close
فونٽ سائيز وڌايو فونٽ سائيز گهٽايو

پبلشر پاران


سوانحي خاڪن جو هڪ بهترين ڪتاب

سنڌ جي سون ورني ڌرتي تاريخ جي هر دور ۾ اهڙن انيڪ املهه ماڻڪن کي جنم ڏيندي رهي آهي جن پنهنجي علم، هنر، ادب اخلاق ۽ اعليٰ انساني ڳڻن جا وقت تي اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن.ان حوالي سان جيڪڏهن سنڌ جي ٿر واري ڀاڱي جو ذڪر ڪبو ته اهو نه صرف سياحتي ۽ ثقافتي لحاظ کان خوبصورت پر ڪيترن ئي سڄاڻ ساڃاهه وند انسانيت جو درد رکندڙ مهمير ماڻهن جو وطن آهي. جيڪڏهن ٿر جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ تي نظر وجهبي ته اهڙا ڪيترائي ڪردار اسان جي سامهون آهن. جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻ مڃايو پوءِ اهو علم ۽ ادب جو شعبو هجي، گائيڪي هجي، مصوري هجي، سنگتراشي هجي، تاريخ نويسي هجي، شاعري هجي، ڪهاڻي جو فن هجي، يا سماجي خدمت جو شعبو هجي، هر لحاظ کان ٿر هڪ گلدستي وانگر نظر ايندو. جنهن جي گل گل جي سهيڙ ۾ ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ جو لکيل هي ڪتاب “ٿر ٿر اندر ٿاڪ” هڪ خوبصورت البم آهي جنهن ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ انمول انسانن جي عملي زندگي جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جو قلمدان سنڀالڻ کان پوءِ سيد سردار علي شاهه علم ادب ۽ ثقافت جي خدمت جي جذبي سان ٻين ڪيترن ئي ڪمن کي پائي تڪميل تي پهچائڻ جي ذميواري پنهنجي سِر تي کڻڻ سان گڏ ٿر جي لوڪ ادب کي دنيا سان روشناس ڪرائڻ طرف ڌيان ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ جي چئن ڪتابن “چتر ٻولي چارڻان”، “همروٽ ڇتيسي” ،“ ڌرتي ڳائي ٿي” ۽ “ٿر ٿر اندر ٿاڪ” کي ڇپرائي پڌرو ڪيو پيو وڃي. جن مان هي ڪتاب ٿر جي لوڪ يا عوامي مقبوليت رکندڙ ڪردارن جي علمي فني ۽ سياسي سماجي خدمتن جو تاڃي پيٽو آهي. جن ڪردارن جي زندگيءَ جو احوال هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهن ۾ جاني لنجو، مسڪين جهان خان کوسو، منگها رام اوجها ، چندي رام ڀاٽ، ع، ق شيخ، سچل جنجهي، ڊاڪٽر هري چند راءِ، سُڳاڙ چند سيجون، موهن ڀڳت، سهيل سانگي، ولي رام ولڀ، ماما جمن دربدر، سيد عباس علي شاهه، هيمراج سوٽهڙ، محمد سانوڻ، سيد حبيب الله شاهه، استاد حسين فقير، وڏيرو ڀارو سمون، ممون فقير، گهمن سنگهه، مٺيءَ جو فقير مقيم، سنڀو مل هميراڻي، پريم شواڻي، فوزيه سومرو، صادق فقير، پنڊت پونمچند، گوتم راٺي، ماما وشن ٿري، خضر سمون، ڊاڪٽر عزيز، اوم شرما، سوڍو جوڳي، قربان کوسو، ۽ ايڇ ايم ذڪي شامل آهن. جن مٿي ذڪر ڪيل ٿر جي انهن ڪردارن جي انڊلٺ جو هر رنگ خوش رنگ ۽ نرالو آهي ۽ هر ڪنهن جو ڪم پنهنجي جڳهه تي ساراهه جوڳو رهيو آهي. پوءِ اهو سخي ڏاتار جاني لنجو هجي، ٿر جي مسڪين ۽ اٻوجهه ماڻهن جي واهر وسيلو، خدائي خدمتگار مسڪين جهان خان کوسو هجي يا ٿر جي ثقافت علم لوڪ ڏاهپ ۽ وسريل داستانن کي سهيڙي گڏ ڪندڙ پراڻي پارڪر جو خالق منگها رام اوجها هجي انهن جي ڪم جو هي ڪتاب هڪ آئينو آهي جنهن ۾ سهيل موهن ڀڳت کان وٺي ڊاڪٽر هرچند راءِ، ولي رام ولڀ، جمن دربدر، سهيل سانگي، فوزيه سومرو، سنڀو هميراڻي کان صادق فقير تائين هر ڪنهن جي حياتيءَ جو پنڌ تفصيل سان لکت هيٺ آندو ويو آهي.

سوانحي خاڪن تي مشتمل هي ڪتاب “ ٿر ٿر اندر ٿاڪ” هڪ لحاظ کان ٿر جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ جو هڪ اهم دستاويز به چئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ليکڪ ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ مٿي ذڪر هيٺ آيل انمول انسانن جي نه صرف فن، فڪر، فهم، ادراڪ ۽ اعليٰ انساني ڳڻن جي مالها پوئي آهي پر ان سان گڏ سندن همصر دور جي تصوير پڻ پيش ڪئي آهي. ان لحاظ کان هي ڪتاب ٿر جي مختلف رنگن جو مور پنک آهي.

هتي ليکڪ جي ٻولي، ڄاڻ ۽ لکڻ جي اسلوب جي تعريف نه ڪرڻ به ناانصافي ٿيندي، ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ ٿر جي هر ڪردار جي اهڙي ته تصوير چٽي آهي جو محسوس ائين ٿو ٿئي ڄڻ اهو ڪردار زندهه، اکين جي سامهون موجود آهي، اها ڳالهه ڪنهن به ليکڪ جي سڃاڻپ هوندي آهي ۽ ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ ان حوالي سان داد جو مستحق آهي.

غلام اڪبر لغاري

سيڪريٽري

ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو

حڪومت سنڌ



مهاڳ


مِٽيءَ مَلهائيندڙ ڪِردارَ ۽ ڀارُوءَ جي ڀيٽا

جيون خاڪا يا پروفائيلز سوانحي ادب ۽ خاڪا نويسيءَ واري صنفي سڃاڻپ جي اعتبار کان؛ “امپريشنل” ۽ “رفليڪشنل” نوعيت جو تُرت تاثر ڇڏيندڙ لکيت ناما سمجهيا ويندا رهيا آهن. انهن جي قلمبنديءَ ۾ خاڪي لاءِ چونڊيل شخصيت جي سُڀاءُ، ڪم، خدمتن ۽ سماجي يوگدان Social Contribution جو ذاتي طور اثر وٺڻ، لوڪ پسند ڪِردارنَ جي چار چڱاين کي عام لوڪ سان ونڊڻ ۽ تعارفي وُسعت اَرپڻ وارا پهلو نمايان اهميت جا حامل هوندا آهن.

خاڪا نويس جيترو اُن ڪِردار جِي تُز شخصي عڪاسي ڪرڻ ۽ اُن جي ڪيل ڪمن، سرانجام ڏنل ڪارنامن يا کانئس سرزد ٿي ويل ڪنهن غلطيءَ کي مُتوازن، مُتوجهه ڪندڙ ۽ من موهيندڙ نوع ۾ بيان ڪرڻ جي جيترِي ڪامياب ۽ سگهارِي هُنري مهارت رکندڙ هوندو، اوترو ئي پُختو تاثر هو پنهنجي لکيل خاڪي لاءِ پاٺڪ (پڙهندڙ) جي ذهن تي ڇڏيندو ويندو. جڏهن ته خودساخته طور لکيو ويندڙ ذاتي خاڪو “سيلف پورٽريٽ” جي ذمري ۾ اچي ٿو جنهن سان ايمانداراڻي نموني پاڻ نباهي وڃڻ ۽ پنهنجون خوبيون خاميون ۽ ڏوهه ثواب طمطراق سان پاڻ رقم ڪري وڃڻ سڀ ڪنهن جيوَ جو ساهُس هرگز نٿو ٿي سگهي. هونئن هن قسم جي لِکت “آتم ڪٿا” جو ئي ڪو مختصر حِصو يا ڪو ننڍڙو بابُ ئي ڀاسندي آهي. “آئيني جي آڏو” سيلف پورٽريٽس جو هڪ اهڙو ئي ڳڻائڻ جهڙو ڪتاب آهي.

سنڌي ادب ۾ خاڪن جي سگهوئي ياد- ڦَرهيءَ تي اُڪري ايندڙ ڪجهه ڪِتابنک علي احمد بروهي جو “ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙا”، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جو “موچارا منهن- ڪارا منهن”، عبدالواحد آريسر جا “ماڻهوءَ ميگهه ملهار”، “ويراڳي وڃڻا هئا” ۽ “نئين دور جا نوان چار درويش”، عبدالقادر جوڻيجي جو “شڪليون”، سانئڻ ماهتاب محبوب جا “جيءُ-جهروڪا” ۽ “چنڊ چهرا”، ريٽا شهاڻيءَ جو “آڪاش ڌارا”، اقرار پيرزادي جو “جن سين لنئون لاڳي!”، ناز سنائيءَ جو “مون سي ڏِٺا ماءِ” (سلسلو)، سانئڻ ج. ع منگهاڻيءَ جو “مانجو ڪوهستان”، همسفر گاڏهيءَ جو “تاريخ جا سِتارا”، مُنير ڀُرڳڙيءَ جو “خاڪا منهنجي من جا” ۽ عبدالخالق جوڻيجي جو “ماڻهوءَ سي مهان” وغيره شامل آهن.

مٿئين تڪڙي فهرستي ڳاڻيٽي ۾ شمار ڪيل خاڪن جا مجموعا مختلف قسمن جو لَمحاتي، ساعتي يا ديرپا تاثر ڇڏين ٿا. ڪي تُز تحريري چاشنيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ڪن ۾ خاڪي جي شخصيت لفظن جي ڪالب (سانچي) ۾ اهڙي ته فٽوفٽ ٿي اچي ٿي جو سندن روپ سَرُوپ بنهه سامهون نظر اچڻ لڳي ٿو. ڪي پنهنجي حِسِ مزاح جي بيانيه حرفت سان سرشار آهن. ڪي بنهه عام ۽ ليکي چوکي ۾ نه ايندڙ بظاهر ڪم- نام پر وڏن اُتساهڪ ڪِردارن جي جيون جاکوڙ جو ڪُلئي حاصل کڻي پڙهندڙ مهندان (اڳيان) ٿا رکن. ڪي ڪتاب ليکڪ/ ليکڪا جي قلمي ڪمال ۽ ايمانداراڻه اظهار سببان ور ور ڪري پڙهڻ جهڙا ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙا آهن ته ڪي وري شخصيتن جا محض تعارفي خاڪا آهن. ڪن جا ڪِردار مقامي، ڪن جا پرڳڻي پڌرا، ڪن جا جڳ سُڃاتل، ڪي شُعباتي ته ڪن ۾ وري ذاتي پسند، اثر ۽ اُتساهه جو سرس عمل دخل، ايئن هر پڙهندڙ پنهنجي شعوري ادراڪ ۽ لِکت توڙي ڪِردار جي عِلمي، شخصيتي ۽ علمي سگهه پٽاندر خاڪَن جي ڪنهن ڪتاب جي من گُهري درجي بندي ڪري ٿو.

هاڻ ڳالهه ڪبي لوڪ ادبُ جي اَوِرچ، لاکيڻي ۽ لاڏلي ليکڪ ۽ محقق ڀارُو مل اَمراڻي سوٽهڙ جي لکيل خاڪن تي مُبني هن ڪتاب جي- ڀاروءَ پنهنجي هن ڪتاب ۾ جن چاليهارو شخصيتن جي جيون- جُهدِ ۽ ثمراتي ورثي کي خاڪي جي پوش ۾ پيش ڪيو آهي اُهي تعارفي لحاظ کان لاشڪ زندگيءَ جي علحيده عليحده کيترن Different Walks of Life سان ئي لاڳاپيل رهيا هوندا يا اڃا سوڌو انهيءَ مخصوص شعبي سان کڻي منسلڪ هوندا پر انهن مڙني پروفائيلز پڪچرز جي هڪ مشترڪه نسبت “ٿر” ۽ اُن جي “مارو لوڪ” سان جيءُ جَڙِي وابستگي اَوسُ آهي. ڀارو مِٽيءَ کي ملهائتو ڪندڙ اهڙن ڪِردارن جي محبت ڀري مڃتا ۽ لوڪ اتساهڪ وِيا کياڻ واسطي، انهن کي “ٿر-شناس” جي هڪ نُڪتي تي گڏائي، دستاويزي شڪل ۾ سهيڙڻ جي وڏي ۽ وِتري وِکُ کنئي آهي، جنهن ساهُس لاءِ هو واقعي جَسُ جو ڀاڳي آهي.

ڀارو هنن خاڪن کي گذريل ڏهاڪي ڏيڍ کان لکندو رهيو آهي، انهن مان ڪي خاڪا ڀارُو پهرين ويهڪ ۾ ئي لِکي پورا ڪيا هوندا. ڪن شخصيتن جا جيون- خاڪا هن ڪيئي دفعا ورجائي ورجائي پُڻ لِکيا هوندا، ڪن پروفائيلز کي وقتن بوقتن ملندڙ اضافي ۽ ويتر وِثوقي معلومات جي آڌار تي ڀارو امراڻي وري وري پئي وڌايو ۽ سُڌاريو سنواريو هوندو. چوڻ جو مقصد هن ڪتابُ جي اَڌ کان وڌيڪ لائيف اسڪيچز جي اُڻت ڪاري، مطالعي، سُڌِ سنوارِ ۽ ڇڙوڇڙ طباعت جا مرحلا باقاعدي منهنجي ڌيان ۽ نوٽيس ۾ رهيا آهن.

آئون اِهو به احساس ڪري ڄاڻان ته مِٽيءَ جي تهن مان خوبين جي خاڪ ڇاڻي ڪڍندڙ هيءَ ڀارُوءَ “ڀاٽ” جيترو پيار، پريم ۽ پريت جُون پوٿيون واچڻ (پڙهڻ) ۾ اُتامرو، آڳاندرو ۽ اُتاولو رهندو آهي اوتري ئي اُتسُڪتا، آتر ويلا، آنڌ مانڌ ۽ لوڇ پوڇ مون وٽس هن ڪتابُ کي پايه تڪميل تي پهچائڻ جي صورت ۾ پڻ ڏٺي آهي. هن ڪتاب جي خاڪن جو يڪجوئي ۾ ڇپجي پڌرو ٿي پاٺڪن لاءِ ميسر ٿيڻ سچ پچ ڀاروءَ جي هڪ اهڙي پراڻي سپني جي ساڀيان آهي جيڪو اَڌوري اَکِ پورَ جي حادثاتي شڪار ٿيڻ واري بي ترتيبيءَ کان پوءِ حتمي پورائي جي رُوپ ۾ ڍالجڻ کان بنهه قاصر هو.

اهو بَجا ته شامل خاڪن مان ڪي خاڪا راقم الحروف جي تُرت من اُڇل سان دل جي چئي جو نتيجاتي اظهار هوندا. ڪي عام شخصيتون پنهنجي وهنوار، ورتاءُ، مان، مرتبي، سهڪار، سچائي، علم، تجربي، سخاوت، وابستگي، ارپنا، نباهه، مريادا ۽ آدرستڪار ۾ واقعي ايڏيون وڏيون، مهان، نمايان، نراليون، خاطر ۾ آڻڻ جوڳيون ۽ پرين جيئن پچارڻ جوڳيون ڀاسيون هونديون جن ڀاروءَ جي خاڪن واري خيالي ڪئنواس تي حقيقي طور چٽجڻ وارو چاههُ ماڻيو هوندو. ڪن اَهم ۽ ساڳي نسبت جي ڪردارن جي نشاندهي ڀاروءَ جي گهڻگهرن دوستن ڪئي هوندي. ڪن ڪردارن جي هيڪاندي ڪنٽريبيوشن، همت حوصلي ۽ ڪُمهلي وڇوڙي هن سوٽهڙ جي سيني ۾ درد جي دونهين دُکائي هوندي ۽ جُهٻي آيل دل پنهنجي من جو غُبار لفظن جي “ڪِٿارسز” ۾ لاهي هينئون هلڪو ڪيو هوندو.

هن ڪتاب جي خاڪن ۾ ڪِردار (ويسُ ڌاري) وانگي متعارف ڪرايل شخصيتن کي “منهنجي سڃاڻپ ٿر” جي واحد آئڊنٽيءَ يا شناخت جي بينر هيٺ، ڪنهن نه ڪنهن حوالي، نسبت ۽ الحاق اهڃاڻ تحت، علمي، ادبي، فني، فڪري، ماحولياتي، سماجي ۽ پيشيوراڻه ارپنائن ۾ وشال ٿر جي “مارو لوڪن” جي دُکن دردن جي ڀرپور معنيٰ ۾ عڪاسي ڪندڙ ۽ تهذيبي ۽ ثقافتي ميراث واري “لوڪ ڏاهپ” تان ٻَلهار ويندڙ ۽ مارو ماڻهن جي بهتر جياپي ۽ تعليم تربيت لاءِ پاڻ ارپيندڙ ڀونءِ واسين کي دِل جي اَٿاههُ سَچائيءَ سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.

ڪشادي ٿر جي مانائتي مٽيءَ تي آبيارجندڙ ٿر جي لوڪ ادبُ، لوڪ شاعري، لوڪ موسيقي، لوڪ جي سينن ۾ سانڍيل تاريخ ۽ ٿر-لوڪ جي شاندار ۽ مثبت تهزيبي ۽ ثقافتي روايتن سان نينهن ناتو ڳنڍيندڙ ۽ محبتون ونڊيندڙ جن جن ڀوميءَ- ڀرجهلنَ ڪِردارن کي ڀاروءَ پنهنجي خاڪن واري قلم آزمائيءَ جا سيرا ڇيڙا سُپرد ڪيا آهن تن ۾ “تاريخ ريگستان” جي ٻن ضخيم جُلدن جي مؤرخ مانواري استاد ۽ مايه ناز محقق، سائين رائچند هريجن (راٺوڙ)، “پراڻي پارڪر” جي رومانوي رَچاءُ رکندڙ مُصنف، منگهارام اوجها، مهمان نوازي، سخاوت، سماجي سوجهه ٻوجهه، لوڪ ڏاهپ، سگهڙائپ ۽ ثقافتي روايتن جي پاسداريءَ جي ملوڪ ڪِردارن، جاني لنجي، ڀاري سَمي، مَمي فقير، چاچي نواز کوسي، فقير مقيم ڪُنڀار، هيمراج سوٽهڙ، ڪاڪي ڀڳت سترام سُوٽهڙ، لوڪ شاعر ۽ ڪوي چنديرام ڀاٽَ، محمد رحيم نهڙي، سماج سُڌارڪ ۽ علمي تحرڪ پسند خلق خدمتڪارن، مسڪين جهان خان کوسي، سُڳاڙ چند سيجي، گهمَن سنگهه ڀيل، ڇاڇراٽي گوتم راٺي، مٺي واسي ماما وشن ٿري، لوڪ راڳين ۽ موسيقارن، مائي ڀاڳي، موهن ڀڳت، اُستاد حسين فقير، صادق فقير، سوڍي جوڳي، فوزيه سومري، مائي ڍائي، تعليم، سماجي سُرت سجاڳي ۽ ماحوليات لاءِ پاڻ ارپيل استاد، سچل جنجهي، سنڀُو هيمراڻي، محمد سانوڻ، پريم شِواڻي، خضر سَمي، ايڇ، ايم ذَڪي، صحافتي سرواڻ ۽ ڪارڪُن ڪردارنَ سهُيل سانگي، قربان کوسي، اوم شرما، لوڪ مسيحائن ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي، عزيز ڪُنڀر، ويدن جي واڻي، سنڌيءَ ۾ سُڻائيندڙ جوتشِ وِديا جي ماهر پنڊت پونم چند، انتهائي احترام لائق ٿر ڄاون اديبن، شاعرن ۽ چترڪارن، سائين ولي رام ولڀ، ع. ق شيخ ۽ مهراڻي جي شرميلي شاعر ماٺيڻي اوٺي جا نالا شامل آهن.

ڀاروءَ جي ترتيب ڏنل هن سُهڻي جوڙ ۾، جيءُ ۽ جڳ جيارِي من- وڻت کي ڏوران ڏِٺي محسوس ڪري سگهجي ٿو. هونئن به محبتن جي ڀيٽا کي ڪاسي ڪاڻ سان ڪاٽيءَ ڪري ڪو نه توربو آهي، اِهو پُڙ جُهڪاءَ کي اطميناني توازن سمجهندو آهي. باقي ڏيڻ وارو پنهنجي وکرَ وِرڇڻ لاءِ ڀلي کڻي “ڏٺي” ۽ “پٺي” ٻنهيءَ جا جتن ڪري پر وٺڻ وارو ڏِسي وائسي کڻڻ ڀڻڻ جا اختيار بلاشڪ رکي ٿو.

هيءُ ڪتاب ڀارو مل امراڻيءَ جي تحريري حُسناڪي جي ڪمال ۽ لفظن جي سحرانگيزيءَ جا ڪيئي اهڙا موقعا آڏو ٿو آڻي جو ڪيئي هنڌن تي هُن جي ڪردارن ڏانهن اُٽلَ محبت بي اختيار محسوس به ٿئي ٿي ته اُن جا ٺهڪندڙ جواز به پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي. هنن خاڪن جي قلمبنديءَ ۾ ڀاروءَ ٿر کان سواءِ ٻي ڪنهن به نسبت کي ڪو نه کنگهيو آهي. توڻي جو ڪجهه خاڪن ۾ ربطي بي ترتيبي، عجلت ۽ سِٽاءُ سريکي جهول جو ڪجهه غالب گُمان نشانبر ڪري سگهجي ٿو پوءِ به ايئن چوڻ مُرڳو وڌاءَ نه چئبو ته ڪِتابُ ۾ شامل شخصيتي ڪِردارن تي ڀارو دل جي سچي حضور سان بي ڌڙڪ لِکيو آهي. تحريري نقطه نگاهه م هن اِجتماعيت کي اولين ڪري رکيو آهي. خاڪن جي هنن پنن ۾ ڀارو نه فقط جذبن جا واهڙ وهائيا آهن پر پنهنجو روح پڻ اُکيلي رکيو آهي.

منهنجي ذاتي راءِ موجب، سنڌي خاڪا نويسيءَ جي ڪتابن ۾ هيءُ ڪِتابُ لاريبُ هڪ اَهم ۽ ذڪر جوڳي ڪِتابُ جهڙو مقام ماڻڻ ۾ بلڪل سوڀارو ويندو ۽ پڙهندڙن جي دليُن ۾ پُڻ مخصوص جاءِ والاريندو.

دليپ ڪوٺاري

مِٺي ضلعو ٿرپارڪر، سنڌ



عام ماڻهوءَ جي تاريخ جو ليکڪ


ڀارو مل امراڻيءَ جو پروفائيلز تي مشتمل ڪتاب صحراءِ ٿر جي مختلف شعبن جي نمائنده شخصيتن جي زندگي جي جدوجهد ۽ ٿر سان محبت جو احوال آهي. ڀارو مل پنهنجي قلمي محنت ۽ سمجهداريءَ سان گڏوگڏ لوڪ ڏاهپ جي ڪري ڄاتل سُڃاتل ليکڪ آهي ۽ اُن اهو مقام لاڳيتي جدوجهد وسيلي حاصل ڪيو آهي.

لکڻ پڙهڻ جي لحاظ کان منهنجي هن سان ملاقات جو حوالو صحافت آهي جڏهن هن حيدرآباد ۾ اچي ڪري قلم آزمائي ڪئي ۽ اُن کان پوءِ هن ٿر جي ماحوليات متعلق هڪ غير سرڪاري اداري ۾ ڪم ڪيو ۽ سياسي خبرن جي دز ۾ لٽيل اسان جهڙن صحافين جي ذهنن کي ماحوليات جي حساس موضوعن طرف متوجهه ڪرڻ جي لاءِ همت افزائي ڪندو رهيو. گذريل 30 سالن جي عرصي ۾ ٿر جو معاشي ۽ سماجي ڍانچو به تبديل ٿيو آهي ۽ سياست به نئون رُخ اختيار ڪيو آهي. ان دوران ڀارو مل پنهنجي تنظيم ۾ صرف ملازمت ئي نه ڪئي پر ان ڪم کي پنهنجي دل جي ۽ اندر جي ڳالهه سمجهي ڪري پنهنجو مقصد سمجهي ورتو. هن جي هڪ ٻي سگهاري سڃاڻپ ٿر جي ماحوليات جي هڪ سرگرم ڪارڪن واري پڻ آهي جيڪو انهيءَ موضوع جي نه رُڳو ڄاڻ رکي ٿو پر انهي ته کُلي ڪري ڳالهائي پڻ ٿو.

ڀارو مل جو شمار سولائيءَ سان انهن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو جن کي پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي زمين سان بي انتها پيار آهي، ان مارواڙي چوڻي مصداق “جيڪو جيتري اونهي کوهه جو پاڻي پئي ٿو اُهو اوترو ئي گِهرو هوندو آهي.” ڀارو جي شخصيت به ڪجهه اهڙي قسم جي آهي.

ڀارو سنڌي ۽ ڍاٽڪي ٻولين/لهجن ۾ شاعري ڪندو آهي. هن ادبي ۽ لساني حوالي سان پڻ مختلف مضمون لکيا آهن. هن جي لاءِ ٿر ۽ ٿر جا ماڻهو ئي سڀ ڪجهه آهن. هيءَ طبيعت ۾ سنجيده هوندي به مزاح جي حس واري خوبي رکڻ وارو شخص آهي.

ٿر ۾ جيتريون واريءَ جون ڀٽون آهن. اوترائي سمجهدار ۽ هُنر حرفت سان سرشار ماڻهو آهن، جن کي ڏُکين ۽ مٽجندڙ حالتن ۾ ڪيئن رهجي؟ انهن کي منهن ڏيڻ ۽ اهڙين حالتن ۾ رهڻ به ايندو آهي. جيئن ڏُڪار ۾ وسڪاري جي مُند جو اوسيئڙو ڪيو ويندو آهي اهڙي طرح ٿر جا ماڻهو پنهنجي سُٺي وقت جو انتظار ڪندا آهن. انهن جي آس ڪڏهن به ناهي ٽٽندي.

آءٌ ٿر کي رپورٽ به ڪندو رهندو آهيان ۽ ٻالڪپڻ کان ٿر کي ويجهڙائيءَ کان ڏسندو به رهيو آهيان اُن ڪري ٿر سان منهنجو خاص لڳاءُ آهي. آءٌ ٿر ۽ ٿر جي ماڻهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان. هڪ ڳالهه مون کي چٽي طرح سمجهه ۾ اچي وئي ته ٿر جي ماڻهن کي جيون گذارڻ ۽ ساهن جي سلسلي کي برقرار رکڻ بخوبي اچي ٿو. انهن کي خوش رهڻ جو هُنر اچي ٿو. انهن وٽ جياپي جا ڏانءُ، گُڻ ۽ اڻ ڳڻيا هُنر آهن. ٿر جي واسيءَ کي جتي به داخل ٿيڻ جو موقعو ميسر ٿئي ٿو اُتي اُهو پنهنجي جاءِ جوڙي وٺي ٿو. هن کي پنهنجي جاءِ تي ڄمي ٽڪي بيهڻ باقاعدي اچي ٿو ايتري قدر جو هُو ڪِن موقعن تي پنڊپهڻ Fossil بڻجي وڃي ٿو پر ان جاءِ تان هٽي مرڳو ڪو نه ٿو. شايد اهو ان ڪري جو وارياسي ۾ زندهه رهڻ جا وسيلا ۽ موقعا بنهه ٿورڙا آهن. فقط هڪڙو ئي ذريعو آهي جنهن تي هو دارومدار رکي ٿو، اهو آهي پنهنجي محنت، پنهنجو هُنر، پنهنجو ڏانءُ ڏس، سندي ڪاريگري- سياست هجي يا ادب، صحافت هجي يا اين.جي.او سيڪٽر، عوام جي خدمت جو شعبو هجي يا تعليم، ٿر جي ماڻهن جتي ڪٿي هر کيتر ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. اهڙا ڪيئي ماڻهو آهن جن جي زندگي سراپا ڪهاڻي آهي يا زندهه مثال آهي. ڀارو اهڙن ئي ڪردارن مان ڪجهه کي قلم آزمائيءَ لاءِ چونڊيو آهي.

عام طور تي تاريخ بادشاهن، شهنشاهن، شهزادن ۽ شهزادين جي لکي ويندي آهي پر هڪڙي تاريخ عام انسانن جي به هوندي آهي ۽ ملڪ جي نامور تاريخ نويس ڊاڪٽر مُبارڪ علي جو چوڻ آهي ته، “اصل تاريخ عام انسان جي آهي” ڀارو مل به انهيءَ پنٿ جو پانڌي محسوس ٿئي ٿو.

ڀارومل جا اهي ڪردار سماج ۾ چرندڙ ڦرندڙ ڪردار آهن جيڪي ريگستان جي ريت تي هلندي هلندي پنهنجي قدمن جا نشان ڇڏي ويندا آهن. اڪثر ڪري بلڪل ديومالائي ڪردار لڳندا آهن. اسان جو هيءُ دوست جتي به ويندو آهي اُتي پنهنجون اکيون ۽ پنهنجا ڪن کليل رکندو آهي جنهن جي ڪري هيءَ بي پناهه مشاهدو ۽ معلومات ماڻي وٺندو آهي. پروفائيل مان مُراد ڪنهن شخصيت کي ڊسڪرائيپ ڪرڻ يا ان باري ۾ کولي بيان ڪرڻ وارو شخصيتي خاڪو. ته ان شخصيت کي ڪيئن سڃاتو ۽ ياد ڪيو ويندو آهي؟ ان کي ڏسڻ جي لاءِ اهڙيون اکيون گهرجن جيڪي اونهائي تائين وڃي ڏسي سگهن ۽ جوڳو مطالعو به گهرجي. اهو مطالعو خود پنهنجي نيڻن سان، ذاتي طور معلومات ڪٺي ڪري ۽ پوءِ ثانوي معلومات جي لاءِ لاڳاپيل ڪتابن سان رجوع ڪرڻ واري عمل ذريعي حاصل ڪيو ويندو آهي. اهو اڀياس رُڳي خاناپوري ڪونهي پر سمورو تحقيق سان گڏ تخليقي نوعيت جو سنجيده ڪم آهي جيڪو هن ڪتاب جي صورت ۾ ڀارو وڏي ايمانداريءَ سان ڪيو آهي.

ڀارو چاچي نواز کوسي سان ته ملي چُڪو هو ۽ ڪچهريون ۽ محفلون به مچائي چڪو هو. ان ڪري ان تي لکڻ لاءِ شايد هن کي ٻئي ڪنهن حوالي جي ضرورت نه پئي هُجي پر مسڪين جهان خان کوسي متعلق مواد ڀيڙو ڪرڻ اَڪ جي ماکي لاهڻ جي برابر نه هو. ڇو ته مسڪين جهان خان ڀارو جي جنم کان گهڻو اڳ هن دنيا مان رخصت ڪري چڪو هو ۽ مجنون بلوچ جي جامع ۽ ڀرپور تحرير جي موجودگيءَ ۾ مسڪين تي نئين سر قلم کڻڻ ڪو سهنجو ڪم ٿورڙوئي هو.

سائين رائچند کان وٺي مائي ڌائي سميت مختلف شخصيتن جي پروفائيلن کي پڙهي ڪري لڳو ته اِهو وڏي عرق ريزي وارو ڪم آهي. ڀارو واقعي ڌوڙ ڇاڻي ماڻڪ هٿ ڪيا آهن. هو لاڳاپيل ڪردارن جي اباڻي ڳوٺن ۾ ڪهي ويو آهي. اُتي وڃي ذري پُرزي جي ڄاڻ جمع ڪئي آهي. جيڪي ماڻهو يا شخصيتون زندهه جاويد آهن انهن کان ڀارو رسمي توڙي غير رسمي انٽرويوز يا ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ گهڻن جي معاملي ۾ ائين محسوس ٿو ٿئي ته ڀارو انهن سان ڪئين ڀيرا مليو آهي. هو انهيءَ اوچتي غير رسمي مکا ميلي دوران بنا ڪجهه ٻڌائڻ جي ان شخصيت جو مطالعو ڪندو رهيو آهي ۽ ان کان آڏيون پڇائون پڻ ڪندو رهيو آهي.

رياض سهيل

سينيئر نمائنده، بي بي سي ڪراچي



ليکڪ پاران


محبت پائي من ۾....

زندگي اڇي اجري آهي ته زندگي سانوري سدوري به آهي، زندگي ڪاڻي ڪوجهي آهي ته زندگي روپ وتي به آهي. زندگي تيز تکي هرڻي آهي ته زندگي ٿڪل ٽٽل وکون به آهي، زندگي وسڪاري جو ويس آهي ته زندگي ڏڪارن جو ڏک به آهي. زندگي نالا نديون آهي ته زندگي رڃ ۽ اڃ به آهي. زندگي گهاٽي ڇانءُ آهي ته زندگي رڻ جو ٻرندڙ ريت به آهي. هر روپ ۾ زندگي پياري آهي. زندگي جي هر وک نئون ويچار آهي. زندگي جو هر قدم نئون سبق آهي. زندگي ته هر صورت ۾ گذرڻي آهي ۽ گذري وڃي ٿي. پرڪوئي ان تي ڌيان ڌري ٿو. ڪوئي لاپرواهي جي گهوڙي تي چڙهي ڏينهن جا ڏهر لتاڙي وڃي ٿو. ڪنهن جي هر آس پوري ٿي وڃي ٿي، ڪنهن جي هڪ تمنا ڪر کڻڻ کان اڳ ۾ ٽٽي وڃي ٿي. ڪنهن جا سڀ سپنا ساڀيا ماڻن ٿا. ڪوئي هڪ خواب کي پورو ڏسڻ جي واسطي ننڍ جي لاءِ ڏکارو رهي ٿو. ڪنهن جو اڪيلايون ۽ اونداهيون ساهه گهٽن ٿيون. ڪوئي سدائين ماڻهن جي ميڙ ۾ رهي ٿو. ڪوئي مرڪ ۽ لڙڪ جي وچ ۾ وڇوٽي معلوم ڪري نه سگهندو آهي. ڪوئي پل پل موت جو حساب چڪائي ٿو. ڪنهن کي ڪڏهن گرم هوا جو جهوٽو نه لڳندو آهي. ڪوئي جيون جي رڻ ۾ تڙپي تڙپي سهاري کي سڏيندو آهي. ڪنهن جي پير ٿڙڻ تي سوين ماڻهو گڏ ٿيندا آهن. ڪنهن جي جبل تان ڪرڻ تي به هڏيون ميڙڻ جي لاءِ ڪوئي نه هوندو آهي.

زندگيءَ جي سفر ۾ ڪي ماڻهو لوڪ جي لاءِ ٿنڀا ۽ ٿوڻيون ٿي ايندا آهن. ڪن ماڻهن جو مطالعو، مشاهدو، فن ۽ فڪر، پورهيو ۽ پنڌ لوڪ کي جيئڻ جو نئون گس جوڙي ڏيندو آهي. ڪن ماڻهن جي جيون ڪهاڻي لوڪ جي لاءِ عشق ۽ اتساهه ٿي پوندي آهي. ڪن ماڻهن جو ڪردار آرٽ جا نوان تصور، ادب جي نئين تخليق جي لاءِ تازگي، سماجي خدمت جا نوان جذبا، سياست جي لاءِ نئون شعور ڏيندو آهي. ٿر جي مهان ماڻهن ۽ منفرد منظرن جي مهانتا منهنجي من ۾ رسول حمزا توف جي ڪتاب ‘ميرا داغستان’ جيان تخليق جي تجلن سان چمڪندي رهي آهي مون پڙهائي دوران اسڪول جي نوٽ بڪ تي ڊائري جا ورق لکندي تاثراتي ٽڪرن ۾ لکيو هو ته ؛

  • رسول حمزا توف جيئن تنهنجي لاءِ دنيا جي شروعات داغستان جي پهاڙن کان ٿئي ٿي، ايئن منهنجي لاءِ دنيا جو صبح ٿر جي ڀٽن تان اُڀري ٿو ، تو پنهنجي ڳوٺ سداگام کي محبوب لکيو آهي، آئون منهنجي ٿر جي هر واهڻ وستي کي محبت جو مر ڪز سمجهان ٿو .
  • اي ڪارونجهر جا مور جڏهن تنهنجي ڳلي ۾ سانوڻ رت جي لاءِ گيت کٽي وڃن، تڏهن تون منهنجي من جي ڳالهين کي گيت بڻائي ڳائجان منهنجي من جون اُهي ڳالهيون جن کي آئون ڪڏهن پنهنجي چپن تي آڻي نه سگهيو آهيان. ۽ نه وري انهن کي ڪو نانءُ ڏئي سگهيو آهيان.
  • جڏهن سانوڻ بڊي جي موسم ۾ ٻاٻيها ٻولڻ ڇڏي ڏين.جڏهن وسڪاري ورڻ سين، ٿاريلي ءَ جي اندر ۾ پنهنجي ور جي ياد نه وري، جڏهن ڳنڍير جو گاهه ڳنڍيون هڻڻ ڇڏي ڏي، جڏهن جهنگ ۾ اڀرندڙ جوڳيڙن (هڪ ٻوٽو) جي سونهن دل نه موهي، تڏهن تون ۽ آئون هڪ ٻي کي وساري سگهون ٿا.
  • اباڻو ديس به هڪ عقيدو آهي، جنهن تان ويساهه ساه جي آخري هڏڪي کان پوءِ به ختم ناهي ٿيندو، تڏهن ئي مارئي جي واتان شاهه عبدالطيف چيو آهي ته؛

مُيا ئي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي.(شاهه)

  • منهنجي جيون جي پهِريِن وِکُ اباڻي ڌرتي تي آهي، آخري وک به پنهنجي ڌرتيءِ تي رهندي. منهنجي ڳالهاءَ جو پهريون اکر ماءٌ، جيجل ماءٌ آهي. آخري اکر پڻ اهو ئي رهندو.
  • ٿر جي هر ڳوٺ، شهر ۽ وڻ ٻوٽي سان منهنجي هڪ هڪ ياد واڳيل آهي، يادن کي وسارڻ سولو ناهي هوندو، ياد ڳنڍير جو گاه آهي، جيڪو ڏهرن جهڙي سخت زمين تي به اڀري ايندو آهي، نه صرف اڀرندو آهي، پر ڪيتريون ڳنڍيون به هڻندو آهي.
  • آئون وڏو خوش نصيب آهيان جو مون وٽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي دولت آهي،. ها مون وٽ ماءُ آهي، ماءُ چوڻ سان منهن ڀرجي ويندو آهي.
  • جيڪڏهن تصوف، تعصب جي رد جو نالو آهي ته ان جو اصلي حُسن ۽ سڀاءَ ٿر ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. انسان دوستي، صلح پسندي ۽ امن جو چٽو عڪس ٿر جي مٽي ءَ تي آهي.
  • اسان جي مائرن پنهنجي ٿڃ سان، اسان جي روُن روُن ۾ وطن دوستي جو احساس اڀاريندي مٽي جا واسطا ڏنا آهن.پنهنجين لولين ۾ اهو شعور ڏنو آهي ته ڌرتيءَ سان غداري کان وڌ ٻيو ويڻ ٿيندو ئي ناهي.
  • دنيا هڪ آڏاڻو آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جِي اُڻت ڪرڻِي آهي. جيون جي تاڃي _پيٽي ۾ هر ڏينهن هڪ تند آهي، هڪ ڌاڳو آهي. ٿر جي اڪثر زندگي ءَ جي اڻت ۾ رڳو دک جو سُٽ هلي ٿو. اي آڏاڻي ڌڻي/ڪاريگر اسان جِي اُڻڪاري ۾ سادوئي سَهِي ڪو گل ته رک.
  • اسان جون سموريون لوڪ روايتون ۽ تاريخي تهذيبي ثابتيون انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪن ٿيون ته ٻين جي محنت جو استحصال ڪرڻ انسانيت جو بنيادي گُناهَه آهي. انهي ءَ جِي هر طرح روڪ ۽ ٽوڪ ڪجي.
  • ٿر ۾ ڪنهن به هڏ حرام لاءِ گُنجائش ناهي هوندي. جياپي جي جتن لاءِ هتي هر ويلي زندگي جِي توانائي خرچ ڪرڻي پوندي آهي.
  • ٿر جو لينڊ اسڪيپ جيترو منفرد آهي، اوترو ئي ٿر اتم آهي، هتي جا سماجي قدر مت ڀيد کان آجي آدرشِي راج ڀاڳ وارو پنچائتي تصور ۽ ڪفايت شعاري جا اتم قدم، ٿر جي اصلي ۽ نج سماج جا اولڙا آهن. آرٽ سماج جو روح هوندو آهي، ۽ ٿري سماج پڻ ڪيترن ئي آرٽسٽن کي اتساهه ڏنو آهي.
  • مور جو ٽَهوڪو ۽ تتر جي تنوار ڌرتي جي ڌمال آهن.
  • ٿر ۾ سورهيائي ۽ سونهن جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي، دنيا ۾ نت نئين دريافتن جي اچڻ ۽ انڪشافن باوجود هن ڌرتي جي ڪٿا ۽ ڪِرت اڇُوتي ۽ معياري آهي.
  • اسين ٿر جا ماڻهو محبت، پيار ۽ امن جا سرپئنچ (امين) رهيا آهيون. هڪ دفعو ڪنهن سان نينهن جو ناتو ڳنڍڻ کان پوءِ ٽوڙڻ جو سوچڻ به اسان جي لاءِ گناهه برابر آهي. هرپل هر وک پيار ۽ سار کي ساهه ۾ سمائي لوڪ گيت جا ٻول گهڙيندا رهيا آهيون. اِهو ئي سبب آهي جو ٿر کي لوڪ گيتن جي چشمن سدائين سيراب رکيو آهي.
  • راجپوتي روايتن سان ويڙهيل هِن خطي ۾ عورت جي جنم تي ته ٿالهي(ٿاڙي ) به نه وڄائي ويندي آهي پر جڏهن عورت ستي چڙهڻ لاءِ نڪرندي هئي تڏهن دُهل وڄايا ويندا هئا.
  • هڪ ڀٽائي ٻيو وري سُر مارئي.......اِهو پڙهندي به منهنجا دانشور دوست تنهنجي من مان منافقي نه ويئي. سچ ته تون ڦوڳ جو ٻيو ڀاءُ آهين.
  • مون تاريخ ۽ تهذيب ۾ جهاتي پائي ڏٺو، اسان جُون اصل روايتن سوني تند جهڙيون آهن. جن کي وقت جي وهڪري ۾ وساري اسان رک جي ڍير جهڙيون روايتون اپنايون آهن، جن سان انگ ڀڀوت ٿي ويو آهي.
  • رڻ جي سفر ۾ رڳو تارا سونهان هوندا آهن. هي قطب تارو ڪيترن جو سُونهون ٿيو هوندو، اهي ته جهري ڀري ويا، پر هي اڃان ائين جو ائين اٽل آهي.
  • اونداهه راتين ۾ ڪوئي روشن تارو جڏهن ڪِرندو آهي، تڏهن پويان ليڪ ڇڏيندو آهي. جيڪا آخري دم تائين روشني جيارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
  • مور جي ٽهوڪن تي هرڻ به جهولن ٿا پر منهنجي ڳوٺ جي ڌنارن جو آواز ايڏو ته مٺو آهي جو اهو مور جي ٽهوڪن کي به مات ڏيو ڇڏي، هنن جو آواز جڏهن هرڻن جي جوڙي جي ڪنن تي پوي ٿو ته انهن کي گاهه کائڻ به وسريو وڃي. (سنسڪرت جي شاعر ڀايه روي جو شعر)
  • ٿورو سوچ اي ڪڪر! تنهنجو هڪ پهاڙ کان ٻي پهاڙ تائين جو سفر توکي پهاڙي گلن جي خوشبوءَ سان واسي ڇڏيندو. پوءِ جڏهن تون منهنجي محبوب وٽ پهچندين ته مور پنهنجن رتن نيڻن ۽ دلسوز ٽهوڪن سان تنهنجي آجيان ڪندو

(ڪوي ڪاليداس)

  • ڪارونجهر جي ڪور تي ڪڪرن جي ڇانءُ ۾ مورن جو ناچ ڏسي زندگي جو اٿاهه حُسن تصور ۾ تري ايندو آهي.ناچ ڪندي جڏهن مور ٽهوڪا ڪندا آهن، تڏهن ڪڪر به جهڪي داد ڏيندا آهن.
  • گهوڙا ول ۽ سون مڪائي جا پيلا ڦول نڪ جي سونين ڦلڙين وانگر لڳندا آهن.
  • پنهنجي وکاري، پنهنجي مُنهه، پنهنجي چونئري ۾ ساٺيڪن جو کارو پاڻي به امرت جهڙو لڳندو آهي. راتوڪي ٺريل رٻ سان جانکڙ مٺائي کان به مٺي لڳندي آهي. مٽي جي اها ڪهڙي ڪشش آهي. جنهن سان ڪٺن زندگي روز جيئڻ جا نوان اتساهه ڏيندي آهي.
  • تاسري ڀريل رٻ ۾ ڏيئي جي روشني جي سهاري آئون ڪڻڪ جو ڏريل داڻو ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ڌرتي جا ڪوي شيخ اياز توکي گوگاسر جي پوڙهي سچ چيو هو ته، ڪڻڪ اسان جي لاءِ ميوو آهي.
  • منهنجي ڳوٺ جي ڌنارن، ڳنوارن ۽ اوٺارين کي مون ڪڏهن به عمر جي زنگ ۾ زنگيل ناهي ڏٺو، انهن جي وک، ويچار ۽ جذبات ۾ ازل جي تازگي محسوس ڪئي آهي. شهر جي ماڻهن کان وڌيڪ ماڻهپو آهي.
  • ٿر جي زندگي ۾ ڏٿ وڏي وٿ آهي، ڏڪارن جي ڏينهن ۾ ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنڪڻ جي بدران لپ ڪوڪڙ يا ڪُرين جي کائي مٿان پاڻي جو گلاس پي سمهي پوندا آهيون.
  • اسان جي وطن دوستيءَ جو سڀ کان وڏو راز ٿورِي قوت قراريو ۾ آهي. جنهن اسان کي هر حرس ۽ حوس کان بچايو آهي.
  • پرماريت جو سڀاءُ رکندڙ چاهي پکي هجي يا ماڻهوءَ، اسان لاءِ ٻئي ناقابل قبول آهن.
  • باز ۽ ڪبوتر ؛ ٻنهي جي نه صرف اڏار ۾ فرق آهي، پر ڪردار پڻ ڪُلي مختلف آهي، هڪ پرماريت جو اهڃاڻ ۽ ٻيو امن جي علامت آهي.
  • آسڪروائلڊ وانگر منهنجي نگاهه کي به فطري حسن تازو ۽ تيز ڪندو آهي.
  • پورهيت جي پيشاني تي پگهر جا ڦڙا مُنڊِيءَ جي ٽڪ کان وڌيڪ چمڪندڙ ۽ پيارا هونداآهن.
  • سچو شاعر انسانيت جو آواز هوندو آهي. اسان جا چارڻ، ڀاٽ ۽ ڀان اوطارن کي آباد ڪري سونهن سورهيائي ۽ سُرت تي ڪوتائون سِرجي انساني ترقي،امن ۽ عالمي اتحاد لاءِ راهه هموار ڪندا آهن.
  • ورانڊڪي ويل پکيڙن کي آکيرن ڏانهن ورندو ڏسي من ۾ اڻ ڄاتل اداسي ڇائنجي ويندي آهي.
  • سنجها ويل تارن جي جهر مر وارو آڪاش ٿر جي ڀٽن تان ، اندر ديوتا جي سوني سنگهاسن کان به سهڻو لڳندو آهي.
  • اسان جي لوڪ ڪردارن تي قادرالڪلام شاعر به مفتون ٿي پوندا آهن. راڻي واگهي کي آسو جي چارڻ وڏين آڇن ۽ ڪوششن باوجود رات جو هڪ پهر به وساري نه سگهيو هو.
  • جهاڙولن واريون جُتيون پائي اسان جا ڌنار ۽ ڳنوار رات ڏينهن جهنگ ۾ هلندا پيا آهن. بلائون جُتين سان لتاڙجي وينديون آهن. پر مرنديون نه آهن. وڃ ! آدم دشمن جيوت وٽ ڪيڏي نه طاقت آهي.
  • جنهن شاعر جي جڙ پنهنجي ڌرتي کان ڪٽيل آهي، ان جي شاعري ۾ ڪائي خوشبوءَ ۽ سگهه نه هوندي آهي. مِٽي جي خمير ۽ ضمير بنان شاعري رڳو لفظن جو جڙاءَ آهي
  • ڏڪار وڏو ڏولائو آهي، جنهن ۾ راڻين جا ڪنگڻ به ڍلا ٿي ويندا آهن.
  • ڏڪار جو ڏرت، ٽيج جا گجُوئا، سنڀاڙ ۽ ساتُون سڀ کسي وٺندو آهي، ڪونج ڳچين جي ڪٺمالي، هَنسِيءَ جي لوڏ کان وٺي ڪجليئي جي ڪوڪار تائين سمورو حسن ۽ رومانس اٽي لٽي جي الڪي ۾ اجهامي ويندو آهي. پريت پڪارون ۽ سارون ، سنڀارون رڃ ۽ اڃ جي رڻ ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي ڏکن جو کاڄ ٿي وينديون آهن.
  • منهنجي خطي جي گلوڪارن ۽ ڀڳتن جي آواز ۾ ڌرتي جو روح ٻرندو آهي. جنهن کي پنهنجي انفراديت ۽ خوشبوءَ آهي.
  • ٿر تي آيل آگم جا رنگ کڻي مور جي کنڀ مان هر جاءِ ڏسي سگهجن ٿا، مٽي جي ڀني خوشبوءَ، ملير جي مخصوص مٽيءَ مان ئي ماڻي سگهجي ٿي.
  • ٿر جي ڀٽن ۾ گهوڙي تي چڙهي ٻه آنٽا ڏيڻ کان پوءِ دنيا جو هر تخت ۽ تاج جي آڇ ٿئي ته به پير پاڳوڙي مان ڪڍڻ جي دل نه چوندي آهي.
  • ٿر راجپوتي روايتن ۽ دراوڙي تهذيب جو سنگم آهي. منهنجي دل دراوڙي ۽ رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت راجپوتي آهي.
  • دنيا ۾ معياري رقص جا چاليهه نمونا آهن منهنجي ٿر جي ماڻهن وٽ ڇٽيهه پسبا آهن رڳو مٽڪو، چرُوڙي ، ڏانڊئي ۽ گرٻي ڏسڻ سان ئي اکيون ڦاٽي پونديون آهن . 
  • ٿر ۾ جتي مارئي ڄائي اتي ڦوڳ به پيدا ٿيو هو ، اڄ به آزمائش جي گهڙي اچڻ تي ڦوڳ جاوارث چٽا ٿي پوندا آهن .
  • جتي روي نه پهتو اتي ڪوي پهتو “يعني شاعر جي تخيل جي اڏام سج جي روشني کان به بلند آهي ، هي منهنجي خطي جي عام ڪهاوت آهي، انهي کان وڌيڪ ڪوي جي عظمت جو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو .
  • اسين ٿر جا ماڻهو ڏڪار جي ڏينهن ۾ اڪ جهڙي ڪڙي ڪساري وڻ ۾ ڦٽندڙ ڦلڙين مان جيئڻ جو اتساهه وٺندا آهيون 
  • باز کي اُڏام ۽ جهڙپ کانسو اءِ ڇا ٿو اچي ؟ هن وٽ ٻين پکين جهڙي مٺڙي ٻو لي به ناهي، پاريهر جي ڳٽڪار ۾ ازل جي گيت جهڙو آلاپ آهي، جنهن کي ٻڌڻ جي لاءِ منهنجي ٿر جا ماڻهو وڏي اسر جو اٿي پکين کي داڻا ڏيڻ لاءِ ويندا آهن .
  • منهنجي شاعري ڪتين جو جهر مر ۽ منهنجو نثر ٽيڙو جو اهو ٽمڪو آهي جنهن جي اڀرڻ ۽ لهڻ تي منهنجي خطي جا ڌنار مال وٿاڻ ڏانهن واريندا ۽ وٿا ڻ مان اٿاريندا آهن .
  • ٿر جي واريءِ تي هلندي منهنجي پيرن ۾ ايترا ڇالا ٿي پيا آهن، جو هاڻي جتي به لاهي نٿو سگهان ، تون منهنجي پويان اچڻ چاهين ٿو ته رت _ڦڙن واري واٽ وٺيو هليو اچ ، مون پنهنجا پير ڦٽي پويان ايندڙ پانڌيئڙن جي لاءِ گهاڙو گهڙي ڇڏيو آهي.
  • منهنجي خطي جي مردن وٽ عورت جو عاشق نه پر معشوق ٿيڻ جي روايت آهي .
  • حسد اها آڳ آهي جنهن ۾ دشمن سان گڏ دوست پڻ سڙي ويندا آهن، اسين حسد جي آڳ کان گهڻو پري محبت جي اولي ۾ رهون ٿا، جتي نه حسد جي آڳ جلائي سگهي ٿي، نه نفرت جو پاڻي ٻوڙي سگهي ٿو .
  • ڌرتي تي وڇون ڏسي منهنجا همعصر حيرت نه کاءِ ، اونداهه راتين ۾ اڀ جي تارا منڊل ۾ پڻ وڇون نظر ايندو آهي.
  • آئون ۽ وويڪ آنند سوچ ۾ سرچي نه سگهيا آهيون، منهنجي سوچ جو سفر پنهنجي ڌرتي کان شروع ٿئي ٿو ، آئون پنهجي وارياسي ڀون تي سانوڻ جو صبح ڏسڻ چاهيان ٿو .
  • ماڻهو ڪيترو به ڪٻو ٿي وڃي، پر ڌرتي جي پيٽ ۾ اچڻ سان سڌو ٿي پوندو آهي .
  • ماءُ کان وڌ ڀانئي هُو ڏائڻ آهي (هڪ ٿري چوڻي )
  • سانوڻ جي رت ۾ ڀتوارڻ جڏهن مٿي تي ماني جو ٽٻڪو ( کارو ) رکي ٻني ۾ هر ڪاهيندڙ پنهنجي ور لاءِ ماني کڻي رواني ٿيندي آهي، تڏهن هن جي ٻانهياري لوڏ تان لکين حسن جا منظر گهوري ڇڏڻ تي دل چوندي آهي
  • اسان وٽ انساني عظمت کي اڳيان رکي فن جي تخليق ڪئي ويندي آهي، وارياسي خطي جي روايتن ۾ مٽي ۽ ماڻهو مقدس آهن، مٽي جي محبت ۽ ماڻهپي جي مان کانسواءِ فن وڌوا جو ويس آهي .
  • سماجي اوسر جي ايجنڊا ايستائين اڌوري ۽ اڻپوري آهي، جيستائين ڌرتي جا قديم ماڻهو هن سفر ۾ شامل نه آهن .
  • شاه لطيف جي شاعري جيان شيخ اياز جي شاعري، اسان ٿر جي ڀٽن ۾ ڏٿ وانگر ڳولي لڌي آهي، هاڻي اياز جا نقاد ڊرائنگ رومن جا دانشور نه پر لُڪن ۾ هلندڙ اسين کٿيرا هونداسين، شيخ اياز جي شاعري جو واس ٿر جاڪولهي، ڀيل، منگهواڙ ۽ سماٽ محسوس ڪندا، جيڪي هن ڌرتي جا اصل ڌڻي آهن . 
  • ماڻهو جا ميرڙا ڳل به سڳندڀري اجري گل کان پيارا هوندا آهن هڪ دفعي هٿ ڇهاءُ سان نازڪ پنکڙين جو ساءُ وسري ويندو آهي .
  • ٿر ۾ رنگين روايتون آهن ته سنگين حڪايتون پڻ ملن ٿيون، زندگي ڪڏهن مٺي مرڪ جهڙي لڳندي آهي ته ڪڏهن ڪوسي لڙڪ جهڙي پڻ محسوس ٿيندي آهي .
  • ڌرتي ڪنهن خاص ٽولي نه پر پنهنجن سمورن ڪارن ، گورن، ننڍن، وڏن ڪک ڄاون جي ماءُ هوندي آهي .
  • وارياسي جا گل اڪثر ٽڙڻ کان اڳ ۾ ڇڻي ويندا آهن، ڪو ورلو لُري ۽ لُڪ سهي ٽڙندو آهي، جنهن جو ٽڙڻ جهنگل ۾ منگل ڪندو آهي، هن جي حسن تي آڪاش جا نو لک تارا موهجي پونداآهن، سانوڻ جا بادل مينهن ڦڙا وسائي هن سان پريت جو اظهار ڪندا آهن .
  • دنيا جي سچي ۽ سولي حقيقت هڪ سج ۽ ٻه پاڇا آهي، جنهن کي هر ماڻهو چٽو ڏسي ۽ سمجهي ٿو ، اسين ٿر جا ماڻهو، سج جي پهرين ڪرڻي کان اڳ پاڻي ڳڀي جي لاءِ نڪري پونداآهيون ۽ سج لٿي گهر ورنداآهيون ٻئي پاڇا جيئڻ جا جتن ڪندي مٿي لنگهائيندا آهيون .
  • پئسي کي ڪيڏي به همه گير طاقت ملي وڃي، پر پيار کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي، پئسي تي جسم خريد ڪري سگهجن ٿا پر روح نه ، روح ته پيار ۾ صرف روح سان رچندو آهي .
  • اڪيلائي جي راتين ۾ ڪنهن تڙپ ۽ تمنا ۾ لڇندو ڏسي چنڊ واريءِ جي دڙن تي ذرو ذرو ٿي ويندو آهي . من موهن ڀڳت جو رو ح بڻجي ڀٽائي جي آڳر تي حاضري ڀري ڳائيندو ايندو آهي ته ” سر تيون آهين تان وڃو ڙي وڃو ، منهنجو لکيو لڪن سان.....“.
  • ڳاڙڻ گلن ۾ جيئن سهڻو ڏيک ڏيندي آهي تيئن ماڻهو جي ڳلن تي به پياري لڳندي آهي ، پيلاڻ رڳو گلن ۾ سونهي ٿي .
  • پکي اونداهه راتين ۾ به پنهنجو آکيرو ڳو لي وٺنداآهن ، اسان جي پيار جا پکيڙا سڏونت سارنگا جهڙي سڪ رو ح ۾ سمائي پهرن جي اونداهه ۾ پنهنجي پريت تائين پهچنداآهن
  • اسان وٽ ماڻهو جي سونهن جو معيار ٻاجهارو سڀاءِ ، گهڻگهرو من ۽ اعتماد جو عڪس رکندڙ اکيون آهن ۽ ڪوجهپڻي جي دائريڪار ۾ ماڻهو جي من ۾ ڪوڙ ، سڀاءِ ۾ ڏاڍ ۽ اکين ۾ لوڀ جا ليئا اچن ٿا.
  • واري جي دڙن تي پيرن جا نشان تمام ٿورو وقت رهي سگهندا آهن، رڳو ڀٽون پنهنجي جهول ۾ يادون سنڀالي رکنديون آهن، هن ڌرتي تي ڪيترائي ڌنار آيا ويا آهن. هر ڌنار جي هٿ ۾ هڪ بانسري هوندي آهي، جنهن کي هو و ڄائي زندگي جي تلخي ۾ مٺاس پيدا ڪندو آهي، آئون پنهنجي شاعري ۾ ڌنارن جي يادن ۽ مڌر سرن کي ميڙي رهيو آهيان .
  • اي منهنجا همعصر، تو ڪڏهن واٽڙين ۾ هرڻ کي پاڻي پيئندي ڏٺو آهي ؟ سونهن جو هي منظر فطرت جو نظم آهي، انهي نظم جي حسناڪي ماڻڻ جي لاءِ ڪنهن به وزن بحر ، ڇند ۽ ماپي جي ضرورت نه آهي

ڪيفتن جي ڪميت تي چڙهي آئون اڄ به ٿر جي منفرد منظرن ۽ مهان ماڻهن بابت ائين سوچيندو رهيو آهيان. ٿر جي ننڍڙي خطي تمام وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن.انهن جو لاکيڻو ڪردار نئين ڏينهن نئون زندگي جو ويساهه بڻيو آهي. ٿر جي لوڪ ڪردارن جون لوڪ ڪٿائون ٿر جي تاريخ جي تاڃي پيٽي ۾ ريشمي رنگ آهن، ثفافت جي سونهن ۽ سوڀيا آهن. مختصر لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته ٿر ۾ بڙ جا وڻ ته نه ٿيندا آهن پر ٿر ۾ بڙ جي وڻ جهڙا ماڻهو پيدا ٿيا آهن. جن جي ڇانءٌ ۾ هر ساهواري کي سک مليو آهي.روح ۾ راحت ماڻي آهي. 

خاڪا نوسي هڪ وڏو فن آهي. جنهن تي دسترسي جي مون ڪڏهن نه دعويٰ ڪئي آهي، نه ئي ڪڏهن ڪري سگهان ٿو. هڪ تصوير جا به ڪيترائي رخ هوندا آهن. هڪ ماڻهو جا به ڪيترائي روپ آهن. مون جنهن روپ ۾ انهن ماڻهن کي محسوس ڪيو آهي. انهن کي پڙهيو آهي، انهن کي ٻڌو آهي، انهن بابت پڙهيو آهي، انهن بابت ٻڌو آهي، اهو لکيو آهي.

مون چاهيو ٿي ته انهن منفرد ماڻهن، لوڪ ڪردار جي حيثيت ۾، يا لوڪ ڪردارن ۽ لوڪ ادب سان محبت جي روپ ۾ پنهنجو ڪيئن ڪردار ادا ڪيو آهي، ان کي پڌرو ڪريان. مون هميشه لکڻ جي معاملي ۾ مثبت سوچ سان قلم کنيو آهي. مون انهن ڪردارن تي لکڻ وڏي چاهه مان شروع ڪيو هو، پر وچ ۾ ذاتي زندگي ۾ ڏاڍو الجهيل رهيس. الائي ڇو مون کي اردگرد جي ماحول الجهائي رکيو هو. هڪ حساس انسان کي هن سماج ۾ ڪيتريون سختون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. حليم باغي سچ چيو آهي ته:

اسان جيئن به جيئي ڪو جهان ۾،
سدائين نشان تي سدا امتحان ۾.

پر منهنجي لاءِ اهڙي وقت ۾ هن ڪتاب جي مانوارن ڪردارن جون جيون ڪهاڻيون ۽ دلبر دوستن جو ساٿ وڏي وٿ رهيو. آئون نهايت ٿورائتو آهيان، انهن دوستن ۽ ڀائرن جو، جيڪي هر گهڙي منهنجي لاءِ ڀرجهلو ٿي بيٺا آهن. منهنجي زندگي جي ڏکي سکي سفر ۾ ساٿ ڏيندڙ دوستن ۽ ڀائرن هن ڪتاب جي اڻت ۾ به پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو.

 سنڌ جي سڀاويڪ شاعر ۽ سياستدان سائين سردار علي شاهه مون کي جنهن ريت لوڪ ادب ۽ لوڪ ڪردارن تي لکڻ جي لاءِ حوصلو ڏنو آهي، سچ ته آئون شاهه صاحب جي ٿورن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان.

پنهنجن ذاتي مصروفيت ۽ رولاڪ طبيعت جي ڪري هن ڪتاب کي ڇپائي لاءِ تيارڪري ڏيڻ ۾ مون کان ڏاڍي دير ٿي آهي، منهنجي مٺڙي عزيز تولارام سوٽهڙ ڪمپوزنگ جي هر مرحلي ۾ ساٿ ڏنو. منهنجي ننڍڙي ڀاڻيج اميت ڪمار منهنجي وکريل پنن کي ميڙڻ ۽ حوالي جي لاءِ ڪتاب ڳولي ڏيڻ ۾ اڳ جيان مدد ڪئي.

‘محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن ’واري ڪيفيت ۾ لکيل انهن خاڪن سان آئون ڪيترو نڀائي سگهيو آهيان، ان جو بهتر تجزيو پڙهندڙ ڪري سگهن ٿا. مون کي حاسدي نقاد جي ساهمي ۽ مکڻ مان وار ڪڍڻ واري دانشور جي فٽ پٽي جي ماپ سان ڪيل ليکي چوکي جي راءِ بدران اوهان جي فقير من جي اوطاري ۾ اڀري آيل مبثت تجويز ۽ راءِ جو اوسيئڙو رهندو.

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ

26 ڊسمبر 2017ع

چيلهار، ٿرپارڪر، سنڌ



ٿر جو سخي ڪردار جاني لنجو


ٿر جي مشهور سخي ۽ مهمان نواز ڪردار جاني لنجي جو اصل ڳوٺ ڏاڪيڏار هو، پر پوءِ هن ڀوجاسرجي ڳوٺ کي وسايو جتي جي سيم سٺي ۽ گهڻي کليل هوندي هئي. ڀوجاسر جي ڳوٺ جي ڀرسان جاني لنجي جي کوٽرايل ترائي اڄ به موجود آهي.

جاني جي پڙپوٽي رانجهي لنجي مطابق جاني جي پيءُ جو نالو لال محمد هو. جاني راجپوتن مان پرڻيو هو. گهر واريءَ جو نالو ڀاڻ ٻائي هو. ڀوجاسر جي ڀرسان ست راڄي ڳوٺن ۾ جاني کي راجپوتن جو وڏو سهارو هوندو هو. جاني جا ست پٽ ٿيا. جن جو اولاد اڄ به ڀوجاسر ۾ رهي ٿو.[1]

ٿر جو نامور تاريخ دان سائين رائچند راٺوڙ پنهنجي ڪتاب تاريخ ريگستان ۾ لکيو آهي ته هي مڙس جيتوڻيڪ ڪو وڏو مالدار نه هو، ته به مهمانوازي ۾ نالو ڪڍيائين. کيس پنهنجو اوتارو هو. وٽس سدائين مزماڻ ايندا هئا. ٽاڻي تي ڪو مزماڻ نه هوندو هو ته مڙس جو سک ڦٽي پوندو هو. اوستائين ماني نه کائيندو جيستائين ڪو مزماڻ اچي.[2]

ٿر ۾ ان وقت غربت تمام گهڻي هوندي هئي. پئسو ڪنهن ورلي ماڻهو وٽ هوندو هو. ڏڪارن ۾ اناج جي کوٽ رهندي هئي. گهرن ۾ عورتون جنڊ تي اٽو پيهنديون هيون. اولڻ به گهٽ هوندو هو. اهڙي دور ۾ مهمان نوازي جوڳ ڪاٽڻ جي برابر هئي. هر ڪنهن جو اوتارو نه هوندو هو. اوتارو هلائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي هئي. اهري ماحول ۾ جن ماڻهن مهمان نوازي ڪئي، تن جي لاءِ لوڪ ۾ وڏو احترام هوندو هو ۽ اڄ به آهي.

ان دور ۾ دوا درمل گهٽ هجڻ جي ڪري ماڻهو بيماري جي حالت ۾ درويش دل انسانن ۽ سخي سورويرن کان ڌاڳا ڦيڻا ۽ حڪيمن کان ٽوٽڪا وٺندا هئا. سائين رائچند لکي ٿو ته؛ ان وقت ڪنهن کي بخار ايندو هو ته، جاني وٽان سڳو وٽائي ٻڌندو هو ته تپ ڇڏي ويندو هو. اڄ تائين ڪنهن کي بخار ايندو آهي ته ان کي ويهاري چوندا آهن ته، “آڌي رات هجي، مٿان برسات پئي پوي، اهڙي وقت سئو گهوڙي سوار مهمان اچي جاني وٽ لهن، گهر ۾ داڻو به نه هجي، اهڙي حالت ۾ به جانيءَ جي ايمان کي لوڏو نه اچي” ته بخار ڇڏي ويندو آهي.[3]

ڪچهرين جا ڪوڏيا سگهڙ سياڻا چون ٿا ته، ٿر جي ڪنهن اوتاري ۾ هڪ دفعي ائين به ٿيو هو ته گهر جو وڏو نيڪ مرد گهر نه هو، ٻهراڙي ڏانهن ويل هو. پويان ڪجهه مهمان اچي ويا، اوتاري ۾ رات ترسيا. اوتاري ۾ مهمانن جي خدمت چاڪري ڪئي ويئي. صبح وڃڻ وقت مهمانن مان هڪ سگهڙ اوتاري جي ڌڻي جي پٽ کي چيو ته، تنهنجو پيءُ اچي ته هن ڳجهارت سان اسان جا سلام ڏجان؛

“ٻني ڪو نه ڪيا ٻوڙا، ٻني ڪو نه ڪيا ٻوڙا”

والد جي اچڻ ساڻ مهمانن جي خدمت ڪندڙ پٽ مهمانن جا سلام ڏيندي سگهڙ مهمان جي ڳجهارت ڏني؛

“ٻني ڪو نه ڪيا ٻوڙا، ٻني ڪو نه ڪيا ٻوڙا”

ڳجهارت ٻڌڻ سان مهمانواز چيو ته؛

“مهمانن کاڌي ماني، لنگهڻ رهيا گهوڙا”

ان جو مطلب ٿيو ته، پٽ مهمانن ته ماني کاڌي پر انهن جي وهٽن کي داڻو نه مليو، پوءِ هُن پنهنجن پٽن کي ويهاري اوتاري جي مان مرياده، ريت رسم ۽ مهمانن جي خدمت چاڪري بابت سمجهايو.

جاني جو پڙ پوٽو رانجهو لنجو اها روايت جاني جي اوتاري سان منسوب هجڻ کي مڪمل رد ڪري ٿو. رانجهي جو چوڻ آهي ته، جاني جي اوتاري تي سدائين مهمانن جو ميڙو متل رهندو هو. راڄ ڀاڳ جا ماڻهو به مهمان جو ٻڌي اچي اوتاري ۾ گڏ ٿيندا هئا. جاني “ڀلين آئين، جيءُ آئين” چئي آڌرڀاءُ پيو ڪندو هو. مهمان جي وهٽن جي لاءِ گاهه، پاڻي، داڻو ۽ چارو وغيره مهمان جي چوڻ کان سواءِ مهيا ڪري ڇڏيندو هو. جاني جا پٽ مهمانن جي خدمت چاڪري ۾ پنهنجي والد صاحب سان گڏ هوندا هئا. جاني جي غير موجودگي ۾ جاني جو پٽ پنهنجي پيءُ جي ريت روايت کي پارڻ ۾ ڪيئن غفلت ڪري ٿو سگهي. هي ٿر جي ڪنهن ٻي شخص ۽ هُن جي اوتاري سان ڳجهارت منسوب آهي. جاني جي اوتاري سان هرگز نه آهي.[4]

چيو وڃي ٿو ته، انگريز تروٽ جاني لنجي جي مهمان نوازي ۽ ڏاهپ جي مشهوري ٻڌي هڪ ڀيري پرک وٺڻ آيو. جاني وٽ هن ماني کاڌي، ڪجهه ديررهڻ کان پوءِ جاني سان گڏجي تروٽ سفر تي نڪتو. تروٽ ۽ جاني ٻئي خاموش وڃي رهيا هئا. وچ رستي تي ڪرڙ جو وڻ ڏسي تروٽ پڇيو ته جاني هي ڪهڙو وڻ آهي؟ جاني وراڻيو ته، سائين هي اسان جي ٿر ۾ ڪرڙ جو وڻ آهي. هن ۾ ڏونئرا ٿيندا آهن. تروٽ اڳتي ڪجهه نه ڪُڇيو. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ٻي سال تروٽ وري جاني وٽ آيو. وري جاني کي چيائين ته سفر تي هلنداسين ٻئي ساڳي گهاڙو سنڀريا تروٽ جڏهن ان ماڳ تي پهتو، جتي هن ڪرڙ بابت جاني کان سوال ڪيو هو. اتي تروٽ جاني کي چيو ته، “جاني پوءِ...؟ جاني وراڻيو ته سائين پوءِ ڏونئرا ٿيا، اسان پچائي کائي ڇڏياسين....” تروٽ جاني جي مهمان نوازي ۽ ذهانت ٻنهي مان ڏاڍو متاثر ٿيو. وقت گذرڻ سان هڪ ٻي جا ڪافي هجائتا ٿي ويا. لوڪ جي روايتن ۾ جاني ۽ تروٽ جي هُجت ڀريل گفتن ۽ پرک جي مثالن جون ڪيتريون ئي روايتون مقبول آهن.

نامور اسڪالر ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ راڻيپور جي سوڍن جي انگريز سان ويڙهاند واري حوالي سان پنهنجي ڪتاب “جنگ نامه” ۾ لکيو آهي ته: “تروٽ عمر ڪوٽ مان راڻو ۽ ٻيا زميندار کنيا، اسلام ڪوٽ جي تر مان ٻائري جو ٺڪر اکيراج، جاني لنجو ۽ ٻيا ساڻ ڪري ننگرپارڪر ويو. ڀوڏيسر وارا اکا ٺڪر، جي راڻيپور جا سوٽ هئا، سي به تروٽ سان شامل ٿيا. جن هلي راڻيپور وارن جا گهٽ گهيڙ ڏيکاريا.” [5]

پارڪر جي معرڪي تي مختلف محققن ۽ تاريخ جي شاگردن جو تحقيقي ڪم هلندڙ آهي. انهن جون تحقيقون سامهون اچڻ کان اڳ ۾ جاني لنجي جي انهي پهلو تي وڌيڪ ڳالهائي نٿو سگهجي. اهو سڀاڻي جي تاريخ دان تي ڪم ڇڏي پاڻ ان ڳالهه ڏانهن ٿا موٽون ته؛ هن وقت تائين ٿر جي راڄن ۾ جاني لنجي جهڙو ڪو مهمان نواز نه ٿيو آهي جنهن جي مهمان نوازي، سخاوت ۽ لوڪ ڏاهپ جون ڳالهيون لوڪ ڪٿائن جو روپ ڌاري نسل در نسل صدري علم ذريعي هليون هجن.

[1] رانجهي لنجي جو ڪچهري ۾ اظهار

[2] تاريخ ريگستان، جلد ٻيو، ص 303، رائچند راٺوڙ

[3] لوڪ ۾ روايت آهي ته ٽيهڙ بخار جي لاءِ جاني جي وارتا مريض کي ٻڌائي ويندي هئي.

[4] رانجهي لنجي جو ڪچهري ۾ اظهار

[5] جنگ نامه، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.ص 457، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو



رائچند راٺوڙ


ٿر جو هاڪارو عالم، اديب، تاريخ نويس ۽ آدرشي استاد سائين رائچند راٺوڙ تعليمي رڪارڊ مطابق 8 نومبر 1912ع تي چيلهار ۾ چتون مل سرتاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. 31 مئي 1968ع تي وفات ڪري ويو. سائين رائچند 1927ع ۾ فائنل ڪري 02 مئي 1928ع تي چيلهار ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو هو. نوڪري دوران هن ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان 1932ع ۾ سي ٽي ڪورس جو پهريون سال پاس ڪيو. ساڳي ڪورس جو ٻيو سال 1948ع ۾ پاس ڪيو. پراڻي ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺن ۾ نوڪري ڪيائين. انهن ڳوٺن ۾ عمر انڙ آهوري ديهه نمبر 268، ڳوٺ نو رنگ سنگهه ديهه نمبر340، ٽنڊو جان محمد، ڀوريلو، جوڳي مڙهي، رائلو، ديهه ستڙيون ۽ مٺي شامل آهن. آخر ۾ سائين چيلهار بدلي ڪرائي آيو. چيلهار جي پرائمري اسڪول جو وڏي وقت تائين هيڊماستر ٿي رهيو. چيلهار مان ئي رٽائر ٿيو. سائين رائچند، ٿر جي مينگهواڙ قبيلي ۾ ننگرپارڪر جي هرجي مل کان پوءِ ٻيو شخص هو، جيڪو استاد مقرر ٿيو هو. سائين فرض شناس ۽ آدرشي استاد هو. اسڪول ۾ حاضري جو پابند ۽ پڙهائڻ جو نهايت قابل هو. اسڪول جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ به پڙهائيندو هو. اسڪول ۾ سدائين ڌيمي آواز سان ڳالهائيندو هو. شاگردن کي سيکارڻ جو سهڻو طريقو هو. سائين رائچند جا اکر خوبصورت هوندا هئا. سائين پنهنجي شاگردن جي صورتخطي تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندو هو. سائين رائچند جا ڪيترائي شاگرد پڙهي لکي اعليٰ عهدن تي پهچي ملڪي خدمت ۾ پنهنجو حصو شامل ڪري چڪا آهن. ناميارو اديب سائين وليرام ولڀ به سائين رائچند جو شاگرد آهي. سائين رائچند ٻه شاديون ڪيون. اولاد ۾ چار پٽ جوهرلال، پرتاب راءِ، (پرڀو) نفيس احمد شيخ ‘ناشاد’، ساجن ۽ ٻه ڌيئرون ساوتري ۽ چندرا ٿيون. جوهرلال مختيارڪار، پرتاب راءِ آڊيٽر، ناشاد سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي مهراڻ جو پهرين اسسٽنٽ ايڊيٽر، پوءِ ايڊيٽر ٿي رهيو. ناشاد سنڌ جو ناميارو اديب ۽ شاعر آهي. سائين رائچند ‘تاريخ ريگستان’ ۾ ناشاد جي شاعري ‘ٿر جي شعر’ ۾ ڏني آهي.

سائين رائچند مثبت سوچ رکندڙ مخلص انسان هو. سائين منگهارام اوجها، سائين محمد رحيم ڀوريلي وارو، سائين هميرچند ويرهاڙ وارو، سائين حاجي محمد سومار چيلهار واسي، وڪيل نرسنگهه داس اوجها ۽ چيلهار واسي سائين ڀانو مل سرتاڻي سائين رائچند جا ويجها ساٿي ٿي رهيا. سائين هڪ دوست جي حيثيت ۾ سچار ۽ سنڀاليندڙ هوندو هو. سائين ڀانومل سرتاڻي رائچند جو رشتي ۾ ڀائيٽو ٿيندو هو پر درس و تدريس جي شعبي ۾ ٻنهي گڏجي ڪم ڪيو هو. سائين رائچند سائين ڀاني مل جو وڏو خيال رکندو هو.

چون ٿا ته سائين رائچند لکڻ جي شروعات 1929ع جي زماني کان ڪئي، پر هن پنهنجون لکڻيون پڌريون نه ڪيون. چيلهار جا جهونا لوڪ چون ٿا ته سائين رائچند 1945ع ۾ ‘امرڪوٽ اتهاس’ جي ليکڪ تيج سنگهه سولنگي کي هڪ ڪتاب ڇپائڻ جي لاءِ ڏنو هو، پر ورهاڱي ٿيڻ سبب اهو ڇپجي نه سگهيو. مسودو سائين کي واپس ملي نه سگهيو، پر انهي ڪتاب جو نالو ڇا هو؟ موضوع ڪهڙو هو؟ اهو پتو پئجي نه سگهيو آهي. نه ڪٿي سائين رائچند پنهنجين لکڻين ۾ تيج سنگهه کي مسودو ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي. شايد اهو مواد ‘تاريخ ريگستان’ جو هو، جيڪو پوءِ 1947ع تي نامور اديب محمد اسماعيل عرساڻي کي ڏيکاريو هو. جڏهن عرساڻي صاحب فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عهدي جي مقرر ٿي ٿر آيو هو. عرساڻي صاحب سائين رائچند کي ‘تاريخ ريگستان’ مڪمل ڪرڻ تي تمام گهڻو اتساهيو هو. عرساڻي صاحب ايماندار آفيسر ۽ حساس دل انسان هو. ٿرين جا ڏک ڏاکڙا ڏسي هن جو اندر جهري پوندو هو. ٿري ماڻهن جي زندگي تي رحم ايندو هو. عرساڻي صاحب ٿر جي ڏک ڏاکڙن جي پسمنظر ۾ ‘بد نصيب ٿري’ ناٽڪ لکيو. عرساڻي هڪ ٻيو ڪتاب ‘سير ريگستان’ لکيو. سائين رائچند عرساڻي کي ٻنهي ڪتابن جي لکت ۾ وڏي مدد ڪئي. عرساڻي صاحب سائين رائچند جي تمام وڏي عزت ڪندو هو.

سائين رائچند اسماعيل عرساڻي صاحب کان وڏو متاثر هو. عرساڻي جي ناٽڪ ‘بد نصيب ٿري’ جي اثر ۾ سائين رائچند ‘چوڙيلڻ’ جي عنوان سان سماجي سڌاري جي لاءِ هڪ ناٽڪ پڻ لکيو. سائين رائچند ‘پير پٿوري’ جي سوانح حيات تي ڪم ڪيو. جنهن کي 1956ع ۾ ‘پير پٿورو’ نالي ڪتابي شڪل ۾ سندر شيوا منڊلي ڪوٽڙي پاران ڇپرايو ويو.

چيلهار ۾ علمي ادبي ماحول جوڙڻ ۾ برهم چاريه رهندڙ (ڪنوار رهندڙ) ڀائرن گڻيش ۽ ٻالچند جو اهم ڪردار هو. ٻئي ڀائر درزڪو ڪم ڪندا هئا. انهن جي لائبريري هوندي هئي. انهن وٽ ان وقت جون مکيه اخبارون به اينديون هيون. سائين رائچند ڪتاب ۽ اخبارون پڙهڻ جي لاءِ انهن وٽ ايندو هو. سائين رائچند جي اچڻ کان پوءِ اتي مختلف موضوعن تي صحتمند بحث مباحثا پڻ ٿيندا هئا. اتي ويٺلن جي ائين سکيا ٿيندي هئي. سائين رائچند کي سي ٽي ڪورس دوران حيدآباد ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي لائبريري وڏو ڪم ڏنو.

سائين رائچند جي خط و ڪتابت ذريعي اديبن ۽ عالمن سان رابطو رهندو هو. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، تيج سنگهه سولنگي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد اسماعيل عرساڻي، ممتاز مرزا، نبي بخش واصف، محمد ابراهيم جويي،عبدالمجيد ميمڻ، پير علي محمد راشدي، پير حشام الدين راشدي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ ٻين سان ٿيل خط و ڪتابت علمي ادبي تاريخ جو اهم حصو آهي. جنهن کي ڇپائي منظر عام تي آڻڻ جي ضرورت آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان رائچند جي وقت به وقت علمي ادبي صلاح مشورا ٿيندا رهيا. ڊاڪٽر صاحب سائين رائچند جي هر وقت حوصلا افزائي ڪئي. سائين رائچند ٻين ٿري عالمن ۽ اديبن جيان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي لوڪ ادب اسڪيم ۾ ٿر جو مواد ميڙڻ ۾ مڪمل ساٿ ڏنو.

سائين رائچند ‘تاريخ ريگستان’ لکڻ جي لاءِ نه صرف ڳوٺن ۾ وڃي لوڪ روايتن کي ميڙيو پر تاريخ جي ڪتابن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿر بابت حوالا هٿ ڪيا. سائين رائچند جي ‘تاريخ ريگستان’ کان اڳ ۾ ٿر بابت ايڏو تفصيلي ڪتاب نه آيو هو، نه وري پوءِ آيو آهي. سائين جي ڇڏيل ڪم کي به ڪير اڳتي وڌائي نه سگهيو آهي. انگريز دور جي ضلعي عملدار ڪپتان اسٽينلي نيپئر ريڪس جو ڪتاب Memoir on Thar and Parkar District of Sindh ‘ٿر ۽ پارڪر جو احوال’ به اڌورو آهي. سائين رائچند جو ‘تاريخ ريگستان’ ڪرنل جيمس ٽاڊ جيAnnals and Antiquities of Rajisthan ‘تاريخ راجسٿان’ حالات مارواڙ جي مقابلي جو ڪتاب آهي. پر ڪرنل جيمس ٽاڊ پنهنجي دور جو وڏا وسيلا رکندڙ عملدار هو. جڏهن ته سائين رائچند هڪ پوئتي علائقي جو غريب جاتي سان تعلق رکندڙ پرائمري استاد هو.

جديد سنڌي شاعريءَ جي وڏي نانءُ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر شيخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي جي ڪتاب ‘ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر’ ۾ سائين رائچند کي ‘تاريخ ريگستان’ تي مڃتا ڏيندي لکيو آهي ته: “ٿر جي تاريخ پيرائتي پڙهڻي هجي ته رائچند جو ڪتاب ‘تاريخ ريگستان’ پڙهيو وڃي، جو ٽاڊ جي ‘راجسٿان’ وانگر آهي. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هوس، تڏهن جيڪڏهن ڪوئي مون کي ياد ڏياري ها يا ان ڏس ۾ تحرڪ وٺي ها ته مان سئنڊيڪيٽ کي آماده ڪيان ها ته رائچند کي ان ڪتاب تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وڃي ها، هي ڪتاب انهن سڀني سنڌي ڪتابن کان سٺو ۽ وڌيڪ محنت سان لکيل آهي، جن تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني ويئي آهي”.[1]

ٿر جي تاريخ سائين رائچند جي تخليق ‘تاريخ ريگستان’ جي لولي تي ننڍ مان اک کولي ٿي.آس ڀڃي پڙهندڙ ڏانهن نهاري ٿي. ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ وارو پهريون پرائمري استاد پورهيت آهي، جنهن هڪ سچيت تاريخدان وانگر محنت ڪئي آهي.سائين رائچند، ٿر ۾ نه صرف پنهنجي همعصر نسل پر پوئين ايندڙ پيڙهين جو محسن آهي. هر دور سائين رائچند جا ڳڻ ڳائيندو رهندو. سائين رائچند جي جيون خاڪي کي معلوم ڪرڻ سان سماج جي ڪڙن روين جي قطار ملندي پر سائين رائچند دلي اخلاص، خالص جذبي، نئين نگاهه ۽ سجاڳ دل جو صاحب هو. ان ڪري ڪڏهن ذاتي نوعيت جي تڪليفن کي مٿي تي سوار ڪري لکڻ جي ڪم کي نه روڪيو. سماج جي ڪڙن ۽ ڪوجهن روين کي علم جي امرتا سان مٽائڻ جي جستجو ڪيائين. انسانيت جي اعليٰ اصولن تي پاڻ هليو ۽ ٻين کي تلقين ڪندو رهيو.

‘تاريخ ريگستان’ جو پهريون ڀاڱو سترنهن بابن ۽ ٻيو ڀاڱو ٻاويهه ڀاڱن تي مشتمل آهي. سائين رائچند 1953ع ۾ ‘تاريخ ريگستان’ جو پهريون ڀاڱو لکي مڪمل ڪري چڪو هو، جنهن کي 1956ع سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. ٻيو ڀاڱو 1 مارچ 1968ع تي لکي مڪمل ڪيو. هن وقت هن شاهڪار ڪتاب جا پنچ ڇاپا اچي چڪا آهن. سائين رائچند مختلف وقتن تي ‘سنسار سماچار’، ‘الوحيد’، ‘اخبار تعليم’، ‘مهراڻ’، ‘نئين زندگي’، ‘سنڌي ڊائجيسٽ’ سميت رسالن ۾ مضمون لکيا ۽ ٻيو مواد اڻ ڇپيل ڇڏيو. جنهن کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي. سائين رائچند، ٿر جي لوڪ ادب ۽ شاهه لطيف جي شاعري جو وڏو پارکو هو. ‘تاريخ ريگستان’ ۾ مختلف هنڌن تي شاهه لطيف جي شاعري ڏني آهي. لوڪ ادب جي روايتن ۽ شعرن کي ڇنڊي ڇاڻي تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي.

سائين رائچند ظاهري زماني جي حوالي سان مينگهواڙ قبيلي جي راٺوڙ نک سان تعلق رکندڙ هو.سائين رائچند پنهنجي ڪتاب جي ٻنهي ڀاڱن ۾ ‘هريجن ’ لکيو آهي. پر سائين جي وفات کان پوءِ اولاد لفظ ‘هريجن’ کي اڻ وڻندڙ لفظ سمجهيو، ڪٽنب جي گڏيل فيصلي طور هريجن بدران راٺوڙ لکڻ جو اعلان ڪيو ويو. چيلهار ۾ ريگستان ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران سائين رائچند جي ياد ۾ ‘رائچند راٺوڙ لائبريري پڻ قائم ڪئي ويئي آهي، جنهن کي پنهنجي عمارت پڻ آهي. گل محمد عمراڻي جڏهن ميرپورخاص ڊويزن جو ڪمشنر هو، تڏهن لائبريري جي فرنيچر ۽ ڪتابن جي لاءِ هٿ ونڊايو هو. لائبريري جي لاءِ نفيس احمد ناشاد مختلف وقتن تي ڪتاب موڪليندو رهيو آهي. رائچند جي ڀاءُ جو پوٽو هريش راٺوڙ ۽ چيلهار جو شاعر، استاد ۽ سماجي ورڪر گوبند چيلاڻي لائبريري جي لاءِ رضاڪار طور وقت ڏيندا رهيا آهن. ٽائون ڪاميٽي چيلهار ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ چيلهار لائبريري کي سرگرم رکڻ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو آهي. 2009ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ٿر جي اڳواڻ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي درخواست تي تعليم کاتي پاران هاءِ اسڪول چيلهار جو نالو علمي، ادبي ۽ تاريخي خدمتن جي مڃتا ۾ سائين رائچند جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي.

[1] ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر، آتم ڪٿا جو گڏيل مجموعو، شيخ اياز، ص 64، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.



مسڪين جهان خان کوسو


ٿر جو سچو سماجي خدمتڪار مسڪين جهان خان کوسو

سنڌي ادب ۾ اهڙو ڪو ناول نگار نه آهي، جيڪو هالينڊ جي عظيم مصور ونسينٽ وان گوگ جي زندگي تي ارونگ اسٽون جي لکيل ناول ‘اُڃ’ جهڙو ‘مسڪين جهان خان’ تي ناول لکي. مسڪين جهان خان پورهيتن، مزدورن، ڪولهين، ڪڙمين کي چوندو ته: “غربت ۾ انسان جو شعور ڪڏهن مرندو نه آهي، پر ضمير وڌيڪ ڦڙت بڻبو آهي ۽ هن جي روح کي وسعت عطا ٿيندي آهي. اسان کي غربت جو مقابلو کليل دل سان ڪرڻ گهرجي.”

مسڪين، ٿر ۾ هڪ ‘اسڪول آف ٿاٽ’ جو نالو آهي. مسڪين، غريبي ۾ گذاريو هو. خلق جي خدمت عبادت سمجهندو هو. اڄ ڏينهن تائين مسڪين جي ڪم ڪو جانشين پيدا ٿي نه سگهيو آهي. مسڪين جي ٿر سان مارئي جهڙي محبت هئي. مسڪين، ٿر جي ڏڪار بابت انگن اکرن سان ڳالهائيندو هو. هو ٻڌائي سگهندو هو ته ٿر جي ڪهڙي ڳوٺ ۾ ڪيترا گهر آهن. ڪيترو چوپايو مال آهي. ڪيترا ماڻهو ڏڪار ۾ متاثر ٿيا آهن. ٿر جي سياست، سماجيات ۽ اقتصاديات تي بهتر نموني ڳالهائي ويندو هو. هن نه صرف فلاحي ڪمن تي توجهه ڏني پر هن جي اندر جي آرزو هئي ته نظام تبديل ٿئي. سياسي ورڪر به هو. انسان دوست ۽ نظرياتي سياستدانن سان گڏجي سياست ڪئي. هن پاليسيون ٺاهيندڙ ادارن تي پريشر پيدا ڪرڻ جي لاءِ ايڊووڪيسي ڪئي. اخبارن ۾ ايڊيٽوريل لکرايا. مسڪين وٽ رضاڪار دوست هوندا هئا، پر پهرين پاڻ پوليس جي نوڪري ڇڏي اڪيلو نڪتو هو. پوءِ قافلا ٺهندا ويا. ڪنهن سان ظلم ٿيندو هو. اتي مسڪين پهچي ويندو هو. هن هيومن رائٽس جي ورڪر جو ڪردار ادا ڪيو. مسڪين جي نوڪري ڇڏڻ جو واقعو به غريبن سان ظلم ٿيڻ جي واقعي سان جڙيل آهي. مٺيءَ ٿاڻي تي ڏڪار ورهيه ۾ ننگرپاڪر کان بئراج ويندڙ ڪولهين جي قافلي کان رشوت گهري ويئي، غريب ماڻهو پئسا ڏين ڪٿان؟ هجن ته ڏين! ٻيو ڏين به ڇا جا؟ پئسا نه ڏيڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. مسڪين جهان خان ان ٿاڻي تي سپاهي هو، جيئن مسڪين کي پتو پيو ته غريبن سان اچي مليو. حال حقيقت معلوم ڪري پنهنجي اعليٰ آفيسر کي احتجاجن پوليس جي نوڪري وارو ‘پٽو’ ۽ بندوق واپس ڏيئي نوڪري کي الوداع ڪيو. محمد بخش مجنون مسڪين جي نوڪري ڇڏڻ جو سال 1937ع لکي ٿو. جڏهن ته وليرام ولڀ پنهنجي هڪ ليک ۾ 1935ع ڄاڻائي ٿو.[1] اهو ڏينهن تڏهوڪو ڏينهن مسڪين غريبن جي حقن جي لاءِ نڪري پيو. ڪڏهن ننگرپارڪر جا وانڊيا ته ڪڏهن ميرپورخاص جي عثمانيه هوٽل، ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ اخباري دفتر. مسڪين جيترا ڪنهن پنڌ به نه ڪيا هوندا، مسڪين ڪڏهن اڃ ۽ بک جي پرواهه نه ڪئي. مسڪين ڳوٺان نڪرندو هو ته ڏينهن جا ڏينهن ٿي وينداهئا مسڪين واپس نه ورندو هو. گهر وارا مسڪين جي منهن جي لاءِ سڪندا هئا! ڳوٺ ۾ ڪو مرڻو پرڻو ٿيندو هو، مسڪين جي ڪنن ڪٿان سڌ پئي ته پوءِ اچي حاضر ٿيندو هو نه ته ٿيو مڙئي خير. غريبن جي مسئلن جي حل جي لاءِ مظاهرا ڪندو هو. ‘مفت اسٽامپ وينڊر’ بڻجي درخواستون لکي گڏجي وڃي ڏيندو هو. مسڪين، ٿر جي ڪيترن ماڻهن کي روزگار تي به لڳايو. ماڻهن کي هِتان هُتان ڪري معاشي مدد به ڪئي پر هي سڀ لڪيل خيرات هوندي هئي. هن ڪڏهن پنهنجي ڪم کي اشتهار نه بڻايو.

هن ڪڏهن ‘ڊالر’ ۽ ‘ڊونر’، ‘پروجيڪٽ پروپوزل’ جي ٻولي نه ٻولي. هن وٽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو اٿاهه جذبو هو. جنهن جذبي تحت هن رضاڪار ٿر جي سچي خدمت ڪئي.

مسڪين جهان خان جي ان پورهئي جي ڪري جديد سنڌي شاعريءَ جي وڏي نانءُ شيخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي ‘ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر’ ۾ لکيو آهي ته: “مون کي مسڪين ڏسي يڪدم حافظ جو هي شعر ياد اچي ويو:

خاڪساران جهان را به حقارت منگر

توچه داني که دراين خاک سُواري باشد

(جهان جي خاڪسارن کي حقارت سان نه ڏس، تون ڇا ڄاڻين ته متان ان خاڪ ۾ ڪوئي سوار هجي )

لفظ ‘جهان’ جي بدران جيڪڏهن حافظ ‘جهان خان’ شعر ۾ لفظ وجهي ها ته شعر جو وزن ته ضرور ڪري ها پر ان جي معنيٰ ڳري ٿي وڃي ها. مسڪين جهان خان کوسي ۾ انڪساري، خودداري، هڪ ظلم تي ٻڌل ڪامورڪي نظام لاءِ بي انتها نفرت ۽ پنهنجي مظلوم عوام لاءِ بيحد محبت هئي، مجنون کان بهتر هُن تي ڪير ٿو لکي سگهي!مسڪين جهان خان ست درجا سنڌي پڙهيل هو، هو خود مصنف نه هو ۽ هن جي سوانح حيات هڪ مختيارڪار محمد بخش مجنون پنهنجي مخصوص انداز ۾ لکي آهي. پر مسڪين جي نسبت به فقط ‘خاڪ ’ سان نه هئي، پر ‘عالم پاڪ’ سان به هئي، جي انسان ذات جي بي لوث خدمت، رنگ، نسل، قوميت ۽ مذهب جو خيال نه رکي ڪئي وڃي ۽ ماڻهو سان دک درد بنان ڪنهن غرض يا مطلب جي ورهايو وڃي ته ان کان بهتر عبادت ٻي نه آهي ۽ انسانيت لاءِ احترام کان وڌيڪ ٻي وڏي عظمت جي نشاني نه آهي. بين القوامي سطح تي البرٽ شوائيٽرز ۽ قومي سطح تي مسڪين اهڙا ماڻهو آهن. جن جي زندگيءَ جي لاءِ لانگ مارچ مائوءَ کان بنهه مختلف آهي. انهن ڪنهن کي دک نه ڏنو آهي. فقط سٺو آهي.”[2]

شيخ اياز پنهنجي دل جي گهرائي سان مسڪين کي ڀيٽا ڏني آهي. مسڪين تمام وڏو ماڻهو هو. سچا شاعر پنهنجي عظيم ماڻهن کي ائين ڀيٽا ڏيندا آهن. ۽ اهو سچ آهي محمد بخش مجنون کان ڪوئي بهتر هن وقت تائين مسڪين تي لکي نه سگهيو آهي.

8 آگسٽ 1967ع تي حيدرآباد ۾ مولانا غلام محمد گرامي جي صدارت ۾ مسڪين سان يادگار شام ملهائي ويئي. ان موقعي تي محمد بخش مجنون جي ڪتاب جي مهورت ٿي. ڪتاب تي تمام تعريفي تبصرا آيا. اديبن کليل دل سان مسڪين کي ڀيٽا ڏني.

محمد بخش مجنون جو لکيل ڪتاب ‘مسڪين جهان خان کوسو’ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ نصاب طور پڙهايو وڃي ٿو. مسڪين جي ڪردار تي سنڌ يونيورسٽيءَ کي نوجوانن کان پي ايڇ ڊي ڪرائڻ گهرجي. ٿر جي نوجوانن لطيف ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪتاب جي تحفي ۾ ‘مسڪين جهان خان’ ڪتاب ڏيڻ جو رواج وڌو آهي. سچ ته ڏاڍو سٺو سنئوڻ آهي.[3]

1980ع جي ڏهاڪي ۾ لکيل ڊاڪٽر محمد خان سميجي جي ناول ‘رت ريجالا سپرين’ جا ڪردار مسڪين جهان خان کوسو، سائين سچل جنجهي ۽ ٻيا ان وقت جا تبديلي پسند ڪردار آهن. هي ناول اڻ لڀ ٿي ويو آهي. ٻيهر ان جو ڇاپو اچي نه سگهيو آهي. ناليواري اديب، ناول نگار، ناٽڪ نويس، صحافي عثمان ڏيپلائي ڏڪارن ۾ مسڪين جي جدوجهد کي پنهنجي هڪ ناٽڪ ڏڪار ۾ بهتر انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ڪتاب ‘ماڻهو ميگهه ملهار’ ۾ ناليواري دانشور عبدالواحد آريسر جو مسڪين تي لکيل خاڪو سڻئي ڦل جهڙي سهڻي نثر جو روپ آهي.مسڪين جهان خان کوسي ننگرپارڪر جي ڳوٺ سامي ويري جي رئيس بجرخان کوسي جي گهر ۾ 9 جولاءِ 1909ع تي جنم ورتو.[4] مسڪين جو شجرو ننڍي کنڊ جي مزاحمتي ڪردار شهيد شادي خان کوسي سان ملي ٿو، ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته: “مسڪين جهان خان ولد رئيس بجار خان بن ميرحسن خان بن خانبهادر سردار خان بن شهيد شادي خان کوسو بلوچ”، ننگر جي سماجي اڳواڻ تاريخ جي ڄاڻو مانائتي الهه رکي کوسي به ان شجري جي تصديق ڪندي چيو ته: “شادي خان انگريز سامراج سان لڙيو هو”. چارڻ ڪوين شادي خان جي سورهيائي ڳائيندي چيو آهي ته:

اڙٻنگ عزت خان رو، شادي ونڪو شير.

_

ڏونگر تون ڪئين ڏهڪڻو، تو ۾ رهي کوسو شادي خان.

مسڪين، ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ ادب جو به ڄاڻو هو. ٿر جي ڳوٺن، ڍاڻين ۽ وانڊين ۾ رهڻ دوران رات جو ڪچهري ۾ لوڪ ادب جي وکر جي سگهڙن، سياڻن سان ڏي وٺ به ٿيندي هئي. ٿر جي ڪولهي، ڀيل ۽ غريب لوڪن مسڪين تي لوڪ گيت سرجي ڳايا، اڄ به خوشي جي منڊپ ۾ مسڪين تي جڙيل گيت گونجن ٿا:

مانري گهر آويو، مسڪين اوتاري،

منگل هون گائون، جائون ٻلهاري.

(منهنجي گهر مسڪين اوتاريءَ آيو آهي، آئون خوشي جا گيت ڳائي آجيان ڪري، هن تان ٻلهار وڃان )

_

مانري آنگڻيئي مسڪين پڌاريو،

هاٿان ري وادڙ ڪران ڇايا.

 (منهنجي اڱڻ مسڪين پڌاريو آهي، آئون هٿن سان بادل جهڙي ڇانو ڪريان)

مانرا مسڪين ويرا مزماڻ

رهو وانڊئي اجوڻي رات

ڪران ٻيسي من ري بات،

آج اماري ڏونگر ني ڏيکيو،

روپي پاڇي روح پي سڪيو،

ڪوئي راوت سور نهين سڻيو

ڏيٺو نهين ڪو جگ ۾ ڏاتار

امارو بڻيو ڇي تون آڌار.

(اي منهنجا مسڪين ڀاءُ! تون مهمان بڻجي اڄوڪي رات منهنجي وانڊئي (ڳوٺ) ۾ اچي رهه، آئون تو سان ويهي من جون ڳالهيون ڪريان. (توکي ڏسي) اڄ مون پنهنجي ڏونگر ڏانهن نهاريو آهي. روپي کان پوءِ روح سڪي رهيو هو، ڪوئي بهادر سورهيه نه ٻڌو ، نه ئي جڳ ۾ ڪوئي ڏاتار ڏٺو، تون اسان جو آڌار بڻيو آهين)

مسڪين تي لوڪ گيت ٻڌندي مون کي روسي لوڪ گيت ياد آيا، جيڪي اتان جي لوڪن لينن سان مخاطب ٿي چيا آهن.ننڍي کنڊ جي لوڪ ادب کي سهيڙيندڙ ديويندر ستيارٿي پنهنجي ڪتاب ‘ڌرتي گاتي هي’ ۾ ڏنا آهن. انهن مان هڪ گيت هتي ڏجي ٿو؛

تون ئي اهو پهريون شخص هئين،

جنهن اسان کي انسان سڏيو.

تو ئي اونداهه ۾ رهندڙ انسانن کي

هن پرڪاش ۾ آندو.

تو ئي اسان کي سپني مان جاڳايو

مسڪين، ٿر بابت ننڍا ننڍا ليک پڻ لکيا. ٻين ليکڪن، اديبن ۽ صحافين کي ٿر بابت معلومات به ڏني. هن ٿر جي هڪ رهنما طور ڪم ڪيو. ٿر جي مسئلن بابت اخبارن کي خبرون پهچائيندو هو. ان دور ۾ رابطي جا ذريعا محدود هئا، پوسٽ تار يا روبرو پهچ ٿيندي هئي. مسڪين 1930ع کان ٿر بابت خبرن ۽ ليکن واريون اخبارون ۽ رسالا ميڙي رکيا.ٿر جي تروٽي پٽيلن پاران مسڪين جهان خان تي ڪوڙا ڪيس به داخل ٿيا. هر طرح تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر هُو جهڪي ڪيئن ٿو سگهي!؟ هن ڪارونجهر کان پختگي ورتي هئي. هڪ ڀيري مسڪين کي جيل ياترا به ڪرائي وئي، جنهن تي قائد ملت فاطمه جناح پنهنجي ذاتي وڪيل ذريعي هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي آزاد ڪرايو.ٿر جي نوجوان ليکڪ پرديپ ڀاناڻي پنهنجي هڪ ليک ‘مسڪين مظلومن جو آواز هو’ ۾ لکيو آهي ته: “مسڪين جي بي لوث خدمتن عيوض سنڌي ادبي سنگت ميرپور شاخ پاران کيس “مُحب سنڌ” جو لقب ڏنو ويو.” [5]

مسلسل پنڌ، اوجاڳن، بک ۽ اڃ جي پيڙائن ۾ هلندي مسڪين بيمار ٿي پيو. سول اسپتال ڄامشوري ۾ داخل ٿيو. پر بيحسي جي بارش ۾ ٻڏي ويل سماج مسڪين جي خاطر خواه سنڀال نه ڪئي. 23 جولاءِ 1980ع ڪارونجهر جو هي عظيم ڪردار هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو. چون ٿا ته مسڪين جو لاش ٻين مسڪينن وانگر ٻن ڏينهن تائين اسپتال جي سرد خاني ۾ پيل رهيو. منهنجون مسڪين جي سڪيلڌي پٽ بجار خان سان ننگرپارڪر ۾ پياري دوست ناشاد سمي، ساگر خاصخيلي ۽ سليم کوسي جي معرفت ڪافي ڪچهريون ٿيون. مسڪين جي وفات کان پوءِ بجارخان ڪوشش ڪري هر سال ورسي جو ڏهاڙو ملهائيندو هو. گوڙهيار ۾ سنڀومل هميراڻي جي ورسي ۾ بجار خان مليو، تڏهن طبيعت چاڪ نه هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻڌوسين ته مسڪين جيان بجارخان کي به مفلسي ريڙهي ويئي. پنڌ نه کٽو، پر پانڌيئڙو مارڳ ۾ موڪلائي ويو.

مسڪين جي سماجي خدمتن عيوض يو ايس اي جي هڪ اداري پاران “گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ” ايوارڊ ڏنو ويو، پر سندس پٽ بجار خان غربت سبب وٺڻ لاءِ وڃي نه سگهيو. سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران 2015ع ۾ ننگرپارڪر جي هائير سيڪنڊري اسڪول جو نالو مسڪين جي سماجي خدمتن جي مڃتا طور منسوب ڪيو.

 پڇاڙڪا اکر؛

ڪير چوي ٿوته مسڪين مري ويو آهي،

هو اڄ به زنده آهي،

انهن انسانن ۾،

جي انسانيت جي خدمت ڪن ٿا

هو اڄ به زنده آهي،

انهن نوجوانن ۾،

جي انسانيت جي خدمتگار جا

ٻانهن ٻيلي آهن

ڪير چوي ٿوته مسڪين مري ويو آهي،

هو اڄ به زنده آهي.

[1] يادون ملاقاتون ۽ ڪجهه اڀياس، وليرام ولڀ، ص 137، ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ

[2] ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر، آتم ڪٿا جو گڏيل مجموعو، شيخ اياز، ص 196، 198، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

 نوجوان شاعر ساگر خاصخيلي سان ڀالوا ۾ ملهايل شام ۾ ڏنو ويو. [3]

[4] ننگرپارڪر جي سماجي اڳواڻ الهه رکي کوسي جو چوڻ آهي ته مسڪين جي شناختي ڪارڊ مطابق جنم جي سال ۾ فرق ملي ٿو.

[5] مسڪين تي پرديپ ڪمار جي تحقيق (اڻ ڇپيل مسودو)



منگها رام اوجها


پراڻي پارڪر جو ليکڪ

منگها رام اوجها

ملير جي مٽيءَ پاران ڏنل ڏُٿ جي ڏات کي صحيح ڪارج عمل ۾ آڻي ڌرتيءَ جو قرض لاهيندڙ ۾ منگها رام اوجها جو نالو “صف اول” ۾ شامل آهي.

هن جي قلمي پورهئي جي طفيل پارڪر جو پٽ، موهن جي دڙي ۽ اروڙ جي اتهاس سان گڏ جرڪيو. هن تاريخ ۽ ثقافت جي سنگم کي لفظن جي روپ ۾ آڻي پوري برصغير جي تهذيبي ادب تي “پاري نگر” جي بندرگاهه، “ڪارونجهر” جي ڪهاڻين ۽ ڀالوا جي ڀوپت (وڻندڙ) رنگن جا ترورا ڦهلايا.

جڏهن به ڪنهن کي ٿرپارڪر متعلق ڪا به چاڻ وٺڻي پئي آهي ته اُن “شاهه جو رسالو”، “تاريخ ريگستان” ۽ “پراڻو پارڪر” نالي وارن ڪتابن ڏانهن ئي رجوع ڪيو آهي. “پراڻي پارڪر” ۾ منگهارام اوجها پنهنجي تخليقي صلاحيت سان ڪلاسيڪيت ۽ جدت جي ميلاپ جو بهترين نمونو پيش ڪيو آهي. اُهي ڪردار ۽ ڪهاڻيون جيڪي ڏند ڪٿائن جي ڍير ۾ شامل ٿي رهيا هئا، تن کي هن صاحب سوناري وانگر اُجاري ۽ اڇو ڪري هڪ نئين ڇاپ ڏني. نامياري نقاد ۽ اديب تاج جويي جي بقول؛ سائين منگهارام تاريخ کي روايتن ۽ لوڪ شاعريءَ جي پسمنظر ۾ لکي نرالو ڪم ڪيو.

سنڌي ادب جو انقلاب جيڪو “بيوس” (ڪشچند) جي شاعري ۽ قليچ جي نثر سان شروع ٿي چڪو هو. منگهارام اوجها انهن جو ئي اثر وٺندي، تعصب ۽ مُنافقت پرستي واري تاريخ نويسي کي رد ڪيو. هن گندي ٿانوَ جهڙن تاريخ جي ڪتابن، جن ۾ سوين جيوڙا ٻُر ٻُر ڪندي نظر ايندا هئا، انهن مان ڪو به حوالو کڻڻ جي بدران صدري علم جي ذريعي سينا به سينا ملندڙ روايتن ۽ لوڪ شاعري کي ماخذ بڻائي لکيو.

جديد تاريخ نويسي جون گهرجون توڙي جو اڃان ٻيون آهن پر سچائي ۽ وابستگي جي انتها ۽ پيار سان پُر پورهئي جي ڪري هن جو ڪم سدائين لاءِ ساراهڻ جوڳو آهي.

تصور ڪريو ته؛ ٿرپارڪر جو ڳوٺ چيلهار جتي برهمڻن جو مکيه ڪم ٽپڻا نهارڻ ۽ مرڻي پرڻي جون رسمون ادا ڪرڻ آهي. انهن مان هڪڙو نوجوان ماستر ٿئي ٿو، ننگرپارڪر جهڙي پوئتي پيل علائقي ۾ علم جي شمع ٻاريندي قلم کڻي ٿو ۽ لِکي ٿو وٺي “پراڻي پارڪر” جهڙو سدا سائو ڪتاب، جنهن جي ٻولي ڏسي پسٽرنڪ جي ناول “ڊاڪٽر زواگو” مان سٽ ورجائڻي پوي ٿي ته:

“ٻولي سونهن ۽ سمجهه جو گهر آهي، نديءَ جي وهڪري جيان وڻندڙ لڳي ٿي.”

پراڻو پارڪر لکجڻ سان ٿرپارڪر جا اعليٰ انساني قدر گم نامي جي گوشي ۾ گم ٿيڻ کان بچي هميشه لاءِ لکت ۾ محفوظ ٿيا. واڙي ڦل جيان وڌندڙ ثقافت زمانن جي هٿان بي پاڙي ول ۾ بدلجڻ کان بچي ويئي. چنديرام ڀاٽ ۽ ڪرشن جي چارڻ جهڙن شاعرن جي شاعري متعارف ٿي. گجراتي رس مالا ۾ شامل سنڌ جا دوها، ماموئي فقيرن جا بيت، ۽ ڀيرئي جوڳي جي رام ڪهاڻي نمودار ٿي. سڏونت ۽ سارنگا هوٿل پَري ۽ اوڍي جا عشق جي اُڀن ڪاون تي هليل ڪردار قلمبند ٿيا. اهڙي طرح منگهارام اوجها مٽيءَ جي محبوب ڪردارن ۽ سر گهوريندڙ سُورمن سينڌل سوڍي کان وٺي راڻي ڪَلجي ۽ رُوپلي ڪولهي تائين سڀني جي ڪارنامن تي لکيو آهي. تنهن سواءِ چندن گڍ جي چاووي جو تفصيلي ذڪر پڻ شامل آهي. جنهن سان هر پڙهندڙ جي اندر ۾ قومي شعور ۽ ايڪتا جو احساس اُڀري ٿو اچي.

