راڻو ويسو، راڻو تيجسي، راڻو چانپو، راڻو گانگو، راڻو پرساد، راڻو چندرسين، راڻو ڀوجراج، راڻو ايسرداس، راڻو جئه سنگهه، راڻو سرتاڻ سنگهه، راڻو آسڪرڻ، راڻو سنگرام سنگهه، راڻو مهراج راڻو ڪيسر سنگهه، راڻو کيمون، راڻو شوراج سنگهه، راڻو سٻر سنگهه، راڻو مهراج، راڻو ڀڀوت سنگهه، راڻو سرت سنگهه، راڻو پيرڏان سنگهه، راڻو جسونت سنگهه، راڻو ارجن سنگهه، راڻو چندر سنگهه ۽ موجوده راڻو همير سنگهه ٿياآهن.

راڻپ جي سلسلي جا ڪجهه نالا رهن ٿا. راڻو مينڌرو به راڻپ جي سلسلي جي ڪڙي هو. پر ‘تاريخ ريگستان’ جي ليکڪ، راڻن جي فهرست ۾ کيس شامل نه ڪيو آهي.

ڪوي بانڪيداس جي زماني ۾ ڪهڙو راڻو هو؟ هي سوال اڃا تائين پنهنجو جواب طلبي ٿو.

وقت جي سچن ۽ کرن ڪوين، سوڍن کي ڳايو آهي. ڪردار جو ڪچو ڪو به ماڻهو ڪهڙي به ڪُڙم مان ٿي سگهي ٿو، پر مجموعي طور تي سوڍو، سنڌ ۾ پيار، پريت، ريت، رسم ۽ ماڻهپي جو مثال آهي. رڻمل سوڍي، جوڌاسنگهه، هاسي سوڍي، راڻي ڪرڻجي، لڌو سنگهه سوڍي ۽ اُڌيسنگهه سوڍي تائين سرويچ سوڍن سنڌ جي سينڌ کي، ڪنوار جي سينڌ جي سينڌور جيان پنهنجو رت ڏئي ريٽو ڪيو آهي.

ڪوي بانڪيداس چيو آهي ته:

ڪيرت وليان ڪاهلا ات وليان دوداڻهه،

پرڻجي ساري پرٿي، گائيجي سوڍاڻهه.

[1] چيلهار جو رهواسي مشهور پنڊت پونمچند اگني ڪنڊ مان ماڻهو جي نڪرڻ واري ڳالهه کي رد ڏيندو هو. اگني ونس متعلق پونم چند، ويد جي منڊل پهرين ۽ منڊل ڏهين جا سوڪت ٻُڌائي چوندو هو ته، انهن سوڪتن ۾ آيل آهي ته ٻار، ماءُ جي پيٽ ۾ اندرين باهه (تپش) جي زور تي وڌي ٿو. ماءُ جي (بقايا نوٽ: 100پيج تي ڏسندا)

پيٽ جي تپش جي ڪري، پراڻن ۾ ‘اگني ونس’ جو لفظ آيو آهي. برهم رشي وسشٽ انهي وقت جي رواج مطابق يگيه ڪري مقامي چئن نوجوانن کي دعا ڏني هئي ته هو پنهنجي طاقت ۾ زور ٿيندا.”



همروٽ ڇتيسي


(مڪمل متن)

امراڻو امرا پُري ڌُرا سرنگي ڍاٽ،

رهي جو سوڍو راجوي، پهه پنوارن پاٽ،

(مسافر! منهنجو امراڻو ڌرتيءَ تي امراپُري (دلڪش ماڳ سرڳ سمان) آهي. ڍاٽ جي هنن دڙن ۾ پرمار سوڍن جي صاحبي/ حڪومت آهي.)

2

ڪيهر لنڪي گوريان، سوڍا چُتر سُڄاڻ،

بڙ جُهڪيالانٻي سران، آيو گڊ امراڻ،[1]

(جتي چيتي جي سنهڙي چيلهه واريون سُندر ناريون هجن، جتي مرد سياڻا ۽ بهادر هجن، جتي لانٻي جي تلاءَ تي بڙ جي وڻن جا جهڳٽا هجن، ته پڪ ڄاڻجان اهي آثار امراڻي گڍ (قلعي) جا آهن.)