“پارڪر جا پهاڙ” کان وٺي آخري باب “آدمشماري” تائين سموري ڪتاب ۾ ڪٿي ڪنهن هڪڙي سٽ م به ڌرتيءَ جي غدار کي مانائتو بُت نه بڻايو ويو آهي. هن تاريخ جي ديڳ ۾ حرام خورن جي هڏي هڏي کي رڌو آهي.

سنڌ جي هن سيبائتي ليکڪ جي سوانح عُمري تي اڄ ڏينهن تائين هڪڙو به مضمون نه لکجي سگهيو آهي.

عبدالغفار تبسم جي شعر جيان:

الائي ڪنهن ڪنهن جو اڻيوسين جيون،

پر پنهنجي چولي تي ڪو ڀَرت نه هو.

ناميارو تاريخدان رائچند هريجن ۽ منگهارام ڳوٺائي هُئا. منگهارام چيلهار جي برهمڻن جي شريمالي شاخ ۾ اَمرچند اوجها جي پُٽ لالچند اوجها جي گهر ۾ 28 جنوري 1928ع تي جنم ورتو.

هن کي ننڍپڻ ۾ ئي يتيمي واري زندگي نصيب ٿي. سندس پيءُ لالچند ۽ چاچو پونم چند کيس ماءُ جي گود ۾ ڇڏي پر لوڪ پڌاري ويا. منگها رام سامي جي آدرش هيٺ “غريبي گلزار” ۾ پلجي وڏو ٿيو. هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ چيلهار ۾ ورتي. چيلهار جو ناميارو استاد آسنگر هن جو هم ڪِلاسي هو.

پرائمري کان پوءِ مٺيءَ مان فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ بعد کيس ماستريءَ جو آرڊر مليو. ان دور ۾ مال کي لال سمجهندڙ ۽ جهنگل ۾ جهڻ پيئندڙ جهانگي ماڻهو به استاد کي اعليٰ پايي جي عزت ڏيندا هئا. استادن جي ڀرتي اڄ جي ڪوٽا ۽ سفارش ڪلچر جيان نه ٿيندي هئي. استاد اهليت وارو هوندو هو.

منگهارام اوجها هڪ بهترين استاد جو ڪردار ادا ڪيو. ڪجهه عرصو چيلهار ۾ رهڻ کان پوءِ نوڪري جي سانگي ننگر پارڪر جا وڻ وسايا. ڏونگري نالي ڳوٺ ۾ هن شادي ڪئي ۽ پوءِ اُتي ماڳ مڪان ٺاهي ويهي رهيو. ننگرپارڪر ۾ هن جا ڪيترائي شاگرد آهن.

سائين رائچند “تاريخ ريگستان” جي ڪچي مواد لاءِ ننگرپارڪر ويندو هو ته منگهارام اوجها وٽ ئي “رات ڪٽا” ڪندو هو:

رهي اچجي راتڙي تِنَ آديسين وٽان(شاهه)

سائين آسن گر مطابق منگهارام کي ننڍپڻ کان ئي ادبي ڪتابن سان دلچسپي هوندي هئي. ڪلاس ۾ هندي ۽ گجراتي جون ٻاراڻيون ڪهاڻيون بار بار پڙهي ٻڌائيندو هو. ننگر پارڪر وڃڻ سان هن پراڻي پارڪر جو مواد سهيڙڻ شروع ڪيو. چندرام ڀاٽ هن جو خاص صحبتي هو. چنديرام جي هن شعر کيس ڏاڍو متاثر ڪيو.

ڪارونجهر ري ڪور، مرئين تو ميلئي نهين،
ماٿي ٽهوڪي مور، ڏونگر لاگي ڏيپتو.

انهي اتساهه کيس اديب بڻائي ڇڏيو. 1954ع ڌاري، جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ .لوڪ ادب جي رٿا” کڻي ننگرپارڪر پهتو ته اُتي منگهارام اوجها مليو. ڊاڪٽر بلوچ ننگرپارڪر تعلقي جو مواد ڪٺو ڪرڻ جو ڪم هن جي حوالي ڪيو. ان سلسلي ۾ اوجها صاحب ڊاڪٽر بلوچ کي پارڪر جي پٽن جون ڪيتريون ئي لوڪ ڪهاڻيون، قصا، داستان ۽ لوڪ گيت لکي موڪليا. انهي رٿا جي ڪم ڪار دوران توڙي پوءِ ڊاڪٽر بلوچ سان عرصي تائين خط و ڪتابت جاري رهي. چيو وڃي ٿو ته منگهارام اوجها کي “پراڻو پارڪر” لکڻ ۾ سروپي مڱڻهار وڏي مدد ڪئي. پر منگهارام اوجها هُن جو ڪٿي ذڪر نه ڪيو آهي، جڏهن ته منگها رام “پراڻو پارڪر” لکڻ جي لاءِ اُتساهيندڙ علي محمد سمي جو ذڪر ڪيو آهي.

اوجها کي مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت ڏاڍو متاثر ڪيو. مخدوم سان محبت ۽ عقيدت ان ڳالهه مان پڻ پڌري آهي ته هن پنهنجي ادبي شاهڪاري جي ارپنا “مخدوم سائين” جي نالي ڪئي آهي.

“مهراڻ” ۽ “نئين زندگي” رسالن ۾ اوجها صاحب جا مختلف مضمون ۽ مقالا شايع ٿيل آهن، جن کي سهيڙي ڇپرائڻ سان سنڌي لوڪ ادب ۾ هڪ ٻئي اهم ڪتاب جو اضافو ٿي پوندو.

منگهارام ننگرپارڪر ۾ رهندي هڪ ٻيو ڪتاب “شريمالي اتهاس” نالي سان لکيو، جنهن ۾ شريمالي برهمڻن جي تاريخ جو تذڪرو آهي جنهن کي چيلهار جي نوجوان شاعر ۽ صحافي ڪشور گهايل ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. شريمالي اتهاس لاءِ “ٻه اکر” لکندي منگهارام پڇاڙي ۾ تاريخ 27 آڪٽوبر 1971ع درج ڪَئي آهي. “شريمالي اَتهاس” 2000ع ڌاري شايع ٿيو.

5 جولاءِ 2000ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هي ساهه سيبائتو ليکڪ ۽ تاريخ نويس لاڏاڻو ڪري ويو منگهارام اوجها انهن ڪتابن کانسواءِ پنهنجي قلمڪاري سان ضرور پاڻ پتوڙيو هوندو. هن جون اُهي لکڻيون سندس پونئرن کان ملي سگهن ٿيون. سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن کي گهُرجي ته هو اُهي ليک هٿ ڪري شايع ڪن. لطيف سائين چيو آهي ته:

سي پوڄارا پُر ٿيا، سمونڊ سيويو جن.

منگهارام اوجها جي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي انفراديت ۽ عظمت ۾ ايمان هو. هن جرمني جي عظيم شاعر شيلي جُون اهي سٽون شايد روح ۾ رَچيون هيون ته:

“پنهنجي مادر وطن کي پوري عقيدت سان چنبڙي پوءِ ان کي هٿان نه ڇڏ، ڇو ته انهي ڌرتيءَ ۾ سگهه جُون جَڙُون آهن.”



چندي رام ڀاٽ


ڪارونجهر جو ڪوي

چندي رام ڀاٽ

 جنهن جا شعر پٿر تي لڪيرون آهن

جيڪو ماڻهو ان ادراڪ کان وانجهيل آهي ته ڀٽائي ڪهڙي ڪهڙي آڏاڻي تان پنهنجي سٽ سٽ جو تاني (تاڃي) پيٽو اُڻيو آهي، اهو “چند ولات” (گجراتي لپي ۾ ڇپيل پارڪري ڪوي چنديرام ڀاٽ جي ڪوتا جو مجموعو) کي “ميگهه-دوت” جي تسلسل طور ڀلا ڪيئن ڏسي سگهي ٿو؟ “ميگهه-دوت” واري ڊگهي نظم ۾ ڪوي ڪاليداس کنياتي بادل کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو تـ “اُتي کليل ڳڙکين مان واجهه وجهندڙ ۽ وار سنواريندڙ نارين جي سڳنڌ تنهنجي سرير کي ڳورو ڪري وجهندي، محل جا مور نچي نچي تنهنجو سواگت ڪندا، جي تون ٿڪجي پوين ته رات، ڦولن جي واس ۾ ويڙهيل سراين مٿان گذارجان، سرايون جن جا اڳڻ سندر نارين جي پيرن جي مينديءَ سان لال ٿي چُڪا آهن.”

ننڍي کنڊ جي شاعري سان اهو وڏو الميو رهيو آهي جو “ڪيهر جهڙن ڪَوين” جي شاعريءَ جو جائزو “ڄورن جهڙن نقادن” به ورتو آهي، جن لفظن جي جڙاءُ مان روح جي روُداد ڄاڻڻ جي بدران لفظن کي نچوڙي رَت ڀَتَ ڪڍڻ وارو ڪم ڪيو آهي. شيخ اياز چواڻي؛ ڪنهن به عظيم شاعر جي سولي سٽ تي تنقيد يا تبصري جي لاءِ نه فقط هن جي دور جي قومي ۽ بين الاقوامي تعصبات جو تجزيو ۽ انهن ڏانهن هن جي رد عمل جو مطالعو ضروري آهي، نه فقط شاعر جي داخلي زندگي جي اثر پذيري جو اندازو لڳائڻو آهي، پر هن جي تحت الشعور جي انهي روشني کي به جاچڻو آهي، جنهن جا پاڇا هن جي شعور جي پردي تي پوندا رهن ٿا.”[1]

ٿر جي ٽڙيل پکڙيل ۽ اڃا تائين سينن ۾ دٻيل لوڪ شاعري کي سهيڙڻ واري سَڌ رکندي، مون شيخ اياز جي مٿئين راءِ کي پنهنجي رهنما اُصول طور اپنايو آهي، ڪائنات جي سيني ۾ ڪويل جي ڪوڪ وانگر پيهي ويندڙ لوڪ شاعري جو سڀاءُ، فن کان وڌيڪ موسيقيت پسندي وارو آهي. ان ڪري لوڪ گيتن جي پرک ڪلا جي ڪسوٽي بجاءِ لِئه Rhythm جي لهه وچڙ سان ڪبي، تڏهن ئي انهن جي حقيقي پيغام کي پسي سگهبو، ڇو ته انهن جو اهم جُز ردم آهي نه ڪي فن Rhyme.

ٻنيءَ جي سنڌي لوڪ گيتن تي ڊاڪٽريٽ جي ضخيم ٿيسز لکندڙ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي پنهنجي طويل مقالي ۾ اِهي لفظ پڻ تحرير ڪيا آهن ته؛ “لوڪ گيت لوڪن جي گڏيل ملڪيت آهن، لوڪ گيتن جي پيدائش قديم ۽ قديم لپي جي پيدائش کان به گهڻي گهڻي پُراڻي آهي” [2]

عالمي ادب ۾ لوڪ شاعري جي عظيم ورثي کي قومن جي نفسيات جو آئينو سڏيو آهي. اسان جي قديم لوڪ شاعرن پڻ صدين جي سُر، سوز ۽ سڳنڌ کي سميٽي پنهنجي هڪڙي هڪڙي سٽ ۾ هزارين لطيف احساسن جي صورت گيري جو نچوڙ پيش ڪيو آهي. هي چارڻ، ڀٽ، ڀاٽ، ڀان ۽ مڱڻهار وغيره جن جي شاعري عام لوڪن جي من ۾ دائمي واسو ڪري ويئي آهي. تن جي شخصي ڪردار تي هڪ تنقيد اها ڪئي ويندي آهي ته اهي پراڻي زماني ۾ راڄ درٻارن سان لاڳاپيل رهيا آهن. جي ائين آهي ته راڄ درٻار جي ويجهو ڪاليداس به رهيو، پوءِ شڪنتلا جي نانءُ ۾ ڪيل سُر- ڀيٽا کي زمانن جو اهو آروپ فنا ڪري ڇو نه سگهيو آهي؟ شڪنتلا جي روپ جي ساراهه ڪندي ڪوي ڪاليداس چوي ٿو ته؛

“هوءَ هڪ اهڙي ڦول وانگر آهي، جنهن کي نه سنگهيو ويو آهي.

هڪ اهڙي پن وانگر آهي جنهن کي هٿ سان نه ڇڳو/ ڇنو ويو آهي.

هوءَ هڪ موتي آهي، جنهن کي ڪنهن هار ۾ نه پويو ويو آهي

هوءَ ماکي آهي، جنهن کي اڃا تائين ڪنهن نه چکيو آهي

جن ماڻهن اهڙي لافاني شاعري ڪئي هجي، انهن جي فن ۽ فڪر کي درٻاريت جي پيداوار چئي رد ڪرڻ، ڪُند ذهني ۽ ادب دشمني کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه چورائيندو. بقول شيخ اياز؛ اسان جي سوين لوڪ شاعرن پنهنجي ڪلام وسيلي جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي جونجهارن جون دليون گرمائي غيرتمندي ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو اهڙو ثبوت ڏنو آهي. جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. پر وقت جي ستم ظريفي سببان اسان جي هن اثرائتي شعر جو ڳپل حصو گمنامي جي ور چڙهندو رهيو آهي. جيڪڏهن اِن ڏس ۾ سنجيدگي ۽ رٿابندي سان ڪم ٿيندو رهي ته صدين جو سلسلو جُڙي سگهي ٿو. سنڌ ڌرتيءَ جي فن ۽ فڪر جي ارتقا به درجي بدرجي ٿِي آهي. ڌرتيءَ جو پيغام جهولي جهولي ورهائبو رهيو آهي. ڏات جي هن ڏاج ۾ گهڻن جو حصو شامل رهيو آهي. سو جيڪڏهن اسان پنهنجي لوڪ ادب جي ميڙا چونڊي، پختي پرک ۽ پروڙ تي ڌيان ڌريون ته پنهنجو انتهائي اهم ڪلاسيڪل ورثو سانڍڻ ۾ سوڀارا ٿي سگهون ٿا. ننڍي کنڊ جا ڏاتيار قبيلا آڳاٽي وقت ۾ اڄ جي ميڊيا جو ڪم ڪندا هُئا. انهن جي اطلاع رسائي ۽ معلومات جي فراهمي ۾ جذبي ۽ سُر جي ساٿ کانسواءِ وسيع نظري، سونهائپ ۽ نصيتي نُڪتن وارا پهلو پڻ شامل هوندا هئا. اُن ڪري عام توڙي خاص وٽان اهي قديمي قبيلا تمام گهڻو مان پرائيندا هئا. چارڻن/ ڀٽن/ ڀانن/ ڀاٽن جي سچن شاعرن ڪڏهين به پنهنجي شاعراڻي ڪلا کي لفظن جي قلابازي طور ڪتب نه آندو. وير ڪرم جي درٻار هجي يا شهنشاهه اڪبر جو ايوان خاص، انهن تخليقارن ڪٿي به پنهنجي فن کي مداري جي معنيٰ ۾ نه ورتو بلڪه اُن جو بامقصد استعمال ڪيو. اها ننڍي کنڊ جي ڪماليت آهي جو هتي صديون اڳ اداري جو رواج پئجي چڪو هو. هر هڪ قبيلو هڪ ادارو هو، جيڪو پنهنجي ورثي م مليل ڪرت کي نباهڻ ۾ ڪمال درجي لياقت ڏيکاريندو هو. انهن کي پنهنجي ڪمن جي لاءِ اڄوڪن ادارن وانگر بجيٽون منظور ڪو نه ڪرائڻيون پونديون هيون. ڀاٽ قبيلو، جنهن کي عام طور شجرن جو ليکاري قبيلو ڪري سمجهيو ويندو آهي. تنهن جو جديد دور جي علم بشريات واري نقطه نظر سان خصوصي طور ذڪر ڪري سگهجي ٿو. اهي جهونا جوڳي ڊارون جي ارتقا واري نظرئي کان آگاهي جي قطع نظر گهڻو اڳ انساني نسلن متعلق ادب سرجندا هئا. ننڍي کنڊ جي آڳاٽن انسانن متعلق ڪم ڪندڙ ادارن ۽ فردن کي گهرجي ته هُو ڀاٽن، ڀانن ۽ ڀٽن جي چوپڙين (پيڙهيون لکڻ جي ڪتابن)کي محفوظ ڪرڻ جا جتن ڪن. علم بشريات ۽ تاريخ جي علم جا شاگرد پنهنجي تحقيقي ڪم جي انهن کي بهترين ماخذ طور استعمال ڪري سگهن ٿا. ڀاٽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪافي تعداد ۾ رهندا هئا يا وري ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن کان انهن جو اچڻ وڃڻ رهندو هو. انهن ڏينهن ۾ ڏاهپ جا آستانا بڻجي ويل ٿر جا اوتارا باقاعدگيءَ سان وسندا هئا. ڪچهريون ۽ ميڙا روز جو معمول هو. اهڙن اوتارن ۾ ڀاٽن جي آمد منڊي تي ٽڪ ثابت ٿيندي هئي. ڀاٽ ڳوٺن ۾ اچي پيڙهيون لکندا هئا. ڪنهن ڳوٺ ۾ ڀاٽ آيو ته سڀ اچي اوتاري ڀيڙا ٿيندا هئا. ٻه چار پيڙهيون لکڻ کان پوءِ ڪچهري جو دور شروع ٿيندو هو. جنهن ۾ ڳوها، ڳجهارتون، ڏور بيت ۽ دوهن سميت لوڪ ڪهاڻيون بڊي جي بادل جيان کڙيون ٿينديون هيون. ڀاٽ وڏا شاعر، سگهڙ ۽ چتر هوندا هئا. لوڪ ادب جي ذخيري ۾ ڪيترائي ڇند، سوايا، دوها ۽ هيماريون، ڀاٽن جون چيل ملن ٿيون. راجسٿان جي مشهور تاريخ نويس مهتا نيڻسي ڀاٽن کي عمدا تخليقار سڏيو آهي. هميارين جو خالق ڀاٽن کي سڏڻ جي ڳالهه سان گهڻي حد تائين اتفاق ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڀاٽ هڪڙي هڪڙي ڳوٺ ۾ ٻه ٻه مهينن تائين پيا ترسندا هئا. روز جي ڪچهرين ۾ نوان نوان تخليقي ۽ ترڪيبي رنگ پسائي ميڙو مچائيندا هئا. تاريخي حوالن مان ٻين قبيلن جي شاعرن ۽ سگهڙن جي واتان پڻ هيماريون چوڻ جون شاهديون مليون آهن. بهرحال “راجسٿاني زبان اور ان ڪا ادب” جي مصنف باغ علي شوق کليل لفظن ۾ چيو آهي ته “ڀاٽن جي ذڪر کانسواءِ لوڪ ادب جي تاريخ اڌوري ۽ اڻ پوري آهي.” ڀاٽن جو نسلي لاڳاپو ڪن تاريخدانن راجپوتن سان ملايو آهي. ‘تاريخ قديم هند’ جي ليکڪ ايم اي پانيڪار، ڀاٽن کي راج ناگ ڀاٽ جو اولاد سڏيو آهي. قنوج جو مشهور بادشاهه ميهرا ڀوج ناگ ڀاٽ جو پوٽو هو. ڀاٽ راجپوتن جيان پنهنجي نالي پويان سنگهه جي لفظ جو استعمال پڻ ڪندا آهن. باغ علي شوق ڀاٽن کي بهترين شاعر سڏيندي لکيو آهي ته؛ “انهن جا شعرا سگهارا ۽ اثرائتا هوندا هئا، ان ڪري ڪي چارڻ ڀاٽن کي ملازم ڪري رکندا هئا ۽ سندس سرجيل شعر پنهنجي نالي ۾ ڪري پڙهندا هئا. [3]

چيو وڃي ٿو ته شاعر ٿيڻ جا شوقين وقت جا ڪي وڏا ماڻهو ڀاٽن کان شعر خريد ڪندا هئا يا ڀاٽن کي آڇون ڪندا هئا ته اسان تي يا اسان جي وڏن جي ساراهه ۾ شعر چئو ته توهان کي انعام ڏيون. شيخ اياز ڪردار جي انهن ڪچن ڀاٽن سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته؛

ڀُلو آهين ڀاٽ، وڪڻين پيو وائيون،
ڀلا ڪنهن چمڪاٽ، وڪيا آهن وڄ جا.

ڀاٽ شاعرن ۾ ڪوي چنديرام ڀاٽ کان اڳ م ڪوي ويتال، ڪوي گنگ ڀاٽ ۽ ڪوي نل سنگهه ڀاٽ مقبول ۽ ناليوارا شاعر ٿي گذريا آهن. چنديرام جو جيون خاڪو پيش ڪرڻ کان اڳ ۾ آئون چاهيان ٿو ته، ڪوي ويتال، ڪوي گنگ، ڪوي نل سنگهه جو مختصر تعارف ۽ شعر جو نمونو حاضر ڪريان، جيئن اسان چنديرام جي ڪردار ۽ ڪوتا کي بهتر نموني سمجهي سگهون.

ڪوي ويتال؛

ڪوي ويتال ڀاٽ، مشهور راجا وڪرم جي درٻار سان سلهاڙيل هو، جڳ مشهور شاعر راجا ڀرتري هري سندس همعصر هو، جنهن جي چوڻ موجب؛ “جهنگل جي نظارن ۽ استري جي جوڀن کانسواءِ سنسار بيڪار آهي” ڪوي ويتال تي راجا ڀرتري هري جو وڏو اثر ملي ٿو. سندس هڪ شعر آهي ته؛

شيشي سوُني بن رين، گيان بنا هردا سوُنا،
ڏانت بن سوُنا هئتي، لِهر بنا ساگر سوُنا،
پُتر بن سوُني ماتا، گهٽا سوُني بن دامڻي
ڪهه ويتال سڻ وڪرم، گهرسوُنا بن ڪامڻي![4]

(مطلب؛ ڪوي ويتال چوي ٿو ته، جهڙي ريت چندرما رات کان سواءِ سڃو آهي، تهڙي ريت علم جي روشني بنا من به ويران ۽ اونداهو آهي. ڏندن کانسواءِ هاٿي جي اهميت نه آهي، لهرن کان سمنڊ جو وجود بي معنيٰ آهي. اهڙي طرح اولاد (پٽ) بنا ماءُ جو اڱڻ ويران هجي ٿو ۽ ڪڪر ڪارونڀار واري گهٽا وَري کِنوڻ جي کجڪي سواءِ سُڃي آهي. ساڳي طرح ويتال چوي ٿو ته؛ ٻڌ اي وڪرم (راجا)، ڪامڻي (ناري) کان سواءِ گهر سڃو آهي.

ڪوي گنگ ڀاٽ

ڪوي گنگ ڀاٽ پُوري ننڍي کنڊ ۾ مشهور ۽ مقبول آهي. ويربل (بيربل) جيان گنگ ڀاٽ به اڪبر بادشاهه جي درٻار جي نوَ رتن مان هڪ هو. ٿرپارڪر جي خطي جي مختلف ڳوٺن ۾ ٿيندڙ اڪثر لوڪ ڪچهريون، ڪوي گنگ ڀاٽ جي روح پرور شاعري جي رنگ ۾ رچيل رهنديون آهن. هن‘ ڇند’ ۽ ‘سوايي’ جي صنف تي نهايت ئي خوبصورت شعر چيا آهن. هي ڇند جو مشهور شاعر رهيو آهي. گنگ ڀاٽ جا ڪيترائي ڇند ماڻهن کي گهر جي گهٽي جيان ياد آهن. هن جو هڪ مقبول عام ڇند هيءَ به آهي؛

گهنگهور ٽڪور سي مور ڇُپي نهين
تُري ڇُپي نهين واگ اُٺايا.
رڻ ڀومي ۾ رجپوت ڇپي نهين
ڏاتار ڇپي نهين گهر منگت آيا
تارون ڪي اوٽ ۾ چندر ڇُپي نهين
سورج ڇپي نهين بادل ڇايا
جوگي بيک انيڪ ڪري
ڪرم ڇپي نهين انگ ڀڀوت لگايا
چنچل ناري ڪي چال ڇُپي نهين
ڪهه گنگ ڀاٽ سڻ شاهه اڪبر.
ڪيرت ڇپي نهين ڇُپي ڇپايا.[5]

(مطلب؛ مينهن جي گجگوڙ ٿيڻ جي صورت م مور کان رهيو نه ٿيندو ۽ هو پنهنجي ٻولي ٻولڻ (ٽهوڪڻ) شروع ڪندو، اهڙي طرح واڳ (لغام) کڻڻ جي صورت ۾ گهوڙي نه بيهندي. ويڙهه جي ميدان ۾ راجپوت (بهادر) لڪندو نه، ساڳي طرح منڱڻهار جي گهر اچڻ جي صورت ۾ ڏاتار اُن کان لڪڻ بجاءِ پنهنجي سخاوت جو مينهن وسائيندو، تارا ڪيترا به گهڻا هجن، تارن جي ميڙ ۾ چنڊ پڌرو هوندو، بادلن جي ڇانئجڻ سان سورج ڇُپيل نه هوندو، جوڳي ڪهڙا رستا اختيار ڪري، ڪرم (قسمت) ۽ اعمال انگ ڀڀوت ڪرڻ سان نه بدلبا، چنچل ناري جون ادائون لڪيون نه رهنديون، مرد نينهن لڳائڻ کان پوءِ لڪي نٿو سگهي. گنگ ڀاٽ چوي ٿو ته اي اڪبر بادشاهه ناموس لڪائڻ سان لڪي نٿي سگهي.)

اهڙي طرح گنگ ڀاٽ جا ڪيترائي ٻيا ٻول عوام جي دلين ۾ ديرو ڄمائي چڪا آهن. چيو وڃي ٿو ته، گنگ ڀاٽ جي شعر چوڻ جو انداز نرالو ۽ دل کي ڇهندڙ هوندو هو. اڪبر بادشاهه گنگ ڀاٽ جي وڏي عزت ڪندو هو ۽ چوندو هو ته؛ “گنگ آئون هڪ دور جو حاڪم آهيان، پر تون صدين جو بادشاهه آهين. تنهنجي هڪڙي سٽ منهنجي سڄي تاريخ کي اونداهه ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي.

شيخ اياز هڪ هنڌ لکي ٿو ته؛ جڏهن گهٽائون زور سان گجيون ته اسان کي ڀٽ (چنديرام) اڪبر جي زماني جي گنگ ڪوي جي گيت جي هڪ سٽ ٻڌائي؛

گهنگهور ٽڪور سي مور ڇُپي نهين
تُري ڇُپي نهين واگ اُٺايا.[6]
--

ڪالهه ٻڌايا ڀٽ جو گنگ ڪويءَ جاگيت
مون ۾ ڇا ڇا گيت، صدين کان پوءِ اڀريا.

نل سنگهه ڀاٽ؛ نل سنگهه ڀاٽن جي سنوهريه پاڙي سان تعلق رکندڙ هو، هن جو زمانو 1001ع ٻڌايو وڃي ٿو، نل سنگهه جي شهرت جو مکيه ڪارڻ ‘وجئه پال راسو’ کي سرجڻ آهي، جيڪا هڪ قسم جي رزميه شاعري آهي، مارواڙي ۾ نل جي شاعري تي تحقيق ٿي رهي آهي، واضع رهي ته مارواڙي جي راسو کي اسان وٽ سنڌي ۾ راسوڙا چئبو آهي.

چنديرام ڀاٽ؛ ڪوي چنديرام ڀاٽ ۽ ڪوي بانڪيداس لوڪ ادب جي تاريخ جا ٻه اهڙا شاعر ٿي گذريا آهن، جن فطري حُسن ۽ اهڃاڻن سان ڀرپور لازوال شاعري سرجي آهي. چنديرام جي شاعري ۾ ٻولي جو جادوئي ترنم ملي ٿو، اهڙو ترنم جيڪو ڪنهن ڳائڻي يا ساز نواز جي فني احسان جو محتاج ناهي، انهي ۾ بي پناهه موسيقيت سمايل آهي، هن ڪوي جي هر دوهي ۽ سورٺي جي سٽ نڙي مان، تارونءَ مان يا ڄڀ سان اچاريل الفاظن وانگر ڀاسي ٿي. جنهن جي توازن ۽ هم آهنگي ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جو حسين سنگم ملي ٿو. جديد سنڌي شاعري جي وڏي نانءُ شيخ اياز، چنديرام جي شاعري جو ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪيو اٿائين. هن جو اثر وٺي شيخ اياز پنهنجي ڪوتا ۾ وائي ۽ بيت سرجيا آهن، “ڀرج گرج ڀٽياڻي” جي وراڻي واري مشهور وائي اياز چنديرام جي شاعري جو اثر وٺندي لکي آهي. اصل ۾ اياز جو هن سگهاري شاعر جي اثر ۾ لکڻ هُن جي فن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي پر شيخ اياز هن سهڻي شاعر جو نثر توڙي نظم ۾ ڪٿي نالو نٿو کڻي، رڳو ڀٽ، ڀاٽ يا چارڻ سڏي ٿو. [7]شيخ اياز لکي ٿو ته؛ “ ڀاٽ، ٽي بجي رات تائين اسان کي لوڪ ڪهاڻيون سورٺا ۽ دوها ٻڌائيندو رهيو. هن راءُ لاکي مهراڻي، ڍولي ماروئل، بوبنا جراڙ، سوندري پرمار ۽ مانڌل راڻي جون دوهيڙن ۾ ڪهاڻيون ٻڌايون، انهن کانسواءِ هن ڪجهه بيت ڪارونجهر (جبل) جي باري ۾ ٻڌايا، جيڪي ذهن تي پٿر جي لڪير وانگر کوٽجي ويا، شعر هئا يا مصوري هئي!

ڪارونجهر ني ڪور، مرئين ته ميلئين نهين
ماٿي ٽهوڪي مور ڏونگر لاگي ڏيپتو.

(ڪارونجهر جي ڪور مرندين ته به نه ڇڏيندين، ان جي مٿي تي مور ٽهوڪا ڪري رهيو آهي ته ڏونگر ڏيئي وانگر لڳي رهيو آهي).

ڪور پهاڙ جي انهي مٿينءَ لڪير (چوٽي جي ڪناري) کي چوندا آهن، جا ڌنڌ مان ڏيکاري ڏيندي آهي، مون ساري زندگي ۾ ڪنهن به ٻولي جي شاعريءَ ۾ اهڙو خوبصورت شعر نه پڙهيو آهي!

سنڌ امان! تنهنجي پوتي ڪيترن موتين سان ڀريل آهي!

ڪارونجهر ني ڪور، روڙي لاگي رليامڻي،
ماٿي ٽهوڪي مور ڏونگر لاگي ڏيپتو.

روڙي سهڻيءَ کي، رليامڻي رمڻيڪ کي، ٽهوڪي ٻولي کي، ڏيپتو ديپ کي چوندا آهن، اها ٻولي شايد سنڌيءَ ۽ گجراتي جي گاڏڙ آهي. ڪارونجهر جي ڀرسان ٻه سانوڻي نديون ڌوپا ۽ ڀٽياڻي وهنديون آهن. ڌوپا ننگر پارڪر جي ڏکڻ طرف ۽ ڀٽياڻي اتر طرف وهندي آهي، انهن ندين تي به بيت ٻڌايائين؛

ڌوپا ويڇي ڌار، ڀٽياڻي ڏوجهي ڀلي،

پاڻيءَ تڻون نهه پار، اَرڙاٽا ڪري اوتري

ويڇي يعني وهي ٿي، ڏوجهي معنيٰ ٻي، تڻون معنيٰ جو ۽ ارڙاٽا گجگوڙ کي چوندا آهن. پارڪري ۾ نه کي نهه چوندا آهن. مون کي موسيقار شاهد ڀٽو “راجسٿاني ادب جي تاريخ” نالي وارو ڪتاب ڏئي ويو هو، اِهو ڪتاب هيرالال مهيشوري جو لکيل آهي، مون ان ۾ گاٿا ۽ ڪوتائون سڀ پڙهيون ۽ فطرت تي ڏنل شاعري به پڙهي انهن ۾ هڪ سٽ به اهڙي موهڻي نه هئي جو ڪارونجهر تي ڏنل لوڪ بيتن سان ڀيٽي سگهجي “ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر-ص189” شيخ اياز هڪ ٻي هنڌ پنهنجي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته؛ “هڪ ڀيري اسان ڪارونجهر وٽ بيٺا هئاسين، ڇمر ۾ ڳاڙهه هئي ۽ اُڀ پهاڙ تي گربي اوڙهي بيٺو هو، اسان سان هڪ ٿري ڀاٽ به ساڻ هو. اوچتو ڪارونجهر جي ڪور تي مور کنڀ ٽيڙيا ۽ کنڊرجي کنڊرجي، سنجها سوني آڪاس جي سنگهاسن اڳيان ڪنهن ديوداسيءَ وانگر نچيو مون ڀاٽ کان پڇيو؛ هي مور پارڪر جو آهي يا گجرات جو؟ ڀاٽ جواب ڏنو ته مور نه پارڪر جو ٿيندو آهي، نه گجرات جو، مور ته سدائين نيري آڪاس جو آهي! مون کي هن جي ذهانت تي حيرت آئي، هن اڳ به مون کي پارڪري سنڌيءَ ۾ انوکا بيت ٻڌايا هئا. سو مون هن کي چيو ته انهي مور جي باري ۾ ڪوئي بيت ٻڌاءِ ۽ هن ٻه چار بيت ٻڌايا جن ۾ هي بيت به هو؛

ڪارونجهر ني ڪور، مرئين ته ميلئين نهين
ماٿي ٽهوڪي مور ڏونگر لاگي ڏيپتو.

ادا اهو حيرت انگيز تصور مون ڪنهن به هائڪوءَ ۾ نه ڏٺو آهي، مور ته برابر نيري آڪاس جو آهي، پر ان جو ناچ ڪارونجهر تي چڱو آهي. [8]

چنديرام ڀاٽ ننگرپارڪر جو رهندڙ هو، مهرو ڀاٽ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڪوي جي جنم سال بابت ڪا حتمي راءِ نٿي ملي، سندس پوٽي بيکي ڀاٽ مطابق 1980ع ۾ ڪوي جي وفات وقت ڄمار تقريبن 80 سال جي لڳ ڀڳ هئي.[9] ڪوي چنديرام پنهنجي خاندان بابت هڪ شعر ۾ چوي ٿو ته؛

پرم سُت مهرو پتا، مجهه ڪسڙي جيمات
ڏاڏو هربم ڏيپتا، اڻندو ڏاڏي آت
آ جگت مان نام جمايو

(منهنجو پيءُ مانوارو مهرو ۽ منهنجي جيجل ڪسڙي آهي، (جنهن مون کي پالي وڏو ڪيو) منهنجو ڏاڏو ڏيئي جهڙو روشن هربم ۽ ڏاڏي اڻندو آهي، انهي خاندان جي ڦلواڙي ۾ ڦٽي ) مون دنيا ۾ پنهنجو نالو ڄمايو).

چنديرام کي چار پٽ نالي رنجيت، خوشحال، چيتن ديو ۽ ويٺل ڀائي (بيٺل ڀائي) ٿيا. رنجيت جي ڪوششن سان گجراتي لپي ۾ ڪوي چنديرام جي ڪوتا جو مجموعو “چند ولات” نالي سان ڇپيو.

خوشحال جو پٽ بيکو ڀاٽ بهترين سگهڙ آهي، ننگرپارڪر ۾ رهندڙ بيکو چنديرام جي شاعري آسپاس جي ڳوٺن ۾ سڻائيندو رهي ٿو. 2009ع ۽ 2010ع دوران ننگرپارڪر ۾ رهڻ دوران مون پنهنجي ساٿين ساگر خاصخيلي، ناشاد سمون، شهاب نهڙي، عزيز ٽالپر ۽ ٻين جي سهڪار سان ننگرپارڪر ۾ هڪ پروگرام رکي چاچي نواز کوسي ۽ بيکو ڀاٽ کي ايڪتا جي ڏهاڙي تي مڃتا ڏني، ڀاٽن جي شعر پڙهڻ جو هڪ منفرد انداز آهي. بيکي ڀاٽ انهي پروگرام ۾ ڪوي ڇنديرام جي ڪوتا سڻائي محفل کي منڊي ڇڏيو.

ڪوي چنديرام جي پٽ بيٺل ڀاٽ جي وفات تي ناميارو صحافي امر ڳرڙو، رياض سهيل، کاٽائو جاني، سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪ علي اڪبر راهمون، ناشاد سمون ۽ آئون تعزيت کان پوءِ رات جو ستسنگ ۾ شريڪ ٿياسين. جتي ڀڳتي رنگ ۾ ڪوي چنديرام جا ڇند ٻڌاسين. “پراڻو پارڪر” ڪتاب جي مصنف منگهارام اوجها سان چنديرام ڀاٽ جي خاص صحبت هئي ۽ منگها رام پهريون ڀيرو هن جي شاعري کي سنڌي ادب جي پڙهندڙ تائين “پراڻو پارڪر” جي ذريعي پهچائي. پراڻو پارڪر ۾ ڪارونجهر بابت اڳ ڄاڻايل بيتن سان گڏ ٻيا بيت ۽ نظم پڻ ڏنل آهن. هڪ شعر ۾ ڪارونجهر جي وڻن، ٻوٽن، پکين، جيو جناورن جو ذڪر ڪيو آهي، بسنت رت ۾ انهن جي موج مستي ۽ فطري حسناڪي جا منظر چٽيا آهن. ساڙدري جي اوچي آستان جو مانائتو ورڻ ڪيو آهي. جيڪو عقيدتمند جي اندر کي ڇهڻ سان گڏ ثقافتي ۽ سياحتي شوقين کي اتساهي ٿو. ڏونگري جو ڳوٺ منگها رام اوجها ۽ ڀاٽ جي روح رهاڻين جو ساکي آهي. لگڌر مينگهواڙ، نهالچند مکي، ارجڻ ميگهواڙ، ڏيوجي مهراج، نواز علي کوسو به ڪوي جي ڪچهري جا ڪوڏيا هئا.ملجي جو وانڊيو، ڊيهه ۽ ڪاسٻو جي ميگهواڙن ۾ وارسوڙ نک جي هيرو، صورتو ۽ ڀڳت اوپارام جي قدرداني جو خاص ذڪر ڪندي ڇند چيو آهي. هن شعر جي ساراهه جوڳي ڳالهه اها آهي ته هن شعر ۾ وقت جي ڪنهن وڏي سرمائيدار، سردار ۽ جاگيردار جي ثنا خواني ڪرڻ جي بدران ميگهواڙ جاتي جي فردن کي سخي طور سامهون آڻي ٿو.

سمرئي سنسار ۾ سارڌ گڻپت ساٿ
وارسوڙ گڻ انچنتا، وڌو پاراڻي پرکيات
ڏان دوٻاڪا سڻي گهڻا ري تڙ تڙ جون گيو ٿاءِ،
هزاري ڏان ڏي وارسوڙ هيت سي پريون جس جڻ پاءِ
مڻ ڌاري مهڪي تڻان، ڪوڏيلا ڏان ڪري
هارپ وري هيرو، هورتو، ڀلو جس ٻات ڀري
هرجي منر هوسيلا ايسر هيمو اجواس
ڪمراج، کيرو، رتو، روو، جامون
ڪرم ونتي سنسار ڏيووي شاباس.

(مطلب: ديو مالائي ڪردار م علم ۽ هنر جو ديوتا ڳڻيش (هندو ميٿالاجي مطابق) چترتا ۾ ساراهه لائق آهي، جنهن جي ذڪر کان پوءِ ڳالهه ائين ڪجي ٿي ته، وارسوڙ نک جا مينگهواڙ سٺن ڳڻن وارا پارڪر جو مان آهن. جن جي سخاوت جا سماچار سڻي ڪيترن جو بدن لڏي ويندو آهي، وارسوڙ هزارن جو دان دل سان ڪن ٿا، مهڪي جو مڻيادار اولاد هيرو، صورتو، ڀلو دل جي ڪوڏ سان سخاوت ڪري جس کي ڀاڪر ڀرن ٿا. هرجي، منر وڏي حوصلي وارا آهن، ايسرداس، هيمو جو ڪردار اجرو آهي، ڪمراج، کيرو، رتو، روو، جامون سلڇڻا آهن، جن کي لوڪ سٺي ڪردار تي شاباس ڏي ٿو)

اُجڙو اوپارام، گڻيل ڪاسٻي گوم ۾،
نرمڙو ناگيجياڻي، پارس مڻي پتاڙيا.

(مطلب: ڪوي چنديرام چوي ٿو ته اجري ڪردار جو مالڪ اوپارام ڪاسٻي ڳوٺ جو رهواسي آهي، ناگيجاڻي خاندان نرمل انسان پارس مڻي آهي)

ڪوي چنديرام جو هڪ دفعي گهوڙو چوري ٿي ويو. واقعاتي شعر ۾ چوري جي دانهن سمائيندي نظم چيو، جنهن جي هڪ بند ۾ چوي ٿو ته:

ڪوي ڪو گهوڙلو گماڻو ڪارمو،
پياوي پيتوتو روج پوڻي،
ٻيهر ٻاپون تڻي، ڪهڻي ٻانڌيو،
تپاسي لي گيو پئيج توڻي.

(مطلب: ڪوي جو سهڻو گهوڙو چوري ٿي ويو، جنهن کي روز پاڻي پيارڻ جي لاءِ کوهه تي وٺي ويندو هو، چور ڪنهن کريل خاندان جو هو نه ته شاعر جي گهوڙي جي چوري ڪرڻ جي ڪيئن همٿ ٿئي ها؟ چور گهوڙي کي تاڙ ۾ رکيو، موقعو ملڻ تي چوري ڪري وٺي ويو.) مٺڙيو سومرا نالي ٿر جي وسندي جي رهواسي موسيقي جي ڄاڻو ۽ استاد هارون سومري هڪ ڪچهري دوران ٻڌايو ته، هن جڏهن چنديرام کي ڏٺو هو ته هو جوان هو. هن جي شعر پڙهڻي ڇا هوندي هئي!؟ ڪامريڊ شيوڪ ميگهواڙ ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ سرنگهواري ڪوي چنديرام ۽ سندس پٽ رنجيت ايندا هئا. آئون ننڍڙو هوس، پر مون کي چنديرام جي منفرد ڪچهري ياد آهي، ڪارونجهر جي سونهن ۽ عظمت متعلق چنديرام جا ڪيترائي بيت اڄ به وڏي واڪي ڳايا ۽ ورجايا وڃن ٿا. ڪن راين مطابق هوٿل پري جي منظوم داستان ۾ ڪجهه پارڪري لهجي ۾ دوها چنديرام جا چيل آهن.بهرحال اهو معاملو اڃا گهڻو تحقيق طلب آهي، باقي جيستائين ڪارونجهر جو ڪر اونچو آهي، تيستائين چنديرام جي املهه شاعري جهر جهنگ گونجندي رهندي.

هونئن به پهاڙي حسن هجي يا پهاڙي پس منظر واري شاعري، ٻئي انفراديت ۽ قبوليت جو اتم مقام رکن ٿا. چنديرام پنهنجي آدرشن جي چنڊ کي سون ڪٽوري جيان ڪارونجهر تي ڏٺو هو. هن جي اکين جي اپڪار وطن جي لاءِ هئي. وطن هن جي دل جي ڌڙڪن ۾ هو، هن جي اندر جو آرٽسٽ سڀ کان پهرين ڪارونجهر جي ڪينواس تي ڪوتا سان تصويرون ٺاهڻ سکيو هو. هن جي ڪوتائي تصويرون نئين ڏينهن نئون اتساهه آڇي ڌرتي سان پيار جو وچن ورتو آهي. پر وقت جي ستم ظريفي اها آهي ته پاري نگر جي تهذيب جي پڙاڏي ۽ ڪارونجهر جي پروهت هن وطن دوست شاعر جي ڏهري تي ڪنهن اچي ڪڏهن ڏيئو نه ٻاريو آهي. هن جي خاندان ۾ شاعري جي وارثي ڪندڙ مئٽرڪ پاس بيکو ڀاٽ روزگار جي تلاش ۾ ڀٽڪي رهيو آهي، اذيت جو اظهار ڪري به ڪنهن سان؟ بي حسي جي بارش پورو سماج

آخري سٽن ڏي ايندي شيخ اياز جي اها سدا ملوڪ وائي جيڪا هن چنديرام جي ڪوتا مان اتساهه وٺي لکي هئي، جنهن ۾ هڪ ڪوي جو ٻي ڪوي کي مڃتا ڏيڻ جو منفرد روپ آهي ته، پارڪري پسمنطر ۾ حياتي جي هيج جو سگهارو سنديش سمايل آهي؛

گرج گرج اي گونگي ڌرتي! ڀرج گرج اي ڀٽياڻي،

ڀرج گرج اي ڀٽياڻي،

ڀيج ڀني جو برسيو آهي، ورهڻ رات وهاڻي،

ڀرج گرج اي ڀٽياڻي،

هَر هَر هُل هلاچا تنهنجا، وَر وَر وڄ- وراڻي

ڀرج گرج اي ڀٽياڻي،

ڪارونجهر ۾ پئي پڪاري پل پل پريت پراڻي،

ڀرج گرج اي ڀٽياڻي،

ڌوپا ڌار نه رهڻي آهي، آءٌ اُٿل ۾ پاڻي

ڀرج گرج اي ڀٽياڻي،

پنهنجي اوليءَ ڪو به نه اولو، سير انهيءَ جي ساڻي

ڀرج گرج اي ڀتياڻي،

___

[1] خط انٽرويو ۽ تقريرون1، شيخ اياز نثر2، ص 386

[2] ٻني جا سنڌي لوڪ گيت ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ص 110

[3] راجستاني زبان و ادب، باغ علي شوق، ص 17

[4] ڏکيا لفظ، شيشي؛ چندرما، سوني/ سُڃي/سُڃا.رين؛ رات، گيان؛ علم يا ڄاڻ، هردو؛ من، ڏانت ڏند. هَتئي؛ هاٿي. پُتر؛ پٽ. ماتا؛ ماءُ، دامڻي؛ وڄ، کنوڻ. ڪامڻي؛ سندر ناري.

[5] گهنگهور ٽڪرو؛ مينهن جي گجگوڙ، ڇُپي؛ لڪي. تُري؛ گهوڙي رڻ ڀومي؛ ويڙهه جي ميدان. منگت؛ گهرندڙ، ڪرم؛ مقدر، قسمت. مين؛ مرد.

[6] ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر آتم ڪٿا جو گڏيل مجموعو، شيخ اياز. ص-189

[7] ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر آتم ڪهاڻي جي گڏيل مجموعي جي صفحي نمبر 188

[8] نثر 2، ڪتاب خط انٽرويو، تقريرون، شيخ اياز 304

[9] بيکي ڀاٽ جو ڪچهري ۾ اظهار



ع- ق شيخ


هڪ وڏو آرٽسٽ ع- ق شيخ جنهن جي لوڪ گيت جهڙي زندگي

جڳ مشهور ناول نويس ۽ شاعر بورس پاسٽرڪ پنهنجي هڪ ليکڪ ۾ لکيو آهي ته؛ “جيتوڻيڪ فنڪار خود به ٻين وانگر فاني آهي، پر جيئري رهڻ جو جيڪو تجربو هو حاصل ڪري ٿو اهو لافاني آهي، پوءِ جي ايندڙ زمانن ۾ ماڻهو اهو تجربو حاصل ڪري سگهن ٿا، ڇو ته فنڪار جو ڪم کين ان ڳالهه جي اجازت ڏي ٿو ته هو سندس جيئرن ۽ ذاتي محسوسات جو ويجهڙائي کان اڀياس ڪن.

پر اسان وٽ ڪو راءِ چٽرجي[1] نه آهي جيڪو مصور ڀنڊاري وانگر ع ق شيخ تي سوانح حيات جو ڪتاب لکي. ڪنڊي، ڪونڀٽ ۽ روهيڙي جي ڌرتي جي رهواسي ع ق شيخ جي ساري زندگي قلم ڪاغذ برش ۽ رنگ هئي، صحرا جي هن سچي مصور ۽ ارڏي قلمڪار کي پتو هو ته هن معاشري ۾ ڪهاڻي ۽ فنپاري جي اهميت پاروٿي ڀت جيتري به نه آهي” پر هن پوءِ به سچ جي اظهار، سونهن جي پڌرائي جي لاءِ قلم ڪتاب، برش ۽ رنگ کان ڀرپور ڪم ورتو. ع ق شيخ جي ڪم جو دائرو ايترو وسيح هو جيترو ٿر جو ريگستان وسيع آهي. هن جي محنتن جي طفيل سنڌ ۾ مصوري پروان چڙهڻ جي پنڌ پئي. جديد سنڌي ڪهاڻي جي منفرد اڻت جي لاءِ هن پنهنجي حصي ۾ ريشمي رنگ پيش ڪيا.

ع. ق شيخ ٿرپارڪر ضلعي جي (پراڻي) تعلقي ڇاڇري (هاڻوڪي تعلقي ڏاهلي) جي ڳوٺ گڊڙي ۾ 8 مارچ 1914ع تي وقت جي نامياري استاد ۽ حڪيم قادربخش شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو. ٿر جي فطري آرٽ ننڍپڻ ۾ هن کي موهي وڌو، ڏينهون ڏينهن اڪن جي نيرن ڦلين ۽ واري جي ڌڙن مان وڏو اتساهه پائي وسڪاري ۾ واريءَ جا گهرڙا جوڙڻ کان وٺي پٽي تي مور چٽڻ تائين اندر جو آرٽس اڳتي قدم اڀري رهيو هو پر ڪنهن کي پروڙ ڪا نه پئي ته قادر بخش شيخ جو ننڍڙو پٽ اڄ جو عبدالله سنڌ جي تاريخ جو مهان مصور، سگهارو افسانه نويس سڀاڻي جو ع ق شيخ ٿيندو. هن جي ابتدائي تربيت سندس والد محترم قادر بخش ڪئي. پوءِ مختلف مرحلن ۽ حالتن سان هٿ جوڙ ڪندي ٽنڊي سومري، ٽنڊي الهيار، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد جي اسڪول مان انگريزي درجا پاس ڪيا. انهي دوران هن ڊرائنگ جو امتحان به ڏنو جڏهن اڳتي ريگيولر تعليم جاري رکي نه سگهيو ته هن خانگي طور تعليم جو سلسلو برقرار رکيو، ايم اي، ايل ايل بي، ڊي ٽي سي، ڊي ايم، لائبريري سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما جا امتحان ڏنا. شروعاتي ڏينهن ۾ ڪجهه وقت هن زراعت کاتي ۾ نوڪري ڪئي پوءِ جلد هن تعليم کاتي ۾ ڊرائنگ ٽيچر طور ڪم شروع ڪيو، پر هن جي اندر جو بي چين آرٽسٽ اڃان اُتاولو هو، مصوري کي سمجهائڻ کان وڌيڪ هن اڃان سمجهڻ ٿي چاهيو، مٽي جي پروهت ڪاپڙين سان روح جو رشتو جوڙڻ جي جستجو ڪري رهيو هو:

اي هوا ان سنک جي آواز تي هلندي ره
ڪٿي ته نئين بسنت جا پانڌيئڙا ترسندا

آنڌ مانڌ جي مانڊاڻ سان ميرپورخاص ۾ ڊرائنگ ٽيچر جي نوڪري ڪرڻ دوران ننڍي کنڊ جي نامور اداري “سر جي اسڪول آف آرٽ” ۾ تربيت حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، اهو عرصو سال 39-1938ع جو هو، هڪ سال جي تربيت ممبئي مان وٺي واپس موٽي آيو، پرچترڪاري چت کي ويراوير چوري ڇڏيو هو، وري ممبئي جي “اسڪول آف آرٽ” جو شاگرد ٿيڻ جو چارئي پهر سوچيندو رهيو، جنون جي حد تائين انهي سوچ ويچار ۾ 1942ع ۾ هٿين خالي ميرپورخاص کان ممبئي هليو ويو، اتي وڏي جاکوڙ ڪري “اسڪول آف آرٽ” ممبئي ۾ ٻيهر داخلا ورتائين، ممبئي ۾ رهڻ دوران اسڪول وقت کان پوءِ شام جو خانگي ڪم ڪار ڪندو رهيو، محنت مزدوري ڪرڻ جو سڀاءِ هڪ ٿريو هجڻ جي ڪري کيس ورثي ۾ مليو هو، انهي سان پوري ريت نڀاهه ڪري گذر سفر ۽ اسڪول جي في جو بندوبست ڪيائين. اهري طرح ڏک سک جي حالت ۾ ڏيڍ سال پڙهندو رهيو. مقدر جا پنهنجا لکيا آهن، هن جي ايڏي محنت باوجود فني تعليم پوري ڪرڻ جو خواب ساڀيان ماڻي نه سگهيو، والد صاحب جي بيماري جي سماچارن هيڻو ڪري ڇڏيو. ع ق شيخ پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي جيئري پنهنجي جانب پيءُ جي سار لهڻ جي لاءِ موٽي آيو. پنهنجي لائق پٽ کي ڏسي ع ق شيخ جو والد ڏاڍو سرهو ٿيو. کيس بيماري پٽ جي وڇوڙي جي هئي، قادر بخش شيخ پنهنجي پٽ کان واعدو ورتو ته هاڻي هن کي ڇڏي نه ويندو، پنهنجي والد صاحب سان اهڙن قول قرارن تي ع ق شيخ هتي رهي پيو. ٻيهر ڪوشش ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ ڊرائنگ ٽيچر واري نوڪري ورتائين. ميرپورخاص ۾ آرٽ جي لاءِ وڏو اتساهه پيدا ڪيائين، پر اتي گهڻو وقت نه رهيو، ڪجهه عرصي اندر سندس بدلي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ ٿي، جتي شروع ۾ ڪاليج ۾ رهيو، پر پوءِ کيس ڊرائنگ ٽيچرس ڪلاس ۽ ميوزم جو انچارج مقرر ڪيو ويو، جتي 25 سال پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين، ملازمت دوران تعليم کاتي طرفان کيس 1960ع ۾ ويسٽ انگلينڊ اڪيڊمي آف آرٽس ۽ برسٽل يونيورسٽي برسٽل ۾ آرٽ جي وڌيڪ سکيا وٺڻ جي لاءِ انگلينڊ موڪليو ويو، انهي موقعي سان هِن جي پراڻي تمنا ٻيهر ڪر کنيو، بمبئي ۾ هن برصغير جي آرٽ جي تاريخ تي توجهه ڏنو هو، انگلينڊ ۾ اولهه جو آرٽ پوري ريت سمجهيو، ماني، ليونارڊو ڊاونجي وان گوگ، رينوا، مائيڪل اينجليو، بروگيل، ٽرنر، تلوس لوترڪ، ڪارا واگاگيو، ڊيگاس، روسو، گوگن، پڪاسو، ثاگال، پال گوگين، گويا، ريمبران سيزان تائين ڪيترن ئي آرٽسٽن جو اڀياس ڪيو.

علمي ۽ عملي زندگي ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، غلام محمد گرامي، مراد علي مرزا، سائين محمد ابراهيم جويو، الياس عشقي، گل محمد کتري ۽ شيخ اياز جي قافلي جو ڪارڪن هو، “ڪلجڳ جي ڪاپڙين” کان هن جيڪو ڪجهه پاتو، اهو پنهنجن شاگردن ۽ ساٿين ۾ ورهائي ڇڏيو. علم، ادب ۽ آرٽ جو سدائين ڪنهن سخي سماٽ وانگر .“لاک پساهه” ڪندو هو. ظفر ڪاظمي، اڪبر سومرو، فتاح هاليپوٽو جهڙا آرٽس سندس رهاڻ مان رچي ريٽا ٿيا. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌيالائجي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي اڪثر ڪتابن جا ٽائيٽل ع.ق شيخ ٺاهيا.

ع. ق . شيخ بهترين ڪهاڻيڪار هو، هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون مشهور ۽ مقبول ٿيون خاص طور “حيدرآباد”، “گلو باشا”، “نازو” آهن “حيدرآباد” ڪهاڻي ورهاڱي کان پوءِ وارين حالتن بابت لکيل آهي. جيڪا سنڌي ٻولي جي ڪجهه اهم ڪهاڻين منجهان آهي. ع.ق شيخ ريڊيو جي لاءِ گيتن ڀريون ڪهاڻيون به لکيون، جيڪي “کيهه کٿوري” ڪتاب ۾ شامل آهن.

ع ق شيخ کي سنڌ جي روشن خيال اديبن سان محمد ابراهيم جويي ملايو، پوءِ هي پنهنجي پوري زندگي ترقي پسند ادب ۽ آرٽ جي نظرئي تي اٽل رهيو، ع ق شيخ محمد ابراهيم جويي سان گڏجي سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. سوسائٽي پاران 10 فيبروري 1975ع ۾ شيخ اياز جو هڪ ڪتاب ڇپرايو ويو. جنهن ۾ پبلشر وارو نوٽ ع ق شيخ لکيو هو. شيخ اياز هن جي پسند جي شاعرن منجهان هو، شيخ اياز کي پڙهندي هڪ غزل جي بند تي اچي بيهي رهندو هو ته؛

آئون سورج مکي، ڏينهن منهنجو ڏکي
تون ته اڀرين نٿو، اک ڇا تي کجي

ع. ق . شيخ جي اميدن جو سج ڪٿي رهيو!؟ اهو ڪڏهن اڀريو يا نه!؟ هن راز جي ڪهاڻي پنهنجي ريت ۾ لڪل رهي. ع ق شيخ زندگي جا آخري ڏهاڙا ڏاڍا اڪيلائي ۾ گذاريا.

مان ديس ۾ پرديسي، مان ساٿ سان بي ساٿي

اي دوست نه پڇ، منهنجي وقت اڪيلائي،

هن ساز ۾ او سائين، سو گيت هيا ليڪن،

ڪٿ ان جا ٻڌڻ وارا!؟ ڇا تي وڄي شهنائي!

انهن ڏکن، ڏاکڙن، المين، اڪيلائين ۽ اداسين باوجود گڊڙي جي چيڪي مٽي تي جنم وٺندڙ هن آرٽسٽ ۽ اديب پنهنجي پوري زندگي “لوڪ گيت” وانگر گذاري. زندگي جي پوئين ڏهاڪي ۾ هن کي ٿر گهڻو ياد ايندو هو، ريگستان ۾ “اڪ مڪڙ” سان کيڏندڙ معصوم ٻار جي تمنا وانگر هن ٻيهر ٿر موٽڻ ٿي چاهيو پر موٽي نه سگهيو. 15 آگسٽ 1991ع تي سنڌ جو هي سٻاجهو آرٽسٽ ۽ اديب لاڏاڻو ڪري ويو. ٿر ڀٽائي جي انهن سٽن سان رنو؛

پاسا پولڙين، ٻانهون سر ٻيئي
اکيون نڪ اريج ري ٽمايم ٽيئي
ڏور ٿيا ڏيهي، پرين پائر وٽ ۾.

ع. ق. شيخ طبيعت جو نهٺو نماڻو هو. هن پنهنجي هٿن سان ڪڏهن ڪنهن کي نه ڏکويو. لفظ ڳالهائيندو هو يا ماکي جا ڦڙا، هن جي ٻولي شفقت ۽ مٺاس سان ڀرپور هوندي هئي. آرٽ ۽ ادب تي هن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون سندس شاگردن ۽ ساٿين کي اڄ به ياد آهن. ع ق شيخ وٽ وڏي لائبريري هئي، وڏو وقت مطالعي ۾ گذاريندو هو. تاريخ جو به وڏو ڄاڻو هو، هن “تاريخ اسلام” ۽ “تاريخ اندلس” جهڙيون ناياب تحريرون پڻ ڏنيون. پڙهڻ جي معاملي ۾ فرانز ڪافڪا جو قول ورجائيندو هو ته؛ “جيڪو ڪتاب تنهنجي ذهن کي هٿوڙو هڻي سوچڻ تي مجبور نه ڪري اهو ڪتاب نه پڙهه.”

ڪاش ڪوئي ع. ق شيخ جي ڪتابن کي ميڙي گڊڙي جي قديم مندر وٽ ع. ق شيخ لائبريري جوڙائي ته جيئن ٿر جي سادن ماروئڙن کي عالمي پد جو انسان دوست مواد پڙهڻ جي لاءِ ملي. ڇاڇري ۾ ع. ق شيخ جي نالي سان آرٽ ڪاليج قائم ڪرائي، ته جيئن ٿر مان آرٽ جو صلاحيتون نکري نروار ٿين. مٺي ۾ ع ق شيخ جي تصويرن جي نمائش ڪرائي، ته جيئن ع. ق شيخ جي ڪم جو تسلسل ڀٽن مان ٻيهر جڙي پوي.

جديد سنڌي شاعري جي وڏي نانءَ شيخ اياز ع ق شيخ جي مهانتا کي محسوس ڪندي پنهنجي ڪوتا جو ڪتاب “واٽون ڦلن ڇانئيون” جي ارپنا ع ق شيخ جي نالي ڪندي لکيو آهي ته؛

شال سڀاڻي جهول ڀري

جي به لُري ۾ لوچي ويا،

تن کي ڪوئي ياد ڪري!

[1] راءِ چٽرجي: ننڍي کنڊ جو مشهور ليکڪ



سچل جنجهي


عظيم استاد سچل جنجهي جنهن اسڪول جي لاءِ پنهنجي سروي ٻني ڏيئي ڇڏي

سائين سچل جنجهي جهڙن ڪردار تي ڇا لکجي!؟ لطيف سائين “مون سي ڏٺا ماءُ..” وارو بيت انهي ڪيفيت واري رمز ۾ چيو هو. اهڙا ڪردار زبان ۽ بيان، تحرير ۽ تقرير کان اعليٰ هوندا آهن، پر پوءِ به اسان جهڙن عام انسانن جي دل انهن جي عظمتن جي احترام ۾ سر جهڪائي ڪوماڻيل لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهي، انهي لفظي ڀيٽا جي لغوي معنيٰ وٺڻ جي بدران پنهنجائپ سچائي ۽ خلوص واري جذبي کي ڏسجي نه ته اهڙي ڪردارن جي شان ۾ گستاخي ٿي پوندي، ننڍڙن ليکارين جا سادا سودا لفظ انهن ڪردارن کي واضع نه ڪري سگهندا آهن، ان ڪري انهي پروفائيل کي پڙهڻ مهل پڻ انهي پس منظر کي سامهون رکيو وڃي.

جديد سنڌي شاعري جي وڏي نانءُ شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي ته؛ “هن دنيا ۾ انسان ٽن قسمن جا ٿيندا آهن، هڪڙا اهي جن جو مقصد پنهنجي لاءِ رڳو جيئڻ هوندو آهي، ٻيا اهي جن جو مقصد پنهنجي جيئڻ سان گڏ ٻين جي لاءِ به سوچڻ هوندو آهي ۽ ٽيان هن پوري ڪائنات سان وحدت الوجود واري ڪيفيت محسوس ڪندا آهن.

سائين سچل جنجهي ۾ پوئين ٻنهي انسانن واريون خاصيتون هيون، هن جو جنم پاري نگر جي دور کان وٺي ٿر جي صوفين ۽ ساڌوئن جي دعائن جو ڦل هو، سچل نالي هجڻ جي ڪري سرمستي جا رنگ هن جي وجود ۾ شامل هئا، هن جي گڻن جا شاهد ٿر جا هڙيئي گام ۽ گس گهيڙ آهن، ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر پرڌان جاگرتا رسالي جي مضمون ۾ لکيو آهي ته؛ اهڙو ڪو به ٿري ماڻهو نه هوندو جيڪو ائين چوي ته مون کي ٿورو يا گهڻو سائين سچل کان فيض حاصل نه ٿيو. سائين سچل فيض جو ڀنڊار هو، لطيف سائين جي لفظن ۾ ته؛

وڏي وٿ هئام، ٻاروچا ڀنڀور ۾ (شاهه)

سائين سچل تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ “جنجهي” جنهن کي ٿري لهجي ۾ “جنجهيان رو تڙهو” (جنجهي جو تڙ) چئجي ٿو. ڳوٺ “جنجهي” ۾ 1928ع واري سائين سچل جنم ورتو سندس پيءُ جو نالو الهڏنو جنجهي هو. سچل جنجهي هڪڙي وقت آدرشي استاد، آدرشي پيءُ، سماجي ورڪر، طبقاتي نظام خلاف وڙهندڙ، صوفي لاڪوفي سڀ ۾ پرين پسڻ وارو، ادب جو خدمتگار ۽ لطيف جو پارکو هو، مختصر لفظن ۾ هن جو ڪردار ڪبير جي انهي دوهي تي عمل پيرا هو ته:

پريتم ايسي پريت ڪرو، جيسي ورک ڪرين،
آپ جلاون سر ڌوپ ۾، اوران دا ڇانو ڪرين!

(پريتم اهڙي پريت ڪر جهڙي وڻ ڪن ٿا، پنهنجو پاڻ ڪاڙهي ۾ جلائي ٻين کي سدائين ڇانءُ ڏين ٿا.)

سچل سائين جي هر پورهئي ۽ پنڌ ۾ امان مينهن ٻائي جو ڪردار اهم رهيو آهي، سچل سائين 1944ع ڌاري مينهن ٻائي سان شادي ڪئي، مينهن ٻائي کي سچل پاڻ گهر ۾ پڙهائي فائنل جو امتحان پاس ڪرايو، امان مينهن ٻائي کي ماستري وٺي ڏني، پاڻ به پرائمري ماستر هو، هن پنهنجي گهر واري سان گڏجي، لاڙڪاڻي واسي سرلاديو ۽ شيام وانگر پنهنجي ڳوٺ ۾ وڌيا آشرم جهڙو اسڪول کوليو، جيڪو اڄ به گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ زنانه پرائمري اسڪول جي صورت ۾ موجود آهي، هن اسڪول ۾ روايتي نصاب سان گڏ، .خادم الدينا” جو درس ڏيندا هئا، اڄوڪي ٿر جي چوئنرن ۾ ڦهليل فڪر جي فانوس جي سهائيءَ ۾ انهي آشرم جهڙي اسڪول جو وڏي ۾ وڏي ڪردار آهي. سائين سچل 1960ع ۾ انهي “درسگاهه” ۾ انگلش ڪلاس جو بنياد رکيو، 1962ع ۾ ڌاري مڊل اسڪول جو درجو ڏياريو، 1979ع ۾ ڌاري هاءِ اسڪول منظور ڪرايو، ڇاڇري کان وٺي ننگرپارڪر تائين سموري علائقي ۾ ڪو به اسڪول نه هوندو هو، سائين ٻارڙن کي شفيق پيءُ وانگر سمجهائي وٺي ايندو هو، مائٽن کي پڙهائي لاءِ اتساهيندو هو، ٻارڙن جي رهائش کان وٺي ماني تائين بندوبست ڪري ڏيندو هو، 30 کان 40 ٻار سدائين پاڻ وٽ رهيل هوندا هئا، ڪجهه ٻار پنهنجن عزيزن وٽ رهائيندو هو. جس آهي انهن ڳوٺاڻن کي به جن سائين سچل جي چوڻ تي سدائين ٻارن کي رهايو، جهالت خلاف جدوجهد ۾ انهن جا نالا به نمودار ٿيڻ گهرجن.

سچل جي گهر واري هڪ پير سان اپاهج هئي پر پوءِ به ٻارڙن (شاگردن) جي سار سنڀال ۾ ڪين گهٽايو، سچل هڪ پيءُ وانگر ۽ امان مينهن ٻائي ماءِ وانگر پيش ايندي هئي، 200 فوٽن واري کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ سچل پاڻ گوسيو يا کيليو ٿيندو هو ۽ پنهنجن ڪلهن تي پاڻي کڻي ٻارڙن کي پهچائيندو هو. سچل وٽ رهندڙ شاگردن ۾ هر ذات جو شامل هوندو هو، سچل ۽ سندس گهر واري ذات پات جي زنجيرن کي ٽوڙڻ ۽ مت ڀيد کي ڀور ڀور ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا رهيا، مسڪين جهان خان کوسي جيان مسڪين ماڻهن جي لاءِ سائين سچل ۽ امان مينهن ٻائي اوتار هئا. مسڪين جهان خان، سائين سچل ۽ امان مينهن ٻائيءَ جي ڪرت ۽ ڪردار تي ٿر جي ليکڪ محمد خان سميجي هڪ بهترين ناول “رت ريجالا سپرين” لکيو آهي، مئڪسم گورکي جو ماءُ ناول پڙهندي سائين سچل ۽ مينهن ٻائي جو ڪردار اکين اڳيان تري ايندو آهي.

سچل سائين کي ٻه پٽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو، کيس پهريون پٽ 1946ع ۾ ڄائو، جنهن جو نالو ڄام ساقي رکيو ويو، جيڪو ڪميونسٽ تحريڪ جو هيرو ۽ شاگرد سياست جو چنڊ ثابت ٿيو، ادي مارئي، امان مينهن ٻائيءَ وانگر استاد جو پيشو چونڊيو، ٻيو پٽ سلطان جيڪو روس مان ميڊيڪل جي ڊگري پاس ڪري ٿر زندگي جو مسيحا بڻجي آيو. سائين جو نه صرف اولاد سڌريو پر راڄ ڀاڳ جا هزارين ماڻهو سائين سچل جي طفيل مچي (مڻيادار) ٿيا. ٿر سنڌي صحافت ۾ عثمان ڏيپلائي کان پوءِ سهيل سانگي جو وڏو نالو پيدا ڪيو آهي، سهيل سانگي رشتي ۾ سچل جو ڀائيٽو ٿئي ٿو. سهيل جي ڪاميابي ۾ سچل سائين جي تربيت جو اهم حصو شامل آهي.

سچل سائين ٿر جي ڀٽن ۾ روشني آڻڻ جي پنڌ ۾ وڏي پيڙا ڀوڳي، ڪيترائي الزام ۽ آڪڙون برداشت ڪيون، هن جڏهن “وديا آشرم” کي هاءِ اسڪول منظور ڪرايو ته ڳوٺ وارن (معذرت سان سچ چوڻو ٿو پوي) انهي اسڪول جي لاءِ پڊ (پلاٽ) ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر سچل سائين پنهنجي همت نه هاري پنهنجي سروي ٻني اسڪول جي لاءِ لکي ڏني، جتي اسڪول جي بلڊنگ ٺهرائڻ سان گڏ هاسٽل به جوڙيائي تيار ڪرائي. پنهنجي آشرم ۾ سائين ننڍڙا ڊراما، ناٽڪ ۽ تقريري مقابلا ڪرائي تعليمي ۽ سماجي شعور آڻڻ لاءِ به جاکوڙيندو رهيو.

ٿر جو ماحول جتي پٽيل ڪلچر جون پاڙون پاتار تائين کتل آهن، تن ۾ تمام ٿورا پٽيل ۽ وڏيرا انسانيت جا حامي، مت ڀيد کان آجا ۽ با اخلاق راڄن جا رکوالا آهن، پر اڪثر پرماريت جا پرچارڪ، انسانن ۾ ويڇا وڌائيندڙ، علم ۽ امن جا وڏا ويري آهن جن کان سچل جو هي عوامي خدمت جو ڪم برداشت نه ٿيندو هو، پر هر ماڻهو کي پنهنجي فطرت مليل آهي، سو ڪوششن باوجود انسان پنهنجي مٽي ۽ من جي فطرت کي تبديل نه ڪري سگهيو آهي، سچل پنهنجي فطرت ۾ رڌل رهيو، پرماريت جي پوڄاري پٽيلن ۽ وڏيرن جي تنگ ڪيل، پيڙهيل ۽ عام انسان جو ڀرجهلو ٿي بيهندو هو، ڪامريڊ وڪيلن جون خدمتون وٺي مفت ڪيس لڙندو هو، ڪن ڪن ماڻهن کي ڪورٽ تائين پهچڻ جو ڪرايو به کيسي مان ڏيندو هو، ٿر جي ٻهراڙين ۾ ان وقت ڪو به ڊاڪٽر نه هو، سچل مريضن کي تپاسڻ ۽ عام بيمارين جي علاج جي ڊاڪٽر ڪيشو لال ڇاڇري واسي کان تربيت وٺي ڳوٺن ۾ پيادل وڃي علاج ڪندو هو.

سچل سائين ڄام ساقي جي تربيت تي وڏي توجهه ڏني، ڄام جي ڇاڇري اچي رهيو، ست سال ڇاڇري ۾ رهي ڄام کي مئٽرڪ ڪرائي پوءِ واپس ڳوٺ ويو، انهي وقت ۾ هن پنهنجي وڌيا آشرم ۽ سماجي خدمت جي الفت ۾ ڪمي نه آندي، ڳوٺ ڏي مهيني ۾ ٻه دفعا ضرور ڦيرو ڏيندو هو، ڄام ساقي جي سياست جي ڪري سچل تي به وڏيون سختيون ٿيون، نوڪري واري پيشي ۾ دربدريون مليون پر هي مانجهي مڙس ڪڏهن هيڻو هڏ ٿي نه ويٺو، ڪڏهن به سرڪار کي واپس بدلي واري عرض ڀري درخواست نه ڏانائين.

ڄام ساقي 1962ع کان وٺي 1986ع تائين مختلف وقتن تي 25 سال ترم ياترائون ۽ روپوشيون سٺيون، لاهور جي قلعي کان وٺي مچ جيل تائين هر قيد ۾ پنهنجي جدوجهد سان ثابت قدم رهيو. سچل انهي عرصي ۾ هڪ اڏول ۽ آدرشي پيءُ وارو ڪردار ادا ڪيو. جيلن جي سختي سان جڏهن ڄام کي ڪير جهڪائي نه سگهيو ته پوءِ لالچن تي هرکائڻ شروع ڪيو ويو، پر مارئي جي پڪار جي ٻي جنم امان مينهن ٻائي جي ٿڃ پيتل پُٽ پنهنجي ماءُ جي کير کي نه کاريو، سچل جي سکيا ۾ مليل روپلي ڪولهي جو ڪردار ڄام کي ياد هو، انهي جو تسلسل قائم رکندي ڄام چيو ته ڪمشنر جي پوسٽ کان وٺي وزارت تائين عهدن تي هرکجڻ جي لاءِ ٻيو ڪو ماڻهو ڳوليو، مون .“ايءَ نه مارن ريت جو سيڻ مٽائين سون تي” جو سبق سُتي ۾ ورتو آهي. ڄام کي ترم ياترا دوران ملڪي توڙي پرڏيهي ميڊيا ضمير جو قيدي سڏيو. 1986ع ۾ ڄام جڏهن آزاد ٿي آيو. تڏهن هڪ اهڙو استقبال ٿيو، جنهن جو ملڪي تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي، سچل سائين جون انهي استقبال تي اکيون ٺري پيون، هن کي پنهنجي پٽ جي انهي تحريڪ ۽ جدوجهد تي فخر ٿيندو هو. 1970ع ۾ ڄام ساقي ٿر ۾ ننگرپارڪر ڇاڇرو واري حلقي مان صوبائي سيٽ تي آزاد اميدوار طور بيٺو. هن جي ورڪ ۾ سائين سچل جنجهي سان گڏ مسڪين جهان خان کوسو به نڪتو، پنهون مل هميراڻي کان وٺي عالم چند ڪولهي تائين انسانيت ۽ انصاف جي قائل، سماجي ورڪرن ۽ سياستدانن به حصو ورتو.

1986ع ۾ ڄام ساقي جي ترم ياترا دوران مخالفن ڄام ساقي کي ڦاهي ڏئي ڇڏڻ جي پروپيگنڊا عام ڪئي ويئي، جنهن جو پڙاڏو جڏهن جنجهي جي سيم ۾ پهتو ته انهي کي ٻڌندي ڄام جي گهر واري سکان ٻائي “پڄاڻان پرين ڏجي باهه ڀنڀور کي” واري ڪيفيت ۾ اچي کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي.امان سکان هڪ ناول جو موضوع آهي. ٿري عورتون پنهنجي ورن تان ڪيئن قربان ٿينديون آهن.

امان سکان جي وڇوڙي سان سچل ۽ امان مينهن ٻائي تي تمام گهڻو ڏکيو وقت اچي ويو، سکان جو وڇوڙو، ڄام جيل ۾ بند، سلطان به اعليٰ تعليم جي ڊگري لاءِ ماسڪو ۾ رهندڙ هو، ڄام جا ٻه ٻار سجاد ظهير ۽ بختاور ننڍڙا هئا. جن کي ماءُ جي پيار جي هڪ پل به ڪمي پيدا نه ٿيڻ ڏيڻي هئي. اهو ڪيڏو ڏکيو وقت هو. جيڪو سچل تي گذريو.

سچل پنهنجي حياتي ۾ نه صرف پنهنجي پٽ جي جيل ياترا ڏٺي ۽ پنهنجي ننهن سکان جو وڇوڙو سٺو پر پنهنجي پوٽي سجاد ظهير جي اغوا جهڙو واقعو به اکين سان پسيو، پر سائين جي حوصلي جي بلندي ته ڇا هئي؟! سجاد کي ڌاڙيلن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ پاڻ ٻيلي ۾ ڪاهي پيو هو.

31 ڊسمبر 1991ع ۾ 63 سالن جي ڄمار ۾ سچل سائين حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو، ٿري ماڻهن جي اندر جي آرزو هئي ته سائين سچل کي ڳوٺ جنجهي ۾ “درسگاهه” جي اڱڻ ۾ ملير جي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو وڃي پر سائين سچل کي حيدرآباد جي مٽي نصيب ٿي. اسان جي سنڌي سماج ۾ بي حسي جي بارش جو وسڪارو ڏينهون ڏينهن تيز ٿي رهيو آهي، سچل جي پورهئي ۽ پنڌ جي مڃتا جي لاءِ ڪو ڏينهن ڏهاڙو ملهائڻ جي لاءِ ڪنهن کي به هڪ پل جي لاءِ ويچار نٿو اچي. سچل سائين لطيف سائين جو وڏو پارکو هو، هو هيڻن جو همراهه ٿي لطيف سائين جي شاعري ذريعي کين اتساهه ڏيندو هو، سچل جي سار جي سڳنڌ سماج جي مجموعي رويي کان مٿڀري ٿي لطيف جي انهن سٽن ۾ اڀري ٿي اچي:

مرڻ اڳي جي مئا، مري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، مرڻ تنين مهڻو

ڀيٽا جي پروفائيل جي آخري سيٽن ڏي ايندي شيخ اياز جون سٽون ڪاغذ تي اتاريان ٿو، جن ۾ اهڙن ڪردارن جي لاءِ مڃتا ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيل آهي.

هو بادل بادل آيا ها، جن جَل ٿَل ڀال ڀَلايا ها!
اي کيت کِڙو، او شال ٽڙِو! هو پنهنجا مينهن وسائي ويا.
هو پيار پتنگا کامي ويا، ۽ ڪيڏو دور اڏامي ويا!
پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾، هو پنهنجي جوت سمائي ويا!



ڊاڪٽر هرچند راءِ


هرچند راءِ

جنهن کي ثقافتي خدمتن تي صدارتي ايوارڊ مليو

هو انهن انگ ڌڙنگ انسانن مان هو، جن پنهنجي پورهئي جي پگهر ۽ غير معمولي ذهانت سان انساني تاريخ کي نوان موڙ ڏنا آهن. جڏهن ٿر ۾ ثقافتي رنگ روپ ۽ سائنسي سوچ جي سنگم سان انساني سونهن جاڳرتا جي جلوي ۾ جرڪندي، جڏهن ملير جي مٽي تي عام ماڻهو معاشي طور مضبوط ٿي جوڀن رُت ۾ گل جيان ٽڙندو، تڏهن هن شخص کي ضرور ياد ڪيو ويندو.

ٿر ۾ انساني سگهه، حوصلي، بي پناهه قوت ۽ پختي ارادي جي علامت رهندڙ ڊاڪٽر هرچندراءِ هڪ ئي وقت مسيحا، سماجي اڳواڻ، سياستدان ۽ محقق هجڻ سان گڏ ثقافتي رنگن روپن جو رکوالو هو. هن جي گهڻ رخي شخصيت هڪ اداري، هڪ تحريڪ، هڪ جدوجهد جو نالو آهي.هن شخص نه صرف ڇاڇري کان عمرڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کان مٺي ڏانهن پنڌ ڪيو هو. پر سانگهڙ کان ننگرپارڪر تائين پوري خطي جون واهڻ وستيون، ڍنڍون، ڍورا، مڙها ۽ ڏهر پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙيا هئا.هن زندگي ۾ ڏک ڏولاوا ڏسي بيمار انسانن جو علاج ڪيو هو. سخت پورهيو ڪري هيڻن کي حوصلو ڏنو هو. رڃن ۾ رابيل پوکي وطن جا ويڙها وسايا هئا. هن مارو ماڻهن جي ويڙهن ۽ جهوپڙن کي قلعن، ڪوٽن ۽ محلن کان مٿانهون پيش ڪيو هو. هن جي اندر جي تمنا هئي ته مارو ماڻهو عزت ۽ آبرو سان ثقافتي رنگ روپ ميڙي برن ۾ بازارون قائم ڪن. هن تهذيب ۽ تاريخ جي ٽٽل سلسلن کي جوڙڻ جي لاءِ پنهنجي گهر ۾ ميوزم جو بنياد رکيو. هن سياست ۾ عام ماڻهو جي داخلا جي لاءِ ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽڻ جي لاءِ گهاڙو گهڙيو. هن عام ماڻهو جي زبان تان پهرو لاهڻ جي لاءِ پتوڙيو. قلم جي آزادي جي لاءِ جستجو ڪئي.

هن تعليم جي تير سان ظالم وڏيرن جي وجود کي پروڻ ڪرڻ جي لاءِ مسڪين شاگردن جي پڙهائي ۾ هڙان وڙان مدد ڪئي. هن وٽ راشد مورائي جي نظم “اچو نئون سماج ڪو، نئون جهان جوڙجي!” جهڙو نعرو هو. ٿر جي ڀٽن ۾ هن جو روح ڪڏهن اداس نه ٿيو. هن جي اکين ۾ سدائين پختن ارادن جون ريکائون نمايان هونديون هيون.

ڊاڪٽر هرچندراءِ جا وڏا گڊڙي ۾ به رهيا. ڊاڪٽر صاحب جو ڏاڏو ڌنجي مل پنهنجي دور ۾ راڄ ڀاڳ جو وڏو رکوالو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جو جنم تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڪيتا ۾ سندس مامي هرناٿ جي گهر 15 سيپٽمبر 1915ع ڌاري ٿيو. ڊاڪٽر هرچند جو والد صاحب سائين گرڌاري لال پنهنجي دور جو مهان استاد هو. هن پنهنجي پٽ کي پرائمري جي تعليم نيو ڇور مان مڪمل ڪرائڻ کان پوءِ فائينل پاس ڪرائي استاد طور ڏسڻ ٿي چاهيو پر عمرڪوٽ ۾ رهندڙ هالاڻي جي رهاڪو ڊاڪٽر جندارام عيدناڻي سائين گرڌاري لال جي سوچ ۾ ڦيرو آندو. سائين گرڌاري لال کي آماده ڪيو ته، “هو پنهنجي پٽن کي ڊاڪٽري پڙهائي جيئن هتان جي غريب مريضن جي مدد ٿي سگهي.” ڊاڪٽر جندارام جي چوڻ تي سائين گرڌاري لال هرچند راءِ کي “سنسڪرت وڌيا شالا” ۾ انگريزي پڙهڻ جي لاءِ داخل ڪرايو. 1934ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ 1940ع ۾ هن بمبئي جي فزيشن اينڊ سرجن ڪاليج مان ايل سي پي ۽ ايس جي ڊگري حاصل ڪري هن خزان جي موسم ۾ ميڊيڪل آفيسر بطور “اينٽي مليريا” پنهنجون خدمتون شروع ڪيون. فيبروري 1941ع کان عمرڪوٽ ۾ پرائيويٽ مشق لاءِ به وقت مخصوص ڪيو. انهي زماني ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ڀاءُ ڊاڪٽر کيت به ايل سي پي ڪري اسلام ڪوٽ ۾ پرائيويٽ پرئڪٽس شروع ڪئي هئي.

ڊاڪٽر هرچند راءِ جو مسيحائي پيشي ۾ ڊاڪٽر جندارام “آئيڊيل” هوندو هو. سائين گرڌاري لال جڏهن عمرڪوٽ ۾ هيڊماستر هو. تڏهن ڊاڪٽر جندارام کي مريض ڏيکارڻ جي لاءِ ماڻهو سائين گرڌاري وٽ ايندا هئا يا بزرگ جڳو مل کي چوندا هئا. ڊاڪٽر مريض ڏسي دوائون لکي ڏيندو هو. مريض جا عزيز ڊاڪٽر کي چوندا هئا ته سائين شام جو ٻيهر مريض ڏيکارڻ جي لاءِ وٺڻ اچون، ورندي ۾ چوندو هو ته، نه ضرورت ڪونهي، پر پاڻ پنهنجي ليکي شام جو پهچي ويندو هو، مريض نهاريندو هو. مريض جو عزيز في جي آڇ ڪندو هو ته جواب ڏيئي چوندو هو ته توهان مون کي وٺڻ ٿورو ئي آيا هئا. آئون سائين گرڌاري لال هيڊماستر وٽ ويس پئي، سوچيم مريض کي نهاريندو وڃان.

ڊاڪٽر هرچند راءِ ڊاڪٽر جندارام جيان مريض کي تپاسي ڪڏهن در تي بيهي في نه گهري. نه ڪڏهن علاج پوري ٿيڻ کان پوءِ بل مريض کي ڏنو. بل ڏيڻ کي به گهرڻ جو هڪ نمونو سمجهندو هو.

ميرپورخاص جو مشهور مسيحا ڊاڪٽر ڊرائگو ڊاڪٽر هرچند راءِ جو بمبئي ڪاليج ۾ ڪلاسي هو. ويجهي دوست هئڻ ناتي ٻنهي هڪ ٻي سان نڀايو. ڊاڪٽر ڊرئگي ۽ ڊاڪٽر هرچند راءِ گڏجي ملڪ جي آزادي وقت لڏپلاڻ ڪري ايندڙ قافلن ۾ بيمار ۽ زخمي ماڻهن جو کوکراپار، ميرپورخاص سميت مختلف هنڌن تي ڪئمپون قائم ڪري علاج ڪيو.

ڊسمبر 1948ع ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ تعلقه اسپتال عمرڪوٽ ۾ ميڊيڪل آفيسر طور جوائن ڪيو. مختلف وقتن تي سانگهڙ، سامارو، سڪرنڊ ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ نوڪري ڪئي. سرڪاري نوڪري دوران ڊاڪٽر صاحب صبح اسپتال ۾ اچي ويهندو هو، رات دير تائين مريض پيو ڏسندو هو. ميڊيڪو ليگل ڪيسن جا ڌڪيل ڏسي ڌڪ ڦٽ نوٽ ڪري اسپتال ۾ داخل ڪرائي علاج ڪرائيندو هو. عمرڪوٽ ۾ پوسٽ مارٽم جون رپورٽون ٺاهيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڇاڇري مان تار ايندي هئي ته لاش اڳتي کڻڻ جيان نه آهي، هتي اچي پوسٽ مارٽم ڪري ڏيو. پوءِ رات جو اٺ تي چڙهي روانو ٿيندو هو، هُتي پهچي پوسٽ مارٽم ڪري اسپتال ۾ آيل مريضن کي تپاسي علاج ڏيئي رات جو ٿوري دير ننڊ جو جهوٽو کائي صبح سج اڀرڻ کان اڳ ۾ نڪرندو هو. علاج دوران مريض کي جيستائين سڪون نه ايندو هو، تيستائين هُن وٽ ويٺو هوندو هو.

ناليواري ليکڪ ارباب نيڪ محمد پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته “شهيد بختاور جو پوسٽ مارٽم ڊاڪٽر هرچند راءِ ڪيو هو.” رپورٽ ڦيرڻ جي لاءِ هن تي وڏو دٻاءُ وڌو ويو پر اڳيان گرڌاري لال جو ڄايل ڊاڪٽر هرچند راءِ هو. [1] اپريل 1959ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڊيوٽي دوران هن سرڪاري نوڪري تان استعيفيٰ ڏني. ٽنڊي محمد خان جي ميمڻ سيٺ مرحوم عبدالخالق اتي ئي پرائيويٽ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو. هُن اسپتال جي لاءِ جاءِ ڏيڻ جي به آڇ ڪئي. پر هن ڪو نه مڃيو. ڊاڪٽر چيو ته، “مون تي پهريون حق منهنجي عزيزن جو آهي، پوءِ پاڙي وارن، پوءِ ڳوٺ وارن جو، پوءِ ٿر وارن جو آهي” هن ٻيهر عمرڪوٽ ۾ سينٽر کوليو. پنهنجي اسپتال جو نالو “ٿر ڪيوئر ڪلينڪ” رکيو. ساڳي سال ۾ نومبر 1959ع تي ڪنري ۾ به اسپتال قائم ڪئي. ڪجهه وقت اتي ڏيڻ شروع ڪيو. ڪنري واري اسپتال 1962ع تائين رهي.

ڊاڪٽر صاحب جي ڪوششن سان 1966ع ڌاري عمرڪوٽ ۾ ٽي بي سينٽر قائم ٿيو. سينٽر جي قائم ٿيڻ جي ڏينهن کان وٺي پنهنجي اڌ ڏينهن جي ڪمائي ٽي بي سينٽر کي ادا ڪندو رهيو. ٽي بي ايسوسيئيشن، فئميلي پلاننگ ايسوسيئيشن ۽ ڪلچرل ڪاميٽي جو عهديدار رهيو. حلال احمر ضلعي عمرڪوٽ جو کيس تاحيات ميمبر بڻايو ويو. روٽري ڪلب جي لاءِ به هن پنهنجون خدمتون آڇيون. مختلف هنڌن تي ڪئمپن ۾ ڊاڪٽر صاحب اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو. ٿر جي سماجي ورڪر نندن لال نندن جي سماجي ڪمن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر صاحب خاص دلچسپي وٺي نندلال نندن چئرٽيبل فائونڊيشن قائم ڪئي. ڏڪار جي وقت ۾ هن اداري جي پليٽ فارم تان مخير ساٿين کي ميڙي غريب ماڻهن جي مدد ڪئي. ڊاڪٽر صاحب گپت دان (لڪيل خيرات) جو به گهڻو قائل هو. ڪيترن ئي خاندانن جي انهي جذبي تحت پرگهور لڌي. ان سهڪار کي ڪڏهن پڌرو ٿيڻ نه ڏنو.

1968ع ۽ 1969ع جي زماني ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب عمرڪوٽ آيو. تڏهن ڀٽي صاحب کي قلعي کان جلسي گاهه تائين ڊاڪٽر هرچند راءِ جي گاڏي ۾ آندو ويو هو. ڀٽي صاحب ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ان گاڏي جي ڊرائيور جمال مکراني کي ڏهه ايڪڙ زمين تحفي طور ڏني هئي. ڊاڪٽر صاحب جو ڪامريڊ روچيرام وڪيل سان تمام گهاٽو سٻنڌ هو. 1959ع ۾ بنيادي جمهوريت جي چونڊن ۾ بيٺو ته ڊاڪٽر صاحب روچيرام کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ مٺي ۾ رهندڙ واسطيدارن کي خط لکيا. 1965ع ۾ هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڊاڪٽر صاحب کي جيل ياترا به ملي. روچيرام وڪيل پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو آهي ته، “ڊاڪٽر صاحب جيل ۾ هو، ته پويان سندس ٻني تي سيد صالح محمد شاهه ڦڏو ڪيو. ڪيس ڪورٽ ۾ هو. راجا غني سرزمين تي مدد ۾ هو ۽ آئون هن سان گڏ سول جج جي ڪورٽ ۾ هوس. [2]

1970ع جي چونڊن ۾ راڻي چندر سنگهه جي سامهون ڊاڪٽر هرچند راءِ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي چونڊ لڙيو. وڪيل مراد علي ڊاڪٽر هرچند راءِ جي حق ۾ هٿ کنيو. ان چونڊ ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي به حصو ورتو هو. وڏو دنگل متو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ورڪن ۾ مامو جمن دربدر به سرگرم هوندو هو. جلسي جي ڪمپئرنگ وغيره مامي جمن جي حوالي هئي. جنهن ڳوٺ ۾ جلسو رکيل هوندو هو. ان ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ مامي جمن وارا اطلاع ڏيندا هئا. ماڻهو ڊاڪٽر هرچند جو نالو ٻڌي مريض وٺي اچي گڏ ٿيندا هئا. ڊاڪٽر سياسي تقرير مختصر ڪري مريض نهاريندو هو. نيٺ مامي جمن ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته، توهان سياسي سرگرمي کي وقت گهٽ ڏيئي رهيا آهيو. ماڻهو توهان کي وري مريضن ۾ قابو ڪري ٿا ڇڏين. ائين پاڻ هارائي وينداسين. ڊاڪٽر صاحب موٽ ۾ پنهنجي روايتي انداز سان مرڪندي جمن کي ورندي ڏنائين ته، “جمن آئون به سمجهان پيو، هارائي ويندس پر آئون اها روايت وجهڻ ٿو چاهيان ته وڏي ماڻهو جي سامهون غريب ماڻهو چونڊ لڙي سگهي ٿو. جن غريب جاتين جي لاءِ اوڇا لفظ ادا ڪيا پيا وڃن، انهن جي ووٽ جو قدر ٿئي. پنهنجي انهي جستجو سان جاگيردارن ۽ وڏيرن کي انهن عام ماڻهن وٽ ووٽ جي لاءِ منٿون ڪرڻيون پونديون.”

1970ع ۾ هار باوجود هن وٽ وڏو حوصلو هو. ڄام ساقي سان گڏجي ڇاڇري ۾ عام ماڻهن جا ٿورا مڃڻ جي لاءِ هن ريلي ڪڍي.

1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ ڀڏيلي جي سوڍي جيتمال سنگهه قومي اسيمبلي جي سيٽ تي فارم ڀرايو ته ڊاڪٽر هرچند راءِ به صوبائي سيٽ تي حصو ورتو. 1985ع ۾ ڌار ووٽ جو سرشتو هجڻ جي ڪري اقليتي ميمبر جي لاءِ پورو صوبو حلقو هوندو هو. آساني سان هيرا ڦيري جا موقعا موجود هئا. ڊاڪٽر صاحب ان موقعي ڪافي ووٽ کنيا پر “مايا جي ڇايا” جي بنياد تي ڊاڪٽر صاحب کي هارايو ويو. ڊاڪٽر صاحب جي ويجهن دوستن ڊاڪٽر صاحب تي “ڏيتي ليتي جي زماني سازي” ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو پر هن اڏول انسان وٽ “نه ته نه هو. مکي نهال چند ۽ مير حيات ڊاڪٽر صاحب جي ڪاميابي جي لاءِ پنهنجي طرفان وڏيون ڪوششون ورتيون پر سيٺين “ڏنو پٽ ڇٽي جو” جي آڌار وارو وڄائي ورتو. 1993ع ۾ ڊاڪٽر هرچندراءِ جي فرزند مهندر ديو پ پ پ جي ٽڪيٽ تي صوبائي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو ورتو. مهندر به سخت مقابلو ڪيو. پهرين ڏينهن شروعاتي چونڊ نتيجن ۾ مهندر ديو کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. پر پوءِ هيرا ڦيري جي “هنرمندي” ۾ ڪيرايو ويو. مهندر ديو ٽربيونل ۾ ويو. ٻه سال ڪيس هليو. پر ڪيس جو فيصلو اچڻ وارن ڏينهن م اسيمبليون معطل ٿي ويون.

عمرڪوٽ شهر جي ووٽن ۾ ڊاڪٽر هرچندراءِ “ڪنگ ميڪر” جي حيثيت رکندو هو. سيٺ ٽيڪم سا ڊاڪٽر هرچند راءِ جو وڏو حمايتي هوندو هو. ڊاڪٽر هر چندراءِ 1966ع، 1979ع، ۽ 1983ع ۾ ٽائون ڪاميٽي عمرڪوٽ جو ميمبر ٿيو. 1983ع ۾ ٽائون ڪاميٽي عمرڪوٽ جو چيئرمين چونڊيو ويو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ٽائون جي چيئرمين شپ دوران ڪيترائي ڪم ٿيا. جن ۾ صوفي شاعر روحل فقير جي نالي سان منسوب روحل بس اسٽينڊ عمرڪوٽ، پبلڪ پارڪ ۽ شهر جي مختلف ڳلين جا رستا شامل آهن.

1973ع ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي مخالفت ڪرڻ جي ڪري ڊي سي ٿرپارڪر سيد نور احمد شاهه تي دٻاءُ پيو ته “پبلڪ سيفٽي يا ٻي ڪنهن نموني جي ڪيس ۾ ڊاڪٽر هرچند ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو وڃي.” ڊي سي صاحب انڪوائري ڪري لکيو ته، “هي ماڻهو صاف سٿرا عزت وارا آهن. آئون انهن کي گرفتار نٿو ڪري سگهان. جيڪڏهن انهن کي گرفتار ڪرڻ ضروري آهي ته مون کي بدلي ڪرائي ٻي ڊي سي کان اهو ڪم ورتو وڃي.” ائين ڊاڪٽر ۽ سندس ساٿين کي ٻڌڻ وارو اهو معاملو ٽري ويو.

1974ع ۾ سنڌ حڪومت پاران “سنڌ صدين کان” جي عنوان سان پروگرام رٿيو ويو. ڊي سي ٿرپارڪر ۽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جي صدر هڪ مرڪزي ڪاميٽي جوڙڻ سان گڏ تعلقن جون سب ڪاميٽيون ٺاهيون. عمرڪوٽ جي ڪاميٽي ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ کي ميمبر طور کنيو ويو. سب ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ خاموش ويٺو رهيو، آخر ۾ ڪنهن ميمبر چيو ته ڊاڪٽر صاحب توهان ڳالهايو نه ٿا، پنهنجي راءِ ڏيو. ڊاڪٽر ٺهه پهه وراڻيائين ته “ڳالهين جي لاءِ توهان موجود آهيو، مون کي ڇڏيو ته آئون ڪم ڪري ڏيکاريان.” پوءِ ثقافتي شين کي ميڙڻ جي ڪم سان لڳي ويو. مختلف قسمن جا زيور، هنا پاکڙا، ارٽ، سڪا، ڀرت جا نمونا، رليون، ويس وڳا، برتن وغيره ڪٺا ڪيائين. جڏهن ميرپورخاص ۾ پروگرام ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب اتي ثقافتي شين جو شاندار اسٽال لڳايو. ڊاڪٽر صاحب جو اسٽال تمام گهڻو توجهه جو مرڪز رهيو. سائين غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ان وقت جي ثقافتي وزير پيار علي الانا تمام گهڻو ساراهيو.

ساڳي سال ۾ اهڙو ثقافتي ڏهاڙو صوبائي سطح تي ڪراچي ۾ ملهايو ويو. ضلع ٿرپارڪر مان ڊاڪٽر هرچندراءِ کي ثقافتي اسٽال لڳائڻ جي لاءِ چيو ويو. انهي اسٽال ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ ميرپورخاص واري اسٽال کان وڌيڪ سامان رکيو. هنرمندن جون تيار ڪيل شيون ۽ انهن کي گهربل سامان ۽ ثقافتي شيءِ جڙڻ جو سارو عمل بيان ڪري رکيو. ان وقت جي وفاقي وزير مولانا ڪوثر نيازي به نمائش جو دورو ڪري ڊاڪٽر صاحب کي جس ڏنو هو.

ڊاڪٽر هرچند راءِ ذاتي طور تي ڪوششون وٺي مختلف وقتن تي ثقافتي ميڙ به ڪوٺايا. ٿر جي تاريخ تهذيب، ٻولي ۽ ثقافت جو انسائيڪلو پيڊيا هو. 1986ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي خاص دلچسپي تي هن ميرپورخاص جي پوليس لائين جي گرائونڊ تي هڪ ماڊل ٿري گهر ٺهرايو. جنهن ۾ ٿر جي روزمره جي زندگي ۾ ڪم ايندڙ شيون رکيون ويون. وزيراعظم محمد خان جوڻيجي دنيا جي مختلف ملڪن جي سفيرن کي ماڊل ٿري گهر جو دورو ڪرايو. ڊاڪٽر هرچند راءِ سنڌالاجي جهڙي اداري جي خريدي ڪاميٽي جو ميمبر رهيو.[3] ٿر مان ثقافتي شيون خريد ڪرڻ ۾ هن وڏو سهڪار ڪيو. اهڙي طرح سنڌ ميوزم ۽ شمش العلماءَ عمر بن دائود پوٽا لائبريري جي سار سنڀال ڪاميٽي جو به ڊاڪٽر صاحب کي ميمبر بڻايو ويو. جتي به هن پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪيو.

ڊاڪٽر صاحب سنڌي، اردو، انگريزي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين جو ڄاڻو هو. ڍاٽڪي هن جي روح جو حصو هئي. هن ڍاٽڪي ٻولي ۽ ثقافتي شين نالن جي ڊڪشنري به تيار ڪئي پر اها اڻ ڇپي رهجي ويئي. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي به لکي. ڊاڪٽر صاحب جا خط به تاريخ جو اهم حصو آهن. مختلف ڪتابن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي اڀياس به لکيا.[4] پر اهي سڀ شيون اڻ ڇپيون آهن.

ڊاڪٽر هرچند راءِ کي زندگي ۾ سندس خدمتن جي مڃتا ۾ صدارتي ايوارڊ سميت مختلف ايوارڊ مليا. جن ۾ ايگريڪلچر اينڊ انڊسٽيريل ايگزيبيشن (1985ع) ٿرپارڪر ميلو ايوارڊ (1985ع) قائداعطم خدمت خلق ايوارڊ (1994ع) نشان لطيف ايوارڊ، ٻانهن ٻيلي ايوارڊ (1998ع) انٽرنيشنل والينٽري ڊي ايوارڊ (7-2006-8) سامي ايوارڊ (1994ع) پي ايس اي گولڊ ميڊل، ايجوڪيشن اينڊ ڪلچرل افيئر ايوارڊ (1998ع) روٽري ڪلب سگنيفڪشن اچيومينٽ ايوارڊ شامل آهن. صداري ايوارڊ 2007ع ۾ مليو.

ٿر جي ڳوٺ گوڌيار ۾ جوڌو جي مڪڙ کي ڊاڪٽر هرچند جي ماسي پرڻايل هئي، ماسي جي وفات تي ڊاڪٽر صاحب جو والد صاحب سائين گرڌاري ۽ امڙ تعزيت جي لاءِ جوڌو جي مڪڙ جي گهر ويا. سائين گرڌاري جو اڃان ڪو اولاد نه هو. اتي واپسيءَ ۾ سائين گرڌاري لال وندر جي لاءِ جوڌو جي کان پٽ گهريو. جوڌي جي پنهنجو وڏو پٽ ڪيشو لال سائين گرڌاري لال جي حوالي ڪيو. گرڌاري لال ڪيشو لال کي پڙهايو. نوڪري وٺي ڏني، شادي ڪرائي. ڊاڪٽر هرچند راءِ ۽ سندس ڀائرن ڪيشو لال کي سدائين پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهيو. سائين ڪيشو لال مٺڙيو ڀٽي ۽ ڀرپاسي جي تپن ۾ تعليم عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

1920ع جي زماني ۾ عمرڪوٽ ۾ هڪ پيٽ جي بيماري منهن ڪڍيو جنهن کي مقامي ٻولي ۾ ٻرهل سڏيو ويندو هو. ان بيماري سبب عمرڪوٽ مان ماڻهن جي وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي. سائين گرڌاري لال به عمرڪوٽ مان لڏي نيوڇور ۾ رهائش اختيار ڪئي. ڪجهه سالن کان پوءِ وري واپس عمرڪوٽ آيا. نيوڇور وارو گهر گهڻي وقت تائين سلامت رهيو. ان گهر جي ڀر سان اسڪول هوندي هئي. جنهن ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ پڙهيو هو. ان اسڪول کي جڏهن وڌيڪ پلاٽ جي ضرورت محسوس ٿي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پراڻي گهر جو پلاٽ اسڪول کي ڊونيٽ ڪيو.

سائين گرڌاري لال نه صرف مثالي استاد هو پر با اصول بيٽ آفيسر پڻ ٿيو. اسڪول جي وزٽ توڙي امتحانن ۾ ڪڏهن استاد ۽ ڳوٺاڻي تي وزن نه وڌو. پنهنجي کاڌي پيتي جو سامان گهوڙي تي گڏ هوندو هو. گهوڙي کي به ڪک ڪانا توڙي داڻو پاڻي پنهنجن پئسن جو خريد ڪري ڏيندو هو.

ڊاڪٽر صاحب جڏهن سرڪاري نوڪري شروع ڪئي، تڏهن سندس والد صاحب گرڌاري لال گرهستي جيون ڇڏي سنياس ڌارڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جي ڀيڻ لڪشمي ٻائي جي ڄڃ آيل هجي، ٻائي لڪشمي جي پارڻيت جي ٻي ڏينهن رهاڻ ۾ سائين گرڌاري اٿي بيهي چيو ته، آئون اوهان سڀني کي پرڻام ڪري پنهنجي زندگي بابت هڪ اهم اعلان ڪرڻ چاهيان ٿو. هاڻي منهنجا گرهست (گهرو ) فرض پورا ٿي چڪا آهن. هرچند راءِ روزگار لڳي ويو آهي. پنهنجن ڀائرن کي اڳتي پڙهائڻ توڙي ڀيڻن کي ساهرن مان ڪوٺڻ ۽ موڪلڻ جي سگهه رکي ٿو. گهر جي سرپرستي اڄ ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر هرچندراءِ جي حوالي آهي. آئون سنياس ڌارڻ ڪريان ٿو. ڊاڪٽر هرچند راءِ پنهنجي والد صاحب جو اهڙو اعلان ٻڌي پهرين ته ڏاڍو پريشان ٿي ويو. پر پوءِ دل جهلي اٿي بيهي هٿ جوڙي والد صاحب جون ڏنل ذميواريون قبول ڪيائين.سائين گرڌاري لال سنياس جي زندگي ۾ پرلوڪ پڌارڻ جو اطلاع ڏيندي امراڻي جي معزز شخصيت سوڍي آئيڏان سنگهه چيو ته، “ڊاڪٽر صاحب منهنجو روحاني پتا پرلوڪ پڌاري ويو. “اهو چوڻ سان سوڍي جون اکيون بڊي جي بادل جيان برسي پيون.

ڊاڪٽر هرچند راءِ جي سيني ۾ دلير دل ڌڙڪندي هئي. هن جي ٻانهن ۾ رڻ کيتر جي سپاهين جهڙو ٻل هو. 98 سالن جي عمر به هن کي هيڻو نه ڪري سگهي. هن آخري گهڙي تائين پاڻ کي ڪڏهن نٻل، ويچارو ۽ ويڳاڻو محسوس نه ڪيو. هن کي ڏسي سائين راشد مورائي جون سٽون ياد اينديون هيون.

ڪي ڪي ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي ذهني طور لڳن ٿا پوڙها
ڪي جهور جهان ۾ آهن، جن جا جذبا جوان لڳن ٿا.

ڊاڪٽر صاحب کي مارئي جي ڪردار سان پنهنجائپ ۽ اڪير هئي ته عمر جي انصاف جو قدر هو. عمر بادشاهه هجڻ باوجود مارئي تي ڏاڍ نه ڪيائين. مارئي جو ست سلامت رهيو. هن علي احمد بروهي کي گهرائي عمرڪوٽ ۾ هڪ پروگرام ڪرايو، جنهن جو موضوع هو، “مارئي پئي ملڪن ۾ ڳائجي، عمر ڇو نه!”

ڊاڪٽر صاحب علي احمد بروهي وانگر سچ چئي ڏيندو هو. ڊاڪٽر صاحب جا سچ گوگفتا ڳوٺن ۾ مشهور آهن. هڪ دفعي سياسي اختلافن تان ڊاڪٽر صاحب کي موتمار ڌمڪيون مليون ته، ڊاڪٽر صاحب مرڪي ڌمڪي ڏيندڙ کي چيائين ته اڳ ۾ آئون ڪمري ۾ سمهندو آهيان، هاڻي ٻاهر گھٽي جي ٿلهي تي سمهندس. ڊاڪٽر صاحب جو هڪ دوست 70 جي ڏهاڪي ۾ لک جي قريب پئسا اڌارا وٺي ويو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اڌارا پئسا وٺي ويندڙ دوست جي دل ڦري، پئسا ڦٻائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڏانهن وڃڻ ڇڏي ڏنائين. ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ هن پنهنجي دوست کي ملڻ جي لاءِ نياپو ڪيو، نه چاهيندي به دوست کي نياپي تي اچڻو پئجي ويو. پئسا به گڏ آندائين. ڊاڪٽر صاحب پئسا وٺڻ جي بدران دوست کي چيائين ته تو انهن پئسن جي ڪري مون سان ملڻ جو تعلق ختم ڪري ڇڏيو. آئون انهن پئسن کي ڇا ڪريان! ؟ اهي پئسا جن جي ڪري دوست جو من ڦري وڃي پوءِ پئسن جي دستي روپيو روپيو ٿي ويئي پر هن اڏول انسان انهن پئسن کي هٿ نه لاٿو.

سڀ ۾ پرين پسڻ واري ڊاڪٽرهرچنداراءِ جو عقيدو ويدانتي پنٿ سان هو. هو پنهنجي ڌرمي عقيدي موجب صبح جو اٿي ويدن جا منتر پڙهندو هو پوءِ يگيه ۽ هون ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي پهرين ڪچهري الياس ٿري سان گڏ ٿي هئي ڪافي موضوع کليا هئا. پر اي بي آريسر ۽ مون ڊاڪٽر صاحب سان هڪ دفعي دنيا جي مختلف ڌرمن تي ڀرپور ڪچهري ڪئي. هُو ڌرمي فلاسافر جيان هر سوال جو جواب ڏيئي رهيو هو. مون کي ائين لڳو ته، آريائي دور جو رشي نئين روپ ۾ صحرا جي ڀٽ تي اچي پهتو آهي. آڳاٽن رشين جيان سنڌ هن جي روح ۾ سمايل هئي. سنڌ هن جي رڳن ۾ رت جو روپ هئي. هن ڪڏهن سنڌو ماتا کان منهن نه موڙيو؛

ماتا تو کان منهنڙو موڙي، ڪيئن رهندس آنءُ
سنڌڙي، مان ته سڃاپان ئي تنهنجيءَ نسبت ساڻ !

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي والد صاحب جيان عمر جي آخري حصي ۾ سنياس وٺڻ ٿي چاهيو، پر شهر جي چاهيندڙن ائين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. پر پوءِ به هن پنهنجي گھر کي رين بسيرا، جي جاءِ وانگر ڏٺو؛

ماٽي چن چن ڪي محل بڻايا، مورک ڪهي گھر ميرا
ناهي گھر ميرا، ناهي گھر تيرا، ديا جهنگل ۾ هي ديرا

پيرسائين پاڳاري شاهه مردان شاهه راشدي صاحب سان ڊاڪٽر هرچند راءِ جي دلي عقيدت هئي. 1989ع ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ کي جڏهن ڌاڙيلن اغوا ڪيو تڏهن پيرسائين پاڳاري صاحب ڊاڪٽر جي بازيابي لاءِ خاص طور دلچسپي ورتي هئي. ڊاڪٽر صاحب جي بازيابي لاءِ ٿرپارڪر جي ان وقت جي ڊي سي نثار احمد صديقي صاحب جون انتظامي سطح تي ورتل ڪوششون ساراهه لائق آهن. عوامي دٻاءُ پڻ وڏو اٿيو هو.

تعلقي عمرڪوٽ جي هر سياسي سماجي خاندان سان ڊاڪٽر هرچند راءِ جو پنهنجائپ جو تعلق رهيو. سڀ ڊاڪٽر هر چندراءِ جو مان رکندا هئا. عمرڪوٽ شهر جا ماڻهو کيس “ٻاء” سڏيندا هئا.[5]راڻي چندر سنگھه سان سياسي لاڳاپن جي لاهن چاڙهن باوجود سماجي طور تي ڊاڪٽر صاحب جو گھاٽو تعلق جڙيل رهيو. ٻنهي خاندانن پاڻ ۾ “ڌرميلي” جو دستور پوري ريت نڀايو. راڻي چندر سنگهه جي پرلوڪ پڌراڻ کان پوءِ راڻي همير سنگھه سدائين ڊاڪٽر صاحب جي مان مرياده رکي. ڪنور ڪرڻي سنگھه ڊاڪٽر صاحب جي وڇوڙي تي آخري سفر ۾ “پيرين اڀراڻو” شامل ٿي پيڙهين جي تعلق کي اجاري اڇو ڪيو.

کاروڙي ۽ کيجراڙي جي ساڌاتن، ۽ ناري جي نواب پلي ڀائرن ۽ ٽالپرن جي ڊاڪٽر صاحب سان پريم ڀاونا مثالي رهي. نواب يوسف ٽالپر وقت به وقتن ڊاڪٽر صاحب سان رهاڻيون رچائيندو رهيو. مٺي جي ملاڻي خاندان ۽ پروفيسر شيام داس جوشي سان ڊاڪٽر هر چند راءِ جيءُ جو رشتو جوڙي رکيو هو. جڏهن به ڊاڪٽر صاحب جو مٺي اچڻ ٿيندو هو ته شيام داس سان ضرور ملندو هو. ڊاڪٽر صاحب جنهن به ڪردار ۾ اعليٰ انساني ڪردار ڏسندو يا ٻڌندو هو، هن کي اتساهيندو هو. مٺي جي منفرد ڪردار حاجي محمد دل جو پروفائيل اخبار ۾ پڙهڻ سان ڊاڪٽر صاحب مٺي ملڻ آيو هو.

ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم مولانا نعمت الله صاحب ڪراچي کان جڏهن عمرڪوٽ ايندو هو ته ڊاڪٽر صاحب سان ضرور ملندو هو. سپر اسٽار بيسٽ مين سعيد انور عمرڪوٽ آيو ته فروٽ ۽ مٺائي جو تحفو کڻي ڊاڪٽر صاحب هُن سان ملڻ ويو.

ڊاڪٽر صاحب جي مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب سان وڏي نيازي مندي هوندي هئي. جمالي صاحب ۽ ڊاڪٽر صاحب جون پاڻ ۾ ڪچهريون ٻڌڻ جھڙيون هونديون هيون. ڊاڪٽر صاحب جي پر لوڪ پڌارڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جي پهرين ورسي جي صدارت مولانا جمالي صاحب ڪئي. ان موقعي تي مولانا صاحب آفاقي دعا گھري هئي.

ڊاڪٽر هرچند راءِ جي لاءِ مشهور آهي ته هُو مزاج ۾ سخت هوندو هو. مريضن کي ڏنل دڙڪن ۽ لطيفن جو وڏو داستان آهي. پر ويجھڙائپ ۾ رهندڙ ساٿين جو چوڻ آهي ته هُو من جو ملائم پڻ هو. سماجي روين جي ڪڙاڻ کي هن ڏاڍو برداشت ڪيو. درد مند دل جي قرار جي واسطي بي قرار رهندو هو. هن خزان نصيب زندگي جي لاءِ بهار ڳوليو هو. هن پنهنجي هستي مات ڪري ٻين کي مسرور بڻايو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ ڪيترن ئي شاگردن کي پڙهائي ۾ معاشي مدد ڪرڻ سان گڏ حوصلو ڏنو. ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار وٺي ڏنو. ڪيترن ئي نوجوانن جي تربيت ڪئي.

سنڌ جي نامور اديب سائين وليرام ولڀ ڊاڪٽر هر چند راءِ کي “ڀيشم پتامهه”، سڏيو آهي. وليرام ولڀ کي جڏهن صدارتي ايوارڊ مليو ته ڊاڪٽر صاحب نه صرف هلي وڃي کيس مبارڪباد ڏني پر وليرام جي مان ۾ عمرڪوٽ ۾ هڪ پروگرام پڻ رکيو.

ڊاڪٽر صاحب سوٽهڙ قبيلي ۾ جادم ونس جي راجا تنو ڀاٽي جي اولاد مڪر عرف مڪڙ/ماڪڙ جي نک سان تعلق رکندڙ هو. پر هن”جانگڙ براهمڻ”جي متي کي به گھڻو پڙهيو هو. ننڍي کنڊ جي هن هنرمند جاتيءُ جي ڀلائي ۽ بهتري جي لاءِ ڊاڪٽر هر چند راءِ هر طرح واهر ۽ وسيلو ٿي بيٺو. هن علائقي سان گڏ پنهنجي ڪميونٽي ۾ به سياسي سگھه پيدا ڪرڻ جي لاءِ وڏا جتن ڪيا.

ڊاڪٽر صاحب منهنجو مربي ۽ محسن هو. جڏهن به ڊاڪٽر صاحب سان منهنجو ملڻ ٿيندو ته مون کي ڳل ڳراٽڙي پائي پنهنجن ٻاجھارن هٿن سان آسيس ڏيندو هو. چيلهار مان ڪو مريض ويندو هو يا ڪوئي عزيز ڊاڪٽر منهنجو ضرور پڇندو هو. ڊاڪٽر صاحب مختلف وقتن تي مون ڏانهن خط به لکندو هو. سچ اهو آهي ته ڊاڪٽر صاحب جھڙو نيڪ شخص ٻين ۾ نيڪين جي تلاش ڪندو هو.

ڊاڪٽر صاحب منهنجي هڪ لوڪ ادب واري ڪتاب،گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا” جو تفصيلي تنقيدي اڀياس لکيو.

عمر جي آخري ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب مون تي اهو ڪم رکيو هو ته، ٿر ۾ ڳائجندڙ همرچي جا قسم گڏ ڪري موڪل، ڊاڪٽر صاحب کي 98 سال جي عمر ۾ به همرچي جي تانگھه هئي.

مون ڊاڪٽر صاحب جي لاءِ همرچي جا مختلف رنگ ميڙيا پر روايت سستي سبب موڪلي نه سگھيس. ۽ ڊاڪٽر صاحب 4 مارچ 2013ع تي هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو.آخري سفر ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ جا هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا پر آئون رولاڪ شخص شامل نه ٿي سگھيس.

چو طرف سُڃ خزان ٿي، نيڻن نهار تائين.
افسوس هُو نه آيو، راشد مزار تائين

منهنجي اکين ۾ اڄ به ڊاڪٽر هر چند راءِ جو متحرڪ روپ آهي. تصور ۾ اڄ به هُڙڪ هرچند راءِ آهي. جيڪو هُڙڪ هلڻ جو سڏ ڏيئي رهيو آهي.

هڙڪ هلو، ڌيما هلو،

پنڌ پري هو،

ڪير ڪري هو،

واٽ اواٽي،

ڏيل ڏري هو،

پو به پرينءِ جو پنڌ ڀلو هو،

هڙڪ هلو، ڌيما هلو. (شيخ اياز )

__

[1] روزاني ڪاوش رين بسيرا جو راڻو 7 مارچ 2013

[2] انمول انسان جي امر ڪٿا، سهيڙيندڙ مهندر ديو، ص 58

سنڌ الاجي کي ڊاڪٽر صاحب جي نالي هڪ ڪارنر قائم ڪرڻ گهرجي. [3]

 منهنجي ڪتاب ‘گيت سانوڻ من ڀاوڻ جا’ جو به تنقيدي جائزو ورتو هو. [4]

ٻاء؛ راجپوتي ثقافت ۾ پيءُ جي وڏي ڀاءُ کي ٻاء سڏيو ويندو آهي. [5]



سائين محمد رحيم نهڙي


ٿر ۾ راڄ نيتي جو مثالي ڪردار، شاعر ۽ استاد

سائين محمد رحيم نهڙي

ٿر جي نامور استاد، لوڪ ادب جي ڏاهي، شاعر، راڄ نيتي جي مثالي ڪردار سائين محمد رحيم نهڙي 16 فيبروري 1918ع تي ٿر جي تاريخي ڳوٺ ڀوريلو ۾ مينهل نهڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ 02 جنوري 1936ع تي پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ نوڪري ورتي. سائين محمد رحيم ڳوٺ مٺڙيو چارڻ، پاڻهاريو، سامي ويري، ننگرپارڪر، موڏور، اڪليون ۽ پنهنجي ڳوٺ ڀوريلو ۾ مختلف وقتن تي پڙهايو. 15 فيبروي 1976ع تي ڀوريلي جي اسڪول مان رٽائر ٿيو. سائين محمد رحيم جا ٿر ۾ ڪيترائي شاگرد آهن. جن اعليٰ رتبو ماڻيو آهي.

ڀوريلو ۽ ڀر جي ست راڄي ۾ سائين محمد رحيم جو ڪڙم خانداني پٽيل رهيو آهي. پوري ٿر ۾ نهڙي قبيلي جي هن نامدار خاندان جي راڄ ڀاڳ، ريت رسم، علم ادب، لوڪ ڏاهپ، سچائي، سورهيائي ۾ ناموس رهي آهي. سائين محمد رحيم جو والد صاحب مينهل ۽ چاچو سخي محمد پنهنجي دور جا ڏاها، سگهڙ سياڻا، مخلص، ونڪا سور وير ها. سائين محمد رحيم جي تربيت ۾ سخي محمد جو وڏو ڪردار هو. سائين محمد رحيم ست راڄي ۾ راڄ نيتي جي ريت باقائده هلائي ڏيکاري. لوڪ جا چتر ڀوريلو ۽ ڀر وارا راڄ کي ڏسي چوندا هئا ته ڀٽائي اهڙي راڄ جي لاءِ چيو آهي ته:

محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو،

تن جي ويڙهي، پاڻهي ايندو پاتشاهه.

پاڻهاريو جو مولوي ونهيو ۽ پيرو فقر ساند، موڏور جو وسايو، اڪليون جو ابراهيم سميجو. ڀوريلي جا سائين کيتارام مينگهواڙ، سائين عبدالڪريم نهڙي، سائين محمد اسحاق نهڙي، محمد آدم نهڙي، راڻو مل مهيشوري، لونگجي سوڍو ۽ سندس پٽ ڀارجي ويجها ساٿي رهيا. جن سان سائين روح رهاڻيون ڪيون. جن جي ساٿ سان راڄ ڀاڳ جا فيصلا ڪيا. سائين محمد رحيم راڄوڻي فيصلي ۾ سمورن جي راءِ وٺي، ڳالهه کي توري تڪي پڇا ڳاڇا ڪري پوءِ نبيرو ڪندو هو.سوڍو ڀارجي سائين محمد رحيم جو هم عمر هو، جڏهن ته لونگجي وڏو هو، پر سائين محمد رحيم جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. ساڏور سوڍن جي ٻارنهن تڙن جي راڄ مڙسن ۾ ڳڻيو ويندڙ لونگجي سوڍي جي راڄ ڀاڳ جي فيصلي يا رهاڻ راس ۾ کٽ کڄي ايندي هئي ته، ان کٽ تي لونگجي سان گڏ صرف سخي محمد ۽ سائين محمد رحيم کي ويهڻ جي اجازت هوندي هئي.

ٿر جو هاڪارو تاريخ نويس سائين رائچند هريجن سائين محمد رحيم جو دوست هو، سائين رائچند ‘تاريخ ريگستان’ ۾ ‘ٿر جو شعر ۽ لوڪ ادب’ جي عنوان تحت مضمون ۾ هارون لنڊ، ڪانهي مينگهواڙ، حاصل فقير، علي بخش نهڙئي جي شعرن سان گڏ سائين محمد رحيم جو شعر ڏنو آهي.

سائين محمد رحيم جا ڪيترائي واقعاتي شعر ملن ٿا. سائين محمد رحيم جو شعر لوڪ ڪچهري جي وکر ۾ مشهور رهيو آهي. تن ۾ ‘ٻلي ۽ ماستر’، ‘چونئرو ۽ ماستر’، ‘ٿاني ۽ جيوي سيٺ جو جهيڙو’ ۽ ٻيا شعر شامل آهن. ‘چونئرو ۽ ماستر’ وارو شعر دلچسپ آهي. سال 1943ع ۾ سائين محمد رحيم، ننگرپارڪر جي ڳوٺ پاڻهاريو جي اسڪول ۾ پرائمري استاد هو. اتي ننگرپارڪر جي لهاڻي موهن جو چونئري ۾ دڪان هو. موهن اهو دڪان ڇاڇري جي مهيشوري کي وڪڻي ڏيئي پاڻ ننگر ۾ وڃي دڪان رکيو. پاڻهاريو وارو دڪان مهيشوري سنڀاليو. ڪجهه مهينا گذرڻ سان دڪان واري چونئري ۾ ڏار پئجي ويا. اڱڻ ٽٽي ٻه اڌ ٿي پيو. چونئري جي اجڙيل حالت ڏسي شعر چيو، جنهن ۾ چونئري ۽ ماستر جي ڳالهه ٻول آهي:

چونئرا ڳالهه چست مان، ٻڌا ساري حال سڀن،

ترڪن تو ۾ ترورا ۽ لامون لس لڏن

اڱڻ ڀڄي ٻه اڌ ٿيو، منجهه واريون روز وسن،

ڪري پيا ڪومائجي، ڪيو ڇيهه ڇنن

هاڻي ڪتا انهي ڪست مان اڏاڻا اچن

کڏون کوٽيو خوشي سان واندا ٿيو ويهن

سڻا دوست دواسن، حقيقت هن حال جي

_

حقيقت ڇا ٻڌايان، مان کي پل پل پور پون

دردن منهنجي دل تي، ڪيو سانگهيڙو سورن

سمجهي وڃو سنڌي ۾، ڪري هوش هيئن

اڳي نصيب هو نر جو جيڪو مليو هو موهن

ڇو ڇڏي ويو ڇپر ۾ ڪري سڃن صفن

ماستر اچيو هن ڳالهه جو مون کان حال پڇن

هاڻي پوي ڪهل ڪراڙن، جو اڏي آڻين اوج تي.

سائين محمد رحيم لوڪ ڪچهرين ۽ راڄ نيتي جي روح پرور پروش ڪندي 29 آڪٽومبر 1992ع تي هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو. سائين محمد رحيم جي اولاد ۾ ٽي پٽ سائين محمد منٺار، دوست محمد، علي محمد ۽ ٻه نياڻيون آهن. سائين محمد منٺار ۽ سائين علي محمد پرائمري استاد رهيا آهن. سائين محمد منٺار نامور سگهڙ، شاعر ۽ راڄ نيتي جو ڏاهو ۽ ليکڪ آهي. سياسي سماجي طور تي ٿر جي سرگرم شخصيتن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سائين محمد منٺار سنڌ جي سماٽ قبيلي جي تاريخ تي وڏي دسترس رکي ٿو. هن سماٽ قبيلي جي تاريخ تي وڏي جاکوڙ ڪري هڪ تحقيقي ڪتاب تيار ڪيو آهي. سائين محمد منٺار لطيف سائين جو وڏو پارکو آهي. هن شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ٿري ٻوليءَ جا لفظ ۽ محاورا جي موضوع تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. سائين محمد رحيم وانگر ٿر جي لوڪ ادب جي وڏي ڄاڻ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران چيلهار ۾ راقم الحروف جي اوطاق تي سگهڙن جي ڪچهري رکي سائين محمد منٺار جي لوڪ شعرن، ڳجهارتن ۽ پرولين کي رڪارڊ ڪيو آهي. دوست محمد جو مالداري ۽ مائٽاڻي زمين سنڀالڻ سان شوق رهيو آهي. دوست محمد وٽ سدائين بهترين نسل جو چوپايو مال رڍون ٻڪريون، ڍڳيون ۽ اٺ رهيا آهن. دوست محمد جو پٽ غازي خان نهڙيو ٿر جو بيباڪ صحافي آهي. علي محمد صحافت سان به ڪجهه عرصو واڳيل رهيو. علي محمد جو پٽ عابد الماس نهڙيو، ٿر جو برجستو شاعر آهي. 

سائين محمد رحيم ۽ سندس چاچي سخي محمد کي راڄ جي رکوالي جو ڳڻ ورثي ۾ مليو هو. ٿرجي ڏکين حالتن ۾ چاچي ۽ ڀائيٽي راڄ ڀاڳ جي هر طرح حفاظت ڪئي. چوري چڪاري تي بيباڪي سان واهر ڪري سامان واپس ڪرائي چور ۽ ڪاٽڪو کي سخت سزا ڏيئي راڄ جي ماڻهو جا هر ويلي پرگهور لڌي. انهن جو اولاد به اهوئي راڄ نيتي وارو ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو.

سائين محمد رحيم جي گهر واريءَ امان سليمت سگهڙ سياڻي ۽ ايمانداري جو مثالي ڪردار آهي. ڀوريلي جي ساڏور سوڍن ۾ وينجهي سوڍي 1971ع جي جنگ دوارن لڏڻ وقت سون جا يارنهن ٽول ڪپڙي ۾ ويڙهي امان سليمت کي امانت طور ڏنا. امان سليمت سنڀالي رکيا. 2014ع سائين محمد منٺار پاڙيسريءَ ملڪ ۾ وسندڙ وينجهي جي اولاد کي نياپو ڪري امانت کڻي وڃڻ جو چيو. وينجهي جو پٽ ويزا ذريعي ڀوريلي آيو. جنهن کي سائين محمد منٺار امان وٽ رکيل امانت ساڳي پراڻي ڪپڙي ۾ ويڙهيل آڻي ڏني. ٽيهارو لک جي ماليت واري امانت ائين سنڀالي ڏيڻ واري ڳالهه جي ٿر جي راڄن ۾ گونج ٿي ويئي. هر ڪنهن جس ڏنو. 



مراد فقير


مٺڙو راڳي

مراد فقير

مٺي جي خميسي مڱڻهار جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مراد فقير جو جيترو آواز مٺو هو، ايترو ئي راڳ جو هُو ڄاڻو هو. پر هن جي ذات ۾ ڪٿي ٺٺ ٺانگر ۽ پاڻ پڏائڻ جو رويو نه هو. هن درويش دل راڳي سدائين‘هٿ جوڙ’ جي روايت ۾ رهي راڳ جي خدمت ڪئي.مراد فقير ٿر ۾ ملهار ڳائي مينهن وسايو هو ته ديپڪ راڳ ڳائي راڳ جي آڳ ۾ پاڻ جليو هو. مراد فقير جا گيت ٻڌي محسوس ٿيندو آهي ته موسيقي جي ميدان ۾ لال ڪيئن لڇندا آهن. 

مراد فقير جو ڏاڏو جانو پنهنجي دور جو بهترين راڳي هو.مراد فقير ٻارنهن سالن جي ڄمار ۾ موسيقي جي فن جي بنيادي سمجهه پنهنجي گهر ۾ پرائي هئي. پرائمري تعليم پاس ڪري پيتي(هارمونيم) وڄائڻ سکيو هو. نوجواني ۾ پير رکندي شادي مرادي جي محفلن ۾ باقاعده ڳائڻ لڳو هو ۽ پر هن جي نالي جي گونج تڏهن ٿي جڏهن هن خانصاحب خير محمد ۽ خانصاحب اميد علي خان وٽان راڳ جي سکيا وٺي ڳائڻ شروع ڪيو.

مراد فقير جو فن پروان چڙهڻ جو پهريون ڏاڪو مير محمد بخش ٽالپر پاران ڀالوا ۾ لڳايل مارئي جو ميلو ثابت ٿيو. ميلي ۾ مراد فقير اهڙو ڳايو جو راڳ جي فن جو ڄاڻو ريڊيو پاڪستان جو پروڊيوسر غلام حسين شيخ متاثر رهي نه سگهيو. هن مراد فقير کي ريڊيو تي اچڻ دعوت ڏني. ڪجهه ڏينهن رکي. مراد فقير ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پهتو.آڊيشن جي ڪارروائي کان پوءِ هن ريڊيو تي پنهنجو پهريون ڪلام رڪارڊ ڪرايو. ريڊيو جي لهرن وسيلن مراد فقير جو آواز پوري سنڌ ۾ پهتو. وڏي مڃتا ملي.عبدالڪريم بلوچ پڻ مراد فقير جا ريڊيو تي مختلف وقتن تي ڪلام رڪارڊ ڪيا. پر جيڪا شهرت مائي ڀاڳي سان گڏ ڳايل گيت ’چرمي’ تي ملي اهڙي ٻي ڪنهن گيت تي نه ملي. ‘چرمي’ مراد فقير ۽ مائي ڀاڳي ٻنهي کي ملڪن ۾ مشهور ڪري ڇڏيو.

مائي ڀاڳي مراد فقير جي شاگردياڻي هئي. مراد فقير جي شاگردن ۾ موهن ڀڳت، ڀڳت صالورام، ٻڍو فقير، مصري ڏيپلائي ۽ ٻيا شامل آهن. مٺي ۾ آچار خان بجير، منسک سونارو، آسن داس سوٽهڙ، مکي لکميچند جي اوطاقن تي مراد فقير کي مهانتا ملندي هئي. اڃان دل چوندي هئي ته روشن آباد سيد عباس علي شاهه جي اوطاق هليو ويندو هو. مراد فقير سيد عباس علي شاهه جي اوطاق جو راڳي ٿي ڳائيندو هو. راڳ سان دلچسپي رکندڙ ٻيا مختلف اوطاقن جا ڌڻي مراد فقير کي گهرائي محفلون مچائيندا هئا. تن ۾ مير بخش دٻاڙي وارو، سائين جي ايم سيد، ڄام صادق، پير غلام رسول شاهه جيلاني به شامل آهن. ڄام صادق جي ڳوٺ ۾ ڄام ڪرن جي شادي جي محفل مراد فقير ڳائي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو به ان محفل ۾ شريڪ ٿيو هو. ميلن جي محفلن ۾ سخي جان محمد جي ميلي ۽ ساماري لڳ رام جاڳو جي ميلي جي محفل ڪڏهن وساري نه سگهيو.

مراد فقير کي ٻه پٽ ڏاڙهون ۽ الهبچايو ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو. ڏاڙهون سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿيو آهي. الهبچايي موسيقي ۾ هارمونيم وڄائڻ جو فن اپنايو.مراد سازن تي ساٿ ڏيندڙن جو وڏو خيال رکندو هو. سارنگي تي الهڏنو فقير، پڪواس تي سومار فقير، سرندي تي محمد هوندو هو.

مراد فقير دل جو سچو ۽ مخلص شخص هو. پوري زندگي محبت ونڊيائين. ڪوڙ، ڪلفت ۽ ڪينو هڪ پل جي لاءِ به هن جي دل ۾ نه آيو. مالڪ جي بندگي ۾ سر جهڪائي سڀ جو خير گهرندو هو. چون ٿا ته مراد فقير محفل ڪمائي جڏهن موٽيندو هو ته پنهنجي ڀائرن کي اولاد جي لاءِ ڪپڙا، اوڍاڻيون ۽ ميوات وغيره وٺي ايندو هو. جيڪي هڙ ۾ هوندا هئا اهي خاندان تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو. هن ڪڏهن چار پئسا بچائي نه رکيا. توڪل تي سندرو هوندو هو. ڪپڙي لٽي سدائين تيار رهندو هو.

مراد فقير ٿر جي ڀٽن کي پيار سان تڪيندو هو. مارئي جي ڪردار سان هن جي محبت هئي. ڀالوا جي ڀٽن جو ڀرم ميڙي ڳائيندو هو ته؛

‘مارئي مارن لئه روز ٿي سڪي..........’

مراد فقير جا تمام ٿورا ڪلام رڪارڊ تي رهي محفوظ ٿي سگهيا. صحرا جي هوا هن جي ڪيترن ڪلامن کي جهٽي نيري آڪاش جي نو لک تارن جي نذر ڪري ڇڏيا.

مراد فقير جي خاندان ۾ رجب فقير راڳ جي رهاڻ جي تسلسل کي قائم رکيو آهي. رجب فقير الهبچايي جو پٽ ۽ مراد فقير جو پوٽو آهي. رجب فقير استاد شفيع فقير کان راڳ جي سکيا وٺي مراد فقير جي نالي سان منسوپ سنگيت اڪيڊمي قائم ڪري پويان ايندڙ ٽهي کي راڳ جو فن سيکاري رهيو آهي. رجب فقير پنهنجي ڏاڏي وانگر راڳ کي روح ۾ سمايو آهي. راڳ جي سمورين شڪتين کان آگاهه آهي. رجب فقير ڪڏهن بازاري شاعري ڳائڻ جو هوڪو نه ٿيو آهي. هن سدائين معياري شاعري ڳائڻ جي عاشقي ۾ پنهنجو سگهارو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن جي راڳ جي فن سان گڏ خيالن جي خوبصورت چونڊ کي ٻڌندڙ جي دل بي اختياري سان ساراهيو آهي. اسڪولي زندگي ۾ شنڪر ساگر ۽ موسيقي جي مانڊاڻ ۾ استاد شفيع فقير جي تراشيل هيري ۾ شهرتن جي آڀ تي ستارو بڻجي چمڪڻ جون سوين صلاحتون موجود آهن. توڙي جو هن کي ايترو وقت نه مليو آهي. پر هن مختصر وقت ۾ پنهنجي محنت ۽ نهٺائي ۽ نماڻپ سان ڪلا جي جلا کي جرڪائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي.

مراد فقير وانگر هن جي فن جو سرچشمو محبت آهي. محبت جي متوالي سنڌ مراد فقير کان رجب فقير ڳائڪي ۾ پيڙهين تسلسل کي بي مثال سنجيدگي سان داد ڏيئي رهي آهي. منهنجو پهريون غزل‘ هن جون مرڪون ڄڻ مالهائون’ مراد فقير جي پوٽي رجب فقير من موهيندڙ آواز ۾ ڳايو آهي. جنهن کي ٻڌندي منهنجي هانءُ عشق جي منفرد هڳاءُ ۾ ويڙهجي ويندو آهي.

ٿر جي نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ استاد نصير ڪنڀار مراد فقير تي تحقيقي مضمون‘ ايئي چرمي رو بلالي سين هيج ’ لکيو آهي. جنهن ۾ نصير ڪنڀار ڏاڙهون فقير جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ؛ ‘مراد فقير 40 سالن جي ڄمار ۾ ذهني توازن وڃائي ويٺو مون انهي سلسلي ۾ ڏاڙهون کان معلوم ڪيو ته چيائين جيمس آباد ۾ هڪ محفل ٿي جنهن ۾ بابا ڳايو، آئون به ساڻس گڏ هئس. انهي رات بابا کي رت جي الٽي آئي ۽ اسين جتي ترسيا هئاسين انهيءَ کان ڪجهه پنڌ تي قبرستان هو. انهي رات کان پوءِ بابا جو ذهني توازن ٺيڪ نه رهيو’[1]

مراد فقير جي وارثن ڪافي علاج ڪرايو پر هي سٻاجهو راڳي صحتياب نه ٿي سگهيو. 50 سالن جي ڄمار ۾ 18 مئي 1977ع تي ديپڪ راڳ تي هن جي دل ڇا اٿي؟ وڃي کوهه ڀريائين.

 ___

[1] ٿرديپ سماچار ئ



ڄام خان خاصخيلي


نياز نوڙت ۽ راڄ نيتي جو مثالي ڪردار

ڄام خان خاصخيلي

پارڪر جي پٽ ۾ جن ڪردارن جون جيون ڪهاڻيون باک جي لاک رتي لوئي جيان چمڪن ٿيون تن ۾ ڄام خان خاصخيلي جهڙو نهٺو، نماڻو ۽ لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻو انسان به شامل آهي.جنهن کي پارڪر جي تاريخ، تهذيب ۽ روايتن جو پورو احساس هو. هن پوليس کاتي ۾ رهي حسن، نيڪي ۽ خير ۾ پنهنجو نالو ٺاهيوهو.

ڄام خان جاوڏا ڳوٺ سامي ويري جا ويٺل هئا پر هن پنهنجي ڀائرن ۽ عزيزن سان گڏجي ويراواهه کان ٽي ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ ڪاري ڏهري جي آثارن جي ڀرسان ‘ڄام خان جو وانڊيو’ نالي پنهنجو ڳوٺ آباد ڪيو. جتي رهاڻ رس ۽ محبتي مانڊاڻ جا ميڙا اهڙي ريت مچائي رکيا. جو اڄ جي جديد دور جي ڪوين به پنهنجي ڪوتا ۾ بي اختيار ڳايو آهي. ناميارو ڪوي خليل ڪنڀار چوي ٿو ته ؛

ڄام خان جي اوتاري ۾
مون لئه تازي چانهه چڪي آ

ويراواهه جي ڪوٽڙي جي وير سوڍي اڀيسنگهه سان هن جي دل جو ڌرميلو هو. پرديس ۾ به اڀيسنگهه ڄام خان جي صحبت جا ڏينهن سنڀاري راجپوتي رهاڻ ۾ ڪاري غنودي ڪڻڪي واپرائڻ کان اڳ ۾ سورٺيي دوهي ۾ دانهن ڪندو هو ته ؛

جام خان جهار، وهيلا ڏيجو وانڍئي ۾
اڀيسنگهه اڀيار، روتو ڏيکيو راجيا.

ڪچهرين جا ڪوڏيا چون ٿا ته ڄام خان جو والد جمعون خان به پنهنجي دور جي انوکي ڪهاڻي هو. ڳوٺن ۾ ڳالهيار جمعي خان جو قصو کڻندي ائين چوندا آهن ته، ‘هي انگريز دور جي ڳالهه آهي ته هڪ ڀيري ڳوٺ سامي ويري جي ريل ۾ چارڻ ڏان گهرندي صدا هنئي ته اهڙو ڪو سخي آهي، جيڪو سنجن سوڌو سينگاريل نو لکي گهوڙو ڏان ۾ ڏي. چارڻ جي صدا تي پوري راڄ ۾ ماٺ ڇانئجي ويئي. مڙني کي ماٺ ۾ ڏسي هڪ خاصخيلي نوجوان نڪري نروار ٿيو جنهن اچي چارڻ کي ڏان ۾ سنجيل گهوڙو ڏنو. اهو نوجوان هو جمعو خاصخيلي. جنهن کي چارڻ ڪوتا ۾ ڳائي سخاوت تي خان جي لقب سان نوازيو. جمعون خان پنهنجي راڄ جي ٻين ڳوٺاڻن جيان پوليس کاتي ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيو. پوليس کاتي ۾ مختلف هنڌن تي نوڪري ڪندي جمعون خان جهڏي بدلي ٿي آيو ته اتي هن جي درويش سمن سرڪار سان صحبت لڳي. سمن درويش پنهنجي موج مستي ۾ هلندي جمعي خان جي رهائش گاهه تي ايندو رهندو هو. جمعو خان هن درويش جو آڌرڀاءُ ڪري ماني وغيره کارائي هن جي ٽهل ٽڪور ڪندو هو.هڪ ڀيري جمعون خان رهائش گاهه تي نه هو. پويان درويش آيو ته ٻين مان نه ڏنو. فقير ڪاوڙجي هليو ويو. ڪجهه ڏينهن گذريا سمن سرڪار نه آيو. پڇا ڪرڻ تي جمعي خان کي معلوم ٿيو ته گڏ رهندڙ ساٿين هن جي غير موجودگي ۾ درويش سمن کي ڪاوڙايو آهي.پوءِ جمعوخان سمن سائين کي ڳولي هٿ ڪري سرچائي ٻيهر وٺي آيو. درويش جمعي خان کي دعا ڪندي چيو ته جمعا! تون انسپيڪٽر ٿيندين. پوءِ واقعي جمعون خان انسپيڪٽر پڻ ٿيو.کاروڙي جي درويش شان بيبي المعروف بيبي مٺان ڏاڏي صاحبه جي دعائن پڻ هن کي رچايو. کاروڙي جي درگاهه جي مريد جمعي خان کي نوڪري جي سچائي ۽ ڪارڪردگي تي مختلف آفرين نامه ۽ ايوارڊ مليا. ٻه تلوارون سوني ۽ چاندي جي هٿيئن (ڏنڊن ) واريون مليون.’

 ڄام خان 1934ع ڌاري پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيڻ جي لاءِ سينٽر تي ويو ته اتي قد جي حساب سان ڄام خان جو قد ٿورو کٽي پيو. پر هن جي والد جي کاتي ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي انگريز آفيسر اومني صاحب جي ڪوششن سان نوڪري ملي ويئي. پوءِ هن به پنهنجي پوري ايمانداري سان ڊيوٽي سرانجام ڏني. ملڪ جي آزادي کان پوءِ کيس چاندي جي تغمي ‘تغمه پاڪستان’ سان نوازيو ويو. 1962، 1963ع ۽ 1964ع روڪ رقم سان گڏ آفرين نامه پڻ مليا. 1952ع تائين پوليس ٿاڻو ويرا واهه ۾ هوندو هو. پوءِ اتان ڏاني ڌانڌل منتقل ڪيو ويو. ڄام خان ويرا واهه ۽ ڏاني ڌانڌل ۾ وڏي وقت تائين رهيو. ڏاني ڌانڌل واري جاءِ به اوتارو طورسدائين وسيل رهندي هئي. 1967ع ۾ پوليس جي نوڪري تان رٽائر ٿيو.

ٻاراچ جي سوٽهڙن ۾ آسي سوٽهڙ ۽ سندس ڀائرن جو ڄام خان روح سان رشتو جڙيل رهيو.ڄام خان جي اولاد جي لاءِ پينگها، کٽولا وغيرهه ٺاهي آسي سوٽهڙ ڄام خان جي وانڊيي پهچايا هئا. آسو سوٽهڙ تڙ (کوهه ) ٻڌڻ جو ڪاريگر رهيو آهي. هن ڄام خان جي ڳوٺ جو کوهه بهترين ٻڌي ڏنو.ڄام خان جي اولاد ۽ آسي جي اولاد جو اڄ به تعلق جڙيل آهي. 

ڄام خان جا ٽي پٽ جمعون خان، علي محمد ۽ گلاب خان ٿيا. جمعون خان تاريخ ۽ لوڪ ادب جي موضوعن جو ڄاڻو هو. علي محمد استاد جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو. جڏهن ته گلاب خان ناڻي کاتي ننگرپارڪر ۾ سب ٽريزري آفيسر طور ڀرتي ٿيو. علي محمد سياست جي گهوڙي تي چڙهي ڪافي ونگي جي اربابن جو راڄوڻي رنگ ۾ اتحادي ٿي رهيو. هن فقير مقيم ڪنڀار جي سٿ ۾ شامل ٿي سنڌ نيشنل فرنٽ جي پارٽي جي ڪارڪن طور به ڪم ڪيو.

نامور شاعر ساگرخاصخيلي (الهنواز خاصخيلي) علي محمد جو پٽ ۽ ڄام خان جو پوٽو آهي. ٻاجهاري دل رکندڙ ، دوستن جي ڪارج گهڻگهري ساگر خاصخيلي سان منهنجو تعلق 2009 ۾ جڙيو ۽ اڄ ڏينهن سڻئي ڦل جهڙو اڇو اجرو رهيو آهي. مون ۽ منهنجي ساٿين ناشاد سمي، شهاب نهڙي، ساگر خاصخيلي، ڄام خان جي اوتاري ۾ چانهه جون چسڪيون ڀري ڏينهن جا ڏينهن گذاريا آهن. راتين جون راتيون ڪچهريون ڪيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهن محفلن ۾ اياز رضوي، ڊاڪٽر عبدالعزيز، گل گوماڻي، عزيز ٽالپر، دليپ ڪوٺاري، ڪلال، پارس پريمي ۽ عليم سومرو شامل ٿيا آهن. ساگر خاصخيلي جي ڀاءُ شاهنواز ۽ ڀائيٽي عابد نواز جي اڳواڻي ۾ هر ويلي مهمانن جو سڪ ڀريو سواگت ٿيو آهي.

ساگرخاصخيلي سان گڏجي پارڪر جي پٽ ۾ نه صرف وسڪاري جي رت ۾ آڌي رات جو مکڙين کي ٽڙندي ڏٺو آهي. پر راسوڙن جي ريت تي چنڊ جون اکيون آليون ٿيندي پسيون آهن.سارڌڙي جي ميڙي ۾ ڌرتي جي اصلوڪن رهواسين سان رهاڻيون رچايون آهن. گگرال جي ڪيميڪل ٽڪ ذريعي نسل ڪشي جي خلاف جدوجهد ڪئي آهي. چوڙيو کان لاڪڙ کڏيو تائين ماحولياتي ڪارڪنن کي اتساهيو آهي.

ساگرخاصخيلي ڪڏهن ڪارونجهر جي پهاڙي سلسلي تي اگهاڙن پيرن سان پنڌ ڪندي ڄام خان جي ڪردار تي ڳالهيون ٻڌايون آهن ته ڪڏهن سانگا جي سرمئي شامن جو سرور من ۾ اتاريندي جمعي خان جي وارتا ونڊي آهي. ويرا واهه جي بازار ۾ گهمندي اڀيسنگهه ۽ ڄام خان جي رس ڀرين رهاڻين جو تذڪرو ڪيو آهي. ڄام خان جي اوتاري ۾ ڀيرجي ٺڪر پاران ماني کان منهن موڙڻ تي اڀيسنگهه جي دڙڪن جو داستان ٻڌايو آهي. پاري نگر جي آثارن ۽ ڪجلاسر جي پڻگهٽ تي سامي ويري جا سماچار ڏنا آهن. سامي ويري ڏانهن چارڻن جي آوت جاوت جا عڪس پسايا آهن.

ڄام خان راڄ ڀاڳ ۾ رهاڻيون ڪندي 21 فيبروري 1999ع ۾ وفات ڪري ويو. ساگر خاصخيلي ڄام خان جي وڇوڙي جو ذڪر ڪندي ڀٽائي سائين جو بيت چوندو آهي ته ؛ .

سامين سمر سور، گوندر گبرين ۾،
جوڳين جڙئا جيءَ ۾ پيغامن جا پور،
آديسي اسور، وڄائي واٽ ٿيا.



ساجن خان خاصخيلي


پارڪر جو سخي ۽ مهمان نواز

ساجن خان خاصخيلي

ٿر ۾ مهمان نوازي جي حوالي سان نامور نالن جو جڏهن تذڪرو ٿيندو آهي تڏهن پارڪر جي پٽ ۾ سومرو خان کوسو ۽ ساجن خان خاصخيلي جا نالا نروار ٿي بيهندا آهن. پارڪر ۾ چوڻي مشهور آهي ته؛ ‘ماني سومري خان جي ۽ چانهه ساجن خان جي.’

سومرو خان تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪٻڙي جو رهواسي ۽ پ پ پ اڳواڻ غني خان کوسي جو ڏاڏو هو. ساجن خان جمعي خان جي پوٽو ۽ نياز نوڙت ۽ راڄ نيتي جي مثالي ڪردار ڄام خان جو ڀائيٽو ٿيندو هو. ساجن خان جي لاءِ چون ٿا ته ساجن خان جو جهڙو نالو هو، اهڙو ئي سيرت ۽ صورت جو ساجن شخص هو. شڪل صورت ۾ سهڻو، ڪپڙي لٽي ۾ سدائين تيار ٿيل، قدآور شخص مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي اوتاري ۾ اچي مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪري روح ۾ راحت ماڻيندو هو. هن اندر جي اصل خوشي انسانيت جي خدمت، سخاوت ۽ مهمان نوازي ۾ ڳولي هئي.

ويراواهه کان ٽن ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڳوٺ ڄام خان جو وانڊيو ۾ وڏي پکڙيل ڄار جي ڀرسان ساجن خان جي اوتارو اڄ به مهمانن جي ساڳي سواگت جي ريت روايت سان ساجن خان جا لائق پٽ، ڀائيٽا ۽ ڀاڻيجا هلائي رهيا آهن؛

 لوڪ ساگر جي ڪوي چيو آهي ته ؛

جن اوتارا اڏيا، ڌرم ٻڌي پاڙ
انهن سندو پريوار، راڄ ڪندو راجيا

ساجن خان بچل خان جي گهر ۾ 1925ع ڌاري جنم ورتو. ساجن خان کي مهمان نوازي ورثي ۾ ملي هئي. سندس والد بچل خان چوپايي مال جو واپاري /سوداگر هو. ان وقت گجرات جي پڙين ۾ ڍڳن جو وڏو واپار ٿيندو هو. ٿر مان ڪيترائي سوداگر ڍڳا سودي گجرات ۾ وڃي وڪڻندا هئا. ٿر ۾ هڪڙي ڪهاوت جنم ورتو هوته؛ ڌن جوڌي يا گوڌي.لوڪ راسوڙو ‘مانرا لکي وڻجارا، ماني لي هالو گجرات’ پڻ انهي پسمنظر ۾ رچيو هو.

بچل خان به دل جو مخلص ۽ مهمان نوازي ۾ خرچ جو هٿ ڇوٽ انسان هو. لوڪ روايتن ۾ بچل خان جي مهمان نوازي جو مثال ڏيندي چيو ويندو آهي ته، بچل خان هڪ ڀيري احمد آباد جي پڙي ۾ ڍڳا وڪڻي اچي هوٽل تي چانهه پيئڻ جي لاءِ ويٺو. ٻيا ٿري سوداگر پڻ اتي گڏيا. بچل خان چانهه جو آڊر ڏيندي چيو ته جيترا هوٽل تي ويٺا آهن انهن سمورن کي چانهه پيار. سمورن چانهه پيتي. بچل کي چوپايي مال جي سودي ۾ جيڪي پئسا مليا هئا. سمورا چانهه جي بل ۾ ڏيئي اٿيو.

بچل خان جا ڇهه پٽ ٿيا. جن ۾ مصري خان، ساجن خان، چنيسر خان، حسين بخش، محمد بخش ۽ محمد اسماعيل شامل آهن. سڀ ڀائر ساجن خان جي ٻانهن جو ٻل رهيا. ساجن خان جا چار پٽ غلام رسول، رسول بخش، عبدالرسول، بچل خان آهن. سڀ ڀائر رسول بخش جي چئي کان ٻاهر نه آهن. ڄام خان جي پوٽي ساگر خاصخيلي جو ساجن خان مامو هو. ساگر خاصخيلي پنهنجي سخي ۽ مهمان نواز ساجن خان جون سارون سنڀارون اوريندي چوندو آهي ته؛‘ مامو ساجن خان هڪ اصول پرست انسان هو.چڙهي جي لاءِ مامي وٽ سدائين گهوڙو هوندو هو. پر هڪ اٺ به رهيو. جيڪو بنهه ڀلو هو. راڄ پيا وکاڻيندا هئا. اوتاري ۾ ڪڏهن مهمان کي ماني گهرڻي نه پوندي هئي. مهمان اچڻ سان گهر چانهه ۽ ماني تيار ڪرڻ جو نياپو پهچي ويندو هو. مامو پاڻ مٿي بيهي مهمانن کي ماني کارائيندو هو.مامي جا پٽ به ساڳي روايت سنڀاليندا اچن.مامو ساجن ڪنهن ضرورت مند جي مدد ڪندو هو ته اها ڪڏهن ذڪر ۾ نه آڻيندو هو. مامي ڪنهن به سواليءَ کي خالي هٿن نه موٽايو. ‘جيڪو حال حبيبان سو پيش پريان’ جي مصداق بند مٺ سان ڏيندو هو. ڏيڻ وقت هن جون نگاهون هميشه هيٺ زمين ڏانهن هونديون هيون.

مامي ساجن جي لوڪ رهاڻين سان وڏي دلچسپي هوندي هئي. پارڪر جي سگهڙن جو مامي وٽ اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ٿر ۾ ان زماني ۾ سواري جو وڏو مسئلو هوندو هو. وهٽ به سواري جي لاءِ گهٽ ماڻهن وٽ هوندا هئا. اڪثر ماڻهن جي اچ وڃ پيادل ٿيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ننگر ويندڙ اهڙا ڳوٺاڻا اچي مهمان ٿيندا هئا. جيڪي لوڪ ادب جي وکر جا وڏا وڻجارا هوندا هئا. مامو تن کي وڌيڪ ترسائي رهاڻيون ڪندو هو.نامياري عالم، محقق ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪيترائي ڀيرا مامي جي اوتاري تي سگهڙن ڪچهريون رکيون.’

 ساجن خان جي دوستي جو حلقو تمام وسيع هو. عبدالله خان ڪپري، غلام حيدر شاهه (ميرپورخاص وارو)، سوڍا اڀيسنگهه ۽ ڪيسوٻا، مير علي بخش (لانڍي وارو)، علي مراد ٽالپر، جمال دين نوحاڻي (ڊگهڙي، وڏيرو مريد خاصخيلي (سامارو) هن جي ويجهن دوستن مان هئا. ساگر خاصخيلي ٻڌائي ٿو ته ننگرپارڪر جو جيئندو خان کوسو عمري تي ويو. اتي سعودي عرب ۾ رهندڙ هڪ سنڌي خاندان سان جيئندي خان جي ملاقات ٿي. ننگر جو ٻڌي سنڌي خاندان جي فردن ساجن خان جو پڇيو. جيئندي خان ساجن سان تعلق جا سماچار ڏنا. پوءِ انهن اهو چئي جيئندي خان کي ترسائي ڇڏيو ته ساجن خان جي علائقي جو ماڻهو اسان جي مهماني کائڻ کان سواءِ ڪيئن ويندو. جيئندو ترسي پيو. حج ادا ڪري واپس وطن وريو. ساجن خان وڌايون جي لاءِ هار کڻي جيئندي خان وٽ ويو. جيئندي خان ساجن خان کي ڏسندي چيو ته ساجن خان هار جو حقدار تون آهين. تنهنجي ڪري مون کي اتي ايڏو مان مليو.

آئون 2009ع ڌاري هڪ ماحولياتي تنظيم ۾ ڪم ڪندي پارڪر ويس. ناشادسمي ۽ ساگر خاصخيلي جي طفيل ساجن جي اوتاري جو رڪن ٿي ويس. مون سان گڏ منهنجا دوست شهاب نهڙي، اياز رضوي، گل گوماڻي، دليپ ڪوٺاري به هن اوتاي جو حصو رهيا آهن. جان محمد سمي ۽ ڊاڪٽر عبدالعزيز کي به ساجن جي اوتاري جي سڪ رهندي آهي. وڏيرو رسول بخش ۽ سندس ڀائر ساهه پساهه ڏيندا آهن. اسان به وڏيري رسول بخش جي رهنمائي ۾ سگهڙن جون ڪچهريون هن اوتاري تي منڊيون آهن. مشاعري جون محفلون مچايون آهن. ماحولياتي بچاءُ جا ليڪچر رکيا آهن.

ساجن خان جو پٽ بچل خان پوليس کاتي ۾ ڊائيور آهي. پر هن کي علمي ادبي ۽ لوڪ ڪچهرين جي موضوعن سان وڏي دلچسپي رهندي آهي.ساگر خاصخيلي جيان بچل خان به اسان جي رولاڪ ٽولي سان گڏ پارڪر جا پنڌ ڪيا آهن. ماحولياتي ڪارڪن ٿي ڪم ڪيو آهي. آڌيگام ۾ ادي نانجو ڪولهڻ جي اڳواڻي ۾ گگرال، ڪونڀٽ ۽ ڪنڊي کي رکڙي ٻڌائڻ جو پروگرام هجي يا پارو جي وانڍيو ۾گگرال جا قلم لڳرائڻا هجن. چتراسر ۾ نوجوانن ۾ ماحولياتي قانونن بابت عوامي آگاهي جي تربيت هجي. هر سرگرمي ۾ بچل گڏ هوندو هو.هر سفر ۾ ساجن خان جو ذڪر نڪرندو هو.

ساجن خان جو پوٽو آفتاب خاصخيلي به پنهنجن وڏڙن جيان سدائين مهمانن جي آجيان ۾ اڳڀرو رهندو آهي. مون کي ساجن خان جي اوتاري ۾ پير رکڻ سان ڀٽائي جو بيت تصور ۾ تري ايندو آهي ته؛ لوڪ ساگر جي ڪوي چيو آهي ته ؛

الله ٻه جيار، هڪ سورهيه ٻيو ڏاتار
تني سندي تار، عالم ارهو نه رهي.

پارڪر جي پٽ جو سخي ۽ مهمان نواز ساجن خان 23 سيپٽمبر 1994 ع ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو.

جا ڀون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻن



سُڳاڙچند سيجُون


سُڳاڙچند سيجُون

جون لوڪ وارتائون

هر ماءُ چاهيندي آهي ته منهنجو اولاد ناليوارو ٿئي، سکيو ستابو هجي، سَخي، سماج سُڌارڪ، ڀڳت يا سُورمو ٿئي، جنهن تي دل فخر ڪري، پر چوندا آهن ته سُهائين راتين ۾ ڪو ڪو ڄمندو آهي، جنهن جي ڪردار ۾ انسانيت جا اعليٰ قدر اُڀرندا آهن.

ڪارونجھر جي پهاڙي سلسلي ۾ گھيريل پارڪر جي پٽ تي جتي سُوروير ڪولهي جنم ورتو، اتي مسڪين جھان خان کوسو جھڙو سماج سُڌارڪ پيدا ٿيو، رُوپلي ۽ مسڪين جي نالن کي جڳ ڄاڻي، سُڃاڻي پر جن جا نالا شُهرتن جي آڀي(آڪاس) کي ڇُهي نه سگھيا اُنهن جو به پورهيو ڪڏهن رائيگان نه وڃڻو آهي، اڄ يا سُڀاڻي ضرور تاريخ کين مڃتا ڏيندي. پارڪر جي مٽي ۽ ماڻهن جي لاءِ هنئين ٿُوڻي جھڙي حيثيت رکندڙن ۾ رُوپلي ڪولهي ۽ مسڪين جھان خان کوسي سان گڏ اُميدارام، عالم چند ڪولهي، کيتارام، هري سنگهه سوڍي، گھمن سنگهه ڀيل،ڪاپڙي خان، ڪوري لکشانند کان وٺي سُڳالچند (سُڳاڙ چند) تائين ڪيترائي نالا شامل آهن. سُڳاڙ چند سماجي انقلاب جو رُوح روان هيو، سندس پيءُ سَترام داس ننڍي کنڊ جي آزادي ۾ “ننڍو کنڊ خالي ڪريو” تحريڪ جو عوام ڪارڪن هيو.

سُڳاڙچند پارڪر جي ڳوٺ آڌيگام ۾ 1914-4-11ع تي جنم ورتو، ظاهري زماني وارو سندس تعلق ميگھواڙ قبيلي سان هو، جنهن کي هُنري صلاحيتون رکڻ باوجود آزادگيءَ سان جيئڻ جو پُورو حق حاصل نه هو.

سُڳاڙچند پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ورتو، انگريزي تعليم ننگر پارڪر مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ هن کي بمبئي يونيورسٽي وڃڻو پيو. مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان تُرت ئي پوءِ روينيو محڪمي ۾ ڪلرڪ جي نوڪري ملي وئي. پر ٿوري عرصي ۾ پنهنجي قابليت ۽ لياقت جي ڪري اسسٽنٽ مُختيارڪار جي عهدي تي پهتو.

سُڳاڙچند جي دل ۾ پوئتي پيل پورهيت مسڪين طبقي جي لاءِ سدائين احساس رهندو هو، پاڻ اُنهيءَ طبقي مان جو اُڀري آيو هو، انهي ڪري سروس دوران راتين جون راتيون ڳوٺن ۾ وڃي تعليم ۽ صفائي سٿرائيءَ جي لاءِ سماجي جاڳرتا جون ڪَچهريُون مچائيندو هو، ذات پات ۽ مت ڀيد جي ٻنڌڻن کي ٽوڙڻ جي شروعات ٿي چُڪي هئي پر طبقاتي تاجي پيٽي جا حمايت ۽ مُحافظ اڃا گھڻو مضبوط هيا. شيڊيُول ڪاسٽ جي دائري ۾ ايندڙ ذاتين جا ٻار اُوچ درجي جي ٻارن سان گڏجي آسانيءَ سان تعليم حاصل نه ڪري سگھندا هئا. سُڳاڙ چند انهن سمورن روين مان پاڻ گُذري آيو هو، انهيءَ ڪري هن کي ڪوششون وٺي پنهنجن ساٿين عالم چند ڪولهي، گھمن سنگهه ۽ پُنهون مل هميراڻي سان صلاح مشورا ڪري هريجن اسڪول کولرايا. جن ۾ آديو اسي لوڪ آسانيءَ سان تعليم پرائڻ لڳا.

پُنهون مل هميراڻي سرڳو اسي سَنڀُو مل هميراڻي جو چاچو هيو، مون سُڳاڙچند جو ذڪر اڪثر سَنڀُو مل هميراڻي کان ٻڌو هو، پر جڏهن پارڪر اچڻ ٿيو، تڏهن چاچي نواز کوسي، ڊاڪٽر شنڪر ڪاسٻي واسي ۽ جوهر لال(صابُو سڻ واسي) سُڳاڙچند جي جاکوڙ جا سوين سَماچار ڏنا.

ننگر پارڪر جي اَڇوتن وٽ انهي وقت ۾ پيئڻ جي پاڻي ماڻڻ لاءِ پنهنجو کُوهه نه هيو، ننگرپارڪر ۾ پهريون ڀيرو سُڳاڙ چند ڪوششون وٺي هريجنن جي لاءِ الڳ کوهه ٺهرايو، جنهن کي آشرم جو کُوهه سڏيو ويندو هو، يار محمد کوسي جي گھر ڀرسان اهو کوهه اڄ به موجود آهي.

سُڳاڙچند جي مسلسل جدوجهد پارڪر جي آديواسي لوڪن جي زندگين ۾ ڦيرو آندو، خاص طور ميگھواڙ جاتيءَ جي ماڻهن ۾ ٻَڌي پيدا ٿي، سُڳاڙچند پنهنجي برادريءَ جي سڏ تي آڌي جو به اُٿي ويندو هو، ننڍي وڏي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش وٺندو هو، جيستائين حل نه نڪرندو هو تيستائين کيس چين نه ايندو هو، هڪ دفعي ڪاسٻي ۾ ڪجھه ماڻهن شرپسندي ڪندي؛ پيئڻ جي پاڻي ڀرڻ لاءِ کُوهه ڏانهن ويندڙ عام رستي کي بند ڪري ڇڏيو، جڏهن اُها ڳالهه سُڳاڙچند تائين پهتي، هن سوين ماڻهو وٺي اچي نه فقط رستو کولرايو پر هميشه لاءِ 24 فُٽ جي گھٽي منظور ڪرائي ڏني.

سُڳاڙچند جي ڪوششن سان ميگھواڙ جاتيءَ سان گڏ ٻين اصلوڪين جاتين ۾ به پنچائتي نظام جُڙيو، اُوچ برادرين جي پنجائتن سان گڏ هيٺئين طبقي جون پنچائتون هلڻ لڳيون، پنچائتي هال ٺهرايا ويا.

53-1952ع واري چُونڊ ۾ هن ننگرپارڪر جي سيٽ تي راڻي چندر سنگهه سامهون فارم ڀرايو، انهي وقت راڻي جو وڏو اوج هيو. راڻي جي سامهون بيهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي، پر هي پورهيت سُڳاڙچند”اِي نه مارُن ريت...!، چئي اٽل رهيو، اُنهيءَ چونڊ ۾ کٽي نه سگھيو پر هن مسڪينن جي ووٽ کي اهميت ڏياري ۽ اُن جو قدر ڪرايو، استعيفيٰ ڏِني، سُڳاڙچند هر وقت مٽي هاڻن مارُن کي سَگھارو ڪرڻ جا جتن ڪيا هن”اَڇُوتن جو آواز” جي نالي سان هڪڙو ڪتاب پڻ لکيو مون وڏي ڪوشش ڪئي ته آئون اُهو ڪتاب ڏسي سگھان، پر ڪِٿان هٿ اچي نه سگھيو.

19جولاءِ 1987ع تي 73 ورهين جي ڄمار ۾ پارڪر جي مٽيءَ جو هي سپُوت مينگھواڙ پرلوڪ پڌاري ويو.

پارڪر جي ميگھواڙ جاتيءَ ۾ هن وقت جيڪو سُڌارو آهي، انهيءَ جو بُنياد سُڳاڙچند رکيو هو، پارڪر جا ميگھواڙ اڄ به کيس دل سان ياد ڪندا رهن ٿا. هر ماڻهو کي مري وڃڻو آهي، پر ڪِردار جا نقش دلين تي چِٽجي ويندا آهن، نسل در نسل اُها ڇاپ منتقل ٿيندي رهندي آهي. پارڪر جي ميگھواڙ گِيتارين “سُڳاڙو” گيت پڻ جوڙيو. جيڪو اڄ به ٻار کي لاڏڪوڏِ ڪندي ڳائينديون آهن.

مُنهنجو پُٽ سُڳاڙو ٿيندو، آئون لاڏِڪوڏ ڪريان ٿي !



موهن ڀڳت


موهن ڀڳت

جنهن جي ٻولي واس، پوري سنڌکي واسيو !

جيئن پورو ننڍو کنڊ ڪلاسيڪي شاعري ۾ ساڳي مزاج ۽ سوچ جو فڪر رکي ٿو، تيئن ڳائڪي ۾ پڻ ساڳي تسلسل جون ڪڙيون آهن. ساڳيا چشما آهن، جن صدين کي سيراب ڪيو آهي. تصوف جو رنگ تارن ۾ ڇڙي يا ويدانيت جي واڻي آلاپ جو روپ وٺي، هر راڳ، هر آلاپ ۾ پيار ۽ پريت جو پڙلاءُ آهي. هر سچي شاعر ۽ سچي راڳي ساري ڌرتي جي سڳنڌ چوسي سٽن ۾ سرجي آهي، راڳ ۽ آلاپ ۾ اوتي آهي.

وقت جي وهڪرن، قلعن ۽ ڪنگرن وارن کي مٽائي ڇڏيو، پر راڳي ۽ شاعر، مصور ۽ موسيقار، سنت ۽ صوفي وڏي ڌاڪ ۽ هاڪ سان زندهه آهي، هنن جي ذات ۽ ڏات، عبادت ۽ رياضت محبتن لاءِ رهي آهي. عشق جي اصولن تي هلندي خود محبتن جا مجسما ٿي ويا آهن، شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي ته؛ “محبت کي موت ماري نه سگھندو آهي” موهن ڀڳت سچو راڳي ۽ سچي عشق جي اصولن جو آئينه دار هو. موهن ڀڳت جي ذات ۽ فن تاريخ جي ورقن جي امر ڇاپ آهي”تاريخ ڪنهن ناچڻي جي وجود جو نالو ناهي، جيڪا ڪنهن اک جي اشاري جي محتاج هجي، تاريخ هڪ آئينو آهي، جيڪو حقيقت کي بيان ڪندو آهي، انهي چهري کي ڏسڻ کان اهو ڪيٻائيندو آهي، جنهن جي منهن تي ڪوڙهه هوندي آهي” موهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. ٿر راڳ جو مانارو آهي جنهن جو ماکي کان مٺو رس لار ٿي جڏهن وهڻ لڳو اهي، تڏهن ڪيترن ئي ماڪوڙين جا وجود ختم ٿي ويا اهن. مٺي جي ڀٽ، جنهن تان ڪلهه مراد فقير ۽ صادق فقير جي آواز ۾ ڌرتي جو راڳ ڀونئر وانگر ڀري آڪاس تائين آڏاڻو هو. اڄ اتي ڪريم فقير رجب فقير ۽ شنڪر ڀڳت جي ٻولن ۾ ساڳي تسلسل جي تار ڳنڍيل اهي، جنهن کي وقت جو ڪو به وهڪرو ٽوڙي نٿو سگھي.

آڌي رات اداس، آهي چنڊ ڇو مٺيءَ تي،
ٿيڻو نه آهي ٿر مان، ڪڏهن نينهن نراس،
موهن ٻولي، واس، واسي ساري سنڌ کي

(تاج جويو)

راڳ لاءِ اسان وٽ ڏيهي ڏند ڪٿا Mythology آهي ته “راڳ جي ابتدا ديوتائن جي دنيا سان ٿي ۽ ان جي مهانتا هي آهي ته راڳ دنيا ۾ انساني روح جي رهنمائي ڪري ٿو”ننڍي کنڊ جي هڪ وڏي راڳ جو ڄاڻو، مائي بسنتيءَ”سن 1911 ڌاري مدراس ۾Indian Music School جو افتتاح ڪندي چيو هو ته ؛ اسان جو راڳ انسانن ۾ روحاني جذبن پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.[1]

موهن ڀڳت جو سمورو راڳ انسان جي ازلي منزل آهي، ڀڳت ڪبير جو گيت “من ڀولا ڀولا ڦري، جگت ۾ ڪيسا ناتار ري” هجي يا شاهه لطيف جي وائي جا ٻول، “ساٿي سڏ ڪندي ويا ساٿ جا”، مطلب ته موهن جي ڳايل هر سٽ اهو ازلي پيغام ڏئي ٿي ته، هي پرديسي پکيئڙو ڪٿان آيو آهي؟ ۽ ڪيڏانهن اڏري ويندو! موهن ڀڳت، ڀڳت ڪبير، شاهه لطيف، تلسيداس، ميران ٻائي، مرتضٰي، شاهه ڏاڏاهي ۽ ٻين شاعرن کي ڳايو، پر لطيف جي واين ۾ هن پنهنجو سمورو ساهه پساهه سمايو ۽ شهرتن جي آڀي(آسمان) جو تارو، لطيف جي ڳائڪ طور ئي بڻيو. “شاهه لطيف جي شاعري جيڪا خود موسيقي آهي، ان موهن ڀڳت جي منفرد آلاپ ۾ هڪ نئين انداز جو واڌارو ڪيو”سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر اياز گل موهن ڀڳت جي شاهه لطيف کي ڳائڻ واري منفرد انداز کي مڃتا ڏيندي چيو ته ؛

ڀيڄ ڀني جو، شاهه جي وائي، موهن جو آواز،
ائين لڳو پئي، ڳايو ويٺي، ٿر جي ذري ذري

(اياز گل)

موهن ڀڳت جڏهن ڳائڻ شروع ڪيو، تڏهن ان ۾ انفراديت هئي، هو ڪالهه به منفرد هو، اڄ به منفرد آهي، ۽ سڀاڻي پڻ رهندو. هڪ فنڪار لاءِ منفرد هجڻ ايترو ضروري آهي، جيترو هڪ گل لاءِ سرهاڻ ۾ منفرد هجڻ موهن ڀڳت راڳ جي ڪمال ۾ زندگي جي روحانيت جي تڪميل ماڻڻ جي جستجو ڪئي، هن جي روح جي پنهنجي خوشبوءِ هئي، جا ٻئي ڪنهن مان اچي نٿي سگھي.

موهن ڀڳت جي جيون خاڪي تي ٿوري نظر وجھنداسين ته معلوم ٿيندو ته موهن ڀڳت جي ذات ظاهري زماني جي “ڌڪاريل ذات” هئي، جنهن کي ڀنگي چيو وڃي ٿو، سندس ذات وارا احساس محرومي کان بچڻ لاءِ پاڻ کي “گجراتي” سڏائيندا آهن. موهن ڀڳت ننڍپڻ ۾ مال چاريندو هو. سندس گھر ۾ ڳائڪي ڏانهن لاڙو اڳ ۾ موجود هو، جتي ستسنگ ٿيندو هو، ان وقت اسلام ڪوٽ ۾ ڀڳت اميدارام سٺو ڳائڪ هو، جنهن سان گڏجي موهن ڀڳت ۽ ڀاڻس سروپ ڀڳت ڳائڻ شروع ڪيو. موهن ڀڳت جو والد صاحب اصل چيلهار جو رهواسي هو. چيلهار مان لڏي وڃي اسلام ڪوٽ ويٺو هو. جتان موهن ڀڳت وارا لڏي مٺي آيا.

ٿر ۾ راڳ، بک ۽ اڃ واري سمي ۾ ٿئي ته سک ۾ پڻ، وارياسين ڀٽن ۾ هلندي اڃ هجي يا بک، اوٺي اٺ تي چڙهيل “هون هون” جي ڌن جھونگاريندو، ماڳ پهچندو آهي. ۽ پنڌ ڪندڙ پانڌي وري “ڪجليي” جي ڪوڪار ڪري يا “راڻليي” جي ريت هلائيندو ته پريان ٻڌندڙ هڪل ڪري چوندو آهي ته ابا ڪير آهي جو “ڏيهاڻو” ڳائيندو پيو وڃي؟سک سار کڻي وسڪارو وري ته ويس ئي نوان ٿين، هر پاسي، بادلئي، ورساڙي، ۽ همرچي، هونگار هوندي آهي. موهن ڀڳت استاد اميدارام کان ڳائڻ سکيو. مٺي ۾ رهائش پذير ٿيڻ کان پوءِ مراد فقير کان شاگردي جو ڌاڳو ٻڌرايو. هن وٽ راڳ جي صرف بنيادي ڄاڻ هئي، راڳ جو نه گھراڻو ٿيو نه وڏو استاد هن جو سڄو ڳائڻ عشق جو آلاپ آهي، دل جو درد آهي. هن جي عشق جو پهريون ڏاڪو مجازي محبت هو، پر ڪوئي پڇندو هو ته کلي ڳالهه ٽارڻ جي ڪندو هو، پر من جي ڪيفيت اها هوندي هئي؛

جو تيري حسن ڪي فقير هوئي
ان ڪو تشويش روزگار ڪهان
درد بيچين گي، گيت گائين گي
اس سي خوش بخت ڪاروبار ڪهان

(فيض)

عشق جي اهڙي لَنُو ئي مال چاريندڙ موهن کي امر راڳي بڻايو. موهن کي جڏهن روحانيت جي رنگن رنگيو تڏهن هو ظاهر پرستي کان پري رهيو، سدائين سچل جي سٽن ۾ چوندو هو ته؛

تون ڪيون درويش سڏائين سچو

تون ڪيون........

موهن ڀڳت کي مٺيءَ ۾ رهندي ڪجهه ڏينهن اهڙا ڏسڻا پيا جو هو بي گھر ٿي پيو. ناليواري نقاد ۽ شاعر تاج جويي جي لفظن ۾:

ايڏو سار ٿر،

پو به موهن ڀڳت ڇو؟

مٺي مان بي گھر!!

موهن ڀڳت وقت جا وار سهندي عمر جا ڏهاڙا ڇاڇري کي به ڏنا پر اتي راڳ هن جي روح مان پلٽو کائي نه نڪتو.

موهن ڀڳت گڍي جي ڀٽ کي اجھو بڻائڻ کان پوءِ ڪڏهن به ڳائڻ نه ڇڏيو، مٺي جي ڀٽ تان ڳاتل وائي جو آواز اڳتي هلي ڀٽ ڌڻي جي آڳر ۾ ٻڌو ويو، سندس هر ٻول تي ٻڌندڙ کي محسوس ٿيو ته ڄڻ موهن ڀڳت کي داد ڏيڻ جي لاءِ ڀٽائي پيرين اگھاڙو پنڌ ڪندي اچي رهيو آهي.

هو مٺي ۾ رهڻ دوران شهر جي معزز رئيس آچار خان، مکي لکميچند، آسن داس سوٽهڙ ۽ ٻين وٽ محفل مچائي راڳ جو جوت جلائيندو رهيو، شهر جي گھرن توڙي مندرن جي مختلف ستسنگن ۾ ڳاتائين.

عوامي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن مٺي آيو تڏهن موهن جي ڳائڪي کي هڪ نئين پذيرائي ملي، ڀٽي موهن جي آلاپ کي ڏاڍو ساراهيو ۽ ائين ريڊيو ۽ ثقافت کاتي جي اختيارين کي موهن ڀڳت جو نالو ٻڌڻ ۾ آيو، غلام حسين شيخ، موهن ڀڳت کي ريڊيو تي وٺي آيو، گھڻو پوءِ نامياري اديب آغا سليم کيس ٽي وي تي آندو.

موهن ڀڳت جي فن کي بيان ڪرڻ لاءِ هن جي انداز ۽ وائي جي ڳائڪي کي ٿورو بيان ڪرڻو پوندو.

ننڍي کنڊ ۾ روحانيت جي رمز ۾ رهندي مختلف تحريڪون هليون آهن، جن ۾ هڪڙي” ڀڳتي تحريڪ، به آهي، ڀڳتي تحريڪ کي وري ٻن حصن ۾ ورهايو ويو؛،رام ڀڳتي” ۽ “ڪرشن ڀڳتي” اصل ۾ ٻئي تحريڪون ٻن مختلف ڪردارن جو ساڳيو تسلسل رکن ٿيون، ميران ٻائي، ملڪ محمد جائسي، رحيم خان خانان، سنت سورداس، تلسيداس، ۽ رويداس سميت ٻيا شامل آهن، انهن پنهنجي فڪر کي ڦهلائڻ جي لاءِ ننڍي کنڊ جي پراڻي ۽ سادي راڳ کي وسيلو بڻايو، جنهن ۾ ٿوري گھڻي ڦير ڦار به ٿي، پر بنيادي طور تي انهي جي جڙ ڌرتي سان لاڳاپيل ۽ عوام جي دلين وٽان هئي. موهن ڀڳت جو راڳ ڀڳتي رنگ مان ڦٽي نڪتل هو، جنهن کي خوب کان خوب تر هن جي پنهنجي مخصوص آلاپ ڪيو. سنڌ ۾ هي ڀڳتي راڳ ٻين ڳائڪن به ڳايو آهي، جن ۾ ڪنور ڀڳت، موٽو مل، سڄڻ ڀڳت، سليمان شاهه، ڏاهو ڀڳت، صالحو ڀڳت راڄي خاناڻي وارو ۽ ٻيا شامل آهن. ڪنور ڀڳت ۽ سيد سليمان شاهه رقص ۾ ڳائيندا هئا، جنهن کي ڀڳتي ناچ وار راڳ به چيو ويندو آهي.

ٿر ۾ ڀڳتي رنگ جو راڳ عام آهي، ڪيترائي ڀڳت انهي رنگ ۾ ڳائيندا آهن. موهن ڀڳت، ڏامو ڀڳت، ڀڳت سترام داس به ٿر ڄائي طور مشهور ڀڳت راڳي رهيا آهن، پر موهن ڀڳت کي پنهنجي آلاپ جي ڪري انفراديت رهي. موهن ڀڳت جي آلاپ هانءُ ۾ ڪان وانگر ڪڙ ڪڙ ڪري چُڀي ويندو آهي ته ڪٿي واڍوڙڪي وڍ تي پيار جي پٽي ٻڌندو آهي. موهن جي آلاپ تي جنهن جي به دل نه جھومي، من سرمستيس ۾ نه اچي اهو ملير جي مٽي جو ويري ٿي سگھي ٿو.

“وائي” جي ڳائڪي پڻ سنڌ شاعري جي اوائلي دور کان شروع ٿي آهي، صوفين جي اوتارن ۾”وائي” جو عروج شروع ٿيو، “وائي” جي لفظي معنيٰ ۽ ماخذ لاءِ چيو وڃي ٿو ته وائي لفظ، “ووءِ “مان نڪتل آهي يا” واڻي” مان. “واڻي” هندي، مارواڙي گيت(ڀجن) جي صنف آهي، جنهن کي ڀڳت ڳائيندا آهن، ڪبير ڀڳت ڏونگر پري، تلسيداسس ۽ ٻين سنتن جي سمجھاڻين وارن”ڀجنن” کي “واڻي” چيو ويندو آهي، شاهه لطيف وائي جي ڳائڪي کي نئين سڃاڻپ ڏني. شاهه لطيف جي موسيقي پڻ چيو وڃي ٿو. موهن ڀڳت ڀڳتي رنگ ۽ ڳائڪي جو مٺڙو راڳي هو. سروپ ڀڳت موهن ڀڳت سان گڏ ڳائيندو هو، موهن ڀڳت کي ڪيترائي ايوارڊ مليا، پر کيس اصل خوشي تڏهن ٿي، جڏهن کيس لطيف ايوارڊ مليو. موهن ڀڳت زماني جي تلخين کي سهندي راڳ جي عبادت ڪندي 10 مارچ 1995 ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو. فقير محمد لاشاري، واجد منگي، سنڀو هميراڻي، موهن ڀڳت جا ويجھا ساٿي ۽ وڏا قدر دان رهيا. موهن ڀڳت ڏک سک ، درد جي گھراين جي اُڇل ۽ اُٿل انهن ساڻ ئي ڪندو هو، موهن ڀڳت عمر جا آخري ڏهاڙا بيماري جي بستري تي ڏکيا ڪٽيا، مٺي جي اهل دولت ماڻهن موهن جي مدد نه ڪئي. موهن جي غربت جي غم جي پيڙا شعر ۾ سمائيندي ادل سومري چيو ته

ڀڳت تنهنجي ڀونءِ تي بک پئي ڀڙڪي،
سک سمورا تنهنجا راوڻ ويو رڙڪي
دولت جي ڌڙڪي، ساهه تنهنجو سڪايو

موهن جو ڀاءُ سروپ ڀڳت موهن کان پوءِ “ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ...”واري ڪيفيت ۾ ڪجھه سال زندهه رهندي راڳ ڳاتو، پر راڳ شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ اکيون ڀري چوندو هو ته”منهنجو ڀاءُ موهن ڀڳت ائين ڳائيندو هو” ڄڻ راڳ وٽس موهن ڀڳت جي امانت هو. سروپ ڀڳت جي اهڙي ڀيٽا تي ٻڌندڙ جي اکين اڳيان موهن ڀڳت جي تصوير تري ايندي هئي.

سروپ ڀڳت به موهن ڀڳت جيان لاوارثي جا عذاب سٺا، غربت جي گھاڻي ۾ سروپ ڀڳت سان به ساڳيا سور رهيا. بيماري ۾ تڙپندي موهن ڀڳت کان پوءِ سروپ ڀڳت به موڪلائي ويو.

جيتوڻيڪ هن وقت موهن ڀڳت جو پٽ شنڪر ڀڳت ۽ ڀائيٽو آتم ڀڳت تنبوري جي تار کي اڄ به ڇيڙين پيا، پر راڳ ۽ آلاپ جو جيڪو روحاني مزو موهن ڀڳت مان ملندو هو، اهو ڪٿي ٿو ٻين مان ملي...!!؟

___

[1] ٽماهي مهراڻ جلد 35، 1986



مائي ڀاڳي


لوڪ ڳائڪ

مائي ڀاڳي

جنهن جو آواز تارن مان ترندو ايندو هو !

ٿر جي لوڪ ڳائڪي ۾ جن ڳائڪن کي عالمي شهرت عطا ٿي آهي، انهن ۾ مائي ڀاڳي جو وڏو نالو آهي. ماڳي ڀاڳي ننڍي کنڊ جي ڏاتيار قبيلن ۾ مڱڻهار قبيلي سان تعلق رکي ٿي. مڱڻهارن جي لاءِ ڀٽائي سائين چيو آهي ته:

مڱڻهارن مپ، ڪونهي ٻيو ڪيرت ري.

صدين ۽ سالن کان مڱڻهارن ڪيرت ڪري سچ ۽ سونهن جي سگهاري حسن کي فن جي ذريعي محبتن جي مانڊاڻ ۾ پسايو آهي. مڱڻهارن جو فن سونهن، سچائي ۽ محبت جو پاسبان آهي. فن جي وسيع ڪائتات ۾ هر هڪ مڱڻهار پنهنجي حصي جو پورهيو ڪيو آهي ۽ ڪندو رهي ٿو.

ڏيپلي جو وهنيو فقير راڄ ڀاڳ ۾ سارنگي، ڪماچ ۽ ڍول وڄائي ڪيرت ڪندو هو. وهنيو فقير جي شادي مٺيءَ شهر جي ڌيئاري خديجه عرف ڪسو ٻائي سان ٿي. ڪسو ٻائي به ڳائڻ جي ڪرت سان لاڳاپيل هئي. وهانءُ وڌاڻي لوڪ گيت ۽ سهرا ڳائيندي هئي ته ٻڌندڙ جي دل اٿڻ جي لاءِ تيار نه ٿيندي هئي. ماڻهو ويٺو ٻڌي. جهڙو مٺو آلاپ هو. اهڙا ئي کيس پيارا ٻول ياد هوندا هئا.

وهنيو ۽ ڪسوٻائي کي هڪ ڌي ڄائي، جنهن جو نالو رکيائون ڀاڳي. ڀاڳي سرن جي گهر ۾ پلي. وڌي جڏهن هلڻ جيڏي ٿي ته ماءُ پيءُ سان گڏجي پاڙي جي ڪاڄن ۾ شريڪ ٿي. اتي آهستي آهستي ڪڏهن امان سان گڏجي ته ڪڏهن بابا جي ساٿ ۾ ڳائڻ لاءِ آلاپ شروع ڪيو. وقت ملڻ تي هڪ جيڏين سهلين جي سنگ ۾ ‘گيت اگيريندي’ رهي. پر هن جي باقائدي ڳائڻ جو اعلان ان ڏينهن ٿيو، جنهن ڏينهن ڀاڳي ماتا جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ماءُ، پيءُ سان گڏجي دهل کڻي درويش سمن سائين جي در تي پهتي هئي. ماتا جي موذي مرض جو ٿر ۾ ان وقت ڪو علاج نه هو. ڪيترائي ماڻهو هن مرض ماري وڌا هئا. ڪسوٻائي ۽ وهنيو درويش جي دعا جي لاءِ ويساهه جي واٽ وٺي پهتا هئا. پنهنجي پياري ڌيءَ کي دهل هٿ ۾ ڏيئي چيائون ته: “ڌيءَ هن در تي ڪيرت ڪري درويش کان دعا وٺ. اتان ئي هن درويش جي صدقي مالڪ تو تي مهر ڪندو.” سمن سرڪار جي آشياني تي عقيدتمند جي منڊلي متل هئي. جيئن درويش پهتو. هن جي نگاهه دهل واري نياڻي تي پئي. اشاري سان چيائين ته: “اينهن ڪون وڄاءِ” سمن سائين جي رڳي چوڻ جي ضرورت هئي. ننڍڙي ڀاڳي دهل کي ٿاپ هڻي شروع ٿي ويئي. ٻه گيت سمن سائين جي عقيدت ۾ گيت ڳايا.

  1. سمن منهنجو ولي خدا جو....
  2. آهي بخت بهاري منهنجي سمن جو...

گيت ٻڌي درويش سائين سمن ڏاڍو خوش ٿيو. هن ڀاڳي جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکي دعا ڪندي چيو ته: “الله ڪريسي تيڏا نصيبڙا چڱا ٿيسي، ايوين ٿيسي جيسي کيڙي وچ کڙي”. سمن سائين جا دعائي ٻول ٻڌي وهنيو فقير، ڪسو ٻائي ۽ ڀاڳي سڀئي خوش ٿيا. خوشي ۾ مٺاڻ جي ورهاست ٿي. والدين اعلان ڪيو ته، هاڻي ڀاڳي ڳائيندي. ان ڏينهن ڀاڳي نئين ڳائڪ جي حيثيت ۾ مائي ڀاڳي جي نالي سان پڌري ٿي.

ڪجهه عرصي اندر مائي ڀاڳي کي ماتا جي مرض کان ڇوٽڪارو ملي ويو. راڄ ڀاڳ ۾ ڳائيندي هن جو نانءُ اڀرڻ لڳو. مائٽن اسلام ڪوٽ لڳ ڳوٺ سونل ٻاءِ جي رهواسي ڏاتو فقير جي پٽ هوٿي فقير سان مائي ڀاڳي جي شادي ڪرائي. شادي کان پوءِ ٿوري عرصي ۾ هوٿي وارا مٺيءَ ۾ اچي رهيا. مٺيءَ ۾ مائي ڀاڳي جي مٺڙي آواز جي گونج گهڻن کي موهي وڌو. ڏينهون ڏينهن نامياچاري وڌندي ويئي. مائي ڀاڳي ڳائڻ جا بنيادي گُر پختا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مامي مراد فقير ۽ شادي فقير سان گڏجي ڳائڻ شروع ڪيو. ميرپورخاص جي مير محمد بخش ٽالپر حب الوطني جي عظيم ڪردار مارئي جو ڀالوا ۾ پهريون ميلو، جڏهن منقعد ڪرايو، ان ميلي ۾ پهريون ڀيرو ممتاز مرزا جي ٿورن سان مائي ڀاڳي کي اسٽيج تي ڳائڻ جو موقعو مليو. مائي ڀاڳي ڀالوا جي پوتر ڀومي تي ‘چرمي’ جو لوڪ گيت ڳايو. هن جا آلاپ ڪوئل جي ڪوڪ وانگر ٻڌندڙن جي اندر ۾ پيهي ويا. ان ميلي ۾ علڻ فقير، ٻڍو فقير، مراد فقير سميت ٻيا ڪيترائي ڳائڪ موجود هئا پر غلام حسين شيخ ۽ ممتاز مرزا بي اختيار داد جي لاءِ تاڙيون مائي ڀاڳي جي لاءِ وڄايون. ميلي ۾ موجود لوڪ مائي ڀاڳي جي آواز جي ساراهه ڪندو، پنهنجي ڳوٺ ۽ گهر ويو. ميلي جي سماچارن ۾ پهرين ائين ٿي چيائين ته: “رات ميلي ۾ مائي ڀاڳي ڇا ته ڳايو؟ وڏن کان چرمي جي گيت جي ساراهه ته ٻڌي هئي پر گيت رات ٻڌوسين.” مارئي ميلي کان پوءِ ست اٺ مهينا مائي ڀاڳي مٺي ۾ رهي. رئيس آچار خان، مکي لکميچند، آسن داس سوٽهڙ جا اوطارا ۽ گهر مائي ڀاڳي جي راڳ جي لاءِ ڏڍ ۽ اتساهه هوندا هئا. مائي ڀاڳي وارا مٺي مان لڏي وڃي بدين جي ڳوٺ ملڪاڻي ۾ آباد ٿيا. ملڪاڻي ۾ مائي ڀاڳي جو فن پروان چڙهڻ لڳو. ڳوٺ جي چڱن مڙسن جهڙوڪ: غلام حسين لغاري، گلڻ لغاري، ابراهيم لغاري ۽ ٻين مائي ڀاڳي جي خاندان جي ملڪاڻي ۾ وسڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. هر ويلي ڀرجهلا ٿي بيٺا. ملڪاڻي ۾ رهڻ دوران غلام حسين لغاري، مرتضيٰ شاهه ڏاڏهي، سيد عباس علي شاهه ۽ ريڊيو جي عملدارن سڪندر بلوچ، مراد علي مرزا جي سهڪار سان مائي ڀاڳي کي ريڊيو جي رڪارڊنگ جي لاءِ گهرايو ويو. غلام حسين شيخ مائي ڀاڳي جو آڊيشن ورتو. مائي ڀاڳي جي ريڪارڊنگ ٿي؛

تار منجهان ترندي اچي،
لهرن منجهان لڙهندي اچي
دل ڪوهيارل ڪوهيارل پئي ڪري

انهي گيت جي موسيقي استاد نياز حسين ترتيب ڏني هئي. اهو گيت ريڊيو جي لهرن وسيلي مهراڻ وادي جي ڪن رس جي ڪوڏين مٺڙن ماڻهن جي ڪنن تي پيو ته، هُو آلاپ جي لهرن ۽ ٻولن جي تارن ۾ ترڻ لڳا.مائي ڀاڳي جي پهرين گيت ٻڌندڙن جي دلين تي اهڙو ڌاڪو ڄمايو جو مائي ڀاڳي جي ٻين گيتن جي لاءِ فرمائشي خط لکجڻ شروع ٿي ويا. پوءِ مائي ڀاڳي جي گيتن جي ريڊيو تي رڪارڊنگ جو سلسلوجڙي پيو. ائين مائي ڀاڳي ريڊيو جي فنڪاره بڻجي ويئي. مائي ڀاڳي ٽنڊوجان محمد، آهوري، ڏاجهوري، ڪوٽ مير جان محمد ۾ به رهي. ڪوٽ مير جان محمد ۾ رهڻ دوران مائي ڀاڳي جو مڙس هوٿي فقير گذاري ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ مائي ڀاڳي نئون ڪوٽ ۾ اچي پنهنجي مستقل رهائش اختيار ڪئي.

 پي ٽي وي تي مائي ڀاڳي کي محترم عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. پي ٽي وي تي هن پهريون گيت ‘کڙي نيم ڪي نيچي هون تو هيڪلي’ ڪرايو. گيت جي گونج ڪونج جي ڪوڪ وانگر هئي. درد جي آلاپ ديس پرديس جي دلين کي گهائي ڇڏيو. جن کي هن گيت جا ٻول به سمجهه ۾ نٿي آيا، اهي به هُن گيت جي موسيقي تي جهومي اٿيا. هي گيت مائي ڀاڳي جي سڃاڻپ بڻجي ويو. پوري ننڍي کنڊ ۾ اهو گيت ڪو به راڳي اڄ به ڳائيندو آهي ته ڳائڻ کان پهرين چوندو آهي ته، هاڻي ٻڌايان ٿو مائي ڀاڳي وارو لوڪ گيت يا ٻڌندڙ فرمائش ڪندا آهن ته، هاڻي مائي ڀاڳي وارو لوڪ گيت ٻڌاءِ. ائين دنيا جهان جي ريڊيو ۽ ٽي وي تي مائي ڀاڳي جا گيت هلڻ لڳا. بي بي سي جهڙي عالمي نشرياتي اداري مائي ڀاڳي جا گيت نشر ڪيا. نئون ڪوٽ جي نامور صحافي آڪاش سنتورائي مطابق بي بي سي جي جهوني صحافي جڏهن هڪ پروگرام ‘مڪتوب پاڪستان’ نشر ڪيو ته ان جي شروعات مائي ڀاڳي جي گيت ‘تار منجهان ترندي اچي’ سان ڪئي.[1] 

پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم شهيد ذوالفقار ڀٽي جيڪب آباد ۾ منقعد ڪيل هڪ پروگرام ۾ مائي ڀاڳي کي روبرو ٻڌو ته مائي ڀاڳي جي راڳ هن کي موهي وڌو. ڀٽي صاحب مائي ڀاڳي کي سٺ ايڪڙ بئراج جي زمين ۽ هڪ سونو تاج ڏنو.

روشن آباد جي عوامي شاعر مهراڻي جي مور سائين سيد عباس علي شاهه جي اوطاق فنڪاره جي لاءِ ‘ورلڊ فوڊ پروگرام ’جي دفتر جهڙي حيثيت رکندڙ هئي. مائي ڀاڳي به سائين عباس شاهه جي اوطاق تي ڪيترائي ڀيرا ڳايو. عباس علي شاهه جي اوطاق تي فن جو قدر محسوس ٿيندو هو. سائين ٻين فنڪارن جيان مائي ڀاڳي جي به هر وقت سماجي معاشي مدد ڪئي. مائي ڀاڳي سائين عباس علي شاهه جا گيت ڳايا. جن کي وڏي مقبوليت ملي. اها عالم آشڪاره ڳالهه آهي ته مائي ڀاڳي ڪڏهن ڳائڻ جي لاءِ پئسو نه گهريو. ڳائڻ دوران جيڪا گهور ملي اها گنج. راڳ هن وٽ عبادت هو. هُو موسيقي کي روح جي غذا بڻائي سگهندي هئي.

مائي ڀاڳي هڪ ئي وقت شاعره، ڳائڪ ۽ موسيقار هئي. ڪيترائي لوڪ گيت هن پاڻ سرجيا.مائي ڀاڳي اڪثر طور پنهنجي گيتن جي ڌن ۽ انهن جي ڳائڪي پاڻ ئي تخليق ڪندي هئي. چون ٿا ته مائي ڀاڳي رات جو بستري تي منهن مونن ۾ وجهي ڪيترائي ڪلاڪ ويٺي هوندي هئي. جڏهن ڪنڌ مٿي کڻندي هئي ته ڪنهن گيت جي ڌن هن جي من ۾ تيار هوندي هئي. 

مائي ڀاڳي کي 14 آگسٽ 1979ع تي فن جي مڃتا طور صدارتي ايوارڊ تغمه حسن ڪارڪردگي مليو. ‘ڀٽ جا ڀٽائي شال ڀٽ تي وسين’ جهڙو گيت ڳائيندڙ مائي ڀاڳي کي 1983ع تي شاه عبدالطيف ايواڊ مليو. 1985ع ۾ ٿرپارڪر ميلي جو اسپيشل ايوارڊ مائي ڀاڳي کي ڏنو ويو. ان کانسواءِ سگا جو شاهه لطيف ايوارڊ، مارئي ايوارڊ ، قلندر لال شهباز ايوارڊ، امتياز ايوارڊ ۽ نيشنل ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ مائي ڀاڳي جي فن تي مليا. 28 اپريل 1986ع ثقافت کاتي پاران مائي ڀاڳي جو ماهوار وظيفو مقرر ڪيو ويو. مائي ڀاڳي جي اندر جي تمنا هئي ته هُو حج ادا ڪري.حڪومت پاڪستان پاران سرڪاري خرچ تي مائي ڀاڳي کي حج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. پر افسوس ساهه جي ڏوري ساٿ نه ڏنو. هي عظيم گلوڪاره 7 جولاءِ 1987ع تي بيماري ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويئي. ساه جي تند ٽٽي پئي. مائي ڀاڳي اولاد ۾ ڪالو فقير، رحيمان، سوني ٻائي ۽ بهادر ڇڏيا. مائي ڀاڳي جي اولاد مان ڌي سوني ۽ پوٽي برڪت فقير راڳ جي واٽ ورتي. پر راڳ جي تارن مان تري اچڻ وارو مائي ڀاڳي جو روپ سروپ پنهنجو هو.

مائي ڀاڳي جي ڳايل ڪلامن ۾ ‘مهراڻي جا مير ’ ڏاڍو مشهور ٿيو هو. مهراڻي جي مير راضي شاهه گهوٽ سان هن جي دلي عقيدت هئي. مائي ڀاڳي جي وصيت مطابق راضي شاهه گهوٽ جي اوٽ ۾ دفنايو ويو. چون ٿا ته مائي ڀاڳي وصيت ۾ هن اهو چيو هو ته، منهنجي مٿان پڪي قبر نه ٺهرائجو. ان مٿان ڪا به پڪي سر نه رکي ويئي آهي.

چون ٿا ته ننڍي کنڊ جي عظيم گلوڪاره لتا منگيشڪر جي ڊرائينگ روم ۾ رکيل ٽيبل تي مائي ڀاڳي جي گيتن جي ڪيسٽ ۽ تصوير پيل رهي آهي. لتا مائي ڀاڳي کي فن جي ديوين ۾ ڳڻي ٿي.

مائي ڀاڳي جي ڳائڻ جو اندز به پنهنجو هو. ڪن تي هٿ ڏيئي ڳائيندڙ هن لوڪ ڳائڪ وٽ روايتي سنڌي ماڻهن جيان نماڻپ هئي. ايتري مڃتا ۽ شهرت ملڻ باوجود هن ۾ ڪڏهن وڏائي پيدا نه ٿي . هُو سدائين فقيري جي رنگ ۾ نياز نوڙت ۾ هر ڪنهن سان پيش ايندي هئي.

[1] ماهوار جاڳرتا، جون 2003.



ماما جمن دربدر


لوڪ گيتن جو ڪوي ۽ راڳي

ماما جمن دربدر

روح جي سرزمين تي جڏهن ڀٽائي جي سٽ ‘سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار’ سانوڻ جي مينهن وانگر وسڻ لڳندي آهي، تڏهن مون کي ٿرمان رڳو روحل واءِ جو ڳوٺ اکين اڳيان ڦرندي محسوس ٿيندو آهي. روحل واءِ سوري مٿي سيڻ ڏٺا آهن ته ڪلهن وٽان ڪنڌ ڪپائيندڙ ڪونڌرن جي ارڏائي جو ساکي به آهي.هن ڳوٺ جي پڌر تي حسين ڪوتائن جا ٻول ٻڌڻ سان چانڊوڪي روح ۾ رقص ڪرڻ لڳندي آهي. صدين کان سنڌ جا جوڌا جوان پنهنجي من جي تازگي جي لاءِ روحل واءِ ڏانهن پنڌ ڪندا رهيا آهن. روحل واءِ جي رهواسين جي جيون ۾ پنهنجي ڌرتيءَ سان سچائي ۾جهريون نه پيون آهن.صدين هن ڳوٺ جي سچائي ۽ معصوميت کي برقرار رکيو آهي. انهن جي ڪچهرين ۾ سنڌ جي تاريخ جي خوشبوءِ ايندي آهي. ادب آرٽ ۽ راڳ جو فن ڦلواڙيءَ جيان هن ڀوميءَ مان ڦٽو آهي. ڪلهه هن ڳوٺ جي ڀٽ تي روحل فقير ۽ مراد فقير پنهنجي ڏات جي ونڊ ورهائي هئي، اڄ ماما جمن دربدر جي اڳواڻي ۾ حليم باغي، حاجي ساند، اسحاق ساند، انور ساند ۽ ٻيا پنهنجي انوکي ڏات جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن. ماما جمن دربدر هاڪڙا وادي جي عظيم يادگار ولهار پتڻ جي ڀر سان شو مندر ۽ ڪنڊڙئي جي فقير روحل جي آستان جي وچ ۾آباد ساند سوڍن جي وستي ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ 12 مئي 1944ع تي جنم ورتو. پرائمري جا ٻه درجا عمرڪوٽ ۾ پڙهيو، پوءِ سندس والد صاحب جي ڪوششن سان ڳوٺ ۾ کولايل اسڪول ۾ چوٿين درجي تائين پڙهيو، وڌيڪ پڙهڻ جي لاءِ ڳوٺ صاڀي جي اسڪول ۾ داخل ٿيو، اتان ئي هن مڊل اسڪول مان اٺون درجو پاس ڪيو. صاڀي ۾ رهڻ دوران جمن اتي جي مدرسي مان ديني علم ڪيائين. 1962ع تي هن مئٽرڪ ڪري هارٽيڪلچر سينٽر ميرپوخاص مان Buddar جو ڇهه مهينن وارو ڪورس ڪري هن فيلڊ اسٽنٽ جو ڪورس ڪيو.ڪورس ڪرڻ سان هن کي فيلڊ اسٽنٽ جي نوڪري ملي ويئي.1970ع کان مامي جمن دربدر جاتيءَ، سجاول، باران فارم، غلام نبي شاهه، ڍوري ناري ۽ ڇور ۾ فيلڊ اسٽنٽ طور ڪم ڪيو.

ماما جمن هڪ ئي وقت شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ، ۽ ڊراما نويس به آهي. ماما جمن ڪيترائي سٽيج ڊراما ڪيا آهن جن ۾ اداڪار، صداڪار ۽ هدايت ڪار پاڻ رهيو آهي. انهن ڊرامن ۾ بد نصيب ٿري، سکن وارو سج، گلن واري ڇوڪري، آس،ڏک ۽ ڏڪار، چنڊ لڳي ٿو لولو، ٽرڙو عاشق، لڱ به منهنجا لوه، جابر وڏيرو شامل آهن. آس، سکن وارو سج ۽ ٽرڙو عاشق هن جا طبعزاد ڊراما آهن. 

ماما جمن جي شاعري ڌرتي جي دکن، سکن، آسن، امنگن ۽ احساسن سان هم آهنگ ۽ هم قدم آهي. ماما جمن دربدر جي شاعري ۾ سندس تخليق ‘وٺي جنم هر هر وربو، مٺا مهراڻ ملبو’ ڌرتي سان محبت جي مهانتا ۾ امرتا پائي ويئي آهي. پر اها ٻي ڳالهه آهي جو هن تخليق جي ايتري هاڪ ۽ ڌاڪ تي شاعري جي ديس جا ڪيترائي ‘ڪنور’ ۽ ’ڪمار’ سڙي پيا پر هي فقير منش ماما جمن ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ جي بدران ڪوتا جو ٻيجل چارڻ بڻجي سر جي صدا سُر ۾ هڻي ڏيهه ۾ ڏياچ ڳوليندو رهيو آهي. هن وٽ انسان ذات جو احترام اول آهي. هن جو من ماڻهو ۽ مٽي سان محبت ۾ سرشار آهي. پنهنجي مٽي ۽ ماڻهن سان محبت جي پنڌ هن کي پنهنجي دور جو چمڪندڙ ستارو بڻائي ڇڏيو آهي.

هن جي شاعري جي جڙ پنهنجي ڌرتي ۾ آهي. هن جي ضمير ۽ خمير جي خوشبوءِ لوڪ گيتن ۾ نکري نروار ٿئي ٿي. ٿر لوڪ گيتن جي سرزمين آهي. ماما جمن کي هڪ ٿر جي ڀٽن جو رهواسيءَ ڪوي هئڻ جي ناتي پيارا لوڪ گيت چوڻ ۽ ڳائڻ اچن ٿا. هن پيار ، اميد ۽ اتحاد جا گيت چيا آهن. هن جي لوڪ گيتن ۾ ٻوليءَ جو وسيع پهلو آهي. ٻوليءَ جي جماليت جو اعليٰ روپ سامهون اچي ٿو.صدين جي ساک ‘بادليو’ لوڪ گيت ۾ بادل کي منٿ ميڙ ڪئي ويئي ته ‘اي بادل تون امراڻي جي ديس مٿي وس’ ڍاٽڪي ۾ چيل گيت جي وراڻي آهي ته؛ ‘بادليا تون برس امراڻي ري ڏيس مٿي’ ماما جمن پنهنجي لکيل لوڪ گيت ‘بادليو’ ۾ ٿري ماڻهن جي مينهن جي لاءِ آس ۽ اميد بيان ڪندي حوصلو ڏنو آهي ته پنهنجي ڌرتي تي بادل وسندو رهندو. ۽ جڏهن ماما جمن اهو گيت ڳائيندو آهي ته، راڳ جي رم جهم ۾ محسوس ٿيندو آهي ٿر تي مينهن وسي رهيو آهي.

بادليو پيو وسندو

گاجڙلو گجندو

ملڪ موهر تي

بادليو پيو برسندو

کاهوڙي کيتن ۾،

خوش ٿي ويٺو کلندو

بادليو پيو برسندو

ماما جمن جي لوڪ گيت ‘اسين ماڻهو ٿر جا’ کي پڙهندي تصور ۾ رسول حمزا جو ڪتاب ‘ ميرا داغستان’ تري ايندو آهي. پر رسول حمزا توف جهڙي شاعر کي ‘اسين ماڻهو داغستان جا’ ٻڌائڻ جي لاءِ پورو ڪتاب لکڻو پيو. جڏهن ته ماما جمن پنهنجي هڪ لوڪ گيت جي مختصر مصرعن ۾ اها ڳالهه بهتر انداز ۾ ڪري ٿو وڃي ته ٿرجي ماڻهو جي ڪل ڪائتات ‘ساڻيهه، سانوڻ ۽ سڄڻ’ آهي؛ جنهن کي وقت جو ڪو به وهڪرو ٽوڙي نٿو سگھي.

اسين ماڻهو ٿر جا، ڀٽن جي هن ڀر جا،

الا ڪڪريو ٿو وسي،

الا وڏڙڦڙو ٿو وسي

سانوڻ آيو سرتيون،سٺڻ ڪيم رسي،

الا ڪڪريو ٿو وسي،

الا وڏڦڙو ٿو وسي

اوڍڻ منهنجي انگ جو پلريي سان پسي

الا ڪڪريو ٿو وسي.

الا وڏڦڙو ٿو وسي

‘ڪلجيو’ ٿر جو مشهور لوڪ گيت آهي. ماما جمن ان ڪجليو گيت جي تسلسل ۾ ڪجليو چيو آهي. ماما جمن هن گيت کي ائين ڳائيندو آهي، جيئن ‘تاراڻي جي ريل ۾ ٿري ناري پنهنجي پريتم ڪاڙينڌي (ڀيل) کي ساري ڳايو هو.

ميهه برسيو مهراڻي تي،

ميهه برسو امراڻي تي،

مريڙو چونڊڻ جائون

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون

(مهراڻي تي مينهن وٺو آهي، امراڻي تي مينهن وٺو آهي، آئون مريڙو چونڊڻ وڃان ٿي، آئون ته ڪجليو ٿي ڳايان، ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان.)

ساجنئي ري روٽي پگا،گهرٽي منڏڻ جائون،

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون .....

(ساجن جي ماني ڪارڻ آئون جنڊ پيهڻ وڃان ٿي، ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان.)

سمهلي پاڙي ڍولڪ باجي، مٽڪو رمڻ جائون

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون ........

(سامهون واري پاڙي ۾ دهل وڄي وهيو آهي، آئون مٽڪو رمڻ وڃان ٿي. ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان)

واء وڙيو واهوندي رو پيلوُ چونڊڻ جائون ،

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون

(واهوندي جو واءُ وريو آهي، آئون پيرون چونڊڻ وڃان ٿي. ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان)

پلرئي سين ٽوڀا ڀريا، ٻيڙلو ڀرڻ جائون،

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون

 (پلر سان ٽوڀا ڀريا آهن، آئون ٻيڙلو ڀرڻ ٿي وڃان، ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان.)

کيتر پڪا کسهوڙ را، هون چڀڙ چونڊڻ جائون،

هون تان ڪجليو تي گائون

ڪاڙي نا ڪجليو تي گائون

(کاهوڙ جا کيٽ پڪا آهن، آئون چڀڙ چونڊڻ ٿي وڃان، ڪاري کي ڪجليو ٿي ڳايان.)

 ‘لوئي’ به هڪ ٿري لوڪ گيت آهي. شادي جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي. هن گيت جا ٻول آهن ته ؛

هي منهنجي لاکيڻي لوئي،

مارو تو رات رڱائي لوئي

لطيف سائين سر مارئي ۾ ٿري لوئي (شال) جو ذڪر ڪندي بيت ۽ وايون چيون آهن. ماما جمن به سُر مارئي ۾ ‘لوئي’ لوڪ گيت چيو آهي. اهو گيت عمرجي ڪوٽ ۾ قيد مارئي جي پڪار آهي.

لوئي ليرون لوئي وو،

منهنجي ڦاٽل ساٽل لوئي وو،

منهنجي لڄ آهي، منهنجي پت آهي،

سا پت ڪيئن وڃان ڌوئي وو

تو ڏاڍ ڪيا، پر مون ته ڏس ڪين رنو،

مون کي جهانگين هڪڙي جهڻڪ ڏني

مون ته ڏنو آ روئي وو

تو کي منهنجن پنهنجن ڏس ڏنو

نه ته ڪيئن ڏسين ها ڏيهه منهنجو

پنهنجا جو غدار ٿيا،

تڏهن مان به ٿيس هت ڏوهي وو

مون کي ويڙهيچن جو ور ڏنو،

ڪيئن ڪر لڄايان ڪوٽن ۾،

آئون واپس ويڙهيچن ڏي ويندس

ماءُ ڏني آ ڊوهي وو

ڪوٽ هي ڪرندا ڪڙڪا ٿيندا

باهيون لڳنديون ڀڙڪا ٿيندا

ٽنهين پاسي ٽڙڪا ٿيندا

ڪين ڪندين تون اوئي وو

مان جمن جهانگيڙن ڏي ويندس

آزادي او نيٺ ته ماڻي

مارو مونکي کيرون ڏيندا

لعنت ڏيندا تو ئي وو

ماما جمن جو لوڪ گيت ‘اوسيئڙو’ ترنم سان ڀرپور اندر جو آواز آهي؛

سج لٿي اڱڻ مٿي چنڊ کڙي ٿو،

الا ڪوئي چت چڙهي ٿو.....

ڀيج ڀني ۾ ڪا وني واٽ نهاري، پريتم پڪاري

ڪڪر وسن، نيڻ ٽمن لڙڪ ٿو.

الا ڪوئي ياد اچي ٿو ...

رنگ رچي موج مچي، نينهن نچي ٿو

 الا ڪو ئي ياد اچي ٿو.....

ڪونج اڪيلي کي ڏسي روح رڙي ٿو

الا ڪوئي ياد اچي ٿو......

جمن کي پنهنجي پسي ۽ پيرون جي ڌرتي پياري آهي، جنهن جو پاڻ ڏٿ به آهي، ته ڏوٿيئڙو آهي، مارئي جي ڪردار تي هن جو ڪنڌ فخر سان اونچو ٿئي ٿو. جمن جو چيل لوڪ گيت ‘مارئي’ ٿر جا سگهڙ سياڻا مچ ڪچهري ۾ منفرد انداز ۾ چئي حوصلي، ۽ همت جو سبق ڏين ٿا ؛

هي مارئي ٿر ڄائي آ

جنهن لوئي لڄ بچائي آ،

هي ڏاڍ ڏمر کان ڪين ڏڪي

ڪنهن جابر اڳيان ڪين جهڪي

هن نيٺ ملير ملهائي آ

هن کيت قبوليو ساڻ کٿي

ڪين سيڻ مٽائين سون مٿي

پٽ ريشم ڪين هرکائي آ

چس کاڌن تي ٿي ڪا نه چري

ويئي نيٺ ته پنهنجي ويڙهه وري

جنهن جي لوچ ۽ سوچ سچائي آ

هئي هيڻي پر ٿي ڪا نه غلام

تنهن سانگياڻي کي لک سلام

جنهن جوءِ جمن جرڪائي آ

ڪانگڙو ٿر جو مشهور لوڪ گيت آهي، جمن ٿر جي ڪانگڙي لوڪ گيت ۾ ڪانگ کي ڀٽائي ڏانهن قاصد ڪري موڪلي ٿو ته ؛

ڪانگا چئه هي ڳالهه ڀٽائي،

مارو ٿيا بي حال ڀٽائي

جهوپا ويا تن جهانگين کان

سڀ ساٿ ويا سانگين کان

لڄ رکجان تون لال ڀٽائي

بالمو درد فراق ۾ ڀريل ٿر جو لوڪ گيت آهي، جنهن ۾ ناري ٽيج سانوڻ جي تهوار تي بئراج مزدوري تي ويل پنهنجي ور کي ساري ڳائي ٿي، ٿري لوڪ شاعري ۾ عورت جو محبوب هُن جو ور آهي. جمن جي لوڪ گيت ۾ ٿرياڻي پنهنجي بالم کي پيار مان ‘بالميون’ سڏيو آهي.

بالميو ني آيو، مانهجي ساسو جي رو جايو،

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(منهنجو بالم نه آيو ، اي منهنجي امان منهنجي سس جو ڄايل منهنجو بالم نه آيو.)

آئي سرامڻ ٽيجڙي، مين ڏانڙو منگايو،

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(سانوڻ جي ٽيج آئي آهي، مون اناج گهرايو آهي. ، اي منهنجي امان منهنجو بالم نه آيو.)

ٻيجيا سکيان سينگار ڪريا، مين ٽم ٽم ڪاجل باهيو،

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(ٻين سهلين سينگار ڪيا آهن، ٽم ٽم نيڻن مان ڪجل وهايو آهي، اي منهنجي امان منهنجو بالم نه آيو.)

تانهجي ڪارڻي صاحبا، مين مارگ مروئو بهايو،

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(اي منهنجا بالم تنهنجي ڪارڻ مون مارڳ ۾ مروئو پوکيو آهي. اي منهنجي امان منهنجو بالم نه آيو.)

ڪالهه اڏي گيا ڪانگيا،ڪوئي سنديس نا لايو

ماء! مانهجو بالميو ني آيو،

بالميو ني آيو،

(ڪلهه جيڪي ڪانگ اڏري ويا، انهن مان ڪوئي نياپو کڻي نه ِآيو، اي منهنجي امان منهنجو بالم نه آيو.)

ورساڙو لوڪ گيت کي چوماسو به چيو ويندو آهي. ورساڙو ٿر جي خوشي جو لوڪ گيت آهي. ماما جمن به ورساڙو لوڪ گيت ۾ وسڪاري جا منظر چٽيا آهن

آج اتريئي ۾ ڇايو ري ڇايو،
بيجان چمڪين برساڙو آيو،

(اڄ اتر کان ڪڪر ڪارونڀار ڪري اُپڙيو آهي، وڄون چڪمي رهيون آهن، وسڪارو آيو آهي.)

رم جهم آئي رت بسنتي،
گونڍ ملهار گايو،

(رم جهم جي رت بسنتي آئي آهي، گونڍ ملهار ڳايو)

ڇائي گهٽا گهنگهور گگن ۾،
آڀي سيس نمايو ري،

(گگن ۾ گهنگهور گهٽا ڇانئي آهي، آڀي سيس نمايو آهي)

مور پپهيا ميٺا ٻولين،
ڪوئل شور مچايو،

(مور پپيها مٺڙا ٻولي رهيا آهن، ڪوئل شور مچايو آهي)



سيد عباس علي شاهه


عوامي شاعر

سيد عباس علي شاهه

ٿر جي ڪس جو وڏو مهمان نواز هو

ٿر ۾ بئراج سان لڳندڙ ان پٽي جنهن جي هڪ پاسي بئراجي زمين ته ٻي ڏس واريءَ آهي، ان کي ڪس چيو ويندو آهي. ٿر جو طبعي ڀاڱو مهراڻو ڪس واري پٽي کان شروع ٿئي ٿو. مهراڻي ۽ ڪس جو مکيه شهر نئون ڪوٽ آهي. هاڻي نئوڪوٽ جو اهو عروج نه رهيو آهي، ڪنهن زماني ۾ نئوڪوٽ ٿر جر دروازي جو وسيل شهر هوندو هو. ٿر ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهو ان دوازي مان گذري مٺي ڏانهن قدم وڌائيندو هو. ڏکي سکي حالت ۾ ٿر ڇڏي بئراج ڀيڙو ٿيندڙ ماڻهو به ان لنگهه مان لنگهي بئراج پهچندو هو. ايندڙ يا ويندڙ جي لاءِ ڪس جي شهر نئون ڪوٽ جي ڀر سان روشن آباد جو ڳوٺ وڏو جهلو هوندو هو. هن ڳوٺ ۾ شاهه پوٽا سادات ڪس کائيندڙ ۽ وڏا مهمان نواز رهيا آهن. هن ڳوٺ جو وڏو سيد روشن علي شاهه جو سڪيلڌو پٽ سيد سائين عباس علي شاهه پنهنجي دور جو خوبصورت شاعر، سنگيت سان پيار ڪندڙ، اوطارو هلائيندڙ مهمان نواز ۽ سخي هئڻ سان گڏ راڄ نيتي جو رڄ مڙس هو. جنهن وٽ سدائين راڄ ڀاڳ جي ماڻهن جو ميڙو متل رهندو هو. راڄ ڀاڳ جا نبيرا به پنهنجي ڏاهپ جي ڏانءُ سان ائين ڪندو هو جو ڪنهن به ڌر کي رس ڪس ڏيڻ جي بدران تڪي توري انصاف جا مثال قائم ڪندو هو.

پراڻي ٿرپارڪر ضلعي جي سياست ۾ هن جي اوطاق جو اهم ڪردار رهيو آهي. سائين عباس علي شاهه جي اندر جي آرزو هئي ته، ڌرتي ڄاون جي دلين ۾ ڪو ڊپ نه هجي. دنيا کي تنگ نظرين ۾ ورهايو نه وڃي.عقل جي شفاف لهر بي عقلي جي سمنڊ ۾ ميري نه ٿئي. انسان هٿان انسان جي اقتصادي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڦرلٽ نه ٿيڻ گهرجي.مظلوم ۽ محڪوم قبيلا پرماريت جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل نه هجن. ڏاڍ، ڏمر، ڏهڪاءُ ۽ داداگيري جو دور نه هجي. ان تمنا جي لاءِ هن پوري زندگي جاکوڙيو. انسانيت جي اصولن تي هليو. آفاقي سچ جي پرچار ڪيائين. هن وٽ ڏات کان به سچ وڏي شيءَ هوندو هو.

مختلف وقتن تي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو،مخدوم طالب الموليٰ، پير سائين پاڳارو، مير رسول بخش خان ٽالپر، پير غلام رسول شاهه جيلاني، ممتاز ڀٽو، مير ملڪ محمد، وڏيرو شاه نواز جوڻيجو، مير علي احمد خان، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، مراد علي مرزا، مير الهبچايو خان، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عنايت بلوچ، علي نواز خاصخيلي، محمد خان سميجو، آچار خان بجير ۽ مکي نهالچند سميت ڪيترائي سياسي سماجي ۽ ادبي اڳواڻ سائين سيد عباس شاهه جي اوطاق جا مهمان ٿيا.سائين عباس علي شاهه جي اوطاق جي ڪچهري راڳ رنگ، علم ادب، سياست ۽ سماجيات سميت ڪيترن ئي موضوعن جو مانڊاڻ هوندي هئي.

سائين سيد عباس علي شاهه جي اوطاق تي راڳ جي رهاڻ ۾ سونا خان بلوچ مائي ڀاڳي، مراد فقير، محمد يوسف ڦوٽي خان زرداري، منظور علي خان، صادق فقير، اسحاق ‘ڪارو’ مڱڻهار، ڪريم فقير، ڪالو فقير، ڪنڊو فقير، ٻڍي فقير، حسين بخش فقير، فوزيه سومري سميت ڪيترن راڳين حصو ورتو. مراد فقير ۽ ڪارو فقير ڏينهن جا ڏينهن سائين عباس علي شاهه جي اوطاق تي رهندا هئا. مائي ڀاڳي به اڪثر راڳ ڳائڻ جي لاءِ ايندي هئي. سائين عباس علي شاهه فن جو وڏو قدر دان هوندو هو. شاعرن، اديبن ۽ راڳين کي ڏکي سکي حالت ۾ سنڀاليندو هو. سائين عباس علي شاهه کي شاعري جي ڏات ورثي ۾ ملي هئي. سنڌي وائي جي صنف جو خالق سنڌ جو صوفي بزرگ حضرت ميئن شاهه عنايت رضوي نصرپوري ۽ ڪافي جو بادشاهه حضرت مصري شاهه هن جي وڏن مان هئا. اهڙي طرح هن سادات خاندان ۾ شاهه شريف، بلال شاهه، قطب شاهه به شعر و سخن جا سردار رهيا آهن. سائين عباس علي شاهه جي شاعري جا ٽي مجموعا ڇپيا، تن ۾ ‘خيال دل’ ‘ساروڻيون سو ساهه ۾’ ۽ ‘در نه مٽجي دوست جو’ شامل آهن. سائين عباس علي شاهه جي شاعري گهڻن فنڪارن ڳائي آهي. پر سونا خان بلوچ سڀن کان وڌيڪ ڳائي گرامو فون ريڪارڊ ۽ ريڊيو جي ذريعي ٻڌندڙن تائين پهچائي. لوڪ گيتن جي عظيم ڳائڪ مائي ڀاڳي جڏهن سائين عباس علي شاهه جو ڪلام ‘منهنجو ساهه سانگيڙن کي ساري’ ڳائيندي هئي ته محسوس ٿيندو هو ته؛ ‘عمر جي ڪوٽ ۾ مارئي جا آلاپ ٻري رهيا آهن’.