3

راڻا امرڪوٽ را،گيا جمارو جيت،

جيان را منگل ڌمل ۾،گوريجي جس گيت.

(مسافر! منهنجي ڍاٽ جي دڙن تي ڏينهن ڏهاڙي، خوشيءَ جي هر ڏڻ تي سوڍن جي ساراهه جاگيت ڳائجن ٿا، امرڪوٽ جا راڻا پنهنجي سورهيائيءَ، سياڻپ ۽ سوُنهن جي ڪري لوڪ گيتن جا امرڪردار بڻجي ابد تائين جيت پائي ويا آهن.)

4

سوڍا امرڪوٽ را، سرڪٽيان شمشير،

ٻانهين هيڻا ويرهر، بانڪا مارٿ وير،

(منهنجي امرڪوٽ جا سوڍا، هيڻن جا همراه ۽ مهاويرن سان مقابلو ڪندڙ آهن، سندن سورهيائيءَ جي راڄن ۾ ڌاڪ آهي، سرڪٽائڻ کانپوءِ به جوُنجهار[2]ڪو جهيڙو ڪرڻ به کين اچي ٿو)

5

ايڪ ايڪ سُون آگلا راڻا امرڪوٽ،

پر گهٽ هُوئا پرماروي، ماڻيگرمن موٽ،

مسافر! منهنجي امرڪوٽ جا راڻا،هڪ ٻئي کان گوءِ کڻندڙ آهن، سورهيائيءَ، سخاوت ۽ سونهن ۾ هڪ ٻئي کان سرس،هي پرمار ونس جا راجپوت،ڌن جي بهتر استعمال سان غريب پروريءَ جو اعليٰ مثال آهن.)

6

ڍاٽ سُرنگي گوريان، آڏو ڪهوت ايهه

پدمڻيا همروٽ هُووي، راک م سنسو ريهه،

(ڍاٽ جي خوبصورت نارين جي سُونهن دنيا ۾ مثالي آهي، وڏي وقت کان اها چوڻي عام آهي ته امرڪوٽ جي پدمڻين جي سونهن بابت ڪوبه شڪ نه رک!)

7

ايڪي پدمڻي واسطي، سينڌل گيو رتن،

امرڪوٽ نه آويو، متو ڪيو ڪي من.

(آءٌ سوچيندو آهيان ته چتور جو راڻو رتن سنگهه هڪ پدمڻيءَ خاطر سيندل (سري لنڪا)ڪيئن ويو؟، هُن جي دل ۾ اهو ڦيرو ڪيئن آيو، جو ان کان وڌيڪ امراڻي جي حسين نارين ڏانهن سندس جيءُ جهٻي نه کاڌي !)

8

نويڻ چنچل، سروڻ لگ، لانٻا ويڻي ڏنڊ،
هڪي سهج سُواس وڀو، ڪرلايو شري کنڊ.

(سندرين جون چنچل اکيون آهن، ڪارا ڀنڀا وار خوبصورت انداز سان سينگاريل، چوٽي ۽ وينڊليون پُٺي ۽ ڪنن تائين لٽڪي رهيون آهن، پر جي ويڙهيل وار کولين ته پيرن جي کڙين سان وڃي لڳن،انهن جي پيرن جي خاڪ به واسجي وڃي، سندن سڄو بدن سُرهو آهي ڄڻ ته ڪنهن هٿ سان چندن اوتي ڇڏي آهي، لانٻي[3] (تلاءَ) جي اهڙي حُسن جي واکاڻ نه ڪرڻ ڏوهه آهي.)

9

لاگان ڪُسم سَرس وڀو، جيان ري پڙي کروٽ،

حد ناجڪ هرڻ انکيان، هئه مانجهل همروٽ،

(امراڻي جي خوبصورت نارين جي سونهن جي اُهڃاڻن ۾هڪ رتيءَ جي به ڪمي نه آهي،هنن جا بدن سرنهن جي گل کان به سرها ۽ سهڻا آهن ۽ سندن اکيون نازڪ هرڻين جهڙيون آهن.)