سيد روشن علي شاهه جي گهر ۾ 1928ع تي جنم وٺندڙ عباس علي شاهه ننڍپڻ ۾ يتيمي واري زندگي ڏٺي هئي پر نوجواني تي پهچندي راجائي روپ اختيار ڪيو هو. سفيد ڪپڙا پائي سنڌي ٽوپي مٿي تي وجهي ڪاري ڪميت تي چڙهي اوطاق تان روانو ٿيندو هو ته، گهوڙي جي پيرن جي کيهه انڌوڪار ڪري ڇڏيندي هئي.

پاتر پهرڻ ڀل چڙهڻ، ڀوم تريان اتم ڪل،
لالچ ڪيڻي نا لڀڻا چولا لکيا لاڀيا ول

(اي ڍولا! نازڪ نفيس ڪپڙا پهرڻ ۽ چڙهي جي لاءِ ڀليون گهوڙيون جن جو بڻ روءِ زمين تي بڻن ۾ اتم آهي، اهي سڀ لالچ ڪندي نه ملن ، پرهي ته لکئي جو نصيب آهن.)

 سائين عباس علي شاهه پوري زندگي سادي ۽ ثقافتي رنگ ۾ گذاري. اصلي ٻج واري ڪڻڪ جي ماني، مکڻ، کير، بنان ڀاڻ واري ڀاڄي کاڌي طور استعمال ڪرڻ هن جي اصول ۾ هيو. زرعي زمين سنڀالڻ ۽ چوپايو مال پالڻ تي هن جو وڏو شوق هوندو هو. مينهن جا ڀاڳيا سنڌ جي راڄن ۾ ٻيا به هوندا پر سائين عباس علي منفرد ڀاڳيو هو.کير پيئڻ سان سڃاڻي ويندو هو ته ڪاري مينهن جو کير آهي يا ڪڪي جو، اڳئين ٿڻن جو کير آهي يا پوئين جو. اهڙي طرح ڍڳي ۽ ٻڪري جو کير پرکي ٻڌائيندو هو.

10جنوري 2012ع سائين عباس علي شاهه هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو.

مون کي سڄڻ سنڀالي روئندو ضرور هوندو،

ڳوڙهن سان منهن پنهنجو ڌوئندو ضرور هوندو

منهنجو وفائون ساري پاڻي اکين مان هاري

بادل جيان ته دلبر وسندو ضرور هوندو

منهنجي سائين عباس علي شاهه سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي سگهي پر سائين جو ڏوهٽو خوبصورت شاعر سائين اياز حسين شاهه رضوي منهنجو پيارو دوست آهي. سائين اياز رضوي جي طفيل سائين عباس علي شاهه جي پٽن سائين روشن علي شاهه، سائين انعام شاهه ۽ سائين احسان شاهه سان ڪيئي ڪچهريون سائين عباس علي شاهه جي اوطاق تي ٿيون آهن. سائين اياز رضوي جا ماما اسان کي اياز رضوي وانگر ڀائيندا آهن. جن راڄ ڀاڳ سان تعلق پنهنجن وڏن وانگر جوڙي رکيو آهي.



سهيل سانگي


نامور صحافي

سهيل سانگي

جنهن جي لکڻين ۾ صحرا جا سڏ پڙاڏا آهن.

سنڌ جي نامور ليکڪ اعجاز منگي پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته ؛ “سهيل سانگي جنهن به هنڌ هوندو آهي، ٿر جون ڀٽون ۽ انهن تي چوئنرا هتي رهندڙ ٿري هن جي آس پاس رهندا آهن”.[1] اها حقيقت آهي ته سهيل سانگي جي اندر مان ٿر ڪڏهن ٻاهر نڪتو به نه آهي. ٿر هن جي روح ۾ وسي ٿو. ٿر جي لاءِ هن سندر سپنا ڏٺا آهن. جن جي ساڀيان جي لاءِ سياست کان صحافت تائين هن وڏو پنڌ ڪيو آهي. پيڙائون برداشت ڪيون آهن. مون هن شخص کي ٿر جي لاءِ سوچيندي ڪڏهن مايوس ۽ اداس نه ڏٺو آهي. هر گھڙي نئين اتساهه ۾ ٿر جي لاءِ اڳتي وڌيو آهي.

وسڪاري جا وڻندڙ ڪڪر جڏهن ٿر جي سيمن کي سائو ويس پهرائيندا آهن، جڏهن پلر جي بوند موتي مثل محسوس ٿيندي آهي. تڏهن سهيل سانگي ڪٿي به هجي، ٿر ڏانهن موٽي ويندو آهي يا عمرڪوٽ ۾ رات رهي اباڻي ڳوٺ جنجھي ڏانهن سفر ڪندو آهي. جنجھي جي ڳوٺ ۾ چونئري واري اڱڻ تي لالٽين جي روشني ۾ هن کي ٿر گوتم ٻڌ جي گيان جي پستڪ جھڙو لڳندو آهي. ٻڪري جي کير واري چانهه جي ڍڪ تي ياد ايندو آهي ته، هن ڳوٺ ۾ رات جي پڄاڻي ۽ روشني جي شروعات جو سلسلو ڪيئن شروع ٿيو هو. پوءِ ڳوٺ جي نوجوانن کي گڏ ويهاري ٻاروتڻ جي ساروڻين ۾ ٻڌائيندو آهي ته؛ ڪيئن ڏاڏي الهڏني ۽ ٻين ڪوششون وٺي 1936ع جي زماني ۾ ان وقت جي لوڪل بورڊ جي ميمبر ڳوٺ لوڻيون سمان جي رهواسي عبدالغفور سمي جي مدد سان پنهنجي هن ڳوٺ جنجھي ۾ پرائمري اسڪول کولايو هو. نئين کليل اسڪول ۾ مبارڪ رند جي استادن سائين شير محمد ۽ گل محمد علم کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو.

مون جڏهن پرائمري ۾ داخلا ورتي هئي تڏهن ٿر جي پنجاهه ڳوٺن ۾ اسڪول هوندا هئا. ڪانڪيو جي ڳوٺ جي اسڪول به پراڻي آهي. سائين ساهومل ميگھواڙ، سترام داس ۽ محمد ماکن راهمي جھڙا استاد ڪيئن ٿا وسري سگھن. سائين سترام داس چاچي سچل کي به پڙهايو هو. چاچو سچل پنهنجي استادن جي وڏي عزت ڪندو هو پرائمري ۾ پڙهڻ دوران مون سائين سچل جي تياري هيٺ اسڪالر شپ جو امتحان پاس ڪري نمبر کنيو هو تڏهن منهنجي خوشي جي ڪيفيت ڪهڙي هئي، ڇا ٻڌيان!؟ ڳوٺ ۾ ڪيڏي غربت هئي پر ماڻهن وٽ ميٺ، محبت ۽ ماڻهپو هو. ميلن ۽ ملاکڙن جو عروج هيو. حيات هاليپوٽو ۾ لڳندڙ جڙيل شاهه جي ميلي تي اسين اڪثر ويندا هئاسين.

ڪڏهن ڪڏهن هيرار جي ميلي ۾ پنڌ پهچي وڃبو هو. امان الله بانسري ۽ چنگ وڄائڻ جو ڄاڻو هو. دين محمد اپلاڻي اٺ تي بيهي اٺ کي ڊوڙائيندو هو. لوڪ ڏاهپ واري هن فن تي ماڻهو حيرت ۾ ڏسندا هئا. ڏاڏو حافظ ميگھه ۽ سندس پٽ سائين حاجي الهداد جنجھي سگھڙ هئا. لطيف سائين گھڻو ياد هوندو. ڪرنور جي ساهڙ ٿيٻي جي اچڻ سان سگھڙن جي ڪچهري مچي ويندي هئي”سر منڊل” جي راند سان گڏ ڪوڏي ڪوڏي”گابڙي، ونجھه وٽي” نوکڻي ۽ شينهن ٻڪري” جھڙيون رانديون ٿينديون هيون. سائين مگھن پُري جڏهن جنجهي جي ڳوٺ استاد ٿي آيو هو تڏهن هن والي بال راند جي شروعات ڪرائي هئي، سينڌل، نعمت الله، مٿر اداس، آئون ۽ ٻيا ساٿي گڏجي شام جو والي بال راند ڪندا هئاسين. سائين مگھن پُري کي انگريزي پڙهائڻ جو وڏو شوق هوندو هو. هن شاگردن کي انگريزي گرامر تمام آسان نموني سيکاري هئي. سائين سچل جي ڪوششن سان ڳوٺ ۾ نياڻين جي اسڪول کلي. سائين سچل جي جستجو سان انگريزي پهريون ڪلاس شروع ٿيو. پوءِ مڊل اسڪول جو درجو مليو. ان اسڪول کي آباد ڪرڻ ۾ سائين سچل جنجھي ڪيڏي جستجو ڪئي هئي. اسڪول جي عمارت جي مرمت به چاچو سچل پاڻ ڪندو هو. چاچي سچل ڪيئن ٻين ڳوٺن ۾ علم بابت آگاهي جي مهم هلائي هئي. ٻين ڳوٺن جا ٻار مائٽن کي منٿ ميڙ ڪري وٺي اچي اسڪول ۾ داخل ڪرايا هئا. استادن ۽ ٻارن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جي لاءِ چاچي سائين سچل ڳوٺ ۾ مفت هاسٽل قائم ڪئي هئي.

سائين عبدالصمد سنگراسي پرائمري جو محنتي هو. ارجن لال سوٽهڙ، بختاور سنگهه، محمد سليمان، آنٻارام کتري، ڌرمداس، محمد وارث سنگراسي، پرڀو لال پريم شيواڻي به انگريزي اسڪول جا استاد ٿي رهيا. مڊل اسڪول کان هاءِ اسڪول ٿيڻ تائين وڏو تاريخي سفر آهي. جنهن تي پي ايڇ ڊي ڪري سگھجي ٿي. اسان ٽن ڀائرن محمد عرس، محمد اڪبر ۽ مون اٺون گڏجي پاس ڪيو هو. ان وقت هاءِ اسڪول نه هئي بابا سائين وٽ ٽن پٽن جي پڙهائي جو خرچو برداشت ڪرڻ جي توفيق نه هئي. اٺون پاس ڪرڻ کان پوءِ هڪ سال آئون ڳوٺ ويٺو رهيس. واندڪائي ۾ ڄام ساقي جا آندل ڪتاب پڙهندو هوس. تنقدي اڀياس لکڻ سان گڏ شاعري سرجڻ شروع ڪئي هئي، ڀٽائي ۽ شيخ اياز کي پڙهيو. ان وقت مون شيخ اياز جي وائي”عشق اسان وٽ آيو آرائين جيئن جھول ڀري” ۾ ٿر جي پسمنظر ۾ ڏنل تشبيهن تي تنقيدي جائزو لکيو. جيڪو نئين زندگي رسالي ۾ ڇپيو هو.

پوءِ ٻن ڀائرن منهنجي لاءِ قرباني ڏني ته، پهرين تون پڙهه اسان بابا سائين سان گڏجي تنهنجي پڙهائي جي خرچن جو بندوبست ڪنداسين.جنجھي کان ڇاڇرو پنڌ وڃڻو پوندو هو. ڇاڇري ۾ اتم چند، تلجارام، پونم چند، چندن لال ۽ ٻيا استاد هوندا هئا. احمد علي ميمڻ هيڊ ماستر هوندو هو. مون کي اها ڳالهه سدائين ستائيندي رهندي هئي ته پئسي نه هجڻ ڪري منهنجا ٻه ڀائر پڙهي نٿا سگھن. مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ آئون وري ڳوٺ اچي رهيس. مون پڙهڻ ٿي چاهيو پر غريب جي گھاڻي اها آس ٽوڙي رکي هئي. ڳوٺ ۾ ڪو ڌنڌو ڌاڙي نه هو. امان پريشان رهندي هئي ته منهنجو پڙهيل لکيل پٽ هاڻي ڇا ڪندو، ڪا نوڪري نه ملي رهي هئي، جيڪا ان وقت مئٽرڪ ڪندڙن جو وڏو مقصد هوندي هئي.

ان وقت ڄام ساقي حيدرآباد ۾ رهندو هو اتي پڙهائي سان گڏ سياست ڪندو هو. هڪ ڏينهن امان ڄام ساقي کي منهنجي نالي چيو ته هن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃ، هي پڙهڻ چاهي ٿو. اتي پڙهائنس، ڄام امان کي ورندي ڏيندي چيائين ته ڇوڪرو مون کي ڏئين ٿي ته وري مون کان واپس نه وٺجان، نه ئي هن مان پئسن جي اميد رکجو. پاڻهي پڙهي وڏو ماڻهو ٿي ويندو. پوءِ آئون ڄام سان گڏجي حيدرآباد ويس.

ڳالهين جي گھير ۾ اوچتو ڪنهن جي روپ سروپ جي سار ڇرڪائيندي آهي ته، ٿڌو ساهه ڀري ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چوندو آهي ته، مون کي ٿر جي ٽاڪ منجھند وڻندي آهي. سڀاڻي منجھند ٽاڻي رهيل ڳالهه کي اڳتي کڻنداسين.

محبت جي تصور ۾ لڙي آيل لڙڪ هن جي ڳل منڊي جي هيري جيان چمڪندا آهن. لوڪ کان لڪي لڙڪ اگھي آسمان ڏانهن نهاريندو آهي ته، ڳوٺ مٿان حسن جي پر اسرار جلووي وارو چنڊ آريائي دور جي مقدس آڳ وانگر لڳندو آهي. سوچن جي وڏي ٽپي کان پوءِ چپن تي ڀڻڪو آڻيندو آهي ته، ڇا هي چنڊ رات جي پوئين پهر اچڻ تي لهي ويندو؟ جڏهن مون ڇاڇرو جي شهر ۾ سرنگھو تي چانڊوڪيءَ نڇارو ٿيندي ڏٺي هئي، تڏهن مون کي ڌرتي تي چوڏهين جي اهڙي چنڊ چندن جي ڪاٺ جيان چيري منهنجي من کي مهڪايو هو. ڇا اڄ آئون شيخ اياز جي ٻولن ۾ پراڻي پريت کي نئين ريت ۾ پڪاري سگھان ٿو ته؛

اڄ اچ گھوري گھاءِ،

تو بن چين نه آئيو.

آڌي رات اڱار تي،

منهنجا انگ نچاءِ،

تو بن چين نه آئيو،.

ماٺيڻي مرڪ وارو شخص سيئنل يا سئنيو مان سهيل ڪڏهن ٿيو خبر نه آهي!؟ پر سانگي جي تخلص هن ان وقت رکيو هو جڏهن داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه کان پوءِ پيدا ٿيندڙ احساس جي اظهار جي لاءِ هن ڪوتا ديوي جي پانڌ پڪڙيو هو.

هن وٽ سک هئا ئي ڪو نه، جو گھوري نڪري، هن وٽ نسلن کان ڏکڙا هئا، جن کي ڏونرن جي پسي ۽ ڳاڳين جي مٺاس جھڙي ڏٿ بڻائي پنهنجي ڏات پالي ورثي ۾ مليل لوڪ ڏاهپ ۽ ڪلا کيتر جي سنگم سان هن کي پتو پيو ته ڪهڙن ويڻن تي اکڙين ۾ سرمو ۽ مانگ ۾ مگرا سڪي ويندا آهن ! جھڙن ۾ جھيڻي باهه جيان ڪُوڪر ڪونج ڇو ڪندي آهي؟ رڻ ۾ روجھه ڇوهه ڇلانگ ڏيئي ڇو ڇپي ويندا آهن ! ڳاڙهيون لونگيون ڪلهن مٿي رکي مارو ڪيئن هلندا آهن.

ٿر جي لوڪ گيتن ۾ هن نه صرف سانجھه جي جانجھ کي مرڪندي ٻڌو پر سونهن، سرت، چاهه، چانڊوڪي، خوشبويءِ خوشيءَ، اڃ اساٽ، دک، درد، آدرش ۽ اتساهه جا اهڃاڻ گونجندي ٻڌا. هن ان وهيءَ ۾ پختو ويچار ڪيو ته حالتن جي ڪاڪ محل جا سڀئي طلسماتي امتحان اُڪري پانڌ پسائڻ بنا منزل جي مومل ماڻڻي آهي. انهيءَ جي لاءِ هن پاڻ ۾ اهو گُڻ پيدا ڪيو ته انسان ذات جي گڏيل خوابن يعني بک ۽ بدحالي جي خاتمي، پيار جي پالوٽ، انصاف جي خاطري، آجپي جي خوشحالي تائين عام ماڻهو سان گڏ رات جي اونداهي ۾ اڳيان، اڳيان ۽ ڏينهن جي سوجھري ۾ پويان پويان همسفر ٿي هلڻو آهي.

سهيل سانگي عمر جو وڏو حصو سچ ۽ روشني جي عزت ڪرائڻ ۾ گذاريو آهي. سماج ۾ انهي ڳالهه کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ته دنيا ۾ جھالت ۽ بي عملي کان وڏيون برايون آهن. جا ڳالهه اسان پنهنجي لاءِ پسند ڪريون ٿا، اها ٻين لاءِ به پسند ڪريون.

آڪٽومبر 1950ع ۾ سچل جنجھي جي ڀاءَ محمد رمضان جي گھر ۾ جنم وٺندڙ سهيل سانگي ڄام ساقي جي سهڪار سان 1968ع تي حيدر آباد وٺي اچي ان وقت جي مشهور ڪتاب گھر، قومي ڪتاب گھر، تي سيلز مين طور لڳايو. ڪتاب گھر تي ڪم ڪرڻ سان گڏ هن مسلم ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخل پڻ ورتي. ائين پڙهائي جو به سلسلو جاري ٿي پيو. انٽر ڪرڻ پوءِ هن سنڌ يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي. ڪاليج ۾ سهيل جي داخل ٿيڻ کان پوءِ ٻن مهينن تي ڄام ساقي سهيل کي پروفيسر جمال نقوي سان ملايو. پروفيسر جمال الدين هن کي مارڪسزم پڙهائڻ شروع ڪيو. هن جي ذهني تربيت تي ڄام ساقي، ڇگن لال چارڻ، قاسم، پٿر، باقر سنائي ۽ نثار حسيني جو اثر رهيو. ٿر جي ڳوٺ مٺڙيو چارڻ جي ڇگن لال هن جي تمام گھڻي رهنمائي ڪئي، سياست ۾ سرگرم ٿيڻ سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به تحرڪ سان حصو ورتو. حيدرآباد جي قومي ڪتاب گھر جي حيثيت اها هوندي هئي جو ان کي ماڻڪ سنڌ يونيورسٽي کان پوءِ ٻي يونيورسٽي سڏيندو هو. روز دانشورن، اديبن، صحافين ۽ سياستدانن جو ڪتاب گھر تي اچڻ ٿيندو هو.

1970ع ۾ ڄام عام چونڊن ۾ حصو ورتو ته ڄام جي چونڊ مهم کي مجموعي طور تي نگراني وسيم عثماني کي ڏني ويئي. سهيل کي ڇاڇرو چونڊ آفيس جو انچارج ڪري موڪليو ويو. مقامي هجڻ جي ڪري سهيل ننگرپارڪر جي چونڊ آفيس کي به مدد ڪئي. مسڪين جھان خان کوسو،، عالم چند ڪولهي، گھمن سنگهه ڀيل، سنڀو هميراڻي سميت مختلف تبديلين پسند اڳواڻن ڄام جي سوڀ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪيا. سوجي جي تڙ جي جي هڪ ميگھواڙ دوست تيجن چونڊ مهم جي هڪ ڪارنر گڏجاڻي ۾ سهيل سانگي جو تعارف ڪرائيندي فخر سان چيو هو ته سهيل حيدرآباد ۾ ڪتاب گھر تي ڪم ڪري رهيو آهي.

سهيل حيدرآباد اچڻ کان اڳ ۾ اڪثر ٿرين جيان ريل گاڏي به نه ڏٺي هئي. نذير عباسي چرچي طور چوندو هو ته،“ اهو ماڻهو اسان کي سياست ۾ رهنمائي ٿو ڪري، جنهن ريل گاڏي به مئٽرڪ کان پوءِ ڏٺي آهي”شايد نظير عباسي کي اها خبر نه هئي ته هن ٿر ئي کي پهريون ڀيرو جڏهن سائين سچل نارنگي آڻي ڏني هئي ته کلن سُوڌي کائڻ شروع ڪئي هئي.

کاٻي ڌر جي سياست ۾ هن جي ذهانت هن کي جلد گھڻو اڳتي وٺي آئي سياسي، سرگرمين جي رپورٽن ۽ ترقي پسند ادب عام ڪرڻ جي لاءِ نڪرندڙ رسالي”پرهه ڦٽي” جي آڌار تي ٽيم ۾ سهيل سانگي کي اهم ذميواري ڏني ويئي. پارٽي جي پريس رليز ٺاهڻ ۽ ٿر جي ڏڪارن ۾ ٿر جي صورتحال بابت اخبار وارن آگاهه ڪرڻ جي جستجو هن کي ميڊيا جي ويجھو آڻي ڇڏيو. هن پنهنجي دوست ڊاڪٽر جيون مينگهواڙ سان گڏجي ٿري شاگردن جي گڏجاڻي ڪوٺائي. ٿر جي ڏڪار ۽ ٻين مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ جي لاءِ مهم شروع ڪري مسڪين جھان خان کوسي جي ڪم ۾ هٿ ونڊايو. هن روزاني عبرت اخبار جي ٽيم ۾ شامل ٿي ڪالمن ۾ ٿر جي ڏکن ڏاکڙن جي اظهار سان گڏ ٿري سماج جي ذهني، شعوري ۽ نفسياتي عڪس کي اکرن ۾ آندو.

ايم اي انگلش ڪرڻ کان پوءِ هن نوڪري جي ڳولها شروع ڪئي. هڪ دفعي ڪراچي ۾ ڪاليج ليڪچرار جي پوسٽ جي لاءِ انٽرويو ڏيئي سهيل سانگي پنهنجي دوست ڪامريڊ سليم قاضي جي جاءِ تي ويو. واپسي جي لاءِ سنڀريو ته قاضي چيو ته، آئون به حيدرآباد هلان ٿو، تون مون سان گڏ هل.رستي ۾ قاضي چيو ته ڪامريڊ تون نوڪري کي ڇا ڪندين !؟ آئون سنڌ نيوز” نالي اخبار ڪڍان ٿو، اها جوائن ڪر. اخبار جون تياريون شروع ٿيون، شيخ عزيز ايڊيٽر هو، ٻي نمبر تي اختيار سهيل کي ڏنا ويا، ٻنهي ڄڻن گڏجي پوري سنڌ جو دورو ڪيو. نمائندا چونڊيا. ائين سهيل باقائده صحافت جو حصو بڻجي ويو. جيترو سياست ۾ سچائي جي ساک ٿي رهيو، اوترو ئي هي صحافت جي پيشي ۾ پيشوراڻا روين جي سڃاڻپ بڻجي اڀريو.

1980ع ڌاري سياست جي سرڪشي ۾ هلندي ڪراچي مان پنهنجي دوست ڪمال وارثي سان گڏ گرفتار ٿيو. ڄام ساقي اڳ م ترم ۾ واڙيل هو. رهيل ساٿين مان نذير عباسي، پروفيسر جمال نقوي، شبير شر ۽ امر لال تائين سرگرم ساٿي سوگها ٿي چڪا هئا. جيل ۾ ڀٽائي جو سُر مارئي هر ويلي هن کي ويساهه ڏيندو هو ته، زنجير ٽٽڻ جي لاءِ هوندا آهن. جيل جي ديوار کي دهل جي ٿاپ جيان وڄائي راڻليو لوڪ گيت ڳائي قيد جا ڪرڀ وساري ڇڏيندو هو. اياز جي نظمن سان دوستن کي به آٿت ڏيندا هو ته؛

نيٺ ته ٺرندا

ڪيسين ٻرندا ڏينهڙا!

پر ان وقت هن جو ڏيل آڳ جيان ٻرندي محسوس ٿيو هو، جڏهن نزير عباسي جي وڇوڙي جي وارتا هن جي ڪنن تي پئي هئي.

سهيل سورنهن مهينا قيد تنهائي جا ڪٽيا سهيل تي ڪيس هلي پورو ٿيو، تڏهن ضمانت جي لاءِ شيخ علي محمد جي ضمانت جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ جيل مان ٻاهر نڪرڻ سان ئي سهيل کي آفتاب اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيئي روزگار جو بندوبست ڪري ڏنو. پوءِ هن سفير اخبار ۾ به ڪم ڪيو.

سهيل جي شادي حيدرآباد ۾ سياسي ڪارڪن ڪلثوم سان ٿي. سهيل جي ڃڃ به هڪ ٽانگي ۾ پهتي هئي. چاچي ڪلثوم سهيل سان هر طرح نڀايو. سهيل جي ڏکين ڏينهن ۾ ٻارن جي پرورش کان وٺي ٿر مان ايندڙ مهمانن جي ميزباني ڪرڻ تائين چاچي ڪلثوم پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. سهيل جي جيل ۾ هجڻ وارن ڏينهن ۾ ٿر جون ڏڪاري حالتون هيون. چاچي ڪلثوم انجمن ترقي پسند خواتين جي پليٽ فارم تان چندو ڪري ٿر ۾ کاڌي پيتي جو سامان ورهايو. ٿر جي ڪيترن ئي نوجوانن سهيل جي گهر رهي اعليٰ تعليم پرائي آهي. چاچي ڪلثوم گهر ۾ رهندڙ ٿري نوجوانن کي اولاد وانگر ڀانيو. 

ٿورو کائڻ ۽ گهڻو لکڻ، ٿورو سمهڻ ۽ گهڻو سوچڻ واري هن شخص جي سياست ۾ تربيت ڪئي ويئي، پر صحافت ۾ هن ٻين جي تربيت ڪئي آهي. سنڌي صحافت ۾ مزاحمتي صحافت جو بنياد وجهڻ جي لاءِ تاريخ هن جي ڪلهن تي وزن رکيو. هن جي صحافتي صلاحيتن جي نکار شهرتن جي آڀي کي تڏهن رسي جڏهن سهيل سانگي عوامي آواز اخبار جو چيف ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر بڻيو. هن عوامي آواز جي نمائندگي جي لاءِ ڪوشش ڪئي ته کاٻي ڌر جي ڪارڪنن انهن ساٿين کي موقعا ڏيئي صحافت ۾ آڻجي. جن ۾ مزاحمت جي سگهه وڌيڪ آهي. هن چونڊ ڪيل ساٿين جي صحافت جي لاءِ پيشوراڻا تربيت ڪئي.

ان وقت ف م لاشاري ۽ علي قاضي به سنڌي صحافت ۾ روزاني جاڳو ۽ روزاني ڪاوش جي پليٽ فارم تان جدت جي جوت جلائڻ شروع ڪئي هئي. سهيل سانگي جي ميدان مچائڻ کان پوءِ صحافت جي ان ٽمورتي سنڌي صحافت ۾ ائين سگهه ڦوڪڻ جي جستجو ڪئي، جيئن شينهن پنهنجي نئين ڄاول ٻچي ۾ سگهه ڦوڪيندو آهي. پر بدقسمتي سان اها ٽمورتي جلد ٽٽي پئي. ف م لاشاري روڊ حادثي ۾ گذاري ويو. سهيل سانگي به اخبار جي انتظامي معاملن ۾ اڻ وڻت جي ڪري روزاني عوامي آواز ڇڏي آيو.

سهيل سانگي “عوامي آواز” ڇڏڻ کان پوءِ ڪراچي مان پهريون سنڌي نيوز مئگزين شايع ڪيو. جنهن جو نالو رکيو “آرسي” رکيائين. آرسي جا عڪس صحافت جي نواڻ جا تسلسل لڳا. وڏي مقبوليت ملي. مئگزين جي ٽيم ۾ خدا بخش ابڙو، عاجز جمالي، رحيم بخش برق ۽ زاهد ميراڻي شامل هئا. هن مئگزين ۾ ڇپجندڙ رپورٽ ۽ مضمون تي ليکڪ کي معاوضو ڏنو ويو. سنڌي صحافت ۾ معاوضي ڏيڻ جي روايت آرسي وڌي. آرسي ۾ ڇپيل ايڊيٽوريلن جي اهم حيثيت هوندي هئي. پرآرسي” کي هلڻ نه ڏنو ويو. مختصر سفر ۾ آرسي پنهنجو نالو ڇڏي بند ٿي ويو.

اسان جو هي روشن خيال صحافي ۽ اسڪالر صحافت جي فيلڊ ۾ مختلف هنڌن تي رمندي روزاني ڪاوش ۾ به گهڻو وقت رهيو. ڪاوش جو اسلام آباد جي لاءِ بيورو چيف ٿي پهتو ته اتي پاٻوهر جو دين محمد اڍيجو ٿر جون خبرون ڪرڻ جي لاءِ ملي ويو. دين محمد کي چوندو هو ته؛ “مون موکئي جي رڻ وٽان گذرندي پڪ ڪئي ته اوچا ڊڀ چنڊ جي چهري کي ڪڏهن رهڙون نٿا ڏيئي سگهن. دامن ڪوهه جي روپ رتل راتين کان ڪارونجهر جي ڪور تي سونهن جي ساک کڻي گذاريل راتيون حسين آهن. سارنگا جي هٿن جي اتاريل آرتي اڄ به اکين اڳيان ڦري ٿي.

هن جي حافظي ۾ ٿر جا وڻندڙ دور آهن ته تلخ تجربن جا به داستان چٽا آهن. سهيل سان ڳالهائيندي محسوس ٿيندو آهي ته ٿر سان گفتگو ڪري رهيا آهيون. هن آندري مالرو جو ناول “آس جا ڏينهن” پڙهيو آهي الائي نه، پر ڄام ساقي جي ناول “کاهوڙي کڄن” محمد حيات عاجز جي ڪهاڻين جي مجموعي “ڀٽون ڀرجي آئيون” جي سٽ سٽ هن کي ياد آهي. جڏهن ٿر جي ڀڳتن جا دوها چپ ڪري هن جي چپن وٽ اچي بيهي رهندا آهن، تڏهن تصور ۾ ميران ٻائي روئي پوندي آهي. سماجي مت ڀيد ۽ ڇات ڇوت کان آجي انسانيت ۾ ويساهه رکندڙ هن شخص کي دلت ادب جي شاعر نامديو ڌاسل نظم جي سٽ ياد ايندي آهي ته؛ “منهنجو پاڇو صرف منهنجا پير ڍڪي سگهي ٿو”

سهيل ڪڏهن ڪوڙ جي ڪوٽ ۽ منافقي جي ترار کان ڊنو نه آهي. هن سدائين سچ لکيو آهي، سچ چيو آهي. سچ جي لاءِ سختيون سٺيون آهن. هن ڪڏهن مصلحتن ۽ هٿ ٺوڪن ٺاهن تي پاڻ کي هيرايو نه آهي. سهيل سانگي ڪڏهن انڌيرن جي آجيان نه ڪئي آهي. سنڌ جي نوجوان سان ملي پهريون سوال ڪندو آهي ته؛

حالتن کان فرار ڇا جي لاءِ،
سج سورج مکي جي آڏو جهل،
هي انڌيرن سان پيار ڇا جي لاءِ

سنڌ ۾ سياست، صحافت ۽ ادب جي سفر ۾ پنڌ ڪندي هن کي گهاڙوءَ ۾ رڻ جهڙي راتڙي به پئي. پر هن ڪڏهن قلم جي ڪرهي کي ڪُڏڻ جو نه چيو آهي. هن کي پتو آهي ته ڪير ڪير ڌوڻين ڌڱ ڇڏي ويا. ڪهڙن اوتارن ۾ ڌمالن تي ڌوڙ چڙهي ويئي. ڪهڙن اوتارن ۾ مڙني کي ماٺ اچي ويئي. ڪهڙن اوتارن ۾ اڄ به وائي گونجي ٿي. سرخ سياست جي تقريرن کان وٺي اخبار جي سرخين ۽ ٽي وي شو جي تجزياتي تبصرن تائين سهيل سانگي ڪڏهن جذباتي نه ٿيو آهي. ڪهڙي به ڳالهه ڪرڻي هوندي آهي، ڪڏهن جذباتي نه ٿيندو آهي. پنهنجي پوري سڪون سان چوندو آهي ته، آئون سمجهان ٿو ته ائين ٿيندو يا آئون سمجهان ٿو ائين ممڪن نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو اڃان اختلاف جاري آهي ته، چوندو آهي ڏسي وٺ! مون کي ائين نٿو لڳي.

مون سائين سچل نه ڏٺو هو، پر ڄام ساقي ۽ سهيل سانگي سان ڪيتريون ئي ڪچهريون ڪيون آهن. آئون سهيل سانگي کي چاچو چوندو آهيان. سهيل سانگي پنهنجن پٽن جيان ڀائيندو آهي. ٿر جي ڪيترن نوجوانن سهيل جي گهر رهي اعليٰ تعليم پرائي آهي. سهيل سانگي سدائين نوجوانن کي تعليم جي لاءِ اتساهيندو رهيو آهي.

سهيل سانگي جڏهن روزاني سنڌ جو ايڊيٽر ٿي آيو، تڏهن مون ڪجهه ڏينهن سهيل جي ادارت ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. ڪنهن غلطي تي سهيل گرم ٿيڻ جي بدران ٿڌن مزاجن سان اهڙي ڪلاس وٺندو هو، جو ٻيهر غلطي جي ڪا گنجائش نه رهندي هئي.

سهيل سانگي هڪ محب وطن ۽ ذهين استاد جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن جي شعبي م هڪ وزيٽر پروفيسر جي حيثيت ۾ صحافت پڙهائي ٿو. شاگردن کان عملي ڪم ڪرائيندو آهي. شايد سنڌ جو ڪو ورلي ماڳ، مڪان ۽ شخصيت رهي هجي جنهن تي سهيل جي شاگردن اسٽوري ۽ انٽرويو نه ڪيو هجي. هن جي ڪوشش آهي ته سندس شاگرد ڪڏهن مهڻي هاب صحافت جو حصو نه ٿين. صحافت جي ميدان ۾ ڪيترائي سهيل جا شاگرد ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيا آهن.

آءِ اي رچرڊس پنهنجي شاگردن کي مختلف شاعرن جي شاعري جا پنا ڏيئي تنقيدي اڀياس لکي اچڻ جو چيو هو، شاگردن جيڪي نوٽ لکيا تن کي ميڙي رچرڊس هڪ تفصيلي مهاڳ لکيو هو. اهو ڪتاب ادب جي دنيا ۾ تنقيدي اڀياس جو اهم ڪتاب آهي. سهيل سانگي رچرڊس وانگر شاگردن کي صحافتي هوم ورڪ ڏيئي رهيو آهي. سنڌ سنڌي صحافت جي ميدان ۾ سهيل سانگي کان اهڙي ڪتاب جي اميد رکي ٿي.

شيڪسپيئر پنهنجي هڪ ڊرامي “ڪنگ ليئو” جي هڪ ڊائلاگ ۾ چيو آهي ته؛ “ڪنهن نانگ کان ڪيترا تکا ڏند آهن، هڪ احسان فراموش ٻار کي” سهيل سانگي به اهڙا احسان فراموش ساٿي ۽ شاگرد مليا آهن پر هن وٽ سهپ جو مادو تمام وڏو آهي.

سهيل سانگي جڏهن ٿر ۾ ارٽ اٻاڻڪا ڏٺا آهن، تڏهن اکيون ڀرجي آيون آهن. هن ڪڏهن واريءَ ۾ پيرا وڃايا نه آهن. پر اجري صبح جي پار پتن مارو ماڻهن کي ڀٽن ۾ ڀٽڪايو آهي تڏهن لوڪ کي ميار ڏيڻ جي بدران ڀالوا جي ڀٽ تي پهچي اياز جي وائي ڳائي ٿو ته؛

تون ئي نانهه ملير،

آئون اُهائي مارئي.

آهه اڃايل اڳ جيان،

منهنجو ساهه سرير

آئون اُهائي مارئي

اڄ به پنهنجي تبديل ٿيندڙ ٿر جي نئين سر ڳولا ڪري ٿو. جڏهن هن کان ڪوئي سوال ڪندو آهي ته ٿر جي واريءَ ۾ ڇا رکيل آهي؟ تڏهن هن کي سيد نديم سعيد جي ڊرامي آخري گيت جا ڊائلاگ ياد ايندا آهن.

روزاني ڊان جي صفحن تي انگريزي ۾ لکيل ڪالمن کان وٺي اردو اخبارن م “ميري دل ميري مسافر” “هاٿ سلامت رهي جب تڪ” جي سري سان لکيل آرٽيڪلن ۾ صحرا جا سڏ پڙاڏا آهن.

سموري سنڌ کي پنهنجي سوچ ۾ سهيڙي رکندڙ هن ڪامريڊ سياستدان ۽ صحافي جي اندر ۾ مايوسي جو منڊ جڙڻ جي بدران سدائين آس جا موتي مهڪن ٿا ته؛

نيٺ ته ايندو فصل بهاران، نيٺ ته ايندو.

پر ٿر جا مور جڏهن هن جي من ۾ ٽهوڪندا آهن تڏهن بي اختيار تعلقي ڇاڇري جي راڳي حيدر رند جو ڳايل گيت جهونگاريندو آهي ته :

موريا ري موريا ميٺو تون ٻوليو

گڙتي رات نون...

__

[1] ڪاوش مئگزين 1994ع



ولي رام ولڀ


سنڌي ادب جو سچو سرجڻهار

ولي رام ولڀ

ادبي تاريخ جو ڪڙو سچ اهو آهي ته اديبن جي وڏي اڪثريت وٽ فن، فڪر ۽ ڪردار ۾ ڪوڙ جي ڪوٽن ۽ منافقي جي منظرن کانسواءِ پاڇي ٻڙي آهي، تمام ٿورا اديب آهن،جن ڪوڙ جي ڪيميا گري کي رد ڪيو آهي، انهن جي اکين ۾ ڪارو پاڻي نه لٿو آهي، ماڻڪين ۾ موتيا پيدا نه ٿيا آهن، ڏاڍ، ڏمر ۽ ڏک ۾ ڪانئر ۽ ڪميڻو ٿيڻ جي بدران نئين حوصلي سان نئين اُمنگ سان زندگي جي ڀرپور قوت واريون سٽون سرجيون آهن، ترجمو ڪري عالمي ادب مان آنديون آهن، پنهنجي مٽي ۽ ماڻهن سان بي انتها محبت ڪئي آهي، پنهنجي قوم کي جيارڻ جا جتن ڪيا آهن. منهنجو اهو پختو ويساهه آهي ته عوامي رنگ اختيار ڪندڙ تاريخ ۾ سنڌ جي انهن سچن اديبن کي وڏي مان مرتبي سان جاءِ ملندي.

سنڌي ادب جي انهن سچن سَرجڻهارن ۾ ٿر ڄائو وليرام ولڀ پڻ شامل آهي، جنهن جو جنم ٿر جي ڀٽن ۾ ٿيو آهي پر هن کي موهن جو دڙو ايترو ئي پيارو آهي جيترو ڪارونجهر جو پهاڙ. هي ڀالوا جي ڀٽ تان اڀرندڙ سج کي ڏسي سرهو ٿئي ٿو ته، ڪيٽي بندر جي چانڊوڪي کي به روح ۾ اتاري ٿو. سڄي سنڌ سان ديومالائي ڪردارن وانگر پريم رکندڙ وليرام ولڀ سنڌي ٻوليءَ جو ڪهاڻيڪار، شاعر، مضمون نگار، ترجمي نگار ۽ نقاد آهي، هر حيثيت ۾ ادب جي آبياري جي لاءِ مصروف عمل رهيو آهي.

لفظن جي ويس ۾ هن مانائتي سرجڻهار جو خاڪو هن ريت جڙي ٿو، قد ۾ ڊگهو، ڪپڙي لٽي ۾ ٺهيل ٺهڪيل، پرشو بازي کان گهڻو پري، هڪ پُر وقار شخصيت جو مالڪ، اکين ۾ نمرتا، چهري تي مڪمل اعتماد، نظم ۽ ضبط جو مجسمو، سڀاءُ ۾ انسان دوست، هر تضاد کان آجو، خاموشي سان ترقي پسند ادب جي لاءِ پنهنجو پورهيو ڪندڙ اڻ ورچ ۽ اڏول انسان جنهن جي شخصيت وانگر لکيل هر سٽ نثر ۾ هجي يا نطم ۾، ترجمي ۾ هجي يا تخليق ۾، سچي ۽ کري هوندي آهي، جنهن ڪڏهن به ڪوڙ جي ڪلس (لوٽي) تي سونو پاڻي نه چاڙهيو آهي.

ليکڪ پنهنجي ذاتي زندگي ڪيئن ٿو گذاري؟ ۽ هڪ ليکڪ جو پنهنجن لفظن سان ڪيترو سچو هئڻ گهرجي؟ اهو هڪ جدا بحث آهي، ليکڪ جي ڪردار تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي بدران رڳو هن جي فن کي ڏسجي انهن جي لاءِ هڪ ننڍڙو عرض آهي ته ڀٽائي جتي “مڱڻهارن مَپُ، ڪونهي ٻيو ڪيرت ري” واري سِٽ چوي ٿو اتي “طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻها” واري ڳالهه جتائي ٿو.

سنڌي ۾ چوندا آهن ته “ڦيري هڻ فقير، هٿ پنهنجي هانءُ تي” نامياري نقاد والٽيئر هڪ هنڌ چيو آهي ته “مون کي تنهنجي راءِ جي لفظ لفظ سان اختلاف آهي، پر توکي پنهنجي راءِ رکڻ جو پورو حق آهي، تنهنجي انهي انساني حق جي بچاءُ خاطر پنهنجي ساڄي ٻانهن ڪپائڻ جي لاءِ تيار آهيان،” پر حقيقت اها آهي ته سنڌ کي ٻيو ته ٺهيو اديبن جي هڪ حصي پڻ وڏو نقصان رسايو آهي.

وليرام ولڀ پنهنجن آدرشن کي ڪڏهن ڪوٺي جي ڪامڻي نه بڻايو آهي. هن جي اکين اڳيان ڪيترن پنهنجي هڪڙي هڪڙي آڱر وڍرائي پنهنجون قربانيون لکايون آهن، پر هن ڪڏهن به ٺڙڪ ٺڳي واري بي معنيٰ راهه نه ورتي آهي. سنڌ جي باشعور ۽ سياسي سجاڳي وارن فردن وليرام کي تمام گهڻو پڙهيو آهي، ولڀ پنهنجي دور جي فني ۽ فڪري اڳواڻي ڪئي آهي ۽ ترجمي تخليق ۽ تنقيد سميت هر ليکڪ ۾ فطرت ۽ زندگي جي تضادن جي گهيري ۾ جيئندي اعليٰ انساني قدرن، شعور ۽ احساساتي سونهن جي رکوالي جي لاءِ پڙهندڙ کي اتساهيو آهي. وليرام ولڀ زندگي جي ترجماني ڪندڙ ادب تي ڪم ڪيو آهي. تنهنڪري زندگي جي تخليق ۽ تعمير ۾ هن جو وڏو هٿ آهي. هن معاشري جي عام رواجي توڙي خاص قدرن، ريتن رسمن، خامين، محبتن ۽ نفرتن کي آرٽ سان پيار جو گيان ڏنو آهي ۽ سج جي روشني، چنڊ جي چانڊوڪي ۽ ستارن جي سونهن تي هر کڻ سيکاريو آهي.

وليرام جي هر لکڻي لفظ بازي کان آجي تز ۽ سچي آهي ڪنهن به دور ۾ وليرام ادب جي بنيادي ڪارج کان مايوس نه ٿيو آهي، هر ٽاڻي آشا وادي ٿي لکيو آهي، هن جون وفاداريون ۽ نمڪ حلاليون پنهنجي مٽي ۽ ماڻهن سان رهيون آهن، هن ڪڏهن به اڀ ۾ اڏرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هن جا پير پنهنجي مٽي تي پختا رهيا آهن، ڪنهن به کوٽي تصور کي هٿي نه ڏني آهي. هزار روڪن ۽ ٽوڪن باوجود هن پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي، هن جي بغاوت به انوکي رهي آهي. ماٺ ميٺ ۾ وڏي ذهني فڪري اٿل پٿل آڻيندڙ پنهنجي ڌرتي، ٻولي زندگي ۽ انسانيت جي اعليٰ آدرشن سان سچو رهيو آهي.

سوشلسٽ نظام جي شڪست جو پورو اثر وليرام تي ٿيو، پر هن ڪڏهن مارڪس، لينن جي تاريخي ڪارج ۽ ڪردار کي هٿان نه ڇڏيو آهي، هن وٽ سماجي انقلاب جو سپنو ڪڏهن بي معنيٰ نه ٿيو آهي. زندگي جي هر گهڙي اتساهه ۾ گذاري آهي، زندگي جي تصوير ۾ سچ سونهن ۽ سرهاڻ جا رنگ ڀريا آهن، هن جو سڄو پورهيو انساني تدبير جي لاءِ آهي. پنهنجي تخيل ۽ تصور جي ذريعي تخليق ڪرڻ سان گڏ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان انساني جدوجهد، جاکوڙ، ڪاوشن ۽ قربانين کي پنهنجي ٻولي ۾ آڻي، جهالت، آمريت ۽ استحصال پسند قوتن سان ويڙهه جي واٽ وٺندو رهيو آهي. وليرام ولڀ صاحب جو پختو ويساهه آهي ته تاريخ جي ڪڏهن نظرياتي پڄاڻي ٿيڻي نه آهي.

اسان وٽ ڪيترائي نام چڙهيا نفرتن جو ٻج ڇٽڻ ۽ استحصالن ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، لفظ بازي ۾ هو پاڻ کي گهڻو ڍڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر سندن عمل کين اگهاڙو ڪري ڇڏين ٿا، وليرام ولڀ ڪنهن جي گلا ڪرڻ جي بدران سدائين سنڌ جي صوفي ضمير ۽ ساڃاهه وندن جي جهيڻي ٿي ويل آواز کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. فارسي جي ڪنهن شاعر چيو آهي ته مڙس جي خوبين مان پڌرو ٿي پوندو آهي ته عملن ۾ هن جا پير ڪيترا کپيل آهن.

اسان ڪنهن ماڻهو جي ساراه ڪرڻ شروع ڪندا آهيون ته ايتري ڪري ويندا آهيون جو اهو وساري ويهندا آهيون ته هو ماڻهو به آهي، ماڻهو واريون ڪمزوريون هن ۾ به هونديون پروري جي خاميون ڳولڻ شروع ڪريون ته اهڙو لوئيندا آهيون جو هُن ۾ ڪا چڱائي ڪٿان نظر نه ايندي آهي، هن جي خواري اهڙي ڪندا آهيون ست پيڙهيون ياد رکن. اسان وٽ علمي ادب تي تنقيد نه ٿيندي آهي، هتي طنز جو رواج گهڻو آهي. آئون اهو بنا هٻڪ جي چوان ٿو ته ڪي ماڻهو حقيقي طور تي ساراهه جي لائق هوندا آهن ۽ وليرام ولڀ انهن مان هڪ آهي.

مور سونهن، سچائي، سادگي ۽ مزاحمت جي علامت رهيو آهي، مور جو ٽُهوڪو مٺو آهي ته تکو به آهي، مور هر وسيهر سان ويڙهاند ڪندو آهي پر اهو سارنگ جي آجيان ڪندو آهي.

سارنگ لي سارنگ چليا بيچ ۾ سارنگ ٿاءِ،
سارنگ سامهون سارنگ ٻولون مُک رو سارنگ جاءِ.

(مور نانگ کي مارڻ جي لاءِ چهنب سان نانگ پڪڙي آڪاش ڏي اڏرڻ شروع ڪيو ته، ساڳي وقت آڀي مان ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسڻ شروع ٿي ويا، گجگوڙ ٿيڻ لڳي، هاڻي مور امتحان ۾ پئجي ويو، گجگوڙ جو جواب ٽهوڪي ۾ نٿو ڏي ته هانءُ ڦاٽي ٿو پوي، پر جيڪڏهن ڏي ٿو ته منهن ۾ ورتل نانگ وڃي ٿو.)

ولي رام ولڀ سنڌي ادب جو ٿر جي ڀٽن تان اڏندڙ مور آهي. مون وليرام ولڀ سان هڪ هڪ ملاقات ۾ ڪيئي ملاقاتون ڪيون آهن، هن جي گفتگو ۾ علم ۽ سوچ جو فلسفو اٿلي پوندو آهي، قدرت واري وليرام ولڀ کي نرم ۽ ٻاجهاري دل ڏني آهي. پنهنجي پرائي هر درد تي اکيون ڇلڪي پونديون آهن. هن جهان ۾ اڃان تائين ڏک سک ماپڻ جي ڪا ساهمي جڙي نه سگهي آهي ڪا ڪنهن جي لاءِ معمولي ڳالهه آهي ته ڪنهن جي لاءِ اها برداشت کان ٻاهر ٿي پوندي آهي، پر ڪو ٿري سو دک درد هوندي به زندگي کان فراريت اختيار نه ڪندو آهي، وليرام دردن سان پنهنجي فن کي عروج تي پهچايو آهي، ڪنهن شاعر چيو ته؛

درد وري به درد رهيو،

اُبتو لکيم يا سُبتو لکيم!

ڪهاڻيءَ ۾ هن زندگي جا ٽٽل ٽڪرا ميڙيا آهن، هن جي ڪهاڻي ننڍي کنڊ جي چونڊ ڪهاڻين ۾ شامل ٿي چڪي آهي، شاعري ۾ زندگي جون تلخيون ۽ تجربا شامل ڪيا اٿائين، ٿر جي اڃ ۽، سپنن جي سڃ جا هن نثري نظم لکيا آهن جن جا ڇرڪائيندڙ خيال ۽ جيءُ جهوريندڙ عڪس آهن. ولي رام پنهنجي هڪ نثري نظم ۾ چوي ٿو ته؛

هڪ ٿر جو ڪارڙو ٻارڙو،

پاڻي جي لاءِ اڃ ۾ تڙپي ٿو.

پر هاڻي هن جي لاءِ سوين فٽ اونهو

هيٺ زمين ۾ آهي يا ڏور گهڻو آڪاش ۾ .

هر ٿري ٻار سمجهي ٿو ته اهو منهنجي لاءِ لکيل آهي، ٿري ٻار جو اڃ ۾ تڙپڻ هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي ۽ هڪ نظم ۾ آهي ته؛

“ڪرسيءَ تي ويهڻ کان پوءِ،

منهنجو دوست

مون کي سڃاڻي نه سگهيو.”

زندگي جي اها تلخي ڪيڏي گھري آهي. مون ولي رام کي پنهنجن دوستن جي لاءِ انهي تلخي ۾ روئندي ڏٺو آهي، مون کي وليرام جي شاعري پڙهندي انگريزي شاعر شيلي جي هڪ نظم جو بند يا ايندو آهي ته؛

We look before and after

And pine for what not

Our since rest laughter with same pain is fraught

Our sweetest songs are these which tell about saddest thought

(اسين ماضي ۽ مستقبل ۾ ڏسون ٿا،

۽ جيڪا نه آهي تنهن کي ڳولهيون ٿا

اسان جي بي اختياري ۽ فطري کل ۾ به ڪو نه ڪو درد سمايل آهي.

اسان جا سڀ کان مٺڙا ۽ پيارا گيت اهي هوندا آهن

جيڪي غمگين سوچن جو داستان ٻڌائيندا آهن.)

ننڍي کنڊ جي عظيم ليکڪا آپا قرت العين حيدر کي پهريون ڀيرو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو اعزاز وليرام ولڀ ڏانهن وڃي ٿو، 1979ع ۾ آپاقرت العين حيدر جي ناول “سيتا هرڻ” جو ترجمو ڪيو، جيڪو انتهائي پيارو ڪيو، انهي کان پوءِ، ‘پوين پهر جا پانڌيئڙا،’ کي سنڌي ۾ آندائين، ولي رام آپا قرت العين حيدر جي ناولن کانسواءِ 6 ٻيا ڪتاب ڀانت ڀانت جي عالمي ادب مان ترجمو ڪري سنڌي ادب جي جھولي ۾ وڌا آهن. مرزا قليچ بيگ ۽ محمد ابراهيم جويي جي سپنن کي ساڀيان ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ هن پنهنجو پُورو ڪردار ادا ڪيو آهي، ولي رام محمد ابراهيم جي قافلي جو هڪ اهم رُڪن آهي، مون کي خوشي آهي ته منهنجو، سنڌ جي هن سُپوت سان پيار آهي ۽ پنهنجائپ جو رشتو آهي، آئون هن جي دور ۾ جنميو آهيان.

مون 1999ع ڌاري حيدرآباد ۾ سنڌي اخبارن ۾ سب ايڊيٽر واري نوڪري شروع ڪئي، انهي عرصي دوران منهنجي وليرام ولڀ سان پهرين ملاقات ٿي، هڪ اخبار جي لاءِ کانئنس انٽرويو ورتم. مون سان گڏ منهنجو پيارو دوست ميوارام ٻالاڻي به هيو. اسان ساڻس تفصيلي ڪچهري ڪئي، ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهيون ٿيون، پوءِ وري 2002ع ۾ اسان جي ڪجھه دوستن گڏجي مٺي مان”ٿر” مئگزين ڪڍيو، انهي جي لاءِ وري ولي رام ولڀ جو انٽرويو ورتوسين. هر ڀيري هِن سٻاجھي شخص وڏو آڌر مان ڏنو، پنهنجائپ ۾ اسان جو جُڳن جو ناتو جُڙي پيو، هڪ اديب سان گڏ مون کي به پنهنجو هڪ محسن، هڪ پنهنجو بزرگ ملي ويو. جڏهن به حيدرآباد وڃڻ ٿيو آهي. ولي رام کان ضرور آشيرواد ورتي اٿم، ڪڏهن اچڻ ۾ دير ٿي آهي يا ڪوتاهي، ولي رام دل جي پوري درد سان ميار ڏني آهي ته

“ائين وساريو اٿئي ڄڻ جيئرو ناهيان مان...!”

وليرام کان هر ڀيري مون اُتساهه، اُڪساهه ۽ پيار پاتو آهي. ايم اي سنڌي ادب جي زباني امتحان دوران زيب سنڌي مون کان وليرام ولڀ جي باري ۾ پُڇيو، مون ٻين ڳالهين سان گڏ آخر ۾ اهو چيو ته، ‘حيدرآباد اچڻ ٿئي ۽ وليرام سان نه ملجي اهو پاپ سمجھندو آهيان.’ وليرام سان ملڻ ۾ من کي شانتي ملندي آهي، وليرام سان ملڻ ۾ وليرام سان ملڻ جي لاءِ سدائين اندر ۾ آرزُو رهندي آهي.

وسين ۽ وهسين، ڏيهاڻي ڏسڻ لئه،
ڏسي ڏسي آئيون، توءِ تلاشون ڪن،
ڍاپيون نه ڍاپن، پسڻ منجها سپرين !

(شاهه لطيف)

جيئن اتر واءُ ۾ پپر پن ڏڪن،
ڇاتي ايئن لڳن، مون منهنجا سپرين.

(شيخ اياز)

2004ع ۾ منهنجو سانوڻ رت ۾ ڳائجندڙ ٿري لوڪ گيتن تي ڪتابڙو، “گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا” ڇپيو. وليرام ڪتاب پڙهڻ سان دليپ ڪوٺاريءَ کي خط لکيو، خط ۾ مون جھڙي فقير کي “ٿر جو ديو ديوندر ستيارٿي” سڏيائين. اها هن جي وڏائي، هئي، نه ته مون جھڙي فقير جي اها حيثيت ڪٿي آهي، منهنجي لاءِ پنڌ اڃان گھڻو پري آهي..

وليرام وٽ ٿڌي ٿڌي انداز ۾ مزاح به موهيندڙ آهي، جماليت هن جي جيءُ ۾ سمايل رهي آهي هڪ ڏينهن آئون کيرٿر جي تونگ واري علائقي کي ڏسڻ ويس، موٽيندي وليرام وٽ آيس، سماچار ڏيندي مون ٻڌايو ته، تونگ ۾ مڪلي ۽ چوکنڊي وانگر قبرون سهڻيون ٺهيل آهن. وليرام يڪدم ٽهڪ ڏيندي چيو ته ، ڪنهن جيئري جاڳندي سونهن جو احوال ڏي..مون کي پنهنجي ڳالهه ڪٽڻي پئجي وئي. من ۾ چوڻ لڳس ته هڏڙا پوڙهاپڻ ۾ مڙي آيا، پر دل مان حسن جو واس نه ويو. پنهنجي من کي وري پنهنجو جواب ‘هن جڏي جندڙي مٽي هاڻڻ ماڻهن جا درد قلم ۾ آڻڻ سان گڏ پوري عمر سونهن سرهاڻ ۽ پيار جي احساسن کي ميڙو آهي، گل ۽ پوپٽ جي رنگن کي چٽيو آهي...’ولڀ پوءِ ڪيترائي ٿر جا لطيفا ۽ نقل ٻڌايا، اسين کلي کيرا ٿياسين.

شهر جي روشني ۾ سنجھا جون ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ ستارا ملندا ناهن، پر سج لهندي وليرام تصور ۾ تارا تڪي اداس ٿي پوندو آهي، ٿر گھڻو ياد ايندو اٿس، هرڻ، ٽيڙو، وڇون، سروڻ، ڪتين ۽ ڪچن سميت ڪهڙا ڪهڙا ٿري ماڻهن جا ستارن بابت انومان هانءُ ۾ هرندا اٿس.آلين اکين سان پنهنجي اڀياسي ڪمري ۾ ٿري ماڻهن جي علم فلڪيات، ٿري ماڻهن جي سماجيات، ٿري ماڻهن جي ثقافت سميت سڀئي نقطا ڳڻڻ شروع ڪندو آهي، پوءِ انهي ڪيفيت ۾ شاهه لطيف يا اياز جي شاعري پڙهڻ شروع ڪندو آهي، هڪ ڏينهن اهڙي ڪيفيت ۾ هن اياز جي شاعري ۾ ٿر ڳوليندي ڀرپور مقالو لکيو، جيڪو اياز شناسي ۾ ٿر جي حوالي سان وڏي وٿ بڻجي ويو آهي.

وليرام ڪنهن رشي وانگر لکيو آهي يا نه؟ هن جا سمورا ڪتاب سنڌي ادب جا اپنشد آهن يا نه؟ مون کي اها خبر نه آهي پر آئون اها ڳالهه ساک سان چوان ٿو ته هن کي نئين سج نئون، وره ويڙهيچن جو چڙهيو آهي. هن کي ساري عمر پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي جي لاءِ آشا، ترشنا ۽ چنتا رهي آهي.

ڪو جو چوي ايئن، تنهنجي ماءَ مري وئي،
۽ توکي ڳوڙها اچن اهو ٻڌڻ سيئن،
ٻولي تنهنجي تيئين، آهي امڙ وانگيان.

(شيخ اياز)

مون هن جي هر ليک کي ٿر جي گج وانگر ڏٺو آهي، جنهن تي ٽڪون ڀريندي نور نچوئبو آهي، مُڪي جو ڀرت ڀريندي آڱريون ڦٽجي پونديون آهن، مڪي تي رت جو هلڪو رنگ هڪ نئون روپ ڏيندو آهي، ڀرت ڀريندڙ جي لوڻي جو پگھر ۽ رت هڪ نئون واس وکيريندا آهن.

وليرام ولڀ وٽ جڏهن به وڃڻ ٿيو آهي، وليرام در تائين موڪلائڻ آيو آهي، اڻ چاڪي جي حالت ۾ رڙهي رڙهي چار وکون کڻي پوءِ موڪلايو آهي پر پنهنجي روايت نه ڇڏي آهي. وليرام پنهنجي اولاد کي به ورثي ۾ اهائي واٽ ڏسي آهي.

هڪ دفعو وليرام “ايڪم سته دويتو ناسي” ويد جي منتر سان ڪچهري شروع ڪئي، ڀر ٿري هري، شنڪر آچاريه، ولڀ آچاريه، مادو آچاريه، جئديو، چندي داس، وويڪانند، راڌا ڪرشنن، سوامي رام تيرٿ کان وٺي مٺيءَ جي ڀڳت کيمچند تائين ڪيترن ئي مهان پرشن جو ذڪر نڪرندو ويو. ايس جي سار دسا ۽ دليپ بوس جي ڪتاب” ڀڳوت گيتا-هڪ اڀياس” جي سنڌيڪار مون کي جئديو جي گيت گووندا سان گڏ شنڪر آچاريه جي گيتا سمجھاڻيءَ وارو ڪتاب ڏنو.

هڪ دفعي آئون، منهنجو پيارو شاعر دوست ناشاد سمون ۽ ريڊيو مٺيءَ جو ڪمپيئر شهاب دين نهڙيو وليرام وٽ ويٺا هجون، ڳالهين ڳالهين ۾ پورو پارڪر اٿلي پيو، مسڪين جھان خان کوسي، عالم چند ڪولهي، سترام داس پٽيل، گھمن سنگھه ڀيل، الجي سوڍي ۽ هري سنگھه سوڍي جي قصن ڪهاڻين سميت پارڪر ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت هاسٽل جوڙڻ، هاسٽل ۾ مسڪين پاران پنهنجي هٿ سان ماني پچائي شاگردن کي کارائڻ، عالم چند ڪولهي جو ريڊر ڊائجسٽ ۽ رهبر مئگزين چمني جي روشني ۾ پڙهڻ مسڪين ۽ شاگردن جو غور سان ٻڌڻ، عالم چند پيٿاپور يونين جو چيئرمين ٿيڻ، سڳاڙ چند ۽ گھمن سنگهه جي سياسي بيداري جي لاءِ جھدوجهد، الجي سوڍي جي ڏيا ۽ پنچائت هلائڻ جي انداز، هري سنگهه جي دلڪش نثر سميت ڪيترن ئي موضوعن تي مشاهداتي مانڊاڻ منڊيا. آئون سنڀو مل هميراڻي کان پوءِ ولي رام ولڀ جي واتان اهي وينجهارن جون خبرون ٻڌي رهيو هوس. صبح کان شام تائين ڪو پتو نه پيو پر وقت تيز رفتار گھوڙو آهي، ڪير انهي کي قابو ڪري نه سگھيو آهي، اسان کي اٿڻ جي تڪڙ کنيو، جنهن جي ڪري پوري پارڪر جي اڻ لکي سچي تاريخ اڌ ۾ ڇڏڻي پئي، وري اهڙي گھڙي گھڙجي نه سگھي. دل ۾ اهڙي رهاڻ رچائڻ جي وڏي آرزو آهي. مٺي ريڊيو تي مون پنهنجي پهرين پروگرام جي شروعات وليرام ولڀ جي ڪتاب ڪوتا ڦلواڙي تي تبصري سان ڪئي هئي، ٿر ۾ ريڊيو اسٽيشن کلڻ جا شروعاتي ڏينهن هئا، نئين نئين شوق ۾ ريڊيو راڄن جي ڪنن تي هجي، سائين جي ڪتاب تي تبصرو ٻڌڻ وارن راڄن ساراهيو.

“شاعري بنيادي طور تي ڪائناتي سونهن جو وهڪرو آهي، جيڪو شاعر جي اندر مان ازلي چشمي وانگر ڦٽي نڪرندو آهي، شعور ۽ سرهاڻ جي صدين کي سيراب ڪندو رهندو آهي، جنهن جي زرخيزي مان پيار محبت ۽ حسن جي تصورن کي اُسرڻ جو ماحول ملندو آهي، انسانيت ۽ انصاف جا آفاقي قدر امرتا جي پد کي پائيندا آهن.

ڪوتا ڦلواڙي دنيا جي مختلف ٻولين جي خوبصورت شاعرن جي شاعري جو مجموعو آهي، جنهن ۾ 19ملڪن جي 26 ٻولين جي 112 شاعرن جي شاعري ڏني ويئي آهي، هن ڪتاب ۾ 215 نظمن جو موضوع محبوبا جي جيءُ ٺاريندڙ ڀاڪر آهي، ته ڪنهن سانوري جي چپن تي گرم چمي ڏيڻ جو احساس، چانڊوڪي راتين ۾ محبتن جو تاج محل ڏسڻ جي تمنا آهي، ڍنڍ تي اڏرندڙ پکين جي سونهن ۽ انهن جو رقص کان وٺي بلند پهاڙن مٿان وکريل برف جي بدن تي عقابن جي اُڏارن جي عڪس، ساحلي طوفان جي شور جي آواز، رابيل جي گل ۽ گوري جي ڳل تائين ڪيترائي موضوع سٽن ۾ سرجيل آهي، ڪن نظمن ۾ پورهيت جي پگھر جو واس آهي، ڪن سٽن ۾ الوداع ڪرڻ جي لاءِ اٿيل لڏندڙ هٿن جا اشارا آهن، چوندا آهن ته شاعري جو ترجمو مشڪل آهي، شاعري جي اصل روح ٻي ٻولي جي سٽن ۾ اتاري نه سگھبو آهي، پر ڪجھه اهڙا سٻاجھا ترجمي نگار هوندا آهن، جن جو ترجمو تخليق جھڙو لڳندو آهي. سائين ولي رام ولڀ اهڙن ادبي پورهيتن ۾ شامل آهي. هن سٻاجھي شخص اڳ ۾ به ترجمي جي شڪل ۾ ادبي گل سنڌي ٻولي جي جھولي ۾ وڌا آهن، جن جي خوشبوءِ عمرڪوٽ جي رستي تي جوڌي جاني جي لاءِ پريمڪا پاران روپيل (پوکيل) مروئي جي مهڪار جھڙي اهي.

ولي رام ولڀ”تاريخ ريگستان” جي مصنف سائين رائچند راٺوڙ جو شاگرد آهي. ولي رام ولڀ جو جنم 1941ع ڌاري جنم ٿيو، سندس جنم داتائن جا نالا ڪيولرام ۽ چترٻائي آهن، ڪيولرام جي پوليس ۾ نوڪري هوندي هئي، انهي ڪري ولي رام ولڀ پرائمري تعليم مختلف هنڌن تي ورتي، ڪنري، چيلهار، اسلام ڪوٽ ۽ مٺي جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهندي پنج درجا پاس ڪيا، چيلهار ۾ پنڊت پونم چند وٽ هندي ۽ گجراتي پڻ سکيو، چيلهار ۾ پڙهن دوران رائچند هريجن جي گھر ۾ رهندو هو، جتي سائين رائچند جي رهنمائي ۾ وڏو اتساهه پاتو. ايم اي (ماس ڪميونيڪشن)ايم اي (سويالاجي) ايم اي (اردو) ۽ ايل ايل بي جي ڊگري وٺڻ کانپوءِ پي ايڇ ڊي جي لاءِ به رجسٽريشن ڪرائي، خبر ناهي.انهي کي جاري رکي سگھيو يا نه سنڌ يونيورسٽي کي وليرام جي خدمتن عيوض کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيڻ گھرجي.

ملازمت جي حوالي سان ولي رام ڪجھه وقت ٻيلي کاتي ۾ نوڪري ڪئي، پوءِ اتان ڇڏي سنڌالاجي ۾ ملازمت شروع ڪئي، جتان ڊپٽي ڊائريڪٽر طور رٽائرمينٽ ورتي.

ولي رام پنهنجي شخصيت ۾ هڪ ادارو آهي، مون کي محمد عثمان ڏيپلائي، رائچند هريجن، منگھارام اوجھا، عبدالقادر جوڻيجو، وليرام ولڀ، سائينداد ساند سنڌي ادب جي دنيا ۾ ٿر جي ڀٽن تان اڀرندڙ ڪرشما لڳندا آهن، انهن جي لکڻين کي پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ آهي، ڀٽائي چيو آهي ته؛ آسڻ جي آريج، تن وه ورڻ ٻيو”.



چاچو نواز کوسو


ڪارُو نجھرَ جو ڪاپِڙي

چاچو نواز کوسو

“اتي آديسين جو، پَيو پنڌ پرو.” خبر ناهي ڀٽائِي سرڪار اها سٽُ ڪهڙِي ڪيفيت ۾ ۽ ڪنهن جي لاءِ چئِي هُئِي، پر مُون کي سدائين چاچي نواز علي کوسي سان مِلندي اها ياد اِيندِي هئي، ڀٽائِيءَ جو آديسِي پڻ اهڙو ئِي هُوندو، آئُون اڪثر اِيئن سوچيندو هوس..

پارڪر جي پَٽن تي هر دور ۾ هڪڙو راج رشِي ۽ ديس ڀڳت رهي ٿو، پاراسَر رشِيءَ کان وٺِي چاچي نواز علي کوسي تائين هڪ ڊگھي فهرست آهي انهن ۾ رُوپلو ڪولهي، لاڌُو سنگھه، مسڪِين جھان خان کوسو، سُڳاڙ چندَ، عالم چند ڪولهي، ۽ ساجن خان خاصخيلي وغيره ويجھي ماضيءَ جا وڏا نالا آهن؛ اڃان وچ ۾ وڏو دور رهي ٿو،ُ(اُن تي ڪنهن ٻي ڀيري لکبو.) ڪاروُنجھر ۽ چاچو نواز علِي کوسو اڄوڪي پارڪر جا ٻه اهم موضُوع آهن. عالمي نشرياتي اداري بِي بِي سي جي رولاڪ صحافي وُسعت الله خان کان وٺِي ڇور واهه جي ڇُڙواڳ ڇولين جي سودائِي ٿريي اِلياس تائين مُلڪ جو ڪوبه ٻُڌِيمان ليکاري ڪاروُنجھر ۽ نواز علي کوسي جي من جي مواد کي مُڪمل طور رقم ڪري نه سگھيو. کوسن جي لُڏاڻي پاڙي سان واسطو رکندڙ چاچي نواز کوسي وٽ عُمر ڀر جِي اُها آترويلا ۽ البيلائِي رهي، جيڪا ڪنهن پُختي شاعر جي دماغ تي ئي حاوِي هُئڻ گُهرجي، صبُح کان شام تائين هن وٽ سچ چوڻ جو وڏو ساهُس هو. وُسعت الله خان جي لفظن ۾ ننگر پارڪر جو هلندڙ ڦرندڙ مائيڪرو فون هو.

ننگرپارڪر کان اوڀر-اُتر طرف واري وسندِي ڪُٻڙِي چاچي نواز علي کوسي جي اَباڻو ڳوٺ آهي، ڀُٽي جي ويجھي ساٿي ڪاپِڙي خان کوسي جي پڻ اِهو ساڳيو ڳوٺ آهي، جنهن لاءِ ڀُٽو اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چوندو هو ته”مون کي خبر آهي ته پارڪر ۾ ڪاپڙِي خان کوسو اتي جي عوام جي لاءِ ڇا ڇا ڪري رهيو آهي؟” چاچي نواز کي اُهي ڏينهن چٽا ياد آهن، هن جي لاءِ اها ڪالهه ڪالهوڻيءِ ڳالهه آهي، 1926ع ۾ نوبت خان کوسي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ چاچي نواز جي ڪُٻڙِي جي سارُوڻين ۾ سُومرو خان جي مهمان نوازي ۽ ڪاپڙي خان(پهرئين) جِي دانائِي ۽ بهادريءَ جا داستان سانڍيل رهيا. ڪاپِڙي خان(پهرئين) جي ڪردار کي چِٽِندي اُستاد بخاري”ڪَرنل ٽائِر وِٽُ Whit-Colonel Tyrr عُرفِ عام ۾ تَروٽُ سان مخاطب ٿِي چوي ٿو ته:

تُون ڀلين خيمن جا دَر هيٺ ڪر،
مان به کوسا ڪاپڙِي ڳوليان پيو.

ڪاپِڙي خان(پهرئين)کي چارڻ ڪوين به ڳايو آهي:

ڪوَ ورتايا ڪاپڙي، شولو ڪيڌي سنڌ،
هاڪي کوسو هيڙان، ڪانئران ڀانجي ڪنڌ!

(ڪاپڙِي خان ڪوي(چارڻن) جي اهڙي خدمت چاڪري ڪئي، جو شولي جي ڳوٺ کي سنڌ(بئراج) جو علائقو ڪري ڇڏيو آهي (اناج جا انبار ڪنهن به شيءِ جي کوٽ نه آهي) وڏي هاڪ وارو کوسو ڪانئرن جا ڪنڌ ڀڃي ٿو.)

چاچو نواز کوسو ٻارهين فيبروري 1942ع تي اوڳاڙين ۽ سُنگين سان سڄي ريت سَلهاڙيل هڪ اهڙي کاتي ۾ شِرُوعاتي گِريڊ واري مُلازم طور ڀرتي ٿيو هو، جنهن جو پويُون اَڌُ مُروتَ، فرمانبردارِي، وفاداري، ذهانتَ، همتَ ۽ لياقت جي لفظن جي ئِي مجمُوعو آهي. چاچو 1984ع تائين انهيءَ نوڪريءَ سان رهيو. جيتوڻيڪ لاڳاپِيل مُحمي جِي اِها نوڪرِي ڌَنُ ميڙڻ جي لاءِ گھڻو ڪُجهه هُوندي آهي، پر اسان سڀن جي هن چاچي نواز رُڳو جھُوني جُڳ جي ڏند ڪَٿائن کان وٺي هن دور جي تَلخيُن جي تواريخ کي ميڙي، ڇو جو خاص طور تي ٿر ۾ مِسڪين جھان خان کوسي جو ڪِردار؛ عوامِي خِدمت کان آجي نوڪري ڪندڙن جي لاءِ جھڙوڪر چُهنڊڙِي ٿِي پيو هو ۽ جاڳيل ضمِير سُک سُمهڻ ڪو نه ڏيندو هو؛

جوڳِي جاڳائي، ماري وِڌو مامَري

جي مُترادف، جن کي به ڌرتيءَ ڌڻين سان پنجنجائپ جي رشتي جي ٿوري گھڻِي پرک هُئي، اُنهن ڌَنُ جو پِيڇو ڪرڻ بدران مَنُ جي پيڇي کي اوليت ڏني:

پنهنجي من جي پيڇي ڪارڻ،

ڌَن جو پيڇو ڪو ه ڪُيو سُون.

(اَياز)

نوجوانيءَ ۾ نواز کوسي جِي اها نوڪري، جنهن جو پُورو ڌاڪو، چڙهڻ جي لاءِ ڀلو گھوڙو، هڪڙي اڙِي سان کيههُ جُون اڏُامُون، پوءِ ٿر جي هنن ڏَهرن، گسن گھيڙن ۽ ماٿارين تي گھوڙي جِي واڳ جھلي هلڻ وارن ماڻهن جا ميڙا ۽ پوءِ وقت اهڙو آهي جو؛.

ٻُڍا ٿِيا ٻَڙهه هَٽيا، نيڻين نِير جھرنتَ،
تڏهان شِينهان آگي مِرگھلا، ٽولِي ٽولِي چرنتَ.

(هاڻ جو پوڙها ٿِي ويا آهيُون، ٻانهن ۾ اڳُوڻو ٻَلُ به نه رهيو آهي، اَکِيُن مان ڳوڙها وهِي رهيا آهن، تڏهن ئِي شينهُنَ آڏو هرڻِيُنَ جھڙا هِيسيل وجُود هِيئن ٽوليُون ڪري چَريِ رهيا آهن.)

چاچو نواز کوسو پُراڻين يادن جِي اِهڙي هڙوٽڙِي کولِيندي ٻَهڪِي پوندو هو. سندُس اکين ۾ عجيب چَمڪُ جاڳِي پوندي هئي، انهن ڏينهن(نوجواني) ۾ رَڳُ رَڳُ ۾ ڪنهن جي لاءِ آڳ ڀڙڪِي؟ ڪنهن جي ويڻن راتُيون وَهُ ڪيُون، اکين جي انبُورن ڪِيئن جُوالن وانگر چٽاءَ ڪيو؟ جي سوالن تي ڪنهن آدجُڳادي ساميءَ جي نرڙ تي ڏنل تِلڪُ جھڙِي مُرڪ مُرڪندي، جواب ۾ ڦيرو وجهِي هُو نئين ڳالهه کڻندو هو. اکڙين کان ننڊ کَسي هن اوجاڳن سان رشتو پڻ جوڙيو، تارن جِي ٽِمُ ٽِمُ ۾ تنهائِيءَ سان رُوح رِهاڻ ڪئِي، جيءُ کي جلائڻ، لوچڻ ۽ لهڻ ۾ عُمر ڪٽِيندي ڪڏهن به وِچان وَلها ڏينهن نه آند اَٿائِين، ڪنهن اقتداري ۽ اختياري ڌُر جي اڳيان روئڻ، رڙڻ، ليلڙاٽيُون ۽ ليٿڙاٽِيُون پائڻ کي هن هميشه مَهڻو سمجھيو.

ننگر پارڪر جون ڳالهيون ڳوڙها ۽ ٽهڪ چاچي نواز علي کوسي جي لاءِ ڪُونجن جي ڪُرلائڻ ۽ ڀٽائيءَ جي راڳ وانگر هئا، روز صُبح جو گھر مان گيڏِيو(لَڪُڻ) هٿ ۾ کڻِي، ڪوٽڙِي(واسڪوٽِي) پائي، پَٽڪو، ٻڌِي نڪرڻ ۽ پوءِ ننگرپارڪر جي تاريخيِ”پالن بازار” ۾ مختلف دُڪانن ۽ مانڊڻين وٽ ويهِي نوجوان نسل اڳيان انسان ذات جي لازوال ڪهاڻين، انسانِي ڀائيچاري، حُب الوطني ۽ بين القوامي رواداري تي ڀَرپُور نموني ڳالهائڻ ۽ “ننگرپارڪر جو ترقياتي منصوبو” پيش ڪرڻ وارا ڪم جھڙوڪر هن جي روز مره جي لازمي ڪرت جو حصو رهيا. پيريءَ جي پيڙا ۾ ٿڪجڻ باوجوُد هن ڪوشس ڪئي ته ڪِٿي پنهنجي فرض م ڪوتاهي نه ٿئي، هن وٽ صدين کان ڳالهين ۾ سَميٽڻ جو ڪمال جو ڏانءُ هو. هڪڙي ويهڪ ۾ ڪوروئن پانڊونَ، ساڙڌِري، ڀِيم گوڏا، گَئُو. مُکي، انچليشور، پاري ننگر بندر، سڏونت سارنگا ۽ سَنگها جي موضُوعن کان ٿيندو لاڌُو سنگھهه ٺڪر، ڪلجي، روُپلي، ڏُجي مَڏي، مسڪِين جھانِ خان، اَلجِي سوڍي ۽ دلبر خان کوسو وغيره تائين پارڪر جي پُوري تاريخ ۽ اُن جي ڪِردارن کي بيان ڪري وٺندو هُو روز سانوڻ جھڙا سانگ ڪري ننگر تي جُهڙ وانگر ڇائنجي ويندو هو؛

ڪوڙين ڪايائون تُنهنجُون، لکن لک هزار،

جيءُ سڀ ڪنهن جيءُ سين درشن ڌارُون ڌار،

پرينم ! تُنهنجا پار، ڪهڙا چئِي ڪهڙا چَوان !

(شاهه)

--

ڌنءُ ڌنءُ ڌمڻ وارا، اَڄُ پڻ آڳڙين جي،

ٻاري مچ مِجاز جو، اوتيائُون اڱار

ڌوڌيا ٿيءُ مَ ڌار، جم ڪچو رڪ ڪِيڻُون ٿئي.

(شاهه)

عُمر جي اُلڪن ۾ چاجي نواز کوسي جو وڏو اُلڪو مورن ۽ هَنجُن جي ميڙ وارين جاين تي ڪانَون جي ڪانگيرن جي وَڌڻ هو. سماج جي هر شُعبي ۾ ٿيندڙ غير شَفافيت ۽ وڌندڙ عَدم” برداشت هن کي پريشان ڪري ڇڏيندي هئي، مَڪر، فريب ۽ پاپُ جا اهڙا پَڙڇاءُ(عَڪس) هن پوڙهي جو رُوح کي پَگھاري وجھندا هئا ۽ جھُرندي جيءُ مان پُڪار اُٿي پوندي هئي؛

“هنس گيا سارس گيا، گئي اگُوڻِي چال”

هر مُلاقاتي هن جي هِيڻن هَڏڙن ۽ ميرانجِهڙن لَٽن ڏانهن نهاريندي محسوس ڪري سگھندو هو ته؛

مٿان مينهن نه پُونَ، ساوا گاهه نه سُومرا،

ماڙ يچِيُون محل ۾، مُور نه مَٿو ڌوُنَ،

جيڏين ڌارا جونَ، عُمر کاڌِي هينئُنَ.

سنڌ جي اڳوڻي گورنر مُعين الدين حيدر جي هٿان چاچي نواز کوسي کي سماجي خدمتن جي ايوارڊ پُڻ مليو هو. 2005ع ۾ “رضاڪارن جي عالمِي ڏينهن” جي موقعي تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سيد مُظفر علي شاهه کيس”بهترين رضاڪار” جو ايوارڊ به ڏنو. مون ننگرپارڪر ۾ رهڻ دوران پارڪر جي پَٽن ۾ وڻن، ٻُوٽن ۽ جھنگلي جيوت جي بچاءُ ۽ صحرائيت جي روڪٿام جو پرچار ڪرڻ جي مڃتا طور مُلڪ جي ماحولياتي تنظيم اِسڪوپ پاران سِنڌُو تهذِيب سان ايڪتا جو غير روايتي اِظهار ڪَندي، کيس 29-نومبر 2010ع تي اَجرڪُ ۽ پَٽڪو پارايو، مختلف سماجي تنطمين طرفان به مُختلف وقتن تي چاچي جِي سار لڌِي ويندي رهي.

اُپنشيدن جا رشِي سڄي زندنگي”نيتي نيتي” چوندا رهندا هُئا، ۽ اُنهيءَ جو پَرچار ڪَندا رهندا هُئا، ايئن چاچي نواز عِلي کوسي پُڻ سڄي زندگي “ننگر ننگر” ڪيو، ڪارُونجَھر جي قُدرتي وسيلن کي بچائڻ ۽ اُنهن جي بهتر استعمال بابت ويچاريو، ڪارُونجھر جَبلُ جي نئِيُنَ جي پاڻيءَ کي روڪي انهيءَ اَمُلهه برساتي پاڻيءَ کي ڪتب آڻڻ جو صلاحُون ڏنِيُون آهن. چاچي نواز کوسي جي سَچي خوُشي انهيءَ ۾ هئي ته ننگر پارڪر جو علائقو اهڙو سُهڻو ۽ خوشحال ٿِي پَوي، جھڙو هن جي سپنن ۾ هو ۽ جيئن هن جي ساريل لوڪ ڪَٿائُن ۾ هو.



هيمراج سوٽهڙ


سگھڙ سياڻو

هيمراج سوٽهڙ

ٿر جي اونداهه راتين ۾ هُن وٽ ڏيئي جھڙي ڏيا هئي، هُن پنهنجي مڻيا سان اوتارو آباد ڪيو هو. سج لهندي چيلهار ۾ هُن جي چوئنري واري اوتاري جي اڳيان ماڻهن جا ميڙا ٿي ويندا هئا. منهنجي اها خوشي نصيبي آهي جو مون کي پنهنجي چاچي هيمراج جي ويجھو رهڻ جو وڏو موقعو مليو. چاچو هيمراج سوٽهڙ ٿرجي لوڪ ڏاهپ جو وڏو ڄا ڻو هو. هن جي ڳالهين ۾ وڏي گھرائي هوندي هئي. هُو سماج جي بنيادي نقطن تي سوچيندو هو. سماجي نفسيات کي سمجھندڙ هن شخص وٽ تجزئي ۽ پرک ڪرڻ جو وڏو تجربو هوندو هو. چاچو چوندو هو ته؛ مڙس ۽ گھوڙي کي پهرين نظر ۾ سڃاڻبو آهي.

مون چاچي هيمراج کان سماجي سائنس سمجھڻ جو بنيادي شعور پاتو. هن وٽ لوڪ ادب کان وٺي لوڪ مرياده تائين سڀ موضوع هوندا هئا. ڪڏهن هيمارين، ڳوڙهن ۽ ڳاهن تي گفتگو هوندي هئي ته ڪڏهن ڌرتي جا دوها ۽ ٿر جا ٿوڪ محفل جو حصو ٿيندا هئا. ڪڏهن راڄ جي رهاڻ رس، ريت رسم ۽ اٿ ويهه تي ويچارن جي ونڊ ملندي هئي. مون پهريون ڀيرو ملڪ محمد جائسي جو شعر چاچي هيمراج جي ڪچهري ۾ ٻڌو هو ته؛

ناسيڪ کين کڙڪ ڪي ڌارا،

کين لنڪ جن ڪيهر هارا.

(نڪ سنهو، تلوار جي ڌار وانگر، سنهي ڪمر(جنهن کان) چيتي به هار کاڌي)

چاچو هيمراج ڍولا ماروئل جو قصو کڻڻ کان اڳ ۾ چوندو هو ته ؛

جُون سالُوران سروران، جُون ڌرتي سون ميهه،

چمپڪ ورڻ بالهه، چند مکي سون نيهه.

(جنهن نموني ڏيڏر جي پريت تلاءُ سان آهي، جنهن نموني مينهن جو پريم ڌرتي سان هوندو آهي، اهڙي طرح چنبيلي جي رنگ واري پريتم ڍول جي چنڊ جهڙي مارئي سان پريم آهي.)

چاچو هيمراج سچو ۽ کرو شخص هو. هُو پنهنجي ڪردار ۾ صاف سٿرو، جھڙو اندر هو، تهڙو ٻاهر هو. هن ڪڏهن پنهنجي سماجي آدرشن جي سپنن کي وقت جي طوفان ۾ واري ڪڻن جيان اُڏامڻ نه ڏنو

ڍاٽ جي سوٽهڙ قبيلي ۾ جادم ونسي راجا تنو جي اولاد مڪڙ ڀاٽين جي نرالي حيثيت رهي آهي. پيڙهين جو ڊگھو پوتاميل کولڻ جي بدران ڳالهه اتان شروع ٿي ڪجي ته، جوڳو جي سوٽهڙ جا ڄايل امرو ويرو ۽ آڏو ٽئي ڀائرسپوٽ هئا. امري جي چئني پٽن اڻندي، موتي، ناهري ۽ واگهي والدين جي واٽ جاري رکي.اڻندي ۽ موتي پنهنجن رشتيدارن کي ميڙي ان دور ۾ پنهنجو آجو ڳوٺ سوٽهڙن جو تڙ اڏيو. سوٽهڙن جي لوڏ هوندي هئي.ان دور ۾ نئون پڊ ڪڍڻ ۽ کوهه کوٽائڻ مشڪلات ڀريو ڪم هوندو هو. پر چيلهار جي اتريئن لڪ کان وٺي ساهياڙي ۽ سوٽهڙن جي تڙ تائين، ساڏورن، سميجن ۽ سوٽهڙن جي پاڻ ۾ سنپت هئي. ساڏور سوڍن ۾ جوجھار سنگهه، چهنسنگهه، آنٻجي، سونجي ۽ سميجن ۾ صاحب سميجو، سيلو سميجو، احمد سميجو صالح سميجو، يوسف سميجو، مير محمد سميجو، ڪير سڏائي !؟ سوٽهڙن جو تڙ کان اڳ ۾ امرو ۽ سندس ڀائر سڀ راڻاسر کان ڏکڻ طرف ڀٽ تي رهندا هئا.

چاچو هيمراج هنا، پاکڙا، در، دريون وغيره ٺاهڻ جو ڄاڻو هو. ڪاٺي تي هٿ جي هنر جي منفرد چٽسالي ڪندڙ هن ڪاريگر کي لوهه ۽ پتل کي مڙهن جو ڏانءُ هو ته سون ۽ چاندي جا زيور به گھڙڻ ايندا هئا. چاچي هيمراج کوهه جا چرخ به ٺاهيا. چيلهار ۽ آس پاس جي ست راڄي ڳوٺن ۾ چاچي هيمراج جو اڪثر ساهياڙو، ٻورلي، ڏٻڙڇا، گونگيو، اڪليون، هريار، آسار، جوڙئو، جنجھير ڏانهن نه صرف ڪاٺي جو ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڃڻ ٿيندو هو، پر انهن ڳوٺن ۾ ست پيڙهياتا واسطا هئا. جتي “آهتپي” جي اچ وڃ کان وڌيڪ ڀائرن جھڙو تعلق رهيو. جنهن کي پنهنجن وڏڙن جيان چاچي هيمي ۽ سندس وڏي سئوٽ چاچي گيني پوري ريت نڀايو.

ڳوٺ”سوٽهڙن جو تڙ” ۾ سڀو جي سوٽهڙ جي گھر ۾ جنم وٺندڙ هيمراج هاٺي ڪاٺي ۾ قدوار، ڀريل بت ۽ شهپرن جي موڙ سان سڀاويڪ ۽ رڄ مڙس لڳندو هو. هن نه صرف اڻ گھڙيل ڪاٺيون گھڙيون هيون پر پنهنجي دور کي گھڙيو هو. هن نه رڳو پنهنجن همعصر ساٿين چاچو ڪامل نهڙي، وڏيرو احمد سميجو، مٺو سمجيو، عبدالله سميجو، مريد نهڙي، سائين محمد سانوڻ” علڻ هاليپوٽو، ليلوجي سوٽهڙ، نظر محمد سميجو، چاچو ڀڳت سترام داس، بردو سوڍو، نور محمد کوکر، سونو خان کوکر، رامچند رامچند سوٽهڙ، گينو سوٽھڙ،پونم چند سوٽھڙ، جيسو سوٽهڙ، سائين عبدالحميد مڱريو، واگھجي مالهي، ڀيرو لال مهراج، سائين ڍولو خان حجام، کنگھار حجام ۽ ٻين سان رهاڻيون رچايون هيون پر نوجوانن کي اتساهيو هو.

چاچو ڪچهري ۾ رئيس سڪيلڌي کوسي جي ساراه جا ڍڪ ڀريندو هو ته شڪور نهڙي جا سماچار ڏيندو هو. شڪور پکي جي ٻولي تي ڌڪ هڻندو هو. رئيس سڪيلڌو کوسو ۽ شڪور نهڙي ٿر جا بهادر ۽ چترائي وارا ڪردار ٿي گذريا اهن. ڏکين حالتن ۾ هنن ٿر جي راڄن جي رکوالي ڪئي. چاچو چوندو هو ته، ساڏور سوڍن ۾ جوجھار سنگھه جهڙو ڪوئي سخي نه ٿيو. هن جو پوٽو آنٻجي به پنهنجي لوڏ ۾ نالو رکي ويو. آنٻجي جو چاچو چمن سنگھهه وڏو سگھڙ هوندو هو. چيلهار جي سوٽهڙن ۾ جيسو جس جي رات ڄائو هو. هنر مند هجڻ سان گڏ بهادر هوندو هو. ڀوريلي جو محمد سخي نهڙي ۽ سائين محمد رحيم نهڙي پنهنجي دور جا ڏاها ۽ راڄ نيتي جا نامور نالا هئا. ساڏورن ۾ لونگجي سوڍو ساکائتو شخص هو. ڀوريلي جو سکر نهڙي سوڻن ساٺن جو وڏو هوشيار هوندو هو. سکر هڪ دفعو سنئوڻ ٻولائڻ ويو، ٻني ۾ پهچندي ڏسي ته اٺ تي به همراهه پيا وڃن. هن سڏ ڪري پڇيو ته ابا ڪير؟ اٺ واري هڪڙي ورندي ڏني ته سائين آئون ڪارو آهيان. وري هن پڇيو ته ٻيو ڪير آهي..؟ ته ورندي ۾ ڪاري چيائين ته سائين ٻيو منهنجو ڀاءُ آهي. سکر واپس موٽي آيو ، ڳوٺ ۾ اچي ڳالهه ڪيائين ته هي سال ڏڪار آهي پر ايندڙ سال به ساڳيو رهندو.

چاچو هيمراج خانصاحب اسماعيل نون کي ٿر جو سچو ڪامورو سڏيندو هو. خانصاحب اسماعيل نون ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ٿر ۾ لوڪ ادب ميڙن ۾ وڏي مدد ڪئي. ٿر جا سگھڙ گھرائي ڏيڻ يا سگھڙن جي ڪچهري منعقد ڪرڻ جي ذميواري پاڻ تي کڻندو هو. چاچو هيمراج ٻڌائيندو هو ته هڪ دفعي نون صاحب سگھڙن جي ڪچهري رکائي هڪ سگھڙ ڪچهري ۾ دودي ۽ چنيسر جي ڪهاڻي کنئي. سگھڙ ڳالهه ڪندي جڏهن دودي سومري جي موت جي ڳالهه تي پهتو ته خانصاحب هڪ ڪري چيو ته؛ سائين مڙسن کي ڪچهري ۾ نه ماربو آهي”ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌيندي سنگرام موکي ۽ خان مياڻي بابت نئين نسل کي آگاهه ڪندو هو ته؛”سنگرام موکو وٽ جي علائقي ڪوئنرل جي راجواڙي جو ٽيلات هو، سندس رعب تاب ۽ سورهيائي جون ڳالهيون اڄ به ڳوٺ ڳائين ٿا، سنگرام جا وڏا اصل ننگرپارڪر جي ڳوٺ موکئي جا ويٺل هئا. سنگرام جيڏانهن به ويندو هو ته ويهارو اٺن ۽ گھوڙن جون قافلو گڏ هلندو هو. تروٽ ٿر جي چڱن مڙسن کي پنهنجا ڪرڻ جي لاءِ عمرڪوٽ ۾ هڪ رهاڻ رچائي هئي. ان رهاڻ ۾ ٿر جا گھڻا اٿندڙ ويهندڙ پهچي ويا پر وٽ مان سنگرام موکو ۽ خان مياڻو نه ويا، گوري کي سڄي رات محفل ۾ ڳڻتي رهي ته انهن کي ڪيئن پنهنجا ڪري.؟ خان مياڻي جي ڳوٺ جو نالو ٺٺ آهي. وڏي ٺٺ ٺانگر وارو شخص پاڻ سان گڏ سئو اٺن ۽ گھوڙن جو قافلو رکندو هو. سڀ اٺ، گھوڙا ۽ سوار هڪ ويس ۾ سينگاريل هوندا هئا. خان مياڻي کي ست تلي معافي ملي هئي[1]خان مياڻي جو پٽ عوامي اگر گلو مياڻو ٿيو.

چاچي هيمراج جي دور رس نگاهه هوندي هئي. هُو ننڍي نظر رکڻ ۽ هلڪي ڳالهه ڪرڻ تي ناراض ٿي پوندو هو. چڙي چوندو هو ته ٻانڊي سوچ نه رکو ۽ اوڇوي ڳالهه نه ڪريو.

ٿر جي سگھڙ سياڻو هيمراج چوندو هو ته، ماڻهو جو پنهنجي ڏات، پنهنجي ڪرت، پنهنجي جدوجهد سان جيترو گھرو سٻنڌ هوندو، اوتري هن ۾ جيئري رهڻ جي شڪتي وڌيڪ هوندي آهي. راڄ ڀاڳ جي برادرين ۾ فيصلو ڪرڻ وارو پاڻ ڪنهن ڳالهه ۾ لانجھو نه هوندو هو. راڄ ڀاڳ جو چڱو مڙس تمام وڏو چتر هوندو هو. مرڻي توڙي پرڻي جي ڪاڄ ۾ ماڻهو صلاح وٺندا هئا. چڱا مڙس ڪاڄ سڌاريندا هئا. چاچي هيمي ۾ هي سڀ ڳڻ موجود هوندا هئا. چاچو آس پاس جي ڳوٺن ۾ راڌارو(رڌ پچاءُ ڪندڙ) هوندو هو ته “سارٿيو”(ساري سنڀالي ماني کارائڻ وارو) پڻ جيستائين ڪاڄ نه نبري تيستائين چاچو هيمون اڀي پير بيٺل هوندو هو.

چاچي هيمراج جا ٻول هوندا هئا ته، دل گھئي دوستن کان سواءِ ٻي کي ڪمزوري جو پتو ڪئين پوي. دوست دل جو دفتر ۽ ڀائر ٻانهن جو ٻل هوندا آهن. سچو دوست ڪڏهن راز پڌرو نه ڪندو آهي. دوستي جي موضوع تي ڳالهائيندي هُو بي اختيار هانسي سوڍي جي ذڪر تي پهچي ويندو هو. جنهن دوري جو نياپو ملڻ شرط چونئري جا ڦيرا اڌ ۾ ڇڏي دودي جي دشمن سان جنگ جوٽي هئي.

چيلهار ۽ سوٽهڙن جو تڙ جي وچ ۾ سوڍن جي پراڻن پڊن جي ڀرسان بيڀاڻي جي پڌر کي 81-1980ع ۾ سوٽهڙن جي تڙ مان لڏي اچي آباد ڪيو هو. مون ڳوٺ “سوٽهڙن جي تڙ” جو عروج نه ڏٺو هو. پر ڳوٺ بيڀاڻي جي ريلي ۾ ڳوٺاڻي ڪچهري جا سوين رنگ روپ اندر ۾ اتاريا. چاچي هيمي جي ڪچهري ۾ لڇي گنگاڻي جا محاورا اڄ به ياد آهن. بارٿو منواڻي معاشي طور اڀرو هوندو هو پر دل جو بادشاهه هوندو هو. سدائين مرڪندو اچي ڪچهري ۾ شامل ٿيندو هو. 1994ع جي ٻوڏ ۾ بيڀاڻي ۾ اسان جا سمورا گھر ڊهي ويا. تڏهن ڳوٺ ۾ اتي ٻيهر گھر جوڙڻ جي بدران چيلهار ۾ نئين ڪالوني آباد ڪرڻ جي رٿ سامهون آئي. پوءِ انهي رٿ تحت بيڀاڻي کي ڇڏي چيلهار شهر ڏانهن لڏڻ جو سفر شروع ٿيو. چيلهار ۾ چاچي هيمي پهرين چونئري وارو اوتارو ٺاهيو. هن جو دستر خوان ڪشادو هوندو هو. سدائين مهمان هوندا ئي هوندا هئا. چاچي هيمي جو موسيقي سان وڏو لڳاءُ هوندو هو. هن اڪ جي ڪاٺي مان هڪ تنبورو ٺاهي اوتاري ۾ رکيو هو. جانجھه جون چار جوڙيون به ورتيون هيون. ڪچهري ۾ راڳ جي رهاڻ به ٿيندي هئي. ڪڏهن چاچو ڀڳت سترام داس ڳائيندو هو ته ڪڏهن ڳوٺ جا نوجوان.نرسو جي ۽ چاچو هيمون گڏ ڳائيندڙ ”سرتئي” طور حصو وٺندا هئا. چاچي جي ڪچهري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٻورليءَ جو پونجو ڀڳت به اچي شامل ٿيندو هو. ڇا ته پونجو ڳائيندو هو، جيڏو آلاپ مٺو هو، ايترو ئي موسيقي جو فن ڄاڻيندڙ هو. پونجو تنبورا، مرليون ۽ پاوا ٺاهيندو ۽ وڄائيندو هو. موهن ڀڳت جيان هن وٽ به لطيف سائين کي ڳائڻ جو منفر انداز هو. پر هن جي پذيرائي نه ٿي سگھي. صحرا ۾ ٽڙيل گل وانگر هن جي خوشبوءِ پورو ڏيهه واسي نه سگھي، ست سنگ” جي محفل ۾ ڀڳت”واڻي” ڳائڻ دوران سڌي ڳالهه ۾ ڪٿا کڻندو آهي، تڏهن راڳي کي داد ڏيڻ، ڳالهه ۽ راڳ کي جاري رکڻ جي لاءِ مخصوص قسم جا ڊائلاگ ٿيندا آهن جن کي “جيڪارو” چئبو آهي. چاچو هيمراج “جيڪارو” ڏاڍو سهڻو ڏيندو هو. اوتاري واري ڪچهري ۾ چاچي جا ٽي فرزند مهاديو، ديو دت ۽ مٿراداس ساز وڄائڻ سکيا.

ڪشنچند بيوس جي سٽ هن جي محفل جو حصو هوندي هئي ته؛

جنتا چکيا کان بري، هوءَ ٻري، هيءَ باري.

ڏينهن ڏهاڙي جي ڪچهري ۾ چاچو هيمراج ۽ سندس ڀائر ڀانو جي، ماڻڪ لال، ڪانجي ۽ وينجهراج گڏ اچي ويهندا هئا ته پوءِ چرچن، لطيفن ۽ مزاحيه مثالن سان ٻڌندڙ کيرا ٿي پوندا هئا. ٽهڪن ۾ ٽڙيل ڪچهري ۾ اوچتو چاچو هيمراج لوڪ ڪهاڻي کڻندو هو ته ماٺ ڇائنجي ويندي هئي. ڳالهه ڪرڻ جو هُن وٽ وڏو ڏانءُ هوندو هو. 3 جنوري 2004ع تي صبح اٿي چاچي هيمراج گھر جي سمورن ڀاتين سان ڪچهري ڪيائين. ماضي جا قصا ڪهاڻيون وري ٻڌايائين. جن جن زندگي ۾ گڏ پير ڀريا ۽ جن ڪساڻ ڪئي انهن جو احوال ٻڌائيندي شام جو پاڇا ورڻ ٽاڻي پنهنجي وڏي پٽ هالجي جي گوڏي تي سر رکي دم ڌڻي حوالي ڪيائين.

زمانه غور سي سن رها تها فراز،
هم هي سو گئي داستان ڪهتي ڪهتي.

 تلي ؛ ٿر جي سٺي ڏاهري واري ٻني. [1]



محمد سانوڻ


مثالي استاد ۽ سگھڙ

محمد سانوڻ

ڍاٽ جي دڙن تي ڳوٺ “حاجي توڳي جو تڙ” آباد ڪندڙ مورا نک جا نهڙي راڄ ڀاڳ ۾ ڀلا ڀنور ٿي رهيا آهن. تن ۾ لولواڻي ڪڙم جي پوري ٿر ۾ نامياچاري رهي آهي. لولواڻي ڪڙم ۾ لال صديق نهڙي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ سائين محمد سانوڻ مثالي، استاد، سگھڙ سياڻو، راڄ جي رکوالي ۾ رواداري جي ريت جو راڻو هو. جنهن کي ساري اڄ به راڄن جون اکيون اشڪبار ٿي پونديون آهن. دل جي چپن تي ڀٽائي جو بيت تري ايندو آهي ته؛

مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا
وٽان تن نه آئيو، ڪو پنهوارن پيهي،
ويا سي وهي، جنب گذاريم جن سين

سائين محمد سانوڻ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائڻ کان پوءِ چيلهه بند جي سيد محمد حسن شاهه جي مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ ٿر جي نامور استاد محمد مراد جوڻيجي وٽ فائينل جو درجو پاس ڪيو. 1965ع ۾ سائين محمد سانوڻ کي پرائمري استاد جو آرڊر مليو. پهرين مقرري گورنمينٽ پرائمري اسڪول صالح ڀنڀرو ۾ ٿي. هن جيئندل شاهه لڪياري، راهوڙيار، حاجي توڳي جو تڙ، چرڪاري، دلواڻي، ولاسرو، گونگيو، ڏبڙڇا جي اسڪولن ۾ به پنهنجا فرض سرانجام ڏنا.

ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته؛ هڪ سال جي منصوبابندي ڪرڻي آهي ته ٻني پوکيون، جيڪڏهن ڏهه سال جي رٿابندي ڪرڻي آهي ته وڻ پوکيون پر جيڪڏهن سو سالن جي لاءِ سوچڻو آهي ته ماڻهن کي تعليم ڏيون. سائين محمد سانوڻ انهي سوچ ۾ سراپا محب وطن استاد ثابت ٿيو، هن جي اکين ديس جي ڌارتي جا لالئون لال سپنا ڏٺا. تن جي ساڀيا جي سو سڳنڌن جي لاءِ پنهنجي ٻولي ۾ ٻارن کي پڙهائڻ جو جستجو ۾ صبح و شام جا ٽآڻا وسري ويا. وطن جي محڪوم ۽ مظلوم طبقن جي علم جي لاءِ تڙپ ڏسي هن جي ذهن ۽ ضمير ۾ پنهنجي ڌرتي جو پُر اميد تصور جڙي پيو. هن چاهيو ٿي ته ٿر جي چوئنرن ۾ اونداهه جي بدران روشني جي سندر روپ هجي واري جي دڙن تي مارو ماڻهو ڏک پيڙا م پچي ملڻ جي بدران ٽهڪن سان ٽڙي ملن. هن سانگيڙن جي سپنن کي پنهنجي نيڻن ۾ سانڍي علم جي ڳالهه سان جهالت جي وايو منڊل کي ريٽي مستقبل جي آئيني ۾ ٿر جي اجري صورت کي موتي وانگر جرڪائيندي هو. پر علم جي ويري وڏيرن کان اهو برداشت نه ٿيو، پٽيلن مقامي سطح جي معاملن ۾ الجهائي پڙهائڻ جي ڪم کان روڪڻ جي ڪوشس ڪئي. علم کي عام ڪندڙ هن سٻاجهي استاد کي اغوا ڪرايو ويو. پر هن مانجهي مرد کي انڌ جي گهوڙي تي سوار جهالت جي جوڌن جو جبر جهڪائي نه سگهيو، هن بهادر انسان جي شعوري زندگي ماحول جي پيچيدگين ۾ ڪٿي نه گهٻرائي، هن لڪن ۾ سج جي لهي وڃڻ کان پوءِ ڀٽن تي باهڙي ٻاري اونداهه سان ويڙهه جاري رکي. علم حاصل ڪرڻ جي امنگ کي هڪ نسل کان ٻي نسل تائين رسائڻ ۾ پوري ريت پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. مشهور مسيحا ڊاڪٽر بيکارام ديوراجاڻي، نامور استاد ڪرمچند، گروئومل، چوني لال سوٽهڙ ۽ ٻيا سائين محمد سانوڻ جي شاگردن ۾ شامل آهن، جن سائين محمد سانوڻ کان ابتدائي تعليم حاصل ڪري زندگي جي مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃايو آهي. ٿر جي ترقي ۾ هن جي آڏاڻي جي اڻت نياري آهي.

صديون اڳ گونگا ذات جي ماڻهن پاران آباد ڪيل ڳوٺ وقت جي وير ۾ ڪن سببن جي ڪري ويران ٿي ويو. سوڍن جي صاحبي دوران ڪسل ڪوٽ جي معرڪي ۾ ڀائرن جي ڀومي ڇڏي ساڏور سوڍن جي سرويچ هيمر سنگهه سوڍي گونگن جي ڇڏيل گوئاڙي ٻيهر آباد ڪري “تڙ همير” جي نانءُ سان پنهنجو راڄ قائم ڪيو. سوڍن سان گڏ ميگهواڙ ۽ سوٽهڙ برادري جا ماڻهو به اچي ويٺا. 1970ع ڌاري “حاجي توڳي جي تڙ” جي نريش نهڙين سان گڏ سائين محمد سانوڻ به گونگيو جو گام وسايو.

ٿر هن جي لاءِ مايا نگر هو. ٿر کان ٻاهر هن کي سک نه ٿيندو هو. ڏڪار جي اداس راتين ۾ برکا جي برسڻ جون دعائون گهرندو هو. پن ڇڻ جي رت هن کي روئاري وجهندي هئي. پر جڏهن گهنگهور گهٽائن کي گونگيو جي ٻانهياري ڀٽ تي چمڪندي ڏسندو هو ته هن جي روح ۾ راحت جي هير ڳهلي پوندي هئي. اهڙي ڪيفيت ۾ زمان ۽ مڪان کي اورانگهي ڪوي ڪاليداس کان پڇندو هو ته ميگهه دوت تنهنجو نياپو ڇو نه ڏنو؟ هن کي پتو هو ته اونداهي آڪاش ۾ وڄ جي وراڪن سان گڏ وڏڦڙي جو واڪو ڪيئن ٿيندو آهي.! هن کي سورج مکي کيتن کان ٻاجهر واريون ٻنيون وڻنديون هيون. سونف جي واڙين کان موٺ جو داڳو دل تي اڪريل هوندو هو.

هن اهل دل انسان پنهنجي مختصر زندگي ۾ مختصر دوست رکيا. پر جن سان روح جو رشتو جڙيو تن سان توڙ تائين نڀائين. سيد محمد حسن شاهه جو فرزند علي محمد شاهه عاجز محمد سانوڻ سان گڏ پڙهيو. سائين محمد سانوڻ جو علي محمد شاهه عاجز سان پيار پنهنجائپ ۽ عقيدت جو رشتو ساهه جي آخري هچڪي تائين رهيو. عاجز صاحب جي شاعري وڏي پاٻوهه سان پڙهندو هو. منهنجي چاچي هيمراج سوٽهڙ سان به دل جو ڌرميلو هو. چيلهار ڏي جڏهن به سائين محمد سانوڻ جو اچڻ ٿيندو هو، چاچي هيمراج وٽ سدائين رهاڻ رس رهندي هئي. سائين محمد سانوڻ اسان کي چاچي هيمراج جيان ڀائيندو هو. اسين سائين محمد سانوڻ کي چاچو چوندا هئاسين. مون کي چٽو ياد آهي ته سائين محمد سانوڻ پرڪشش پوشاڪ ۾ ڀلي گهوڙي تي چڙهي چاچي هيمراج جي وڏي فرزند هالجي جي شادي ۾ شريڪ ٿيو هو. تڏهن چاچي هيمراج سگهڙائپ جي هڙوٽڙي مان ٿري لوڪ دوهو ڏيندي چيو هو ته؛

پاتر پهرڻ، ڀل چڙهڻ، ڀوم تريان اتم ڪل،
لالچ ڪيڻي نه لڀڻا، ڍولا لکيا لاڀيا ول.

(اي ڍولا! نازڪ نفيس ڪپڙا پهرڻ ۽ چڙهي جي لاءِ ڀليون گهوڙيون جن جو بڻ روءِ زمين تي بڻن ۾ اتم آهي، اهي سڀ لالچ ڪندي نه ملن، پر هي ته لکئي جو نصيب آهن.)

سائين محمد سانوڻ تمام گهڻو نفاست پسند هو. ڳالهه جي اجائي ڊيگهه ويڪر به نه وڻندي هئي. ذهني طور جڏهن ٿڪجي پوندو هو ته ٿر ۽ بئراج جي ڪس جي ڳوٺ چيلهه بند سائين علي محمد شاهه عاجز ڏانهن هليو ويندو هو. چيلهه بند جي سفر ۾ سوٽ فضل اڪثر طور گڏ هوندو هو.

سائين محمد سانوڻ چوندو هو ته، سدائين سچ ڳالهايو، ايترو سچ جو ڪڏهن ڪنهن ڳالهه جو ويساهه ڏيڻ جي لاءِ قسم کڻڻ جي ضرورت نه پوي. سچ سان هن جي ياري هئي. نئين ڏينهن سچ جي نئين سبق سان اميدن جا نوان سج اڀاري زندگي جو نئون پيغام ڏنو. ظالم خلاف نفرت جي لاءِ عام ماڻهو کي اتساهيو، نئين نسل کي سچ سيکارڻ جي ڏوهه ۾ ڪيترائي ڏک ڏٺا پر سچ جو ساٿ نه ڇڏيو. ڏکين حالتن ۾ شيخ اياز جو نظم جهونگاريندو هو ته؛

جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو
تنهن جو سارو چين کڻي ٿو
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آهي،
پر تو ائين ڪڏهن ڄاتو آ،
ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي؟
سچ وڏو ڏوهاري آهي.

سائين محمد سانوڻ ڪردار جو ڪنول گل هو. پر هن جي خيالن جي خوشبوءِ پوري ريت اڃان پکڙي نه هئي، سچ، سونهن، مڌرتا ۽ منورٿ جي تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جي ريت روايت ۾ هن جا سارا رنگ اڃان رچيا نه هئا. ته اوچتو 2 آڪٽوبر 1999ع تي وڇوڙي جا وڍ ڏيئي هن فاني دنيا مان هليو ويو. سائين محمد سانوڻ جي وڇوڙي تي گونگيو ۽ آس پاس جي راڄن ۾ روڄ راڙو ٿي پيو، تڏي تي آيل هر ماڻهو ٿڌا ساهه ڀري ماڌو لال حسين جي ڪافي سان پنهنجا لڙڪ اگهي رهيو هو ته؛

پياري لال! ڪيسا ڀروسا دم دا
اُڙيا ڀنور ٿيا پرديسي جون موتي سبنم دا.

سائين محمد سانوڻ جي خاندان سان پنهنجي وڏڙن وانگر روح جو رشتو جڙيل آهي. امير حمزو اعليٰ تعليم حاصل ڪري سنڌ جي ماحولياتي کاتي ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي، عباس تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ آهي، شهاب دين ريڊيو پاڪستاني مٺي تي گيسٽ پروڊيوسر جون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي ۽ ننڍڙو نياز علي تعليم حاصل ڪرڻ جي پنڌ ۾ آهي. امير حمزو ۽ شهاب نوجوان ٽهي جا نمايان شاعر آهن. امير حمزي جا ڍاٽڪي ۾ چيل گيت: “جائي ڪهي مانهجي بالم نا سڪ تانهجي لاگي ري”، “مانري گلاب را گلڙا گونگهٽيو هٽاءِ” ۽ ٻيا وڏي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. فوزيه سومرو، الهڏنو جوڻيجو، شمن ميرالي ۽ ٻين امير حمزي جي گيتن کي ڳايو آهي. شهاب دين جي شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ڪريم فقير، انب فقير، هيرو لوهار ۽ ٻيا شهاب جي غزلن کي ڳايو آهي.

سائين محمد سانوڻ جي اولاد ۾ سائين محمد سانوڻ جون جهلڪيون آهن. راڄ ڀاڳ سان ساڳي ريت نڀائي رهيا آهن.



سيد حبيب الله شاهه


مثالي استاد، سگھڙ ۽ راج نيتي جو روپ

سيد حبيب الله شاهه

هو نوجواني جي زماني ۾ ڪاري ڪميت تي چڙهي سرڪشي سان هلندو هو. ٿر جي طبعي ڀاڱي وٽ ۽ مهراڻي جا ڳوٺ هن جي روح ۾ وسندا هئا. هو جتي رات رهيو اتي رهاڻ هوندي هئي. سگهڙ سياڻا ۽ ڪچهرين جا ڪوڏيا سوڀاري جي سيد حبيب الله شاهه بخاري جو نالو ٻڌڻ سان اچي ميڙو مچائيندا هئا.

لوڪ ادب جي ڪنهن ڪوي چيو آهي ته؛

ڪدلي سيپ، ڀجنگ، سوات وياپڪ گن تين،
جو جيسي سنگت ڪري، تو ويسا ڦل دين

(اسو جي مهيني ۾ سواتي نکتر ۾ بادل جي هڪ ڦڙي جا ٽي ڳڻ آهن. هڪ بوند ڪيوڙي جي ٻوٽي تي ڪري ته ڪافور جي خوشبوءِ پيدا ڪري، سپ جي وات ۾ پوي ته موتي پيدا ڪري ۽ ساڳي بوند ڀجنگ يعنيٰ نانگ جي منهن ۾ وڃي ته زهر پيدا ڪري مطلب ته جنهن جو جهڙو سڀاءُ ۽ جنهن جي جهڙي صحبت اهڙو ئي ڦل پائيندو.)

احساسن ۽ جذبن جي ساگر سائين حبيب الله شاهه جي ڪچهري ۾ هر ٽاڻي قرب جي خوشبوءِ هوندي هئي. لفظ موتي ٿي مهڪندا هئا. عمر جي آخري پل تائين هن وٽ رهاڻ جو رس نه گهٽيو هو.

آنٻي رو رس آنٻلو، ڏڌ رو رس گيهي،
راجا پڇي راڻي نا رس رو رس ڪي.

(انب جي وڻ جو رس انب جو ميوو آهي، کير جو رس نج گيهه آهي، راجا راڻيءَ کان پڇي رهيو آهي ته رسو جو رس ڇا آهي؟)

هن مڻيادار ماڻهو وٽ پرولي ۾ پڇيل رس جو رس “محبت” اڻ کٽ هئي. حياتي جي آخري ڏينهن ۾ به هن پنهنجن پيارن ۽ ڪچهرين جي ڪوڏين کي نياپا ڪري چورايو هو ته؛

حياتي پئي ٿي، پڄاڻي کي پهچي،
گهڙي کن ڪچهري ڪري پوءِ وڃجان

ٽيپ رڪارڊر ۽ ڪيسٽن جي دور ۾ سائين حبيب الله شاهه کي مراد فقير، مائي ڀاڳي، موهن ڀڳت ۽ مٺو ڪڇي وڻندا هئا. مٺو ڪڇي جي آواز ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جو غزل هن کي گهائي وجهندو هو؛

نه ڄاتم مون وٽان ويندين، لالڻ لئون نه لايان ها،
مٺن جي موڪلائڻ کان مهندئين موڪلايان ها.

هن اندر جي آڳ ۽ درد جي جاڳ ۾ ڪڏهن چانڊوڪيون سمهاري نيڻ نه ٻوٽيا. اکڙين کي اوجاڳو ڏيئي ستارن جي سنگ ۾ روشن راتيون گذاريون. هن جي صالح نگاه ۾ باک جي لاک رتي لوئي چمڪندي هئي. سڪ جي ساز تي جڏهن راڳ هن کي ويراڳ ڏيندو هو، تڏهن پتنگ جيان پاڻ کي آڙاءِ ۾ آڻي ڀٽائي جو بيت پڙهندو هو ته؛

چڙهيو چڪاسن چاءِ، آڳ ٻرندي آئيا.
وهسن واڙي ڦل جئن، محبتي مچ لاءِ،
آڻي پاڻ اڙاءِ، کڻي کوري وچ ۾.

پر پيري ڏانهن موٽ کائيندي هن جي شخصيت ۾ انڪساري ۽ سادگي جو رنگ نمايان ٿي ويو هو. هر ڪنهن سان نيڪي ڪرڻ ۽ سڀ جو خير گهرڻ هن جي سڃاڻپ بڻجي ويا هئا. هٿ ۾ سدائين تسبيح کنيل هوندي هئي. من جو اجرو منش تسبيح جي داڻن تي ڌڻي در ٻاڏائي پوري ڪائنات جي لاءِ خير پيو گهرندو هو.

بخاري ساداتن ۾ سائين حبيب الله شاهه جا وڏا بخارا مان منزل ڪري اچي پهرين ملتان ويجهو اُچ شريف ۾ ويٺا. جتان وقت گذرڻ سان لڏي حمل ڍنڍ جي ويجهو گورک جي ڀرسان پنهنجو ماڳ جوڙيائون. جتي هن وقت شاهه گودڙيو جو آسٿان آهي. شاه گودڙيو هن سادات خاندان جو وڏو بزرگ هيو. گورک جي پڙ کان پوءِ تعلقي وارهه کي به رهائش ۾ آندو. جتي اڄ به بخاري سيدن جي هن پاڙي جا چار ڳوٺ آهن. سيد احسان شاهه لاڙڪاڻي مان لڏي اچي مٺي ۾ ويٺو.

ٿر ۾ اچڻ کان پوءِ احسان شاهه ٿر جو ٿي ويو هو. ٿر هن جي روح ۾ وسي ويو هو. ملير جي مٽي جي سڳنڌ هن جي ساهه ۾ سماجي ويئي هئي. سيد احسان شاهه بخاري ميرن جي صاحبي ۾ وڏي عهدي تي فائز رهيو. مٺي جا قلعا هن جي هٿ هيٺ هئا. سائين احسان شاهه جي حويلي شهر جي ڀر سان ملوڪ شاهه جي پڙ وٽ هئي. انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ وقت مٺي ۾ سائين احسان شاهه کي به گرفتاري ۾ آندو هو. هن انگريزن جي قيد ۾ سختيون سهڻ قبول ڪيون پر انگريزن جي ڪئمپ جو حصو ٿيڻ کي مهڻو سمجهيو. عالم سر جي سسوڏين، ڀڪوئي جي درسن ۽ ڪيرٽي جي سوڍن جو سيد احسان شاهه سان عقيدت مندي جو تعلق هو. انگريز جي قيد مان آزاد ٿيڻ سان سيد احسان شاهه مٺي ڇڏي هن سوڍن، سسوڏين ۽ درسن جي سهڪار سان عالم سر ۽ ڀڪوئي جي وچ ۾ کوهه کڻائي پنهنجو ڳوٺ آباد ڪيو. لوڪ جي زباني “احسان شاهه جو تڙ” جي نالي سان مشهور ٿيو. پر رڪارڊ ۾ سوڀارو شاهه نالو رکيو ويو.

سيد احسان شاهه جا ٻه پٽ سيد متارو شاه ۽ سيد علي مراد شاهه ٿيا. جن جو اولاد متاراڻي ۽ علياڻي ڪٽنب سڏجي ٿو. متاري جا ٽي پٽ مدد علي شاهه، هارون شاهه ۽ شاهه محمد شاهه ٿيا. مدد علي شاهه جا وري ٽي پٽ نظر محمد شاه، غلام حيدر شاهه ۽ محسن شاهه ڄاوا. غلام حيدر شاهه آبپاشي کاتي جو آفيسر ٿيو. غلام حيدر شاهه جو پٽ شبير شاهه آهي. نظر محمد شاهه راڄن جو رکوالو ۽ زميندار ٿيو. سائين نظر محمد شاهه جي اولاد ۾ سائين حبيب الله شاهه ۽ سائين منظور شاهه آهن محسن شاهه زراعت کاتي ۾ آفيس سپرينڊنٽ ٿيو. محسن شاهه جي ڪوششن سان ٿر جا ڪيترائي غريب ذاتين جا ماڻهو زراعت کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور ڀرتي ٿيا. محسن شاهه جا ست پٽ ڊاڪٽر انور شاهه، منور شاهه، عابد حسين شاهه، الطاف حسين شاهه، مظفر شاهه، اشرف شاهه ۽ خالد حسين شاهه آهن. متاري شاهه جي پٽ هارون شاهه جو پٽ حسن شاهه ٿيو، جنهن جو اولاد امام علي شاهه، لطيف شاهه، اقبال شاهه ۽ رياض حسين شاهه آهن. شاهه محمد شاهه جي پٽ لال شاهه جا ٻه پٽ محمد شاهه ۽ عبدالله شاهه آهن. شاهه محمد شاهه جي گهر واري ڏاڏي جهوڙل صاحبه وقت جي وڏي بزرگ هستي هئي. ڀڪوئي ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو اڄ به وڏي عقيدت رکن ٿا. لوڪ وٽ ڏاڏي جهوڙل جي دعا ۽ پٽ جا ڪيترائي مثال موجود آهن. هن سادات گهراڻي ۾ سائين ڪرم علي شاهه، علي مراد شاهه پنهنجي دور جا نامور درويش ٿي گذريا آهن. احسان شاهه جي ٻي پٽ علي مراد شاهه جو پٽ ڪرم علي شاهه ٿيو جنهن جا ٻه پٽ بلند شاهه ۽ علي مراد شاهه ٿيا. ٻئي ڀائر دانا ۽ درويش هئا، علي مراد شاهه حڪمت به ڪندو هو. علي مراد شاهه جي اولاد ۾ رسول بخش شاهه، اڪبر شاهه، گل محمد شاهه ۽ امير شاهه آهن. جڏهن ته بلند شاهه جي اولاد ۾ ٽي پٽ سڪندر شاهه، غلام نبي شاهه، ذوالفقار شاهه آهن ڪرم علي شاهه جو ڪيرٽي ۾ آسڻ آهي. ڪرم علي شاهه جو ضلعي عمرڪوٽ ۾ اميد علي لاشاري جي ڳوٺ جي ڀر سان هڪ ڪنڊي جي وڻ هيٺيان تڪيو هوندو هو. ماڻهو اڄ به انهي آسٿان تي دعا گهرندا آهن. ڀڪوئي ۾ علي مراد شاهه جي آخري آرام گاهه تي ماڻهو عقيدت جا گل ارپڻ ڪندا آهن. گل محمد شاهه جو تعلقي ڇاڇري ۾ مبارڪ تڙ جي ڀر سان ميلو لڳندو آهي.

سائين حبيب الله شاهه 3 مارچ 1953ع تي جنم ورتو. حبيب الله شاهه 28 مارچ 1973ع تي پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. ڳوٺ ڊوڙي، سوڀارو شاهه، ڪٻروهي ۾ نوڪري ڪئي. هن انهن ڳوٺن جي بهتري جي لاءِ عملي طور جدوجهد ۾ حصو ورتو. عام ماڻهن کي تعليم جي لاءِ آگاهي ڏني. يونين ڪائونسل ڀڪوئو، ماڃيٺي ۽ مهراڻو ۾ بيٽ آفيسر ٿي رهيو. 2 مارچ 2000ع تي هن رٽائرمينٽ ڪئي. ٿر ۾ بيٽ آفيسر سوين ٿيا پر حبيب الله شاهه هڪ هو. نوجوانن کي اتساهيندو هو ته، “زماني جي ذلت ۽ غربت جي اونداهي کي علم سان چيري دنيا جي لاءِ روشن مثال ٿي پئو.” سائين حبيب الله کي منافقيت وارو ماڻهو اصل نه وڻندو هو. هن هميشه انهن ماڻهن کي ننديو، جيڪي منافقي کي سماج جو قدر بڻائي رهيا آهن. هن گهٽ ٻوسٽ جي ماحول ۾آ زاد سماج جي ڳالهه ڪئي. هن انسان جي اندر جي آزادي تي زور ڀريو. هن عدم تحفظ جي شڪار انسان کي تحفظ ڏنو، تسلي ڏني، اگهائي ۾ آسرو ڏنو هو. هن پنهنجن ساٿين پاڙي جي سدائين پرگهور لڌي، ڪيترا به اختلاف هجن پر لنگهي آيل شخص کي هن سدائين مان ڏنو.

سائين حبيب الله شاهه کي راڄ ڀاڳ جي سرواڻي ست پيڙهياتي مليل هئي. پر ڏاهپ جي ڏيهه ۾ ڌاڙو هڻي فيصلا سازي جي مهارت لٽي آيو هو. سائين حبيب الله شاهه راڄ ڀاڳ جو فيصلو ڪرڻ کان پهرين مخدوم امين فهيم جو شعر پڙهندو هو ته؛

تون امين آهين فهيم،

فيصلو ڪج لاجواب

لوڪ روايتن جي تاريخ ۾ سائين نظر محمد شاهه جا به فيصلا محفوظ آهن. راڄ ڀاڳ جي معاملن ۾ سائين نظر محمد شاهه جي ويجهن ساٿين ۾ ماڪن عرف ماڪو درس، مبارڪ سميجو شامل آهن. چوپڻي جي سميجن ۾ نظر محمد شاهه جا ناناڻا هجڻ جي ڪري چوپڻي جي سميجن جو سياسي سماجي طور ساٿ نظر محمد شاهه سان رهيو. ارباب فيض محمد به رشتي ۾ نظر محمد جو ماسات ٿيندو هو. سائين نظر محمد شاهه پهرين جهڏي جي ڀر سان زمين مقاطي تي کنئي. پوءِ ساماري جي ڀر سان هڏ خريد زمين ورتي. ساماري ۾ سيد احسان شاهه جي اولاد جي اڳ ۾ زمين موجود هئي. سائين نظر محمد شاهه پوءِ گهڻو وقت پنهنجن عزيزن سان گڏ ساماري ۾ رهڻ لڳو. پويان راڄ ڀاڳ سائين حبيب الله جي حوالي ٿيو. سائين حبيب الله شاهه پنهنجي دور ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سائين حبيب الله شاهه سائين نظر محمد شاهه جي روايتن کي قائم رکندي ارباب امير حسن جي سياسي سٿ ۾ شامل رهيو. سائين حبيب الله شاهه جو دستر خوان ڪشادو هو، روز فقير فقرا ۽ ٻهراڙي کان ايندڙ ڳوٺاڻا مهمان ٿيندا هئا. سائين حبيب الله شاهه وٽ زندگي، سماج، حالتن ۽ روين کي سمجهڻ جي سگهاري صلاحيت هئي. زماني جي گردشن کي آڱرين تي ڳڻي سگهندو هو. هن جو مشاهدو تمام وسيع هو. هن دلين جو ڊگهو سفر ڪري زندگي مان گهڻو ڪجهه سکيو هو. اصولن تي اٽل رهندڙ هن اڏول شخص ڪڏهن مايوسي کي ڀرسان اچڻ نه ڏنائين. سدائين مرڪ چپن تي هوندي هئي.

مون کي زندگي جا پورا ٻه ڏهاڪا سائين جي شفقت ۾ گذارڻ جو شرف حاصل ٿيو. مون سان ڪچهري ۾ سائين چوپڻي ۽ ساهياڙي جي سميجن جو ذڪر ضرور ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته اهي سائين جا عزيز ۽ منهنجا تمام گهڻا واسطيدار آهن. ساهياڙي جو وڏيرو احمد بنيادي پٽيل آهي. وڏيرو صاحب ۽ صالح سميجو رڄ مڙس هئا. ميراڻي پنج ئي ڀائر جان محمد، گل محمد، امين، عبدالله، مٺو ۽ غلام حيدر سپوٽ ٿيا. مٺو ۽ غلام حيدر حال حيات آهن.

سائين منهنجين سئو شرارتن تي دادلي ٻار جيان سنڀاليندو هو. منهنجون ۽ سائين قربان شاهه (سائين جي فرزند) جون مڙيئي مدايون معاف ڪري ڇڏيندو هو. ڪڏهن ڪوسو نه ٿيو. مون کي پنهنجن پٽن سائين برڪت شاهه، سائين قربان شاهه، سائين شوڪت شاهه، سائين شفقت شاهه ۽ سائين علي مردان شاهه سان گڏ ويهاري پنهنجي زندگي جا تجربا بيان ڪندو هو. ٻڌائيندو هو ته، ڪيئن هن پنهنجي زندگي گذاري ۽ ڪهڙا ڪهڙا ٿر ۾ واقعا هن جي اکين جي اڳيان گذريا. هن وٽ ٿر جي ڀٽن ۾ آيل ڪيترن ڀونچالن جي اکين ڏٺي تاريخ سانڍيل هئي. خاص طور ٿر جي طبعي ڀاڱي وٽ جو وڏو ڄاڻو هو.

ڀڪوئي جي درسن ۾ استاد سڪندر درس جو سائين حبيب الله شاهه وڏو خيال رکندو هو. سائين حبيب الله شاهه زندگي جي پوئين ڏهاڪي ۾ پنهنجي والد سائين نظر محمد شاهه وانگر سياسي سماجي ڪرت جي قيادت پنهنجي ڪڙم جي هونهار نوجوانن سائين فدا حسين شاهه ۽ علي مردان شاهه جي حوالي ڪري پاڻ فقير، فقرائن ۽ راڄ ڀاڳ جي رهاڻين ۾ محو ٿي ويو. لطيفي راڳ ۽ راجپوتي رهاڻيون هن جو خاص شوق هونديون هيون. لطيف جي پارکوئن ۽ سگهڙن جا ميڙا مچايا.

هي پورو سادات گهراڻو پڙهيل لکيل آهي، هن گهراڻي جا فرد ڊاڪٽر، انجنيئر، پوليس آفيسر، زميندار ۽ استاد سميت زندگي جي مختلف شعبن ۾ پاڻ ملهائي عوامي خدمت ڪري رهيا آهن. سڀئي سائين حبيب الله جي مان مرياده رکندا هئا. سائين سمورن کي ڀائيندو هو.

8 آگسٽ 2017 تي اسر جو سائين قربان شاهه فون ڪري سائين حبيب الله شاهه جي هن فاني دنيا کي الوداع ڪرڻ جو اطلاع ڏنو ته اکيون اسو جي اوهيرن وانگر وسي پيون. سائين قربان پورو ڳالهائي نه سگهيو. مون پاڻ سنڀالي قربان شاهه کي دلداري ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڏئي نه سگهيس؛

سانحو آهه “راشد” اسان لاءِ هي،
دل جو بيهي وڃڻ، ڌڙڪندي ڌڙڪندي

ڀڪوئي جي ست راڄي قبرستان ۾ سائين پنهنجن وڏڙن جي ڀر سان ابدي آرام سمهي پيو. ڪانڌين جي اجرڪن ۾ لڙڪ جذب ٿي رهيا هئا. ٽاڪ منجهند جو دعا گهرڻ کان پوءِ آئون پوڙهي سگهڙ وانگر آليون اکيون اگهندي ڀٽائي جو بيت چپن تي آڻي اٿيو هوس ته؛

لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا.
هٿان حبيبن، ڪڏهن ڪو نه ڏکويو.



استاد حسين فقير


صحرا ۾ موسيقي جو سمنڊ

استاد حسين فقير

ٿر ڪڏهن به تاريخ جي ضمير کي سَنڍ ٿيڻ نه ڏنو آهي، سچ، سونهن ۽ درد جي صدا سدائين اُڀرندي رهندي آئي آهي، صحرا جي سَتُر کي معنيٰ بخشڻ لاءِ پُڪار جا پڙاڏا گونجندا رهيا آهن، پيُرون ۽ پُسيءَ جي هن خطي ۾ نه رڳو چوراسي چندن پنهنجي آب تاب سان چمڪندا آهن، پر مادي کي امرتا جي روح ۾ بدلائڻ جي جتن کان وٺي آواز کي راڳ ۾ بدلائڻ، رنگ کي تصوير ۾ تبديل ڪرڻ، احساسن جي ٻوليءَ کي شاعري جي صورت ڏيڻ، انساني جيون کي هر ڏک ۽ هر ظلم کان مُڪتي ڏيڻ جي جدوجهد تائين هر جدوجهد هر جتن ڪنهن جوڌي جي ڪنن ۾ پاتل سونين والين جيان چمڪندو رهيو آهي، ٿر جو هر ڪردار سنڌ جي سچي تاريخ جي ورقن ۾ سُهاڳڻ جي سينڌ جي سينڌرو جيان تازو توانو رهندو آيو آهي.

پوري دنيا ۾ سچي تاريخ جو هر ڪتاب ريگستانن جي ڪردارن جي عظمتن جي داستانن سان شروع ٿيندو آهي، ننڍي کنڊ ۾ هر ڀيري هر دور ۾ اهو بار صحراءِ ٿر جي ڪُلهن تي پيو آهي، استاد حسين فقير سچ سونهن ۽ درد جي صدا اُڀاريندو پُڪار جو پڙاڏو پيدا ڪندڙ، آواز کي راڳ ۾ بدلائيندڙ ٿر جي هڪ سچي ڪردار جو نالو آهي، وارياسي جي گُل جو روپ آهي، جديد سنڌي شاعري جي وڏي نانءُ شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي ته، “ڪير چوي ٿو ته وارياسي جي گل جي اهميت نه آهي!؟ اهو وارياسي جو گل آهي جيڪو جهنگل ۾ منگل ڪندو آهي ۽ جڏهن ڪا اُتر جي اوت نينهن جا نياپا کڻي گُذر ڪندو آهي، تڏهن صحرا ۾ ٽڙيل گُل جو وَنُ ۽ واسُ ڪيترن ڀونئرن کي ڀيڙو ڪري ڇڏيندو آهي.” ُاستاد حسين فقير جي فن ۽ آواز ۾ اها ڪشش ڪئي، اِهو وَنُ ۽ واسُ هيو، جنهن مٿان ڪيترائي ڀونئر پڻ ڀيڙا ٿيا، پر شهرتن جي آڀي جي نو لک تارن کي ڪوساڙ ٿي پيو هو، انهن ڪڏهن به هن کي چندرما ٿي اُڀرڻ نه ڏنو. هن جي حصي ۾ اُها مشهوري ۽ مقبوليت نه آئي، جنهن جو هو حقدار رهيو.

استاد حسين فقير جو تعلق مڱڻهار قبيلي سان هو، هن جو جنم 1952ع ڌاري ٿيو. استاد حسين فقير جو والد محمد رحيم عرف مَمُون فقير ٿر جي نِج نَبارُ ڳوٺ هريار جو رهواسي هيو، جتان لڏي اچي مٺي ۾ ويٺو، حُسين فقير جو ننڍپڻ توڙي جوڀن ڪڏهن مٺيءَ ته ڪڏهن هريار ۾ گذريو. محمد رحيم پنهنجي دور جو ڀلوڙ راڳي هو. استاد حسين فقير ڳائڻ جي سِکيا پنهنجي پيءُ محمد رحيم ۽ استادِ مُراد فقير کان ورتي. استاد حسين فقير پرائمري جي تعليم جا ڪُجهه درجا هريار ۽ باقي مٺيءَ ۾ پڙهيو. هن مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. استاد حسين راڳ کي سڀ ڪجهه سمجهندو هو، راڳ هن جو آدرش هيو، راڳ بنان زندگي کي بي معنيٰ سمجهندو هو، راڳ کانسواءِ هن وٽ ڪائي سوچ نه هئي، آڌي، مانجهي، بُک، سُک ۾ هن راڳ کي رُوح جي ويجهو رکيو. اُن ڪري جڏهن به ڳائيندو هيو ته هر ٻڌندڙ جي روح جون تارون ڇِڙي پونديون هيون، هن جي آواز ۾ ڌرتيءَ جي پڪار هئي، مٽيءَ جي ٿڃ هئي، جنهن کي ملهائڻ جا هن وڏا وس ڪيا. هن جي محنت ۽ مسلسل رياضت کيس موسيقيءَ جو اُستاد بڻائي ڇڏيو، راڳن جي مدد سان سُرن جا نقشا نئين سِج نئين جدت سان جوڙيائين، هن ڪيتريون ئي ڌُنون تخليق ڪيون، جن کي ڳائي پويان ايندڙ ٽهي شُهرتن جي آڀي کي ڇُهڻ لڳي، پر پاڻ گمنامي جي گوشي ۾ رهيو. استاد حسين فقير پنهنجي طبيعت جو من موجي ماڻهو هو يا زماني جي الجهنن کيس اُلجهائي رکيو هو، جيئڻ جي سانگ ۾ ڪهڙا هن وٽ گُهنگهرو هيا، ڪهڙي هن وٽ ڇَمِ ڇَمِ هئي، ڪهڙا منڊ هن کي موهيندا هيا، ڪهڙا سانگ هن کي سَرچائي رکندا هئا، اِهي سڀ راز هن جي رُوح جي رُومال ۾ ويڙهيل رهيا، ڪنهن ڪو نه هن جي جيءُ ۾ جهاتي پائي ڏٺو، پنهنجا لُڙڪ اڪثر پاڻ تنهائيءَ ۾ اُگهي لوڪ جي لاءِ محفلون مچائيندو رهيو.

استاد حسين فقير ٿر جو پهريون راڳي هو، جنهن لوڪ گيتن ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ سان گڏ جديد سنڌي ۽ اردو شاعريءَ کي ڳائڻ شروع ڪيو. هن ڪڏهن به عام ڳائڻن وانگر بليغ بازيگري واري بازاري شاعريءَ کي نه ڳاتو، ڪلاسيڪل شاعري ۾ شاهه لطيف، ڪبير ڀڳت، ميران ٻائي، سچل سرمست، ڪافين جي بادشاهه مِصري شاهه، مِرزا غالب، جديد شاعري ۾ شيخا ياز، فيض احمد فيض، احمد فراز، ساحر لُڌيانوي، گلزار، استاد بخاري، اَياز گُل ۽ سائينداد ساند وغيره جي شاعريءَ کي سُرن جو رُپ ڏنو ۽ سندن تخليق ڪيل ڪلامن جُون لازوال ڌُنون جوڙيائين.

صحرا جي هن راڳيءَ جي اندر ۾ موسيقي جو اَٿاههُ سمُونڊ هيو، جنهن جي پاتار ۾ سُر ۽ سنگيت جا موتي سرجندا هيا، آلاپ هن جي اَندر مان لهرن جو رُوپ وٺي نڪرندو هيو، هارمونيم تي هٿ رکي ڳائڻ ويهندو هو ته صدين جي سنگيت جا پڙلاءَ ٻڌڻ ۾ ايندا هُيا، هن جي آڱرين جي ڇُهاءَ ۾ آدجڳاد هئي، هن جو آواز ڌرتيءَ تي گونجندو هو، هن مٽيءَ جي رنگ ۽ سُرهاڻ کي تُرنم ۾ تبديل ڪري ڳايو.

استاد حسين فقير جو پيءُ هريار کي ڇڏي آيو هو، پر حُسين پنهنجي راڄ سان رشتو جوڙي رکيو هو، هريار، آسار، گوپاتر کان ٿيندو ڪڏهن ڪڏهن چيلهار ۾ منهنجي غريباڻي اوتاري پهچندو هو، چيلهار ۾ چونئري واري اوتاري اڳيان حُسين جڏهن ڳائڻ شروع ڪندو هو ته تارن ڀري راتڙي اونداهي پک ۾ به پيار جو پيغام لڳندي هئي. علامه اقبال چيو ته:

دوڙ پيڇي ڪِي طرف اَي گردشِ اَيام تو

(يعني: اي مَصروف زمانا ٿورو پوئتي مُڙي به ڏِس!)

پر ائين ڪٿي ٿو ٿي سگهي!؟ غالب چواڻي:

هي رومين رخش ڪهان ديکهيئي تُمهي،

نا هاٿ باگ پر هي، نا پاهي رڪاب مين!



وڏيرو ڀارو سمون


راج نيتي جو راڻو

وڏيرو ڀارو سمون

مٺي کان ننگرپارڪر ويندڙ رستي تي ڳوٺ لوڻيون سما کان ڏکڻ طرف 10 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آباد ڳوٺ ڊاڀو سمان تعلقي ننگرپارڪر جي تاريخ جو هڪ منفرد ڳوٺ آهي، انهي ڳوٺ جو رهواسي وڏيرو ڀارو سمون تعلقي ننگرپارڪر جو وڏو زميندار آهي، ٽيويهه سئو ٽيهٺ ايڪڙ ٿر جي زمين آهي پر پنهنجي هاري کان صرف هڪ مڻ تائين پتي وٺندو آهي، باقي جيڪو کيڙي سو کائي، غريبن جي مسئلن جي حل لاءِ انهن سان گڏ اجرڪ ڪلهي ۾ وجهي لٺ هٿ ۾ کڻي پنڌ نڪري پوندو آهي، هن بمبئي جي بازار کان وٺي ڪراچي جي ڪن تائين پيرين پنڌ ڪيو آهي. 20 جنوري 1920ع تي حبيب الله سمون جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڀارو سمون زندگي بخش قوتن جي ڪمي واري دور ۾ پنهنجي اهڙي انسان دوست ڪردار سميت اعليٰ انساني قدرن جي هڪ صدي جي ڪهاڻي آهي. هن پنهنجي وڏي ڄمار جي سفر ۾ رات جي تاريڪي ڏٺي آهي ته پره ڦٽي جي سونهن پڻ پسي آهي، هن جو من صوفي جي سوچ وانگر سچو ۽ مصور جي ڪئنواس جيان ڪشادو آهي هن جي ڪچهري ڪنهن مهل روح ۾ راحت ڀري ٿي ته ڪنهن وقت من کي اداس ڪندڙ ڪيفيت آڻي وجهي ٿي پر هر حال ۾ انهيءَ ڳالهه جو ويساهه وڌائي ٿي ته انڌيري ۾ سويري جي آس ۽ انسان جي جدوجهد ڪڏهن مرڻي نه آهي. جنهن دل سان هن جي محفل جا ٻئي رنگ ڏٺا ۽ من جي گهرائي سان محسوس ڪيا، هن جي اڳيان اهو واضح ٿي پوندو ته ڪيئن ماڻهو کي ڪردار ٿيڻ جي لاءِ حالتن جي شيهي مان گذرڻو پوندو آهي!؟ انسانيت جو رتبو ماڻڻ جي لاءِ ڪيتري جستجو ڪرڻي پوي ٿي. ڀاري سان پهرين ملاقات ۾ ويهي هن کي رڳو ٻڌجي، ٻي ملاقات ۾ پوئين گفتگو جي آڌار سوال ڪجي. هن وٽ ٿر جي سماجي معاشي، سياسي ۽ ثقافتي اڻ لکي تاريخ آهي.

مون وڏيري ڀاري سمي جو نالو ۽ سندس انسان دوست ڪردار وڏي وقت کان گهڻو ٻڌو هو، پر ملڻ نه ٿيو، ڀاري سمي جي ڪڙم جي لاکاٽي سمن جي ڳوٺ مالسريو مير محمد ڏانهن ايندي ويندي هر بار سوچيندو هوس وڏيري سان ملي وٺجي، پر ملاقات جا ڏينهن آڏا ايندا رهيا، فقير ماسو جڙئي مال کان محروم رهندو آيو، مالسريو ۾ ڪڏهن چاچو ٺارمحمد ته ڪڏهن چاچو خضر، ڪڏهن ڀاءِ ناشاد ته ڪڏهن مامو الهڏنو وڏيري ڀاري جي نت نون ڳڻن ۽ ڳالهين جو ذڪر ڪري منهنجي اندر جي شدت کي ٻيڻو ڪري وجهندا هئا، پر لکئي جي ليک ۾ دير هئي، 2014ع ۾ دوست عبدالخالق جي والد صاحب جي وفات تي ڊاڀي ۾ تعزيت جا پير ڀرڻ کان پوءِ وڏيري ڀاري سمي جي اوطاق تي پهچي وياسين. سادي سودي اوطاق ٻه پراڻا ڪمرا انهن جي اڳيان نم جي گهاٽي ڇانو وارو اڳڻ ڏسي نوجوان شاعر شهاب نهڙي چيو ته “ هي نم جو وڻ آهي جيڪڏهن ڪنڊي جو وڻ هجي ته ڀٽائي جو بيت ڏئي هن سمي ڄام جا سماچار پڇجن” اسان جي انهن اندر جي اوراڻن دوران وڏيري ڀاري جو موڀي فرزند فيض محمد اچي مليو، هن ڀاڪرون پائي ڀليڪار ڏني، ٿوري دير ۾ وڏيرو به اوطاق تي اچي ويو پوءِ صبح کان سانجهي تائين سڌ نه رهي ٽاڻا ٽري ويا پر رهاڻ رتي رهي، ائين وڏيري ڀاري جي اوطاق ڏانهن گهاڙو گهڙجي ويو. وڏيرو ڀارو پکين جي اٿڻ کان اڳ ۾ اٿي ٿو، رگ ويد جا رشي انهن ٽاڻي اُٿي دعا گهرندا هئا ته:

“اي اشا ديوي اسان تي پنهنجا بهترين ڪرڻا چمڪاءَ

۽ اسان جي زندگيءَ کي طويل ڏينهن عطا ڪر”

وڏيرو ڀارو سمون صبح اٿڻ سان صدين جي سنڌو جي روايت قائم رکندي پنهنجي مٽي ۽ ماڻهن جي سلامتي سان گڏ پوري عالم جي لاءِ ڀٽائي جي لفظن ۾ دعا گھرندو آهي ته:

سائينم سدايئن ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

فارسيءَ جي شاعري نظيري چيو هو ته”جيڪو عشق ۾ ڪٺو ناهي اهو اسان جي ڪڙم مان نه آهي”، ڀارو سمو چوي ٿو ته” جيڪو انسانيت جو حامي نه آهي اهو اسان جي ڪڙم مان نه آهي”آئون ٻه ڪتاب پڙهيل آهيان ٺڪر استاد کاريو نرا (تعلقي مٺي) جو رهواسي هو. سوڍي استاد به اسان کي اهو پڙهايو هو ته:

ڪر دنيا ۾ دل وڏيري، تون به رهه، مان ڀي رهان،
آڻ من ورتي ۾ ڦيري، تون به رهه، مان ڀي رهان.

ان دور ۾ اسان جي هن تر ۾ جيڪي شاگرد هوشيار هئا، اسان جي استادن وٽ پڙهائڻ جو طريقو هو، پڙهندڙ ۽ پڙهائيندڙ ٻنهي ۾ سچائي هوندي هئي، پڙهائيندڙ استاد جو ماڻهو نه صرف عزت ڪندا هئا، پر خيال رکندا هئا، گرمي سردي ڏکي سکي ويل هر ڪو استاد جو ڀرجھلو هوندو هو، هاڻي ڪير آهي؟ استاد اڳواٽ پگھار جو قرض کڻي ٿو ته ان مان به رشتو ڏيڻي پوي ٿي. بهرحال آئون پنهنجي استاد کي اڄ به سلام ٿو پيش ڪريان مون کي پنهنجي وڏڙن کان ورثي ۾ پنهنجي مٽي ۽ ماڻهن سان محبت سان گڏ سورهيائي، سچائي ۽ سخاوت ملي، منهنجي استاد به جيئو ۽ جيئڻ ڏيو تحت اهو ئي درس ڏنو منهنجي ڄمار جون يادگيريون مورن جي ٽهوڪن ۾ سمايل آهن، کڙکٻيتي جي روشني ۾ رنگيل آهن. جڏهن سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ چونڊ ڪرڻي پوندي آهي ته اهڙين گھڙين ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پنهنجو پاڻ کي بيوس محسوس ڪندو آهي جن وٽ شعور ڏيڏر جي ڪائنات جيترو هوندو آهي. انهن کي مساڻ جي چٻري جي گھور ۾ طاقت نظر ايندي آهي. مساڻ جي چٻري جي گھور تان ٿيندڙ کي ڪهڙي خبر ته مور جي ٽهوڪي ۾ ڪيڏي مٺاس آهي؟ کڙکٻيتي جي روشني به ماڻهو جي لاءِ ڪيئن مشعل راهه بڻجندي آهي؟ ننگر پارڪر ۾ گھڻي وقت تائين جين ڌرم جا مندر محفوظ هئا، مون ڪجهه رهيل پويان اوسواڙا(جين متي) ڏٺا، جيڪي کاڌي پيتي جو ڪچو سيڌو(سامان) گڏ کڻي هلندا هئا، ٻني ۾ پچائي کائيندا هئا، اهي جيتڙي کي به مارڻ پاپ سمجھندا هئا. اسان بدقسمتي سان نه انهن جي ساٿ ۽ تربيت جو اثر پنهنجي اندر ۾ قائم رکي سگھياسين نه وري انهن جا ڇڏيل قديم آثار سنڀالي سگھياسين. اوسواڙا ڳائڻ جا سريلا هئا. مننجو ڏاڏو موسيقي جو ڄاڻو هو. هڪ دفعي مڱڻهار رات جو دير سان اوطاق ۾ اچي مهمان ٿيو سياري جي رات هئي. هن ايندي ملهاري ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. ڏاڏو گھر ستل هو ڏاڏي آواز ٻڌندي چيو ته فقير اڃيو آهي اوطاق ۾ پاڻي رکيل نه آهي کڻي وڃو ۽ هن جي سار لهو. ڏاڏي جي عمر جي آخري ڏهاڪي ۾ نور جھڪو ٿي پيو هو، هڪ فقير اچي سرندي وڄايو، ڏاڏي ٻڌندي چيو ته فقير هڪ تار ٽٽل آهي يا وڄائين نٿو. فقير چيو ته سائين صحيح ٿا چئو. هڪ تار وڄايان نه پيو، اوهان جي پرک وٺي رهيو هوس. هڪ ٿري لوڪ دوهو آهي ته:

راڳين نر موهيا، راڳين پسون ريجھنت،
راڳين نه موهيا، سو گرڀين ڪيون نه گرنت.

(راڳ تي ماڻهو ته ڇا پر جانور به موهجي وڃن ٿا، جيڪو ماڻهو راڳ تي نه ٿو ريجھي سو ماءُ جي گرڀ مان ئي ڇو نه ڪري پيو.)

منهنجو هڪ سوٽ خان محمد شاعر هو عوامي رنگ ۾ هن جي شاعري آهي، هتي ويجھڙائي واري تر ۾ هن جي شاعري جو ذڪر هلندو رهندو آهي، خان محمد جو سر سسئي مان هڪ بيت آهي ته:

وکون من وڄڙيون، قدم ڪي واٽن
منزل مارڻ مئين جي ڪانهي ڪنواٽن،
کنئن مهارن خانو چئي ٿيڙيا ڪين ٿڪن،
لاٽا منجھه لڪن، ڪيا اٺن آريءِ ڄام جي.

پراڻي دور سان ڪيترائي اختلاف ڪري سگھجن ٿا پر انهي دور ۾ انصاف هو، معاملن جي جاچ پڙتال ڪري پوءِ فيصلا ڪيا ويندا هئا، مون کي ان دور جو انصاف ياد ٿو اچي، ان دور ۾ ڳوٺن ۾ آبادي به گھٽ هوندي هئي. ماڻهن ۾ صلح پسندي هوندي هئي. آئون نوجواني ۾ چوپائي مال جو واپار ڪندو هوس، ورهاڱي کان اڳ ۾ راجسٿان ۽ گجرات ڏانهن واپار ڪندا هئاسسين، بمبئي به گھڻي گھمي ڏٺي سين. پوءِ واسطو ڪراچي سان جڙيو. منهنجي 2363 ايڪڙ ٿر ۾ زمين آهي، هاري مرضي وارا آهن جيڪو حصو ڏين اڪثر طور هڪ مڻ ٻاجهر ۽ هڪ مڻ گوار ڏيندا آهن، کيڙن اهي ٿا ته کائن به اُهي. منهنجو هڪڙو پٽ آهي ان جي لاءِ هاري جي هڪڙو هڪڙو مڻ گنج آهي. منهنجي ڏاڏي ولي محمد کي انگريزن 31 ايڪڙ زمين ڏني هئي، منهنجي بئراج واري پاسي به 200 ايڪڙ زمين آهي، بئراج جا ڪجھه زميندار واقعي هارين سان ظلم ڪن ٿا، انهن کي پنهنجي ڌرتي واسين اڀرن انسانن جو خيال رکڻ گھرجي. هاري کيڙي ٿو اهو زميندار کائي ٿو، هاري جي هٿن جي اپت مان دولت ڪمائي ٿو، انهي دولت تي بانور ڪري ٿو هي دولت ٻه لتون آهي هڪ پاسي واري ٻي ڪنڌ واري، هي دولت ۽ دٻدٻو سڀ هتي رهندو.

ڪاش اسان ڀٽائيءَ کان سکون، ڀٽائي ايئن چيو آهي ته:

هي سڀ هلڻ هارا،

ڪو نه رهندو ڪو هت جيڏيون!

اڏيا رهندا اتهين، هي سڀ ماڳ موچارا،

ڪو نه رهندو ڪو هت جيڏيون!

جن کي بادشاهيون بلند هيون سي ڇڏي ويا ويچارا،

ڪو نه رهندو ڪو هت جيڏيون !

اديون عبدالطيف چئي، اُت ستر ڪج ستارا،

ڪو نه رهندو ڪو هت جيڏيون !

پارڪر ۾ پونجاڻي واڻيا هئا وڏي ملڪيت وارا ۽ داناءِ هئا، ننگر پارڪر ۽ ڏونگري جا ٻانڀڻ مون کي اڪيلائي ۾ ڏاڍا يا ايندا آهن انهن جي صحبت اڃان وسري نه آهي. ايئن چوندي اکين مان وهندڙ لڙڪن هن جي چپن کي کارو ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳو ته يادون اندر کي گرمائينديون ته آهن پر ٽوڙينديون به آهن، ڏيوو مهاراج وڏو داناءُ هو، هن وٽ دودي سومري جي پيرائتي تاريخ لکيل هئي.

ڀڳيون ڀئه سلطان جي، ڦوڙايون وڃن،
وڳهه ويچارين، ڇنو نائي ڇڏيو،

ڇا ڪڙي ڇا ڪٽڪي، ڇا ماڪوڙي گھائي،
سنڌ ڏلي ري رامڏيا، ڪا مٿي تو آئي، 

_
مهڙ مرندي ملهائيا، سما سڀ نوتيار،
پانڊپ رکيا پڙ ۾ پورا پندرنهن هزار،

او ابڙو اڀڳ، او ڏونگر ئي ڏيهه ٻيو،
او جوڻا چاڻو جڳ، جو سريڻين سوٺا سهي.

پير پاڳارو به ڏيوو مهاراج کي گھرائيندو هو، آئون به پيرپاڳاري صاحب سان ٿر جي دوري دوران مليو هوس، پير پاڳارو صاحب علم اديب ۽ راڄ نيتي واري ماڻهو کي ڀائندو هو، مون ذوالفقار علي ڀٽي کي جھڏي ۾ تقرير ڪندي انتهائي ويجھڙائي سان ڏٺو هو. هن کي عوامي سياست جو ڏانءُ هو، مون ڪڏهن به وقت ڏسي پنهنجي سياسي وابستگي جي واسڪوٽي تبديل نه ڪئي اهي، پيڙهين کان وٺي کيتلاري جي ارباب خاندان سان جيڪو واسطو رهيو آهي، اهو اڄ به ساڳي آهي. ارباب توڳاچي 1936ع ۾ ٿر مان اسيمبلي ميمبر ٿيو، ارباب تاج محمد چونڊ مهم هلائي هئي، ٿر ۾ راڄ ڀاڳ جي سياست جو بنياد ارباب توڳاچي ۽ ارباب تاج محمد رکيو، ارباب امير حسن انهي کي اڳتي وٺي آيو، ارباب امير حسن چونڊ مهم جي شروعات ۽ آخري مرحلي ۾ مون کي گڏ کڻندو هو، فقير فيض محمد بلالاڻي وڏو سخي هو، ماڻهو مري وڃڻو آهي، ڪڏهن به ڪنهن جو ڳڻ ۽ ٿورو وسارڻ نه گھرجي فقير فيض غريب پرور شخص هو. اڄ ڪلهه غريبن جي اهميت نه آهي، منافقي واري سياست ٿر کي وڏو نقصان ڏنو آهي، خانداني ماڻهو جو وڏو فرق هوندو آهي، ٿر جا ماڻهو ياد رکن نم ڪڏهن انب نه جھليندو.

ٿر ۾ هڪڙو وقت هو جنهن ۾ گھمن سنگهه ڀيل، امر سنگھه ۽ گوڙهيار جا مينگھواڙ پنهون هميراڻي، سترام داس، سنڀومل هميراڻي، ننگرپارڪر مان مسڪين جھان خان کوسو، عالم چند ڪولهي وارا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڄام ساقي جي تقريرن کي سڻي تازا توانائي ٿي چونڊن جي وقت ٿر جي ٻهراڙين ۾ اهو ڳائيندي پهچندا هئا ته:

نه اچڻا نه وڃڻا هي لاچار آيا،

کڻي به سبز نوٽن جا انبار آيا،

خبردار هاري جو ڀوتار آيا،

پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.

هاڻي ڏينهن ڏٺي جي ڌاڙن جي اڳيان ڪو مزاحمت ڪرڻ وارو نه آهي، هاڻي ڌرتي ۽ ڌن جي سودي جي سياست آهي هاڻ ته هي ٿر ڄڻ ته اڌ رنگ ۾ ورتل آهي، اڳ ۾ ٿر جي سماج ۾ حياءَ شرم وڏو هو، ننڍا وڏن جو حياءَ ڪندا هئا، پر هاڻي نه آهي، مون کي زندگي ۾ خوشي تمام گھٽ ملي آهي. هڪڙو غم ڇڏي ته ٻيو تيار آهي. زندگي ۽ وقت پل پل کان پوءِ ويساهه گھاتي ڏيندا آهن دکن ۽ سوچن کان سواءِ ڇا مليو آهي. پارڪر ۾ سومرو خان کوسو وڏو مهمان نواز هو، پنهنجي هٿ سان ماني کڻي اچي کارائيندو هو، ٻلونت سنگھه جو هڪ ڪردار ڌاڙيل وارو هو ته ٻيو پهلو سخي وارو به آهي. مون کيس گھڻو ڏٺو، سهراب خان کوسي ورهاڱي کان پوءِ به ڌاڙو هنيو، ڀيمن وارو گڍ ڀڳوهو، ڪڇ ۾ سنڌي ثقافت آهي، اڳي پارڪر جو ٻيو رنگ هو، سچائي ۽ واعدي جي پابندي هوندي هئي، هاڻي اها نه رهي آهي، گئوچر تباهه ڪيا ويا اهن ديوي جي وڻ به وڏو نقصان ڏنو آهي.، پارڪر جي ٺڪرن مڱڻهار کي گھوڙو ڏنو ۽ ستيڏان چارڻ کي کٿو(کيس) ڏنو.[1] ان تي چارڻ پارڪر کي پرک پکيڻو(سڃاڻپ کان وانجھيل) چيو هو ته موندري واري الجي سوڍي سان ڪافي ملاقاتون آهن گڏ رهندا هئاسين. دلبر ۽ ڪم وارو ماڻهو هو. ڪيسو ٻاءِ سوڍو شڪل صورت جو سهڻو ۽ عاشق مزاج ماڻهو هو، سخي به هو. کيتو جي ٻهراڻي وارو وڏو متضاد ماڻهو هو، ڪاسٻي جو مکي ڪرشن ڏاهو ماڻهو هو، مون ٿر جي هر مشڪل گھڙي ۾ وڏي ڪوشش ڪئي ڪو به ڌرتي واسي وطن جو ويڙهو ڇڏي نه وڃي. ماڻهن کي هٿ سان چٺيون(راهداريون) لکي ڏئي يا پنهنجن ماڻهن جي ساٿ سان بئراج موڪليو، جن ۾ اڪثريت هندو ڀائرن جي هئي، مالڪ ڀرم رکيو انهي دور ۾ ماڻهن منهنجي چٺي ڏسي ڪنهن کي ننگرپارڪر کان حيدرآباد تائين تنگ نه ڪيو. اهڙي طرح هر ڏکي وقت ۾ هندو ڀائرن اسان جي مدد ڪئي آهي.

تاريخ جي مختلف دورن ۾ هڪ کان وڌيڪ لاکا ٿيا آهن. لاکي جي تمثيل تاريخ جي پارکوئن جي لاءِ هڪ للڪار آهي. ڀٽائي چيو آهي:

پنرو ويو پراڻ مان، ويو وڪيو وريام،
ڀيڻي ناهه بڊام، تڏهن لاکو ٿو لوڙيون ڪري
لاکا لڳئي ڏينهن، گھاڙي ري ڪئن گھاريئن،
مٿان وسي مينهن، واٽون ولين ڇانئيون.

ڪنڊا ڪڄاڙيا، اڀو آهين ريل ۾،
پرين پڄاڻا، سُڪي ڀانگر نه ٿئين.
چيتا ڪيو چڻيج، بڊاماڻي بُٺ ۾،
نئين ننڍ ۾ ڏيج، ڇيڙون ڇپر آئيون.

ٿر جي هي رڻ واري ڪنڌي به وڏي آباد هئي، وٽ، چوٽاڻو ، ٻلهيار وسيل هوندا هئا، پراڻ، ڍورو، ڍاڳي پٽيهل نالي سنڌو جا مختلف وهڪرا اچي ڇوڙ ڪندا هئا. ڀٽائي انهي دور جي عڪاسي ائين ڪئي آهي.

جھڪون نه جھڻڪن، وڳ نه پسان وٽ ۾،
آيل سنگھارن، جيڪس چوٽاڻو چت ڪيو.

چارئين چوٽاڻو، وڳ هارين، ويسرا،
لاکي لوڙائن ۾ پهريون پهراڻو،
سٻر سٽاڻو، وڳ ورائي واٽ ٿيو.

جڏهن ڍاڳي ڍور، ٻئي وهن ٻلهيار ۾،
تڏهن تازئين طور، هئي جسو ڌن سين.

جھوني تون پراڻ، جڳ ڇٽيهه سنڀرين،
تو ڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جھڙا پيهڙا.

ڍور نه اڳئين ڍار، مهن ملاحن لکيو،
موڙي چڙهيا مڪڙا، پسي پاڻي پار،
جسوڌڻ جھڙا يار، پيا وير وماس ۾.

ڪنڌين اَڪ ڦلاريا، سانگهه سڪو ساهه،
مُهڙائي وٽانهه، رويو راڄ رضا گھري.

لاکي لوڙون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگھار،
چوٽاڻي چوڌرا، وينديون وس چرنديون.

پٽهيل تو ۾ پُور، اڳيون نه آب جو،
سُڪين ڪهڙي سُور، پئي واري وچ ۾.

نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ مدد علي سنڌيءَ پنهنجي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته، “وقت سدائين پنهنجي دور جي جونجھار کي شڪست ضرور ڏني آهي.”

ڇا ڀاري به ڪڏهن شڪست کاڌي آهي؟ آئون پنهنجو پاڻ کي پڇان ٿو، پر ڀاري کان اهو سوال ڪڏهن ڪري نه سگھيس. هن ڳوٺ جو هڪ ٻيو ڪردار الهبچايو سمون تعليم کاتي جو ٿرپارڪر ۾ ڪڙڪ آفيسر ۽ اڏول انسان هو. جنهن جون ڪيتريون ئي سارون سنڀارون مارو ماڻهن وٽ سانڍيل آهن.

ڀاري هر ڀيري ڪچهريءَ ۾ اهو ٻڌايو ته؛ “الهبچايي سمي جو وڇوڙو منهنجي زندگيءَ ۾ وڏو صدمو ٿي آيو.”

 هڪ راءِ آهي ان چارڻ جو نالو کيتيڏان هو. [1]



ممون فقير


مثالي سگھڙ ۽ لوڪ شاعر

ممون فقير

ٿر ۾ ممون فقير ڪير سڏائي؟ مَمُون جي ماءُ بس هڪ مَمُون ڄڻيو هو. مَمُون مڱڻهار به هو ته ڏاتار به، روايتي ريت ۾ پنهنجي راڄ مان چار اناج جا ڪڻا ڪٺا ڪندو هو، پر موٽِ ۾ لوڪ کي علم، ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي سرمائي جون جھوليون ڀري ڏيندو هو؛

موران ميهه نه وِسري منگت ني ڏاتار،
مهيلي پيهر نه وِسري، هاڙي ني ڀتوارا !

(موران کي مينهن يا برسات وارو سمو (وقت )نه وسرندو آهي ۽ اهي ميگھا رُتِ اچڻ تي اُتاولا ٿي پوندا آهن، منگتي(مڱڻهار) کي سخي يا دياوان ياد هوندا آهن، عورت کي مائٽاڻو گھر ڪڏهن نه وِسرندو آهي، ايئن هاري کي سدائين ٻني ۾ ماني (ڀتو) کڻي هيج مان هلي ايندڙ ڀتوارڻ جو انتظار هوندو آهي).

ڏن اوگي ڏاتار، ياد ڪري ساري ايڙا
سُومارو سنسار، نام نهين ليوي ناٿيا

(ڏاتار کي سج اڀرڻ سان هرڪو ياد ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي، پر ناٿيا ڪنجوس جو نالو هن جھان ۾ خوشي سان ڪير نه وٺندو آهي.)

ممون فقير تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ اوڏاڻي ۾ گلو فقير جي گھر ۾ جنم ورتو، گلو فقير به پنهنجي دور جو نهايت سٺو سگھڙ ۽ راڳي هو پر ممون گھڻو اڳتي نڪري آيو، ننڍپڻ ۾ پنهنجي پيءُ کان سکيا ورتائين پر جواني تائين رسندي ڀانت ڀانت جي گھاٽ تان گھمي سراپا سگھڙ ٿي پيو، پوءِ پنهنجي مرضي ۽ محبت سان جتي ويو، اتي هن ٿري فطري فنڪار جو نالو نروار ٿيڻ لڳو:

هنسلان نا سرور گھڻا، پوپ گھڻي ڀمرس،
سگھڙان ماڻسان مان، گھڻو ديس هوءِ پرديس.

(هَنجنَ جي لاءِ سمنڊ ۽ تلاءِ کوڙ آهن، ڀونئرن جي لاءِ واس جون واٽون گهڻيون پيو آهن، اهڙي ريت سگھڙ ماڻهن جي لاءِ جتي ڪٿي مان آهي، ديس هجي يا پرديس هُو جتي ويا اُتي عزت پائيندا.)

ٿر ۾ هن جي پائي جو ڪو سگھڙ نه هو، هن صدين جي چترائي اندر ۾ سانڍي رکي هئي، هن کي رجواڙن جي راڻن جي رڻ ڀومي ۾ راڙو وِجھندڙ بهادري جا دل آويز قصا به ياد هئا ته سرڪش ڀاٽين ۽ بلوچ کوسن جي ڪونڌرن جا مَڃرايل ڌاڪا به دل تي اڪريل هئا، واري جي دڙن تي رهندڙ عام لوڪن جي ڌرتي ۽ سرتي سان محبت ۽ پريم رس جي وارتائن جو لاتعداد وکر به وٽس هو ته هن وٽ نصيتن جا نو لک نقطا هئا، هن جو حافظو ڇا ته ڪمال جو هو، هندي، سنڌي ۽ ٿري لوڪ ادب جو هلندڙ ڦرندڙ ڪتب خانو هو.

“ست سئي” جي مصنف بهاري لال، “عالم ڪيلي” جي مصنف عالم،“سينگار گوبرڌن، جي ڪوي ٻلڀدر، سينگار سورٺا، ڪوي عبدالرحيم خان خانان، سينگار درپن، جي اعظم خان، “سرنگار چرتر، جي ديوڪي نندن، “انگ درپن جي سيد غلام نبي بِلگرامي، “رس لين” وجئه پال، راسو جي سرجڻهار نل سنگهه، رڻمل ڇند، جي ڪوي شري ڌر، سور ساگر جي ڪوي سورداس، پرٿويراج راسو، جي تخليقڪار چندر بردائي، “همير راسو” جي ڪوي سارنگ ڌر، “سترپال راسو جي ڏونگرسي، شڪست راسو” جي گرڌر، “قائم راسو” جي جان قائمخاني، “رتن راسو” جي ڪوي جڳاجي چارڻ، “گيت گووند” جي ڪوي جئديو، دادو ديال، ڪبير ڀڳت، غريب داس، جڳ جيون، ناگري داس، ميران ٻائي، گوري ٻائي، قاضي قادن، بلهي شاهه، شاهه لطيف، سچل سرمست، هري رس، جي ايسرداس، “من پرٻوڌ” ۽ آگم وارت، جي روحل فقير، ويل ڪرشن رڪمڻي جي ڪوي پرٿويراج راٺوڙ، دوها واگھجي را” جي ڪوي آشانند عرف شوجي، “همروٽ ڇتيسي” جي ڪوي بانڪيداس، اڪبر بادشاهه جي نو رتن، فيضي، گنگ ڀاٽ، بيربل، تان سين، امير خسرو، ڪرپارام چارڻ، ويرست سئي، جي ڪوي سورج مل چارڻ کان وٺي سمنگ چارڻ، ڀاگوڀان، ڪوي چمن جي چارڻ ۽ جمن چارڻ تائين ننڍي کنڊ جي اوچ ڪوٽي شاعرن جي شاعري ۽ ڳجھارتن، هيمارين، ڇندن، سواين، ڳاهن، لوڪ قصن ۽ ڪهاڻين تي وڏي دسترس هئي.

هن لوڪ ڪوتا ۽ ڪهاڻين کي جاودان ڪيو هو. هن وٽ چارڻن وانگر ڪوتا اچارڻ جو منفرد ڏانءُ هو. ممون شاعري جي صنف ۽ موضوع جي مزاج کي سمجھندو هو، جڏهن ته لوڪ دوها ۽ ڇند پڙهندو هو ته محسوس ٿيندو ته ڄڻ بڊي جي بادلن مان کنوڻ کجڪا ڪري رهي آهي، هن صحرا جي تاريخ سان هٿ چراند کي رد ڪري سچي تاريخ قصن ڪهاڻين ۽ لوڪ ڪوتا جي صورت ۾ ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

ساجن ايسا ڪريئي، جيسا گام ۾ چتر هوءِ،
ڀمري جين ڀڻڪا ڪري، مُک نه چڙهي ڪوءِ.

(ساجن يا دوست اهڙو ماڻهو ڪجي، جهڙو ڳوٺ ۾ چتر(ڏاهو ماڻهو) هوندو آهي. ڀونئري جيان هن جو آواز اڀرندو رهي پر ڪير به منجھائنس رنجيندو نه ٿئي، ڪنهن جي منهن چڙهي ته به منع نه ڪري.)

مَمي فقير پنهنجي دل جو راز ڪڏهن نه لڪايو، هن جي پنهنجي ڌرتي ۽ لوڪ ادب سان پريت هئي، ڪهڙيون به حالتون هجن، ممون فقير سادو سُودو نياز نوڙت سان ٻانهون ٻڌڻ وارو ٿڌي مٽيءَ جو گھڙيل ڳوٺاڻو هو،” جو مڙيو سو جوڙيو” تي يقين ڪري ڪچهريءَ ۾ ائين منڊ منڊيندو هو، جو اکين جا ڇپر ڇنبڻ وسري ويندا هئا. ڪن اٽي ڪري ٽڪ ٻڌي ٻڌڻ وارو پيو هن جي منهن ڏي نهاريندو هو، هن جي غير معمولي ذهانيت معشوق مزاج وانگر سمجھڻ سولي نه هئي، هو پنهنجا ڳوڙها پي ٽهڪ ورهائيندو هو. هن جي اندر ۾ صدين جي سفر ۾ پسي جي ڳاڙهن گلن سان گڏ ٽانڊن تي ٽلڻ به هو، جنهن جي سحر ۾ هڪ سمجھه ۾ نه ايندڙ ڪيفيت ۾ لڇندي پنهنجي پوري دل جي سچائي سان لوڪ ادب، آدرش، ثقافت جا اهڃاڻ ونڊيندو رهيو. هن جي اندر ۾ ڪا اڃ هئي جا ڪڏهن نه اجھي، ڳوٺاڻن سان ڳالهين مان ڪڏهن نه ڍاپيو. صبح کان شام تائين هن جي لفظن جي امرت رس پيو برسندو هو.

ڌرتي ميگهه نه رجيئي، آگ نه رجيئي ساڙ،
راجا راج نه رجيئي، موت نه رجيئي مار.

1971ع مَموُن فقير عارضي بنيادن تي نئون ڪوٽ وڃي رهيو. جتي 4 جنوري 1973ع تي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پنهنجي شاهڪار مقالي”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” جي اڻت ۾ ٿري لوڪ ادب جي ريشمي رنگ آڻڻ لاءِ هن کي ڳولي هٿ ڪيو. ڊاڪٽر سنديلي جي هن ٿري فقير وڏي مدد ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هن فقير سان ڪيترا ڀيرا مليو. هر ڀري کانئس لوڪ ادب جا بي ملهه موتي ماڻيا.

زندگيءَ جا پويان ڏهاڙا هن مٺيءَ ۾ ڪٽيا”ٻڍا ٿيا ٻڙ(ٻَل يا طاقت) هٽيا” جي عمر ۾ بس ڪجھه قدردان ماڻهن سان رهاڻ رس ڪري واپس پنهنجي جهڳي پهچندو هو. منهنجي ٻن عزيزن کيئنرو جي جڳتاڻي ۽ راڻو مل ريگستانيءَ وٽ گھڻو ايندو هو، مون اتي هن کي ڏاڍو ٻڌو. آئون تن ڏينهن ۾ شاگرد هوس، مون وٽ ايترا وسيلا نه هئا، جو کيس رڪارڊ ڪري سگھان، پر ڪاپيءَ تي نصاب وانگر هن جون ڳالهيون لکيون هئم. انهن ڏهاڙن سائين واسواڻي پرشوتم ۽ ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي جي پيءُ رٽائرڊ سُپروائيزنگ تپيدار آسن داس سوٽهڙ جا اوتارا پڻ مَمي فقير جي آمد ۽ ڪچهرين توڙي رس رهاڻين جا خاص مرڪز سڏبا هُئا، جتي هن سُگھڙ سياڻي کي اڻ مَيو مانءُ ملندو هو.

چون ٿا ته سائين تاج جويي مَمي ميراثيءَ جي لوڪ ڏاهپ وارن گُفتن تي مشتمل رڪاڊ ٿيل ٻه آڊيو ڪيسٽُون به سنڌالاجي رڪارڊ ۾ محفوظ ڪرائڻ لاءِ ڄاڻايل هڪ اوطاق تان هٿ ڪيون، اُهي سنڌالاجيءَ پهتيون يا تاج وٽ سانڍي رکيل آهن، تنهن جي باري ۾ تاج پاڻ ئي ڪا وضاحت ڪري سگهي ٿو.

مَمُون فقير کي ڪرپارام چارڻ جا راجيا نالي ملازم سان مخاطب ٿي چيل دوها ڏاڍا وڻندا هئا.

مطلب ري منوار، جوري کوڙاوي چورمان.

بن مطلب منوار، رٻ آڇي راجيا.

(مطلب جي خوشامد ۾ زوري لذيد طعام کارايا ويندا آهن، پر راجيا اهڙن طعامن کان بنان مطلب واري رٻ به ڀلي آهي)

گڻ، اوگڻ جڻ گائون، سڻي نه ڪوئي سنڀڙي،
اُن نگري چت نائون، روهي آڇي راجيا.

(جنهن ڳوٺ ۾ ڳڻ او ڳڻ، ڀلي بري جي تميز نه هجي، جتي اهڙي ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ ڪوئي تيار نه هجي، راجيا اهڙي ڳوٺ ۾ رهڻ يا انهي نگري سان دل لڳائڻ جي بدران رڻ جي رَيت ڀلي آهي.)

ممون فقير پاڻ به شاعري ڪئي. ممون جي شاعري کي شاعري جي سانچي ۾ ماپڻ سان فني ڪمزورين ملي سگھن ٿيون پر سگھڙائپ واري وڏي سونهن آهي، پنهنهجي مٽي ۽ ماڻهن سان سچائي پلٽا کائي کائي ٿي، ٻهراڙي جي ٻولي جو وينجهار آهي. هن سگھڙ سوناري ٿري ٻولي جا زيور گھڙيا اهن. سر مارئي ۽ ٿر جي پس منظر ۾ ڪجهه بيت هتي مثال طور ڏجن ٿا:

عُمر اسان جي ڏيهه ٿر ۾ ٿا ٿوڪ ٿين
هڪ گلا مٺيون گانگيٽيون ٿا روهيڙا رچن
ماڌاڻا مکڙيون ٿيون پَچيو پٽ پون
ڏونرا پُسيون ڏيهه ۾ ڦوڳيون ڦور ٻن
کيان مٺيون کٻڙيون ٿيو ريٽو رنگ جھلن
سو مون نٿيون وسرن، موڪل ڏي ملير وڃان

موڪل ڏي ملير وڃان ملڪ ڏسان مُهر
پيرون ڏسان ڀٽن ۾ ٻيو ڏاڏاڻن ۾ ڏونئر
ڦريو ڏسان ڦوڳيون ٿاريلا ٿوهر
مڱ ڪورڙ مارن ۾، گامن منجھه ڳنور
ٻاجھريون تر ٻاٻاڻا جام پوکين جُوئر
ميراثي”ممون” چوي اسانجي ڳوٺن منجھه ڳوئر
منهنجي ڏاڏڻن جا ڏهر، ڏسان اڄ اکين سان

ڏسان اڄ اکين سان منھنجو ملڪ ملير
عرض ڪريان الله کي منهنجو پت رکندو پير
سنڌ ۾ اڳي سومرا هئا اصل کان امير
بابو تنهنجو بادشاهه، حاڪم هيو حمير
عُمر آهين امير، موڪل ڏي ملير وڃان

موڪل ڏي ملير وڃان، ٿڌو ڏسان ٿر
ملڪ منهنجو مائيٽاڻو، آهي پهرين پارڪر
ڀونگا منهنجي ڀائرن جا، جت نامي شهر ننگر
ڏيهه منهنجو ڏاڏاڻو جت ڪارو ڪارونجھر
ڀٽن جو ڀري ڏي بيٺو خاصو کارسر
ڀالوا جي ڀر منجھه آهن مارئي جا مائيتر
ڏيرا اسان جي ڏهه ۾ گوڙي منجھه منجھه گور
ميراثي”ممون” چوي قادر ڪرم ڪر
اهڙو ڌيان ڌر، ته ٿورو ڪر اسان جي ٿر تي

مند ڦري موسم وري بادل ڪر بهار
ڀر ٻنيون ٻار ڀر ڪر ترايون تار
پاساڙا پوٺا ڀر، پر ڏاڏاڻن جا ڏاهر
سگھو وسي ڇاڇري تي ڪر ڪانٽئي تي ڪار
اڄ عمر ڪوٽ وسا سنڌ سڀئي سڌار
مرڪيو مهراڻي تي چڱي ڪر چيلهار
مٺي تي موج ڪري ڏيپلو وسا ڏاتار
وراڪو ڏئي وٽ کي وسا سلام ڪوٽ شهار
ٿور رک اسان جي ٿر تي ڪر ڪنٺي تي قرار
پالوٽا ڏيو پارڪر تي ڪر ننگر تي نار
ڳوٺ وسي گڊڙي جو ڪر موچاري ميهار
کلي وسا کوکڙو ڪڍ کاوڙ جا کار
ميراثي” ممون” چوي لاهه ڏيهه مٿان ڏڪار
مالڪ واڳون وار، سانگھارن کي سک ٿئي

سهڻي اسان جي سال جا پڇ ڏيان ٿو پار
مينهن وٺو آ ملڪ ۾ جو لڳي پئي آ لار
هڪڙيون پڪيون ٻاجھريون ٻيا پڪا آهن گوار
ترن اچي تيج ٻڌيا ڀريا پيا آهن ڏاهر
ڪوري ڀرٽي، مريڙو، پپون هي سانٽوڙا سار
ڇانهن گدري گولاڙي جي ولين ڪيا سينگار
سڻ مرٽ گبول ڪنڍير ٻرو پڪو ٻي پار
ويڪر لنب ويسوني چيهو اڀريو چوڌار
ميراثي ممون چوي تون صاحب ملڪ سڌار
مولا واڳون وار ته سنگھارن سک ٿئي،

ممون فقير جو ڀٽائي وڏو ڀرجھلو هو، هو روز اسُر جو اُٿي ڀٽائيءَ جي سُر ڀرڀاتيءَ مان بيت پڙهندو هو ۽ پنهنجن فقيرن کي چوندو هو:

ايءَ نه ڀانن ڀير، جو ڪينر ڪيريءَ ٽنگيو،
سونهاري صبوح سين، وجھي ويٺين وير،
توکي چوندو ڪير، ڪِيرت ڌاران مڱڻو !

ڪوي ڪاليداس پنهنجي هڪ ڪوتا ۾ چوي ٿو ته؛

“مهارشي وڪرم کان پڇيو ويو ته ، تون مرڻ کان پهرين اروشي سان ملڻ جي خواهش پوري ڪندين؟ ته هن چيو ته، ها مون کي ان اروشي سان ضرور ملايو، جنهن سج جي تپش ۽ سمنڊ جي جھاڳ مان جنم ورتو آهي، پر پوءِ اهو سوچي اداس ٿي وڃي ٿو ته آئون ته انسان آهيان، ان ڪري پوڙهو ٿي ويو آهيان، پر اروشي ديوي آهي، هو اڃا به جوان هوندي، ته ڇا منهنجو پوڙهپڻ هن جي نوجوانيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري سگھندو!؟ انهي سوچ ويچار ۾ هن جي اکين مان ٻه لُڙڪ لڙن ٿا ۽ پوءِ هن جون اکيون سدائين جي لاءِ بند ٿي وڃن ٿيون.”

هن ٿر جي پوڙهي سگھڙ فقير کان خبر ناهي، ڪنهن لوڪ ڪوتاديوي سان ملڻ جو پڇيو يا الائي نه!؟ پر هن جون اکيون مهارشي وڪرم وانگر بندڇا ٿيون ته ڄڻ ٿر ۾ سگھڙائپ جو هڪ وڏو باب بند ٿي ويو. ڀٽائيءَ جي سٽ سامهون اچي وئي.

وڻين ويٺا ڪانگ وچين ٿي ويلا ڪري!



گھمن سنگھه


ٿر جو سماجي اڳواڻ

گھمن سنگھه

ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪاٺي ۾ جنم وٺندڙ گھمن سنگھه پرائمري تعليم 1930ع ۾ کلندڙ ننگر جي اسڪول ۾ ورتي. پنجن درجن کان مٿي مائٽن جي غربت سبب پڙهي نه سگھيو. گھمن سنگهه نوجواني جي وهي ۾ پير پائيندي انهي تعليم جي آڌار تي پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو، پر هن جي اندر جو انسان سماجي سڌاري جا بسنتي گيت ڳائي رهيو هو، اهو جهاليت جي خزان جي خرابي ۾ ڪٿي ٿر ماٺو ٿي ويهي رهي، ڇات ڇوت جي مت ڀيد ۽ جھالت کي ميٽڻ جي لاءِ هن وٽ هڪڙو ئي اپاءُ هو ته پوئتي پيل جاتين کي همٿائي اڳتي آڻي علم جو زيور پارائي. انهي آس اميد ۾ مسڪين جهان خان کوسي، عالم چند ڪولهي، پنهون مل هميراڻي، سچل جنجھي جي سٿ جو ساٿي بڻيو.

علائقي جي وڏيرن ۽ پٽيلن کي گھمن سنگھهه ڏاڍو ڏکيو لڳندو هو، هن کي هيسائڻ جا ڪيئي حيلا هلايائون. وقت به وقت ٿر جي واري هن جي لاءِ ٽامون بڻائي ويئي پر هن پورهيت ماءُ جي پٽ پير سڙندي به ڪڏهن ڇانو جي تمنا نه ڪئي. غريبن جي ڳوٺن ۾ وڃي اسڪولن ۾ ٻار داخل ڪرائڻ جون منٿون ڪندو رهيو. گھمن سنگھه جي انهن ڪاوشن جي نتيجي ۾ گلولي، گوڦڻ، ڪاتر، ڪهاڙي، ڏاتو ۽ ڏلها کڻي هلندڙ قبيلن جي هٿن ۾ ڪتاب آيا، ڌرتي جي دراورڙ ٻارن لاڙ ڏانهن لاباري جي لاءِ پنڌ ڪرڻ جي بدران اسڪولن جا اڱڻ وسايا.

گھمن سنگھه کي انهي ڪرت ۾ پنهنجي قبيلي مان امر سنگھه ڀانڀڻ ٽوپي واري وڏي مدد ڪئي، امر سنگھه هن جو ٻانهن ٻيلي بڻيو.صحراجي سانورين سانجھين ۾ انسانيت جي جھانجھه وڄائيندي ڪڏهن هن جي اکين جون پنبڻيون پُسي پونديون هيون ته:

ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ، ٿڪن جا

ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ

واري ساري واٽ،

مٿان آ ٽاڪ ٿڪن جا،

ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ!

ڀني نه تن لئه ڀونءِ،

چڪن ٿا چاڪ ٿڪجن جا،

ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ!

لٿي نه تن جي اُڃ،

ورائي ڪير سموري سڃ

وڄن ٿا واڪ ٿڪن جا،

ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ!

مليو نه تن کي ماڳ

انهن جو ڀُلي ڀُلي پيو ڀاڳ

کلي ٿي خاڪ ٿڪن جا،

ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ !

ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ ! (شيخ اياز)

امر سنگهه ڪڏهن لطيفي لات سان ته ڪڏهن اياز جي واين تي دل دنبورو ڪري حوصلي جو گھاڙو گھڙندو هيو ته:

ٿڪيائي ٿر ٿيل، چڙهه چُڪيائي چوٽئين،
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀَوَ مڙيئي ڀيل،
اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.

(شاهه)

سانگيئڙن جي سار نه ڇڏ،

رات ته راهي گذاري ويندي !

ڇاجي دوري! دل ئي دل ۾ ،

پکڙا تن جي اوڏا اڏ،

رات ته راهي گذري ويندي!

من ئي من ۾ ماروئڙن کي،

ڪنهن مارڳ تي آڻي گڏ،

رات ته راهي گذري ويندي!

نيٺ ته ڪِرندا ڪوٽ انهن جا،

کيٽي وارا پوندا کڏ.

رات ته راهي گذري ويندي! (شيخ اياز)

ائين تاريڪ راهن جي موڙن تان اڪري زندگي جي پرڀات جي ڪرڻن کي ماڻڻ لاءِ سرخ سوچن جي رنگ ۾ امنگ پيدا ٿي پوندي هئي، انقلاب جو خوبصورت سپنو هن جي تصور ۾ تري ايندو هو، تاريخ هن سان وعدو ڪرڻ لڳندي هئي. ته:

ڏٿ به تنهنجو ڏيهه به تنهنجو ڪو تو کان نه کسيندو،

اهڙو ڏينهن به ايندو.

ڪائي ارهي اک نه هوندي لڙڪ نه ڪو لاڙيندو،

اهڙو ڏينهن به ايندو.

(شيخ اياز)

زماني جي گردشن ڪيترو ئي تڙيو پر هن جي نسلن تاريخ جي انصاف جي اميد تي پنهنجين ٻرندڙ دلين ۽ سڄيل اکين کي لڪائي روح کي محبتن جي ريشمي رومالن ۾ ويڙهي رکيو، وڏڙن جي روايت جي پاسداري ۾ گھمن سنگهه جي آدرشن جو چنڊ به تاريخ جي انصاف جي يقين تي چمڪي پوندو هو. نوبل انعام يافته اديب شولو خوف پنهنجي جيون ڪهاڻي جو نالو”دل جي چوڻ” رکيو هو، پر هن ٿرئي ڀيل پنهنجي آپ بيتي سميت مختلف لکڻين جو نالو، تاريخ جي چوڻ تي “چونڊيو. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ سٺي لائبريري پڻ جوڙي. ٿر جو ناميارو استاد ۽ اديب سائين سنڀو مل هميراڻي گھمن سنگهه جو اڪثر ذڪر ڪندو هو، مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته گھمن سنگهه جي لکيل مواد کي هٿ ڪري سگھان، پر ممڪن نه ٿي سگھيو آهي.

ٿر ۾ گھُمن سنگھه، ڀيل قبيلي جو پهريون ماڻهو هو، جنهن پنهنجي پوري نالي سان گڏ”سنگهه” سڏايو. پوءِ اهو رواج پئجي ويو. هن کان اڳ ۾ ڀيل پنهنجو پورو نالو سڏائي نه سگھندو هو. 1958ع ۾ گھمن سنگهه ۽ امر سنگھه تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، ان ڪيس ۾ امر سنگهه گرفتار ٿي ويو، گھمن سنگهه ڀٽ ڀائٽَيءَ جي مشهور زميندار حاجي محمد عثمان مريءَ جي شفقت سان گرفتار ٿيڻ کان بچي ويو. ڪافي وقت روپوش رهيو. پويان هن جي ساٿين، مسڪين جھان خان کوسي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيس جي خاتمي لاءِ جھدوجهد ڪئي. غلام حسين طاهراڻي وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي خلاف درخواست داخل ڪئي. ڪيس هليو، عدالت ٻنهي ڄڻن کي باعزت بري ڪيو.

انهي واقعي کان پوءِ گهمن سنگهه”جيئن لڪ لڳي، تئين رڪ ٿيا، ماڻهو وه جو ڍڪ ٿيا” وانگر، پوليس جي نوڪري ڇڏي سياست ۽ سماجيات ۾ مڪمل طور حصو وٺڻ لڳو. گھمن سنگهه جذباتي تمام گھڻو هوندو هو، سال 1962ع ۾ بنيادي جمهوريت جو ميمبر ٿيو، پنهنجي قبيلي جي اَٺن ٻين ميمبرن کي پنهون مل هميراڻي جي ڳوٺ گوڙهيار ۾ گڏ ڪري، اتي هن يونين ڪائونسل پيلو جي چيئرمين شپ جي اميدوار طور بيهڻ جو اعلان ڪيو. رات جو ڪنهن ڀيل ميمبر ڇات ڇوت جي سوچ ۾ ميگھواڙن جي ماني کائڻ کان انڪار ڪيو ته، هن پوڙهي تبديلي پسند کان برداشت نه ٿيو. هن انهيءَ ڀيل ميمبر کي ٽي چار چماٽون وهائي ڪڍيون، پوءِ معاملو مچي پيو. گھمن سنگھه پنهنجي موقف تي قائم رهيو ته ،‘جيڪو مت ڀيد جي ڳالهه ڪندو، اهو منهنجو ساٿي ناهي.’ ٻن ڏينهن کان پوءِ پاڻ چيئرمين شپ جي اميدواريءَ تان هٿ کڻي مخالف اميدوار حبيب الله ساند کي ووٽ ڏياري ڪامياب ڪرايائين، پر انهي ڀيل ميمبر ڏانهن ٻيهر ووٽ جي لاءِ مڙي به نه نهاريائين.

گھمن سنگھه جو ڪڙم قبيلي کان مٿي انسانيت سان انس هيو.

تنهنجا پير ڇُهان، ڌرتي منهنجي مائڙي
ڀاڪر پايان ڀاوَ مان ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان،
آءُ نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو.

سال 1964ع جي صدارتي چونڊن ۾ گھمن سنگهه مادرملت محترمه فاطمه جناح کي ووٽ ڏنو، جنهن تي وقت جي سرڪار ڏمرجي هن کي ڪوٽڙي جيل موڪليو، جتي به هن وطن عزيز سان سچائي جو ايمان سلامت رکيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري نئين ڏينهن نئون اتساهه ڏنو ته وقت جي آمر سان ها ۾ ها ملائڻ بزدلي ۽ بي ايماني آهي، هر آمر اهو ياد رکي ته مرڻو پڻ آهي، هلاڪو ۽ چنگيز خان جي انت تي ويچاري، آمر جي ڪفن ۾ ڪيڙا لاش تي چرندي پڇتائيندا آهن ته ڪهڙي جنم جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون ته هڪ ظالم ماڻهو جي مٽي اسان جي لاءِ رزق ٿي آئي آهي.

گھمن سنگهه 1970 ۾ وفات ڪري ويو. هن پوري ڄمار انهي جستجو ۽ جاکوڙ ۾ گذاري ته ڏاڍي اڳيان هيڻو بيهڻ جي جرائت پيدا ڪري. گھمن سنگهه جي ارڏائي جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪنٺي کان پارڪر تائين اڄ به ٿري ڳوٺاڻا ڪن ٿا. گھمن سنگهه ڀيل ٿر ۾ بنيادي تبديلي ۽ ترقي جي ڌارا جو اهم ڪارڪن هو، خاص طور پورهيت طبقي جي لاءِ هن بر ۾ بلائون لتاڙي وڏا لڪ لنگھيا، هرٽاڻي هن هيڻن جي همراهي ڪئي.

ڏيهي ڏور ويا، ڇِني ڳنڍ ڳنڍير جا،
ساري تن جو صورتون، لڙي لڙڪ پيا،
هيءَ هيءَ هانوَ هَيا، ڪِئن جاليئه جوءِ ۾!

(شيخ اياز)



مٺيءَ جو مقيم ڪنڀار


جنهن وٽ فقيري ۾ اميري هئي.

مٺيءَ جو مقيم ڪيڏانهن هليو ويو !؟ ڇا موت جا قهري هٿ هن کي اسان کان ڌار ڪري ويا !؟ ڌرتي جي ڪهڙي گھاڙو تي هن کي ڳولجي !؟ هي مندر مڙها، هي چونئرا چونڪيون، هي چنڊ ستارا، هي بادل برساتون، هي ڏوئنرا پسي، هي روهيڙن رتا گل، هي ڏهرن ڏياٽيون، هي مورن ٽهوڪا، هي ڪارونجھر، هي ڪجلاسر، هي ڀٽون ڀڙا، هي ڪهڙا ڪهڙا من موهيندڙ، رنگ روپ ڇڏي هليو ويو !!

17 مئي 2012ع جي شام هن جي وڇڙڻ جا سوين موبائيل ميسيج کڻي آئي، هر ڪو نهٽي ڏانهن ڳرا ڳرا قدم کڻڻ لڳو. هر ڪنهن جي من ۾ هُن سان گھاريل گھڙيون هُرڻ لڳيون. ڪو ڪيئن ساري رهيو هو. ڪو ڪيئن ڳڻ ڳوت ڪري رهيو هو، پر نهٽي جي دڙي تان سج لهي رهيو هو ۽ مٽيءَ جو ماڻهو مٽيءَ سان ملي رهيو هو:

لٿو سج لڪن ۾، راسيون رتائين،
مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري.

(شاهه)

مٽي اول مٽي آخر مٽي زنده باد

(شيخ اياز)

فقير مقيم ٿر کي ڪيئن ڏٺو هو، !؟ ٿر تي ڳالهائيندي هن جا اکين جا ڇپرآلا ٿي پوندا هئا، لڙڪن مان مقيم قوت حاصل ڪندو هو، ٿر مان هن جون اکيون ڪڏهن ڍاپيون نه، هن وٽ ٿر جو ماضي به هو ته مستقبل به، ٿر هن جي سوچن سپنن ۾ ڪر موڙي اٿندو هو، هو ٿر جي حسن جي تلاش ۾ رهيو، ادب آرٽ، سياست، سماج، ثقافت، سڀ ۾ هن ٿر جي حسن جي تلاش ڪئي. سدائين سفر ۾ رهيو ٿر جي ازلي حسن جون جھلڪيون جھٽڻ جي لاءِ هن پنهنجي پوري جستجو ڪئي.

ساهڙ مون جئن، سرتيون ڏسو سڀيئي،
ته سُمهو ڪيئن سُک ٿي، پاسور ور ڏئي،
منهان اڳيئي، گھِڙو سڀ گھڙا کڻي.

(شاهه لطيف)

هن پنهنجي زندگي کي ڪوڙي ڪهاڻي نه بڻائي، فريبن پويان نه ڦٿڪيو، سراب جو سوداءُ نه ٿيو. هن جي اندر ۾ اڃ ته هئي، پر رڃ جو راهي نه ٿيو. هن جي روح ۾ ڪڏهن رڻ نه ڦهليو. هن جو پيءُ جڳ مڳ جرڪندو رهيو. هو هم اوست جو پوئلڳ هو يا همه اوست جو، هن کي نرڳڻ ڀڳتي وڻندي هئي يا سرڳڻ ڀڳتي، پر هن ويرانيءَ کي وسايو، جھڳين ۾ جوت آندي، هو اوتارن آستانن، ميلن ملاکڙن، ساڌن سنتن، فقير فقرائن جي منڊلين جو مهمان بڻيو. ڪميون ڪوتاهيون بيشڪ هر ماڻهو ۾ هونديون آهن. ڪي اڀريون سڀريون هن فقير ۾ به هونديون، پر مجموعي طور هن فقير جي ذات مان ڪنهن به مٽيءَ هاڻي ماڻهوءَ کي نقصان نه مليو. هن مٽيءَ جي مهانتا کي نه لڄايو، جيوَن جي چار پهري ڇايا ۾ نرواڻ ڳوليندي اڻ ڄاتي کي ڄاتو، اڻ ڳاتي کي ڳاتو. نه ابتدا ۾ دک، هن جي مرڪ ۽ محبت زمان و مڪان جي سرحدن کي هڪ ڪري ڇڏيندي هئي.

هن جو جنم مٽي کي ڳوهڻ ۽ گھڙڻ واري قبيلي ۾ ٿيو هو پر هن جو پيءَ خميسو درزيڪو ڪم ڪندو هو، عام ٿري ٻارن جيان هن جي جنم جي تاريخ ۽ سن اندازي وارو هو، فقير اڃان ننڍڙو ئي هيو ته سندس پيءَ هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو، پنهنجن وڏن کي واڪا ڪري چوندو هو ته، ‘مون کي پڙهايو.’ هن جي دل پڙهڻ جي لاءِ گھڻي ٿيندي هئي پر يتيمي واري زندگي جي ڪري پورا پنج درجا پاس ڪري نه سگھيو” پڙهڻ ته پروِڙڻ، نه ته پڙهڻ ته آ مذاق” وانگر هن تمام گھڻو پروڙيو، پڙهڻ جي تڙپ ۽ تمنا هن جي اندر مان ڪڏهن نه وئي، انهي آس نراس جي ڪيفيت ۾ هن پنهنجي اولاد کي ڀرپور پڙهائڻ جا جتن ڪيا، اولاد کي پڙهائڻ جي لاءِ پنهنجا گھر گھاٽ ڇڏي مٺي ۾ رهائش اختيار ڪئي، هڪ مهربان ۽ مثالي پيءُ وارو ڪردار ادا ڪيو، پٽ ۽ نياڻي سان شفقت ۾ ڪو فرق نه رکيو، پنهنجي نياڻي کي پڙهڻ سان گڏ سياست، سماجيات، ادب ۽ تاريخ ۾ پنهنجون مڪمل صلاحتون استعمال ڪرڻ جو مڪمل موقعو فراهم ڪيو.

مٺيءَ ۾ هو مٽيءَ جا ٿانو کڻي آيو هو. مٺي پريس ڪلب واري جاءِ جي سامهون واري ميدان ۾ (جتي هاڻي دڪان ٺهي چڪا آهن) ڪنڊن واري لوڙهي ۾ ٿانءَ اچي رکيا. ڀرسان فقير مقيم ڪنڀر اسٽامپ وينڊر جو بورڊ لڳايو، ٻه چار کٽون رکيون، فقير ميڙو مچائي ڳالهين جا سڄو ڏينهن ڳوٺ ٻڌندي آخر اتي اچي بيهندو هو ته:

دليون ٺڪر ٿانءُ جئن، ٿڌيون ڪري جي،
انهي کان مٿي، ٻي ڪا ناهي ڳالهڙي.

(شيخ اياز)

فقير جو نالو سندس ڏاڏي جي نالي پويان فقير محمد رکيل هو پر امڙ”مقيو” سڏيندي هئي، ۽ پوءِ جڏهن هو 92-93 ڌاري مٺي پهتو ته مٺي هن کي مقيئي کي فقير محمد مقيم بڻائي ڇڏيو، ماڻهو هن کي ٿر جو سياستدان، سماجي اڳواڻ، ليکڪ ۽ انساني حقن جو اڳواڻ سميت ڪيترن ئي صورتن ۽ سڃاڻپن ۾ ڳڻڻ لڳا، پر هن جي من ۾ اها ئي قلندري، اهائي فقيري جيڪا ڳوٺان کڻي آيو هو. هن پورو ڍوءُ نه هوندي به ڍول رکيا، هن جو هر ٻول اُڪنڍ ۽ اُڪير سان ٻريو. آدرش اخلاق ۽ انسانيت کي ڪڏهن پيٽ جي تنور ۾ جلائي رک نه ڪيائين. جڳن جا دراوڙ هن جي دل ۾ هئا ته چندر ونسي سوڍن ۾ هن جو ساه پساهه هو، سورج جي پوجا ڪندڙن جا هن وٽ پار پتا هئا ته بڙ يا پپر جي ٿڙ وٽ ڏيئا جلائيندڙن جي جيون ڪٿا هئي، هن وٽ ڪڏهن نااُميدي نه هئي اُمنگن جا جھولا هئا، آسن جا موتي هئا چانڊوڪي سان هن جي چاهت هئي، چنڊ پويان هن چارا ڳوليا، پر اوڻٽيهن اونداهي ۾ به ستارن کان سهارو ورتو. لکڻو هجي يا اسٽيج تي بيهي ڳالهائڻو، لفظ ته هن وٽ پکيڙن جيان پرڙا ڦڙڪائيندا ايندا هئا، روح جي مٺڙي موسيقي سان ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي ساه جي ستار کي تڙپائي ڇڏيندو هو، مٺي جو فقير منفرد مقرر هيو.

مٺيءَ ۾ هن جي دل جڏهن اداس ٿي پوندي هئي، ته بيڪس جي ڪافي من جو بار اتارڻ جي لاءِ ڳائيندو هو ته:

ڪاڪ ڪماڻي، ويل وهاڻي،

ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا،

وري موٽي آءُ راڻا !

پر اڃان دل ۾ راحت نه ائي ته هو نهٽي هليو ويندو هو يا ننگر پارڪر، ننگر پارڪر ۾ هن لاءِ ڪارونجھر، دلبر کوسو، الهرکيو کوسو، پانڌي کوسو، رستم کوسو، ڊاڪٽر نوبت خان ۽ نهٽي ۾ وري مهر راڻي ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جو ماڳ، جکري جي واري ساري وارا ڀڙا، نون ڀائر، اباڻو پڊ ۽ جيون جي پهرين پهرن جون سارون سنڀارون. ننگر پارڪر ۾ دلبر جي وڇوڙي سان هن جو وجود ڄڻ وڍجي ويو. نهٽي ۾ نون ڀائرن جي ناراضگي تي هن جو من ملول ٿي پيو هو. دلبر جي تڏي تي هن پاڻ کي گھڻو ميڙڻ جي ڪئي پر روح اڌ رات جو روئي پوندو هو ته:

دلبر بنا دانهن، ڪنهن کي ڏيان ڪارونجھر

ڪارونجھر کي هن پهريون دفعو 1994 ۾ ڏٺو، هن کان ڇرڪ نڪري ويو هو ايڏو سهڻو....!؟ ڪارونجھر هن جي لاءِ ديوتا هو، ديو مالائي پهاڙ جي پوڄا ڪري پوءِ دلبر سان رهاڻ اچي ڪندو هو، دلبر جي وڇوڙي تي هن زندگيءَ جو پهريون بيت چيو، پوءِ ڪوتا سرجي سگھيو يا نه، پر نثر ۾ نوان رنگ کڻي آيو. مضمون ۽ اخباري ڪالم واهه جا لکيائين، جن ۾ پنهنجو موقف چٽو رکندو هو. هن جي نثر جي ٻولي وڻندڙ هئي. ٻاٻيهي کان ٻولي اڌاري وٺي ايندو هو. مٺيءَ جي ڪرشن شرما سان گڏ پهرين ايڇ آر سي پي ۾ سرگرم ٿي رهيو، پر پوءِ ٻين تنظيمن جي ڪارج ۾ به ٻانهن ٻيلي بڻيل رهيو. ڪرشن سان گڏجي هفتيوار”ٿرپارڪر اخبار” پڻ ڪڍي.

زندگيءَ ۾ رس ڪس ڪيترا به کاڌا پر دوستن جي گلا ڪڏهن نه ڪيائين، شهرت هن جي پيرن کي چميو. تڏهن به هن گمنامي واري زندگي جي ساٿين سان ڪڏهن لاتعلقي نه ڪئي، هر ڪنهن جا ڀلايون ڀيرا وڏي واڪي ڳاتا، پر پنهنجو هڪڙو قدم به ٿوري طور نه ڳڻايو، سياسي طور سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ فرنٽ جڙڻ واري پهرين ڏينهن شامل ٿيو، سالن جا سال گذري ويا، ٻي هنڌ لوڻو ڦيري به نه ڏٺائين، هن جو سياسي سرواڻ صوبي جي وڏي انتظامي ڪرسي جو نگران دور ۾ مالڪ بڻيو، تڏهن ضلعي جي ٻڌي ڇوڙي هن جي حوالي ٿي، پر هن فقير ڪا آڪڙائپ اختيار جي بدران اڳيئين کان به وڌ نوڙت ڌاري. انهي دور ۾ به هن ماڻهو ميڙيا، مال ميڙي امير جو گس وٺڻ جو ڄڻ هن قسم کڻي ڇڏيو هو، سڄي زندگي پنهنجي قدارو هاٺي، چانپونئي سونهاري اڇي وڳي ۽ اهڙي اڇي پٽڪي سان لاکيڻي لوڏ جتي ڪٿي امن ۽ انسانيت جا گيت ڳائي چوندو هو ته؛”جيڪو ماڻهو سان محبت نٿو ڪري اهو زندگي جي عظيم گھنگارن مان آهي”.



سَنڀُو مل هميراڻِي


جنهن ڪڏهن سمهي سک نه ماڻيو

ٿر جي ڌرتي تي اڃا سِجُ ٽامِڻي هَڻِي رهيو هو، اڃا ڪَتِي جي ڪاڙهن سان هر گس ۽ گهيڙ تي رِڻَ جهڙِي ريت ڇانيل هُئي. اڃان انسانيت جي عظمت جو جهنڊو بلند ڪري هلندڙ قافلو پنهنجي منزل تي پهتو ئي نه هو ته هي ڇا ٿيو....!! ڇپر ۽ ڇانوري جهڙو شخص، قافلي جو روحُ روان، موت جدا ڪري ڇڏيو. هن جي جدا ٿيڻ سان حياتي جي حوصلي جا ڦُول وِکرِي ويا. روشنيءَ جو باب اڌ ۾ رُڪجي ويو.

نوجوان شاعر حاجي ساند جي لفظن ۾ ته ”هُو شخص ڀِي ته ڇا هيو“ صُوفي هُيو، سامِي هُيو. تنبُوري جِي تنوار هُيو مُرلِيءَ جي لِهر هُيو، ڪبير جي ڪوتا جي خُوشبوءِ هُيو، موهن جي دڙي جي دانهن جو پڙاڏو هُيو، ديبل جي دڙي جو عڪَس هُيو، اَروڙ جي آهه هُيو، پاري نگر جي پرِيت جو اُهڃاڻ هُيو، گڍ اَمراڻ (عمرڪوٽ) جي خودمخيتاري جو ساکِي هيو. پر هُو شخص به ته ڇا شخص هو.

“اي ٿر! اُنهيءَ جي وڇوڙي جو خال ڀري سگهين ٿو؟ انهي شخص، اُنهيءَ مهان ڪردار جو نالو سَنڀُو هميراڻِي هيو. لفظ سَنڀُو سنسڪرت ٻولِيءَ جي لفظ سمڀو مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي شينهن. لوڪ ساگر جي ڪنهن ڪوي چيو آهي ته:

شينهن ڪِي کاڏو نهِين، نهين چنڊن ڪا باغ،

سورمون ڪي سينا نهِين، نهين سَپوتون ڪا راج

(شينهن ٻيلي ۾ ولرن جي صُورت ۾ ناهي هوندو، نه ئي چندن جو باغ هُوندو آهي، بهادرن جو لشڪر ناهي ٿيندو، چوڻ جو مطلب ته سڄو لشڪر بهادر ناهي هُوندو اهڙي طرح سڄو راڄ سَپُوٽ ناهي ٿيندو.)

اِئين سَنڀُو به هڪ هُيو، تاج جويي جي لفظن ۾:

سَنڀو هڪ هُيو، سَنڀو ٿيندو ڪينڪِي ٻيو،

آئو ڍاڻِي همير جي، مون سان گڏجِي رو،

منهنجو ساجن تو، لِڪايو ڪئين لوڪ کان.

سنڀُو مل هميراڻي 5 فيبروري 1948ع ڌاري اسلام ڪوٽ کان پريان گوڙِي جي تاريخي مندر کان ڪُجهه ميلن جي فاصلي تي ڳوٺ ڳوڙهيار ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو گورڌن داس هو، ظاهر زماني جي ذات جي حوالي سان سندس ذات ميگهواڙ هُئِي. جنهن کي ڪڏهن ميگهوال، ڪڏهن ”رِکيو“ ته ڪڏهن ”هريجن“ جي نالن سان سڏيو ويو آهي.

سنڀُو مل هميراڻِي جو خاندان اَدبِي، سياسِي ۽ سماجي شَعُور وارو پس منظر رکندڙ رهيو آهي، سَنڀُو مل جو والد پرائمري اُستاد ۽ اڳُوڻي ضلعي ٿرپارڪر (ايٽ ميرپورخاص) جي ضلعي اسيمبلي جو ميمبر رهيو.سندس چاچي پُنهُون مل هميراڻِي، ننڍي کنڊ جي تحريڪِ آزادي ۾ حصو ورتو. پنهون مل ضلعي ٿرپارڪر جي اهم اڳواڻن مان هو. ڀيم راءِ امبيڊڪر جي اَڇُوت آدر واري نعري تي هن هتي پڻ اهڙِي تحريڪ کي چُرپر ۾ آندو، پوءِ سُتَتَ ئِي سڀ ۾ پرين پسندي سماجِي خدمت جي ڪم ڪار ۾ جُنبِي ويو. هِن سوامي ڪرشنا نند، فاطمه جناح ۽ ٻين کان مدد وٺي ٿر ۾ اسڪول کولرايا. مسڪين جهان خان کوسي، عالم چند ڪولهي ۽ گهمن سنگهه ڀيل سان سدائين دوستي جي ڌاڳي ۾ سلهاڙيل رهيو ۽ اُنهن جو ٻانهن ٻيلي هو.

سَنڀُو مل هميراڻِي اهڙن والدين جي تربيت ۽ پرتووي کي پاڻ ۾ سمائيندي ديس ڀڳِتي، سماجِي خدمت ۽ ادبِي ساڃاهه جي سورج جو پُوڄاري ٿي پيو.

هن جو سَڄي ڄمار اِهو خُواب رهيو ته”مُرڪن ساريون ماريُون ڪِرن سارا ڪوٽ” هِن جي هر تحرير توڙي تقرير، وک توڙي ويچار انهيءَ سپني جي ساڀيا لاءِ جدوجهد ئِي شامل هئي. هن ڪڏهن به طلب جي تنوار نه ڪئي. وقت جي هر اختيار ڌڻي انعامن اڪرامن ۽ سير سفر جي موقعن آڇڻ وسيلي سچن کي ڪچا ڪرڻ جُون ڪوششُون ڪيون ۽ ڪيئي لال لکن جا ٽڪن ۾ وِڪجِي ويا. پر سَنڀُو ڪڏهن به لوڻوُ ڦيري نه ڏِٺو. بازارن مان هن کي به سڏ ٿيا پر هن ٻُڌو اَڻ ٻُڌو ڪري انسانيت ۽ انصاف جي حمايت ڪَئِي . ڪڏهن حيدر بخش جتوئي ته ڪڏهن غلام محمد لغاري ته ڪڏهن سيد جي آشياني ۾ اڳئي کان به اڳڀرو ٿيو. سَنڀُو پنهنجي آدرشن کي پنهنجي ڀرڀُور قُوت سان حاصل ڪرڻ جي عزم ۾ رهيو. پُوري لگن سان پنهنجي آدرشن جي پرورش ڪئي.

لوٺيون سهن لوڪ جا، وِهاڻي ٿِيون ويڻ،

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

سرتيون جي مون وَسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا !

سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان قومي تشخصُ ۽ ٻوليءَ جي بقا لاءِ هليل، هر تحريڪ ۾ سنڀُو سدائين گڏ رهيو. اياز ۽ اُستاد سنڌ کي ڪُنڀڪرڻ واري ننڊ مان جاڳائي صدين جا آرس لاهڻ لاءِ گيت لِکِي رهيا هُئا ته سَنڀُو اُن وقت به سڏ ۾ سڏ ڏيندي لکيو هو؛

“ٿر بر ڪينجھر ڪارُونجھر،

بيت ڀٽائِي گونجَنَ گھر گھر،

مارُو جيئندا زنده رهندا !

مجيد ڪيريي جي جويو ڀائرن کان وٺي سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ ڪارڪُنن آزمائِشن جا ڏينهن سنڀو جي گھر ڳوڙهيار ۾ گُذاريا. جتي انهن کي نه صرف پناهه گاهه مِلي پر فِطرِي حُسناڪِي جي ڀاڪر ۾ ڏات کي پروان چاڙهڻ جو موقعو به مليو.

موري جي سائين راشد مورائي پنهنجو مشهور گيت”دِل جي ويراڻ رڻ تي ڪڪر بانورا ٿورڙو ئِي وَسِين ها ته ڇا ٿي ٿيو” ڳوڙهيار جي ڀِٽن تي ويهي ئي لِکيو هو.

سَنڀُو مل هميراڻي لکڻ جي شروعات 1963ع کان ڪَئِي، 1967ع واري مارئي ميلي ۾ پيرين پنڌ وَڃَي مِير برادران سان گڏجِي ميلي جو رضاڪار ڪارڪُن ٿي بيٺو، اُتي هن مقالو پڻ پڙهيو، جيڪو ٻڌي ڪانفرنس جي صدارت ڪندڙ هاڪاري عالم غلام محمد گِرامي ڳڙاٽڙي پاتِي ۽ پوءِ پنهنجي صدارتي خطاب ۾ سَنڀُو جي مقالي جي تسلسل کي جاري رکيو. اِهڙي حوصلا افزائي ۽ ملندڙ موٽ کي ڏِسِي، پوءِ سَنڀُو اُنهيءَ وقت کان وٺي باقاعدي لکندو رهيو، هن جي لِکڻِي ۾ ادبِي ۽ صحافتي رنگ ٻئِي گڏيل هُوندا هُئا”Emperior” ۽ The Amprem” جي ليکڪ پوشنسڪي جي لفظن ۾ “لکڻ معنيٰ سڀ ڪجھه داءُ تي لڳائڻ” واري ماحول ۾ لکيو. هن ٿر جو سُڪار ڏٺو ته ڏُڪار به ڏٺو، امن ۽ شانتي جي ماحول ۾ مارُن جي موج ڏٺي ته جنگن جي ور چڙهيل حالتن کي به پسيو. هن جي لکڻين جو مُحرڪ اهي ئي حالتون رهيون. صحافي جي پيشي سان لاڳاپجي هن غلام محمد لغاري جي “بيداري” ۽ “سچائي” اخبارن ۽ هاري تحريڪ جي “هاري حقدار” رسالي جو نمائندو ۽ سب ايڊيٽر رهيو. مٺي ضلعي ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو مٺي مان نڪرندڙ”ٿر مئگزين” جو اعزازي ٻانهن ٻيلي به رهيو. ميرپورخاص ۾ صحافت جي دوران مسڪين جھان خان جي بيانن ۽ لکڻين کي سنواريندو ۽ سُڌاريندو هو.

مٺي جو مشهور وڪيل ڀُورو مل ڪولهي ننڍپڻ کان وٺي هِن جو ڪِلاسي هو، پڙهائيءَ واري دور کان وٺي ٻئِي ڄڻا گڏجي ذات پات ۽ طبقاتي نظام جي خلاف وڙهندا رهيا. هن ذات پات ڇُوت ڇات واري الميي تي هڪڙو ڪتاب پڻ لکيو، جيڪو اڻ ڇپيل آهي.

حيدر بخش جتوئي سان دِلِي عقيدت هئي، هن جي “هاري حقدار” واري پيغام کي ٿر جي ڀِٽن ۾ پُهچايو. جتوئِي سان جيئري هن ملاقاتون ڪيون، پر هن جي مرڻ کانپوءِ به سندس سار ۾ ٿيل هر پروگرام ۾ ضرور شرڪت ڪندو هو.

هارِي تحريڪ کان وٺي ڪميونسٽ پارٽي تائين سنڌ جي خوشحالي ۽ عوام جي آجپي واري نُقطي تي ٿيندڙ ميڙاڪي، سيمينار ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو هو، هن جي هر لِکڻِي، اُٿڻي ۽ ڳالهائڻ ۾ مٽي جو رشتو ۽ عوامِي رنگ نمايان هوندو هو، هن جي سوچ، خيال، خواب، مُحبت نفرت جو مکيه مرڪز سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو هئا. دل جو سچو ۽ مخلص ماڻهو، جنهن سان پِريتَ جا پيچ اڙيا، تنهن سان ويندي جندڙي تائين نڀايائين. ڄام ساقي جي”ترم ياترا” دوران گھڻا ڀلا همراهه ڄام سان واسطي جا لاتعلق ٿِي بيٺا، پر هِي همراهه پنهنجي انهي رشتي تي قائِم رهيو. سچل جنجھي ۽ مينهن ٻائِي سان گڏجِي ڪڏهن سکر ته ڪڏهن ملتان جي بندي خاني ملڻ ويندو هو. ڄام ساقي کي سدائين چوندو هو ته”ڪنڌ نه جھڪائڻ ڪڏهن، توکي ڄڻيو پورهيت ماءُ. سَنڀُو هميراڻِي ڏي.ڄام ساقي جي زندان مان لکيل خطن کان وٺي غلام محمد لغاري، تاج جويي، خاڪي جويي، راشد مورائي جا خط تاريخ جا ورق آهن (سنڌي ادب جي گھڻگھَرن کي گھُرجي ته اُهي خط ڇپرائي پڌرا ڪن).

سَنڀُو جي شاعرِي سادِي آهي، اُنهيءَ ۾ فنِي غلطيون پڻ ملن ٿيون، پر انهي جي خاص خصوصيت اها آهي ته اُن ۾ هاري نارِي، مزدُور جي خوُشحالِي ۽ آجپي جي خواب، سجاڳي جي سڏ، بي ضمير کي للڪارون ۽ مارُن جي مُحبت جو اظهار سمايل آهي.

سَنڀُو کي ڪتابن سان خاص اُنس هُيو، شهر ۾ اَچي پاڙي جي پئسن مان ڪتاب وَٺي ورِي ڪنهن دوست جي مدد سان واپس وڃي ڳوٺ پُهچندو هو. هن پنهنجي وڏي لائبريرِي ٺاهِي جنهن ۾ ڪتابن جو خاصو ذخيرو ميڙيائين.

سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ نقاد تاج جويي سان حيدر آباد ۾ تدريِسي تربيت دوران دوستيءَ جو ڌاڳو ٻڌاڻو ته پوءِ گھر جي ڀاتي ٿي ويو. سنڀيو هميراڻي سندس سئوٽ سترام دس هميراڻِي، راشد مورائي ۽ ڪجهه ٻيا دوست تاج کي بيروزگاري جي ڏهاڙن ۾ ماهوار مدد ڪندا هئا. تاج جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو سيڪريٽري ٿيو، تڏهن سَنڀُو “انسائِڪلوپيڊيا سنڌيانا” جي پروجيڪٽ لاءِ ٿرپارڪر ضلعي جو رهبر مقرر ٿيو. هن پنهنجي ساٿين راقم الحروف ۽ ٻين سان گڏجي انهي پروجيڪٽ لاءِ باقاعده ڪم ڪيو ۽ ڪيترو ئي مواد اٿارٽي حوالي ڪيو.

هن ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا، تن ۾ “ڀٽائي: ٿر جي جاگرافي جو ماهر” ٿر جا استاد” تعليمي نظام”، “ميگھواڙن جا لوڪ گيت”، “سنڌ جي اڏاوت ۾ ميگھواڙ قبيلي جو ڪردار” مارئي جو ملڪ ۽ ذات”قابل ذڪر آهن. مارُئي متعلق مقالو عبدالقادر جوڻيجي جي هڪڙي ليکڪ جي جواب ۾ لکيو ويو.

سَنڀُو پيشي جي لحاظ کان “پرائمري ماستر” هو، هُو هڪ سچو ۽ آدرشي استاد رهيو، هن سچل(جنجھي) جي تسلسل کي زنده رکيو، وفات کان ڪجھه ڏينهن اڳ ۾ هن رٽائرمينٽ” لاءِ درخواست ڏِنِي. هن کي اُن وقت وڏو ڏُک ٿيندو هو جڏهن پڙهائڻ باوجود ڪو هلڪو ڇوڪراٽ بيٽ آفيسر اِمتحاني وقت ۾ لفافو گھُرندو هو، پ ٽ. الف جو سرگرم ڪارڪن ۽ عهديدار رهيو، هن جي پئنل جو نالو”مسڪين جھان خان کوسو پينل” هو، هن پنهنجي ساٿين سرور ڪوٽڙيي، هوتچند کيماڻِي سوٽهڙ سان گڏجي ماسترن جي مسئلن جي حل لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي، خاص طور لفافي ڪلچر جي خاتمي لاءِ دليراڻه انداز سان وڙهيو.

هن ادبِي، سياسي، سماجي ۽ تعليمي طور تي ٽن نسلن سان گڏجي ڪم ڪيو. هن سان ڪچهري راءِ سهرس ۽ ڄام نطام الدين کان شروعات ٿيندي هُئِي پوءِ هُو دودي دريا خان، هوشُو، هيمُون، پير صاحب پاڳاري، چوئٿرام گِدواڻي، آچاريه ڪرپلاڻِي، حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري ۽ مسڪين جھان خان کان ٿيندو پارڪر جي عالم چند ڪولِهي ۽ گھمن سنگهه ڀيل تائين دنگ ڪندو هو.

هن جي اکين ۾ ڀٽائي جي فڪر جي جوت ائين جَلندِي محسُوس ٿيندِي هُئِي، جيئن ڪنهن ڪنواري جي اکين ۾ جواني جُون ريکائوُن هُونديون آهن. هن جي اندر ۾ گهِڙي گھِڙي جي تانگھه هُئي، تات هُئي، سڄو جيون انهيءَ اُڻَ تُڻَ ۾ گذاري ڇڏيائين.

آئو نه ڀڳي پَريَن کي، تون ٿو لهين سِج

آئون نه ڀڳي پرين کي، هي پڻ ڏينهن ويو.

شيخ اياز جي وائي، “ائين نه ٽاڻو ٽار، متان چنڊ لهي وڃي” تي روئي پوندو هو. ڀٽائيءَ جي اها سٽ”مڻيو وجھان مَچ ۾، هائي هڻان هارا” هن جِي جذباتي ڪشمڪش جِي آرسي رَهِي. ڏُڪارن جي ڏهڪايل عام ٿرين جيان کيس به ٽي بي جو عارضو ٿي پيو. جنهن سبب 2 جولاءِ 2003ع تي پساهه پُورا ٿي پيا. آخري سفر دوران وڏڦڙو وسي پيو. لُڙڪن ۽ پلر جي پالوٽ سان وهنجاريندي دفنايو ويو. ٿر جي لوڪن ۾ روايت آهي ته ڪنهن جي آخر سفر دوران مينهن وسي ته معنيٰ آسمان روئِي پيو آهي. پر:

تن سُڪن ڪهڙِي سار، ڪه اُٺا مينهن ملير تي.