10

انکڙيان اڻيليان،ڪاجل ريک ڪيانهه،

ڀنڀليان ڀاوويان، لاج سينهه ليانهه.

(حُسن جا اُهڃاڻ هتي دنگ نٿا ڪن، امراڻي جي پدمڻين جون وڏيون ۽ ڪجل ڀريون اکيون حيا ۽ حُسن جو اوتارو آهن، انهن مٿان ڪارا ڀِرُون، سونهن کي ويتر وڌائين ٿا، اکين جي لڄ ۽ جُهڪاءُ نينهن وارن لاءِ نياپو ٿي پوي ٿو.)

11

انگ انگ منجهه اوڦڻي، جووَن آٺون جام،

تيُون ڍاٽي تصويررو، قلم هوي نهين ڪام

(امراڻي جي ڪامڻين جي انگ انگ ۾ اٺ ئي پهر جوڀن جو جام ڇُلڪا کائي پيو. اهڙي خوبصورت ڍاٽي حُسن جي تصويرڪشي ڪرڻ قلم جي وس ۾ نه آهي). ڪن سگهڙن وٽ لفظ ‘ڍاٽي’ جي بدران لفظ هندي پڻ ملي ٿو.

12

گهونگهٽ کولوي نهين، ٻولوي پڪ ويڻ،

گج گت جاوي گوريان، لانٻي سرجل ليڻ.

(هي پدمڻيون سدائين گهونگهٽ ۾ رهن ٿيون، سندن ٻول ٻڌڻ لاءِ جرئت کپي. هي گوريون هاٿيءَ چال سان (لانٻي تان) پاڻي ڀرڻ وڃن ٿيون. سندن قطار حسين منظرن مان هڪ آهي.)

13

نوا سرنگا اوڍيان چنگا جهڻيا چير،

ڀرَهي هيم ورڻيان، ڏڌ ورڻو نير،

(هي پدمڻيون رنگين ۽ نفيس ويس پائي لانٻي تان پاڻي ڀرين ٿيون ته رنگن جو عجيب ميلاپ نظر اچي ٿو. هُو سون ورنيون سندريون آهن ۽ (سندن مٿي تي) کير رنگ پاڻي آهي.)

14

نُک سُون لي ڇوٽي لڳي، تن ڇپي مانهين ترنت،

رل مِل ڪيهر لنڪيان، لانٻي نير ڀرنت.

(پيرن جي ننهُن کان وارن جي چوٽيءَ تائين ڪامڻين جو حُسن وڄ وراڪا ڏئي رهيو آهي، چيتي جهڙي سنهڙي چيلهه واريون حسينائون لانٻي تان پاڻي پيون ڀرين.)

15

لانٻي سر پاڻي ڀري، گوري گات انوپ،

 جيان آگي پاڻي ڀري، رنگ الو ڪڪ روپ،[4]

(لانٻي تلاءَ تان پاڻي ڀريندي گوريءَ جو حُسن عجيب نظارو پيش ڪري ٿو، جنهن جي اڳيان ڄڻ ته ڪائنات جا سمورا رنگ پاڻي ڀري، پنهنجي هار تسليم ڪن ٿا.)

16

گهر گهر ۾ ڌيڻا گهڻا، گهر گهر گهور م ماٽ،

راڳ رنگ رليامڻو، ڌر پڙ مانجهل ڍاٽ،

(امراڻي جي گهر گهر مان اسر ويل ماٽين مان کير ولوڙڻ جو مڌرآواز گونجي رهيو آهي، هي راڳ ۽ رنگ گڏجي ڍاٽ کي سهڻو بڻائين ٿا.)

17

مَهيلان پونم چندر مُک، آٺم چندر للاٽ،[5]

ڪيهر لنڪي گوريان، ڀَروُن ڀمران گهاٽ،

(سندرين جو مک پونم جي چنڊ جهڙوآهي ۽ سندن پيشانيون اٺينءَ جي چنڊ جهڙيون آهن. ڪيهر- لنڪين (ڪيهر جي سنهڙي چيلهه جهڙين) سُندرين جا ڀِرُون ڀونئرن جا گهاٽ لڳن ٿا.)

18

ايڪي ڏٺان ڏٺ، سهه مهلان چمپڪ مال،

ڪر سُون ليڌي توڙڪن، روپ رونک اڪ ڏال.

(امراڻي جون پدمڻيون سڀئي هڪ جهڙيون آهن. هڪ ڏٺي، ڄڻ سڀ ڏٺيون. سڀئي چمپا جي مالها وانگر آهن. ڪابه حسن ۾ گهٽ نه آهي. سڀئي سونهن جي وڻ جون ٽاريون آهن، جن کي ٽوڙي ڄڻ ڌار ڌار ڪيو ويو آهي.)

19

ڪومل راتا پاتلا، اڌر جڪان را ايڪ،

اڀيلاسي پيوڻ امر، سُڌا جام ري سيڪ،

(سندر نارين جا چپ ڪومل رتن پنن جهڙا آهن، انهن تي انسان ته ٺهيو، پر ديوتا به موهت ٿي چپن جو امرت پيئڻ لاءِ ويڳاڻا آهن.)

20

ڏانت چمڪي اهر ڏن، جاڻ چمڪي بيج،

جيان ري ڌُني مڌوري، سڻي رهي تپسوي ريجهه.

(حسين ڪامڻين جا ڏندڳالهائڻ وقت ائين چمڪي رهيا آهن، ڄڻ وڄ چمڪي رهي آهي. سندن آواز اهڙو مٺو آهي، جو جهنگل ۾ جوڳ ڪندڙ جوڳين جو تپ اڌ ۾ ٽٽي پوي ٿو.)

21

ڪمل جيسا ڪماريان ڪر، چوڙا رنگيا چول،[6]

لانٻي جل لهران ڪڙس، ڀري هلول هلول.

(امراڻي جي سندر نارين جا هٿ ڪنول جهڙا آهن. سندن ٻانهن ۾ رنگين چوڙا پاتل آهن، انهن خوبصورت هٿن سان لانٻي جو جل مٽڪن ۾ ڇلڪائينديون، پير پير ۾ ملائي هلن ٿيون.)

22

هيم ڪڙس انگ اوپر، نير ڪڙس سرليئه،

پڻگهٽ هُوتان ٻاهڙيان، ڪڙس ڪمل ڪرديئه.

(ڪامڻين جي انگ تي سون ڀريل ڇاتيون آهن ۽ مٿي تي پاڻيءَ ڀريل ٻيلهڙا آهن،لانٻي جي پڻگهٽ تان پاڻي ڀري موٽڻ تي سوچين ٿيون ته ڪنول جهڙا هٿڙا ڪهڙن مٽن تي رکن!)

23

سرور لانٻي سنچري، پڻگهٽ پدمڻيانهه،

ڪر گڻوان ڪماريان، وڀو سوڀا وڻيانهه،

(امراڻي جون پدمڻيون، ٻيلهڙا کڻي لانٻي پنڌ پون ٿيون ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ اپسرائون خوبصورت ويس ڍڪي ڌرتيءَ تي هلي رهيون آهن.)

24

جـيان را ڀوئيـنگ رُوپ ڇَتيان، نيـڻ ڪـجل ريـکوال،[7]
پڙهي لهران مس پگان، تيان هندا اوتال.

(پدمڻين جا ڪارا وار، ڀوئنگ (نانگ) جي رنگ جو ڏيک ڏين ٿا ۽ سندن ڪارين وڏين اکين ۾ ڪجل جي ڌار رکواليءَ جو روپ اختيار ڪري ٿي. پاڻيءَ جو سينور ۽ لهرون، ڪامڻين جي مينهن وساڙن جهڙن پيرن کي اُڇل کائي ڇُهڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.)

25

جڏ گهر ري تج ڏهِلي، پڻگهٽ سمهان پايه،

باجي گهنگهرو پارٻن، سونهن سرور جايه.

(امراڻي جون پدمڻيون جڏهن گهر جي اوٽي جي پيڊلي ڇڏي لانٻي تلاءَ جي پڻگهٽ ڏانهن وک کڻن ٿيون، ته سندن پيرن جي ڇيرن جي ڇمڪو تلاءَ جي حُسن کي ٻيڻو ڪري ڇڏي ٿو.) ‘باجي گهنگهرو’ واري سٽ ۾ سُونهن جي بدران ‘سور’ لفظ پڻ ملي ٿو.