پريم شواڻي


پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان

سائين پريم شواڻي ٿر جو سگهارو صحافي، شاعر، ناول نگار، چترڪار، مزاح نگار، منفرد مقرر ۽ استاد هو. جيڪو ڪڏهن انگريزي ۾ سوچيندو هو ته ڍاٽڪي ۾ اظهاريندو هو ته ڪڏهن ڍاٽڪي ۾ سوچي سنڌي ۾ لکندو هو. ڪڏهن لفظن کان لاتعلق ٿي ته پينسل جي لڪيرن ۾ پنهنجي راءِ رکندو هو پر جي ڀر ۾ برش ملي ويندو هو ته رنگن جي روپ ۾ پنهنجا احساس اتاريندو هو.

پهرين جنوري 1945ع تي مالڻهور ويڻا جي رهواسي ڀڳو جي شواڻيءَ جي گهر م جنم وٺندڙ پريم شواڻي پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان ورتي ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول مٺيءَ مان ڪئي. انٽر ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ا يم اي ڪئي. “مون ۾ عيب اپار” وارو ڀٽائيءَ جو فلسفو ورجائي هي ننگ ڌڙنگ انسان جارج آرويل جو ناول “اينيمل فارم” پڙهندو هو. هن کي ميڊيا جي ڪردار ۽ پيشوراڻه ايمانداري تي سچ ڳالهائڻ ايندو هو. هن وٽ ٻولي جو جوڀن سدائين چوٽ تي چڙهيل هوندو هو. هن صحافت توڙي ادب ۾ نوان لفط، محاورا ۽ اصطلاح متعارف ڪرايا. هن مقامي سطح تي زرد صحافت جي لاءِ نئون اصطلاح “سونڪڙي وٺڻ” گهڙي ساٿين کي ڪردار ۾ ڪوجهي ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوش ڪئي. پر اڃان ڪو ٿڙندو هو ته ان کي “ڇٻلو” چوندو هو.

هن ڪڏهن ٽهي جو فاصلو نه رکيو، وڏي سان وڏو ۽ ننڍي سان ننڍو هوندو هو. البرٽ ڪامو جي لفظن ۾ چوندو هو ته؛ “آئون نٿو چاهيان توهان منهنجي پويان اچو، ٿي سگهي ٿو ته، آئون توهان جي صحيح رهنمائي نه ڪري سگهان، آئون نٿو چاهيان توهان منهنجي اڳيان هجو ٿي سگهي ٿو ته آئون توهان جي پويان نه هلي سگهان، بس مون سان گڏ هلو، منهنجا دوست ٿي هلو، آئون دوست طور مڪمل نڀائي سگهان ٿو.

هن ڪڏهن به نوجوان کي انٽرنيٽ ۾ الجهي ويل نه چيو. هن ڪڏهن ڪيبل ڪلچر کي ننديو نه هو. نوجوانن کي ته سيمبولڪ انٿروپالاجي علم مان سمجهائيندو هو ته، تهذيب شين جو نالو نه آهي پر شين جي استعمال جي طريقيڪار جو نالو آهي. هو نوجوانن کي جرمن فلسفي امانوئير ڪانٽ جي تيار ڪيل سوالن بابت ٻڌائيندو هو ته، نوجوانن کي انهن سوالن جا جواب اچڻ گهرجن.

1- مان ڇا ڄاڻي سگهان ٿو؟ 2- مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ 3- مان ڪهڙي شيءِ جي اميد رکي سگهان ٿو؟

پريم شواڻي کان پوءِ ٿر ۾ نوجوانن کي ائين ڪير سمجهائيندو!؟ هو نئين آيل انگريزي جي ڪتاب کي ٽائيپ رائيٽر جي دور ۾ روز چار چار صفحا ٽائيپ ڪري ورهائيندو هو. هن ٿري لفظن جي ٽائيپ رائيٽر تي انگريزي جي ڊڪشنري تيار ڪئي. جيڪا اڄ به مٺي جي ڪتاب گهرن تي ڦوٽو ڪاپي ٿي وڪرو ٿئي ٿي.

هن اهو ٿر پڻ ڏٺو هو، جنهن ٿر ۾ ماتا ۽ وارو جي بيماري هر ٿري جو مقدر هئي. اکين جي سور جي لاءِ تازي ويامل اُٺڙي جي پس ٻڌي ويندي هئي. وڏي کنگهه کان ڇوٽڪاري جي لاءِ مريض گڏهه جو کير پيئڻ تي مجبور ٿيندو هو. سيني جي سور جي لاءِ اڪ پڙا ٻڌا ويندا هئا. ٿڌ زڪام جي لاءِ کٻڙن جي پنن کي اڪاري ٿري ‘جوهر جو شاندو’ ٺاهيو ويندو هو. پراڻي بخار جي علاج لاءِ مريض کي ٻانهن ۾ جهلي مهمان نواز جاني لنجي جو انهن ٻولن سان بخار کي قسم ڏنو ويندو هو ته؛ “رات مينهوگي هجي، سو گهوڙن تي سوار سو ڄڻا مهمان اچن پر جاني جي گهر پاٽي ڀريا داڻا نه هجن ان هوندي به جاني جي دل لوڏو به نه کائي ته بخار ڇڏي وڃ.” نانگ بلا جي ڪکيل کي ڀوپا جهاڙ هڻندا هئا ته لاڻ لڳڻ جو خوف رهندو هو. وڄ جي وراڪي ۽ گجگوڙ تي اڪ جون ڪاٺيون اڀيون ڪيون وينديون هيون، گهرن جي ڇتن تي اڪ پڙا اڇليا ويندا هئا. ڪانسي جا برترن لڪائي رکيا ويندا هئا.

هن کي اُهو ٿر وڻندو هو، جنهن ٿر ۾ چوپائي مال کي لال سمجهيو ويندو هو. ڏوج جي ميلي ۾ هرڪو خوشي سان کير کڻي ايندو هو. وسڪاري جي آجيان ۾ گيت ڳايا ويندا هئا، ٻني کيڙڻ جي لاءِ پهرين اوڙ کان اڳ ۾ مٺو لولو ورهايو ويندو هو. ڪتي جي کرن مان گهرجائو کي اناج کڙاڪ جي نالي ۾ ڏنو ويندو هو. کارن کٻڙن مان مٺن پيروئن جو ٽٻڪو ڀري ايندڙ ناري پهرين چار لپون پيرون پاڙي جي معصوم ٻارڙن ۾ ورهائيندي هئي. ڪنڊي جي ڪچين سنڱرين جو پهريون کاٽيو به خيرات ۾ ورهايو ويندو هو. آکاٽي جا سوڻ ساٺ موسمياتي کاتي جي اڳڪٿين کان وڌيڪ اثرائتا هوندا هئا. سانوڻ ٽيج ۽ ڪانهوڙي جي تهوار تي ڳوٺ جي ريل ۾ صبح وڏن نمن ۽ ڪنڊي جي وڻن ۾ نوجوانيون لڏنديون هيون ته شام ڪوڏي ڪوڏي ۽ گابڙي جي مقابلا ٿيندا هئا. عيد ۽ ڏياري تي رواداري جو روپ چمڪندو هو، ڀڳت تنبوري جي تارن تي ڳائيندا هئا ته؛

ڪبيرا ڪنوان ايڪ هي پاڻياري انيڪ،

برتن سب ڪي نياري، پاني سب ۾ ايڪ

سگهڙ پنهنجي ڳجهارتن ۽ ڏور بيتن جي مخصوص آواز ۾ اُچاريندا هئا ته؛

جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجَهه به اوڏيائي مَڱان،

ري ٿَنڀين، ري ٿوڻيين ، تون ڇَپَرَ، تون ڇانءَ،

ڪُڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀڪي.

ڳوٺ ۾ پرڻجي آيل گهوٽ پنهنجي اباڻي اوٽي تي پوءِ پير رکندو هو، پهرين ڪنوار کي ڪنهن جي گهر کوڙي ڏيڻ جي ريت پوري رٿيندي هئي.

هو قديم ٿر جو جديد ماڻهو هو. هن وٽ ويراني ۾ حسن تلاش ڪرڻ جو ڏانءُ هو. عالمي ميڊيا ۾ مقامي مسئلا رکندو هو، ڏيهي پرڏيهي ادب پڙهي مقامي رنگ ۾ تجزيو ڪندو هو. انور پيرزادي وانگر شهر ۾ رهندي ڳوٺاڻو هو. هو شهري شاميانن جي ڇتين ۾ سجايل پروگرامن ۾ دير سان پهچندو هو پر ٻهراريءَ جي ميلن جهميلن ۾ پهرين ڪانڀ ڪڍي وڃي ڇنن ۾ ويهي رهندو هو. مارئي جو ميلو لڳرائڻ هن جي وڏي مشغولي هوندي هئي. ورهاڱي کان پوءِ جيڪي ٿر ۾ مارئي جا ميلا لڳا، هر ميلي جو پريم شواڻي مور رهيو. هن کي مارئي ميلي جو ميڙ ماکي جو مانارو لڳندو هو. هن کي مارئي جي ميلي ۾ ڏٿ ملي ويندي هئي ته ڏوٿيئڙا ملي ويندا هئا. مارئي جي پڪار جو پڙاڏو من ۾ محسوس ٿيندو هو ته، صحرا جي ستر جي معنيٰ سمجهه ۾ اچي ويندي هئي.

پريم شواڻي پارڪر جي پٽن ۾ ڪولهين کي راسوڙي جي رمت ۾ گرٻي ناچ ڪندي ڏسندو هو ته، پاڻ پارڪري ڪولهي ٿي ويندو هو پر جي ٽنڊي باگي جي ڀر ۾ هن سان مگرمان جي محفل ۾ ملبو هو ته آفريڪا جي آديواسي لوڪن جو سڳو سوٽ لڳندو هو. گوگي چوهاڻ جا پوڄاري هر سال هن جي ڳوٺ گوگي چوهاڻ جو ميلو لڳائڻ جي لاءِ هليا ايندا هئا. انهن ۾ انتر منتر جادو جنتر وارن ڀوپن سان گڏ جوڳي جوڳي جي ذات هوندي هئي. سوٽهڙ قبيلي ۾ هن جي نک آسڏي چوهاڻ هئي هن جي پيڙهي جي پوتاميل ۾ گوگو چوهاڻ ڪٿي گڏجي ٿو؟ اها مون کي خبر نه آهي پر هي انوکو انسان خورشيد قائم خاني جيان جپسي جيالاجسٽ ٿي جيئندو هو. هن چوهاڻ جي چت ۾ ساڳيون جوڳين واريون رولاڪيون رهنديون هُيون.

هن ٿر جي ڀٽن ۾ ذات پات جي نفرتي روايتن ۽ سماجي، اقتصادي استحصال جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. مٺي جي اسٽيجن تان پنهنجي گجندڙ آواز ۾ گهڻي وقت تائين هي بيت پڙهندو رهيو ته؛

اڃان اونچي ذات جي مٽي ناهي مت،

اڪ پڙي تي ڀت، رکيو کائي راجپوت جو.

هن پهرين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ سانگهڙ جي آفيس ۾ ڪلارڪ طور ملازمت ڪئي پوءِ جلد 1965ع ۾ تعليم کاتي ۾ ڊرائنگ جي استاد طور فرض سرانجام ڏيڻ جي لاءِ آيو. ڊرائنگ ۾ هن جو استاد سنڌ جو مشهور مصور ۽ ڪهاڻيڪار ع ق شيخ هو. هن 1970ع ۾ ڊي ٽي ڪورس جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ گورنمينٽ ٽرينگ ڪاليج سانگهڙ مان پاس ڪيو. پريم شواڻي پنهنجي شاگرد کي هنر ۽ فن ۾ فرق سمجهائڻ کان پوءِ ڊرائنگ جا ليڪا ڪڍڻ سيکاريندو هو. 70ع جي ڏهاڪي ۾ هن فضل ڀنڀري ۾ سنڌ ٻولي جي اوچ ڪوٽي ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي سان گڏ پڙهايو. سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر سائينداد ساند فضل ڀنڀري ۾ انهن ٻنهي قابل احترام استادن وٽ پڙهيو. پريم شواڻي جو 1968ع هڪ ناول “سورن سندو ساٿ” ڇپيو، انهي دور ۾ هڪ ٻيو ناول پڻ لکيو هو،جيڪو اڻ ڇپيل رهيو.

پريم شواڻي کي 1970ع ۾ بهترين مصور جو ايوارڊ مليو. هن مٺي هاءِ اسڪول ۾ هن خوبصورت آرٽ گيلري جوڙي هئي. مون پريم شواڻي کي اتي ڏٺو هو. اسان جو ڊرائنگ ٽيچر هو، پر ڊرائنگ سان گڏ انگريزي ۽ سنڌي به سيکاريندو هو.

مون کي پريم شواڻي ڪڏهن به نالي سان سڏڻ جي بدران سدائين مائٽ چئي سڏيندو هو. آئون اسڪول جي زماني کان وٺي سائين سان هجت واري انداز سان پيش ايندو هوس. جيڪا ڳالهه هن کي نه وڻندي هئي، هن جي مزاج جي خلاف هوندي هئي تنهن تي ڪاوڙجي چوندو هو ته مائٽ ڪمال ٿو ڪرين..! مون هن سان گڏ صحافت به ڪئي، نئون ڪوٽ جي هڪ پرائيويٽ ڪاليج ۾ پڙهايو به. مون هر گهڙي پريم شواڻي کي پنهنجي پيشي سان پابند ۽ کرو شخص طور ڏٺو. هن کي صحافتي خبر ۽ ادبي مضمون لکڻ ايندو هو، تصوير چٽڻ ايندي هئي، ليڪن ۽ رنگن جي استعمال جي منفرد مهارت هئي. هن کي ڪهاڻي گهڙڻ ايندي هئي، هن وٽ ڳالهه ڪرڻ جو ڏانءَ هو، ڳالهه ۾ سنجيده سوچ به اختيار ڪرائي سگهندو هو ته ڪمال درجي جو مزاح سان کلائي کيرو ڪرڻ ڄاڻيندو هو. پريم شواڻي جنهن سان به جتي مليو. اتي ٿر بابت تجويزن سان گڏ هڪ نئين ڪهاڻي ٻڌائيندو هو. جنهن ۾ ڀرپور طنز واري انداز سان ٿر جو بنيادي مسئلو هوندو هو. هن جي هڪڙي اهڙي ڪهاڻي هتي پيش ڪجي ٿي.

“ٿر جي ٻهراڙي جو هڪڙو مريض ڊاڪٽر وٽ ويو، ڊاڪٽر مريض کي نهاري چيو ته، توکي ٽي بي ٿي پئي آهي. دوائون لکي ٿو ڏيان، دوائون ٻن نمونن جون آهن، هڪ دوا مانيءَ کان اڳ ۾ وٺڻي آهي، ٻي ماني کان پوءِ، مريض ڊاڪٽر کي چيو ته؛ سائين! ماني کان اڳ واري دوا لکي ڏيو، ماني کان پوءِ واري دوا آئون وٺي نٿو سگهان. اسان ٿرين وٽ ڏڪار جي ڪري اناج آهي ڪو نه، جو ماني کايان، ماني هجي ها ته ٽي بي به نه ٿئي ها.”

آئون هر ڀيري هن جي اندر جي گهرائيءَ تي سوچيندو رهيس. هن جي اندر ۾ ڪهاڻين جو آڏاڻو هو، جتان شال وانگر مختصر ڪهاڻيون اڻبيون هيون، هن تمام گهٽ ڪهاڻيون لکت ۾ آنديون. ڪاش ڪوئي هن کان اهي ڪهاڻيون لکائي “پريم جون ڪهاڻيون” جي عنوان سان سهيڙي ها. جيڪي ڪهاڻيون لکت ۾ آيون آهن انهن کي هن ڊائري جي ورق طور پيش ڪيون آهن. “ڪارونجهر جي مور جي ڪوڪ” “چوڙيلي ۽ چنڊ” “جوڳين جو مطالبو”، “جيئڻ جا جتن”، “ٿر ۽ بجلي”، “تاريخ جو ديوتا”، “ٿر جون ماڪوڙيون، گورنر هائوس جي گيٽ تي” ، “ٿر ۽ سرڪاري بسون”، “مٺي شهر ۾ گندگي”، “ماري جو يادگار ۽ ميلو”، “گم رهندڙ استادن کي ڳولڻ وارا”، “ٿرواسي، رحمت جو فرشتو ۽ گهنڊ”، “ٿر ۾ صحافت ۽ اقتداري حلقن جا لڙڪ”، “ٿر بر، وزيٽر، هيليڪاپٽر ۽ رٿابندي”، “ٿرڏڪار ۽ ڪامورو” ، “پارڪر جي هڪ خوبصورت ڍڳي جي نيلام ٿيڻ جي ڪهاڻي”، “ملير جي واري، ٿر جو روهيڙو ۽ روينيو عملدار”، “ٿريو، چور، چنڊ ۽ وزيراعطم”، “ٿر جا نمائندا، اونداهي ۽ چٻرن جي دعا” ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن. هن جو پراثر نثر آهي. جنهن جي حسناڪي پوپٽ پرن جي رنگت جيان روح ۾ اتري ٿي وڃي، من ۾ خوبصورت عورت جي ننڊ مان اک کولڻ جهڙي ڪيفيت محسوس ٿئي ٿي.

ناميارو صحافي ف.م لاشاري هن کي ڏاڍو ڀائيندو هو. ف م لاشاري هن کي پنهنجي اخبار ۾ مانائتي انداز ۾ ڇپيندو هو. هن ٿر جي ڪوئلي تي تمام گهڻو لکيو. محترمه بينظير ڀٽو جڏهن پهريون ڀيرو ٿر جي ڪوئلي جو افتتاح ڪرڻ اچي رهي هئي، ان ڏينهن ف م. لاشاري پنهنجي اخبار جي فرنٽ صفحي تي لوگو جي هيٺيان “ڌيان طلب ڌوڙ جا دڙا” جي عنوان سان مضمون ڇپيو هو.

پريم شيواڻي جي فرزند نوجوان شاعر پياري شواڻي ۽ مون گڏجي هن جي مضمونن جو مجموعو سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حالتن جي ساٿ نه ڏيڻ جي ڪري ڪم اڌ ۾ رهجي ويو. پوءِ سندس ڀائيٽي نوجوان شاعر ۽ سماجي ورڪر پرتاب شواڻيءَ انهي کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. اتفاق سان جنهن ڏينهن پريم شواڻي وفات ڪري ويو، ان ڏينهن انهي ڪتاب جي باري ۾ پريم جي وفات کان ٻه ڪلاڪ اڳ ۾ ڳالهه ٿي هئي.

پوءِ اهو ڪتاب مختلف هٿن کان ٿيندو ڪرشن شرما وٽ پهتو. جنهن پريم شيواڻي جي پهرين ورسي تي ڍٽ پبليڪيشن جي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو.

فرانسيسي ڏاهي جوٽروڊاسيٽن هڪ هنڌ لکيو آهي ته؛ “هڪ انسان کي ٻئي انسان سان محبت جي تلاش جو بنيادي سبب اندر جي اڪيلائي آهي.” پريم جي اندر ۾ وڏي اڪيلائي هوندي هئي. پر آندري مالرو جيان هن اڪيلائي کي عشق ۽ آرٽ جي لاءِ ڪم ۾ آندو. هن وٽ عشق ۽ آرٽ جو وڏو سرمايو هو، جنهن جي آڌار تي ڪهڙيون به حالتون هجن پر حيرت جهڙو اعتماد رکندو هو. جذبات جي جهرڻي ۾ وهنجهندي هن ڪڏهن عقل ۽ ادارڪ کي هٿان نه ڇڏيو هو. محبت جي سائنسي فلسفي کان واقف هوندي ڀي پنهنجو پورو ذهي، شعوري ۽ نفسياتي ڀرجهلو ڀٽائي ۽ اياز کي سمجهندو هو. هن پنهنجي خطي جي لوڪ ڪٿائن ۾ صدين جي ڏاهپ جا نقطا چونڊيا هئا. پنهنجي من جي محرومين، اداسين، المين ۽ تلخين کي لوڪ موسيقي جي مانڊاڻ ۾ لڪايو هو.هن کي ميران ٻائي جي ديوانگي وڻندي هئي. هن ڪيترائي دفعا ميران جو پوٽريٽ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر ڀيري اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو هو. پنهنجي مخصوص انداز ۾ سگريٽ دکائي پنهنجي چپن تي ميران جو گيت آڻيندو هو ته؛ “مين تو ري پريم ديواني” گيت جي پهرين سٽ پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ ميران جي ٻي گيت “راڻا جي مين زهر پيو جاڻي جاڻي” تي پهچندو هو. ڪاليداس جو وڏو قدر دان هو، پر امارو هن جي اکين اڳيان پيو ڦرندو هو.

تون اڌ رات جو ڪيڏانهن ٿي وڃين؟

پنهنجي پيار سان ملڻ جي لاءِ جو منهنجي لاءِ زندگي ۽ موت آهي،

توکي اڪيلي ويندي ڀوءِ نٿو ٿئي؟

مان اڪيلي ڪيئن ٿي سگهان ٿي پيار جو مون سان گڏ آهي. (امارو)

ٿر جي معاملي ۾ هو داناءِ به هو ته ديوانو به هو. حقيقت پسند هو ته افسانوي رنگ رکندڙ به هو، مٺي هن جي من ۾ هئي پر هو ڇاڇري جي شهر ۾ سرنگهو تي لهندڙ سانجهه جي جهيڻي جانجهه سانت ۾ سڻي سگهندو هو. ننگر سان هن جي نينهن جو ناتو هو ته آڌيگام جو اٺ ئي پهر الڪو رهندو هو. هو چاهيندو هو ته ٿر ۾ شعور پنهنجو اظهار لڄارن لفظن ۾ نه ڪري. ٿر جي ڪا به خوشي خوف ۾ ويڙهيل نه هجي. ٿر جي ڪنهن هرڻيءَ کي ڪارونجهر جي جهرڻي تائين پهچڻ لاءِ مارين جي گهاٽ مان گذرڻو نه پوي. ٿر جي مورن جا ٽهوڪا اوشا ديوي جا گيت ٿي گونجن، هڪ دفعو مٺي ۾ ٿر بابت ڪو پروگرام هو، انهي پروگرام جي صدارت ڪندڙ وزير مور جا ٻچا ٿر کان باهر وڏي شهر جي بنگلي جي لاءِ کوکن ۾ بند ڪرڻ جي لاءِ انتظامي ڪاموري کي حڪم ڏيئي آيو هو. پريم شواڻي کي انهي ڳالهه جي سڌ پئي، هن انهي پروگرام ۾ اچڻ شرط مائيڪ وٺي جذباتي ادناز ۾ هي شعر اچي پڙهيو؛

سهو نه ڏسان سيم ۾، سڀ ٿيا شڪار،
ٻُڌان ڪين ٻُوهن ۾، تتر سندي تنوار،
ويا ولر واريءَ تان، هئا هرڻ هزار،
ديسي ڪڪڙ داڻا ڪي، باقي بچيا يار،
فارمي پيئي فِراءِ ٿئي، بيحد بدبودار،
پاجيرو وارا پريم چوي، مور ائين نه مار،
ايندڙ نسل اسان جا، پٽي پُڇندا پار،
“جاني اهي جاندار، ماريا ڪنهن ملير جا؟”

--

 پهتو ڪٿان پاراڌي، ڪيائين ڪم ڪَچو،
کنڀيو ڇو کنيو وڃي، پاجيرو واري کان پُڇو،
ٻُٿ ٻُٿ ڳوليندي ٻَچو، ڊوڙي ڊيل ڊٻن ۾.

پوءِ سڌو همراهه جو نالو کڻي چيو ته، اسين ٿر جا مور هتان کڻي وڃڻ نه ڏينداسين نيٺ صاحب اقتدار کي ٿر جا مور آزاد ڪرڻا پيا. هن تلور جي شڪار، وڻن جي واڍي، مورن جي موت ۽ ڪارونجهر جي پٿر جي ڪٽجڻ جي خلاف ڀرپور شعر لکيا. هن جا اهي بيت ماحوليات جي بچاءَ جي لاءِ هڪ احتجاج آهن؛

روز وڍجن روهيڙا ڪنڊا ڪونڀٽ اپار،
چونڊن ڪٿان چپڙا ڪارا ڪولهي ٻار،
وڻڪار توتي وار، ڪيڏا روز ڪُهاڙي ڪري.

--

ڪارونجهر ڪوڪيندي، رات ڏنو روئي،
پٿر منهنجا پيارا، روز گهڙي ٿي روهي،
ليز وٺيو ليکي تي، ڊوهه ڪن پيا ڊوهي،
مارو بکيا ملير ۾، ڍوڙيو ڏين ڊوئي،
اسان ٿيون اوهي، ته پٿر بچايون پارڪر جو.

--

ڀٽياڻي ۽ گوڌڙو وهندي ڪن وائي
ڪارونجهر پيو ڪورجي، ڌوڙ رهندي ڇائي،
پٿر وڪجي پارڪر جو ڪراچي ٿيئي سائي،
ٿريا سڀ ٿوهرن ۾ ڀيڙا ٿيا ڀائي،
ملير جي موتين جي ڪٿ ڪن ٿا ڪائي،
ڏي نه سرڪار ڏاهي، پٿر پٽي پارڪر جو.

--

ٽلي ٿي ٽهوڪيو، جڏهن ڀونءِ ٺري،
ڪارونجهر جي ڪور جو، ويو مور مَري،
تنهن لاءِ ڊيل چَريِ، لُڙڪ وهائي لوڪ ۾.

پريم جو هڪ بيت ٿر جي اصلوڪن رهواسين جي سماجي معاشي زندگي جي رپورٽ آهي، جيڪو هن پنهنجي ليٽر پيڊ تي لکايو هو، جنهن تي بيت سان گڏ “فرام دي ڊيسڪ آف پريم شيواڻي” لکيل هوندو هو.

هو جا ڪولهڻ ڪارڙي، ويٺي وڪڻي پن،
ٻار جنهن جا ٻوهن ۾، ڪيهون ويٺا ڪن،
آڻي ڪٿان اَن، ڪري پورائو پيٽ جو.

هن جي ليٽر پيڊ پڙهي مون کي آمريڪي شاعر والٽر وٽمن جي ڪالمن جو سرو “فرام دي ڊيسڪ آف اي اسڪول ماسٽر” ياد آيو. پريم شيواڻي والٽر جيان ڪالم لکندو هو. هن جي ٻين بيتن م به ٿر جي غربت جا غم، ڏڪارن جا ڏک، ناانصافي جا الميا سمايل آهن؛

جهوپي ۾ جهانگياڻي، روئي رڌي رب،
پٽڙي آهي پاڻي جهڙي، ڏارو وڌائين لپ،
چکندا ڪي چپ، ٿر جي ٿڌي ريٽ تي.

--

پور پچائيندي پيٽ لاءِ بابو ويو بازار،
پيسو نه هو پلي ۾، اَن نه مليو اُڌار،
آڌي آيو اوٽي تي، بک ۾ کنيائين ٻار،
لڙڪ لاڙيندي لار، ڦٿڪيو پي فاقي ۾.

--

ٿرين نيٺ ٿوهر کان، روئي پڇيو رات،
اسين اڃا اوندهه ۾، ڪونهي ڏٺي پرڀات،
گوندر سندي گاهت، لهندي ڪڏهن لوڪ تان؟

--

ڄار تي جُنبي جيئن، مَڪڙَ ويهن مينهن ۾،
ٿريا سَٿيل تيئن، ڪالهه هُئا ڪيڪڙي تي.

--

ڍڪيل ڏٺم ڍاٽين جا، ڀونگا ڀر ڀٽن،
لڏيا ڪالهه لاباري لاءِ، بيوس ڪيا بُکن،
وري ورندا وٺي تي، يا ڪلر ٿيندو ڪفن،
جيئڻ ڪارڻ جتن، سانگي ڪن ساڻيهه ۾.

پريس ڪلب مٺي کي اڏڻ ۾ هن جون پنهنجي ساٿين سان گڏ محنتون ساراهه لائق آهن. پريس ڪلب جو مختلف وقتن ۾ عهديدار به رهيو. وڏي وقت کان هو روز صبح گهران نڪري پريس ڪلب اچي پنهنجي اخبار سان گڏ ٻين اخبارن ۾ ٿر متعلق خبرن کي ڪٽنگ ڪري فائيل ٺاهيندو هو، پوءِ چانهن جو سرڪيون ڀري ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي آڱريون هلائيندي ٿر جي دردن کي انگريزي اخبار جي ٻولي ۾ لکڻ شروع ڪندو هو. جڏهن مٺي جي شام شفق جي ڦولن جي ڀريل جهول وانگر محسوس ٿيندي هئي، تڏهن واپس گهر موٽي ايندو هو، پر جڏهن هن جي طبيعت گهڻي خراب ٿي پريس ڪلب تائين پهچڻ جو ست نه رهيو ته، هن گهر ويهي ٻي ڪمپيوٽر تان پنهنجو ڪم ايستائين جاري رکيو، جيستائين جيئرو هو. هن پاڻ پنهنجي هٿن سان پريس ڪلب تان پنهنجو سامان نه کڻايو. هن چاهيو ٿي ته اهو اتي رهي ۽ آخري گهڙي مهل پنهنجي صحافي ساٿي کي گلزار جي نظم جي سٽ سان چئي سگهي ته، “ميرا ڪڇ سامان تيري پاس پڙا هي.” اهو سامان پريم جي وفات کان پوءِ گهر موڪليو ويو . پريس ڪلب مٺي جي ڪمري جي ديوار تي ڪنهن ايندي ويندي پينسل سان ڀٽائيءَ جو بيت لکي ڇڏيو ته؛

ڏکارو ڏونگر، ڏٺم ري ڏوٿين،
پٻ اوريو ٿي پنهنجو، انهيءَ لئه اندر،
ڇورو ٿيو ڇپر، ڀيرو کاهوڙين بس ڪيو.

پريس ڪلب جو مٿيون هال پريم شيواڻي جي منسوب ڪيو ويو آهي. ڇا هاءِ اسڪول مٺي ۾ هڪ خوبصورت پريم آرٽ گيلري جڙي نٿي سگهي. 80،70 ۽ 90 جي ڏهاڪي ۾ پريم جون جوڙيل خوبصورت تصويرون ڪٿي سڄائي نٿيون سگهجن؟

آئون انهن سوالن کي اتي ئي اڌ ۾ ڇڏي ڀٽائي کي ياد ڪريان ٿو، ڀٽائي جنهن چيو ته؛

پريم! تُنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان!!؟

Oh! My beloved! You have uncountable beautiful clors; I am not able to admire any one. Shah Shah Abdul Lateef Bhittai.



فوزيه سومرو


ٿر جي ٻانڌڻي، ٽيلڙي، مورئي، جهومر، نٿ ۽ والڙِن جهڙا خوبصورت رومانس ۾ ڀريل گيت “ڪارونجهر تي آئون اڪيلي آهيان، ڏات آ، رات آ، تات آ”، “حال منهنجا پڇي ڳوڙها منهنجا اگهي ڪو ته اهڙو هجي”، “آئي ري سرامڻ ري ٽيجڙي ٻائيجي همين تو موڪل ڏيو”، “ڪڏهن رسين ٿو، ڪڏهن کلين ٿو، ڪڏهن ڪرين ٿو گلا، مٺا منهنجي پارت توکي آ.” “ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا”، “خدا خير ڪر تون منهنجو مِٺو ڇو نه آيو”، “اٺڙلو تو پلاڻي آ...”، “حڪم ڪر حاضر آهيان جهڙو منهنجو حال آهي،” “چنڊ وڃين ٿو پرين جي پارڏي ياد جا گل گلاب کڻي وڃ...” ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي شاهڪار گيت ڪنهن به پابندي کانسواءِ هر وقت وڄندا رهن ٿا. ڪنهن ٿي ڄاتو اهي ٻول فوزيه سومرو جي آواز ۾ درد جو روپ ڌاري سڄي سنڌ جي ڌڙڪندڙ دلين تي ڇائنجي ويندا يا ٿر جي پراڻن لوڪ گيتن “ڪانهوڙا ڪانڪري نه ماري ري...” “جائي امراڻي ري شهر ٻيلڙو مانرو نجر ماريو ري...”، “ڀنوڙي ڌرتي پلر پاڌرو ري رائچند جي ري...” “کي ڳائي فوزيه سومرو هڪ ڀيرو ٻيهر ڳائي سفيد چوڙن جي چانڊوڪي ياد ڏياري ڇڏيندي.

فوزيه سومرو جي ڳائڻ شروع ڪرڻ کان پوءِ ٿر ۾ ڪٿي ڪٿي شادي مُرادي ۾ ڌيئاري کي ساهرن ڏانهن رواني ڪرڻ مهل کاڏي تي هٿ ڏيئي ٻي هٿ سان چني جي پلي سان پاڻ کي ويڙهي ٿرياڻي کي ڏورو ڳائڻ جي ضرورت نه پئي، رڳو فوزيه سومرو جي ڪيسٽ لڳائڻ جي تڪليف ڪرڻي پئي.

موڪلاڻي جو منظر، ٿر جي ڪيهر لنڪي گورين جا لڙڪ ۽ فوزيه سومرو جي ڳايل لوڪ گيت ڏورو جيءُ جهوريندڙ لمحو بڻجي ويندو آهي. پارڪر جي هڪ ڇوڪري آلاپ جي لاءِ ڪارونجهر جي دامن مان واري جي ڀٽن سان جڙيل سُرتال جون سپون ميڙي اولڊ ڪئمپس جي ايس ايس پي چوڪ حيدرآباد کان ٿيندي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ نصير مرزا وٽ پهتي ته، هن سنگيت جي متوالي پروڊيوسر ريڊيو جي سائونڊ سسٽم جي آڏو آندو ته، گهنڊيندار وارن واري هن ڇوڪري ڇا ته ڳايو..!! سڄي سنڌ ۾ مائي ڀاڳي کان پوءِ ٿر جي ڪوئل سڏجڻ شروع ٿي ويئي.

پوءِ هن فنڪاره جو سٺ تي ڪانٽو هن جي آواز ۾ درد جي لهر ويرا وير وڌي رهي هئي. سادي سودي شاعري جڏهن فوزيه ڳاتي ته، پورهيتن، هارين، نارين ۽ ڳوٺاڻن جي جذبن جي ترجمان بڻجي ويئي. هن جو آواز عشق ۽ آرٽ جو سرمايو هو. هو راڳ جي روپ ۾ ٻڌندڙ جي دل تي ڪامڻ ڪري سگهندي هئي. هڪ دفعو ٻڌڻ کان پوءِ سادو سودو ڳوٺاڻو به چوندو هو ته، ڪامڻ ڪر گئي ڙي.. (جادو ڪري ويئي ڙي) فوزيه سومرو ٿر جي لوڪ گيتن، سنڌ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعري سان گڏ ڪجهه روايتي شاعري پڻ ڳاتي، جنهن جي ڪري پڙهيل لکيل طبقي ۾ ڪجهه ٻولن تي غير معياري شاعري ڳائڻ جا الزام پڻ لڳا پر عام ماڻهو جي دلين تي راڳ جي ديوي جي روپ ۾ راڄ ڪندي رهي.

1966ع ۾ جنم وٺندڙ فوزيه سومرو جو اباڻو ڳوٺ پاري نگر جي پراڻي پڊ کان اوڀر اتر ڪنڊ تي پارڪر جي پهاري سلسلي ۾ هڪ ننڍڙي ٽڪري جي گود ۾ آباد کارسر هو. هن جي پيءُ نٿو خان جو ويڙهو اڄ به اتي موجود آهي. جنهن ۾ نم جو جهونو وڻ فوزيه سومرو جي ننڍپڻ جون سارون سنڀارو سنڀالي بيٺو آهي. کارسر مان فوزيه جا والدين ٽنڊو محمد خان لڏي ويا. هن جو والد ٽنڊي محمد لڳ هڪ شگر مل ۾ نوڪري ڪندو هو.

فوزيه ذاتي زندگي ۾ هزارين ڏک ڏٺا، هن المياتي جيون گذاريو، رڻ جي اڃياري هرڻ جيان راڳ جي جهرڻي تائين پهچندي سوين پيڙائن مان گذري. شهرتن جي آڀي تي پهچڻ کان پوءِ به سورن هن جو ساٿ نه ڇڏيو. گهڙي گهڙي نئون گهاءِ مليو.

ظاهري زماني جي حوالي سان هن جي ذات ڪنڀر هئي پر فوزيه پنهنجي نک جي بنياد تي سومرو سڏائيندي هئي. فوزيه جو اصل نالو حڪيمان هو. 1993ع ۾ مصري سيٺيونس ان سان شادي ڪئي. کيس هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو. مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ کان پوءِ فوزيه ڳائڻ شروع ڪيو. زندگي جي آخري گهڙي تائين ڳائيندي رهي. فوزيه کي “ايڪسيلينٽ ايوارڊ”، “شاهه لطيف ايوارڊ”، “شهباز ايوارڊ”، “مصري شاهه ايوارڊ” ۽ ٻيا ايوارڊ مليا. فوزيه ڳائڻ جي سکيا استاد نياز حسين، استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليري کان ورتي. فوزيه جي ٿري ڌنون چونڊ ڪرڻ ۽ ٿري لوڪ گيتن کي ڳائڻ ۾ مٺي جي لوڪ فنڪار ۽ شاعر ميوي فقير وڏي مدد ڪئي. فوزيه استاد ميوي فقير جو وڏو خيال رکندي هئي. فوزيه سومرو کي پي ٽي وي تي بيدل مسرور متعارف ڪرايو. فوزيه سومرو سنڌي سان گڏ مارواڙي، گجراتي، سرائڪي، پنجابي، بلوچي ۽ اردو ٻولين ۾ دلڪش انداز ۾ ڳايو. فوزيه جون 110 ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ آيون.

4 سيپٽمبر 2002ع تي بيماري سبب فوزيه سومرو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويئي. سندس موت جي خبر راڳ جي پياسي دلين کي ڏکارو ڪري ڇڏيو.

ٿر جي مٽي سان فوزيه جي جذباتي وابستگي هئي. فوزيه سومرو کي ڳائڻ جي لاءِ پوري ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ موقعا ميسر ٿيا. پر دلي سڪون جيڪو ٿر جي ڌرتي تي ويهي ڳائڻ سان ملندو هو، اهڙو ڪٿي به نه مليو، ٿر ۾ ڳائڻ دوران راڳ جي ديوي خود اچي هن جي ڳلي ۾ ڪن رس جا پيالا اوتيندي هئي.

هن جي من ۾ سانوڻ جي مينهن ۽ ٿر جي نينهن جي مهڪ هئي. وسڪاري جي ويل جا سونا سنگ هن جي اندر ۾ جهومندا هئا. هن جي آلاپ ۾ ڏڪاري ڏينهن ۾ آٿت به هئي. “ڀلين ڪتائي پڙين ڏڪاڙ آپين ڪو ڇڏان گهر ڪکاڻا” (ڀل ڪيترائي ڏڪار پون پر پاڻ گهر ڪکاڻا نه ڇڏينداسين) اهڙا گيت فوزيه وانگر ڪير ڳائي سگهي ٿو!؟

فوزيه مينهن اوڙڪن ۾ سڏونت سارنگا کي سڏڻ لاءِ ڪارونجهر جي مورن کان ٽهوڪا اڌارا ورتا هئا. هن هوٿل پري ۽ ڪيهر اوڍي جي لوڪ ڪهاڻي روح ۾ اتارڻ جي لاءِ ٿر جي ڌنارن کان ڌرتي جون ڌنون چورايون هيون. هن بانسري ۽ چنگ جي چاهت جهڙا سُر ڳائي پارڪر جي پٽن کي راسوڙن جي نئين ريت ڏني هئي.

ماضي جي ٿر ۾ عشق جي اڀ هيٺ پشم جو ڀرت، ريشمي رومال، لونگ سوپاريون محبتن جي تحفي ۾ ڏنيون وينديون هيون، هاڻوڪي ٿر ۾ فوزيه سومرو جون ڪيسٽون ۽ ميمري ڪارڊ ڏنا ويندا آهن. فوزيه سومرو جي آواز ۾ ٿر جو لوڪ گيت اٽو ملهندي ٿرياڻي ٻڌندي آهي ته اٽو ڳوهڻ جي لاءِ پاڻي سان گڏ لڙڪ شامل ٿي ويندا آهن. فوزيه سومرو جو آواز ٻڌي ٻيلڙو کڻي لنگهندڙ ناري به گهونگهٽ کي سوري چني جو هڪ پلو وات ۾ ڏيئي آڏي ڏس بيهي اڪير مان ٻڌڻ بعد ئي رواني ٿيندي آهي. اسر ويلي ڪتابڙا هٿن ۾ “کڻي ٿر جي جديد ڪوچن ۽ کيکڙن ۾ ور وڪڙ ڀٽون اُڪري ايندڙ نوجوان به فوزيه سومرو جا مشهور ٿيل گيت گنگنائيندا درسگاهن ڏانهن ويندا آهن. فوزيه سومرو جي آواز جو جادو ٿر جي سگهڙ وٽ پيل ست سري ڳجهارت بڻجي ويو آهي. جنهن کي ڪير به اڄ ڏينهن تائين ڳولي نه سگهيو آهي. جڏهن به ٿر تي ڪڪر ڪارونڀار ڪري ورندا آهن. تڏهن مورن جي ٽهوڪن سان گڏ فوزيه سومرو جا ملهاري ۾ ڳايل سانوڻ من ڀاوڻ جا گيت ڀٽن ۾ گونجي پوندا آهن.

ايئي رتڙي رو تون نه آيو ري، سرامڻ لونٻيو جائي...

(هن ميگهه ملار جي رت م تون نه آئين، هي سانوڻ وسيو وڃي ٿو.)



صادق فقير


رتن جي هوٽل جون کٽون خالي ڪري ويو.

ٿر ۾ ڦڳڻ رت جو ڦوٽهڙو اڃان شروع ئي نه ٿيو هو، ٽڙڻ جا ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ ٻيرين جي ٻور جهڙي سُرهي راڳي صادق فقير جو ساٿ اسان کان ڇڻي ويو آهي. ننگرپارڪر جي وانڊئي کان وٺي سڪرنڊ جي واهڻ تائين سموري سنڌ جي موسيقي جي ٻڌندڙن جي دلين ۾ سوڳ جو تڏو وڇائجي ويو آهي. هر پاسي کان سڏڪن ۾ گونج اٿي رهي آهي ته؛

تنهنجي وئي کان پوءِ،

منهنجي اندر ۾

رات رهي پئي آهي... (اياز گل)

هر ڪو روئي ائين چئي رهيو آهي ته، “صادق فقير تون ته امر ٿي وئين، پر تنهنجا اڄ ٻڌندڙ مرڻ جهڙا ٿي پيا آهن.”

گلن جي موسم ڪليون نه آنديون،

بهارن آندا پُٽن جا لاشا (حليم باغي)

صادق فقير جو راڳ عشق جو روح هو، هو دلين جو انجنيئر ٿي ڳائيندو هو، صادق فقير جو آواز ٻڌندي دل درد جي دريا ۾ ٻُڏندي ۽ ترندي محسوس ٿيندي هئي. هو هيڻين حياتين کي حوصلو ڏئي کين ائين راڳ سان ريجهائيندو هو، جيئن معصوم ٻار جي مرڪ پنهنجي ماءُ کي ريجهائيندي آهي. صادق فقير جي ڳلي ۾ آلاپ جو هاڪڙو هلندو هو يا سُر جي سرسوتي وهندي هئي. صادق جي وڇوڙي جي زلزلي ٿر جي ڀٽن کي ٻيهر ڏاري ڇڏيو آهي. اڳي ڏڪارن جا ڏک ٿرجي مارو ماڻهن جي کٿي ۾ کيهه سان گڏ ٻڌل هئا، مٿان هن جدائي جو وزن کڻڻ جي لاءِ مليو آهي. صادق فقير جي ڌار ٿيڻ تي ايترا لڙڪ لڙيا آهن جو ايتريون ٿر ۾ برساتون به نه پيون آهن.

صادق فقير 20 مارچ 1964ع تي فيض محمد مڱڻهار جي گهر مٺي ۾ جنم ورتو. فقير فيض محمد تپيدار هو، هن جي ڪوشش هئي ته، پنهنجي اولاد کي پڙهائي.صادق فقير ايم اي سنڌي پاس ڪري تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو. هن جو پهريون آرڊر فضل ڀنڀرو جي اسڪول ۾ ٿيو هو. پوءِ گهڻو عرصو مٺي جي مشهور گورنمينٽ هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني ۾ رهيو. 1992ع ۾ صادق فقير شادي ڪئي کيس ٽي پٽ، هڪ نياڻي جو اولاد عطا ٿيو. صادق فقير زندگي جا ڪجهه ڏهاڙا ميرواهه گورچاڻي ۾ پنهنجي مامي جي زمين تي به گذاريا هئا. مٺي ۾ پڙهائي دوران استاد پرشوتم واسواڻي صادق فقير کي اتساهي ڳائڻ تي آماده ڪيو.

اها يارهين درجي جي ڳالهه هئي، مٺي ڪاليج جي فزڪس جي ليب ۾ هن پهريون ڀيرو ميڙ ۾ هڪڙو گيت ڳاتو، پوءِ صادق فقير ڪڏهن امولک امر (مٺي جو هڪ مقامي لوڪ شاعر) تاج جويي ۽ سائينداد ساند جي شاعري، ته ڪڏهن لوڪ گيت ڳائڻ شروع ڪيا. مٺي ۾ انهي وقت اسٽيج ڊرامن جو به رواج پيو هو حاجي محمد دل ۽ تاراچند راٺي جي لکيل اسٽيج ڊرامن ۾ صادق فقير جا سر ٻرڻ لڳا ته هيءُ گهڻو مقبول ٿي ويو. امولک امر جو گيت “نصيبن وارا نه ڪي ڏوهه تنهنجو نه ڪي ڏوهه منهنجو” ۽ تاج جويي جو گيت “تصور ۾ تڪي تارا رات گذر ٿي ويندي آ” انهي دور ۾ ٿر جي ڀٽن جي گونج ٿي ويا. مٺي ۾ پيش ٿيل اسٽيج ڊرامي “سوجهري” جي مقبوليت ۾ صادق جا سر شامل هئا. ان وقت مٺي جو هڪ ٻيو نوجوان ڳائيندو هو دليپ ڪمار دلدار تمام پيارو ڳائيندو هو پر هن ٿوري وقت ۾ ڳائڻ ڇڏي ڏنو پر صادق نئين ڏينهن نئين وک سان وڌندو ويو.

صادق فقير موسيقي جي تربيت پنهنجي مامي استاد حسين فقير کان ورتي، جيڪو ان وقت جو سٺو راڳي ۽ موسيقار هو. 1986ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن جي دائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پهريون دفعو سندس آڊيشن کان پوءِ ريڊيو تي ڪلام رڪارڊ ڪرايا، جنهن بعد سڄي سنڌ ۾ صادق فقير روح سان ٻڌو ويو ۽ 1988ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي اسٽوڊيو تي مرحوم شمشير الحيدري صاحب ٽيليويزن تي کيس متعارف ڪرايو. پر هن کي 1992ع ۾ اياز گل جو ڪلام “توکان ٿيندي ڌار..” ريڊيو تي ڳائڻ سبب گهڻي شهرت ملي.

صادق فقير سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ڳايو آهي. هن نيم ڪلاسيڪي راڳ ڳايو ته ڪلاسيڪل پڻ پر جديد شاعري جا سر نوجوانن ۾ گهڻا مقبول ويا آهن،صادق فقير کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو مليو. تن ۾ خاص طور هندستان، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ آهن.

صادق فقير سڀ ۾ “پرين پسڻ” وارو ماڻهو هو. هو مندر ۾ ڀڄن ڳائيندو هو، ته امام بارگاهه ۾ مرثيا به آلاپيندو هو. مون هڪ دفعو صادق فقير کان پڇيو ته، “صادق توهان کي ڳائيندي گهڻي ۾ گهڻو داد ڪڏهن مليو؟” ته هن ٻڌايو ته، “هڪ دفعي ڀڳت ارجن جي سڏ تي ٽنڊوالهيار راماپير جي ميلي ۾ ڳائڻ جي لاءِ ويس، اتي منهنجو جيئن وارو آيو آئون اسٽيج تي آئيس ته هزارين ماڻهو هٿ جوڙي منهنجي آجيان جي لاءِ بيهي ويا. انهن جو اهو پيار ڏسي منهنجون اکيون ڀرجي آيون. انهن جو ڇا ته داد هو، مون کي ڏاڍو ڊپ ٿيو ته، هي مڃتا ڏسي ڪٿي منهنجي اندر ۾ گهمنڊ نه پيدا ٿي پوي.”

صادق فقير جديد سنڌي شاعري ۾ شيخ اياز کي دل سان ڳائيندو هو. شيخ اياز جڏهن ڪراچي ۾ هن کي روبرو ويهي ٻڌو هو ته بي اختياري ۾ چيو هئائين ته؛ “منهنجي شاعري کي جنهن آواز جي ضرورت هئي اهو ملي ويو آهي.” صادق چوندو هو ته؛ ڀٽائي کي منفرد انداز سان ڳائيندڙ موهن ڀڳت ٿر مان هو، ماڻهو هُن کي ڀٽائي جو راڳي سڏين ٿا. آئون اياز کي به انوکو ڳائڻ چاهيان ٿو. جيئن ماڻهو مون کي “شيخ اياز جي راڳي” طور سڃاڻين. هن شيخ اياز جي وفات تي شيخ اياز جي الوداعي گيتن جي ڪيسٽ به رڪارڊ ڪرائي.

صادق فقير، راڳي سان گڏ پنهنجي شخصيت ۾ به سگهارو ۽ شفيق انسان هو، دوستن جو دوست ۽ هيڻن جو همراهه هو. هن جو دسترخوان ڪشادو هو، جتي سڄي سنڌ مان دوست ٿر ۾ سندس اچي مهمان ٿيندا هئا. صادق فقير جي اوطاق تي کائڻ پيئڻ سان گڏ راڳ ٻڌڻ جي لاءِ ملندو هو. ڪنهن فقير فقراجي گاڏيءَ ۾ تيل نه هوندو هو ته، اهو به ماٺڙي ۾ ڀرائي ڏيندو هو. متان ڪنهن کي خبر پئي. صادق فقير کان محفلن ۾ سائينداد ساند جي شاعري به گهڻي ٻڌي ويندي هئي.

صادق فقير ٿر ۾ روهيڙي جي گلن جو جنم ڏينهن ۽ وسڪاري جي آجيان جا ڏينهن ملهائيندو هو. مٺيءَ جي هر ماڻهوءَ وٽ صادق فقير جي ساروڻين جون هڙوٽڙيون آهن. هو پنهنجي گهر کان نڪري ٿر ڪتاب گهر جي سامهون چاچي رتن جي هوٽل تائين پهچندو هو ته، وچ ۾ ڪيترائي مزاح ۽ ٽهڪ جا گل ورهائي ڇڏيندو هو. هو گفتگوءَ جو به ڳڻوان هو. رتن جي هوٽل تي شام جو کٽون صادق جي ڪچهري جي لاءِ رکيل هونديون هيون. صادق فقير جو تجزيو به ڪمال جو هوندو هو. سچي کري ۽ تز راءِ رکندي به هر ڪنهن سان خوب نڀائي ويندو هو.

صادق فقير وٽ ڪڏهن به تلخ لهجو نه هو، هيءُ ڪڏهن رنو ته پنهنجا لڙڪ لڪائي رنو، ڪو به اهو ٻڌائي نٿو سگهي ته هن صادق کي روئندي ڏٺو، هو هر ڪنهن سان مرڪي ملندو هو، هن جي چپن تي سدائين ٽهڪ هوندا هئا. هن ڪڏهن غالب جي انهن سٽن جهڙو ڏيک اچڻ نه ڏنو ته؛

نظر لڳي نه ڪهين اس ڪي دست و بازو ڪو،
يه لوگ ڪيون ميري زخم جگر ڪو ديکتي هين.

صادق فقير شيخ اياز کي نه صرف پڙهيو هو، نه صرف ڳايو هو پر کيس اندر ۾ به لاٿو هو، هن جي رڳن ۾ رت سان گڏ شيخ اياز جي شاعري ڊوڙندي هئي. اياز چيو هو ته؛

جر جي ڄر ڪنهن جاتي ڪا نه،
لڙڪ اگهياسين لڪي لڪي،
چائنٺ تي چانڊوڪي آهي،
ها پر من جي ڇن ۾ ڇا آهي؟
ڪنهن به ته پاتي جهاتي ڪا نه.
کل آئي ته به ڦڪي ڦڪي....

صادق فقير هڪ آرٽسٽ هو. سدائين باترتيب رهندو هو. سدائين صاف سٿرو ۽ سادو لباس پائيندو هو. هن ڪڏهن پاڻ مئڪشي نه ڪئي، پر مئڪشي جي محفلن ۾ هن جا آلاپ نشا وڌائيندا هئا. ادب، انقلاب، آدرش ۽ عشق جي ٿڪل ٽٽل ماڻهن جي لاءِ شيخ اياز جي شاعري ۽ صادق جا سر سهارو هوندا هئا. هِن جي سرن سان اونداهين راتين کي دل جي تڙپندڙ تمنا سان بيان ڪرڻ جي سگهه ملندي هئي، ۽ نوجوان پنهنجي جنون جو جولان هن جي آلاپ ۾ پروان چاڙهي پنهنجي سپنن جو سنسار گهڙيندا هئا. سنڌ ۾ ايترن گلوڪارن هوندي به صادق عشق جي تنها آواز طور ٻڌو ويو. هن جو آلاپ عشق جي چوٽ کاڌل ماڻهن جي زخمن تي مرهم رکندو هو. هن جي صدا هر ڦٽيل دل جي آهه هئي. صادق فقير ميڙ ماڻهن جي ۾ ڳائندي وڄائيندي ائين اڪيلو به هو. جيئن خوشبو اڪيلي هوندي آهي. هو خوشبوءِ وانگر سٺو ۽ سرهو هو. سٺي ۽ سُرهي زندگي مختصر هوندي آهي، گل جلد ڇڻي ويندا آهن پوپٽ به ٿورو جيون جيئندو آهي.

صادق فقير صرف سگريٽ پيئندو هو اهو به ڪڏهن ڪڏهن ڇڏي ڏيندو هو، هن وٽ سگريٽ ڪڏهن ائين به هوندو هو، جيئن اياز وٽ هوندو هو، رڳو چپن تي سگريٽ رکندو هو. صادق فقير نهٺائي نوڙت ۽ فقيري جو مجسمو هو ته فنڪاراڻا انا جو انوکو روپ به هو. انهي روپ جا رنگ ڏسندي شيخ اياز جو شاگرد اعجاز منگي صادق کي سمجهائڻ جو سوچيندو هو.

صادق فقير پوري ريت منصوبي سان پنهنجي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجو گهر ٺاهيو، پنهنجي ڀائرن کي سنڀاليو، اولاد کي پڙهايو، هو چوندو هو ته، “ هن فن وسيلي پيار ملي ٿو، پئسا ملن ٿا ٻيو ڇا گهرجي؟ اسان جي فنڪارن کي پاڻ سنڀالڻ گهرجي. آئون پوري ريت ڪوشش ڪندو آهيان ته سڀ رشتا نڀائي سگهان، ڪٿي ڪا ڪمي نه رهي.”

منهنجي صادق فقير سان پهرين ملاقات 1993ع ۾ ٿي، آئون پرائمري تعليم پوري ڪري مٺيءَ ۾ انگريزي پڙهڻ آيو هوس. منهنجي مٺي ۾ رهائش نارٿ ڪالوني اسڪول جي ڀرسان هوندي هئي، صادق فقير روز صبح جو اسڪول ويندي ملندو هو. شام جو رتن جي هوٽل تي صادق جي ڪچهري ٻڌڻ جي لاءِ ويندا هئاسين. اسان ڪتابن کان وڌيڪ ادب، آرٽ شاعري ۽ ان جو تذڪرو صادق کان سمجهيو. 1995ع کان 1997ع تائين مٺي ۾ ادبي سرگرمين جو عروج هو، پيارو شواڻي، خليل ڪنڀار، دولت رام کتري، دليپ ڪوٺاري ۽ ٻيا نوجوان ادبي سرگرمين جا روح روان هوندا هئا، صادق فقير انهن سمورن جو رهنما هوندو هو، ڪڏهن موهن ڀڳت جي ورسي ملهائي ٿي وئي، ته ڪڏهن اياز گل سان رهاڻ رچي رهي هئي. ڪڏهن رائچند راٺوڙ کي ساريو ٿي ويو، ته ڪڏهن عبدالرحمان نقاش کي ڀيٽا ڏني ٿي وئي.

انهي دور ۾ دوستن صادق فقير سان به شام ملهائي انهي شام ۾ منهنجي ادب ۾ پهرين داخلا هئي، هڪڙو گيت پڙهيو، صادق فقير وڏو اتساهيو، انهي پروگرام ۾ منهنجي هڪ ڪلاسي ميوارام ٻالاڻي صادق فقير تي شعر پڙهيو، اسان ان جي پيروڊي ٺاهي، ڏاڍا کلياسين. صادق فقير ۽ شاعر اسان سان گڏ راحت وٺي رهيا هئا. سائين پريم شواڻي ۽ فقير مقيم ڪنڀر جي پٽن سان هن جو گهرو تعلق هو، فقير مقيم چونڊن ۾ بيٺو ته ورڪ به صادق فقير ڪيا. پياري شواڻي شيخ اياز جي شاعري جي ترجمي جي مجموعي “ٻاٻيهو ٿو ٻولي” جي ارپنا صادق فقير جي نالي ڪئي. کاٽائو جاني ۽ ماما وشن صادق فقير جي ننڍپڻ جي دوستن مان هئا.

صادق فقير دل جي عقيدت سان ڀٽائي ڳاتو، پر ساڳي وقت شيخ اياز جي شاعري ڳائي ڀٽائي سان ڊگها ڊائلاگ پڻ ڪيا. هن ڀٽائي کان اياز جي لفطن ۾ موڪلايو به سهي اسين سمجهي نه سگهياسين؛

چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو، آئون هلان ٿو،

هيءُ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سان واڳيل رهيو ۽ آخري وقت ۾ ان جي مٺي شاخ جو صدر به رهيو. مهان ڏاهي محمد ابراهيم جويي جي سو سالن جي سالگره تقريب ملهائي وئي ته مقامي ميزبان صادق فقير هو. صادق فقير سنڌي ادبي سنگت مٺي جو سيڪريٽري به رهيو. سنڌ فنڪار ٽرسٽ جو مٺي ۾ يونٽ به قائم ڪيائين. مٺي جي دوستن کي ادبي پروگرامن جي لاءِ وڏو اتساهيندو هو. جڏهن به دوست ٿڪجي ٽٽي ساڻس ملندا هئا ته، هن جون ڳالهيون کين ڏڍ ڏينديون هيون. هن کي شاعري جي وڏي پرک هئي. صادق فقير شاعري کي سرن جا ويس پارائيندو هو. هن ڌرتي جون ڌنون ستارن وانگر ميڙي موسيقي جي چنڙي کي چمڪايو.

26 فيبروري 2015ع تي صادق فقير سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو. جنهن جي وڇوڙي تي ٿر جا مور روئن ٿا ته، خيرپور جون کجيون لڙڪن هاڻيون ٿيون آهن. شاهه لطيف ۽شيخ اياز جون وايون ورلاپ ڪن ٿيون ته، ميران ٻائي ۽ ڪبير ڀڳت جا دوها درد ونڊين ٿا. مٺي جتي صادق جا سر ۽ ٽهڪ ٻرندا هئا، اها مٺي سڏڪن ۾ ٻڏي وئي آهي. خليل ڪنڀر ۽ کاٽائو جاني ڪنهن کي ڳل ڳراٽري پائي اوڇنگارون ڏين. نوجوان شاعر شهاب دين نهڙي ۽ اياز بجير به جُهري پيا آهن. علي اڪبر راهمون ۽ نصير ڪنڀر جون اکيون اشڪبار آهن. صادق فقير اڄ مان ڪلهه ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.

ياد ماضي اياز ائين آيو،
رات روز حساب جيئن گذري

صادق فقير ڪٿي به هوندو هو، پر شيخ اياز جي سالگره جي پروگرام تي ڀٽ شاهه پهچندو هو، صادق فقير جي وڇوڙي کان پوءِ ترت شيخ اياز جي سالگره جو ڏهاڙو آيو. مون اُن ڏهاري تي صادق جي ڪمي محسوس ڪندي من جي ڪيفيت جو اظهار پني تي اتاريندي ائين لکيو؛

صادق فقير پنهنجي مٺڙي محبوب شاعر شيخ اياز جو جنم ڏينهن آيو ويو مگر تون نه هئين! اهو ڪڏهن ڪنهن سوچيو ئي نه هو ته شيخ اياز جي اهڙي سالگره به ايندي، جنهن ۾ تون نه هوندين!! تون شيخ اياز جي هر جنم ڏهاڙي تي ٿر جي ڏهرن مان روهيڙن جا رتا گل روڙي ايندو هئين. تنهنجي آلاپ ۾ اچي شيخ اياز جي شاعري ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڦلڙيون ڦلڙيون ڇاپ ٿيندي هئي. تنهنجي سرن ۾ جهڙالي جيءُ وارا انسان مئڪدي جي اداس سانجهي ۾ پئندي پنهنجي سوچن جي سنڌ ۾ ڪنهن تماچي جي سواگت لئه نورا پائي نوري کي نچندي ڏسندا هئا. عشق جي اڀن ڪاون تي هلندڙ نوجوانن جي هاسٽلن ۾ رات دير تائين تنهنجا گيت گونجندا هئا. تنهنجي سرن جي ميٺاج ۾ انهن کي محسوس ٿيندو هو ته؛ “هو ته هلي ويئي آهي پر هُن جي وارن جي خوشبوءِ اڃان ويئي نه آهي، وڇاڻو اڃان گلن سان غرق آهي” [1] ڄام شوري جي پٿريلي پٽ تي سنڌ جون الهڙ جوانيون تو سان رهاڻ رچائڻ جي لاءِ آتيون هونديون هيون. تون انهن کي پنهنجي درديلي آلاپ ۾ شيخ اياز جي سٽن سان سمجهائيندو هئين ته؛ “جنهن سان محبت ٿي ويندي آهي اهو ٻيو رهندو ناهي محبت ۾ ٻيو سوچڻ وڏو ڏوهه آهي. رس ڀريل رهاڻين ۾ شيخ اياز جي شاعري جي اوت ڪندي تو کي ميران ٻائي جي ڪوتا به ياد ايندي هئي. تون باجي تي هٿ روڪي چوندو هئين ته ‘ هڪ دفعي راڌا ڪرشن کان پڇيو ته ڪرشن تون پيار مون ٿو ڪرين ۽ وري تو شادي رڪمڻي سان ڪئي آهي. ڪرشن جواب ۾ وراڻيو ته راڌا شادي ٻن جيون جي وچ ۾ ٿيندي آهي. پاڻ ۾ ٻيو ڪير آهي. انهي ڪهاڻي جي تمهيد سان تنهنجا چپ ترنم ۾ چرندا هئا ته؛

تمري ڪارڻ سب سک ڇوڙيا

اب موهي ڪيون ترساوو

ميران داسي جنم جنم ڪي

انگ سين انگ لگائو

ائين حجابي عشق کي تو اظهار جو نئون سليقو ڏنو هو. هاڻي انهن عاشقن جو ڇا ٿيندو!؟ جن وٽ محبوب جي مرڪ جي مسرت ماڻڻ جو واحد ذريعو تنهنجي سر ۾ شيخ اياز جي شاعري هئي.

تنهنجي ذات ۾ ڪٿي ٺٺ ٺانگر ۽ پاڻ پڏائڻ جو رويو نه هو. تو ڪڏهن موت جي باري ۾به نه سوچيوهو، تنهنجو سدائين زندگي ۾ اعتبار رهيو.تو فن ۽ عشق جو گڏيل سفر شروع ڪيو هو. مٺڙا صادق !موت جو تيز طوفان زندگي جا ديپ اجهائي سگهي ٿو پر فن جي فانوس کي لوڏي به نٿو سگهي. تون پنهنجي محبوب شاعر وانگر ڪشمور کان ڪارونجهر تائين ڦهليل سموري سنڌ جو راڳي هئين. تنهنجي اندر ۾ ٿر به هو ته ڪاڇو به هو،لاڙ جي سارين جي خوشبوءِ هئي ته لڪي جا چشما به هئا، ڪارونجهر جي ارڏي آتما هئي ته مالڻهو رويڻه جا بي چين مور به مٽڪو ڪندا هئا. تنهنجي سرن ۾ کيرٿر جا گڊ ڇال هڻندا هئا ته، روه جي ڪونجن جي گونج به ٿيندي هئي. تون رمتي بادل جو روپ هئين، ته ٿر ٻاٻيهي جي تڙپ به هئين.

شيخ اياز جي شاعري وانگر تو پنهنجي سُرن جي لاءِ ڪوئي حدبندي نه رکي هئي. تو ديس پرديس ۾ پنهنجي مداحن سان درد جو اهڙو رشتو جوڙي رکيو هو، جيڪو رت جي رشتي کان به گهرو آهي. انهي رشتي ۾ ڪير تنهنجي من ۾ چنڊ ٿي رهيو؟ جنهن جي لاءِ تو وٽ آڌي اڪير رهندي هئي. تون ديس پرديس ۾ اتاولو ٿي ڳائيندو هئين ته:

سکي! پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سِوا نه ٿيندي،
اچين ته منهنجي اُماس ۾ آ، ڇو ته ٻي رات ڪا نه ايندي!
ڪڏهن به توتي دُار دل جا، نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آ،
ٻه لڙڪ آلا ڪڏهن به هوندا، متان چئين آجيان نه ٿيندي...
نه ديپ دونهاٽجي ڪڏهن هي، لِلاٽ جي لاٽ شال جرڪي،
پرهه پري آ، پتو نه آهي ته، رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي،
پکي پروڪا اڃان نه آيا، اُڪير تِن جي هُري رهي آ،
ادا سَر تي هوا اُڍي جي، چئي پئي ڪا اُڏار ايندي...

انهي ڪيفيت ۾ توکي جگجيت جو اهو گيت پڻ ڏاڍو وڻندو هو ته؛ “هم تو هين پرديس ۾، ديس ۾ نڪلا هو گا چاند” تون بي اختياري ۾ اهو گيت جڏهن جهونگاريندو هئين، تڏهن تنهنجون اکيون لڙڪن جي لڙهندڙ منظرن ۾ ٻڏي وينديون هيون پر تون صادق فقير ڪنهن کي محسوس ٿيڻ نه ڏيندو هئين. هاڻي تنهنجي چاهيندڙن جو اکيون لڙڪن ۾ ٻڏي رهيون آهن، هو پنهنجي گهرن جي پڌرن تي اڪيلا آهن. ٿر جي ڀٽن تي جڏهن چنڊ اڀري ٿو ته چنڊ کي منٿ ميڙ ڪري چون ٿا ته؛

چنڊ! پرينءَ کي پرچائي ڏي، مون سان ڪيئن رُٺو!
تون ئي چئه مون ساريون راتيون ڪائي ننڊ ڪئي.!

پر چنڊ به چيو نٿو ڪري، اندر جي بيقراري وڌي رهي آهي، اندر جي جذبن کي سرن جو ويس ڏيندڙ فنڪار ناهي رهيو. شيخ اياز جي سالگره جي تقريب ۾ ڪراڙ جي ڪنڌي تي ميڻ بتيون جهيڻيون جهيڻيون ٻري رهيون هُيون. روشني ۾ چٽاڻ نه هئي، توبن ڪهڙا اوجيس اندر کي روشن ڪندا. سرن ۾ سوز نه هو، توبن ڪهرا سُر ساز روح کي راحت ڏيندا. وڇوڙي جو ڏک اڏوهي آهي. سُري جيان هڏي کي کائيندو آهي. پر انهي ديوانگي جي دلبري ته ڏس، هر دل چري چوي ٿي ته؛ “مان ٻيهر توسان ملندس، خبر نه آهي ڪٿي، ڪيئن، ڪهڙي ريت پر توسان ٻيهر ملندس.”

تون اهو ڄاڻيندو هئين ته، شيخ اياز “ڇا ٿو سوچي ڇاڇرو” جهڙي سٽ ڇو لکي هئي؟ تو شيخ اياز جي شاعري جي آڌار انسان جي فڪري ۽ ثقافتي سرمايي کي وڌائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. تنهنجا سمورا سُر انسان ذات جي امر ورثي جي لاءِ آهن. تون سڀ ۾ پرين پسندو هئين. تنهنجي سرن ۾ تنگ نظري ۽ تعصب جي خلاف مزاحمت هئي. تو انسانيت جي پوئين پڪار کي آواز ڏنو هو، تون صادق فقير شيخ اياز جي ٻولڻ ۾ چوندو هئين ته؛

تنهنجا پير ڇُهان، ڌرتي منهنجي مائڙي،
ڀاڪر پايان ڀاوَ مان ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان،
آءُ نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو...

تنهنجي سرن ۾ وطن جي مٽي مهڪندي هئي. تون ويساهه جي لاءِ واٽون گهڙيندو هئين. تو دانشورن جي دليل بازي کان وڌيڪ چٽو سادن سرن ۾ شيخ اياز کي عام ماڻهو تائين پهچايو هو.

هيءَ سَينَ نه ڏيندي چَينَ، اُٿي ڏِسُ! ڪوئي آيو آ پيارا،
هي شايد ساڳيو رَمتو آ، اڳ جيئن اُڃايو آ پيارا
جنهن وقت چراغِ شام ٻَري ۽ ميخاني ۾ جام ٻري،
تنهن وقت اسان جو پنڌ پري، پنهنجو به پرايو آ پيارا،
جنهن وقت اسان جي تَندُ تَپي ۽ سازُ تپي آواز جهَپي،
تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو، ڳايو آ پيارا،
هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،
ڪُجهه ڏات ڏسو، پو بات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا،

تنهنجي انهيءَ ويساهه ۽ اتساهه تي تاريخ جا ارڏا پٽ آس نراس جي آرسي ۾ سجل نيڻن ۽ سنهڙن چپڙن تان روح پلي قيد خانن ۽ ڦٽڪن جي راهه چونڊڻ کي اوليت ڏئي، پنهنجي وطن سان سچائي جا قسم تنهنجي سرن جي ساک سان کڻندا هئا. تون ضميرن تان زنگ لاهيندڙ هئين. تنهنجي سرن وسيلي اها سٽ سچ ثابت ٿيندي هئي ته؛

“اڄ هر ڪنهن جو هي رايو آ، تو نينهن اياز نڀايو آ”

تنهنجي آواز کي ٻڌي مٽي جي محبوب شاعر تنهنجي آواز کي آمريڪي ڳائڻي پال رابسن سان ڀيٽيو هو. ۽ چيو هُئيائين ته “صادق کي ٻڌي مون کي احساس ٿيو ته ڪيترو وقت آئون جنهن ڳائڻي جي تلاش ۾ رهيو آهيان، اهو مون کي ملي ويو آهي. منهنجي شاعري ۾ هڪ اندروني ترنم آهي ۽ مان ان تي ئي اڪتفا ڪندو هوس، زندگي ۾ پهريون ڀيرو مون کي محسوس ڪيو ته هڪ موثر آواز منهنجي شاعري جي لاءِ ڪيترو نه ضروري آهي.”

تنهنجي عاشق ٿر جي چاڳلن نوجوانن جي اندر جي آرزو هئي ته، جڏهن تنهنجو مڙه ملير پهچي ته توکي گهوٽ وانگر سينگاري شيخ اياز جي واين سان سڏڪن جي ڀيٽا ڏئي تنهنجي آخري آرامگاهه گڊي جي انهي ڀٽ تي جوڙي وڃي، جنهن ڀٽ تي تون حياتي ۾ بيهي پنهنجي مٺي کي ڏسندو هئين، توکي مٺي ائين نظر ايندي هئي جيئن روپا ماڙي تان دودي کي روپا نظر ايندي هئي. انهي گڊي ڀٽ جي لاءِ تنهنجي محبوب شيخ اياز چيو هو ته؛

باک ڦٽي ٿي مٺي تي

ڀٽ ڀٽ آ ڳاڙهي گلاب جيان،

هن ديس جي خواب جيان

تو سان پيار ڪندڙ جذباتي ڇوڪرن جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي، هاءِ اسڪول مٺي جي گرائونڊ جي ڀرسان مٺي جي پراڻي تاريخي قبرستان ۾ تنهنجو والد صاحب فقير فيض محمد، تنهنجو مامو ۽ استاد حسين فقير اڳ ۾ آرامي آهن. تون انهن جي ڀرسان مٺي ننڊ سمهي پئين. تنهنجي ان اباڻي قبرستان ۾ ٻيرين جا گهاٽا وڻ آهن جتي پکين جا ميڙا رهندا آهن. تنهنجي محبوب شاعر چيو هو ته؛

اٿي اسر ويل جو، لُڏائي لامن،

پکي اڏامن، اتي مون کي پورجو.

[1] هڪ فارسي شعر جو ترجمو



پنڊت پونمچند


صحرا ۾ رهندڙ سنڌو جو سچو پروهت

پنڊت پونمچند

سنڌ ۾ ڪوي ڪاليداس جي ٻولي جو هو وڏو ڄاڻو هو. پر هن جي ديهانت تيز رفتار واري ميڊيا جي دور ۾ به ڪنهن اخبار جي خبر نه بڻي، نه وري سوڳ ۾ ڪو شهر بند ٿيو. بي حسي جي بارش ۾ ٻڏل سماج هن کي مرتئي تي به ڪا مڃتا ڏئي نه سگهيو. ڪنهن پرڏيهي ڪوي چيو آهي ته؛

“هن وقت جڏهن سانجهه مٿان اچي سهيڙي آهي، عبادت گهر جو گهنڊ ڏينهن کي ڏک وچان الوداع ڪري رهيو آهي. تڏهن آئون ساري رهيو آهيان، انهن انسانن کي، جيڪي ريگستان ۾ ڪنهن گل وانگر ٽڙيا، پر انهن جي خوشبو ڪنهن جي روح ۾ سمائجي نه سگهي.”

هي اُها ساڳي ڪيفيت آهي، جنهن ڪيفيت ۾ سنڌي ٻولي جي سهڻي سرجڻهار شيخ اياز چيو هو ته؛

خدا ڄاڻي ڇو نه ڪنهن رنگين چمن ۾ ڄاياسين،
ٽِڙياسين دامن صحرا ۾، خوشبوءِ اجائي وئي.

انهي اڪابر ۽ عالم شخص جو نالو پنڊت پونم چند هو. جنهن جو جيون خاڪو هن ريت آهي؛ پنڊت پونم چند 1924ع ۾ ڌاري چيلهار جي وشنو پرشاد جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري جي تعليم چيلهار ۾ ورتي. انگريزي سال مٺي ۾ پڙهيو. 1944ع ۾ پنهنجي قبيلي جي ساٿين اتم چند اوجها، موتيرام، ٻالچند ۽ جوهر لعل سان گڏجي سنسڪرت ۽ هندي ٻولين ۾ پنڊت جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪاشي ۽ پاٽڻ ويو. جتان تعليم پوري ڪري واپس موٽڻ کان پوءِ 1955ع ڌاري چيلهار جي انگريزي اسڪول ۾ سنسڪرت ۽ هندي جو استاد مقرر ٿيو، 1983ع تائين مختلف اسڪولن ۾ علم جي ڏيئي جي جوت جلائي مستقبل جي معمارن جو روح روشن ڪرڻ ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. پوءِ نوڪري تان رٽائرمينٽ حاصل ڪري آشرم وسايو. فيبروري 2008ع ۾ پرلوڪ پڌاريو.

سنڌي ٻولي جو ناميارو اديب وليرام ولڀ سائين پنڊت پونمچند کان هندي سکيو. وليرام هندي سميت ٻين ٻولين مان ترجمو ڪري سنڌي ٻولي ۽ ادب کي وسعت ڏني آهي. وليرام ولڀ جي بنيادي ادبي تربيت ۾ سائين رائچند راٺوڙ سان گڏ سائين پنڊت پونم چند جو به اهم ڪردار آهي.

پنڊت پونم چند سڄي زندگي سچ، سهپ، رحم، خير ۽ همدردي جي لاءِ عام کي اتساهيو. انسانيت ۽ انسان دوستي جو ساٿ ڏيڻ تي زور رهيو. زندگي جي هر معاملي ۾ انتها پسندي جي بدران اعتدال پسندي اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪئي. پونم چند عام ماڻهو کي منجهيل، خيالي ۽ بي بنياد خواب ڏيکارڻ جي خلاف هو. پنڊت اقرار ڪندو هو ته، ڌرم جو سهارو وٺي يا غلط تشريح ڪري غريب ۽ پورهيت طبقي سان غير انساني ۽ ناانصافي وارو ورتاءَ اپنايو ويو آهي. پورهيتن کي ڪڏهن ورڻ سرشتي ۾ ورهايو ويو آهي، ته ڪڏهن ذات پات تي زور ڏئي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي. پوئتي پيل لوڪن ۾ جيئڻ جون نيون امنگون پيدا ڪرڻ جي لاءِ حيات سڌار جي هن وٽ سوچ هئي. انهي مقصد جي لاءِ هن گپت دان جو مارڳ اختيار ڪيو. هر سال پنهنجي آمدني جو وڏو حصو پابندگي سان حقيقي محتاجن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. پر انهي جو پتو ڪنهن کي پوڻ نه ڏيندو هو.

هن جو تاريخ ادب، ويدانت، جوتش، فلڪيات، علم موسيقي ۽ طب تي منفرد ۽ مثالي عبور هو، هو بنيادي طور تي سچ جو متلاشي هو، هِن جي ذات جا اڪيچار رنگ هئا. هِن کي تمام گهٽ ماڻهن سڃاتو. ماڻهو ڪشمير کان گڊڙي تائين پوري ملڪ مان عام توڙي خاص پنهنجي قسمت جا حال ستارن جي علم ذريعي معلوم ڪندا هئا. انهن ۾ ڪيتريون ئي نامور شخصيتون شامل آهن. پر تاريخ، ادب، موسيقي، فڪر ۽ فلسفي جا موتي ميڙڻ وارا تمام گهٽ ماڻهو مليا.

سنڌي ادب جي نامور نالن مان رڳو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ دادو ديال، قاضي قادن ۽ ٿري لوڪ ادب جي حوالي سان ديوناگري لپي کي پڙهڻ ۽ سنسڪرت جي حوالن کي سمجهڻ جي لاءِ پنڊت پونم چند وٽ ايندو هو. هن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي وڏي مدد ڪئي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مختلف مضمونن ۾ پنڊت پونمچند کي سٺن لفظن ۾ ساريو آهي.

پنڊت پونمچند تمام سادي زندگي گذاري، نوڙت نهٺائي ۽ نمرتا وارو انسان هو. ڳالهائيندو به تمام ڌيرج سان هو. فارسي شاعر سعدي شيرازي جو هي شعر اڪثر ٻڌائيندو هو ته؛

“هر برائي جا تون پاڻ سان نٿو چاهين!

اي منهنجا ڀاءُ تون اها ٻي ڪنهن سان نه ڪر،

جي توکي پنهنجي ماءُ پياري آهي

ته منهنجي ماءُ کي ڪڙا ويڻ نه چئو.”

هن وٽ روايتي پنڊتن وانگر انا نه هئي. پريم ۽ ارپنا جي جذبي ۾ جرڪندو هو. هن عمر جو وڏو حصو مطالعي ۾ گذاريو. هن جي وڏي لائبريري هئي. هيءُ پراڻ، پوٿين، سوتر، اپنشد سميت سمورن شاسترن کي عقيدي کان وڌيڪ عقل سان پڙهندو هو. شري شنڪر آچاريه، شري ڀاشڪر، شري يادو، شري پرڪاش، شري رامانج، شري مڌو آچاريه، شري ڪنٺ، شري نمبارڪ، شري پتيم، شري ولڀ آچاريه، شري وجنان ڀڪشو ۽ شري ٻلديو جي ويدن ۽ اپنشدن تي لکيل ٽيڪا ٽپڻين کي ويدانت جو پيالو ڪري پيتو پر ساڳي وقت سلطان باهو، بلي شاهه، شاهه لطيف، سچل سرمست، شاهه حسين، عطار، رومي، سرمد صوفي، عمر خيام، حسين بن منصور حلاج جي علم ۽ عمل جي تصوف جا نقطا روح ۾ رچايا.

نهٺائي ۽ نماڻپ جو مجسمو به سنڌو جي ساراهه ۾ رچيل رگ ويد جا منتر اچارڻ مهل جنون جي بي انتها جوش ۾ اچي ويندو هو. هو صحرا ۾ رهندڙ سنڌو جو سچو پروهت هو. سنڌ هن جي ساهه ۾ هئي. سنڌو رڳن ۾ رت وانگر وهندو هو. بي اختياري جي عالم ۾ چوندو هو ته، سنڌو جي ساراهه م نه رڳو آرين جي اندر مان منترن جون مالهائون سرجيون، پر ڪول سنٿال، دراوڙن سميت سمورا پراچين لوڪ سهائي پک جو سنڌو جي ٻيلن مان نڪري سنڌو جي ساراهه جي گيتن جي گونجار ڪندا هئا، انهن جي گيتن ۾ سنڌو جي دهشت جي دادلي ذڪر سان گڏ سنڌو جي عظمت ۽ عقيدت جو اظهار هوندو هو. رگ ويد ۾ گنگا جو ذڪر ٽي ڀيرا آيو آهي، جڏهن ته سنڌو جو ذڪر 100 کان وڌيڪ ڀيرا آهي. رگ ويد کان سوا “برهم پراڻ،” “پدم پراڻ”، “شريمد شو پراڻ”، “ديو ڀاڳوت”، “اگني پراڻ”، “ڀوشيه پرڻ”، “ وارا پراڻ”، “سڪند پراڻ”، “وامن پراڻ”، “متسيه پراڻ”، “برهمانڊ پراڻ”، “والميڪي رامائڻ”، “مهاڀارت”، “ڪالڪا پراڻ”، “وايو پراڻ”، “نرسنگهه پراڻ”، “نارائڻ سروور مهاتم”، سميت مختلف گرنٿن م سنڌو جي ساراهه ڳائي وئي آهي. ڌيان، دان، تپ، جپ، شرڌا، شيوا وغيره سنڌو جي ڪنارن تي اتم ڦل واري ڄاڻائي وئي آهي. “نارائڻ سروور مهاتم” ۾ آيل آهي ته، شري ڪرشن يڌشٽر کي اپديش ڏيندي چوي ٿو ته؛ “اي مانوارا يڌشٽر! هر ماڻهو جي اها خواهش هوندي آهي ته هن جي ڪل ۾ اهڙو ڌنيواد پيدا ٿئي جو سندس آخري رسمون يا ڪريا ڪرم سنڌو جي ڪناري ادا ڪري. تپشيا، برهم چاريه، يگيه ۽ سنياس جي ڪري ماڻهو جنهن ادارڪ کي حاصل ڪندو آهي سا ساڃاهه سنڌو جي لهرن مان حاصل ڪري سگهجي ٿي. سنڌو ۾ نيم سان سنان ڪري پوجا ڪرڻ واري کي جيڪو ثواب حاصل ٿيندو آهي، اهو هڪ سئو يگيه ڪرڻ واري کي حاصل نه ٿي سگهندو آهي. سنڌو جي درشن جي لاءِ ديوتا به روز ٽي وقت پوجا ڪندا آهن. اهي سمورا ماڳ پويتر آهن، جتان سنڌو جو وهڪرو وهي ٿو. “سڪند پراڻ” ۾ آهي ته، “اسان جي ڪُٽنب ۾ به ڪوئي سنڌو ۾ سنان ۽ شيوا ڪرڻ وارو پيدا ٿيندو. سنڌو جي ڪناري پنهنجي وڏڙن جي مڪتي جي لاءِ پوجا ڪرائيندو، سنڌو ندي ۾ سنان ڪرڻ لاءِ تياري ڪندڙن جا ڏوهه ڏڪندا آهن. برايون ائين ڀڄنديون آهن، جيئن شينهن کي ڏسي هرڻ ڀڄندا آهن. جيڪو پنهنجو جنم سڦل ڪرڻ چاهي ٿو اهو سنڌو ۾ سنان ڪري.”

ويدن جي واڻي مطابق هر ماڻهو جي اندر م ٽي طاقتون هونديون آهن؛ (1) ڪرم شڪتي، (2) گيان شڪستي ۽ (3) ڀاونا شڪستي. پنڊت پونم چند انهن ٽنهي طاقتن کي ميڙي صدين جي ساگر ۾ هنج وانگر ٽٻيون ڏنيون. اڻ ملهه موتي هٿ ڪيا. هن کي تن جي تونس نه هئي،ل پر من ۾ ازل جي اڪير هئي.

“ايڪو هَم بهوُ سيام” ، “برهم ستيم جگم مٿيا”، “ايڪم سته دويتو ناسي” جهڙي ويدن جي واڻيءَ ۽ پريم مارڳ جي پنڌ جي روشنيءَ ۾ حقيقي گيان ماڻيو هو.

پنڊت پونم چند ويدن انو سار يگيه ڪندو هو، يگيه ڪرڻ تي وڏي دسترس هوندي ئي. چون ٿا ته ٿر ۾ هڪ ڀيري قهري ڏڪار ۾ مختلف ڳوٺن جا ڳوٺاڻا گڏجي پنڊت وٽ آيا، وسڪاري جي لاءِ يگيه ڪرڻ جو عرض ڪيائون.هن چيلهار ۾ يگيه ڪيو ته مينهن به برسي پيو، جيون جي آخري ڏينهن به ڪراچيءَ ۾ يگيه ڪيو هو.

پنڊت پونم چند عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجي گھر کان ڀرڀرو هڪ پنهنجو آشرم جوڙايو. پويان ڏهاڙا اتي ئي رهندو هو. منهنجو انهي آشرم ۾ اڪثر وڃڻ ٿيندو هو. اسان جي ڪچهري ۾ وشنو سرين جي”پنج تنتر، ڪاليداس جي ميگهه دوت، ڪمار سنڀو، شڪنتلا،”“ رگھو ونس، “ راجا هرش جي ناگا نندا، رتناولي، پريه درشڪ، برهم گپتا جي سڌانت، کنڊ کاڊيڪا، جئديو جي گيت گووند، ويدوياس جي مهاڀارت، ايسر داس جي هري رس، تلسيداس جي “رام چرت مانس،” “دوهاولي والميڪ جي رامائڻ،”سورداس جي، سور ساگر” تي وڏا بحث ڇڙي پوندا هئا.

پنڊت صاحب چوندو هوته؛ ُوالميڪي، تلسيداس، ڪاليداس، اشوگھوش، بانا، ماگها، ڀاوا ڀوتي، وساڪا دتا، امارو، جئديو امر شاعر آهن، جن جي ڪلام ۾ ڪڏهن ڪيجنچي جي ضرورت نه پئي آهي، ادب جو تاريخدان ۽ نقاد تاريخ جي فلسفي جي پوري ڄاڻ کانسواءِ ادب سان انصاف نٿو ڪري سگھي. تنقيد جو هر نظريو تاريخ جي ڪنهن نه ڪنهن نظرئي جو محتاج آهي. انهي ڪري پڙهو ، هڪ هڪ ڪتاب ڏهه دفعا پڙهو، هر ڀيري اوهان تي نئون ڀيد کلندو، جديد سائنسي نقط نظر سان پڙهو. ڪتاب نسلن جا دوست هوندا آهن. هڪ انگريزي چوڻي آهي ته، هڪ پراڻي دوست کان بهتر ڪوئي آهي.

پنڊت ٻڌائيندو هو ته؛ “سنسڪرت جيڪلاسيڪل ادب جو اڪثر ترجمو توڙي تشريح صحيح نه ٿي آهي. “آئون سکڻ ۽ سمجھڻ جي لاءِ صبح کان شام تائين ويٺو هوندو هوس، مون ڪوشش ڪئي ته ، پنڊت جي تحت الفظ سنڌو جي ساراه وارا منتر وڊيو رڪارڊ ڪجن، پر اهو نه ٿي سگھيو. فقير جي گودڙي رڪارڊ وغيرهه جي وسيلن کان خالي هئي، اهل دولت اهميت کي سمجھي نه سگھيا. بس ڳالهيون ڪندي ۽ سوچندي سانجھي ٿي وئي ڪجهه نه ڪري سگھياسين؛

سانجھه پڙي دن بيتوي، چڪوي ديهان روء،

چل چڪوا او ديس ڪو، جهان رين نه هوءِ.

(ڀڳت ڪبير)

جيڪو ڪتاب کائي ٿو، اهو به گذاري وڃي ٿو،

جيڪو جام پيئي ٿو، اهو به گذاري وڃي ٿو،

سرمد جنهن پنهنجي فقيراڻي ڪشتي ۾ نان

پاڻي سان آلو ڪري کاڌو اهو به گذاري ويو.

(صوفي سرمد)



گوتم راٺي


ڇاڇري جي تاريخ لوڪ گيت جيان ٻڌائي ٿو.

گوتم راٺي سان منهنجي پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي؟ ياد نه آهي پر اها چٽي يادگيري آهي ته، پهرين ڪچهري ۾ مون حيرانگي ۾ ويچاريو هو ته سونهن جي سرڪ ۽ محبت جي مرڪ تي ڳالهائڻ وارو ٿر ۾ هي پهريون مهيشوري(واڻيو) ڏٺو آهي. جنهن جا وار کڻي سفيد ٿي ويا آهن پر من سرخ آهي. ٿر جي انڌيرن سان الجھي سن زوءَ جي ڪتاب”آرٽ آف وار، مان حوالو ڏيندي چوي ٿو ته،ويڙهه سان وحدت الوجود جھڙو رشتو قائم ڪرڻ ئي هڪ جنگجوءَ جي سچي سوڀ آهي، مٿان وري ڀٽائي ٿو پڙهي ته ؛

جي مرون کنيم ماس، ته به هڏ هلندم هوت ڏي

هي ڳالهائي رهيو آهي يا لفظن تي روح جا پير رکي من جي ڪيفيتن ۾ لهي رهيو آهي. هي ڪميونسٽ ڪاپڙي آهي يا ڇاڇري جي داناءِ درويش آهي. جنهن پنهنجي من جي مندر ۾ ڪنهن مورت جي لاءِ ڏياٽيون جلائڻ جي بدران ساري عمر انسانيت جو الڪو رکيو آهي. هن جو شيام انسانيت آهي. هن منهنجي من جي ويچارن ۾ ويڙهيل آنڌ مانڌ محسوس ڪري ورتي ۽ هڪ ٽهڪ ڏئي فيض جو شعر پڙهيو هو ته:

گر بازي عشق کي بازي هئي،
جو چاهو لگالو ڊر کيسا؟
جو جيت گئي تو کيا کهنا،
هاري تو بازي مات نهين،
کب هاٿهه ۾ تيرا هاٿهه نهين،
کب ياد ۾ تيرا ساٿهه نهين،
سو شُکر کي اپني راتون مين،
اب هجر کي کوئي رات نهين...

پوءِ هن فقير دل جو گوتم جي دل سان رشتو جڙي پيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. بي خوف، بلند اخلاق ۽ روشن خيال هي شخص جڏهن مليو، جتي مليو، سدائين زندگيءَ ۾ هن ولولو پيدا ڪيو. هر ڀيري هن سان ڪچهري ڏيهي، پرڏيهي ادب، انقلاب، المين ۽ تلخين جي تاريخ کان شروع ٿيندي آهي ۽ ڇاڇري تي کٽندي آهي.

لورڪا ڪير هو؟ پبلو نرودا چلي جي چاهت ۾ ڇا چيو هو؟ الندي جي اکين آگسٽ پنوشي کي ڪيڏي نفرت سان ڏٺو هو. ليليٰ خالد کي”اسان زنده رنداسين” جھڙو يقين ڪيئن هو؟ فيض احمد فيض بيروت مان لوٽس (ڪنول جي گل) نالي رسالو ڪڏهن ڪڍيو هو؟ اوريانا ملاسيءَ جو ڪتاب”انٽرويو وٿ هسٽري” پڙهي ڪيترن کي صحافت جو شوق جاڳيو هو؟ جارج آر ويل صحافي سٺو آهي يا ناول نگار؟ دنيا تيزي سان جنون ۽ اڻ سهپ جو هجوم ڇو بڻجي رهي آهي؟ هي سڌريل هئڻ جي دعويدار دنيا ۾ انسانيت خلاف جرم ۽ بين القوامي بد اخلاقي ڇو جاري آهي؟ عظيم انقلابن جا ڀنڀٽ ڪڏهن وسامي ويا پر ڪامريڊن جي دل ۾ اڃان انهن جون چڻنگون چانڊوڪي ۾ ڪيئن چمڪنديون آهن!؟ ڊالر جي تلاش ۾ ڪي سرخ سامراج پيدا نه ٿي رهيا آهن؟ شيخ اياز”هاڻي آءُ نه آءُ، اسان پليو آسرو” جھڙو گيت ڪهڙي پسمنظر ۾ لکيو هو؟جھڙن موضوعن تي هي ڳالهائي ته ڀرپور ٿو وڃي پر ڇاڇري جون ڳالهيون هن کي ڀني جي خوشبوءِ وانگر روح کي راحت ڏين ٿيون. ڇاڇري جي ذڪر سان هن کي ماءُ جي پيار جھڙي مهڪ اچي ٿي. انهي تڙپ ۽ تمنا جي ڪري گوتم پنهنجي دور ۾ پنهنجي علائقي جو مانوارو ڪردار آهي. وڻج واپار ڪندڙ قبيلي سان تعلق رکڻ باوجود دنياداري جي گھڻ ۾ گم نه ٿيو آهي. پنهنجي منفرد مزاج واري طرز زندگي ۾ سدائين ڇاڇرو هن جي لاءِ سڀ ڪجھه رهيو آهي. پنهنجون سموريون مرڪون ڇاڇري جي هڪ روشن صبح تان گھورڻ جي آس نراس ۾ هٿ تري تي ڇاڇري جو نالو لکي ويچاريندو آهي ته اکين مان ٻه لڙڪ تري ايندا آهن. پوءِ درد جي صحرا ۾ تبديل ٿي علي اڪبر راهمي لاءِ ويهي خط لکندو آهي يا جان محمد سمي ڏانهن هليو ويندو آهي، جان محمد کي پيار مان”جانو” چوندو آهي. جانو جو گوتم ڪپيل وستو جي گوتم کي آنند تمام ويجھو هو. هُو پنهنجي هر نصيت آنند سان مخاطب ٿي ڪندو هو. “آگ ڪا دريا” جي ڪردار گوتم نيلمبر جي چت تي چمپا ڇانيل هوندي هئي. جانو جي گوتم جي روح تي ڇاڇرو راڄ ڪري ٿو. سروم دکم دکم(سڀ دک ئي دک آهي) چوڻ واري گوتم سروم ڀيم ڀيم(سڀ ڊپ ئي ڊپ آهي) به چيو هو. هي جانو جو گوتم چوي ٿو ته زندگي اسان کي جنم ڏيڻ کان پوءِ وساري چڪي آهي، هي زندگي ته زنده رهڻ جي رسم نڀائي رهي آهي. سک ڌرتي جو اڻ پورو سپنو آهي. ڪڏهن وصل جي لمحن ۾ به وڇوڙي جو درد سامهون اچي ويندو آهي. ڇا هن ڌرتي تي پاڻ يا پنهنجو نسل ڪڏهن اوپرا ٿي وينداسين؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته ڇا تاريخ جو اهو وڏو هاڃو نه هوندو!؟، اهڙي ڪيفيت ۾ هن کي ياد ايندو آهي ته، نورالهديٰ شاه پنهنجي هڪ ڪهاڻي ۾ لکيو آهي ته؛ “دين ڌرم کان پرڀرو هڪ اهڙو ناتو هوندو آهي جيڪو قيامت جھڙين راتين ۾ به ڇڄي نه سگھندو آهي” هي ڳالهيون بي معني آهن يا انهن جون هزار معنائون آهن. ڪا حتمي راءِ جڙڻ کان اڳ ۾ پراڻي ساٿي قمر دين راهمي جو تسلي ڀريو هٿ هن جي ڪلهن تي محسوس ٿيندو آهي. انهي ٽاڻي پنهنجو پاڻ کان فارسي جي شاعر سٽن ۾ سوال ڪندو آهي ته:

“وفا جي داستان ۾ مجبوريءَ جو موڙ ڪٿان آندءِ؟.

پوءِ پاڻ سنڀالي واڪ جي بهاني شهر کان اتر اولهه ڪنڊائتي ڀٽ ڏي روڊ وٺي هليو ويندو آهي. ڀٽ تي پهچي ڇاڇري جي واريءَ جي مٺ کيسي ۾ وجھندو آهي ڄڻ ته موتي ميڙي کڻي رهيو آهي. پئٽرول پمپ تي تيل ڀرائڻ لاءِ بيٺل پيجيري وارو وڏيرو اهڙي ريت ڏسي منهن ڦيري وجھندو آهي. پرپمپ جي ڀر واري هوٽل تي چانهه جو آرڊر ڏيئي اسپتال مان آندل دوا جي شيشي انگوڇي جي پلي ۾ ٻڌندي بخار ۾ ورتل پنهنجي پٽڙي کي ميرن ڪپڙن وارو ڍاٽيڙو چوندو آهي؛” پٽ ڌرتي جا ديوانا اهڙا ٿيندا آهن.

ڇاڇري جي نمائندگي ڪرڻ جي لاءِ ڪير ڪٿي سڏيندو آهي ته، اکيون پير ڪري وڃجھي وو وڃجي، واري شاعراڻا مصداق جي قائل ٿي هليو ته ويندو آهي. پر موٽڻ تي ڇاڇرو پنجابي لوڪ گيت جي انهن لفظن جھڙو سوال ڪندو آهي:

چنا کٿي گذاريئي رات وي

ميرا دل دليلان دي وات وي.

وطن جي مٽي سان اهڙي جذباتي لڳاءُ رکندڙ گوتم جي راءِ مضمون جي شڪل ۾ هجي يا ڪنهن فورم تي ڳالهه جي ڳوٺڙي ۾ ٻڌل هجي پر هر صورت ۾ تز، جامع تنقيدي نقطي نظر سان پوري پرکيل هوندي آهي. هن جي مضمونن ۾”اسان جو سماج پنجاه سالن کان پوءِ ڪيئن هوندو؟”“ ٿر جي ترقي ۾ افرادي قوت جو ڪردار،” تبديل ٿيندڙ ترجيحات ۽ چوڻيون”، پاڻي جا پئسا پاڻي ۾ ،”ٿر ۽ غربت” “چور گھر وهڻو،ساڌ گھر وهڻو” سميت هن جيترو به لکيو آهي، اهو دور انديشي سان سادن لفظن ۽ چٽن مثالن سان لکيو آهي. هن جي انگن اکرن سان سادگي ۽ ادائگي جي سچائي هر وطن دوست ساراهي آهي.

بقول گوتم؛”اديب عالم ۽ سماجي ورڪر جيڪو ڏسي ٿو اهو ٻين تائين پهچائي، معاشري جي بهتري جي لاءِ جاکوڙ ڪري، ظلم ڏسي وائسي چپ ڪري ويهڻ جرم آهي. بي زبان انسانن جي زبان ٿيڻ گھرجي.

گوتم راٺي پنهنجي دوستن قمر دين راهمي ۽ ٻين سان گڏجي هڪ سماجي تنظيم ٿرساٿ جوڙي انهي جي زير نگراني ماءِ ۽ ٻار جي صحت جي لاءِ سينٽر قائم ڪيو. پوءِ ڇاڇري جي اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن جي کاڌ خوراڪ جي لاءِ هم آهنگي رکندڙن مخير ساٿين جي سهڪار سان کاڌو شروع ڪيو. 2010 ۾ اتر سنڌ جي پٽي ۾ ٻوڏ آئي ته گوتم ڊاڪٽر سوني کي هڪ ننڍڙو خط لکي ڪپڙن جا ٻه جوڙا کڻي رضاڪارانه طور تي متاثرين جي مدد جي لاءِ پهچي ويو. ملڪ جي اترين علائقن ۽ ڪشمير ۾ آيل زلزلي جي وقت ڇاڇري جي ڳوٺن مان مدد جو سامان ميڙي پنهنجي حال مطابق پهچايو هو. هن بنگلاديش جي ڀومي تان هڪ دفعو پنهنجا پيرا گھمايا اتي جي ڳوٺاڻي ترقياتي ۽ تبديلي جي منصوبن جي پوري طرح جائزو وٺي واپس اچي سمورا سماچار لکت ۾ ڏنا پرگڏوگڏ ٿر جي ترقي جي لاءِ بنگلاديش جي تجربن جي روشني ۾ رٿا پيش ڪئي.

20 اپريل 1942ع ۾ چيلهار جي ميگھراج راٺي جي گھر ۾ جنم وٺندر گوتم راٺي جا ڇهه ڀائر آهن. ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ گوتم جي وصيت تي وارث ڪيترو عمل ڪندا، پر هُو چاهي ٿو ته مرڻ کان پوءِ هن جون اکيون ڪنهن ضرورت مند کي ڏنيو وڃن. هن جو جسم اڳني سنسڪار ڪرڻ جي بدران شاگردن جي سکيا جي لاءِ تجربن واسطي سنڌ جي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج يا يونيورسٽي کي ڏنو وڃي.

گوتم راٺي دل جي هڙو ٽڙي ۾ ٻڌل پنهنجي سارن سنڀارن کي کوليندي ٻڌائي ٿو ته ؛ هن پرائمري کان فائنل جي پڙهائي چيلهار ۾ پوري ڪرڻ کانپوءِ مٺي ۾ داخلا ورتي جتان 1960ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. سائين رائچند راٺوڙ، محمد سومار بجير، ڀوجراج مهيشوري، هميرچند مينگھواڙ پرائمري ۾ پڙهايو. سائين مٺاخان وٽ فارسي ۽ پنڊت پونم چند وٽ سنسڪرت پڙهياسين. هن وقت هاءِ اسڪول مٺي جي پويان پاسي جيترو گرائونڊ آهي، ايترو ان وقت هاءِ اسڪول جي اڳيان پڻ هوندو هو. ان وقت مٺي ۾ صرف چار هوٽلون هونديون هيون. ماڻهو هوٽل ڏي وڃڻ جيبدران اوطاقن ڏي ويندا هئا. 1955ع ۾ اسان جو هڪ استاد حامد علي هوندو هو. جيڪو انتهائي سڌريل سوچ وارو ترقي پسند هوندو هو. هِن کي پنهنجي گھر واريءَ کي گڏ گھمندي ڏسي ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويندا هئا. انهي وقت مئٽرڪ جو امتحان يونيورسٽي وٺندي هئي. پهرين علامه آءِ آءِ قاضي وائس چانسلر هو. بعد ۾ رضا دين صديقي آيو. حيدرآباد بورڊ 1962ع ۾ ٺهيو هو. مٺي جي شاگردن جو امتحاني سينٽر ميرپورخاص هوندو هو. اسان ميرپورخاص ۾ پهريون دفعو ريل گاڏي ڏٺي، ريل ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا وسين. مشهور وڪيل لڌرام ۽ وڪيل هيمراج وارا انهي وقت مٺي ۾ استاد ٿي آيا هئا. پرائمري تعليم سنڌ حڪومت جي حوالي هوندي هئي. جڏهن ته انگريزي اسڪولن کي لوڪل بورڊ سنڀاليندو هو. پاٻوهر وارو کئنراج سوڍو لوڪل بورڊ جو وائس چيئرمين هوندو هو. ٿر جي تعليم تي وڏو ڌيان ڏنو ويو. چوڌري ضياالحق پڙهائڻ جو ڀلو هو، ته ساڳي وقت وڏي اثر رسوخ وارو هوندو هو. موتيرام چهناڻي سوٽهڙ اسان جو وي سي انچارج هوندو.منهنجي ڪلاسي دوستن ۾ منگھارام مالهي چيلهار وارو بهترين استاد ٿيو. اسلام ڪوٽ جي موهن لعل بصر مل يونيورسٽي جي امتحان ۾ پوزيشن حاصل ڪئي.مکي لکمي چند، سنڀومل، رئيس آچار خان مٺي جا مکيه ماڻهو هئا. انهن چڱي ريت راڄ هلايو. ان وقت مٺي چيلهار ٽي روپيا ڪرايو هوندو هو. پر اسان غربت سبب پنڌ ايندا ويندا هئاسين. هڪ دفعو اسڪول جي هڪ پروگرام ۾ استاد مون کي پيرين اڀراڻو هئڻ سبب ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. آئون پريشان ٿي ويس پر جتي هجي ته پائي وڃان. ڪيڏي غربت هوندي هئي. مئٽرڪ اي ون ۾ پاس ڪرڻ تي 49 روپيا اسڪالرشپ منطور ٿي. پر گھرو پريشانين ۽ غربت سبب پڙهائي اڳتي جاري رکي نه سگھيس. انهي وقت ٿر ۾ نه ڊاڪٽر هئا، نه دوائون، نه سٺو کاڌو هو. ڪپڙي لٽي جي به وڏي کوٽ هوندي هئي. 1970ع ۾ منهنجو والد گذاري ويو. مون پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي گھڻو وقت زميندارن وٽ منشي طور ڪم ڪيو. جتي زميندار توڙي هارين کي انتهائي ويجھڙائي کان ڏٺو. ايوب خان جي دور ۾ زمينداري وڌيڪ مضبوط ٿي، سرڙين هارين تي اڄ جي نجي جيلن کان وڌيڪ ظلم ٿيو. انهن وٽ نه پنهنجو گھر هوندو هو، نه جوڙو هو. چوٿين پتي تي ڪمائيندا هئا. 1973ع ۾ ڀٽي ڪجهه سڌارا آڻن جي ڪوشش ڪئي. وڏي جاگيرداري ٽوڙڻ جو منصوبو ٺاهيو پر عملي شڪل ۾ اچڻ کان اڳ ۾ منصوبي کي منجھايو ويو. ڀٽي هارين ۽ عام ماڻهو کي سجاڳي ڏني. ڀٽي جي تقريرن هيٺين سطح تائين اتساهه ڏنو. ڀٽي ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ آندا. ڪير مڃي يا نه مڃي پر حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ پير علي محمد راشدي، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ رسول بخش پليجي جھيڙو ڪو ذهين پيدا نه ٿيو آهي. ملڪ جي آزادي کان وٺي 90 جي ڏهاڪي تائين خبرن يا ڄاڻ تائين پهچ جا ذريعا محدود هئا. مٿان وري گھڻو دور مارشلا جو رهيو. ماڻهو بي بي سي به لڪي لڪي ٻڌاندا هئا. رابطي جي لاءِ وڏن شهرن ۾ تار ۽ ٿر ۾ لڪڙ تار هوندي هئي. لڪڙ تار وڏو ڪم ڪيو. ڪٿان جي ڳالهه ڪٿي پهچي ويندي هئي ٿر يا ڏڪارن ۾ بئراج ويا ته لڪڙ تار جو نظام پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

ڇاڇري کي نه صرف مدد خان جي گھوڙن اجاڙيو پر مخلتف موقعن تي ڇاڇري جي اجاڙ ٿي. لالا حسن نهڙيو ٿر جي ڳوٺ ڀڪڙيو جو رهواسي هو. ڇاڇري ۾ تپيداري جي نوڪري ڪندو هو. 1978ع ۾ هن ڇاڇري تي هڪ نظم لکيو هو، جيڪو ڊگھو نظم آهي، ان جا ڪجهه بند هن ريت آهن ته:

ڇاڇرا! تو ۾ جي گل بدن هئا سي گل ڪٿي،
ماه رُو محبوبڙا، اهي نازنين نرمل ڪٿي،
تنهنجي سيمابي صحن جا، گلشن و بلبل ڪٿي،
زلف زهريلا حسينن جا، ڪنڍا قايل ڪٿي،
ڇاڇرا تنهنجي چمن ۾، بلبلين گفتار هئي،
جھير جانجھر ڇير ڇم ڇم هر ڳلي هٻڪار هئي،
تنهنجي فيشن ۽ فضليت، پُرعجب اسرار هئي،
تو سان پيرس جي شراڪت به ذرا دشوار هئي،
اڄ سبب ڪهڙي پاتل توکي آ ماتمي لباس،
تنهنجي سونهري سطح ڇو اجڙيل آس پاس،

آئون 1971ع ۾ جيئن زميندار کي ڇڏي آيس ٻيهر وري انهن وٽ بئراج واري پٽي نوڪري جي لاءِ نه ويس. ٻه ٽي سال چيلهار ۾ رهڻ کان پوءِ 1974 ۾ هڪ عزيز دوست ڊاڪٽر گھنشام جي مدد سان ڇاڇرو ۾ اچي دڪان کوليو پر 1980 ۾ اوچتي باهه لڳڻ سبب دڪان سڙي ويو. ائون نانگ چاڙهي راند وانگر واپس پوئتي ڌڪجي ويس. منهنجي ماسي منهنجا حال ڏسي منهنجي مدد ڪئي وري ڪاروبار شروع ڪيو. 1998ع کان پوءِ مون ڌنڌو ڌاڙي پٽن جي حوالي ڪري ڇڏيو. هاڻي منهنجو ڪم لکڻ، پڙهڻ، سماجي گڏجاڻين ۾ اٿڻ ويهڻ ۽ پنهنجي مٽي جي ماڻهن جي لاءِ سوچڻ ۽ لوچڻ آهي. مون کي سنياس آشرم کان وڌيڪ سماج آشرم وڻندو آهي. بلي شاهه چيو آهي ته:

جيت جيت ڪي عمر گذاري، هُڻ تون هار فقيرا،
جيتڻ دا ملهه چونيان، اتي هارڻ دا ملهه هيرا،
هيرا لهندا ڪروڙ، ڪوڏي ملهه ڪسيرا،
آکي بلهي شاه جني هار نه مڃي، او بي مرشد بي پيرا.

گوتم راٺي ٿر جي خاص طور ڇاڇري جي سياسي سماجي اٿل پتل ۽ تبديلي جي واقعن کي بيان ڪندي چوي ٿو ته جئندي درس جي درسن جي وڏي هلندي هئي. انهي وقت ۾ ڪنري کان ڇاڇري تائين درسن جي ٽرانسپورٽ هوندي هئي. ان وقت ٿر ۾ گاڏيون تمام گھٽ هونديون هيون. ڇاڇري ۾ صديق گجو به پاڻ مڃايو هو. صديق اصل سومراڙ جو هو. تڙدوس ۽ هيرار تپي ۾ ٺڪرن جو نه ڪو ڳوٺ هو، نه ٻني هئي. صديق هڪ هوشيار ماڻهو هو. مٿان وري هن جو تپو آزاد هو. وقت جي وير ۾ راجپوت راڄ خالي ڪري ويا، پر ونگي جي ڄامن سان هن جو گھڻو وقت ملاکڙو متل رهيو. صديق مجاهد د فورس ۾ ڇاڇري جا ماڻهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صديق پنهنجي ڀائرن ۽ اولاد کي پڙهيو.”نوستارا تحريڪ” ۾ شامل ٿيو. غلام محمد لاٽ به نوستارا تحريڪ جي پاران ڀٽي جي خلاف فارم ڀريو پر چونڊ ملتوي ٿي ويئي. ٿر ۾ ارباب امير حسن ڀٽي جي سحر انگريزي واري دور ۾ به ڀٽو مخالف ڪئمپ ۾ رهندي 22 سو ووٽن تان کٽيو هو. صديق ذاتي طور تي هر ڪنهن جي عزت ڪندو هو. صديق جي همٿائڻ سان هيرار ۽ تڙدوس تپي جي ماڻهن ڇاڇري ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ شروع ڪيا. ڇاڇرو ۾ نئين بازار ٺاهي ويئي. نور محمد ٿيٻو به انهي دور ۾ سرگرم هو. پهرين بي ڊي جي چونڊ ضياءَ ڪرائي، انهنءَ وقت صديق وٽ ٻه ووٽ هئا؛ هڪ کيتي ڀيل جو ٻيو پنهنجو ووٽ هو. هن پنهنجي ٻن ووٽن تي به وڏو اثر ڄمايو. انهي چونڊ ۾ ارباب غلام رحيم ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. محراب گجو ڇاڇري جو اڳ ۾ چيئرمين رهيو هو، صديق گجو وري پنهنجو ماڻهو چيئرمين طور آڻڻ ٿي چاهيو، پر يامين نهڙي ارباب امير حسن جو ساٿ وٺي مکڻ بجير کي چيئرمين ڪرايو. صديق گجو لاٽ سان گڏ پير نور محمد شاه جيلاني کي ٿر ۾ وٺي آيو. صوبائي سيٽ تي پير کٽيو. قومي سيٽ تي ارباب کٽيو. پوءِ اڳتي هلي صديق جو اربابن سان ٺاهه ٿيو. صديق ميرپورخاص وڃي رهيو. 1990ع ۾ پير نور محمد شاهه جيلاني اربابن جو اتحادي ٿيو.