26

هنس جيهي هالوڻيان، ڍاٽيڻيان تيانهه،
ڪنڪ لتا ڪاٺيواڙيان، جوڙي نهين جيانهه.

(هنس جي لوڏ ۽ هاٺيءَ واريون ڍاٽڻيون ايڏيون ته سهڻيون ۽ سندر آهن، جو ڪاٺياواڙ جو ڪو سونارو سندن سونهن جهڙو ڪو زيور ئي گهڙي نه سگهيو آهي.)

27

ڌن امراڻو ڍاٽ ڌر، پدمڻيان ٻن پار،

سهه ناري سيڪو تري، ڌرتي هند ڌڪار.

(امراڻي ۽ ڍاٽ جون پدمڻيون ڏسڻيون اٿئي ته ٻئي پار ڏي نه ڏس ! هند جي ڌرتي به ڇڏي اچ.جو هتي جي هر سندري سيڪوتريءَ جهڙي آهي.)

28

سوچچ ڪيول مهليان، ماهين ڇپي نهين مڻانهه،

پات گهڙ سوني ويلڙيان، ڪامديو آپي هاٿون تڻانهه.[8]

(امراڻي جي پدمڻين جا ڳل اهڙا صاف ۽ سهڻا آهن، جو هر ماڻهوءَ لاءِ هڪڙي ڇڪ ٿي پون ٿا. سونهن جي ڪا ڪمي نه آهي. لڳي ٿو ته، ڪامديو (عشق جي ديوتا) پنهنجن هٿن سان سون جا پن ٺاهي، انهن تي ويهي چِٽ چٽيا آهن.)

29

سـهـه آڀـرڻـا سـوڀـي ويـنـڊل جهـولـتيـان،[9]

ڄاڻي ڦولان ڀارجت، هاٽڪ ويلڙليان.

(پدمڻين جي وارن جون وينڊليون ۽ زيور ڪيڏو خوبصورت ڏيک ڏئي رهيا آهن، ٽولي ۾ ڪامڻيون جهولندي ائين لڳن ٿيون ته جيئن باغن ۾ ڦلن جي بار سان سون جون وليون نمي پيون آهن.)

30

چيري پونم چندر، ڪاڍي ڪامڻيانهه،

ڪايه سينگل ڍاٽ ڌر ديکو دامڻيانهه.

(قدرت واري) پونم جي چنڊ کي ٻه اڌ ڪري هڪ حصي مان امراڻي جون حسين ناريون ۽ ٻئي حصي مان سيندل(سري لنڪا)جون ڪامڻيون تخليق ڪيون آهن.)

31

جهکان کنجريٽان، مرگان، نٻر هٽڪ سرانهه،

جيتوار جيان را نيڻ، سرو رُمهان سُڌ رانهه.

(پدمڻين جون اکيون مڇي، ڪونج ۽ هرڻ جهڙيون آهن ۽ ڪام ديو(عشق جي ديوتا) جي ستايل پوڄارين لاءِ اهي ڪنول جي گل وانگر آهن.)

32

جَسَ دس ڏس اوپي جڪان، لوپي نهين ڪل لاج

دِيا هزاران هيڪ دن، ڍاٽ تڻا ڌنراج

(سندن ناموس ڏهن ڏسن (طرفن) ۾ ناموس ڇانيل آهي،هنن ڪڏهن به پنهنجي ڪُل جي لڄ نه لڄائي آهي، هي ڍاٽ جا ڌنراج جن هڪ ڏينهن ۾ هزارن تي سخا جي ورکا ڪئي آهي.)

33

لوڪ جني رنڪو نهين، نهين سنڪو پرٿاٽ،

سوڍان جَس ڏنڪو گهري، پاگهر ونڪو ڍاٽ.

(هنن سان نه لوڪ کي ريس آهي، نه ڪنهن جو حجاب آهي، سوڍن جي ناموس جو ڏنڪو ڍاٽ ۾ هر هنڌ وڄي رهيوآهي.)