1993ع ۾ عنايت راهمون برادري جي حمايت سان بيٺو ۽ کٽي ويو. عنايت راهمي جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ کان پوءِ ڇاڇرو ۾ کاهوڙ جو اثر رسوخ شروع ٿيو. 1971ع کان پوءِ کاهوڙ جي ماڻهن جو گھڻو تعلق عمر ڪوٽ سان ڳنڍجي ويوهو. سيٺ جمعي خان ٽرانسپورٽر جي حيثيت ۾ ڪڏهن عمر ڪوٽ مان ٿر جي ڪنهن به ڳوٺ مڙهه پهچائڻ جي لاءِ روپيو نه ورتو.

کاهوڙ رڻمل راٺوڙ جو راج به رهيو هو. سوڍي نارنگ ديهه جي پريتم رڻمل جي راڄ ڀاڳ تي مون کي گوتم سان تفصيلي ڳالهه ڪرڻي هئي. پر منهنجي ڀرسان ويٺل منهنجو پيارو دوست جهانگير ايوب جنجھي گوتم جي ڳالهين جو رخ وري ڪنٺي ڏانهن موڙي ٿو ڇڏي. گوتم جي ڳالهه جاري آهي ته، مبارڪ تڙ جي بلوچن ۾ ميانداد ۽ سهتو ٻه ڀائر هئا، اهي تر جي سياست ۾ اهم هئا. محمد خان پوليس آفيسر هو. بنگل رند ۾ علي بخش رند پنهنجي يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. ڀٽي جا هٿ اکر هن وٽ اڄ به سنڀالي رکيل آهن. رندن جي اڪثريت کي خير محمد ڀرڳڙي جي مدد هوندي هئي. نامور ماڻهن ۾ ڪروڙي جو خان سمون به وڏي اهميت وارو هو. ڪانٽيو مان وسايو نهڙي، يامين نهڙي سان گڏ اڪيلون جي سميجا برادريءَ جو سياسي سماجي ڪرادر رهيو .

شهاب دين نهڙي ڪيتار وارو شريف ماڻهو هو. هن جي برادري هئي. جنجھي جي ڳوٺ مان صاحب ڏنو جنجھي چيئرمين ٿيو. جادم جنجھي ميمبر رهيو. صاحب ڏني جنجھي کان وڏيرا ۽ آفيسر ڏاڍو ونئون ويندا هئا. هُو وڏي دٻدٻي وارو هوندو هو. ڪورٽ ڪيسن ۾ ڪنهن کي بخش نه ڪندو هو. روات سر جي عالم ڀائرن جي خدمتن کي ڪير وساري سگھي ٿو. روات سر ۾ آزدي کان اڳ ۾ پوسٽ جو نظام جڙيو هو.

سائين سچل کي ڳوٺ ۾ سائين سچُو سڏيو ويندو هو. سائين تمام سچو ۽ کرو ماڻهو هو. ٿر جي تعليم ۾ سچل جھڙو ڪردار ڪير ادا ڪري سگھي ٿو؟ ڳوٺ وارن جڏهن اسڪول جي لاءِ پلاٽ نه ڏنو ته هن پنهنجي سروي ٻني لکي ڏئي ڇڏي. ڳوٺن مان هڪ هڪ ٻار وٺي اچي پاڻ وٽ رهائش ڏئي انهن کي پڙهايائين. امان مينهن ٻائي نياڻين کي تعليم ڏني. سائين سترام داس مينگھواڙ دايو هاليپوٽا جو رهواسي سائين سچل جو استاد هو. سائين سچل ڪڏهن پنهنجي استاد جي گھر جتي پائي نه ويو. ڇا ته استاد جي عزت هوندي هئي. ٽڳٺيو جي جمال دين پنهنجي آس پاس ۾ تعليم ڏني. تڙدوس جو ماکن راهمون، مٺڙيو چارڻ جو سائين موٽومل مينگھواڙ، اسماعيل سنگراسي جو محمد وارث سنگراسي، وڪڙيو جو غلام محمد جنجھي ۽ ٻيا هي سڀ اهي استاد هئا، جن انڌيري ۾ روشني آندي. ع ق شيخ ٿر جي استادن کي اتساهه ڏيئي ٽرينگ ڪاليج حيدرآباد وٺي ويندو هو. ٿر ۾ اڪثر آفيسر استادن جو اولاد آهن.

ڇاڇري جي اهم شخصيتن ۾ سيٺ مولشنڪر جو سگھارو نالو آهي. جنهن کي سياسي مقابلن کان پوءِ ڀوجراج سوڍن جي اڳواڻ اکجي چيو هو؛ منهنجي پٽ لالجي جي پارت آهي.”تعلقي ڇاڇري جي سورهن تپن مان چوڏهن تپن جي هر هڪ ديهه ۾ انگريزن کان مليل سورهن وڏين جاگيرن سان گڏ ٻيون ٻنيون به اڪثر راجپوتن جون هونديون هيون. راجپوت هر هڪ هاري کان فصل لهڻ مهل هڪ ٻورو ٻاجهري جي سنگن جو وٺندا هئا، جنهن کي جالنگ سڏيندا هئا. ڪنهن غريب کي ريشمي ڪپڙو پائڻ، مٿي تي لونگي ٻڌڻ ۽ گھوڙي تي چڙهڻ جي اجازت نه هئي. انهن جي اجازت کان سواءِ غريب ماڻهو پنهنجو کوه نه کوٽي سگھندا هئا. غريب ماڻهو انهن جا محتاج ٿي سڄو ڏينهن پاڻي پويان پيا هلندا هئا. بيگرون پيا ڏيندا هئا. واڻين ۽ ٻين ذاتين کان پرڻي مرڻي تي ٽيڪس وٺندا هئا. مولشنڪر اهڙي ماحول ۾ غريبن کي گڏ ڪري راجپوتن کي للڪاريو. هن ڇاڇري جي تر ۾ وڏي باراني زمين ورتي اکجي 1936 ۾ ڇاڇري واري علائقي مان اسيمبلي ميمبر ٿي ويو هو. سيٺ مولشنڪر 1946 جي چونڊن ۾ سامهون فارم ڀرائي، هِن جي لاءِ وڏي مشڪلات پيدا ڪئي هئي. 1952ع ۾ ساڳي سيٽ تي اکجي جي پٽ لالجي سان چونڊ لڙيو. پوءِ 60 ڌاري اکجي پوٽي لڇمڻ سنگھه سان مقابلو ڪيو، جنهن ۾ سيٺ مولشنڪر ڇاڇري جو چيئرمين چونڊاڻو. مولشنڪر جي بنگلي تي هر وقت ماڻهن جي پيهه هوندي هئي. اوطاق تي آيل هر ماڻهو کي ماني کارائي ويندي هئي. سيٺ عام ماڻهو جو ساٿي هو. ڪيترن ڳوٺن جا غريب شاگرد ڇاڇري ۾ پڙهڻ دوران ماني سيٺ جي بنگلي تي کائيندا هئا. سڀ ۾ پرين پسڻ واري سيٺ مولشنڪر جا وڏا اصل چيلهار جا هئا پوءِ ڇاڇري لڏي ويا. مولشنڪر جو جنم ڇاڇري ۾ ٿيو هو.

کڏي ۾ موتي ۽ ملجي مهنتا واڻيا هوندا هئا. جن جي وڏي هلندي هئي. انهن وٽ پنهنجي مهر هوندي هئي. ميرن جا کڏي ۽ چليهار ۾ قلعا ٺهيل هوندا هئا. پر افسوس اهي بچائي نه سگھياسين. چيلهار جي قلعي واري هنڌ تي قبضا ٿي رهيا آهن. پر ڪو روڪڻ وارو نه آهي. کڏي ۾ ميرن جي طرفان مغل رهندا هئا. جيڪي ماڻهن کان مختلف ڏنڊ ۽ ٽئڪس وٺڻ جي بهاني سان پئسا وٺندا هئا. اها چوڻي مشهور ٿي هئي ته؛ ،ڏيس ڪري ڪمائي کڏي ۾ گنوائي، مطلب ڏيهه جي ڪمائي کڏي ۾ وڃائي. ٿر ۽ عمرڪوٽ جي سوڍن وٽ پنهنجي صاحبي دوران ڪڏهن ست ويهون سو ۽ ڏهه هزاري لک به هوندو هو.

ڍاٽ جي راڻو ارجن سنگهه 1946ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي مٺي واري تڪ تان چونڊ لڙيو هو. راڻي ارجن سنگھه کان پوءِ راڻي چندر سنگهه پنهنجي وڏن جي ريت روايت کي نڀايو. راڻو چندر سنگهه ڀٽي جي ويجھن ساٿين منجھان هو. راڻي کي تاريخ جو وڏو شعور هو. ڀٽو صاحب پنهنجي تقرير ۾ ٿر جي حوالي سان اڪثر راڻي چندر سنگهه ۽ ننگرپارڪر واري ڪاپڙي خان کوسي جو ذڪر ڪندو هو. راڻي چندر سنگهه 1988ع ۾ بينظير صاحبه جو عمرڪوٽ ۾ لانٻي جي ميدان ۾ جلسو رکرايو هو. جلسي ۾ هن پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چيو هو ته؛ لانٻو ڀٽي ري ڏڪري ڀري ڪا ڀڌري رو ميهه(لانٻي جو ميدان ڀٽي جي ڌي ڀري يا ڀڊي جو مينهن).

هڪ صدي جي پوري تاريخ جا ورق اٿلائيندي گوتم راٺي چوي ٿو ته؛ سائين رائچند راٺوڙ، سائين ڀانومل، سائين محمد سومار، سائين ڀوجومل اڻنداڻي، سائين ميگھومل، سائين جئرام داس، سائين چونيلال جوشي، سائين ڌارومل چيلهار جا بهترين استاد هئا. جن جو چيلهار کي اڏڻ ۾ اهم ڪردار آهي. ڌارو مل پنهنجي پڙهائڻ واري ڪرادر جي ڪري ڌار سنگهه به سڏبو هو. سائين چونيلال انتهائي سهڻو پرڪشش شخص هو. سائين رائچند پڙهائڻ جي پورهئي سان گڏ ”تاريخ ريگستان“ جو انمول تحفو ڏنو. سائين منگھارام اوجها، چيلهار جو هو، پر ائمري استاد جو آرڊر ملڻ سان ننگرپارڪر تعلقي ۾ وڃي رهيو. اتي هن”پراڻو پارڪر” جھڙو ڪتاب لکيو. ڪچرومل نالي مهراج گھوڙي تي چڙهي وڃي ڇاڇري مان چيلهار جي استادن جو پگھار اسڪولن ۾ آڻيندو هو. سناتن ڌرم وارا ذات پات ۾ جڪڙيل هوندا هئا پر آريه سماج ۾ ذات پات جو ڪو مت ڀيد نه هوندو هو. آريه سماج وادي مورتي پوجا جي خلاف هئا. چيلهار ۾ آريه سماج جو وڏو اثر هوندو هو. رشي ديانند کان متاثر ٿي گڻيس ۽ ٻالومل ٻنهي ڀائرن شادي نه ڪئي. سڄي زندگي برهم چاريه رهيا. گڻيس ۽ ٻالومل ٻئي ڀائر درزيڪو ڪم ڪندا هئا. انهن جو دڪان چيلهار جي ان وقت جي لکندڙن، پڙهندڙن ۽ سوچيندڙن جو ٺڪاڻو هوندو هو. روزانو سائين رائچند راٺوڙ، محمد سومار، اتمو مهيشوري، رتن چند ۽ ٻيا پڙهيا لکيا سڀ اچي گڏ ٿيندا هئا. ‘الوحيد’ ‘هندستان’، ‘عبرت’ ‘ڪاروان’ سميت مختلف اخبارون اينديون هيون. ‘هند واسي’ رسالو به ايندو هو. اخبارون پڙهڻ سان گڏ سياست، ادب، ثقات ۽ سماجيات تي بحث ٿيندو هو. تبصرا ٿيندا هئا پرماڻهن ۾ وڏي سهپ هوندي هئي. ايوب خان جي دور ۾ ڪجهه اخبارن تي بندش پئي.

1970ع ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ چيلهار ورڪن جي لاءِ آيو هو. پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ ڄام ساقيءَ جو جادو هو، ڊاڪٽر هرچندراءِ جي لاءِ عزت هئي. ڪو به نوجوان ڄام ساقي سان هڪ دفعو ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ هن جو شاگرد ٿي ويندو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ پوري ميرپورخاص ريجن ۾ هيڻن جو همراه ۽ انسان دوست مسيحا هو. نوجوانن ڄام ساقي ۽ ڊاڪٽر هرچند کي ووٽ ڏيڻ ٿي چاهيو. “تنهنجو ساٿي، منهنجو ساٿي ڄام ساقي، جا نعرا لڳا. اسان ڄام ساقي جا ورڪ ڪيا پر وڏيرن اسان کي پاڻي جو گلاس به نه پياريو. ڊاڪٽر هرچند جي گاڏي چونڊ جي آخر رات ٿر جي رستي ۾ مختلف حربن سان روڪرائي ويئي. چونڊ نتيجن ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. پر انهن حالتن ۾ ڊاڪٽر هرچند ڪڏهن هيڻو نه ٿيو وري چوندن ۾ اليڪشني وڏيرن ۽ جاگيردارن جي سامهون ٻيٺو. 1970ع جي چونڊن جي حوالي سان ڪير پڇندو هو ته مرڪي چوندو هو ته:

مت پوچهه ڪه هم ضبط ڪي ڪس راهه سي گذري،
تو ديکهه ڪه تجهه پي ڪوئي الزام نه آيا.

ايوب خان ڄام ساقي کي پوليس آفيسر جي وڏي پوسٽ آفر ڪئي. ڀٽي صاحب ڪمشنر جي پوسٽ ڏيڻ جي آڇ ڏني پر هن قبول نه ڪئي. ڄام سياست جي ذريعي تبديلي آڻڻ ٿي چاهي. آڇون نه مڃڻ تي مٿس سختيون ڪيون ويون. ضياءِ جي دور ۾ به هن ڏک ڏٺا. 1988ع ۾ ڄام ساقي جي چونڊ مهم جي لاءِ يونيورسٽي جا شاگرد آيا. پر ٿري وڏيرن انهن سان وڏا ويل وهايا. چانهه ۾ دستن جون گوريون ملائي ڏنيون ويون اهڙين ٻين ڪيترين ڪريل حرڪتن سان ڄام جي همدردن کي تنگ ڪيو ويو. زندگي جي اها تلخ گھڙي هوندي آهي جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي مرضي کان محروم هجي. چونڊ جو اختيار نه هجي. اسان کي موروثي سياست تمام وڏو نقصان ڏنو آهي. سائنسدان جو پٽ سائنسدان ٿيڻ ضروري نه آهي. ڊاڪٽر جو پٽ ڪسٽم آفيسر ٿي سگھي ٿو. وڪيل جو پٽ آبپاشي عملدار ٿي سگھي ٿو پر سياستدان جي پٽ کي سياستدان ٿيڻو آهي.

ٿر ۾ پئسو تمام گھٽ رهيو آهي. ڳوٺن ۾ دڪان به گھٽ هوندا هئا. واپاري کڙين يا هڙوٽڙين ۾ سامان کڻي وڃي ڳوٺن ۾ وڪڻندا هئا. سامان جي عيوض اناج يا گيهه وٺندا هئا. سکر بئراج ٺهڻ کان پوءِ ڪجهه ماڻهن جمڙائو تائين زمين ورتي. ڪڇ جو علائقو انگريز دور کان اڳ ۾ شاهوڪار هوندو هو. ڪڇ جي راجا جي چاندي جو سڪو هلندو هو. ان وقت جا چالاڪ ماڻهن ڪاريگرن جي مدد سان چاندي جا سڪا ٺاهي مارڪيٽ ۾ آڻي وڏو فائدو حاصل ڪيو. بليڪ وارو سڪو گھڻي تعداد ۾ اچڻ جي ڪري راجا پوئتي پئجي ويو. انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ مٺي ننگرپارڪر ۽ ڏيپلو کي انتظامي طور تي ڀڃ سان ملائي ڇڏيو جنهن ۾ عام ماڻهو جو وڏو نقصان ٿيو. ٿر جو واڻيو بلوچن تي وڌيڪ اعتبار ڪندو هو. بلوچ حساب ڪتاب جا ٻين قبلين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چٽا هوندا هئا. ڏيتي ليتي صاف هوندي هئي. ڇاڇري جي پٽي ۾ چارڻن جي وڏي آباد هئي. چارڻن جو ڇاڇري ۾ وڏو اثر رسوخ هوندو هو. چارڻن جي هرڪو عزت ڪندو هو. جو جھا ڏان ۽ پرڀوڏان انهن چارڻن ۾ وڏا ڪوي هئا.

“چوري چڪاري ۾ پاڳي کان مدد ورتي ويندي هئي. پاڳي کي راڄن جي چڱن مڙسن پاران تحفظ مليل هوند هو. ڪاڳيا جو ٽيڪم مينگھواڙ پاڳي هو. هاڻي هن جو پٽ آهي پر عدم تحفظ جي الميئي سبب هو پنهنجي صلاحتن سان چٽو ڪم نٿو ڪري سگھي. ڇاڇري سميت ٿر جي هر ڳوٺ ۾ ماڻهو لوڙهي، واڙي، وٿاڻ، جڙ ۽ سيڙهي تان وڙهيو ويٺو آهي. انهن کي سرچائڻ، انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪير به چار قدم کڻڻ جي لاءِ تيار نه آهي. ٿر جي ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن ڪڏهن کلي ڪچهري به نه رکي آهي. هونئن هڪ ٻني جي جھيڙي تي ڪاموري کي کلي ڪچهري رکي ڳالهيون ٻڌي نبيرو ڪرڻو آهي. ٿر تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي. انهي تبديل ٿيندڙ ٿر ۾ مقامي ماڻهو جي سماجي معاشي ڪهڙي حيثيت بيهندي؟ هم آهنگي وارو سڀاءِ اڳتي هلي سگھندو يا نه؟ اهڙا ٻيا ڪيترائي سوال آهن جن جي جواب جي لاءِ ساڃاهه وند طبقي ڪيترا انگ اکر گڏ ڪيا آهن. يا سندن ذهن ۽ ضمير سستي گراهه تي سُن ٿي ويو آهي. سماجي اوسر جي ايجنڊا تيستائين اڌوري ۽ اڻپوري آهي جيستائين ڌرتي جا قديم ماڻهو هن سفر ۾ شامل نه آهن. سڌريل جي ڪاوڙ باوجود ڌرتي جو در اوڙ ڪيڏو مهذب آهي. ڇا دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي؟.

مون کي گوتم جا سوال ٻڌندي شيخ اياز ياد آيو. ڪتاب ‘سر لوهيڙا ڳڀيا’ جي صفحي 148 تي لکي ٿو ته؛ ڇا ٿرٿلو لفظ ٿر مان نڪتو آهي؟ اي سنڌ جي تاريخ مان جواب جي انتظار ۾ آهيان.”ائون گوتم کي چوان ٿو ته شيخ اياز کي ڇاڇرو سمجھه ۾ نه آيو هو، هن لکيو هو ته، “ڇا ٿو سوچي ڇاڇرو...؟ آئو سٽ کي مڪمل ڪريان انهي کان اڳ ۾ گوتم چوي ٿو ته، شيخ اياز اهو به لکيو آهي ته:

ٻر ٻر ٻري ٿو،

چانڊوڪي ۾ ڇاڇرو

ڪوئي انڀوءُ اوچتو، مون ڏي وري ٿو.

چانڊوڪي ۾ ڇاڇرو

اڄ تائين بي چين ڇو مون کي ڪري ٿو.

چانڊوڪي ۾ ڇاڇرو.

گوتم سان هر ملاقات دوران منهنجي من ۾ اها ڳالهه ڪر کڻندي آهي ته، ڪڏهن ڇاڇري واسين کان پڇجي ته، ڇاڇري ۾ اهڙو ڪو ماڻهو نه آهي؟ جيڪو گوتم کي اچي چوي گوتم تون هاڻي ٿڪ ڀڃ، تنهنجو بچيل پنڌ اسان ڪنداسين هي ڪو قرض نه هوندو پر فرض سمجهي مٽي هاڻن ماڻهن جي لاءِ وک وڌائينداسين. گوتم تون ٿڪ ڀڃي تازو توانو ٿي ڇاڇري جي تاريخ لک، ائين جيئن تنهنجي ڳوٺائي منگهارام اوجھا پراڻي پارڪر جي تاريخ لکي آهي.



ڀڳت سترام داس


روحل جو راڳي

ڀڳت سترام داس

چاچي ڀڳت سترام داس کيتاڻي جي موجودگي ۾ اسين خوش نصيب هوندا هئاسين، جو اسان کي روز ٻڌڻ جي لاءِ راڳ ملندو هو، فن جي ذريعي روحاني سڪون ماڻيندا هئاسين. چيلهار ۾ منهنجي اوطاري علم ادب، راڳ رنگ، لوڪ ادب سان دلچسپي رکندڙ مهمان ايندو هو ته چاچي ڀڳت سترام داس سان روح رهاڻ ڪري دلي محبت جون مالهائون ميڙي ويندو هو. چاچو سترام داس ڀڳتي رنگ جو راڳي، سگهڙ سياڻو ۽ واڍڪي هنر جو ڄاڻو هو. چاچو سترام داس تنبوري تي ڳائيندو هو. هن ڳائڻ جي لاءِ پنهنجن هٿن سان روهيڙي جي ڪاٺيءَ جو تنبورو جوڙي رکيو هو. تنبوري سان گڏ اڪثر جانجهه جون ٻه چار جوڙيون هونديون هيون. اهي ڪڏهن ڀڳت پرتاب ۽ ديودت ته ڪڏهن چاچي جو پٽ ڪنور لال ۽ نرسو جي وڄائيندا هئا. چيلهار لڳ ڳوٺ‘سوٽهڙن جو تڙ’ پنهنجي عروج واري زماني ۾ منفرد لينڊ اسڪيپ سان گڏ سگهڙ سياڻن جي ڪچهرين ۽ هنرمند هٿن جي ڪلا جي ڪري ٿر ۾ گهڻو مشهور هيو. ڪاٺيءَ جي ٻي ڪم در، دري، کٽ ۽ ڪرسي وغيره سان گڏ هنا ۽ پاکڙا گهڻا ٺهندا هئا. چانڊوڪين راتين ۾ ڳوٺ لوڪ ڪچهري، راند ۽ ڪاريگرن جي سهڻن سماچارن جو مايا نگر هوندو هو. هڪ پاسي سگهڙ سياڻن جي ڪچهري، ڏور بيت، دوها، هيمارين، ڪافين ۽ واڻين جي واس سان ماحول کي معطر ڪندي هئي ته ٻي پاسي ڌنارن ڳنوارن جا هڪ ٻي سان حال احوال هينئن کي هرکائي وجهندا هئا، ڀر ۾ ڪاريگرن جي هنن، پاکڙن ۽ جنڊن جي ٺهڻ ۽ وڪرو ٿيڻ جي ڳالهين ڏي ڪن ڏبو هو تيسين ڏڙي ۽ گابڙي راند جي تاڙي لڳندي هئي. چاچي ڀڳت سترام داس کي اهڙي ماحول وڏو اتساهه ڏنو هو. چاچي سترام داس ننڍڻ ۾ ڳائڻ شروع ڪيو هو. ارنري جو ٺڪر سوڍو مٺو ۽ سندس ڀاءُ مانو جي ان وقت مشهور ۽ مقبول ڀڳتي رنگ جا ڳائڪ هئا. هُو ڀجن واڻين سان گڏ ڪافيون ڪمال جون ڳائيندا هئا. چون ٿا ته ورهاڱي کان اڳ ۾ هڪ دفعي مٺو وارا ڪڇ جي پاسي ويل هئا، اتي ڪنهن معاملي تي ڀڳتي رنگ ۾ رنگيل ڍاٽي سوڍن کي جيل اچي ويئي. سانوڻ جي رت هئي، مينهوڳي رات جو ترم ۾ مٺو ڪافي ڳائڻ شروع ڪئي ته ؛

اچان ڪيئن وطن ڏي، الا مون کي آڏو رڻ ٿو اچي...[1]

اڃان ڪافي پوري ڳائي دنگ نه ڪيائين، پهريدار آفيسر جون اکيون ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسي پيون. هن اٿي اچي مٺو کي اوڍاڻي اوڍائي ساٿين سميت آزاد ڪري ڇڏيو. چاچي سترام داس ‘ست سنگ’ جي محفلن ۾ مٺو کي ڳائيندو ٻڌي ڳائڻ شروع ڪيو هو. پر هن جو راڳ پروان ڳوٺ جي ڪچهرين ۾ چڙهيو هو. ‘سوٽهڙن جي تڙ’ جي سوٽهڙن مان چاچي سترام داس سان گڏ ڀڳت پانچي سوٽهڙ به ڳائڻ شروع ڪيو هو. پر چاچي ڀڳت سترام داس جي آلاپ ۾ اها سگهه هوندي هئي ته هو شيخ اياز جي لفظن ۾ چنڊ کي چئي سگهي ته؛

اي چنڊ تو کي پهچي نه پهتا،

پر گيت منهنجا ڏاڍا اڏاڻا

چاچو ڀڳت سترام داس ڪبير ڀڳت، ميران ٻائي، ڏونگر پري، لکمو مالهي، سورداس، روحل فقير، شاهه لطيف، مراد فقير ۽ ٻين کي ڳائيندو هو. پر روحل فقير هن جي روح ۾ وسيل هوندو هو.روحل کي ڳائيندي هن جو من موج ۾ اچي ويندو هو؛

جڙ چيتن دونون بسين، ڪايا نگري گام

آپو اپني ڀاونا آپو اپني ٺام

(روحل صاحب فرمائي ٿو ته اي بندا تنهنجي اندر جڙ ۽ چيتن وسن ٿا، پر ٻنهي جي خيالات ۽ رهائش جا الڳ الڳ مقام آهن )

تون داتا جگت گرو، مين مانگون دان جگياس

روحل ڪو راک چرن ڪمل ڪي پاس

(روحل صاحب فرمائي ٿو ته اي مالڪ تون منهنجو رهنما آهين، آئون تنهنجي در تي تو کان بيک گهران ٿو ته مون کي پنهنجي قدمن ۾ جاءِ ڏي )

ملڻو هوئي تو مل ليو ، ايهي ملڻ ري ويرا

مانکيو جنم هاٿ نا آوي، ڦري لاک چوراسي ڦيرا

ملڻو هوئي تو مل ليو.......

شام گهٽا سر سيت ڀيا نا آوي لاج

جي تر تريا ڪرڻي سون تريا، سريا اوئان را ڪاج

ملڻو هوئي تو مل ليو...

( ڀاءُ تو کي جيڪڏهن دوست سان وصال جي جي خواهش آهي ته ملڻ جو اهو ئي وقت آهي، انساني روپ انمول آهي، جو بار بار ناهي ملڻو. تنهنجي مٿي جا وار سفيد ٿي ويا آهن، تڏهن به تون لڄيارو نٿو ٿئين ته ڪجهه مالڪ کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان، جيڪي ماڻهو (سنسار روپي سمندر مان ) پار پيا آهن، اهي پنهنجي ڪمائي ۽ محنت سان پار پهتا آهن. انهن جو جيئڻ سڦل ويو آهي. )

چاچو ڀڳت سترام داس روحل ڳائي جڏهن مراد فقير جي وائي شروع ڪندو هوته ؛

موري پيا ڪو سنهيو چا ڪهيو،
ڪيون نهين آوت، ڪاهي ڪو ٻيٺ رهيو.

ٻڌندڙ جون اکين شڪبار ٿي پونديون هيون. چاچي ڀڳت سترام داس جي اسان جي خاندان سان چاچي جي وڌيڪ ويجهڙائپ هوندي هئي. خاص طور سگهڙ چاچي هيمراج سان هن جي جوڙ هوندي هئي. ٻنهي سوٽن جي ڪچهري ٻڌڻ جهڙي هوندي هئي. چاچي ڀڳت سترام داس وٽ لوڪ ڏاهپ ۽ لوڪ ادب حق ۽ واسطن سميت موجود هوندو هو. چاچي ڀڳت سترام جي ڪچهري ۾ معلوم ٿيندو هو ته ٿر ۾ ڏڪار ۽ سڪار جون اڳڪٿيون ڪيئن جڙنديون آهن. انومان ڪيئن لڳايا ويندا آهن؛

اڳتي ڪري ماڇلو، آنٿوتي ڪري موگهه،

ڏنڪ ڪهي ڀڏري نا، ندئي چڙهسين گوگهه

(سج اڀرڻ وقت جيڪڏهن پيلائڻ مائل روشني ڪري ۽ لهڻ ٽاڻي به ساڳيو نمونو اختيار ڪري ته ڪوي ڀڏرو پنهنجي دوست ڏنڪ کي چوي ٿو ته برسات ايتري ايندي جو ريلا ڇيل ڪندي ندين جي پاڻي تي گوگهه چڙهي ايندا )

آساڙ سڌ ٻيج، نا هوئين واڌڙ آن ويج،

تو پهلي ويچي ٻڙڌيا، پڇي جيمي ٻيج

(آکاڙ مهيني جي ٻي تاريخ آڪاش تي ڪڪر ۽ کنوڻ نه ڏسين ته پهرين کيڙي جي لاءِ جوڙي طور بيهاريل ڍڳا وڪڻجان پوءِ ٻج ويهي کائجان.)

چاچي ڀڳت سترام داس کي ڳُوڙها، هيماريون، ڏٺ، پروليون دوها گهڻا ياد هوندا هئا. هو سُر جي ساڌنا ڪرڻ کان پوءِ لوڪ ادب جو اهو وکر ٻڌائيندو هو.

آنٽي ٽونٽي لڪڙي، ڏهي جهڙو ويس،

اي پرولي ڀڃي، اوئي نا اوڍاڙان کيس.

(ورن وڪڙن واري ڪاٺي آهي، جنهن جو ڏهي جهڙو اڇو و يس آهي، هن پرولي کي جيڪو ٽوڙي ( مطلب ٻڌائي) ان کي کيس اوڍايان )

پرولي جي ڀڃڻي پير ڪڙيءَ ( زيور )آهي .

هڪ ٿري عورت ساهرن مان مائٽن ڏي ويئي، اتي هُن کي ياد آيو ته ڳلي جو زيور نيٻوري کٽ تي وسري ويئي آهي. هن سگهڙ نار هيماري جي شعر ۾ پنهنجي ور ڏانهن نياپو ڪيو ته ؛

آساڙ ماس اپجي، اس ناميڻي نام

سيجان گُمائي سندري، ليهجو مورا سام

(آکاڙ جي مهيني ۾ جيڪا پيدا ٿئي ٿي، ان جي ساڳي نالي واري شيءَ کٽ تي وسري ويئي آهي. اي منهنجا ور! اها سنڀالي کڻي وٺجا )

ڀر پي ڀراو پي، ڀر ڀر پي باٽڪيان، ٿانرو پورو هُون ڪريس، ڪر ڪر ڪاتڻيان.

(اوتارو/ اوطاق هلائيندڙ هڪ سخي جي زال پوڙهاپڻ ۾ پنهنجي مڙس کي خرچن تي مايوس ڏسي حوصلو ڏيندي چيو ته، ڪاري غنودي ڪڻڪيءَ جون وٽيون اڳي جيئن هر مهل ڀري پي ، پنهنجي ساٿي کان ڀرائي پي، تون الڪو نه ڪر، تنهنجي خرچ جو پورائو آئون مزدوري تي ارٽ ڪتي ڪندس.)

ڪوئل ڪيا دينت هي ، ڪانگا ڪس ڪا هيرنت،

چپا رس ري ڪارڻي، جگ اپنا ڪرنت.

(ڪوئل ڪنهن کي ڇا ڏي ٿي، ڪانگ ڪنهن جو ڇا هاري ٿو!، چپن جي مٺي رس (ٻولي ) سان ڪوئل جڳ کي پنهنجو ڪري ٿي.)

چاچي ڀڳت سترام داس چاچو هيمراج ۽ چاچو ڀڳت سترام اڪثر طور واڍو ڪم به گڏ ڪندا هئا. ٿر ۾ چونئرا صدين کان ٺهندا رهيا آهن. پر ٿر ۾ چونئري جي ڪاٺين تي چٽسالي ڪرائي، ڊزائين سان ٺاهڻ جو رواج پيو ته چاچي ڀڳت سترام ۽ چاچي هيمراج گڏجي ٺاهڻ شروع ڪيا. ڳوٺ جيسي جي پار ۾ وڏيري ابن راهمي جي اوطاري جو چونئرو چاچي ڀڳت سترام ۽ سندس پٽ جهامن داس گڏجي ٺاهيو. جيڪو ڏسڻ وٽان آهي. چاچو ڀڳت سترام داس فرنيچر ٺاهڻ جو به ڄاڻو هو.تعلقي ڇاڇري ۽ عمرڪوٽ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ چاچي ڀڳت سترام جي هٿن جو ٺهيل فرنيچر موجود آهي. چاچي ڀڳت سترام داس کي 20 ڊسمبر 2015ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺي پاران لوڪ ادب جي خدمتن جي مڃتا طور بهترين سگهڙ جو مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو. سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران چيلهار ۾ راقم الحروف جي اوطاق تي سگهڙن جي ڪچهري ۾ چاچي ڀڳت سترام کي رڪارڊ ڪيو. چاچي هيمراج جي وفات چاچي سترام جو جيءُ جهوري وڌو هو. هوُ چاچي هيمراج کي ساري بي ساخته ڪچهرين ۾ ڀٽائي جي وائي جا ٻول چوندو هو ته؛

مڙهنئون موڪل، ڪال ڪندا ويا ڪاپڙي

ڪڏهن اُتر سامهان، ڪڏهن دونهين جهل،

ڪلهه ڪندا ويا ڪاپڙي

هُن سيڪيندي هٿڙا، مون ڳاڙيندي ڳل،

ڪال ڪندا ويا ڪاپڙي

چيري چندن ڪاٺ جئن سور ڏنائون سل،

ڪال ڪندا ويا ڪاپڙي 

جڏهن چاچو ڀڳت سترام جڏهن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو. تڏهن چاچي ڀڳت سترام جي ٻارس جي ماني موقعي تي سنڌي ساز بوڙيندي جي عظيم فنڪار مير محمد لنڊ جي پٽ نوجوان راڳي ذوالفقار لنڊ راقم الحروف جي اوطاق تي ويهي ڀٽائي جي سر رامڪلي جي هي وائي ڳاتي ته اکيون اوهيرا ڪري وسي پيون؛

مڙهنئون موڪل، ڪال ڪندا ويا ڪاپڙي .......

[1] هڪ راءِآهي ته هي ڪافي ڪڇ ۾ پير ماڻڪ ۽ کنگهار ڳائي هئي. ٻي راءِ مطابق مٺو حيدراباد جي جيل ۾ ويو هو اتي پير همير جون ڪافيون ڳاتيون هيون



ماما وشن ٿري


ٿر ۾ انسانيت جو شيوڪ

ماما وشن ٿري

مامي وشن ٿري تي هي لفظ لکڻ وقت آئون ڀڳتي تحريڪ جي سگھاري شاعر نرسي مهتي جو هيءُ گيت”سانورئي را نام هزار ڪيسي لکان ڪنڪو پتري“ لوڪ ڳائڪ مهيشارام ميهگوال جي آواز ۾ گھڙي گھڙي ٻڌان ٿو. سچ اهو آهي ته، مون ڪڏهن لکڻ وقت اهڙي ٻڏتر محسوس نه ڪئي آهي جھڙي مامي تي لکڻ وقت محسوس ڪري رهيو آهيان. مامي وشن جي خدمتن جا رنگ هزار آهن، آئون هن تي خاڪو ڪيئن لکان! ؟ ڪٿان شروع ڪريان !؟

مامي سان ملندي آتما کي سچي سڪون جي سڳنڌ ايندي آهي. بي چين روح آد جڳاد جي جاڳ ۾ جرڪي پوندو آهي. ماما وشن ٿري مايا موه وس ٿيڻ کان بچيل، اوديا جي ڀيدن کان آجو انسانيت جو سانوريو آهي، جنهن جي رس ليلا دکي انسانيت جي خدمت آهي.

ننگرپارڪر کان نئون ڪوٽ جي پٽي يا ناري جي طرف ويندڙ ڏڪاريل ڏوٿين کي کاڌو کارائڻ، مٺي جي اسپتالن ۾ تڙپندڙ بي پهچ مريضن کي دوا درمل وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ، مٺي جي سوين ساٿين جي رت گروپ کي ياد رکي وقت تي گھران وٺي اچي رت جي ڪمي وارن مريضن کي رت ڏيڻ ۽ ڏيارڻ، ڏينهن رات ڪوشش ڪري مٺي ۾ ٿرپارڪر سوشل آرگنائيزيشن جوڙي پاڻ جھڙن هم خيال ساٿين جي سهڪار سان رت بئنڪ قائم ڪرڻ، ٿر جي مارو ماڻهن کي رت چڪاس ڪرائڻ لاءِ همٿائڻ ۽ نوجوانن کي ضرورت مند جي لاءِ رت ڏيڻ تي اتساهڻ، ڳوٺن ۾ رت چڪاس جون ڪئمپون لڳائڻ مٺي ۾ ايمبولنس جي سروس جو بندوبست ڪرڻ، ڏڪاري ڏينهن ۾ مال جي چاري، پاڻي جو جوڳو انتظام ڪرائڻ تائين ڪيترا ڪم ڳڻجن؟ هن جو انسانيت سان عشق اتاهون آهي. ڪنهن ماڻ ماپي ۾ تڪي توري نٿو سگھجي. انهي ڪري هن جي انهن ڪمن عيوض “ٿر جو ايڌي” سڏيو ويندو آهي. حاجي محمد دل، اسماعيل ڪنڀر، ذوالفقار عمراڻي، نطام دين راجڙ، هوتچند سوٽهڙ، راجيش سوني ڀيشم ڪمار پرڌناڻي سميت سوين ساٿي سماجي ڪارج ۾ مامي جا ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا آهن. چيلهار جي سپوت احمد علي چيلهاريي جي فرزند ابوبڪر ميمڻ به سدائين مامي وشن جي ڪارج ۾ سهڪار ڪيو آهي. حيدر آباد جي نامور صحافي علي حسن به مامي جي ڪم ۾ هٿ ونڊايو آهي.

21 آگسٽ 1966ع تي مٺي جي لوهاڻه برادري جي معزز هنسراج مل جي گھر ۾ جنم وٺندڙ ماما وشن ٿري جي اندر ۾ ٻين جي مدد ڪرڻ جو جذبو ننڍپڻ ۾ هيو. مامو ڇهين جي ڪلاس ۾ پڙهندو هو ته سندس والد صاحب کي فالج ٿي ويو. گھر جي آمدني رڪجي ويئي. مالي پريشانيون وڌيون. مامي جو ڀاءُ نارائڻ داس پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي سيٺين وٽ ملازم ٿي بيٺو. هن گھر جي لولي لوڻ جو بندوبست ڪيو. مامي پنهنجي والد کي سدائين کٽ تي ستل ڏٺو. پر هن جي جيجل پنهنجي پٽ وشن جي پڙهائي جاري رکائڻ جا جتن ڪيا. امڙ وشن کي پڙهايو ته وشن جي ٻي ڀاءُ ڊاڪٽر نند لال کي به پڙهايو. وشن پاڻ غربت جي زندگي ڏٺي 1987ع ۾ هن جو والد گذاري ويو. ان ڪري غريبن ۽ يتيمن جو هن کي وڏو قياس رهندو آهي.

پرائمري جي پڙهائي دوران مامي ڏٺو ته هڪ غريب ڇوڪري وٽ ڪاپيون نه آهن هن ڇا ڪيو ته پنهنجي دوستن کي چيائين ته پاڻ ۾ چندو ڪيو، گڏ ٿيل چندي جي روپين سان گڏ ڪجهه اڌار تي پئسا رکائي ڪاپيون وٺي آيو، پوءِ اسڪول ۾ اعلان ڪيائين ته مارڪيٽ مان ڪاپيون وٺڻ جي بدران مون کان ورتيون وڃن. پندرنهن ڏينهن ۾ ايتريون ڪاپيون وڪاڻيون جو غريب شاگرد جون ڪاپيون ۽ ڪتاب انهن پئسن مان ٿي ويا. مامي جي سماجي شيوا اتان شروع ٿي. پوءِ بئراج ڏانهن ويندڙ ڏڪاريل قافلن جي ماني ڳڀي جي لاءِ پنهنجي هڪ جيڏن سان گڏجي مٺي جي گھر گھر مان لولا ميڙي قافلن کي ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو. اهو ڪم ڪندي هن کي سچي راحت ملڻ لڳي. مامي کي ڪنهن گھر مان لولي جو انڪار نه مليو. پر سماج جي ڪجهه ٺٺول باز ماڻهن وشن جي ننڍي قد سبب چيڙائڻ جي لاءِ ‘مامو’ چوڻ شروع ڪيو. پر وشن نه چڙيو، هن پنهنجي ڪردار ذريعي سڀن جو مامو ٿي ڏيکاريو. هر جيجل جو ڀاءِ آهي.

هاڻي موبائيل فون جو زمانو آهي پر جڏهن اها سهوليت نه هئي ته رت جي ضرورت وارو ماڻهو ڪڏهن آڌي ته ڪڏهن اسر جو مامي جي گھر پهچندو هو در تي ٺڪا ٺڪ رهندو هو. مامو خوشي سان انهن جي لاءِ نڪري ايندو هو پر ٻيا گھر جا ڀاتي تنگ ٿي پوندا هئا. ايتري حد تائين گھر جا ڪجهه ڀاتي ناراض ٿيا. هن درويش جي لاءِ مائٽاڻو گھر سوڙهو ٿي پيو. پر هن ڪڏهن اهڙين حالتن جي پرواهه نه ڪئي هڪ پل جي لاءِ ورچي نه ويٺو، پنهنجو ڪم جاري رکيو. هن جو پراڻو گھر کتري محلي ۾ امام بارگاهه جي ڀر سان هوندو هو، هاڻي لوهاڻه پاڙي جي ريل ۾ آهي. ٻنهي هنڌن تان اسپتال پري آهي. ڪڏهن سواري ملي ته ڪڏهن پنڌ اچڻو پوي ته به ايندو آهي. جڏهن ته پاڻ به هاڻي ٻه چار بيمارين جو مريض ٿي چڪو آهي. ڪڏهن ڪڏهن رت گھرندڙ مريض وارو همراه مامي تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويندو آهي ته، ماما تون اچڻ ۾ دير پيو ڪرين مريض جي حالت خراب آهي. پر مامي ڪڏهن انهن حالتن ۾ به منهن ڦٽائي ورندي نه ڏني آهي.

کل ڀوڳ ۾ سنگت مامي کي رت وٺندڙ سڏيندي آهي، ڪاش مامي جھڙا رت گھرندڙ سماج ۾ گھڻا هجن. مون کي هڪڙي دوست چيو ته، مامي جي ڪم جو دائرو هاڻي ٿر جي شهرن، ڳوٺن مان نڪري عمرڪوٽ، سانگھڙ ۽ حيدرآباد تائين پهتو آهي. مون انهي دوست کي ٻڌايو ته مٺا، مامي جو ڪم اڳ به وسيع هو. هاڻي به آهي. هي جيڪي مريض مان لاعلاج ڪري ٻين اسپتالن ڏانهن موڪلجن ٿا. انهن ويچارن جو اتي به مامو سهارو رهندو آيو آهي. امرجڳديش ملاڻي جڏهن لانگ مارچ تي هو ته انهي وقت مٺي جي هڪ مريض کي حيدرآباد ۾ 12 رت جون بوتلون مامي ڏياريون هيون.

آئون مقامي تنظيم جو ميمبر رهيو آهيان پر فقير ماڻهو ٿر جي ٻهراڙي پنهنجو راڄ ڀاڳ ڪو واسطي وارو مريض اچي ته رت گھرجي يا دوا درمل جي مدد، اول آخر سهارو مامو وشن سُجھندو آهي. ماما وارو ڪر. هڪ دفعا ڇا ٿيو ته ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيڳام جا غريب ڪولهي ڊليوري ڪيس ۾ مٺي آيل هئا. رات جو مريض جي لاءِ رت ۽ ماني ٽڪي جي مدد ڪئي سين. ٻن ڏينهن کان پوءِ پارڪر جي ڪولهي ساٿين جو فون آيو ته سائين ڊليوري ڪيس ۾ مٺي آيا هئاسين پر عورت گذاري ويئي آهي. اسان وٽ ڀاڙي جا پئسا نه آهن. لاش واپس وٺي وڃڻو آهي. مون ٽاٽ سڃائي جي ڏينهن ۾، سوچيو ته هاڻي ڇا ڪريان؟ مامي سواءِ ٻي واهه ڪهڙي...سڌو مامي وٽ پهتس پوري ڳالهه ڪري دنگ ڪئي ته مامو بندوبست ۾ لڳي ويو. سول سرجن ايمبولنس نه پيو ڏي، مامي سول سرجن کي ٻڌايو ته آئون ۽ ڀارو ٻئي گڏ وڃي رهيا آهيون. تون رڳو ايمبولنس ڏي. اسان تيل جو بلو ڪري ڪولهين سان گڏ ننگر جي لاءِ نڪتاسين. ننگر پهچي پريس ڪلب وٽ مامو جهول وڇائي ويهي رهيو. ايندڙ ويندڙ کان چندو ميڙي اٺ ڏهه هزار غريبن کي ڪفن دفن ۽ کاڌي پيتي جي لاءِ ڏنائين. اهڙيون مٺي جي هر دوست وٽ مامي جون ڪهاڻيون آهن.

ماما وشن ٿري جي تربيت سياسي ڪارڪن واري به آهي. سنڌ جي قوم پرست سياست جي مارڳ ۾ پنڌ ڪندي ترم ياترا به ڪيائين. سختيون سٺيون. مامو وشن، ڪامريڊ نند لال مالهي، ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي ۽ لڇمڻ ٿري سان گڏ قوم پرست سياست جو حصو ٿيڻ سان گڏ امر جڳديش ملاڻي، فقير مقيم ڪنڀار، حسن پسايي جي سٿ ۾ عوامي سياست جو سبق عام ڪرڻ جي جستجو ۾ شامل رهيو آهي. ونگي جي ارباب خاندان ۽ جاگير جي راڻن جي راڄ ڀاڳ واري سياست جو ساکي به آهي. ڄام ساقي، سوڀي گيانچنداڻي جي چونڊن ۾ هن هڪ متحرڪ ڪردار وارو حصو ورتو هو.

هن ٿر ۾ صحافت ۽ ادب جي قافلن سان هر گهڙي سڏ ۾ گڏ ٿي سرگرم رڪن طور نڀايو آهي. مٺي جو ڪهڙو ادبي پروگرام هوندو جنهن ۾ مامو وشن نه هجي. 60 کان وڌيڪ سماجي تنظيمن جي گڏيل نيٽ ورڪ ماروئڙا ڪوآرڊيشن ڪائونسل جو ٻه ڀيرا جنرل سيڪريٽري به چونڊاڻو آهي. ماما وشن ماروئڙا جي چونڊن ۾ آيو ته ٻي پينل تي هو پر کٽڻ کان پوءِ اوڀايي جوڻيجي سان گڏجي ماروئڙا جي لاءِ هن پاڻ ملهايو. اين جي اوز جي مخصوص ماحول مان ماروئڙا کي ڪڍي عوامي اداري طور ڪڏهن قدرتي وسيلن جي مالڪي جي لاءِ اوڀايو جوڻيجو ۽ ماما وشن روڊن تي بيٺا ته ڪڏهن رڻ ڪنڌي جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ڪيو. ڪڏهن اعليٰ اختيارين کي ٿر جي مسئلن تي خط و ڪتابت ڪئي ته ڪڏهن ننگر جي وانڍئي ۾ مفت طبي ڪئمپ ۾ ڪارڪن ٿي ڪم ڪيو.

صادق فقير هن جو ننڍپڻ جو دوست هو، مامو هاءِ اسڪول مٺي ۾ پڙهيو، جڏهن ته صادق فقير مير واهه گورچاڻي ۾ پڙهندو هو پر جڏهن صادق مٺي ايندو هو ته صادق جو مامو امداد فقير، حاجي محمد دل جو پٽ نياز دل ۽ مامو وشن کتري محلي جي پڙ وٽ ويهي ڳالهين جي ڳهر ۾ الوٽ ٿي ويندا هيا. صادق مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج پڙهڻ جي لاءِ مٺي آيو. مامو ۽ صادق فقير انٽر ۾ گڏ پڙهيا. انٽر کان پوءِ ڪاليج واري پاسي کان بي اي ڪري صادق فقير ايم اي سنڌي ڪئي، جڏهن ته مامي وشني ايم اي اڪنامڪس جو فارم ڀرايو.

مون مامي وشن ٿري حاجي محمد دل ۽ صادق فقير کي هڪ ٻي سان ڏاڍا چرچا ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي. ڪيڏي سهپ ۽ رواداري انهن وٽ رهي آهي. حاجي محمد ۽ تاراچند راٺي جا لکيل اسٽيج ڊراما، استاد حسين فقير، ڪريم فقير ۽ صادق فقير جي ڳائڪي، تاج جويي، سائنيداد ۽ امولک امر جي شاعري، ساٿي ٻارڙا سنگت ۽ لطيف جا ميڙاڪا، شيام داس جوشي، پرشوتم واسواڻي، ساجن داس چنداڻي جي سکيا، ڪامريڊ نند مالهي جو سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرم رهڻ تائين مٺي جي هڪ اهڙي ادبي تاريخ آهي. جنهن مٺي کي صبح جي سحر ۾ تبديل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ماما وشن ٿري ۽ صادق فقير جون ساروڻيون انهي دور جو اثاثو آهن.

صادق فقير مامي وشني جو وڏو خيال رکندو هو. سنڌ جي سمي ۽ جيساڻي جي ڀاٽي جي ڀاءِ ساهمي ۽ سير کڻندڙ لوهاڻي جو گهر مڱڻهار فقير اڀو بيهي پنهنجي نگراني ۾ ٺهرائي ڏئي ويو. صادق فقير تي سوچيندي هن جي ڪيفيت اڄ به بنگالي ٻولي جي شاعر جي انهن سٽن جهڙي آهي. بي اختياري ۾ ورلاپ ڪري ٿو ته؛

“مان ديس وديس رليو آهيان پر ڪنهن کي به پنهنجي پسند موجب پائي نه سگهيو آهيان هن سنسار ۾ ڪوئي به دوست ته جهڙو نه آهي، هاءِ منهنجا دوست آئون ڇا ڪريان؟ تو کي ڪٿي پايان..”

 ٻين جي ڦٽن تي مرهم رکڻ واري مامي وشني جي من جي پيڙائن کي صادق فقير کان پوءِ ڪير محسوس ڪري سگهي ٿو؟

ڪيئن تون منهنجي من ۾ پيڙا ڄاڻي سگهندين
ڏس ته اکين ۾ آهن اوجاڳا ٿڪجي پيا.

صادق فقير کان پوءِ لطيفن به هن کي کلائڻ ڇڏي ڏنو آهي. گهڙي گهڙي چتائن جو گهنڊ هن جي روح ۾ وڄي ٿو. مٺي جي دوستن مامي وشن کي صادق فقير جي جدائي جي غم مان ڪڍڻ ۽ مامي جي سماجي خدمتن جي مڃتا ڏيڻ جي لاءِ وڏو ميڙ مچايو پر اتي به مامو صادق فقير جي لاءِ روئي پيو ته؛

دوست بهي ملتي هين، محفل بهي جمي رهتي هي.
تو نهين هوتا تو هر چيز مين ڪمي رهتي هي.

داغستان جي البيلي شاعر رسول حمزا توف هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ماڻهو ڇهه ورهين جي عمر ۾ ڳالهائڻ سکي وڃي ٿو پر اسي سالن تائين ماٺ نٿو ٿئي.” “سو ماٺ نه ٿيندڙ ماڻهو ڳالهائيندو رهي ٿو مثبت يا منفي اهو هڪ الڳ پهلو آهي. منفي سڀاءِ ۾ ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ وارن ماڻهن وٽ مامي وشني جي ڪارج تي به ڪيترائي ڳالهين ۾ ليڪا پاتل آهن هڪ ڳالهه جو کلي دل سان اقرار ڪندي پاڻ به مڃون ٿا ته مامو به هڪ انسان آهي ته انساني حد تائين ڪميون ڪوتاهيون مامي جي وجود ۾ به آهن. پر اهو ٻڌايو ته بي حسي جي بارش ۾ ٻڏل سماج ۾ ائين انسانيت جي شيوا ڪرڻ جي لاءِ ساڌو ٿيڻ جي لاءِ ڪير تيار آهي.!؟ فراريت جي سرد راتين ۾ پنهنجائپ جا ڏيئا ڪير ٻاري ٿو!؟ هن جو قد کڻي ننڍو آهي پر انسانيت جي لاءِ هن جو پورهيو تمام وڏو آهي. پاڻ پڏائڻ چڱي عمل جو موت آهي. مامي وشني ڪڏهن پاڻ پڏايو نه آهي. هن سدائين عاجزي اختيار ڪري نياز نوڙت سان مسڪين جهان خان کوسي ۽ نندلال نندن جي ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌايو آهي. اسان جو هي دور جنهن دور ۾ ارون ڌتي راءِ جي لفظن ۾؛ “ڪجهه به غربت کان وڌيڪ وڪرو نٿو ٿئي.” پر هن ڪڏهن به ڪٿي غربت کي وڪرو نه ڪيو آهي. غربت جي غم کي گڏيل طاقت ۾ تبديل ڪري اڻ برابري واري سماج کي لوڏڻ جا وس ضرور ڪيا آهن. مامو وشنو ڪڏهن ڪتي جو ڪڪر نه ٿيو آهي، جنهن جي لاءِ لوڪ شاعر چيو آهي ته؛

ڪتي ڪڪر جر نهين، تون ڀوري ڏيکي مت ڀول
گُڻ ٿوڙو روپ گهڻو جيسا روهيڙي راتا ڦول

(ڀوري تون ڪتيءِ جا ڪڪر ڏسي ڀلج نه، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ پاڻي نه آهي. انهن ۾ ڳڻ گهٽ روپ گهڻو آهي، جيئن روهيڙي جا ڳاڙها گل آهن. جن ۾ روپ ته گهڻو هوندو آهي پر خوشبوءِ نه هوندي آهي.

مامو وشنو پنهنجي ڪردار ۾ سانوڻ جو ڀريل بادل آهي. سدائين گهنگهور گهٽا ٿي ڏڪاريل ٿر تي وسيو آهي. مامي وشن سان ملهايل شام ۾ انجنيئر گيان چند سچ چيو ته؛ مامو وشن موجوده دور ۾ ٿرپارڪر جو وڏو ماڻهو آهي. لوڪ ساگر جو ڪوي چوي ٿو ته؛

مينهان اور موٽان گهران هينئان ڇوڙي م آس،
او برسي تو سرور ڀري او ڇوڙي نا نراس،

(اي منهنجا من! مينهن ۽ وڏن گهرن مان ڪڏهن آس نه پلجانءِ، مينهن وسي ته تلاءِ ڀري ڇڏي، وڏي گهر جو خانداني ماڻهو ڪڏهن مايوس ڪري نراس نه موٽائيندو).



مائي ڌائي


لوڪ گيتن جي انوکو آواز

مائي ڌائي

ڪنهن ٿي ڄاتو ته عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ حويلي جي هي سادي سودي فقيرياڻي راڄ ڀاڳ جي ڀتن ۽ خوشي جي رهاڻن جي موقعي تي گهرن ۾ پنهنجي ماءُ جيان لوڪ گيت ڳائيندي موسيقي جي افق کي ڇهڻ جي لاءِ حيدرآباد جي لاهوتي اسٽوڊيو کان وٺي ڪوڪ اسٽوڊيو تائين پهچي ويندي. دنيا جي اسٽيجن تي دهل جي ٿاپ سان گڏ قديم ۽ جديد سازن تي سر وکيري فخر سان چوندي ته؛‘صحرا جي اڃ منهنجو آواز آهي، سڪ جي ساز تي جڏهن آئون ڳائڻ ويهندي آهيان تڏهن سانوڻ جي رم جهم جي لاءِ تڙپ منهنجي روح ۾ رقص ڪرڻ لڳندي آهي. ڏڪار جا گوندر گهنگهرو بڻجي ردم جي ريت پوري ڪرڻ جي لاءِ منهنجي اندر ۾ وڄندا آهن.’

مائي ڌائي کي انهي پد تائين پهچڻ ۾ وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ايتري تائين جو وڏن ڳائڻن سان گڏ باجو وڄائيندڙ مائي ڌائي جي پٽ محرم فقير کي به پهرين اهو منظور نه هو ته مائي ڌائي وڏن اسٽيجن تي ويهي ڳائي. پوءِ جڏهن محرم جي راضپي تي هن گهرن کان ٻاهر نڪري ڳائڻ شروع ڪيو ته برادري جا چڱا مڙس رستا روڪ جي لاءِ اچي ويا. پر هن همت نه هاري. کاروڙي سيد جي سڀاويڪ شاعر، سياستدان ۽ مرشد سائين سردار علي شاهه جي شفقت سان سڀ مشڪلاتون دور ٿينديون ويون.

سر جي ساڌنا ڪندي مائي ڌائي جي لاءِ هڪ ڏينهن اهڙو اچي ويو جو ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ هن جا ٻول ٻڌڻ جي لاءِ جديد سازن جي تياري ٿيڻ لڳي. دهل جي ٿاپ تي ڳائيندڙ هن لوڪ ڳائڪ پوري اعتماد سان جديد سازن تي ‘مانرا ڪيسريا’ بالما ڳائي وڏو مان مرتبو ماڻيو. مائي ڌائي جي مشهوري ۽ مقبوليت جي ڪجهه ڏهاڙن کان پوءِ بي بي سي جو سينئر صحافي رياض سهيل مائي ڌائي جو انٽرويو وٺڻ جي لاءِ ڪراچي کان لانٻي تلاءِ جي شهر عمرڪوٽ پهچي ويو.

ان انٽرويو ۾ مائي ڌائي انتهائي دلي عقيدت ۽ شڪرگذاري جو اظهار ڪندي چيو ته؛ منهنجي راڳ کي شهرتن جي آڀي تائين رسائڻ ۾ لوڪ راڳ جي شڪتي کان آگاهه سائين سائين سردار علي شاهه جي محنت شامل آهي. سائين سردار علي شاهه اتساهه نه ڏياري ها ته هُو پنهنجي قبيلي جي ٻين راڳين جيان علائقي جي محدود ڳوٺن ۾ تهذيبي ۽ ثقافتي تاڃي پيٽي ۾ راڳ جا رنگ ڀريندي عمر پوري ڪري وڃي ها. جيئن هن جي ماءُ صحرا جي هوائن کي پنهنجا سر ۽ تال ارپي هڪ گمنام فنڪاره طور حياتي پوري ڪري ويئي. جيتوڻيڪ هن وٽ هڪ سٺي ڳائڪ ۽ موسيقار جون سموريون صلاحتون موجود هيون. پر هن کي اڳتي اڀرڻ جو موقعو ملي نه سگهيو.

1945ع ۾ جنم وٺندڙ مائي ڌائي ننڍپڻ ۾ پنهنجي ماءُ سان گڏ ڪاڄ وارن گهرن ۾ وڃي ڳائيندي هئي. اتان هن راڳداري جو فهم حاصل ڪيو پر هن باقائده راڳ جي سکيا مائي کنڊ ٻائي کان ورتي. مائي ڌائي وٽ مائي ڀاڳي وانگر منفرد انداز آهي. لوڪ گيتن جي ٻولن ۾ دهل جي ٿاپ تي هن جو من ڀاوڪ آلاپ گهڻو اڳتي نڪري ويندو آهي. گڏ ڳائيندڙ راڳي جو آواز پوئتي رهجي ويندو آهي.جنهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي آڌار ‘مڪس’ ڪندي رسايو ويندو آهي.

مائي ڌائي کي ننڍا وڏا ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. جن ۾ سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي ايوارڊ کان وٺي آمريڪن ميوزيڪل ميلا جي ايوارڊ تائين شامل آهن، پر هن کي مائي بختاور ايوارڊ تي گهڻي خوشي ٿي. ڇاڪاڻ ته مائي بختاور جي نالي کي به جدوجهد جو پيغام سمجهي ٿي. پر هن وٽ اصل وڏو ايوارڊ ٻڌندڙن جي موٽ آهي.

مائي ڌائي جي آواز تي نه صرف صحرا جا ماڻهو روح ۾ راحت اتارين ٿا. پر سرد رات جا اداس ستارا به هن جي آواز تي مرڪي پوندا آهن. اين جي اوز جي نيم سياسي پروگرامن ۾ ‘پرزنٽيشن’ جي ٻولي ٻوليندڙ نوجوانن کان وٺي ائيرپورٽن جي ننڍين ڪرسين تي ويٺل مايا جي ڇايا وارا وڏا لوڪ به گوگل ۽ يو ٽيوب جي گهٽين ۾ گهمندي هن جي آواز جي رڪارڊنگ دل جي ڌڪ ڌڪ سان گڏ گونجائين ٿا. مائي ڌائي جي راڳ ۾ ٿر جي صدين جي سنگيت جو پڙاڏو آهي. دهل جي ٿاپ تي آد جڳاد جو آواز اٿي ٿو. 

مائي ڌائي وٽ موسيقي پاڪ پوتر سرن ۽ سازن جو ميلاپ آهي. جنهن سان نڀائڻ جي لاءِ دل ۽ روح سان هن جو پنڌ جاري آهي. هن جو راڳ شفق جي ٻوليءَ ۾ لوڪ گيتن جي لولي آهي. ڌرتي جي ڌن ۽ مٺڙي آلاپ جي هم آهنگي ۾ تخليق جو راز ڪلپنا جي مڌر ميلاپ ۾ تصور جي آڱر پڪڙي پونماسي چنڊ جي روشني ۾ ڪارونجهر جي ڪور تي بيهي ٿو. ڏور پريان چونئري جي اڳيان کٽ رکي سانورو ڪولهي ميمري ڪارڊ جي مدد سان مائي ڌائي جو ڳايل گيت ‘موريا ري ميٺو تون ٻوليو’ وڄائي ٿو ته گيت جي آواز تي مور جي ٽهوڪن سان گڏ جين مندر جا گهنڊ گونجي اٿن ٿا



ماٺيڻو اوٺو


مُهراڻي جو مٺڙو ڪوي

ماٺيڻو اوٺو

نوجواني ۾ هو ننگرپارڪر جي جين مندرن جي آرٽ وانگر موهڻو هو. آڀي جا اکٽ ستارا هن جي سونهن تي هرکندا هئا. ڌرتي جي هن دلبر ڪوي کي مالڪ صورت سان گڏ ڏات جي انوکي مڻيا ڏني هئي. هن جي من جو شعور سج- اُهاءٌ ڪري چمڪيو هو. هن جي شعرن جي اڏام ڏات جي ڏيهه مان ائين ٿيندي هئي، جيئن باک ڦٽي جو آکيري مان پکي اڏرندا آهن. ڏينهن تتي جو جيئن تاءُ ٿيندو آهي، ائين ڪاري رات تي هن جو رت اُٻڙڪا کائيندو هو. پيڙهيل انسانن جي اندر ۾ ويڙهه جو دائمي جذبو ۽ جوش پيدا ڪرڻ جي لاءِ هن جي دل ڌڙڪندي هئي.

ڪيسين رهندي ڪاري رات،
نيٺ ته ٿيڻي آ پرڀات،
ڏينهن ٻه ٽي آ ڏک ۽ ڏاڍ
آخر ٿيندي ظلم جي مات

هن جي شاعري عشق جي باري ۾ آهي. ڌرتي ۽ سرتي جي عشق ۾ سرجيل آهي. بائرن جي لاءِ هڪ نقاد وليم جارج لکيو هو ته؛ “هن شخص جي شاعري عاشقن جي دلين جي باهه آهي. آئون وليم جا لفظ اڌارا وٺي لکڻ ٿو چاهيان ته ماٺيڻي جي شاعري عاشقن جي دلين جي باهه آهي. پنهنجي پيار کي سڏيندي ماٺيڻي چيو هو ته؛

سانئڻ اڄڪلهه آهيان مان،
پوياڙيءَ جي پاڇي جان!.

ڪڏهن ڪڏهن تون ملندي وڃ،
تو کي زخم پنهنجا ڏسيان

هن جي اندر جي آرزو هئي ته پيار هن تي چوماسي مينهن وانگر وسي، تيز وڏڦڙو ٿي ٻوڙان ٻوڙ ڪري، پر ڪڏهن ڪڪر ڪارونڀار نه ٿي نه اڀريو. پيار جي ڦڙي جي لاءِ هن جو روح سڪندو رهيو. پرين جي زلفن جي نيري ڇانوَ کان سواءِ هن زندگي ۾ ٻيو ڪجهه نه گهريو هو. هن جي پيرن جو پنڌ ۽ من جي تڙپ پيار جي لاءِ هئي. پر ڪڏهن مارڳ ماڻڻ جو لحمو هن وٽ نه آيو، هن جي حصي ۾ سدائين اوسيئڙا ئي رهيا:

روح جا ريلا، هاءِ اڪيلا، سڏڪي توکي ساريان

ڍوليا ويٺي واٽ نهاريان.

--

گهايل منهنجو من گهٻرائي،
آئين ڇو نه الائي

آئون جڏهن ماٺيڻي جي شاعري جو اڀياس ڪندو آهيان، تڏهن منهنجي اندر ۾ الائي ڇو اهو سوال اڀرندو آهي ته نزار قباني وانگر هن ڪچي وهي ۾شاعري ڪرڻ جو ارادو ڇو ڪيو هيو؟ منهنجي سوال تي هن جي شاعري خود جواب ٿي پوندي آهي ته، ماٺيڻي اوٺي تمام مختصر عمر ۾ ڏکن کي سڃاتو هو. هن جي جيون ۾ ڏينهن جي ڏکن ۽ راتين جي اوجاڳن هڪ ٻي کي توريو هو. هن جي حساس روح کي ڪيتريون اذيتون مليون هيون. هن مٺو مڌ ڇڏي ڪڙي جي ڪيف جي لاءِ پيڙائن وارو پنڌ ڪيو هو.

دک جو ڪونهي ڪوئي دنگ
جيون ڪاريهر جو ڏنگ
سوچي سوچي ذهن ٿڪو آ،
ذهن تي جو آهي زنگ

پر اهو ڪنهن نه ڄاتو ته حساس دل هڪ ڀيرو رٺي ته هُن کي سرچائڻ ۽ ريجهائڻ مشڪل ٿي پوندو. 2 فيبروري 1952ع تي مهراڻي جي ڳوٺ بلاول اوٺي (خانور اوٺا) ۾ علي محمد اوٺي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ماٺيڻو اوٺو رٺو به اهڙو جو، هن جو لاش ڄامشوري جي پل جي ٻائيتاليهه دروازي وٽان مليو.

چون ٿا ته جديد شاعري جي وڏي نانءُ شيخ اياز ماٺيڻي اوٺي کي روبرو چيو هو ته ماٺيڻا! تنهنجي نالي ۾ ٻه ٺ آهن. ڊپ لڳي ٿو ته ڪٿي ٺڙڪي نه پوين.

ماٺيڻي اوٺي جي موت گهڻن کي گهايل ڪري ڇڏيو هو،

ماٺيڻي جي دوست، سنڌي ٻولي جي سهڻي ساعر سائينداد ساند روئي چيو هو؛

..... ڪو ٻڌي نه ٻڌي، آئون تنهنجا سڏڙا ٻڌان ٿو، او ماٺيڻا،

مون کي پل پل ڏوراپا ته نه ڏي!

مون کي تنهنجي اڪيلي هئڻ جو احساس آهي،

اجهو توکي رسيس ماٺيڻا؛

زندگيءَ جون رهيل زنجيرون به ڪترڻ ڏي.

ماٺيڻي پرائمري جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان ورتي. ذهين هجڻ جي ڪري هن ٽيون ۽ چوٿون درجو ڊبل پروموشن ۾ ڪيا، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي مان ڪري گهر اچي ويهي رهيو، ڇاڪاڻ ته سندس والد صاحب غربت سبب اڳتي پڙهائي نٿي سگهيو. پنهنجي دور جي نامور استاد ۽ ماٺيڻي اوٺي جي چاچي عبدالهادي کي اها خبر ملي ته هن ماٺيڻي کي اتساهه ڏيئي پنهنجي خرچ تي پڙهائڻ جي لاءِ شاهه لطيف ڪاليج ميرپورخاص ۾ داخلا وٺي ڏني. انٽر ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي اي فرسٽ ڪلاس مان ڪيائين.

شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿي آيو ته نامور ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس ۽ ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو ماٺيڻي کي مهان ڪوي شيخ اياز وٽ نوڪريءَ جي لاءِ وٺي ويو.شيخ اياز ماٺيڻي کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ اسسٽنٽ لائبريرين مقرر ڪيو ۽ ماٺيڻي نوڪري دوران سنڌ يونيورسٽيءَ مان شام واري شفٽ ۾ لائبريري سائنس ڊپارٽمينٽ مان ڊپلوما جوڪورس ڪيو ۽ جنهن ۾ هن سڄي سنڌ ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو.

ماٺيڻي اوٺي کي علمي ادبي ڪتاب پڙهڻ جو ننڍپڻ کان چاهه هو. لکڻ جي شروعات اسڪول جي زماني کان ڪيائين. هن جي گهر ۾ ادبي ماحول هو. سندس رهنمائي جي لاءِ وقت جو نامور استاد عبدالهادي ۽ عوامي شاعر بلاول اوٺو مليا. آئون چاهيان ٿو ته ماٺيڻي جي خاڪي ۾ سائين عبدالهادي جو ٿورو احوال ڏيئي پڙهندڙن کي ماٺيڻي جي هن محسن هستي کان واقف ڪرايان. 10 جنوري 1937ع تي جنم وٺندڙ عبدالهادي سچ ته وڏو ماڻهو هو. ماڻهو کي مان مرياده ڏيڻ ۽ علم دوستي جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مهراڻي جي پٽ ۾ هن جي جوڙ جو ڪير نه هو. ٿاڌات جي مولوي نصير الدين ساهڙ وٽان تعليم پرائي 5 جولا3 1954ع پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1959ع ڌاري حيدرآباد جي ٽرينگ ڪاليج ۾ پرائمري استادن جي ڪورس ۾ سڄي سنڌ مان پهريون نمبر کنيو. عبدالهادي کي سنڌي سان گڏ عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ عبور حاصل هو. پوري ٿر ۾ مثالي ۽ محنتي استادن جي فهرست ۾هن جو نالو ڳڻيو ويندو آهي. کيس .بهترين استاد جو ايوارڊ به مليو. پرائمري تعليم جي درسيءَ ڪتابن جي جائزي طور هن مضمون پڻ لکيا. 1990ع کان 1994ع تائين تعليم کاتي ۾ يونين ڪائونسل جوڙئو جو سپروائيزر ٿي رهيو.

ماٺيڻي جو چاچو بلاول اوٺو عوامي شاعر آهي، جنهن جي شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي گلوڪارن ڳائي جهرجهنگ گونجائي آهي. هن وقت ريڊيو پاڪستان مٺي تي آبادگارن ڀائرن جي لاءِ پروگرام “ڏاڏي جي ڪچهري ۾ ڏاڏي جو ڪردار ادا ڪندو آهي.

ماٺيڻي ڪيترائي شعر، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ريڊيائي فيچر لکيائين.هن جو لهجو نرالو آهي.ماٺيڻي جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو “وڇوڙي جا گيت” سندس وفات کان پوءِ دوستن سنڌي ادبي سنگت، سنڌ يونيورسٽي شاخ 1983ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو، ماٺيڻي جي رهيل شاعري اخبارن ۽ ڊائرين تان اتاري سندس سوٽ نوجوان ليکڪ زاهد اوٺي “روح رنو اڌ رات” نالي ڪتاب ۾ ترتيب ڏيئي 2005ع ۾ ڇپائي. ماٺيڻي لائبريري سائنس تي ڪيترائي مضمون لکيا. جن کي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. ماٺيڻي اوٺي سنڌي ڪتابن جي هڪ ببلوگرافي تيار ڪئي هئي، جنهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوريو پاران 1989ع ۾شايع ڪئي ويئي. ماٺيڻي جون ڪهاڻيون ڪمال جون آهن، جن کي ميڙڻ جو اڃان ڪنهن ويچار نه ڪيو آهي.

ماٺيڻي کي لفظن جي آڳ ۾ جلڻ ايندو هو. پيار جي پنڌ ۾ تخليق جي گرمي سان ڊسمبر جي ڏهاڙن کي جون جي آرهڙ ۾ تبديل ڪرڻ جي سگهه رکندو هو. هن کي پنهنجن مارن سان محبت هئي. ڄامشوري جي پٿريلي پٽ تي ٿر کي ساري لکندو هو ته؛

هجن خوش هميشه پاڙيچا پنهوارن،
اٿم جيءَ ۾ جن جي سدائين سنڀار
رهن روحُڙي ۾ ٿاريلن جا ٿاڪ

ماٺيڻي مقامي ٻولي ۽ ان جي روايتن جي خوبصورتي کي ڪڏهن هٿان نه ڇڏيو. ٿر جي لوڪ ادب تي به مانائتو ڪم ڪيو هو. وقت جي ستم ظريفي سبب منظر عام اچي نه سگهيو آهي. ماٺيڻي جي ڊائرين ۾ ٿر جا لوڪ گيت ميڙيل ملن ٿا.

ٿر جي آڌي رات آهي. ماٺيڻي تي آئون خاڪو لکي رهيو آهيان. لکندي مون کي ماٺيڻي جي وائي ياد اچي ٿي ته آئون ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي آڱريون هلائيندي لڙڪن سان لکان ٿو؛

نيڻ ٽمن ٿا، رت روئن ٿا، روز هنجون ٿي هاريان

ڍوليا ويٺي واٽ نهاريان.



خضر سمون


نامور استاد ۽ ماحول دوست

خضر سمون

ٿر جي باراني زمين جي وڏي زميندار محمد عرس سمي جي گهر ۾ 1967ع تي جنم وٺندڙ خضر سمو، راڄ نيتي جو راڻو، استاد ۽ ماحول دوست منش آهي. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مالسريو مٺو مان حاصل ڪئي. جڏهن ته گورنمينٽ مڊل اسڪول سندر مان اٺون پاس ڪري مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول اسلام ڪوٽ مان ۽ انٽر ڊگري ڪاليج مٺي مان پڙهي نڪتو.

مائٽن وٽ ‘اتم کيتي ۽ مال آهي لال’ واري سڀاءُ هئڻ جي ڪري پڙهي ڳوٺ اچي ويٺو. سما برادري جي عزيز سائين عبدالشڪور جي اتساهه تي نوڪري جو شوق پيدا ڪري 1983ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. هن جي پهرين مقرري ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڀاڻسر ۾ ٿي. پوءِ سڄو عرصو ڀاڻسر جي ويجهن ڳوٺن سکپور ۽ ڪاڙڪي ۾ استاد ٿي رهيو. اتان ئي نوڪري تان رٽائر مينٽ ورتائين.

سائين خضر جو والد صاحب محمد عرس نرم مزاج رکندڙ راڄ نيتي وارو شخص هو. جڏهن ته سندس چاچو مير محمد ارڏي طبيعت جو ڌڻي، اٺ ۽ گهوڙا ڊوڙائڻ جو شوقين ۽ موسيقي جو ٻڌندڙ هو. تر جي رڄ مڙسن ۾ ٻنهي کي منفرد حيثيت حاصل هوندي هئي. راڄوڻي تعلقات ٿر ۽ لاڙ کان وٺي سانگهڙ ۽ نواب شاهه تائين وسيع هئا.

ونگي جي ڄامن ۾ ارباب الهجڙئي ۽ ارباب امير حسن سان هن جي خاندان جي وڏي ويجهڙائپ رهي. مير محمد سمون نشي واري ڪاري غنودي ڪڻڪي واپرائيندو هو. ان ڪري ارباب امير حسن ۽ ارباب غلام رحيم مير محمد جو نالو “ٻنڌاڻي” رکيو. محمد عرس ۽ سندس ڀاءُ تعصب کان آجا سڀ ۾ پرين پسڻ وارا هئا. ننگرپارڪر جي اکا سوڍن، پاٻوهر جي نرن سوڍن ۽ اسلام ڪوٽ، ڏاني ڌانڌل، ڪاسٻي ۽ ننگرپارڪر جي لهاڻن سان ويجهڙائي وارا تعلقات رهيا. مير محمد مسڪين جي دانهن تي ڪنهن به ڏاڍي سان اٽڪندي دير نه ڪندو هو. غريبن سان بي واجبي ٿيڻ نه ڏيندو هو. غريب مسڪين ماڻهن کي تنگ ڪرڻ ٻلونت سنگهه سان به وڙهي پيو. ڪيسوٻاءِ جيان مير محمد به ٻلونت سنگهه سان به وڙهي پيو. ڪيسوٻاءِ جيان مير محمد به ٻلونت سنگهه کي ‘ٻليو’ چوندو هو. ٻلونت سنگهه جڏهن پڙ تپايو تڏهن ويرا واهه جي ڪوٽڙي جي ڌڻي اڀيهه سنگهه وٽ ڇڏيل مينهون ڪاهي اچي نئون ڪوٽ ۾ ارباب الجهڙئي جي بنگلي ۾ رهيو. پر ڪڏهن هار نه مڃيائين.

خضر جي خاندان مان بيباڪي جي حوالي سان امين محمد سمون به مشهور رهيو آهي. جنهن انگريز دور ۾ غريب ڪولهي سان اڻ وڻندڙ رويوا ختيار ڪرڻ تي انگريز عملدار کي چماٽ وهائي ڪڍي هئي. امين محمد جو پٽ نواب واقعي نواب هو. فائينل سنڌي پاس نواب کي تاريخ، تهذيب ۽ لوڪ ادب تي وڏي ڄاڻ هوندي هئي.

اهڙو خانداني پسمنظر رکندڙ سائين خضر پنهنجي روايتن جو امين آهي. مزاج جي ملنسار ۽ رحم دل شخص جي فطري حسناڪي سان وڏي محبت آهي. مالسريو جي سيم سڃاڻپ گهاٽي وڻڪاري ۽ جهنگلي جيوت جي گهڻائي آهي. سندر کان ٻاراچ ڏانهن ويندڙ روڊ تان لهي مالسريو مير محمد جي ڳوٺ ڏانهن رخ ڪبو آهي ته گهاٽن کٻڙن ۽ ڊگهن ڪنڊن جي ڀرسان ڳوٺ جي رليي ۾ ڪنهن گھڙي سهو ڊوڙيندي نظر ايندو آهي ته ڪنهن مهل مور مٽڪو رمندي ملندا آهن. ڪنهن پل تترن جي تيز اڏار جو آواز ايندو آهي ته ڪنهن ٽاڻي ٻاڻي ٻاٻيهن جي ٻولي روح ۾ پيهي ويندي آهي. ڳوٺاڻن پاران وڻ وڍن ۽ شڪار ڪرڻ تي مڪمل پابندي اهي. انهي ٻڌي ۾ سائين خضر جو اهم ڪردار آهي. خضر کي ٿر جي ماحوليات جي وڏي ڄاڻ آهي. سولي سنڌيءَ ۾ هي پرائمري استاد رهندڙ سمون ٻڌائي سگھي ٿو ته؛ ڊيزرٽ ايڪولاجي، جي خصوصيت ڪهڙي رڻ ڪڇ سينچري جو سار سنڀار منصوبو نه جڙڻ جي ڪري هي نقصان ٿي رهيو آهي. فطرت ۾ فوڊ چين جي اهميت انهيءَ ڪري آهي. ڪارونجھر جي نيشنل پارڪ ٿيڻ سان ٿر جي ماحول کي هي فائدو ٿيندو آهي.

پارڪر جي پٽ ۽ ڪارونجھر جي پهاڙي سلسلي کي هن وک وک تي پرکيو آهي.ننگر پارڪر جو وڻ وڻ هن کي سڃاڻي، جڙي ٻوٽين جي خوشبوءِ هن جي روح ۾ سمايل رهي آهي. اهي به ڏينهن هيا جڏهن ڀلي گھوڙي تي چڙهي پارڪر ڏانهن هلندو هو ته وانڍيو وانڊيو هن جي آڌر ڀاءُ جي لاءِ شيخ اياز جي سٽ جو هوبهو عڪس ٿي پوندو هو ته؛

آءُ ته آڌرڀاءُ ڪري ڪو،

تنهنجو آڌرڀاءُ ڪري!.

پر هاڻي طبيعت ۾ پوڙهاپڻ جو وائرو ورڻ جي ڪري هن کان سفر ٿئي نٿو، پر ڳالهين جي ڳهير ۾ اڄ به پورو پارڪر لتاڙي ايندو آهي. سامي ويريءَ جي سج نامياري سماج سڌارڪ مسڪين جھان کوسي سان هن جا خانداني واسطا هئا. ڪيترائي ڀيرا مسڪين جي چوڻ تي گھوڙي تي چڙهي غريبن جي مدد جي لاءِ ويو. ڪارونجھر جي ڌرتي ڌڻين جي دوست دلبر کوسي سان پارڪر ۾ رهڻ دوران دوستي ٿي. دلبر جي ڪچهري ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. مسيڪن ۽ دلبر جي ذڪر تي خضر چوي ٿو ته ڇا ته ڪونڌر مڙس هئا. عام ماڻهو جي خدمت ڪير ڪرڻ چاهي ته مسڪين ۽ دلبر جي واٽ اختيار ڪري. مسڪين جھان خان جي ڇڏيل مشن کي دلبر خان کوسي اڳتي وڌايو. مسيڪن وڏيرن جي ڏاڍ ۽ ڪامورڪي ڪلور جي خلاف وڏي وڙهاند ڪئي، ننگرپارڪر ۾ عام ماڻهو کي جيئڻ جو حق ڏياريو. پر مسڪين جي وفات کان پوءِ پرماري قوتون وري متحد ٿي غريبن تي ڪڙڪڻ لڳيون ته،دلبر ڍال ٿي آيو. ونگارن جو ٻيهر خاتمو ٿيو. دلبر ننگرپارڪر جو چيئرمين چونڊجي آيو ته غريبن جي گھرن ۾ مٺائي ورهائي ويئي. دلبر روز شهر جو پيادل دورو ڪندو هو. مختلف پاڙن ۽ ڳوٺن ۾ ڏينهن مقرر ڪري کلي ڪچهري ڪندو هو. دلبر هر دڪان ۽ گھر تي وڃي ماڻهن کان پڇندو هو ته مسئلو هجي ته ٻڌايو.

دلبر پنهنجي ذات جي لاءِ ڪا به ملڪيت نه ٺاهي، غربت ۾ گذارو ڪندو هو. دلبر جي اوطاق تي سدائين ماڻهن جي رش هوندي هئي. گھر ۾ جيڪو به لولو پڪل هوندو هو، اهو مهمانن جي لاءِ کڄي ايندو هو، ڪڏهن ڪڏهن گھر جا ڀاتي فاقاڪشي جي عالم ۾ رهندا هئا. دلبر جي پٽن جو اڄ به ننگر شهر ۾ هڪ به ذاتي پلاٽ نه آهي. دلبر جڏهن هي جهان ڇڏيو ته هزارين ماڻهو جنازي ۾ شريڪ ٿيا هئا. غريب ڪولهي اوڇنگارون ڏيئي رنا هئا.

سائين خضر سان ٿر جي سماجيات تي ڪچهري ڪرڻ مهل جيڪڏهن محفل ۾ مامو الهڏنو هوندو ته منڊي تي ٽڪ، پوءِ سچ کٽي يا ٻج کٽي. ڳالهه جو سنڌو نه ايندو. جتان سائين خضر ڳالهه ڇڏيندو اتان مامو الهڏنو ڳالهه کڻندو. ٻڌندڙ ويٺو ٻڌي. لوڪ ادب جي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ وري سائين خضر جو وڏو ڀاءُ اسان جي پياري دوست، شاعر ۽ نثر نويس ناشاد سمي جو والد صاحب چاچو ٺار محمد ڄاڻو آهي. پر هاڻي ٺار محمد ڪنن کان ٿورو وڏو ٿيڻ جي ڪري ڪچهري ۾ گھٽ حصو وٺي ٿو. پر اوطاق جي ڪچهري ۾ سائين خضر چوندو آهي ته ادا وڏي کان لوڪ شعر يا قصو نه ٻڌوسين ته محفل ۾ ڪمي رهجي ويندي. ائين ڀاءُ جو اسرار ٺار محمد کي ڪچهري ۾ شامل ڪري وجھندو آهي.

سائين خضر ۽ چاچو ٺار محمد ٻئي ڀائر سٺا گھوڙيسوار رهيا آهن. ڀلن گھوڙن ۽ ڍڳين جا نسل آڱرين تي ڳڻي ٻڌائي سگھن ٿا. چاچو ٺار محمد اڃان به ڀلا گھوڙا ڌارڻ ۽ ٻني سنڀالڻ جو شوق پورو ڪرڻ جي جستجو ڪري ٿو. هن اهڙو شوق پنهنجي پٽ اياز کي به ورثي ۾ ڏنو آهي. جيئن سندس ڏاڏي سڄڻ مالداري جو شوق ورثي ۾ ڏنو هو.

ٿر جي مالدار ڀاڳين وٽ سڄڻ ۽ سندس ڍڳين جي ڳنوار ٻانڀڻيو ڀيل جي ڍڳين کي سنڀالڻ واري ڪهاڻي مشهور رهي آهي. چون ٿا ته سڄڻ سمي وٽ ٻانڀڻيو ڀيل نالي ڍڳين جو ڳنوار هو، وڏي محنت سان ڍڳيون چاريندو هو. ڍڳين جي سار سنڀال تي ساهه پساهه ڏيندو هو. هڪ ڀيري ڳوٺ ۾ گاهه جي اڻاٺ سبب سڄڻ وارا ڀالوا جي ڀرسان ڳوٺ مهلاڻو ۾ گاهه جي سانگي ترسيل هئا. ڍڳين کي تسي تي پاڻي پياريندا هئا. مطلب هڪ ڏينهن ڇڏي ٻي ڏينهن تي پياريندا هئا. ڍڳيون کوهه تي اڃ سبب ڊوڙنديون اينديون هيون. انهن کي روڪڻ مشڪل هوندو هو. هڪ ڏينهن ڪجھه همراهن پوڙهي سڄڻ کي چيو ته تنهنجي ڳنوار کي ڀلو ته تڏهن سمجھون جڏهن تسي تي ايندڙ ڍڳيون پاڻي پيئڻ کان سواءِ کوهه تان واپس واري ڏيکاري. سڄڻ ڀانڀڻيئي سان صلاح ڪري شرط رکي. ٻي ڏينهن کوهه تي ميڙو متو. ڍڳيو تسي تي پاڻي پيئڻ جي لاءِ اچي رهيون هيون، ٻانڀڻيو ماٺڪو ويٺو رهيو، جڏهن ڍڳين واڙي ۾ پاڻي پيئڻ جي لاءِ منهن وڌو، تڏهن نال ڪري هن واپس واريون. سڀ ڍڳيون پاڻي پيئڻ بنا واپس موٽي آيون. ائين ٻانڀڻيئي شرط کٽي ورتو. سڄڻ جو ڪنڌ فخر سان اونچو ٿيو.

چون ٿا ته ساڳي ڳوٺ جي سيم ۾ ڍڳيون چاريندي رات جو ڪنهن مهل ٻانڀِڻيو اک ڀيڙي ڪرڻ جي لاءِ ستو ته پيئڻ ڦوڪي ويئي. ٻي ڏينهن ڍڳيون وٿاڻ نه آيون. سڄڻ ۽ سندس ساٿي واهر ڪري پهتا ته سيم ۾ ٻانڀڻيو ستو پيو آهي. سڀ ڍڳيون ڀرسان چوڪيس بيٺون آهن. ٻانڀڻيئي جو ديسي علاج ڪيو ويو پر بچي نه سگھيو. ٻانڀڻيو کي زمين داخل ڪري وارث گھر موٽيا، ڍڳيون بٺي تي رانڀاٽا ڪري پيون. ست ڏينهن ڍڳين ڪجھه نه کاڌو، پيتو. بُٺي تي پيل رهيون. اٺين ڏينهن تي ڏهه ڍڳيون سانَ ڍڳي سميت مري ويون.

پياري دوست ناشاد جي ڀاءُ اياز جي ڍڳين جي ولر مان هڪ ڍڳو 2014ع ۾ چار لک ۾ گھُرجي ويو پر هن نه وڪيو. مالڪ ڪري اهڙن ڀاڳين جو وٿاڻ سدائين آباد رهي.

سائين خضر پڙهائڻ دوارن تعليم جي لاءِ ٻارن کي تمام گھڻو اتساهيو. هن جو شمار انهن استادن مان آهي. جن اونداهه ۾ روشني ڏيکاري . هن علم ذريعي سنسار کي انصاف ۽ محبت جي ماڳ بڻائڻ چاهيو آهي. علم جي روشني، کي زندگي جي روشني سڏي عام ڪئي. علم جون جھوليون ڀري غريب ۽ مظلوم ماڻهن ۾ ورهايون. هن مٽي سان ازل جي ناتي کي علم سان پريت جي وچن طور نڀايو.

الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قابلو بليٰ قلب سين تڏهن تت چيوم،
تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان.

اسان جي سهڻي شاعر ۽ نثر نويس دوست ناشاد سمي جي تربيت ۾ سائين خضر جو وڏو هٿ آهي. نه سائين خضر جي طبيعت ۾ ٺٺ ٺانگر ۽ وڏائي آهي نه ئي اسان جي دوست ناشاد ۾ آهي. فقيري جي اميري ۾ رهندڙ سائين خضر جي اوطاق جو دستر خوان ڪشادو آهي. سائين خضر جي اوطاق تي راڄ ڀاڳ جا ماڻهو مهمان ٿيندا آهن ته سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن جا هنس به علمي، ادبي اڃ اجھائڻ ۽ روح ۾ ثقافتي تازگي اتارڻ جي لاءِ پهچندا آهن.

سائين خضر ناشاد جي دوستن کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندو آهي. اسين زماني سازي ۾ جڏهن ٿڪي ٽٽي پوندا آهيون تڏهن مالسرئي ڏانهن سائين خضر جي اوطاق تي هليا ويندا آهن. ڀٽائي ياد ايندو آهي ته ؛

الا جنگ جين، جني اجھي آئون گھاريان.



ڊاڪٽر عبدالعزيز


نامور مسيحا ۽ محقق

ڊاڪٽر عبدالعزيز

هاڪڙو تهذيب جي عظمتن جو وارث سانوري رنگ جو هُو سنهڙو ۽ قداور شخص اکين تي عينڪ چاڙهي اچي دانشور وانگر ملندو آهي، تڏهن مون کي شيخ اياز جو هي بيت ياد ايندو آهي ته؛

هونئن ته آءُ آزاد، جيئن هُو پنڇي واءُ ۾،
پر تون مون کي داد، مور نه ڏيندين جيئري.

پر هن اشراف انسان ڪڏهن داد جي لاءِ پانڌ ڦهلايو نه آهي. هن جي سدائين جستجو رهي آهي ته پنهنجي حصي جو ڪم ڪري وٺان. هن زندگي جي لاهن چاڙهن ۾ ثابت قدم رهي سماج جي لاءِ اميد جا جذبا پيدا ڪيا آهن. هن نئين نسل کي روشن آئيندي جي ڄاڻ ڏني آهي.

سرڪاري نوڪري تان رٽائرمينٽ وٺڻ کان پوءِ ڊاڪٽر عزيز جي روزمره جي ڪاروهنوار ۾ صبح جو اٿي مالڪ در سر جھڪائي دعا پني، ٻني ڏانهن نڪرڻ آهي. جتي ساوا کيت ڏسي، اکين کي ٺار ڏيئي هارين سان ڪچهري ڪري واپس گھر اچي اخبار پڙهي منجھند جي ماني کائي پنهنجي پرائيوٽ اسپتال پهچڻ آهي. اسپتال ۾ موجود مريض نهاري پوءِ ڪڏهن ڪنهن دوست سان گڏجي مشاهدي جي لاءِ ڪنهن تاريخي ماڳ ڏانهن روانو ٿي ويندو آهي ته ڪڏهن گھر اچي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو آهي. مطالعو ۽ مشاهدو ۽ لکڻ هن جي زندگي جو اهم حصو ٿي ويا آهن. جنهن ڏينهن ڪنهن نئين ماڳ کي مشاهدي ۾ نه آڻيندو آهي يا ڪنهن ڪتاب جا نوان صفحا نه پڙهندو ۽ لکندو نه آهي. ان ڏينهن کي اجايو سمجھندو آهي. مسافري، مطالعي ۽ تحقيق جي تيز هن انسان جا “هاڪڙو وادي جا ماڳ” ۽ “ مارئي جو ڪردار“ دلچسپي وارا موضوع آهن.

ڊاڪٽر عبدالعزيز رحماني چارڻ قبيلي جي مارو نک ۾ مارئي کي ڳولي ٿو. هاڪڙا وادي جي ولهار پتڻ جي آثارن وٽان لنگھي جڏهن شو مندر تي پهچندو آهي تڏهن چارڻي ديوي آوڙ جي ڪهاڻي تاريخ جي ڪتابن، چارڻ ڪوين جي ڇندن ۽ ڀٽائي جي بيتن جي آڌار مارئي جي روپ سروپ لڳندي آهي.

ٿر جي طبعي ڀاڱن جي بيهڪ ۽ تاريخ اهڙي ته خوبصورت انداز ۾ پيش ڪندو آهي. جو ماڻهو پيو ٻڌي. سمن ۽ سومرن جي صاحبي جي تاريخ تي وڏي دسترس آهي. پر ان سان گڏ ننڍي کنڊ جي هنرمند قبيلن جي ڪرت تي وڏي ڄاڻ آهي. ڊاڪٽر عزيز جو چوڻ آهي ته ننڍي کنڊ جي ثقافتي تاريخ تي جوڳو ڪم ئي نه ٿيو آهي. اهي هنرمند پورهيت جن موئن جي دڙي ۽ هڙاپا کي اڏيو، انهن جا نالا تاريخ ۾ اڄ ڏينهن تائين اچي نه سگھيا آهن. فن جي بي قدري جي ڪري حال اهو ٿيو آهي ته موئن جي دڙي واري دور ۾ جيڪو فن هو، اهو پروان چڙهي نه سگھيو. ان وقت جي ڪنڀر ۽ واڍي جو ڪم ڏسو ۽ هن وقت جو ڪم ڏسو. ڏينهون ڏينهن فن جي چٽائي ۽ سونهن جي سرسي ۾ گھٽائي آئي آهي.

ڊاڪٽر عزيز جو جيءُ سنڌڙي جي سڳنڌ ۾ جرڪندو آهي. هن وٽ مٽي جي وڏي مهانتا آهي. پنهنجي وڏڙن جي تاريخ هن”مٽي جي پٽ” طور بيان ڪندو آهي. سنڌو جي مٽي جي خمير ۾ ڳوهيل هن ماڻهو کي تاريخي ۽ تهذيبي شعور ورثي ۾ مليل آهي. ڊاڪٽر عزيز کي اهي ماڻهو اصل نه وڻندا آهن.جيڪي پروفيشنل گفتگو ڪندي ڪمرو سگريٽ جي دونهين سان ڀري ڇڏينداآهن.

2 آڪٽوبر 1958ع تي کاروڙي چارڻ جي تاريخي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر عزيز جو ڏاڏو حاجي محمد عاقل کاروڙي چارڻ جي پنچائت جو اهم ڪردار هوندو هو. کاروڙي ۾ ستيڏان چارڻ، آئيڏان چارڻ، حاجي قاضي عزيز الله منڱريو، حاجي عاقل ڪنڀار جي چوياري پنچائت جي مک هئي. سموري راڄ جا مسئلا گڏجي ويهي حل ڪندا هئا. ماڻهن ۾ ميٺ محبت ۽ برداشت هئي. راڄ جي چڱن مڙسن ۾ مڻيا هوندي هئي. هو راڄ هلائي سگھندا هئا. محمد عاقل جا ڇهه ئي پٽ محمد ابراهيم، محمد عثمان، محمد قائم، محمد عيدل، محمد يامين، محمد سومار سپوٽ ٿيا. محمد عاقل کي تعليم جو وڏو احساس هوندو هو. هن نه صرف پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ جي جستجو ڪئي. پر راڄ جي ٻارن کي تعليم جي زيور سان سينگارڻ جي لاءِ سندرا ٻڌا. ان تمنا جي ترشنا ۾ هو گھڻو ڪامياب ويو.

ڊاڪٽر عزيز جو والد صاحب محمد قائم پنهنجي دور جو ذهين ۽ سچار شخص هو. هن پرائمري استاد طور پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ڪئي هئي. پوءِ جونيئر اسڪول ٽيچر ٿيو. جونيئراسڪول ٽيچرهئڻ دوران ڪميشن جو امتحان ڏيئي ليڪچرار شپ ماڻي، ليڪچرار هوندي هن اسڪالر شپ جي لاءِ ڪوشش ورتي. اسڪالر شپ ملڻ تي وڌيڪ پڙهڻ جي آمريڪا ويو. جتان ميشيگان اسٽيٽ يونيورسٽي مان تعليمي ڊگري حاصل ڪري واپس وطن اچي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هالا جي ڪوآرڊيٽر طور جوائن ڪيائين. ترت کيس اسلام آباد ۾ اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل ايڊوائيزر جي آڇ ٿي. اسلام آباد ۾ رهڻ کان پوءِ ٻيهر سنڌ گورنمينٽ کي جوائن ڪري سنڌ سيڪريٽري ۾ تعليم کاتي جو سيڪشن آفيسر ٿي آيو. جتي نوڪري دوران مئي 1990ع ۾ وفات ڪري ويو.

ڊاڪٽر عزيز پرائمري تعليم کاروڙي چارڻ جي اسڪول مان مڪمل ڪري انگريزي پڙهڻ جي لاءِ مڊل اسڪول نيوڇور ۾ داخلا ورتي. جتي سندس والد صاحب محمد قائم ۽ چاچو محمد عيدل استاد طور فرض سرانجام ڏيئي رهيا هئا. 1974ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمرڪوٽ مان مئٽرڪ ۽ عمرڪوٽ جي ڪاليج مان 1976ع تي انٽر جو امتحان ڏيئي ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄامشوري پهتو. هن کي پنهنجن ماڻهن جي پيڙائن جو پتو هو. ان ڪري رات ڏينهن هڪ ڪري پڙهائي ۾ دلچسپي ورتي. هن جي اندر جي تمنا ڪري موڙي اٿيندي هئي ته دکي انسانن جي خدمت ڪرڻ انسانيت جو اعليٰ گڻ آهي. 1984ع ۾ تعليم مڪمل ڪري پنهنجي علائقي ڏانهن وري آيو.

هن ڪجهه وقت پرائيوٽ اسپتال قائم ڪري مريض نهاريا. 1986ع ۾ ميڊيڪل آفيسر طور کوکرا پار جي اسپتال ۾ سرڪاري نوڪري شروع ڪئي. اهڙي طرح 1988ع تائين نيو ڇور ۽ عمرڪوٽ جي تعلقه اسپتال ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. مارچ 1988ع تي ٿر ۾ واري (گني ورم ) بيماري جي خاتمي واري منصوبي کي جوائن ڪيو. ڊاڪٽر عزيز جي حوالي ڇاڇرو ۽ عمرڪوٽ جا علائقا ٿيا. جڏهن ته ڊاڪٽر ايوب قاسماڻي کي سانگھڙ، ننگر، مٺي ۽ ڏيپلو ڏنا ويا. ڊاڪٽر عزيز کينسر کي مکيه پوائنٽ بڻائي واري جي بيماري سان ويڙهه شروع ڪئي. علاج سان گڏ سماجي آمادگي (سوشل موبلائيزيشن)جو عمل گھڻو هو. ماڻهن کي موبلائيز ڪرڻو هوندو هو ته ماڻهو ترائي جو پاڻي صاف ڪرڻ کان سواءِ نه واپرائين جنهن کي وارو نڪتل هجي اهو ترائي تي نه وڃي.

1980ع تائين هڪ عام راءِ هوندي هئي ته جنهن کي منهن تي ماتا، جسم تي وارو نڪتل نه آهي، اهو ٿريو نه آهي. وارو جي بيماري ڏاڍي خطرناڪ هوندي هئي. جسم مان ڊگھا ڪيئان نڪرندا هئا. جيئن جيئن سرندو ويندو هو، ڏاڍو سور ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪنهن مريض کي هڪ کان وڌيڪ ڪيئان نڪرندا هئا.

شيخ اياز جڏهن ٿر آيو هو، تڏهن هن ڇاڇرو کان عمرڪوٽ ويندي گوگاسر جي هوٽل تي واري (گني ورم) جو مريض ڏٺو هو، جنهن جي پيڙا هن جي اندر ۾ ڪرب ٿي اتري هئي. شيخ اياز پنهنجي هڪ خط ۾ انهي پيڙا جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ؛ گوگاسر نالي وستيءَ ۾ هڪ هوٽل هئي، جتي اسان سواريون روڪيون، جيسين ڊرائيور انجڻين ۾ پاڻي وجھن تيسين اسين هوٽل ٻاهران پيل موڙن تي وڃي ويٺاسين.هوٽل جي ڇپري کان ٻاهر مٽيءَ جي چلهه تي چانهه ٽچڪي رهي هئي. اوچتو ڇپري منجهه ڪنجھڻ ۽ ڪڙڪڻ جو آواز آيو ۽ مون منهن ڦيري ڏٺو ته ڪوئي سوڙ اندر تڏي تي لڇي رهيو هو. مون هن جي باري ۾ پڇا ڪئي ته هوٽل واري جواب ڏنو ته سائين هن کي وارو آهي.

وارو ڇا آهي؟ مون پڇيو.

“هتان جي پلر جي پاڻيءَ ۾ ڪائي بيماري آهي. جنهن جي پيئڻ سان ماڻهوءَ جي جسم ۾ ڪيئان پئجي وڃن ٿا. سائين وارو ڏاڍو بڇڙو آهي. ماڻهوءَ کي جھپ به نه لڳندي آهي ۽ سڄي سڄي رات پيو رڙندو آهي !،”

“ڇهن ڏينهن کان اتي چڙي چڪي رهيو آهي، نه هن وٽ پئسو آهي ۽ نه اسپتالن ۾ دوائون ئي علاج لاءِ آهن. هتي ته نانگ، کاڌي جو به علاج نه آهي. روز هڪ نه ٻيو چڪ وگھي مري رهيو آهي.

مون چپ ڀيڪوڙي آسمان ڏانهن ڏٺو هو ۽ مون کي ائين لڳو هو ڄڻ چنڊ جي ڪرڻن مان ٻُر ٻُر ڪيئان ڪري رهيا هئا![1]

1987ع ۾ واري جي بيماري جي مريضن جي سروي ٿي هئي. پاڪستان ۾ هن جراثيم جو مريض ٻنون، ڊيرا اسماعيل خان، ڊيرا غازي خان، سانگھڙ، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ مليا. ان وقت 1111 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا. ڊاڪٽر عزيز ٻڌائي ٿو ته”سڀ کان وڌيڪ ٿر متاثر هو”. منصوبي جي ٽيم ٿر جو هڪ هڪ ڳوٺ وزٽ ڪيو. ڊاڪٽر عزيز کي اڄ به ٿر جي هڪ هڪ ڳوٺ جو رستو ۽ ڳوٺاڻن جا نالا ياد آهن. هن وٽ واري جي مريضن جون ڪيتريون ڪهاڻيون آهن. جن ۾ مريضن جا ڪرڀ آهن ۽ علاج ٿيڻ تي ڪيڏيون دعائون ڏيندا هئا. .

ڊاڪٽر عزيز ٻڌائي ٿو ته، “ٿر جي ڳوٺ ڀوجڙو جي پٽيل جي پٽ کي هڪ ئي وقت 25 واري جا ڪيئان نڪتا. هن جون ايڏيون ته رڙيون هونديون، اسان کي علاج ڪرڻ دوران بيهڻ نه ايندو هو. پر بيٺاسين. علاج مڪمل ٿيڻ سان همراهه صحتمند ٿيو ته دعائن سان اڏي ڇڏيائين.

1993ع ۾ ٻيهر واري جي بيماري بابت سروي ٿي. جنهن ۾ ٿر جو ڪو به ڪيس نه مليو. 1996 ۾ عالمي صحت جي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل لاهور ۾ هڪ تقريب دوران پاڪستان کي واري جي جراثيم کان آزاد قرار ڏيندي ان وقت جي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو کي گولڊ ميڊل ڏنو.

ڊاڪٽر عزيز 1991ع ۾ واري جي بيماري جي روڪٿام ۾ پنهنجون خدمتون ارپي ٻيهر عمرڪوٽ اسپتال موٽي آيو. جتي 2001 تائين پهرين ميڊيڪل آفيسر ۽ پوءِ سينيئر ميڊيڪل آفيسر طور رهيو. 2001 کان 2011 تائين ڊپٽي تعلقه هيلٿ آفيسر ۽ تعلقه هيلٿ آفيسر طور ڪم ڪيائين. 2011 کان 2014 تائين ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جي حيثيت ۾ عمرڪوٽ ضلعي جي خدمت ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب جي ڊي ايڇ او هئڻ دوران سرڪاري منصوبن سان گڏ مخير ماڻهن کان به مدد وٺي ماڻهن کي صحت جي سهوليت بهتر ڪري ڏيڻ جي اڻ ٿڪ ڪوشش ڪئي. نومبر 2014ع تي عمرڪوٽ جي ضلعي هيڊڪواٽر واري اسپتال جو ميڊيڪل سپريڊنٽ مقرر ٿيو. جتان هن نومبر 2015ع ۾ رٽائرمنٽ ورتي.

ڊاڪٽر عزيز ۽ مون گڏجي ٿر جي ڪيترن سگھڙن سياڻن سان ڪچهريون ڪيون آهن. ٿر جا نوجوان شاعر شهاب نهڙيو ۽ مرتضيٰ راهمون اڪثر طور سفر ۾ گڏ رهيا آهن. چارڻي اتهاس جا ڄاڻو ٿر ۾ جتي به ٻُڌا آهن. اتي گڏجي پهتا آهيون. ڪڏهن ڪوي هيمڏان چارڻ ۽ سگھڙ ڪيسوڏان چارڻ سان روح رهاڻ ڪئي آهي ته ڪڏهن منگل سنگهه راٺوڙ ۽ رائسنگهه سوڍي جا مهمان ٿيا آهيون. ڄام خان جو وانڍيو اسان جي جيءُ ۾ وسندو آهي. جتي پاري نگر جي پروهت شاعر ساگر خاصخيلي وٽ ناشاد سمون ملندو آهي. ساجن خان جي اوتاري ۾ چانهه جي ڪپ تي رواداري، سهپ، محبت، صلح ۽ سماجي سڌاري جي پهلوئن تي ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌي جڏهن اٿندا آهيون تڏهن ڊاڪٽر عزيز مرزا قليچ بيگ جو شعر موڪلاڻي طور چوندو آهي ته

هندو ۽ مسلمان دلا ساڳئي ڪنڀر جا
ڳڻجن ٿا الڳ ٿانءُ، مگر آهه مٽي هڪ

پنهنجي ڳوٺ ۾ “پنهنجن سان ڪچهري” جهڙو هر سال منفرد پروگرام رکندڙ ڊاڪٽر محمد سومار کوسو هن جي ساڄي ٻانهن وانگر آهي. ڪنهن به ڪچهري ۾ ڊاڪٽر عزيز ڊاڪٽر سومار کوسي جي نانءُ نه کڻي معنيٰ ته اها ڪچهري اڌوري آهي.

سنڌي ٻولي جو سهڻو نثر نويس امير بخش شر به هن جي ويجھن ساٿين مان هو. امير بخش جي وڇوڙي تي هن جون اکيون رت رنيون هيون. امير بخش کي ساري ارباب نيڪ محمد کي ڏسڻ سان چوندو آهي ته ؛

مون کي جياريو، ڪري پرين جون ڳالهڙيون

کاروڙي چارڻ ۾ محمد عظيم پاران جوڙايل مخدوم طالب الموليٰ لائبريري ۾ ڊاڪٽر عزيز جي مامي ۽ مثالي استاد سائين بادل جي ياد ۾ رکيل پروگرام ۾ شرڪت ڪري جڏهن ڀورڏان چارڻ سان گڏجي سگھڙ ڪيسوڏان جيڪا محفل مچائي هئي، اها ڊاڪٽر کي ڪڏهن وسري نه آهي. ان ڪچهري ۾ ڪيسوڏان ٻڌايو ته ؛

کوکو کارڪر سريکو، پيلو ڏاڙهم ڊاک،
هيڪ متيرو چاکيو، آنٻا ٻاون لاک.
ڪڇ را ڪانهيا سيک ڏي، مني کاروڙو چت آيو.

(ڪنڊي جو کوکو(سڱري پچي جڏهن ڇڻڻ تي ايندي آهي، تڏهن ان کي کوکو سڏيو ويندو آهي) کارڪ ۽ ڄار جا پيلو (پيرون) ڏاڙهوئن ۽ ڊاکن جي برابر آهن، هڪ چڀڙ چکيو ڄڻ ٻاونجھاهه لک انب کاڌا، يعني چڀڙ جو ذائقو اهڙو مٺو آهي. اي ڪڇ جا ڪانهيا ! مون کي موڪل ڏي مون کي منهنجو کاروڙو چت آيو آهي.)

هن جي چت تان شال ڪڏهن کاروڙو نه لهي، ٿر جي مسڪين ماڻهن جو مسيحا ٿيڻ سان گڏ نت نئين، مشاهدي، مطالعي ۽ تحقيق سان اسان کي نوازيندو رهي.

[1] شيخ اياز نثر 2، ص 308، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ



اوم شرما


صحافي، ليکڪ ۽ مهمان نواز

اوم شرما

او شرما جنهن کي اڄ به ڦڳڻ جي رُت ٿر ۾ ڳوليندي آهي، وسڪاري ۾ چنڊ آسمان تي اُتالو ٿي پوندو آهي ته هُو ڪهڙي بادل کان اوم جو ڏس پڇي!؟ پر هو مٽي جي امانت هو، مٽي سان ملي مٽي ٿي ويو.

اوم شرما جنهن نه صرف پاڻ ٿر جي تاريخ، تهذيب، راڳ رنگ، ڏکن ڏاکڙن تي لکيو پر ٻين دوستن کي به ٿر بابت لکڻ جي لاءِ اتساهيو. 1990ع جي ڏهاڪي کان جيڪو به صحافي ۽ ليکڪ ٿر تي اسٽوري ڪرڻ يا ٿر بابت آرٽيڪل ۽ ڪتاب وغيرهه لکڻ جي لاءِ مٺي آيو. هُو اوم ۽ سندس ساٿين سان ضرور مليو. مٺي ۾ هاڻي گيسٽ هائوسن جي قطار ٺهي ويئي آهي جنهن وقت اها سهوليت نه هوندي هئي ان وقت اوم شرما جھڙا دوست ليکڪن، اديبن ۽ صحافين جي ميزبان ٿيندا هئا. مهمان جي لاءِ ماني ٽڪي جو بندوبست ڪرڻ سان گڏ اسٽوري يا انٽرويو وغيرهه جي لاءِ گھربل ڊيٽا يا ماڻهو وغيرهه هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪندا هئا. فيلڊ ۾ گڏجي ويندا هئا. ڇا ته خلوص هو؟ انهن ماڻهن وٽ بي لوث انهن ماڻهن جو مقصد صرف هڪڙو هوندو هو ته اسان جي علائقي جي تاريخ ۽ تهذيب اجاڳر ٿئي. هتان جي مسئلن جي نشاندهي ٿئي. اعليٰ اختياري ڌريون مسئلن جي حل جي لاءِ ڪوششون وٺن.