34

ڪي ايران، عراق، ڪي ڪيسُون ڪيچ مڪران،

کيت ترنگان ڍاٽ جم، وانڪا ڍاٽ وکاڻ.

(ايران، عراق ۽ ڪيچ مڪران جا گهوڙا ڍاٽي گهوڙن جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، ڍاٽ سٺن گهوڙن جي ٻني آهي، جن جي ڍاٽي ونڪا وکاڻ ڪن ٿا).

35

جيها ڏينهان سوراج سُت راڻو رايانمل،

تيهان ڏينهان جوڌڻ جسو امراڻو جگ ڍال.

(سوراج جو پٽ راڻو رايانمل (رڻمل)[10] جنهن وقت ڍاٽ تي راج ڪندو هو، ان وقت جوڌن جو شهر امراڻو جڳ جي حفاظت ڪندڙ هو.)

36

پورو سک همروٽ پر، لوڪ نه جاڻي ڏنڏ،

ڇولان جل لانٻو ڇلي، بڙ لاگا برهمنڏ.

(همروٽ (عمرڪوٽ) جي ڌرتيءَ تي پورو سُک آهي (مطلب ته ڪنهن به ڳالهه جي تڪليف نه آهي). ڪو به ماڻهو ڏکي نه آهي. جتي لانٻي جو پاڻي ڇوليون ڏئي رهيو آهي. بڙ جا وڏا وڻ اُڀ ڪڇي جهڪن ٿا.)

ڪوي بانڪيداس همروٽ ڇتيسيءَ جا 36 دوها پيش ڪرڻ بعد، ان ڪٿا کي هن ريت پورو ڪري ٿو:

مهون ڇتيسان ڏوهڙان هئه ورڻن همروٽ،

اي همروٽ ڇتيسي منک سُڻي، منموٽ.

(هي منهنجا ڇٽيهه (36) دوها امرڪوٽ جي رنگ روپ جاعڪس آهن، هن همروٽ ڇتيسيءَ کي ڪي اهل دل، ڏاتار ئي ٻُڌندا.)

[1] ڪيهر لنڪي گوريان، سوڍا چتر سُڄاڻ“ واري سٽ ۾ سوڍا جي بدران ڍولا لفظ پڻ ٿرجي سگهڙن وٽ ملي ٿو.

عمرڪوٽ کي ٿري ماڻهو محبت مان اُمراڻو سڏيندا آهن، برصغير جي تاريخدانن عمر ڪوٽ ڪڏهن ”الف“ سان ته ڪڏهن ”ع“ سان لکيو آهي، لوڪ شاعريءَ ۾ اُمراڻو ۽ امرڪوٽ لفظ ئي ملن ٿا.سنسڪرت ۽ هنديءَ جي ليکڪن عمرڪوٽ کي ”هميرڪوٽ“ به لکيو آهي، انهيءَ نالي پويان ”همروٽ“ جو لفظ وجود ۾ آيو آهي، اهڙو اظهار سوڍائڻ جو مصنف پروفيسر شڪتيڏان پڻ ڪري ٿو .سوڍن کان اڳ ۾ عمرڪوٽ تي سومرن جي حڪومت هئي، لوڪ شاعريءَ ۾ ”نوڪوٽي مارواڙ “جي حوالي سان ملندڙ نظم ۾ عمرڪوٽ ۽ ٿر تي پرمار ونس جو جگراج حڪمران ڏيکاريل آهي، سومرن جي حوالي سان به تاريخ دان ورهايل آهن، ٺاڪر ڪشورسنگهه مطابق سومرا پرمار ونس جا آهن، گجراتي اتهاس(ص 24)۽ يون ونشا ولي (ص 23 )تي منشي ديوي پرشاد ۽ پنڊت گوري شنڪر اوجها يادو بلند جي پٽ سوما جو اولاد ڀاٽي راجپوت لکيو آهي، اسان وٽ سنڌ ۾ هڪڙو رايو سومرن کي عرب نسل سان ملائي ٿو.

[2] جُونجهار: ٿر ۾ جُوجهار انهي بهادر کي چئبو آهي، جيڪو سرڪٽجڻ کانپوءِ پوءِ به دڙ سان بهادريءَ سان وڙهندو رهي

[3] لانٻو: عمرڪوٽ جو تاريخي تلاءُ آهي، لانٻي لفظ جي معنيٰ ڊگهو آهي، هي تلاءَ وڏو ۽ وسيع هو، جنهن کي بارش جو پاڻي ٻارهوئي ڀريل رکندو هو، وسڪاري جي رت ۾ ڀرپاسي جا تلاءُ لانٻي سان ملي ويندا هئا. ميان نور محمد ڪلهوڙي جو پيڇو ڪندي نادري لشڪر لانٻي تلاءَ تي ترسيو هو. تاريخ جي ڪتابن ۾ لانٻي جو ذڪر گهڻو ملي ٿو. لانٻي تلاءَ وارو هنڌ هاڻي لٽجي گرائونڊ بڻجي (بقايا نوٽ: 111 پيج تي ڏسندا)

 ويو آهي، موجوده مارئي گرائونڊ، جنهن کي ڪجهه وقت اڳ بينظيرگرائونڊ سڏيو ويو، اصل ۾ لانٻي تلاءَ جي باقيات آهي، لانٻو ماضيءَ ۾ نهايت وسيع هو، جنهن ۾ جوڳرائي، ولهار، وهري،سومري ۽ هاڙهي تلائن/ ڍنڍن جو پاڻي به اچي پوندو هو، ان جو تاريخي نالو مٽائڻ يا بدلائڻ نه گهرجي.

[4] ‘جيان آگي پاڻي ڀري’ واري سِٽ ۾ ‘رنگ’ جي بدران ‘رنڀا’ پڻ ملي ٿو. رنڀا، اِندر ديوتا جي حسين راڻيءَ جو نالو آهي.

[5] مهلان پونم، چندر مُک واري دوهي ۾ ٻيءَ سٽ “ڪيهر ڪڙجِيُون کيڻ ڪڙ، ڀرون ڀمران گهاٽ” جي صورت ۾ به ملي ٿي. مطلب وري ساڳي نڪري ٿو ته، ڪيهر جي چيلهه جهڙي چيلهه تمام سنهڙي آهي. سندرين جا ڀرون ڀونئرن جو گهاٽ آهن.

[6] ‘ڪمل جيسا ڪماريان ڪر’ واري سٽ ۾ ‘ڪماريان’ بدران ‘سُڪمار’ جو لفظ پڻ ملي ٿو، جنهن جي معنيٰ ‘حسين ڪامڻي’ آهي.

[7] هن دوهي جي پهرين سٽ ايئن به ملي ٿي ته:

جيان را نرگ ڪچ ڇتيان، سوهه نڪج سينوال

انهيءَ سٽ سان دوهي جو مطلب ٿئي ٿو ته “سندن ڪنول جهڙين اکين ۽ وارن جي سونهن ڏسي پاڻي تي ڇانيل سينوار اڇل سان انهن جي پيرن کي ڇهي ٿو.”

[8] هيءَ به پڙهڻي ملي ٿي:

پات سَمر سوني ڪيان، جَرَ جانري تڻانهه

(ڪامديو پنهنجي هٿن سان سون جا پن ٺاهي انهن تي هيرن، موتين جي ويل جڙي آهي.)

[9] هيءَ به پڙهڻي ملي ٿي:

سهه آڀرڻا سوڀي، آوَل جُهول تيانهه،

جاڻي ڦولان ڀار جت، هاٽڪ ويلڙيانهه.

(پدمڻيون پنهنجي فطري حسن تي وري هٿرادو زيورن سان جهولنديون ٽولي سان ائين اچي رهيون آهن، لڳي ٿو ته سون جي ول ڦلن جي بار سان نمي پئي آهي.)

[10] رڻمل بابت بانڪيداس جو هيٺيون ڌار دوهو به ملي ٿو: (بقايا نوٽ: 119 پيج تي ڏسندا)

راؤ ڪلا ري وار ۾ ايڏر نگر انوپ،

واري رايانمال ري، امراڻو اڻ روپ.

(راؤڪلا جي وقت ۾ جهڙو ايڏر نگريءَ جو جهڙو وڻندڙ ۽ منفرد روپ هو، راڻي راڻمل جي وقت ۾ امراڻو به اهڙو ئي خوبصورت هو.)



مددي ڪتاب ۽ ماڻهو:


  1. تاريخ ريگستان (سنڌي ) رائچند هريجن، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1956ع
  2. راجسٿاني زبان و ادب (اردو) باغ علي شوق، ڇاپو پهريون، چوهاڻ پبلشرز چوهاڻ بلڊنگ گزدرآباد، ڪراچي، 1992ع
  3. ڪبير باني، (اردو) سردار جعفري
  4. سوڍائڻ ( هندي: ڪوي چمن چارڻ جي ڪوتا)، تحقيق ۽ ترتيب: پروفيسر شڪتي ڏان ڪويا.
  5. رنگ ڀني (هندي )، پروفيسر شڪتي ڏان ڪويا.
  6. شاهه جو رسالو،محقق مرزا قليچ بيگ، سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو حيدرآباد.
  7. شاهه جو رسالو، محقق ۽ شارح ڊاڪٽر نبي نبي بخش بلوچ، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ.
  8. عمرڪوٽ ايامن کان مرتب اڪبر لغاري ، ضلعي حڪومت عمرڪوٽ. 2010ع
  9. ويجها ٿيا وصال کي، غلام محمد جنجهي، ڪويتا پبليڪشن حيدرآباد. 2010ع
  10. مهراڻ رسالي جا مختلف پرچا، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
  11. هفتيوار ٿر نيوز مٺي (مضمون: ‘عمرڪوٽ’، 10 فبروري 2003ع)، ليکڪ: حليم باغي
  12. هيمراج سوٽهڙ ۽ سترام داس سوٽهڙ ؛هي لوڪ ڏاهپ جا وينجهار چيلهار جا رهواسي ۽ رقم الحروف جا چاچا آهن، هيمراج 2003 ۾، سترام داس 9 فيبروري 2016 ۾ وفات ڪري ويو آهي. هيمراج سگهڙ ۽ سترام داس ڀڳتي راڳ ڳائيندو هو.خاص  طور ڏونگر پري، ڪبير ڀڳت ۽ روحل فقير جو راڳي هو.
  13. هرڏان چارڻ، ٿر جو سگهڙ، اصل گڊڙي چارڻ جو هو، پر اڪثر ڀڏيليءَ (عمرڪوٽ) ۾ رهندو هو، 2002 ۾ وفات ڪري ويو آهي.
  14. منگل سنگهه ڌانڌل راٺوڙ؛16 مارچ 1955ع تي تعلقي مٺي جي ڳوٺ ڪڪراڙيو ۾  جنم ورتو ۽ ريگستان جي تاريخ، ثقافت ۽ لوڪ ادب جي وسيع مطالعي جي ميدان جو وڏو شهسوار آهي، ٿر جي سگهڙن، سياڻن کان ملندڙ بانڪيداس جي دوهن توڙي جيون خاڪي کي هندي، گجراتي ۽ مارواڙي  جي ڪتابن سان ڀيٽڻ ۽ سنوارڻ سُڌارڻ ۾ هر ويلي پنهنجي اوتاري جا در منهنجي لاءِ کولي رکيا. منگل سنگهه  جي تعليم ايم اي ۽ ايل ايل بي آهي. سماج سڌارڪ سرگرمين سان گڏ ڪتاب گڏ ڪرڻ سندس دل گهريو ڪم آهي.
  15. روپو جي سوٽهڙ، اسلام ڪوٽ جو رهواسي سگهڙ آهي.
  16. ڊاڪٽر عبالعزيز رحماني اصل ڳوٺ کاروڙوچارڻ آهي. هن وقت عمرڪوٽ شهر ۾ رهي ٿو. عمرڪوٽ جو اڳوڻو ڊي ايڇ او رهندڙ ڊاڪٽر عبدالعزيز  تاريخ جو ڄاڻو آهي.
  17. ٿر جي ڳوٺ سارنگيار جو رهواسي ڊاڪٽر ناٿو سنگهه ڀاٽي سوڍن جي تاريخ دسترس رکي ٿو.