مٺي جي مهراج پريم وياس جي گھر ۾ 1974ع تي جنم وٺندڙ اوم شرما پنهنجي نيڪي ۽ ٻين جي بدي وساري اڳتي وڌيو هو. اوم شرما چوندو هو ته ماڻهو جي سٺي وقت ۾ دنيا سمجھائيندي آهي ته تون ڇا آهين!؟ ۽ برو وقت ماڻهو کي سمجھائيندو آهي ته دنيا ڇا آهي!؟

اوم جي خاندان ۾ دسرت شرما ۽ ڀرت شرما صحافت جي فيلڊ رهيا آهن، اوم شرما روزاني برسات جي نمائندي طور صحافت شروع ڪئي هئي. پوءِ ٻين اخبارن ۽ نيوز جي ادارن ۾ صحافي طور ڪم ڪيو. مٺي پريس ڪلب جي بنيادي ميمبرن ۾ اوم شرما به شامل هو. غلام حيسن محمداڻي، نندلال لوهاڻي، لڇمڻ ٿري، حمزو خان رند، پريم شيواڻي، کاٽائو جاني، بشير سميجي ۽ ٻين دوستن سان گڏ، اوم شرما جون قربانيون مٺي پريس ڪلب جي بنياد ۾ شامل آهن.

ڌرتي تي امن جي آشار رکندڙ مٺڙو ماڻهو اخبارن ۾ بد امني جون خبرون پڙهي پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندو هو ته،”ڇا ماڌولال حسين جي يڪتاري جي تڻ تڻ بندوق جي تڙ ٽڙ ۾ وڃائجي ويندي؟”

هو فطرت سان پريت ڪندڙ ماڻهوهو ، ان ڪري آساني سان سمجھائي سگھندو هو ته ستارا ماڻهو جي فطرت ڪئين سمجهندا آهن. هن کي ٿر جي مورن جي مٽڪو، هرڻن جا ڇال ۽ سهي جي ڊوڙ وڻندي هئي. ڪامريڊ نند لال مالهي، ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي، لڇمڻ ٿري، نندلال لهاڻو ۽ ٻين دوستن سان ترقي پسند سياست ۾ سرگرم رهندڙ اوم شرما حب الوطني جي عظيم ڪردار مارئي جي ميلي ۾ نمايان نمايان هوندو هو. ڪنهن سال ميلو نه لڳي ته هو ذاتي طور به اڪيلو وڃي مارئي جي جنم ڀومي ڀالوا جو ڀيرو ضرور ڀڃي ايندو هو.

اوم شرما اهل دل انسان هو. هن وٽ رشتن جو وڏو مان هوندو هو. هو رشتن جي محبتن جي قصا ٻڌائڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. چوندو هو ته محبت رڳي وٺبي نه آهي، ڏبي به آهي. هن وٽ چانڊوڪي جا ٽهڪ هوندا هئا، پر جڏهن بي چيني هن جي روح ۾ لهڻ شروع ڪندي هئي، تڏهن اکين ۾ سمندر ترڻ شروع ڪندا هئا. هو چانڊوڪين راتين ۾ ٿر جو لوڪ گيت “ويرو وڻجارو” ڳائيندو هو؛ پر هن کي “ڏورو” لوڪ گيت ڏاڍو وڻندو هو.

ڏورو ساچي هيم رو

(رشتن جو ڌاڳو سچي سون جو جڙيل آهي)

هن کي خبر هئي ته پرمپرا لوڪ گيت، چارڻي لوڪ گيت، وڪرت لوڪ گيت ۽ ساهيتڪ لوڪ ڪهڙا آهن. هن جي اندر جي تمنا هئي ته ٿر جا لوڪ گيت زنده رهن. انهي جي لاءِ لوڪ ڳائڪن کي اتساهيندو هو. انهن جا انٽرويو ڪري اخبارن کي موڪليندو هو.

اوم شرما پرائمري کان ڪاليج تائين مٺي ۾ پڙهيو، سنڌ يونيورسٽي مان پوسٽ گريجوئيشن ڪري هن 1997ع ڌاري سنڌ اطلاعات کاتي ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ورتي. نوڪري دوران اخبارن ۾ ڇپجندڙ ٿر جي خبرن جون ڪٽنگ ڪري اطلاعات جي ضلعي آفيسر جي ليٽر سان گڏ واسطيدارن کاتي ۽ اعليٰ اختيارين کي موڪليندو هو. جيئن کاتي پارا ن نوٽيس ورتو وڃي. ماڻهن جو مسئلو حل ٿئي. نوڪري دوران اوچتو دماغي ٽيومر سبب 20 مارچ 2015ع تي نوجواني ۾ گذاري ويو.

مون جڏهن هن جي وڇوڙي جو ٻڌو، تڏهن چيلهار جي ننڍڙي بس اسٽينڊ وٽان گذري رهيو هوس. هڪ مانڊڻي تان خواجه غلام فريد جي ڪافي جو آواز اچي رهيو هو؛

عمريان لنگھيان پٻان پار

پنهنجي ساري عمر پٻن تي هلندي گذري ويئي.

هندي ڪوي جئديو جي ڪتاب”گيت گووندا” جون

سٽون منهنجي تصور ۾ تري آيون هيون.

جڏهن ڏاکڻين پهاڙن مان هوائون اچن ٿيون،

۽ محبت جي ديوتا کي ساڻ آڻين ٿيون،

جڏهن گلن جا انبار

چاهيندڙن جي دلين ۾ ڏارون وجھڻ جي لاءِ

ٽڙڻ پکڙڻ ٿا لڳن.

تڏهن ڪو تنهنجي وڇوڙي سبب

ڏکوئجي ٿو وڃي.

وڇوڙي جو ڏک اُڏوهي آهي، سري جيان هڏي کي کائيندو آهي، نوجوان دوست جي وڇوڙي جو ڏک اڃان وڌيڪ عذاب ڏيندو آهي. اڄ به اوم کي ساري ٿر جو لوڪ دوهو چپن تي اچي ٿو ته؛

واگھو واگھو ڪري رهي، واگھو ڇٽ نه ٻارهو ماس
آنکيئي ڪاجل ڇوڙيو، پر هينئون نه ڇوڙي آس

(آئون واگھو واگھو ڪري ڪري رهيو آهيان، واگھو ڇهين، نه ٻارهين مهيني اچڻو آهي، اکين ته ڪاجل پائڻ ڇڏي ڏنو پر هينئون واگھي جي آس نٿو ڇڏي)



سوڍو جوڳي


سهڻو راڳي

سوڍو جوڳي

پشتو ٻولي جو هڪ لوڪ دوهو آهي ته؛

ماءُ منهنجون چَڳُون نه وڍ،

ڇاڪاڻ ته وڍيل وڻن تي

پکي نه ويهندا آهن.

انهي شعر جي ڪيفيت کي روح ۾ اتارڻ سان ساهه ۾ “درد جي اوس” جي منفرد سڳنڌ محسوس ٿئي ٿي. عام جيون ۾”درد جو واس” جوڳي کان وڌو ڪهڙي وجود وٽ هوندو آهي. علم بشريات جي ماهرن به جوڳي جي پنڌ کي “پيڙائن جو گھاڙو” سڏيو آهي.

لفظ “جوڳي” جو بڻ بنياد ڳوليندي تاريخ جي ڪتاب مان پتو پوي ٿو ته، ٽي صدي قبل مسيح دوران اُپنشدن جي شروعات ۾ آتما کي پرماتما سان ملائڻ جي لاءِ روح کي ڀٽڪڻ کان روڪيندي پوجا جو گس ڳوليو ويو هو، تنهن کي “يوڳ” سڏيو ويو. “يوڳ” ڪندڙ “يوڳي” ٿيو. لفظ “يوگي” بدلجي جوڳي بڻيو.

پراڻي زماني ۾ مختلف قبيلن جا فرد يوڳ اختيار ڪندا هئا. پوءِ اهي جوڳي سڏبا هئا. شروع ۾ اڪثر جوڳي “تارڪ الدنيا” هوندا هئا. وقت گذرڻ سان چئن آشرمن جي تشريح جوڳين جي سٿ کي نه صرف قبيلي جي صورت ڏني. پر سنياس ۽ گرهست آشرم جي گڏيل اثرن ۾ جوڳي پنٿ پڻ جڙيو. انهي پنٿ جي اڳواڻن ۾ گرو مڇندر ناٿ، گرو گورکناٿ کان وٺي سوامي رامديو جوڳي تائين ڪيترائي ڪردار آهن. جن جو پوري ننڍي کنڊ ۾ اثر رهيو آهي.

اسان جو ڀٽائي بادشاهه جڏهن جوگين سان گڏ”ياترائن” جي پنڌ پيو هو، تڏهن سُر رامڪلي کي سرجي جوگين کي ڀيٽا ڏني هئي. جوگي ڪلهه به هزار درد دل ۾ سانڍي سفر ڪندا هئا. اڄ به ڪن ٿا.

سوڍو جوگي پنهنجي قبيلي جي ڪرت”انتر منتر جادو جنتر” ڄاڻي ٿو الائي نه !؟ پرراڳ جو هُو راڻو آهي. مرلي جي لهر هڻي سگھي ٿو يا نه !؟ پر هارمونيم تي آڱرين کي رقص ڪرائڻ جو وڏو تجربو رکي ٿو. مون هن کي آلاپ جي جادو ۾ منڊ منڊيندي ڏٺو آهي. هن جي آلاپ جي نصيب ۾ رڳو آڪاش جي نو لک تارن جي هيٺان گونجڻ نه آهي پر جھنگل ۾ منگل پيدا ڪرڻ پڻ آهي.

نبي سر ٿر جي ڳاڙهي ڀڙي جي ڀرسان موريو جوڳي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سوڍو جوگي سنڌ جي انهن سريلن راڳين ۾ شامل آهي. جن جو آواز ڀنوئر وانگر هن ڀومي تي ڀري ٿو. مون سوڍي جوگي جو پهريون ڀيرو آواز امڙ ساهڙ جي انهن ٻولن کي ڳائيندي ٻڌو هو؛

وسڪاري جي ويل وري آ،

ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران آئون ۽ پيارو شيواڻي اڪثر نامور شاعر سدائين سائينداد ساند وٽ ڪچهريون ڪندا هئاسين. تڏهن سوڍي جو ذڪر ضرور نڪرندو هو. هڪ دفعو مون ۽ سائين سائينداد سانگ گڏجي سوڍي کي خط لکيو هو.

سوڍو جوڳي هن وقت حيدرآباد جي ڀرسان هوسڙي ۾ رهي ٿو. ريڊيو پاڪستان جي ڪمپوزر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.هن ڪيترن ئي سنڌي گيتن ۽ غزلن جون ڌنون ترتيب ڏنيون آهن.

سوڍي جي فن جي سفر ۾ نامور نقاد ۽ ڏاهي رسول بخش پليجي جي رهمنائي شامل رهي آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن انهن ڪري سدائين معيار کي قائم رکيو آهي. آديو ڪيسٽن جي عروج واري وقت ۾ سوڍي جوڳي جو ست اٺ ڪيسٽون آيون. ميمري ڪارڊ جي زماني ۾ سوڍي جوڳي جا گيت ماٺا نه ٿيا آهن. اڄ به ڪلهه جيان سوڍي جي گيتن کي ٻڌي سنڌ جي نوجواني نبور عشق جو اتساه وٺي ٿي. الهڙ جواني هن جي سُرن ۾ پنهنجي لڙڪن جو راز ڳولي ٿي.



ٻڍو فقير چيلهاريو


لوڪ راڳي

ٻڍو فقير چيلهاريو

چيلي چارڻ جي آباد ڪيل شهر چيلهار جي اتر طرف آنٻجي جي ڳوٺ /اکاڻي جي ڏاکڻي ڏس ۽ ڳوٺ الهبچايو ڪنڀر جي اوڀر ۾ راماپير مندر جي ڀر سان مڱڻهار محلي ۾ محمد مڱڻهار جي گهر ۾ 1971ع تي جنم وٺندڙ ٻڍو فقير چيلهاريو اکين کان وڏو آهي.پر دل جي چٽائي سان هارمونيم تي هٿ رکي سورن کي سڳن جيان وٽي ڪلامن جي ڪراين ۾ ٻڌي جڏهن ڳائڻ ويهندو آهي تڏهن ريگستان جي ريت تي پيار جا پوپٽ اڏرڻ شروع ڪندا آهن. ڪيفيتن جا ڪونڀٽ ڪر موڙي محبت جي مڃر سان مهڪي پوندا آهن.احساسن ۽ جذبن جا رنگ برنگي گل ٽڙي من جي ماحول کي معطر ڪري ڇڏيندا آهن. چاهتن جا چڪور خواهشن ۽ خوابن جي چنڊ ڏانهن پنڌپئجي ويندا آهن.

مڱڻهار قبيلي سان تعلق هجڻ جي ڪري ٻڍي فقير کي ڳائڻ ورثي ۾ مليو آهي.هن جو پيءُ فقير محمد پنهنجي دور جو لوڪ ڳائڪ ۽ دهل وڄائيندڙ هو. فقير محمد گهڻو وقت اڳ ۾ گذاري ويو. هن جي ماءُ راڄ ڀاڳ جي گهرن ۾ اڄ به تمام پيارو ڳائيندي آهي. ٻڍو فقير پنهنجي والد ۽ جيجل امڙ کان لوڪ گيتن جون نج ڌنون ميڙي راڳي خدابخش مڱڻهار نبي سر روڊ واري جو شاگرد بڻيو. خدابخش مڱڻهار اصل ٿرجي سينهار نانگڙ جو رهواسي هو. پوءِ نبيءَ سر روڊ ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. ٻڍو فقير ڏينهن جا ڏينهن استاد خدا بخش وٽ رهيو. ٻڍو فقير خدابخش جو ذڪر نڪرڻ تي چوندو آهي ته؛‘مون کي استاد ڏاڍو ڀائيندو هو. منهنجي ان وقت نظر ٺيڪ هوندي هئي. صاف ڏسندو هوس.آئون شاهه سائين، سچل سرمست، اڏيرو لال ۽ سمن سرڪار جي ميلن ۾ به ڳائي آيو آهيان. هڪ محفل ۾ استاد مٺو ڪڇي جي روبرو ڳايو هو. استاد مٺو کي منهنجو گيت وڻي ويو هو. هن فرمائش ڪئي هئي ته ٻيهر ڳاءِ ’

ائين ڳالهين جا ڳوٺڙا ٻڌندي ٻڍو فقير ان ڳالهه تي پهچندو آهي ته هڪ دفعاآئون ڪنهن محفل ۾ ڳائي رهيو هوس، ڳائڻ دوران اوچتي منهنجي نظر گم ٿي ويئي.اڄ ڏينهن تائين ٻيهر موٽي نه سگهي آهي. هاڻي آئون نه نيرو نيرو آسمان ڏسي سگهان ٿو نه واريءَ جا دڙا چونئرا، چونڪيون، وغيرهه ڏسان ٿو’ هي درويش دل وارو راڳي اکين جي نور کي ساري روئي پوندو آهي. پوءِ چوندو آهي ته؛‘ سائين مون زندگي ۾ ڳالهايو گهٽ آهي، ڳايو گهڻو آهي. دهل جي ٿاپ يا هارمونيم جي وڄت تي مون بکئي پيٽ ۽ ٽٽل لباس ۾ ڳايو آهي پر ٿر جي لوڪ گيتن مون کي ڪڏهن ويڳاڻو ٿيڻ نه ڏنو آهي.ٿر جي لوڪ گيتن ۽ لوڪ ڳائڪي سان نڀائيندي منهنجو من ڪڏهن ملول نه ٿيو آهي. ٿري لوڪ گيتن ۽ لوڪ ڳائڪي جي جڙ ملير جي مٽي ۾ آهي. اهڙو ڪو ٿري لوڪ گيت نه آهي جيڪو ٻڌڻ سان ماڻهو جي من ۾ راحت محسوس نه ٿئي. جيءُ ۾ جنش ۾ نه اچي.اکين ۾ جواني جي ريک نه جرڪي.پيار جي پيڙا ۽ تمنا جي تڙپ من ۾ پيدا نه ٿئي. ٻڍي فقير جون ڳالهيون ٻڌي مون کي غالب جو شعر ياد ايندو آهي ته؛

گو مين رها رهين، ستم هائي روزگار،
ليڪن تري خيال سي غافل نهين رها.

 

(جيتوڻيڪ آئون زماني جي ڏکن ڏاکڙن ۾ جڪڙيل هوس، تڏهن به تنهنجي خيال کان غافل نه هوس)

مون کي شدت سان محسوس ٿيندو آهي ته ٿر جي ثقافتي سونهن اهڙن لوڪ راڳين کان سواءِ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ٿر جي لوڪ زندگي جي خوبصورتي ۾ لوڪ راڳ ۽ گيتن جا ٻول شامل آهن.

چيلهار ٻڍي فقيرجو راڄ آهي، ٻڍو فقير صبح ڪلهن ۾ دهل وجهي پنهنجي ننڍڙي پٽ جي آڱر جهلي راڄ ڏانهن نڪري پوندو آهي. دهل جي ٿاپ تي گهر گهر ‘شڀ راج’ جي تمنا جا ٻول ٻرائيندو آهي ته موٽ ۾ ‘پڌارو’ ‘پڌارو’ جي لفظن سان آجيان ٿيندي آهي. پوءِ دان جا داڻا وٺي ڪٿي لاڏلي ۽ هلراڻي جا ڳيچ ته، ڪٿي موريا ري مويا ۽ ويرو وڻجاري جا گيت ڳائي لوڪ جا روح ريجهائي سج لٿي واپس ورندو آهي.

ٻڍي فقير لوڪ شاعري سان گڏ جديد سنڌي شاعري ۾ شيخ اياز ، سائينداد ساند، اياز گل، کان وٺي حسن نوشاد تائين ڪيترن ئي شاعرن کي ڳايو آهي. پر هن کي راڻاسر جي پسمنظر ۾ سرجيل شاعري وڻندي آهي.وسڪاري ۾ ٻڍي فقير جو وسرام راڻاسر جي ڪپ تي هوندو آهي.جتي گهمڻ ايندڙ ويندڙن کي پيار جي آبشارن جهڙن لوڪ گيتن سان گڏ راڻاسر تي سرجيل ڪوتا سڻائي محبتي مانڊاڻ مچائيندو آهي. ٻڍو فقير بي اختياري جي عالم ۾ راڻاسر جي ڪپ تي ويهي آلاپيندو آهي ته؛

اڄ به منهنجي جندڙي.راڻاسر تي رات،
ڪيڏا منهنجي ڏات، تارا تر روڪڻيون.

ُسُرن جي سفر ۾ شيخ اياز جو بيت کي ڏوهيڙي طور ڏيئي احمد سولنگي جو نظم شروع ڪندو آهي .

رات راڻا سَرَ مٿان ڪو چنڊ جو شيشو ڀڳو،
خواب مان ڇرڪي جڏهن هو جَرَ کي جاڳي مون ڏٺو،
منهنجي دل جي بيقراريءَ ڀِٽَ کي ڀاڪر ڀريو،
درد الغوزي جيان ڄڻ روح ۾ وڄندو رهيو،

مون پُڪاريو: ”تون ڪٿي آن“؟
تو چيو: ”چيلهارَ ۾!“
هن سمي جي ساهه ۾ ۽ سارَ ۾!

ڪيسر مڪواڻي جي آباد ڪيل ڪيرلي نگر عرف ڪيرٽي ۾ جنم وٺندڙ ڪريم فقير سنڌ جو سريلو راڳي آهي. ڪريم فقير صادق فقير سان اهل دل انسان دل جي دنيا آباد ڪري چاهت جي چانڊوڪيءَ ۾ خواهشن ۽ خوابن جي مٽي کي ڳوهيندا آهن. احساسن ۽ جذبن جا رنگ برنگي گل ميڙي داد جون مالهائون پروئيندا آهن. ٿر جي هن سادي سودي لوڪ ڳائڪ راڳ ۾ ريگستان جا رانگ جو اوسئڙو آهي، پريت جي تمنا جي تڙپ آهي جنهن آس اميد ۾ جا گيتن ۾ رانديڪا جوڙي راڳ سان روح ريجهائيندو آهي. هن جي راڳ ۾ ملير جي مٽيءَ جي مهڪ سان گڏ راڻاسر جو حسين روپ آهي. ته پاري نگر جي بي انتها اداسي ميڙي ڳائيندو آهي ته صحرا جي ننڍ اڏامي ويندي آهي. راڳ جي سرمي داڻي سان اکين ۾ ڪجل وجهندو آهيڪري به راڳ ستارا اکيون ڇنڀي حيرت مان سوچيندا آهن. شفق هن جي سر تي هٿ رکي دعائون گهرندي آهي. هن وٽ نهٺائي ساڃاهه ۽ ڏاهپ آهي



قربان کوسو


جنهن کي ڪارونجھر جي پٿرن تي

 چنڊ جي چانڊوڪي وڻندي هئي

جڳ مشهور ڪتاب “نشاني تي پکي” جي ليکڪ جيرزي ڪوسنسڪي هڪ هنڌ لکيو آهي ته؛ “ لکڻ معنيٰ پنهنجو پاڻ کي سماجي ٻوهي ۾ وجھڻ”. اهڙي طرح ئي ڪارونجھر جي قربان کوسي صحافت جي سچ جو قلم کڻي ننگر جھڙي ننڍڙي شهر ۾ پاڻ کي سماجي ٻوهي ۾ وڌو هو. ڪڏهن وڏيرن جي عتاب جو نشان بڻجندو هو ته، ڪڏهن ڪرپٽ ڪامورن کي اک جو ڪنڊو لڳندو هو. صحافت هن کي ترم ياترا پڻ ڪرائي، پر وقت جي ڏاڍن جي هزار حرڪتن باوجود هن جي وجود ۾ ڪڏهن رڦڻي نه آئي. ٿوري پڙهيل سادي سودي هن ٿريلي نوجوان صحافت جي جھنڊي کي پنهنجي ساٿين سان گڏجي سدائين بلند رکيو. صحافت هن جي لاءِ ڀٽائي جي لفظن ۾”پنهوار ڪي پريت” هئي:

جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم،
مون ڪر اڳي نه ڪيو اهڙو ڪوجھو ڪم،
جان جان دعوي دم، تان تان پرت پنهوار سين،

هن ٿريلي نوجوان نه باهه جي ڄڀين ۾ سڙندڙ جون آف آرڪ جو جيون پڙهيو هو، نه وري ڪڏهن هن جي دل جي دفتر تي آپا قرت العين حيدر جي ڪتاب”آگ ڪا دريا” جون سارون سنڀارون آيون هيون. پر هن کي حياتي سان هيج هيو. کيس ڪارونجھر جي پٿرن تي چنڊ جي چانڊوڪي وڻندي هئي. ڪڏهن اڏندڙ ڪونج، مور، هنج سارس کي ڪنهن گولي گھايل ڪيو ته، هن لکيو، ڪنهن پوپٽ کي واس کان محروم ڪيو ته، هن لکيو، ڪنهن مور جي ناچ کي ٽوڙيو ٿي، ته هن لکيو. هرڻن جي ڇال ۽ هرڻي جي گھور کي ڪنهن گھايل ڪيو ته، هن لکيو. ڪنهن گگرال جي ٻوٽي کي ڪيميڪل ٽڪ هنيو ته، هن لکيو. ڪنهن جين مندر جي مورتي جو رنگ مٽايو، ته هن لکيو.

هن ڪارونجھر سان گسجندڙ ڪڪرن جي گوڙ ۽ کنوڻين جي تجلن کي به قلم ۾ آندو. ڳاڱين جي مٺاس ۽ پيروئن جي رس کي اتاريو. ڌرتي جي پورهيتن جي پيڙائن جي داستانن جي اپٽار ڪرڻ سان گڏ فطرت جي سونهن ۽ سندرتا جون انڊلٺ ريکائون جوڙيون. ننگرپارڪر ۾ ماحولياتي صحافت جو نئون رخ متعارف ڪرايو ۽ لوڪ ورثي جي لاءِ تڙپ پيدا ڪئي، تنهن ڪري پارڪر جي پٽن تي ذهني آزادي ۽ اذيت کان پاڪ ماحول جوڙيندڙن ۾ هن جو نالو ورتو ويندو. ڪنهن چيو آهي ته، “تاريخ جي ورقن ۾ آڪسيجن موجود ناهي هوندي، پوءِ به ماڻهو ورقن ۾ زنده رهندا آهن،”ننگر جي تاريخ ۾ قربان زنده رهندو.

هن ڪڏهن نٿي چاهيو ته، پاپي وڏيرن جون گاڏيون پارڪر جي حسين سرزمين کي لتاڙين. هن جي اندر جي معصوم تمنا هئي ته، پاري نگر جو پراڻو بندر ۽ بازارون ٻيهر اوج وٺن. هن چاهيو ٿي ته ڪو به غريب موت کان وڌيڪ زندگي کان نه ڊڄي، زندگي ڏاڍي سهڻي آهي، زندگي سان پيار ڪري. پارڪر جو هر رهواسي روز اسر جو اٿي چنديرام ڀاٽ جي سٽن وانگر سوچي ته:

ڪارونجھر ني ڪور، مرئين تو پڻ مهلين نهين،
ماٿي ٽهوڪي مور، ڏونگر لاگي ڏيپتو

(ڪارونجھر جي ڪور مرڻ کان پوءِ ڇڏڻ جي دل نه چوندي، جڏهن مور پنهنجا پر پکيڙي ڪارونجھر تي ٽهوڪا ڏيندو آهي تڏهن ڏونگر ڏيئي وانگر لڳندو آهي.)

توڙي جو اهو دور گھڻو گذري چڪو هو، پر ننگر ۾ هوٽلن تي اهو لکيل رهيو ته، هتي سياسي گفتگو ڪرڻ منع آهي، اهڙي ماحول ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ساٿين انساني سگھه، حوصلي، بي پناهه قوت، ارادي جي پختگي جي علامت بڻجي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. سماجي ماحولياتي ترقيءَ جي سلسلي ۾ هن فقير به ڪجھه وقت جي لاءِ جڏهن ننگر وسايو هو ته، قربان کوسو، سليم کوسو، ساگر خاصخيلي، عزيز ٽالپر، محمد هنگورجو، ناشاد نصر الله سمون، مصطفيٰ دل، اشرف دل، شهاب دين نهڙي، بچل خاصخيلي، سومجي ساٿي، ڀيرو لال ميگھواڙ، شبير کوسو، راڻو فقير، قاسم کوسو ۽ ستار کوسو سميت اسان ڪجهه نوجوانن جو هڪ سٿ جڙي پيو هو، اسان جي عمر جا ٻيا نوجوان منڊين ۾ پنهنجي محبوبن جا نالا مڙهائي پائي رهيا هئا پر اسان آڱرين ۾ مٽي ۽ مٽي هاڻن ماڻهن جي دردن جي اپٽار جي لاءِ قلم ورتو. طبقاتي متڀيد کان آجو سماج ڏسڻ جي آرزو ڪر موڙي رهي هئي، سوشلزم اسان جي شعوري پنڌ کان اڳ هڪ ٿڪائيندڙ ۽ ڊگھي جنگ جي ذريعي گھڻو پوئتي رهجي ويو هو پر پوءِ به اسان”هاڻي آءُ نه آءُ، اسان پليو آسرو” جي نظرياتي صدمي تي لڙڪ لاڙيندا هئاسين ته تپندڙ صحرا ۾ جلندڙ سگريٽ تي سگريٽ هوندو هو. راتين جون راتيون اسان جون اوجاڳن ۾ گذرنديون هيون پر ڪتابن جون قربتون حسين چهرن جي چمين کان وڌيڪ چسڪو ڏينديون هيون، من جي سمورين محرومين، مايوسين ۽ ناڪامين کي نظر انداز ڪري اتساهه جون نئون عڪس ڏيکارينديون هيون ته جھيڻيون ٿي ويل اکيون ڏيئن وانگر ٻري پونديون هيون. سنڌ ۽ سونهن جي پوڄا جي آرتي اتارڻ جي لاءِ دل اتاولي ٿي پوندي هئي. سياسي شعور، سماجي تبديلي، صحافتي سچائي، ثقافتي رنگ ۽ ماحولياتي مانڊاڻ سان آرٽ کي زندگي ۽ زندگي کي آرٽ بڻائڻ واري ڪيفيت ۾ ڪائنات جي سموري بي چيني روح ۾ لهندي محسوس ٿيندي هئي، انهي ٽاڻي چپن تي بي اختياريءَ ۾ اڀري ايندو هو ته:

سنڌ جي مڪلي ۽ سومائيءَ جو قسم،

شاهه جي سهڻي ۽ مارئيءَ جو قسم،

پنهنجي جھانگين کي جھوليءَ ۾ لولي ڏئي،

لوليءَ کي ٻاگھيءَ جي ٻولي ڏئي،

سنڌ جاڳي پيئي، سنڌ جاڳي پيئي...

رات جي سانت ۾ ڪنهن ستاري مثال،

صبح جي نور ۾ ڪنهن نظاري مثال،

ماءُ جي روح ۾ رات لوليءَ جيان،

ڪنوار جي ذهن ۾ ڪنهن پروليءَ جيان،

سنڌ جاڳي پيئي، سنڌ جاڳي پيئي....

اسان جي جاڳندڙ سنڌ وٽ ڪڏهن عشق، ڪڏهن انقلاب موضوع هوندو هو. اسان عشق ۾ انقلاب آڻڻ پئي چاهيو ۽ انقلاب سان عشق پئي ڪيو، ڪڏهن منير نيازيءَ جو ڪتاب “بي وفا ڪا شهر” پڙهي ڪنهن کي ياد ڪندا هئاسين، ته ڪڏهن سارڌڙي جي ڪُن تي بيٺل وڏي وڻ هيٺ ويهي نذار قابانيءَ وانگر لکندا هئاسين ته؛

“اسان جي سماج ۾ عشق قيدي بڻجي ويو آهي”

ڪنهن مهل ڀٽائي جون سٽون دلين جي ڌڪ ڌڪ بڻائيندا هئاسين ته:

پنڌ نه پنڌن جيترو، ڪيئن سُجھندي ڪيهه،
جيڪر ڪريان ريهه، پر چوندا منڌ چري هئي.

ڪنهن ٽاڻي اندر جي تند شيخ اياز جي انهن سٽن تي تپندي هئي ته:

نڪتا تنهنجي تند مان، ٻهه ٻهه ڪري ٻاڻ،
ڄر آ تنهنجيءَ ڄاڻ جي سازن منجهه سُڄاڻ،
آڻي ٿو اهڃاڻ، ڪهڙا ڪهڙا ڪينرو.

_

سپنن ساڻ سجاءِ، جھروڪا تون جيءَ جا،
سونيون ڪڙيون ڪوٽ جون پيرن منجھه نه پاءِ،
گھوري نه گھٻراءِ، ويجھا آهن واهرو.

آس نراس جي انهن ڏهاڙن ۾ گلزار جي فلم”اجازت” جو نظم “ميراج ڪڇ ساما ن تمهاري پاس پڙا هي” جو سڏ پڙاڏو ٿي ٻارن وانگي روئاڙڻ لڳندو هو ته، قربان پنهنجي سٻاجھي ٻولي ۾ چوندو ته، “سائين اسان جو عشق حافظ جي عشق وانگر انتهائي ڳجھو ۽ گھرو آهي، اهو جتان اڀري ٿو ان جگهه جو نالو نه ڳاڙها چپ آهن نه ڪارا زلف، اسان جي عشق کي نه ڳاڙها ڳل ۽ ڪارا تر موهين ٿا نه وري اسان جو عشق نشيلن نيڻن جو محتاج آهي، اسان جي دلداري جي دنيا هيءَ مٽي آهي، جنهن جي بٺ تي اڀرندڙ ٿوهر جي ٽاري ٽاري کي به وسڪارو سائو ڪري وجھندو آهي، ماروئڙن جي پگھر جي خوشبوءِ عطر کان به سرهي لڳندي آهي. ڀٽائي ڀرجھلو ٿيندو آهي ته:

ننگا آهيون نڱئا، اسين مارو لوڪ،
ٿر کي ڀانيو ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيئڙن جو.

قربان کي پنهنجي ساٿين ناشاد سمي ۽ ساگر خاصخيلي جھڙي لفظن جي جادوگري نه ايندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن خبر ۾ گرامر جي غلطي ڪري ويندو هو پر انگن اکرن کي واضع رکندو هو، سچائي جي ساک اڀاري انهن لفظن جو ڀرم رکندو هو، جيڪو هن صحافت جو پيشو اختيار ڪرڻ جي لاءِ انٽرويو دوران کاٽائو جاني کي چيا هئا ته، “مون کي موقعو ڏيو آئون دل سان ڪم ڪندس،” هن واقعي دل سان ڪم ڪيو. هن هن جي ان ڪم جي عيوض علي حسن، سهيل سانگي، رياض سهيل، امر ڳرڙي، رمضان چانڊيي، لال حسن پٺاڻ کان وٺي اسحاق مڱرئي ۽ اي بي آريسر تائين سنڌ جي هر صحافي ننگر ڏانهن رخ ڪندي قربان سان ملڻ ضروري سمجھيو. قربان خود غرضي جي گناهه کان پوري ريت بچيل هو. هن جي منهن تي ڪڏهن مايوسي ۽ بيزاري نه بکي. ذاتي زندگي ۾ هو حيرت جي حد تائين مطمئن نظر ايندو هو. هن نيلامي ڪپڙا پائي به ڪرپشن نه ڪئي، روزي روٽي جي لاءِ هڪ پرائيوٽ اسڪول ۾ معمولي پگھار تي پڙهائيندو هو. ڏک سک جي هر حالت ۾ نياز نوڙت ۽ پنهنجائپ برقرار رکي. ڪنهن کي به هن”تون” ڪري نه سڏيو. سڀ هن جي لاءِ “سائين” هئا. هر ڪنهن کي عزت ڏيندو هو.

قربان دل جو بادشاهه هو. رشتا روح سان نڀائيندو هو. جڏهن منهنجي جيجل امڙ جا سئو ڏينهن پورا ٿيا. امان جي هڏڙين جو سارڌڙي ۾ تارڻو ڪرڻ جي لاءِ آئون ۽ منهنجو سوٽ واسديو ننگر آياسين ته مون وڏي ڪوشش ڪئي ته قربان سان رابطو ٿئي، پر نه ٿي سگھيو. پياري ساگر خاصخيلي ۽ ناشاد سمي اسان کي پنهنجي هٿن سان نه رڳو ماني پچائي کارائي پر تارڻي جون رسمون به اسان سان گڏجي ادا ڪيون، انهيءَ ڳالهه جي جڏهن قربان کي خبر پئي ته، صفا ڪاوڙجي پيو، جھليو جھل نه ڏي.”مون کي انهي رسم ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو ڇو نه ڏنو ويو؟ پوءِ منٿن ميڙن سان جيجل جا واسطا ڏئي کيس پرچايو.

هن نور محمد کوسي جي گھر ۾ 28 مارچ 1978ع ۾ جنم وروتو هو، پرائمري کان مڊل تائين ننگرپارڪر ۾ پڙهيو. مئٽرڪ ڪوٽ غلام محمد مان ۽ انٽر عمرڪوٽ مان ڪئي. هئائين، قربان کوسي جي ٻنهي گردن ۾ پٿري جو عارضو ٿي پيو . هن جي علاج جي لاءِ سکڻا اعلان ته ٿيندا رهيا پر عملي طور ڪنهن سار نه لڌي. ٿر جي دوستن مٺي بند سان پنهنجي حال سارو هن جي علاج ۾ حصو ورتو پر صحتيابي نصيب نه ٿي سگھي. 18 فيبروري 2013 تي رسڻ ۽ ريجھڻ جي وهي ۾ قربان اسان کان وڇڙي ويو.

ننگر واسين نه مسڪين جي آخري آرامگاهه تي هيرڻ جا تازا پڻ آڻي رکيا ۽ نه ئي انهن قربان جي قبر تي حاضري ڀري يادن جي ڀيٽا ڏني. سموري سنڌ مان ڪنهن به قربان جي محنتن ۽ محبتن کي ساري ورسي جو ڏهاڙو نه ملهايو چوندا آهن ته، “غريب صرف عارضي دوست جا حقدار هوندا آهن، زمانو اميرن جو پڳ مٽ يار هوندو آهي.

وقت پنهنجي پڄاڻي تي ٻڌائي ڇڏيندو آهي ته، ساهه ڪير ڏئي رهيو هو، ساٿ ڪير ڇڏي رهيو هو. پر جڏهن محبتون مري وينديون آهن ۽ روح جا ريلا سڪي ويندا آهن، تڏهن ميارون ڪو به ملهه نه رکنديون آهن. واسطا فرصت نه پر ڌيان جا گھرجائو هوندا آهن. لڙڪن ۾ به مٺڙن جون مرڪون ياد اينديون آهن.

قربان کي موسيقي ڏاڍي وڻندي هئي، خاص طور فوزيه سومرو، يوسف فقير ۽ صادق فقير کي دل سان سڻندو هو، هن جو اڪثر تڪيو ڪلام فوزيه سومرو جو گيت هوند هو ته ؛

آئون مٺا مري ويئي آهيان.....

فوزيه سومرو ڪارونجھر جي ڪوئل هئي، قربان ڪارونجھر جو قلمڪار هو. قربان جي وڇوڙي جي اٿل پٿل ڪنهن ريڪٽر اسڪيل تي رڪارڊ نه ٿي هئي پر ڪارونجھر جي جڙن وڏو زلزلو محسوس ڪيو هو. هن جي وڇوڙي تي جين مندر جون مورتيون رنيون، غم ۾ گگرال ٻڏي وئي، هرڻن هٺيلن کان ڇال وسريا، ڀوڏيسر جي تلاءَ ۽ مسجد شريف جي اڱڻ تي پاريهر سڏڪيا.



ايڇ ايم ذڪي


ليکڪ ۽ استاد

ايڇ ايم ذڪي

هُن کي برکا رُت جي راتڙي ۾ ننڊ نه ايندي هئي. سانوڻ سنگھاسن تي ويهي وطن جي ويڙهن تي ويچاريندو هو. ڏڪار جي ڏينهن ۾ دکي ڌرتي جي دانهن ٻڌڻ سان هن جي اندر ۾ اڻ تڻ پيدا ٿي پوندي هئي. هن جي ڏات ڀٽن جي درد ۾ ڏمري ڀونچال مچائي ڇڏيندي هئي.

هُو پاريهر جھڙو پيارو شخص حاجي محمد عرف ايڇ ايم ذڪي ويساهه وڃايل ما ڻهن ۾ ويساهه آڻيندو هو. هن جو سارو پورهيو اعليٰ انساني قدرن ۽ آجپي جي اهڃاڻن جي لاءِ هو. زندگي کي حسين ڏسڻ جي ڪيڏي وڏي تمنا هن جي اندر ۾ تڙپندي هئي، آرزوئن جي ڦلواڙي مان سڳنڌ جون سئو جھوليون ڀري چنڊ ستارن ۽ بادل برساتن جا رنگ روپ ميڙي روح جي ريلي ۾ علم ۽ ادب جي ستار چوري وجھندو هو. هن جي رڳ رڳ ۾ عشق جي آڳ ۽ آدجڳاد جو جنون هو.

زندگي جي راهه ۾ پوئتي موٽڻ جو هن ڪڏهن سوچيو نه هو، هن کي گھڻو اڳتي وڃڻو هو. پوءِ ڇو نوجواني جي وهيءَ ۾ موت هن جا پيرا کنيا!؟ هر انسان جي زندگي قيمتي آهي. ٻيهر نٿي اچي سگھي. ذڪي جي وفات محسوس ٿيو ته دوست جي شفقت جو هٿ ڪيئن کڄندو آهي !

پياري دوست عبدالحئي پارس پريمي ۽ يعقوب سنگراسي جو موڀي ڀاءُ ننڍپڻ کان وٺي غير معمولي ذهانت جو مالڪ هو. 12 مارچ 1977ع تي ٿر جي ڳوٺ ڍاڪلو ۾ جنم وٺندڙ حاجي محمد تعليم جي شروعات ڳوٺ جي مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ سان ڪئي. اتي ئي هن دنيوي علم جي لاءِ مسجد اسڪول ۾ داخلا ورتي. مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڇاڇرو، انٽر عمرڪوٽ ڪاليج مان ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائين. تعليم دوران هر امتحان ۾ هن جي سرسي رهي. فن ڪتابت ۾ قدرت واري هن کي مثالي مهارت عطا ڪئي هئي. صحافت دوران ساٿي دوست هن کان نيوز لکرائي فيڪس ڪندا هئا. ڪيترن ئي شاعر دوستن جي شاعري جي “فيئر ڊائري” ايڇ ايم ذڪي جي هٿ اکرن سان لکيل آهي.

مئٽرڪ ۽ انٽر دوران هن تاريخ، ادب، صحافت ۽ سياست جي موضوعن جو مطالعو شروع ڪيو. گريجوئيشن ڪرڻ تائين مطالعي جي وسيع ميدان کي هن سرخ گھوڙي سوار جيان لتاڙيو. ادب جي ڌرتتيءَ ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي، شيخ اياز، سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، عبدالواحد آريسر ۽ نجم عباسي جي فن ۽ فڪر جي ڇانءُ هيٺ ڪيترائي پل ترسي پيو. ڀٽائي ۽ اياز هن جي مسافر من کي ٺار ڏنو. پرهن ڪڏهن پاڻ کي ڀٽائي سان رسمي عشق جي دعويٰ ڪرڻ وارن ۾ شامل نه ڪيو .سدائين ڀٽائي جو زهر پياڪ عاشق ٿي اڳتي وڌيو. الهڙ جواني ۾ پنهنجي محبتن جو محور مٽي ۽ ماڻهن کي بڻائي بي اختياري ۾ ڀٽائي جو بيت چوندو هو ؛

مون کي ماءُ مجاز، پڃاري جئن پڃيو

هٿن ڇڏي هاج، ويئي سار سنڌن مان

محبت ۾ پاڻ کي ميڙي سنڌ جي تاريخ پنهنجي دل تي چٽي نوجوانن ۾ سنڌ دوستيءَ جي روايتن جو امين ٿي بيٺو. هُو سنڌ جي ماضي جي روايتن کي پڙهي مستقبل جو تصور ڪندي جذباتي ٿي پوندو هو. هن قوم پرست سياست جو تجزيو ڪندي لکڻ شروع ڪيو. پوءِ علمي ۽ ادبي ليک به لکيا. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ذڪي ڇپيو. هن جي حيثيت هڪ نقاد وار اڀري آئي.

منهنجي هن سان ملاقات 1995 ۽ 1996 جي زماني ۾ ٿي. جڏهن پنهنجي ننڍي ڀاءُ عبدالحئي عرف پارس پريمي کي پڙهڻ جي لاءِ مٺي وٺي آيو. پارس ۽ آئون ڪلاسي ٿياسين. ان وقت شام جو ذڪي ۽ سندس ڳوٺائي ليکڪ ڏاهومل ڏوٿي سان يادگار ڪچهريون ٿينديون هيون. منهنجي ۽ پارس پريمي جي سکڻ جو زمانو هو. ذڪي ۽ ڏاهُو ٻنهي نئين ڏينهن نئون موضوع کولي اسان جي تربيت ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو. ذڪي ۽ ڏاهو کي دلت ادب تي وڏي دسترس هئي. ذڪي مشهور ڪتاب “اڇوت لوگون ڪا ادب” جو سنڌي ۾ ترجمو به ڪيو هو. پر ڇپجي نه سگھيو . آئون ۽ ذڪي ڪڏهن ڪڏهن سائين عبدالرحمان نقاش سان ملڻ ويندا هئاسين. نقاش لاڙ پٽ جي ماڳ لنواري شريف ۾ جنم وٺندڙ نامور اديب سماجي اڳواڻ ۽ صحافي هو. جسماني طور معذور هو. پر هن جي اندر جي ارڏائي اتساهه جو ذريعو هئي. هن جو ٿر سان وڏو عشق هو. ٿر ۾ هڪ سماجي تنظيم ۾ ڪندو هو. انهي ڪم سان گڏ روزاني ڊان کي ٿر مان رپورٽون موڪليندو هو. نقاش جو هڪ گيت مون کي ڏاڍو وڻندو هو ته؛

اسان روح راحت نه ماڻي ته ڇا ٿيو

ڏکن جي ٿي نه پڄاڻي ته ڇا ٿيو

ذڪي جون به ان گيت تي اکيون آليون ٿي پونديون هيون. هڪ دفعي مون جڳديش ارماني جي لکيل پنجابي ڪهاڻي ٻڌائي ته هن جون اکيون ابر جيان وسي پيون، آئون پريشان ٿي پيو هوس ته هن سنگراسي سوڍي کي ماٺ ڪيئن ڪرائجي. ذڪي ڪيڏو حساس ماڻهو هو. اها ڪهاڻي هن ريت هئي ؛

توکي نوڪري ملي سگھي ٿي،

وڏي مهرباني

پر هڪ شرط تي،

ٻڌايو، ٻڌايو، شرط ٻڌايو،

پگھار تو کي اڌ ملندي

ڇو؟

تو کي هڪ هٿ ۽ هڪ پير نه آهي.

ماٺ !

ٻڌاءِ منظور اٿئي

هائو هڪ شرط تي

مهرباني ڪري منهنجو اڌ پيٽ وڍي ڇڏيو.

غم روزگار ۾ ذڪي گھڻو گھايل ٿيل هو. انٽر جو امتحان ڏيڻ کان پوءِ ترت ذڪي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌاڻو هو. مائٽن وٽ مالي وسيلا “آڻيون چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا” وارا هئا. روزگار جي هن تلاش گھڻي ڪئي پر ڪٿي ملي نه سگھيو. ذڪي کي مامن مالي سهڪار ڪري عمرڪوٽ ۾ جنرل اسٽور کولي ڏنو. پر ذڪي واپار جي حسابن ۾ هلي نه سگھيو. هن آهستي آهستي دڪان کي اديبن شاعرن ۽ صحافين جي بيٺڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ٿر جا دوست سبحان سميجو ۽ ڪريم سميجو به صحافت جي پيشي سان جڙي عمرڪوٽ ۾ اچي رهڻ لڳا. ذڪي به صحافين جي صحبت جي اثر ۾ پاڻ به اچي صحافي ٿيو. ذڪي صحافي ٿيڻ کان پوءِ دڪان کي وقت گهٽ ڏيڻ لڳو.ذڪي پارس پريمي کي حيدرآباد مان پڙهائي اڌ مان ڇڏائي عمرڪوٽ ۾ دڪان تي ويهاريائين. وقت گذرڻ سان نه دڪان صحيح هلي سگھيو نه پارس پڙهائي تي مڪمل ڌيان ڏئي سگھيو. پارس جي ڊاڪٽر ٿيڻ جي آس اڌوري رهجي ويئي. ذڪي به صحافت ڇڏي بي روزگاري جي ڀري مٿي تي کڻي پنهنجي دوست سبحان سميجي جي سهڪار سان ڪراچي جي فيڪٽرين کي وسايائين. ڪجھه مهينا اتي رهيو پر جالي نه سگھيو. وري واپس ڳوٺ پهتو. ڳوٺ ۾ بي روزگاري جو احساس ڏنگي وجھندو هو. ان صورتحال ۾ ذڪي جي ڳوٺائي احسان آسي ڪوشش ڪري ذڪي کي ميرپورخاص جي هڪ مذهبي اداري ۾ خانگي ڪلرڪ جي نوڪري وٺي ڏني. ست سال ميرپورخاص ۾ رهيو. پوءِ مٺي آيو، جتي به هن پنج سال سچائي سان ديني خدمتون سرانجام ڏنيون.

مٺي ڇڏڻ کان پوءِ ڳوٺ جي مڪتب جي لاءِ تدريس جي شعبي ۾ ڪجھه ڏينهن ڏنا. وري هڪ ڏينهن وڃي ٻيهر عمرڪوٽ وسايائين. جتي دوست بنسي مالهي جي سهڪار سان غير سرڪاري ادارن ۾ روزگار شروع ڪيائين. ائين هن مختلف سماجي تنظيمن ۾ عمرڪڪوٽ، ڪنري ۽ مٺي ۾ ڪم ڪيو. ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ رهڻ واري هن شخص سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي پاران اين ٽي ايس جي ذريعي ٿيندڙ استادن جي ٽيسٽ م حصو ورتو. جنهن ۾ هن پنهنجي يونين ڪائونسل ۾ پهريون نمبر کنيو. 23 ڊسمبر 2014ع تي ذڪي کي پرائمري استاد جو آرڊر مليو. سچ ته هن کي ڏاڍي خوشي ٿي. ذڪي جي ڀائرن جي ڪوشش هئي ته ذڪي جي مقرري ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٿئي پر هن جي مقرري ڳوٺ کان 14 ڪلوميٽر پري ڳوٺ ميگھي جي تڙ ۾ ٿي. جتي هن پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ زندگي جي آخري ڏينهن تائين ميگھي جي تڙ جي اسڪول ۾ رهيو. چون ٿا ته، مشهور فلسفي گوئٽي جا آخري لفظ هئا ته؛ “۽ روشني”. اسان جي دوست ايڇ ايم ذڪي جا آخري لفظ هئا ته:“ ۽ تعليم”

ذڪي پنهنجي زندگي ۾ ڏکايل ماڻهن جي لاءِ آٿت هو. بيمار ماڻهو جي لاءِ سهارو هو. جڏهن ذڪي بيمار ٿيو ته سندس مخلص دوستن ۽ ڀائرن هن جي علاج جي لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون. ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ علاج هلندڙ هو پر اچانڪ 2 آگسٽ 2016 تي صبح جو 9 وڳي وسڪاري جي رت ۾ هي مٺڙو ماڻهو موڪلائي ويو. عزيز ۽ دوست ڏکارا ٿي پيا. ڍاٽ جون ڍاڻيون رنيون.

رتا مهيندي هٿرڙا، ڪجل ڪارا نيڻ

سڀني وڌا ويڻ، ويندل ويندا ئي رهيا

آئون ڍاڪلي ۾ پياري پارس پريمي ۽ شهاب نهڙي سان گڏجي ايڇ ايم ذڪي جي آخري آرام گاهه تي ويس. مون هن جي قبر تي گل رکڻ جي لاءِ گل کنيو ته فارسي جو شعر ياد آيو ته؛

“منهنجي قبر تي گل آهستي رک، ڇو ته منهنجي پاسي ۾ دل جو شيشو نازڪ آهي”

وڇوڙي جي درد ۾ منهنجا هٿ ڏڪي پيا، منهنجون اکيون ڀرجي آيون. تڪڙو تڪڙو قبرستان مان ٻاهر نڪري آيس.

ڇڻي گل ٿيا نيٺ خاڪ چمن،

اهي رنگ و بو اي خدا ڇا هيا.

هيا نقش پا هن سفر جو ثبوت،

مگر نقش پا نقش پا ڇا هيا.



استاد شفيع فقير


صحرا ۾ جنم وٺندڙ مهان راڳي

استاد شفيع فقير

استاد شفيع فقير ٿر جي صحرا ۾ جنم وٺندڙ سنڌو سڀيتا جو هڪ اهڙو راڳي آهي.جنهن صدين جي ساڃاهه سر ۾ سمائي سنڌو جي ساراهه جا منتر چوندڙ رهوگڻ رشي کان وٺي روحل واء جي البيلي شاعرحليم باغي تائين ڌرتي جي سچن ڪوين جو ويساهه ڪوتا ۾ ڳايو آهي.آرٽ جو منفرد تصور آلاپ ۾ آڻي مٽي جو درد لهرايو آهي. سنڌ جو ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر گهمي ڀانت ڀانت جا لوڪ گيتن جا ٻول ٻريا آهن. ڪلاسيڪل شاعري جي انمول سٽن کي سُرن جو ويس ڍڪايوآهي. جديد شاعري کي موسيقي جي چنڊ جي جوار باٽا ارپي آهي. رڻ جا رستا لتاڙيا آهن. پهاڙن جا پنڌ ڪيا آهن. ندين ۽ نالن جي ڪنارن تي قرب ڪچهريون ڪيون آهن.ساحلن تي سج اڀاريو آهي صحرا جي اڃ ۾ هن راڳ جا بادل برسايا آهن.جهوپڙين ۾ نما شام ٽاڻي ڏات جا ڏيئا ٻاريا آهن محل سراين کي راڳ سان مهڪايو آهي. سنتن ۽ درويشن جي آشرمن ۽ درگاهن تي سر جي ساڌنا ۽ دعائن جي ٻولن سان ٻاڏايو آهي.

سنڌ جي هن نامور راڳي، مهان موسيقار استاد شفيع فقير جو جنم پراڻي تعلقي ڇاڇري هاڻوڪي تعلقي ڏاهلي جي ڳوٺ گڍڙو ۾ لوڪ راڳي مولابخش مڱڻهار جي گهر ۾ ٿيو. سڃاڻپ ڪارڊ ۾ هن جي جنم جي تاريخ فيبروري 1961ع لکيل آهي جڏهن ته اصل ۾ 1961کان ٻه سال اڳ جنم ٿيو آهي.مختصر ۾ ائين چئجي ته هن جو جنم سال رڪارڊ عام ٿري ٻارن جيان اندازي وارو آهي. استاد شفيع فقير جا والدين حالتن هٿان مجبور ٿي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي رهيا.فقير مولابخش گڍڙي جي ارد دربدري جا ڌڪا کائي 1967ع ۾ اچي نيو ڇور کي وسايو، اتان وري 1968ع ڌاري ڳوٺ حويلي ۾ رهائش پذير ٿيو. 1971ع ۾ اتان نڪري اڇڙي ٿر ۾ ديرو ڄمايو. جتي 1973ع مان وري حويلي هنڌ بڻيو. 1990ع کان اڄ ڏينهن تائين نيوڇور ماڳ آهي.

ننڍڙي شفيع فقير جي پڙهائي تي اثر ٿيو. پهريون درجو پڙهڻ جي لاءِ گڊڙو جي اسڪول ۾ داخل ٿيو. پر هڪ ٻه سال پڙهائي ڇڏڻي پئي. وري ٻي اسڪول ۾ داخل ٿيو. ائين مختلف اسڪولن مان ٿيندي پنجون درجو کينسر جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيو. انگريزي تعليم جي لاءِ نيوڇور، حويلي ۽ ڇور جي اسڪولن ۾ پڙهيو پر نائين ۾ پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين.

استاد شفيع فقير جو خاندان پيڙهين کان موسيقي جو مانڊاڻ ۾ اهميت وارو رهيو آهي.استاد شفيع فقير مطابق‘سندس والد مولابخش پنهنجي دور جو لوڪ راڳي رهيو آهي. 1968ع تي مولا بخش ريڊيو تي پروگرام ڪيو. ڏاڏو قائم ۽ پڙڏاڏو جوڙو فقير به نامور لوڪ راڳي رهيا آهن.’استاد شفيع جي ننڍپڻ کان موسيقي سان دلچسپي رهي. پنهنجن هڪ جيڏن سان گڏجي رمندي هن راڳ ونڊڻ شروع ڪيو اسڪولي پڙهائي دوران هڪ تقريب ۾ هن ميڊم نورجهان جي ڳايل نغمن/ترانن کي ڳائي لوڪ ۾ راڳي هجڻ جو اعلان ڪيو. پوءِ اهو پنڌ اڳتي وڌندو رهيو اڄ به جاري آهي.

استاد شفيع فقير راڳ جي بنيادي سکيا پنهنجي والد کان ورتي.پر هن باقاعده 1976ع ۾ پنهنجي سوٽ استاد شادي فقير کان سکڻ شروع ڪيو. 1980ع ۾ هن شادي فقير کان گانو ٻڌرايو. استاد شفيع فقير سکڻ جو عمل جاري رکيو مختلف وقتن تي حسين شاهه, استاد سينگار علي سليم، استاد سلامت علي خان کان رهنمائي حاصل ڪيائين.هن ڳائڪي جا گُر ۽ سر استاد مجيد خان کان سکيا. 2000ع ۾ استاد مجيد خان گرو چيلي جي ريت ۾ استاد شفيع کي گانو ٻڌرايو.

1986ع ۾ هن آلاپ سنگيت اڪيڊمي جو بنياد رکيو. جنهن ۾ سکڻ جي لاءِ پهريون شرط راڳ سان عشق آهي. استاد شفيع فقير پهريون استاد راڳي آهي، جنهن روايتن کي ٽوڙي هن سنڌ ۽ هنڌ جي ڪيترن جي نوجوان کي موسيقي بابت سکيا ڏني آهي فن جي ٻين شعبن جيان راڳ جي شعبي ۾ به ڄاڻو ٻين کي گهٽ سيکاريندا آهن. وڏي راڳي جو شاگرد ٿيڻ جي لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍڻا پوندا آهن.راڳ جي وڏن وڏن گهراڻن ۾ استادن شاگرد کي مختلف آزمائش جي امتحانن ۾ وجهي مڪمل علم نه ڏنو. استاد شفيع اهڙين روايتن کي ٽوڙي راڳ جي علم جي سخاوت ڪئي آهي.

زرعي سماج ۾ اڪثر طور مڱڻهار قبيلو راڳ جي شعبي سان واڳيل رهيو آهي. استاد آلاپ سنگيت اڪيڊمي جي پليٽ فارم تان راڳ جي فن ۾ ٻين قبيلن کي شامل ڪيو آهي.هن وقت تائين 300کان مٿي شاگردن کي سيکاري چڪو آهي.استاد شفيع جي نامور شاگردن ۾ رفيق فقير، رجب فقير، اسلم فقير، رضا بروهي، ساجد رند ڪيول لوها نور حسن فقير، انب فقير، گلزار فقير، اقبال فقير، رحيم فقير، رمضان فقير، طاهر مٺو، وقار ملاح، جان محمد ڪاڪا، حبيب الله فقير، سلامت سهراب، يونس وڳڻ، سڪندر فقير، شاهنواز خاصخيلي، منظور سروري، سگهڙ ساند، شريف فقير، عباس فقير، فاروق فقير، منٺار فقير، فقيرا خان، شوڪت خان ڪچراخان، امداد خان۽ ٻيا شامل آهن. سڪندر فقير استاد شفيع فقير جو فرزند آهي. استاد شفيع فقير جا شاگرد استاد جي پد کي پائي ٻين کي راڳ سيکاري رهيا آهن.

استاد شفيع فقير جي آلاپ سنگيت اڪيڊمي جون شاخون سنڌ جي ٻين شهرن ۾ کلي چڪيون آهن، هر شاخ مقامي فنڪار جي نالي منسوب آهي.تن ۾ مکيه شاخون مقصود رند، ٽالپر وڏا،.خيرپور، کورواهه ۽ مٺي شامل آهن.آلاپ سنگيت اڪيڊمي ۾ سکڻ جي ڪا به في نه ورتي ويندي آهي.هڪ ٻن سالن ۾ شاگرد تيار ٿي ويندو آهي آلاپ اڪيڊمي تان سکي استاد جي پد کي پائيندڙ استاد رفيق فقير نامور راڳي صادق فقير جي پٽن نزاڪت فقير ۽ راحت فقير کي سيکاري رهيو آهي. استاد رجب فقير استاد حسين جي فرزند عباس فقير ۽ زوار فقير تي محنت ڪري رهيو آهي. گانو ٻڌرائڻ جي رسم به ادا ٿي چڪي آهي. مختصر لفظن ۾ ائين چئجي ته استاد شفيع فقير جي شفقت سان‘ گرو شش جي پرمپرا’ سرهي ول جيان وڌي رهي آهي.

پروڊيوسر عنايت بلوچ ۽ ڪوثر ٻرڙي 1987ع ۾ استاد شفيع فقير کي ريڊيو تي رڪارڊ ڪيو.ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ٻرندڙ پهرين گيت جا ٻول ‘سانگيڙن جي سار ....’ هئا. ان ڏينهن مصري شاهه جي ميلي تان ڳائي استاد شفيع فقيرموٽيو هو.هن جي آلاپ ۾ صوفي رنگ رچيل هو. پي ٽي وي جي لاءِ هن کي عبدالڪريم بلوچ ۽ غلام حيدر شيخ منظور ڪيو. هن پهريون ڪلام 1991ع ۾ لطيف سائين جي وائي‘ هلو ادا پانڌي هلو، جتي منهنجا ماروئڙا ’ پروڊيوسر فدا حسين بلوچ جي پيش ڪش ۾ پيش ڪئي. هن وائي جي سرن ٽي وي جي لهرن وسيلي راڳ جي متوالن جي من کي موهي ڇڏيو. استاد شفيع فقير مختلف وقتن تي پرديس ۾ راڳ جون رهاڻيون رچائي آيو آهي هن پنج ڀيرا پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. اهڙي طرح 2006 ۾ فرانس، 2007ع ۾ دبئي، 2016ع ۾ سعودي عرب ۾ محفلون مچايون آهن. ڀارت جي شهر بنگلور ۽ فرانس ۾ هن جي راڳ تي ٻڌندڙن لڙڪن جي جيڪا ڀيٽا ڏني اها ڪڏهن وساري نه سگهيو آهي. اڄ به داد جي دنيا ۾ هلندي بنگلور ۽ فرانس جي محفلن جا راڳ تي سڏڪا سارون بڻجي هن جي هانءُ تي هُرندا آهن. هن جذبات جو اهڙو سيلاب ٻي هنڌ ڪٿي ڪڏهن نه پسيو آهي.

استاد شفيع فقير موسيقار جي حيثيت ۾ هن وقت تائين 1500کان مٿي ڌنون جوڙي چڪو آهي. هن جي تخليق ڪيل ڌنن کي ٻين راڳين به ڳايو آهي. هن صوفي ڪلام، ويدانتي واڻين ۽ جديد شاعري کي خوب ڳايو آهي. هن جي مشهور ڪلامن ۾ ‘اڙي شهر جانان’ ، ‘اي شوخ هوا،’ ‘دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان،’ ‘گهڙي تي ڌن سارنگ جي،‘ ‘وڏي هن پوڙهي نم ۾،’‘ مرڪ پياري ۾ اکيون رهجي ويون،’ ‘تون جهڪين ٿي سانوري ۽ ڳلن تي والڙو’ ‘ اي ڄامشورا،’ ‘نه جاني تيرا صاحب ڪيسا هي،’ ‘هم گرو گورکناٿ’،۽ ٻيا شامل آهن. لوڪ موسيقي، ويدانتي واڻين ۽ صوفي ڪلامن جي راڳ ۾ هن جو جتي نرم لهجي سان گڏ عبادت وارو رنگ آهي اتي جديد ۽ انقلابي شاعري ۾ هن جي راڳ جي تک تنوار آهي. جڏهن استاد شفيع فقير‘اي شوخ هوا اي شوخ هوا مخدوم بلاول کي چئجان‘ ڳائي ٿو، تڏهن ٿر جي ڀٽن تان نيرو آڪاش به سرخ محسوس ٿيندو آهي.اروڙ جي آثارن جي چيخ تاريخ جو پڙاڏو بڻجي پاري نگر جي پڊ تي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.جڏهن هن ‘هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم ...’ آلاپيو آهي تڏهن عمرڪوٽ جي قلعي جا برج گهنگهور گهٽائن جي گهيري ۾ ڪارونجهر جي چشمن وانگر ٽميا آهن.ننگر شهر ۾ نير مهانگو ٿيو آهي. چانڊوڪين ۾ چوڙيلين سرد شوڪارا ڀريا آهن.ميران پور ۽ مڪلي جو قبرستان جاڳيو آهي. رني ڪوٽ جي ديوار ڀومي جي ڍال بڻي آهي. برهمڻ آباد جي تخت ڌڻي جون تلوارون اڀيون ٿيون آهن.

استاد شفيع فقير سنڌي، ڍاٽڪي، پارڪري، اردو، هندي، سرائيڪي، پنجابي ٻولين ۾ ڳايو آهي. فارسي ۽ بلوچي ٻولين جا شعر ڏوهيڙن طور ڏنا آهن.پهريون ڀيرو هن سنڌي آزاد نظم کي ڌن ڏيئي ڳايو آهي. استاد شفيع فقير پهريون آزاد نظم اعجاز شيخ جو آزاد نظم ‘داتا ان داتا’ ڪمپوز ڪيو هو. پوءِ آڪاش انصاري ، حليم باغي،حاجي ساند خليل ڪنڀار، پيارو شيواڻي، اشرف پلي، اڪبر پلي ۽ ٻين جا پابند نظم، آزاد نظم ڳاياآهن.

استاد شفيع فقير فوڪ لور سوسائٽي ۾ ڪم ڪرڻ جي دوران ٿري لوڪ موسيقي جي ڌنن ۽ ٻولن کي پوري ملڪ ۾ پڌرو ڪيو. هن لوڪ گيتن ۾ بامعنيٰ لوڪ گيتن جي چونڊ ڪئي آهي. استاد شفيع فقير جا ڳايل لوڪ گيت مڃتا ماڻي چڪا آهن.

استاد شفيع فقيرنه صرف سهڻو ڳائي ٿو پر راڳ تي سگهارو ڳالهائي ٿو. اهڙي خوبي تمام گهٽ راڳين ۾ آهي. راڳ جي فن تي وڏي دسترس رکندڙ استاد شفيع فقيرمطابق ‘لوڪ موسيقي تمام گهڻي سگهاري هوندي آهي،لوڪ ۽ ڪلاسيڪل موسيقي جي وچ ۾ نيم ڪلاسيڪل موسيقي آهي. لوڪ موسيقي ۽ نيم ڪلاسيڪل موسيقي جا گهڻا راڳي آهي ڪلاسيڪل موسيقي ۾ سنڌ ۾ استاد فتع علي خان آهي. جيڪو ملڪي سطع جو راڳي آهي. راڳ سماج مان اڀري ٿو. سماج کي راڳ جي سنڀالڻ ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ سنڌ ۾ صوفين جي درگاهن راڳ کي زندهه رکيو آهي.

استاد شفيع فقير سائين مخدوم طالب الموليٰ، سائين رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، سائين پير غلام رسول شاهه جيلاني، مٺل سائين، سائين جڙيل شاهه، سائين قلندر بخش،سائين مخدوم نويد زمان، سائين عبدالڪريم پلي، سائين صوفي فتع، سائين ثمر علي جهانيان، سائين جمعون دل، سائين مٺل پلي، سائين مهدي شاهه، سائين صوفي عطاءُ الله ستاري، سائين فقير ولي بخش ۽ ٻين راڳ جي سمجهو سالڪن جي محفلن ۾ ڳائي داد حاصل ڪيو آهي.

استاد شفيع فقير 1987ع کان وٺي جهوڪ شريف جي درگاهه تي ساليانو ڳائيندو آهي. استاد ٻڌائي ٿو ته؛‘آئون جهوڪ شريف جي درگاهه تي 1987ع کان وٺي باقاعده ايندو آهيان شام واري محفل (ڪچهري) جو آئون راڳي اڳواڻ آهيان. جهوڪ شريف جي سلسلي سان لاڳاپيل ۽ ٻين ٽي درگاهن تي حاضري ڏيندو آهيان، درگاهن تي راڳ جي محفل ۾ ملندڙ روحاني سڪون جي رمز آئون لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان.’

آئون استاد شفيع فقير تي جڏهن هي محبت جا ٻه اکر لکي رهيو آهيان. تڏهن منهنجي ٽيبل تي نامور شاعر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز وارو مجموعو ‘صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر’ اکين اڳيان موجود آهي. اهو ڪتاب مون ٻه ڏينهن اڳ ۾ پڙهي ڪتاب جي پوئين صفحي تي پينسل سان لکيو هو ته؛‘ ڇا سنڌ ۾ ڪو اهڙو نوجوان آهي جيڪو صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جي شاعرن جي درگاهن تي ٿيندڙ راڳ کي پي ايڇ ڊي جو موضوع بڻائي ڪم ڪري!؟’

استاد شفيع فقير ست سال ڪبير فائونڊيشن سان به واڳيل رهيو. هن شاهه لطيف، رومي، سچل، روحل، ميران ٻائي، عمر خيام جي خيالن کي خوبصورت انداز ۾ ڳايو آهي.

1984کان 1987 تائين مٺي جو ادبي ماحول سرگرم رهيو، مختلف ادبي پروگرام ۽ اسٽيج ڊراما ٿيا. ان وقت مٺي ۾ شام ملهائڻ جا ٻه اهڙا پروگرام ٿيا جنهن ۾ صاحب شام پهچي نه سگهيا. هڪ پروگرام طارق عالم ابڙي سان رکيو ويو هو پر طارق نه آيو. پوءِ سرور سهتي سان شام ملهائي ويئي. ٻيو پروگرام استاد محمد يوسف سان رکيو ويو هو، پر استاد محمد يوسف نه پهتو، اهو پروگرام استاد شفيع فقير سان شام ۾ تبديل ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ 1998ع ۾ عارب جعفري وارن استاد شفيع فقير سان شام ملهائي. ان پروگرام ۾ خدابخش نابين ۽ ٻين ٿري راڳين حصو ورتو. يادگار پروگرام ٿيو.

استاد شفيع فقير چوي ٿو ته لاهور ۾ راڳ جي سکيا جا سرڪاري سطح تي ادارو آهي، اسان وٽ اهڙو ادارو جڙي نه سگهيو آهي، پر جوڙڻ گهرجي. آرٽس ڪائونسل ۽ ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ هڪ راڳ جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

استاد شفيع فقير جي پسند جي راڳين ۾ استاد سلامت علي خان، استاد سينگار علي سليم، مائي ڀاڳي، ريشما، مائي ڌائي شامل آهن.

استاد شفيع فقير سنگت جي ادبي ۽ ذاتي پروگرامن ۾ من جي ميٺاج سان شرڪت ڪندو رهيو آهي. هن ڪڏهن پئسن جو حساب نه رکيو آهي. امير بخش شر جي وفات کان سندس پٽ جي پهرين سالگرهه جو ڏڻ اچڻ تي ڏکويل خاندان جا غم گهٽائڻ جي لاءِ سازيندا به پنهنجي خرچ تي ڪوٺي وڃي ڳائي آيو.ائين ڪيترائي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا.

استاد شفيع فقير کي 300 کان وڌيڪ ايوارڊ ملي چڪا آهن. جن ۾ 17 مصري شاهه ايوارڊ آهن. انهن کان سواءِ شاهه لطيف ايوارڊ، استاد منظور علي خان ايوارڊ، استاد گلزار ايوارڊ، استاد محمد جمن ايوارڊ، ٿر ايوارڊ، گورنر سنڌ ڪلچرل ايوارڊ، اعتراف فن لوڪ ورثا ايوارڊ، صدارتي ايوارڊ ۽ ٻيا ايوارڊ شامل آهن. صدارتي ايوارڊ 2018ع ۾ مليو آهي.

استاد شفيع فقير جي فن ۽ شخصيت تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي.هن سٻاجهي راڳي جو 1996 يا 1997ع جي زماني ۾ رسول بخش درس ۽ ڪجهه ٻين ساٿين تفصيلي انٽرويو ڪيو هو. ان پوءِ اهڙو تفصيلي به استاد جو نه ٿيو آهي.استاد شفيع فقير جي خدمتن تي راڳ جي ڄاڻو ماڻهن کي لکڻ گهرجي. ويجهن دوستن کي هن جي شخصيت جا سونهري روپ پڌرا ڪرڻ گهرجن. مون هن خاڪي ۾ مهان راڳي کي محبت جا گل دل جي گهراين سان ارپڻ ڪيا آهن.هي لفظ منهنجي روح جا رابيل آهن. ڄار سان ٻکيل گولاڙي جي ول جهڙيون ڳالهيون آهن.ڀيج ڀني جي خوشبوءِ جهڙا خيال آهن. گڍڙي جي چيڪي مٽي جي چاهت آهي. استاد شفيع فقير مون سان جڏهن به مليو آهي انتهائي شفقت سان مليو آهي.مون کي ڀٽائي جي سٽ ياد آئي آهي؛

“سُونهڻ جيئڻ سيڻن، مِٺو ساءُ نه مٽيو”

آئون صحافي ساجد بجير، لياقت نهڙي ۽ غازي نهڙي سان گڏجي گڍڙي جي ڦٽل بازار جي ڀر سان استاد شفيع فقير جي جنم ڀومي وارو پڌر نهاري آيو آهيان. جتي هر وسڪاري ۾ استاد شفيع فقير ڳائيندو آهي ته؛

سارو عالم پيو سمهي، جلي منهنجي جاڳ،
ازل جي آواز مان روح بڻايا راڳ،
ڀڙڪيا اُلا آڳ، جرڪڻ لڳي جندڙي



ڪريم فقير


ڪيرٽي جو ڪلونت

ڪريم فقير

ڪيسر مڪواڻي جي قرب نگر ڪيرٽي عرف ڪيرلي نگر ۾ آچار مڱڻهار جي گهر ۾ مئي 1961ع تي جنم وٺندڙ ڪريم فقير سنڌ جو سريلو راڳي آهي.جنهن جي آلاپ تي ريجهي صحرا جي شفق سنجها جو ڏيئو ٻاريندي آهي. جنهن جي سُرن جي ستارا ساک ڏيندا آهن، جنهن جي راڳ جي راحت ۾ ڀالوا جي ڀٽ مينهن وساڙن جو ڏيک ڏيندي آهي.

ڪريم فقير اڃان ٻه ٽن مهينن جو هو، تڏهن سندس مامي سروپي مڱڻهار وارا مٺي ڪوٺي آيا. پوءِ اتي ئي مامي جي گهر ۾ پلي وڏو ٿيو. سروپي مڱڻهار جي مٺي ۾ دهل جي وڄت جي حوالي سان وڏي مقبوليت رهي آهي. 

80 ۽ 90 جي ڏهاڪي ۾ اسٽيج ڊراما ۽ ناٽڪ پيش ڪرڻ جو مٺي ۾ وڏو رواج هوندو هو. ديوالي، لگن، رام ڀروسو ۽ ٻيا ڪيترائي اسٽيج ڊراما ۽ ناٽڪ پيش ٿيا. ڪريم فقير انهن ڊرامن ۽ ناٽڪن ۾ مزاحيه ڪردار ادا ڪندي هڪ ٻه ڀيرا ڳايو، ٻڌندڙن وڏي موٽ ڏني پر هن خاص ڌيان ڳائڻ تي نه ڏنو. وڏي وقت تائين صادق فقير سان گڏ ڍولڪ وڄائيندو رهيو.هڪ ڀيري ڍولڪ وڄائيندي رت جي الٽي اچي ويئي. پوءِ هن ڍولڪ وڄائڻ ڇڏي ڏنو ۽ باقائده ڳائڻ شروع ڪيو. 1988ع جي ڏڪار ۾ ٿري فنڪارن جي سهائتا ڪرڻ جي لاءِ مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ پروگرام رکيو ويو هو. اتي هن ڳايو. هن جو ڳائڻ ٻڌي ٻي ڏينهن عنايت بلوچ صاحب ريڊيو پاڪستان تي وٺي آيو. ان ڏينهن هن جي ريڊيو تي پهرين انٽري ٿي. هن ريڊيو تي پهريون ڪلام سائينداد ساند جو غزل ڳايو ؛

ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندو،
ڪرندو جنهن تي ڪاجل هوندو.

غزل جي گونج راڄن ۾ ٻڌي ويئي. ڪريم فقير کي وڏو داد مليو. ائين ڪريم فقير مزاحيه ڪردار ۽ ڍولڪ نواز کان ڳائڻي جي پنڌ ڏانهن وڌيو. ڪريم فقير پاڻ به ڪيترائي لوڪ گيت لکي ڳايا آهن. هن قربان چنا جي سهڪار سان پي ٽي وي تي پنهنجي شاعري مان ‘وس ڪڪرڙا وس منهنجي ڪارونجهر تي وس’ ڳائي وڏي مقبوليت ماڻي.

ڪريم فقير باقاعده اسڪول جي پڙهائي حاصل نه ڪري سگهيو. پر جڏهن فن جي دنيا ۾ آيو تڏهن سندس دوستن ڊاڪٽر نند لال ۽ وجئه لهاڻي هن کي لکڻ پڙهڻ سيکاريو. ڪريم فقير دل جو مخلص ۽ سچو شخص آهي. صادق فقير ڪريم فقير کي ڏاڍو ڀائيندو هو. هڪ ٻي سان ڏاڍا چرچا ڪندا هئا. مٺي جي نجي ڪچهرين ۾ اڄ به اهي لطيفا دهرايا ويندا آهن.ڪريم فقير مٺي جي ٻين مزاحيه ڪردارن سان به گڏ ويهي چرچن جا چنڊ اڀاريا آهن. هي اهل دل انسان راڳ، رهاڻ ۽ کل ڀوڳ سان دل جي دنيا آباد ڪري چاهتن جي چانڊوڪيءَ ۾ خواهشن ۽ خوابن آرٽ کي زندگي ۽ زندگي کي آرٽ بڻائيندو آهي. هن جي دل جي خانن ۾ خوشين کان وڌيڪ لڙڪ آهن. پر هن پنهنجا لڙڪ لڪائي ٽهڪن جا پوپٽ اڏاريا آهن. روهيڙن جي رنگت راڳ جا روپ رچايا آهن.

ٿر جي هن سادي سودي لوڪ ڳائڪ جي راڳ ۾ ريگستان جي اڃ آهي. پيار جي پانڌيڙي جو اوسئڙو آهي، پريت جي تمنا جي تڙپ آهي.پاري نگر جي بي انتها اداسي جڏهن ميڙي ڳائيندو آهي ته صحرا جي ننڍ اڏامي ويندي آهي.ٿر جي پسمنظر ۾ لکيل مهان ڪوي شيخ اياز جو مشهور گيت ‘ جت لڳي، اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي’ ڪريم فقير جيان ٻيو ڪوئي راڳي ڳائي نه سگهيو آهي. شيخ اياز جا جيڪي ٻيا ڪلام به هن جي ڪنٺ ۾ من کي موهيندا آهن تن ۾ هي شامل آهن.

تو کي ڪهڙي ڪل،

جيءُ اچي نه جهل،

مون کان سنڌ نه وسري

_

ائين نه ٽاڻو ٽار،

متان چنڊ لهي وڃي

_

اڪ مٿان ڦلڙيون،

ٻٻر مٿان ٻور،

پوءِ به پرين دور

_

سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين ساجن کي به ته آڻ،

ساجن کي به ته آڻ

ڪريم فقير صادق فقير سان گڏجي شيخ اياز سان مليو هو.ان محفل ۾ ‘مون کان سنڌ نه وسري’ واري وائي هن شيخ اياز جي سامهون ڳائي هئي. ڪريم فقير رقم الحروف پاران ٿري ٻولي ۾ ترجمو ڪيل شيخ اياز شاعري کي سرن جا ويس ڍڪايو آهي.

ڪريم فقير ايازگل ۽ سائينداد ساند کي دلڪش انداز ۾ ڳايو آهي. اياز گل جي شاعري مان‘منهنجا لڙڪ سوالن وانگي’ ‘وقت ڪيا ويرانا ماڻهو’ تمام گهڻا مشهور ٿيا. سائينداد ساند جو مشهور غزل‘ ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا’ سڀ کان پهرين ڪريم فقير سرن ۾ آندو. سائينداد ساند جي ٻولن ۾ ‘ يادون جاڳيون سپنا جاڳيا’،‘ سوا تو شامون’ ۽ ‘روح ۾ رهجي ويو رقص تنهنجي ڇير جو’ ڪريم فقير جي آواز ۾ ٻڌي دل بي اختيار داد ڏيندي آهي.

اهڙي طرح ڪريم فقير ڪلاسيڪل، لوڪ ۽ جديد شاعري ۾ شاهه لطيف، سچل سرمست، ڪبير ڀڳت، بليٰ شاهه، مصري شاهه، خليفو نبي بخش قاسم، سيد عباس علي شاه، سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏهي، استاد بخاري، راشد مورائي، ادل سومرو، سروپ چندر شاد،حسن درس، بلاول اوٺو، ايوب کوسو، اياز رضوي، خليل ڪنڀر، پيارو شيواڻي، امولک امر، شوڪت تبسم، ناشاد سمون، شهاب نهڙي، سوائي مانڌو.مرچو ورتيو، مهندرو مستانو ، ڀيرو جوشي، نورمحمد مهراڻوي، رقم الحروف ۽ ٻين کي ڳايو آهي.

ڪريم فقير کي ‘مارئي ايوارڊ،’ ‘لوڪ ورثا ايوارڊ’‘مڪلي ايوارڊ’ ‘ڪارونجهر ايوارڊ’، صادق فقير ايوارڊ سميت 30 کان وڌيڪ ايوارڊ ملي چڪا آهن.ڪريم فقير پنهنجي دوست جئديو شرما ۽ ٻين جي سهڪار سان ٿر لوڪ سنگيت اڪيڊمي جوڙي مٺي ۾ موسيقي جو مانڊاڻ مچايو آهي.جتي هر روز شام جو راڳ ۽ ساز جي رهاڻ ٿيندي آهي. ڪريم فقير سان گڏ هيرو لوهار سر وکيريندو آهي. ڳوٺ ڦليو جو نوجوان ڪرمون ميگهواڙ گهڙو وڄائيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن عبدلشڪور ڪماچ وارو به اچي وارو وٺندو آهي.

استاد حسين فقير جي شاگرد ۽ ڪيرٽي جي هن ڪلونت جو مون سان روح جو رشتو رهيو آهي.منهنجي شاعري ۾‘ڪڏهن ايندين ڪيرٽي’، ‘سهڻا تنهنجي سار وري آ’ ‘ڪجلاسر جي ڪپ تي’ کي ڳايو آهي. ڪيرٽي جي پسمنظر واري وائي تي هن جون اکيون اشڪبار ٿي پونديون آهن. ڪريم جڏهن به ڪنهن گيت کي نئين ڌن ترتيب ڏيندو آهي. تڏهن روبرو يا فون ذريعي مون کي ٻڌائي راءِ ضرور وٺندو آهي. منهنجي راءِ ته ’ڪن رس’ جي ‘ڪوڏيي’ واري هوندي آهي. پر فقير وڏي مان مرياده سان خيال رکندو آهي. اها هن جي دلبري آهي. باقي مزاحيه رس ۾ هن موقعو ملڻ تي چرچن ۾ بخش نه ڪيو آهي. 

ڪريم فقير لوڪ گيتن کي لاکيڻي انداز ۾ آلاپيو آهي. هن جي پوري ڳائڪي لوڪ راڳ ۾ رنگيل آهي. هن جيون خاڪي جون خبرون ڪريم فقير جي ڳايل لوڪ گيت ‘هون تو هلي ري هيل ڀرڻ ماء مٿي ٻوليو ري مور’ جي من موهيندڙ ٻولن سان اتي اڌ ۾ ڇڏجن ٿيون. باقي ڳالهيون ٿري چوڻي ‘ جڏهوڪا مينهن تڏهوڪا پاڻي’ جي مصداق ٻي موقعي تي ڪبيون.

حياتي جي هوندي، وري ٿيندا ميڙا،

چڱو پار ٻيڙا،

سِڪن جي سڳن جا ڇڪي جهلج ڇيڙا،

چڱو پار ٻيڙا،

(سائينداد ساند)



نور احمد جنجهي


سرڪش ڀاٽي ليکڪ ۽ شاعر

نور احمد جنجهي

ننڍي کنڊ جي ڪڙمن ۽ قبيلن جي تاريخ ۾ ڀاٽي قبيلو پنهنجي نمايان حيثيت رکي ٿو. شجرا رکندڙ ڀاٽن وٽ جنهن جو شجرو ڊگهو آهي. پر لوڪ ادب جي شعرن آڌار سارنگهيار جو نوجوان ڊاڪٽر ناٿو سنگهه ڀاٽي مختصر احوال ائين ڏي ٿو ته؛ ڀاٽي جادم ونس (يادوونس) جا جونجهار آهن. جنهن ونس ۾ ڪروکيتر جي ميدان ۾ ارجن پانڊو کي گيتا جي گيان جو اپديش ڏيندڙ شري ڪرشن به جنم ورتو هو.

جڻ ڏڻ ڪرشن جنميو، ڪاٽڻ پرٿوي ڪلنڪ،
ونس ڇتيس اوپر ڪڙ جادم ڪُڙ نڪڙنڪ.

(جنهن ڏينهن ڌرتي جا دک گهٽائڻ جي لاءِ شري ڪرشن جنم ورتو، ان ڏينهن ننڍي کنڊ جي ڇٽيهه ونسن ۾ جادم ونس اڇو اجرو ونس ٿي ويو.)

سنڌ جا سماٽ قبيلا ڀاٽي قبيلي جا ڀائر جادم ونسي آهن، سنڌ ۾ هڪ شعر عام طور چيو ويندو آهي ته؛ ؛

سنڌ سمو ڪڇ چنو ڀاٽي جيسلمير،
چوٿون ٿيو چغدو جنهن جو پيڙهي مٿي پير ،
پنجون ٿيو لوهاڻو جنهن کنيا ساهمي ۽ سير

هڪڙي زماني ۾ ڀاٽي قبيلي جي ننڊي کنڊ جي وسيع علائقي کان وٺي غزني جي گڍ تائين حڪمراني هئي، نو قلعا هٿ هيٺ هئا،جنهن جي شاهدي هڪ لوڪ شعر ۾ هن ريت ڏنل آهي ته ؛

ڪاشي، مٿرا، پراگ ڀڙ، ڪشميري ڀٽ نير،
ڏگم ڏيرا ول گڍ گجني نوي جيسلمير.

وقت گذرڻ سان مختلف معرڪن ۽ مامرن ۾جيسلمير کان سواءِ باقي ٻين اٺن قلعن تان ڀاٽين جي بادشاهي جو سج لهي ويو. راول ڀاٽين جي ساک جسيلمير جي قلعي ثابت رکي؛

گڍ دلي گڍ آگرو، گڍ بيڪانير،
ڀلو چڻايو ڀاٽيان سري جيسلمير.

جيسلمير جي ڀاٽين جي هڪ نک جنجهه آهي، جنهن جا ڪجهه پاڙا ڀائرن جي اندروني اختلافن ۽ ڪجهه ٻين سببن جي ڪري جنجهڻياري ۽ تڻوٽ ڏيوي جي آسٿان وارن علائقن ۾ ٻارنهن تڙن واري راڄ کي ڇڏي سنڌ جي سرزمين تي پهتا. جن کي سنڌ ۾ ٿر واري پاسي جنجهي ۽ بئراج واري پٽي ۾ جنجهڻ سڏيو ويو.سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ شاعر نوراحمد جنجهي جي وڏن جيسلمير مان نڪرڻ کان پوءِ پهرين عمرڪوٽ جي ڳوٺ کاروڙو چارڻ ۾ پنهنجو ويڙهو وسايو، بعد ۾ اتان لڏي ٿر جي طبعي ڀاڱي ڪنٺي جي ڳوٺ وڪڙيو کي اچي آباد ڪيو.نوراحمد جنجهي جو والد صاحب چاچو غلام محمد جنجهي ٿر ۾ هندي، سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي، ڍاٽڪي ۽ پارڪري ٻولين تي دسترس رکندڙ پختو شاعر،اديب، علم فلڪيات، بشريات ۽ طب جو ڄاڻو، راڳ جو سمجهو ۽ سياستدان هو. منهنجون غلام محمد جنجهي سان ملاقاتون هن جي پوئين ڏينهن ۾ٿيون هيون، هن وٽ اها سگهه هئي جو هو ماڻهو جي شڪل صورت، ٻولي ۽ اٿ ويهه ڏسي چئي سگهندو هو ته سامهون وارو ماڻهو ڪهڙي حسب نسب سان تعلق رکي ٿو. هُو ٽيليسڪوپ کانسوءِ ستارن جي چرپر کي چت ۾ آڻي سگهندو هو، هن جي دل دوربين هئي. هن وٽ ستارن بابت ايترو مطالعو ۽ مشاهدو هو جو هن کان ڪير علم فلڪيات تي ڪتاب لکرائي ها ته ضرور لکي ڏي ها.

ٻه درجا سنڌي پڙهيل غلام محمد جنجهي احمد آباد مان هندي ۽ گجراتي ۾ فائنل پاس ڪيو هو.غلام محمد جنجهي آزادي جي تحريڪ دوران پنهنجي پاڙيسري دوست پنهون مل هميراڻي سان گڏ ڪانگريس جي سياسي سرگرمين ۾ حصو ورتو، بعد ۾ پنهنجي مرشد ۽ خلافت تحريڪ جي رهنما پير غلام مجدد سرهندي مٽياري واري جي هدايتن تي مسلم ليگ سان هن پنهنجو تعلق جوڙيو. غلام محمد مولانا سيد ابوالا علي مودودي کان متاثر ٿي 60 جي ڏهاڪي ۾ جماعت اسلامي سان وابستگي ڪئي. 1970ع جي چونڊن ۾ هن قومي اسيمبلي جي حلقي ڇاڇرو ۽ ننگر تي پير غلام رسول شاه جيلاني جي سامهون چونڊ وڙهندڙ جماعت اسلامي جي اميدوار محمد يوسف جي مدد ڪئي. ارباب امير حسن سان ويجهن واسطن کي هن سدائين برقرار رکيو.هن مقامي سياست ۾ ارباب خاندان جي حمايت به ڪئي. غلام محمد جنجهي پنهنجي علائقي ۾ مڪاني چونڊن ۾ ميمبر ۽ چيئرمين چونڊجندو رهيو.

غلام محمد جنجهي قومي توڙي مقامي سطح تي مسئلن جي نشاندهي ۽ حل بابت وقت به وقت ملڪ جي صدرن، وزيراعظمن ۽ وزيرن جو ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ خط ڪتابت ڪئي. جنهن جي هن کي مثبت موٽ به ملي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي مسئلا حل ٿيا. قائداعظم محمد علي جناح، گانڌي، غلام محمد ڀرڳڙي، پير غلام مجدد سرهندي، مولاناسيد ابوالا علي مودودي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جهڙن نامور اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندڙ هي ٿري شخص سياست جي لاهن چاڙهن ۾ڪڏهن ورچي نه ويٺو. تنقيد براءِ اصلاح کي ڪڏهن هٿان نه ڇڏيائين .

غلام محمد جنجهي ننڍي کنڊ جو وڏو حصو پنهنجي پيرن هيٺيان ڪڍيو هو. هن کي ننڍي کنڊ جي تاريخ ۽ جاگرافي جي وڏي ڄاڻ هئي. لوڪ ادب جي خزاني جا هن وٽ انمول موتي هئا.هن جي شاعري جي مجموعي “ويجها ٿيا وصال کي” ۾ زندگي جو رياض آهي.ڪتاب “ويجها ٿيا وصال کي” ۾ بيت، ڪافيون، گيت، نظم ۽ غزل شامل آهن. هن سُرڪلياڻ، سُر آسا، سُر رامڪلي، سُر مارئي، سُر سسئي، سُر ديسي، سُر سهڻي کان وٺي سُر بروو سنڌي تائين سُر لکي هن پنهنجي ڪلاسڪ سان رشتو جوڙي رکيو آهي.

غلام محمد جي نثر جو مواد ڪافي اڻ ڇپيل آهي.تن ۾ ‘رتن ڪڻا ريت جا،’ ‘ڀلو چڻيايو ڀاٽين’ جا مسودا ۽ ٻيو مواد شامل آهي.ڪتاب ‘ڀلو چڻيايو ڀاٽين’ ۾ جنجهي ڀاٽين جو شجرو آهي. گهاٽن ڀروئن ۽ چاپونئي سونهاري واري قداور شخص غلام محمد سان منهنجوجڏهن به ملڻ ٿيندو هو تڏهن هو ڪاغذ تي پنهنجي شجري سان گڏ اسان مڪڙ سوٽهڙن جو شجرو لکي سمجهائيندو هو ته ڀاٽين جو ڪل نکون ڪيتريون آهن؟ اسين ۽ اوهين ڪهڙي پيڙهي ۾ ڌار ٿيون ٿا؟ راجا تنو جي پوٽن جا ڪيترا پاڙا ٿر ڏانهن آيا؟ اوهين جي ڪهڙن وڏن جو اسان سان ويجهڙائپ جو واسطو رهيو، پوءِ لوڪ دوها ٻڌائيندو هو ته؛

مهور ڪري منوار، ڪسڙات پڇي پوڇي،
سانفڙتي سُوتراڙ، ڪهان لاکو ڦلاڻي لڇا.

(پهرين منوار ڪري (کارائي، پياري) پوءِ ڪسٿرات (خوش خيرت) پڇي ٿو، اي لڇا تو کي “لاکو ڦلاڻي” چوان!؟)

بانڪا ٿي بنڪو، ڏنڪو ٿانرو ڏيس ۾
ساهوُ ماني سنڪو، وشوپتر ويس ۾.

(اي لڇا ! تون وڏو سورهيه آهين، ڏيهه ۾ تنهنجي نامياچاري آهي، اي وشوڪرما جا پٽ تنهنجي اڳيان ساهُو(جاگيردار) سنڪو (حجاب) محسوس ڪري ٿو.)

غلام محمد جنجهي جي لائق فرزند نور احمد جنجهي سان سڪ جي سٻنڌ جا رنگ ۽ پنهنجائپ جي رشتي جا ريشمي ڌاڳا اڻيل رهيا آهن. انهي ڪري ڳالهين جو ڳوٺڙو ٻڌڻ کان اڳ ۾آئون پنهنجي پڙهندڙن اڳيان وضاحت ڪرڻ ٿو گهران ته؛ ٿي سگهي ٿو ته نوراحمد جنجهي جي قلم ۽ ڪردار تي آئون اڻ ڌريو تبصرو ڪرڻ ۾ پوري ريت نڀائي نه سگهان. نوراحمد جنجهي مون کي تمام گهڻو عزيز آهي.

نور احمد جنجهي سان منهنجي پهرين ملاقات 1997_1996ع جي وقت ۾ ٿي هئي. جڏهن مٺي ۾ مشاعرن جون راتيون ختم نه ٿينديون هيون، افسانن جا دور ڊگها ٿي پوندا هئا.پريم شيواڻي، صادق فقير، عبدالرحمان نقاش ، ڏيچند ديپ، ڪرشن شرما ۽ ٻين دوستن جا ادبي تبصرا ۽ جائزا ڪمال جا هوندا هئا. سائينداد ساند جي هاسٽل واري ڪمري يا رتن جي هوٽل تي روز شام جو مٺي ادبي ميڙ شروع ٿي ويندو هو. نوراحمد جنجهي مهيني ۾ هڪ ڀيرو ضرور انهي ادبي ميلي جو حصو ٿيڻ جي لاءِ پنهنجي ڳوٺ وڪڙيو مان ايندو هو. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن نوراحمد جنجهي ڪٿي به هجي مون مٺي سان ڳنڍيل ڏٺو آهي. نئين ضلعي حڪومتي نظام ۾ پهرين ايڊمنسٽريٽوآفيسر جي ذميواري ملي ته هن پنهنجي دوستن جي لاءِ آفيس کي اوتارو بڻائي ڇڏيو، دعوت ڏئي دوستن کي گهرائيندو هو.ڪرسي تي ويهڻ کان پوءِ پنهنجي دوست کي نه سڃاڻڻ واري “وڏائي” مون هن ۾ نه ڏٺي. 2003ع ۾ منهنجي شادي جي دعوت روايتي طور تي ڏئي آيو هوس، پر هي شخص دعوت جي ڏينهن صبح مهل آيو شام جي پهر تائين ويٺو رهيو. هڪ وڏي ڀاءِ جي حيثيت ۾ مهمانن جي آجيان ڪندو رهيو. 2010 ع ۾ منهنجي امڙ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويئي ته تڏهن به وڏي ڀاءِ جي حيثيت ۾ مون سان گڏ تڏي تي ويٺو. امان جي وفات کان پهرين ايندڙ هولي جي تهوار تي فون ڪري دلي همدردي ڪيائين ۽ ڏک گهٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. 9 فيبروري 2016 تي ڀڳتي رنگ جي راڳي ۽ سگهڙ چاچي سترام داس کيتاڻي وفات ڪئي ته شوراتڙي جي پهرين تهوار تي ڳوٺ اچي اسان سان گڏ شريڪ ٿي سوڳ جي ماحول ۾ آٿت ڏني. اتي مڪڙ ڀاٽين گڏجي جنجهه ڀاٽي نور احمد جنجهي کي ڀائپي جو راجپوتي ڦينٽو ٻڌرايو.

مون کي خبر نه آهي ته اسان مان گهڻن ترگنيف جي ناول ‘روڊن’ کي پڙهيو آهي، جنهن۾ هڪ ڪردار وڏي واڪي چوي ٿو ته، ‘هڪ چڱو لفظ هڪ چڱو عمل آهي. انسانيت جي ميراث آهي. ڪائنات سان هم آهنگي جي وک آهي.’ نوراحمد جنجهي پنهنجي والد صاحب کان عمل، علم ۽ عبادت جو گس ورثي ۾ ڪيترائي چڱا لفظ لکي انسانيت جي ميراث سنڀالڻ جو عمل ادا ڪيو آهي، ڪائنات سان هم آهنگي جوڙڻ جي عبادت ڪئي آهي. هن سدائين جتن ڪيا آهن ته هن جو نثر و نظم ايترو سادو۽ سلوڻو هجي جو هرڪو سمجهي سگهي، هو پنهنجو ڪردار ائين نڀائي جو هن سان اختلاف راءِ رکندڙ به هن جي ايمانداري جو احترام ڪري. هن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي خوبين جي کاڻ نه سمجهيو آهي. ٿي سگهي ٿو هن کان ذاتي زندگي ۾ ڪٿي غلطيون ٿيون هجن پر مون جيترو ڏٺو آهي هن رشتن ۽ روايتن کي خلوص دل سان نڀايو آهي. هن سدائين پنهنجي دوستن ۽ شاگردن ۾ اها ڳالهه مختلف مثالن سان رکي آهي ته ڪوڙ جي برابر گناهن جو ڪو مجموعو نه آهي.جنهن کي پنهنجي استاد جي ڳالهين تي يقين نه ٿو اچي، اهو ڪڏهن خواب ۾ به سک ماڻي نٿو سگهي. ‘رام چرنت مانس’ ۾ تلسيداس لکيو آهي ته؛

لکشمن ڪهيو هنسي سنو مني ڪروڌ پاپ ڪر مول،
جيهي بس جن انوچت ڪرهين، چرهين بسو پرتي ڪول. 

(لکشمڻ مرڪي پرشورام کي چيو ته ڪروڌ گناه جي جڙ آهي، ڪروڌ جي اثر ۾ انسان غلط ڪم ڪري ويهندو آهي، دنيا ۾ تباهي ڪروڌ سان آئي آهي)

نوراحمد جنجهي ڪڏهن من ۾ ڪروڌ نه آندو آهي، سدائين مرڪندي مليو آهي. ملندڙ کي محسوس ٿيو آهي ته هن جو سڀ ڪجهه مرڪڻ آهي.

هن کي قديم ۽ جديد ٿر جي ڦاٽل لوئي کي تن هڻڻ جو ڪم اچي ٿو. ٿر جي ڪاڪ محل ۾ هن جي مقصد جي مومل محبت آهي. هن کي نفرتن جي ناتر جي ڦند ڦير، ٽوڻن، ڦيڻن ۽ خوف خطرن کي ريٽڻ جو هنر ڀلي ڀت اچي ٿو. هي چاهي ٿو ته هن مٽي جون لوڪ ڪهاڻيون يوناني ديومالائي قصن جيان هتان جي ماڻهن جي من ۾ سجاڳي پيدا ڪن. هن انهي مقصد جي لاءِ ڊاڪٽر ڪشني ڦلواڻي جي هندي ۾ لکيل ٿر ۾ ڳائجندڙ سنڌي داستان جي مجموعي جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. لوڪ ادب جو سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ تاريخي جائزو وٺي سنڌي ۽ انگريزي ۾ مقالا لکيا آهن.ٿر جي سماجي تاڃي پيٽي کي سمجهڻ جي لاءِ نئين نسل جي اڳيان پوري برصغيرجي سماج جي ارتقائي سفر کي واضح نقطن ۾ پيش ڪيوآهي.هن هڪ ذميوار ليکڪ جي حيثيت ۾ پنهنجي وطن جي ماڻهن جي ڏکن ڏاکڙن،المين ۽ اداسين کي بيباڪي سان اظهاريو آهي. هن پنهنجي لکت ذريعي پوئتي پيل خطي جي ماڻهن ۾ فيض احمد فيض جي نظم“ مجهي سوچني دو ”جهڙي ڪيفيت آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اين جي اوز جي نيم سياسي پروگرامن ۾ پوئتي رهڻ جي بدران شريڪ ٿي ماڻهن کي بيدار ٿيڻ جو سبق ڏنو آهي. هن گوگل جي گهٽين ۾ گهمندي پنهنجي وطن جي وسيلن کي نه وساريو آهي.

نوراحمد جنجهي سنڌي، انگريزي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري جو مجموعو ڇپيل آهي . سنڌي، هندي، انگريزي، اردو ۽ ڍاٽڪي ٻولين تي دسترس رکندڙ نوراحمد جنجهي ٻولين جي واڌاري ۽ سڌاري جي لاءِ محنت ڪئي آهي، آڪسفورڊ انگريزي سنڌي جي لغت نويسن ۾سنڌ جي ٻين عالمن سان گڏ نوراحمد جنجهي شامل رهيو آهي، نوراحمد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ايڊيٽوريل ڪاميٽي جو حصو رهيو آهي، هن مختلف ادبي مئگزين جاري ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، سماجي ترقياتي جائزي جو رپورٽون تيار ڪيون آهن.

مون هڪ ماحولياتي تنظيم جي پليٽ فارم تان ٿر جي فطري حسناڪي جي رکوالي ۽ واڌاري جي لاءِ ڪارونجهر نيشنل پارڪ قائم ڪرائڻ جي صحي مهم شروع ڪئي، تڏهن نوراحمد اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو،هن گئوچر تي تحقيقي مقالو لکيو آهي. هن ٿر ۾ قدرتي وسيلن جي بچاء ۽ پائيدار استعمال جي لاءِ ڳوٺاڻن کي سکيا ڏني آهي. انهن ۾ ماحول دوست بڻجڻ جو حوصلو پيدا ڪيو آهي

نوراحمد جنجهي کي ريڊيو ٻڌڻ وارو دوروڻندو آهي جنهن ۾ماڻهو گيت ٻڌڻ سان تصور ۾ تصوير جوڙيندو هو. هو اڄ به ڳوٺ اچي ريڊيو ٻڌندو آهي. ريڊيوتي ڪلاسيڪل گيت هلڻ تي گڏ جهونگارڻ شروع ٿي ويندو آهي.ريڊيو پاڪستان مٺي تي هڪ ڪمپئر طور مختلف پڻ پروگرام ڪيا آهن.ريڊيو پاڪستان جي نيشنل پروگرام جي لاءِ اسڪرپٽ لکيا آهن.

شهر جي روشنين ۾ هن کي لکڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. ڳوٺ جي کليل اڳڻ ۾ لالٽين جي روشني ۾ روح سان لکي ويندو آهي. هن ڪراچي کي روشنين جي شهر طور پڙهيو هو پر جڏهن هڪ ادبي اداري جو ريجنل ڊائريڪٽر ٿي ڪراچي ۾ رهڻ لڳو، ته هن کي اهو شهر گرم انڌيرن جو شهر لڳو، پوءِ هن ٿرئي اداري جي ڪرسي کي الوداع ڪندي دير نه ڪئي.

نور احمد غلام محمد فائونڊيشن پاران لطيف تي مختلف ليڪچر سيريز هلائي آهي.نوجوانن کي لطيف کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي لاءِ همٿايو آهي. ننڍي کنڊ جي ڪلاسڪ شاعرن ۾ ڪبير ڀڳت هن کي ڏاڍو وڻندو آهي. هن ڪبير جي ڪوتا تي ٽيڪاٽپڻي جو ڪم ڪيو آهي. هن ٿر جي چونڊ ڪردارن تي خاڪا پڻ لکيا آهن. سندس 23 ڪتابن ۾ ترجما به آهن ته تحقيق به آهي. لوڪ ادب آهي ته لطيف شناسي ۽ ڪبيروڄا جو ڪارج به موجود آهي. لسانيات، لطيف شناسي، تصوف ، ويدانت، ٿر شناسي، رومي شناسي ، ڪبير شناسي ۽ اياز شناسي متعلق سندس ڪتاب ڄاڻ ڏين ٿا.

نور احمد جنجهي ٺٽي جي رابيل جي ٽارين ۾ آڌي جا اوجاڳا ڳوليا آهن.کيرٿر جي سره جي نيڻن ۾سرڪشي جو سمنڊ ڏٺو آهي. موئن جي دڙي جي آثارن ۾ سنڌو تهذيب جي اوج جو اتهاس سمجهيو آهي. پاري نگر جي پڊن تي سڏونت ۽ سارنگا جا سڏڪا من ۾ محسوس ڪيا آهن. نور احمد ڪاڇي جي ان هاريءَ سان به مليو آهي.. جنهن سان منظوم انٽريو ڪندي اياز نظم لکيو هو.

هن ٿر جي ڀٽن تي ويهي وجد واري ڪيفيت ۾ ڀٽائي جي سٽ بي اختياري ۾ اچاري آهي ته ”راڻي وٽان رات، نئون نياپو آيو“. هن راڻي جي نئين نياپي جي لاءِ پورهيو پنڌ ڪيو آهي. پر ڪٿي به ادب ۾ڪنهن نظرئي ۽ نعري بازي جي زنجير ۾ قيد نه ٿيو آهي. پکين وانگر آزاد ۽ بادلن وانگر بي پرواه ٿي آرٽ جي حسناڪي اڀاري آهي، .هن جو اهو ويساه رهيو آهي آرٽ جي لاءِ آرٽسٽ کي ئي سر ڏيڻو آهي.

مان ئي ٻيجل آهيان، مان ئي راءِ ڏياچ،
منهنجو ڪنڌ ڪماچ، طلبي پيو تند ۾.

داغستان جي مشهور شاعر رسول حمزه توف لکيو آهي ته: “جيڪڏهن اوهان ماضيءَ جي سيني ۾ پستول جي گولي هڻندئو ته مستقبل اوهان کي توپ سان اڏاري ڇڏيندو.’ هن ماضي کي من ۾ رکي حال جا ويچار ميڙيندي مستقبل جي لاءِ وهمن ۽ وسوسن جو جهنگ جلائي سرڪش ڀاٽي وانگر هن ادب جي جهول ڀري آهي. پر ڪنهن کي ٻولي ۽ عقيدي جي بنياد تي رنجايو نه آهي.هن ڪنهن جي ذاتي معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ جي بدران حق ، نيڪي ۽ حسن جي آفاقي قدرن کي اوليت ڏئي تعصب جي جڙ تي قلم جي ڪهاڙي جو وڍ ڏنو آهي. انسان کي انسان سان وڙهائي ان سازش کي ساڙيو آهي. هن هر جاءِ حافظ جي انهن سٽن ۾ پنهنجو پنهنجو موقف رکيو آهي ته ”ان جو غلام آهيان جو هن نيري آسمان هيٺيان جنهن به رنگ سان تعلق پيدا ڪري ٿو ان کان هوآزاد آهي.”



پروفيسر سائينداد ساند


سگهارو شاعر ۽ استاد

پروفيسر سائينداد ساند

سانوري رنگ ۽ سٻاجهي سڀاءُ وارو شاعر جنهن جي شاعري ۾ ڳوڙها ڳالهائيندا آهن ۽ دل جي تاريخ لکبي آهي. جنهن جي ڪلا صديون سميٽي ڪروکيتر جو ڪرڀ سنڌو ڌارا جي ڪنارن تي محسوس ڪندي آهي. جنهن جي قلم جي ‘ڪرڻ ڦل’ مان غم جي گلابن جو عرق ٽپڪندو آهي. جنهن وٽ شاعري جي ٻولن سان ٻڌندڙ جي روح کي گرمائڻ جي سگهه آهي. جنهن جي شاعري کي واريءَ جي ڀٽن جي ديس ۾ ‘وهائو تاري’ جو ويس ڌارڻ اچي ٿو.جنهن جي شاعري مان معلوم ٿيندوآهي ته، درد کي لفظن ۾ ڪيئن لهرائي سگهجي ٿو.

جنهن ڪوي سو دکن دردن، اڪيلاين ۽ اداسين مان گذري ڪوتا سان نڀايو آهي. روز جنهن جي روح ۾ پيار جو تاڙو تنواريندو آهي. محبت جا مور ٽهوڪندا آهن. هُو قرب جي مينهن ڦڙي جي لاءِ واجهائي شاعري سان رسول حمزا توف جي لفظن ۾ مخاطب ٿيندو آهي ته؛

“شاعري ڇا تون نٿي ڄاڻين ته آئون توکي ڪڏهن به ترڪ نٿو ڪري سگهان، ڇا آئون پنهنجي زندگي ۾ ايندڙ خوشين ۽ پنهنجي اکين ۾ اُٿلي ايندڙ ڳوڙهن جي درياه کان ڪيڏانهن ڀڄي سگهان ٿو؟”

هن کي پتو آهي ته مومل کان سواءِ مينڌرو ڪجهه نه آهي. سارنگا جي سڪ بن سڏونت جو سارو پنڌ اڪارٿ آهي. ملير جي مٽي جي تانگهه سان مارئي ابديت پاتي آهي.

سنڌي ٻولي جو هي سگهارو شاعر سائينداد ساند جنهن جي شاعري جي ٻي مجموعي ‘دل جي تاريخ’ جو مهاڳ لکندي مون واضع لفظن ۾ لکيو آهي ته؛‘سائين سائينداد ساند جي شاعري جو سرور من ۾ ماڻڻ کان اڳ ۾ سندس اباڻي خطي ٿر جي لوڪ شاعري جي حسناڪي جو لطف دل ۾ اُتارڻ ضروري آهي. جنهن ۾ وطن سان محبت ۽ بيپناهه جماليات جا جذبا سمايل آهن،جنهن جو پرتوو هن جي شاعري تي آهي.

  1. اڄ صبح جو سوير تلاءُ جي ڀرسان ڏٺو، ته زمين جي ٽڪري کي ديوتا سجدو ڪري رهيا هئا،آئون حيران ٿي ويس، مون اُها جاءِ وڃي ڏٺي، معلوم ٿيو ته تون اسر ويل پاڻي ڀرڻ ويئي هئين تنهنجي پيرن تي جيڪا مهيندي لڳل هئي تنهن جا نشان اُتي هئا. ديوتا اُنهي پوتر زمين کي سجدو ڪري رهيا هئا.
  2. رات امراڻي ۽ ڍاٽ جي پاسي وڄ جي چمڪاٽ جهڙي روشني ٿي،آئون پرديس ويل هئس، مون پرديس ۾ اها روشني ڏسندي ڀانيو وسڪارو ٿر تي وريو آهي. انهي مهل نڪتس، وچ رستي ۾ هڪ واٽهڙو گڏيو تنهن چيو ته مينهن ته نه وسيو آهي، ان وقت مون سوچيو ته تون شايد پينگهه لڏي هوندينءَ تنهنجي بدن تان پولڪو پري ٿيو هوندو، جنهن جي اُهاءُ سان اها چمڪاٽ ٿي آهي.
  3. اي منهنجا پٽ اُٿ مٽي جي پڪار ٻڌ، هن قومي ويڙهه واري موقعي تي پري هٽندين ته منهنجي ٿڃ تو لاءِ زهر برابر آهي.
  4. اي سکي مون کي ڪانئرن جو پاڙو ڪڏهن پسند نه آهي، آئون انهن جوڌن تان ٻلهار وڃان جيڪي سرن جو سودو ڪندا آهن.
  5. ملڻ ڀلو آهي نه وڇڙڻ، ٻنهي کي ڇڏي ڏي، وڇڙندي مڇي مري ويندي آهي، ملڻ سان پتنگ موت جو کاڄ ٿيندو آهي.’

سنڌ جي ڪڙم قبيلن ۾ سوڍا قبيلو نامور قبيلو رهيو آهي. جنهن سچائي، سورهيائي ۽ سخاوت ۾ پاڻ ملهايو آهي. چارڻ ڪوي چوي ٿو ته؛

ڪڇوا جهالا ڪم ڌج، جگ سسوڏيا جو،
مڇري ڪو جادم ملي، سوڍي سمهو نا ڪو.

(ڪڇوا، جهالا، ڪم ڌج (هجن) يا جڳ جا (واکاڻيل) سسوڏيا نهار، مڇري جا جادم ملن، پر انهن مان ڪو به سوڍن جو ڪڏهن ڪو مٽ نه ٿو ٿي سگهي.)

سنڌ جي سوڍن پٽن رحمڪي بازار جي رڻ ۾ دودي سومري تان گهورڻ کان وٺي ٽلٽي ميدان ۾ جونجهارڪو جهيڙو مچائڻ تائين پاڻ ملهايو آهي.هانسي سوڍي کان رڻمل سوڍي تائين تاريخ جا صفحا سچن سوڍن جي تاريخي ڪارنامن سان ڀريل آهن. سنڌ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد ادب ۾ ‘سوڍا’ لاکيڻا ڪردار رهيا آهن.

ساند قبيلو جنهن کي ٿري ٻولي ۾ ‘سائوند’ سڏيو ويندو آهي.سوڍا قبيلي جي پنجٽيهه شاخن مان هڪ شاخ آهي. چيو وڃي ٿو ته گجو راڻي کان ٽي پيڙهيون اڳ ۾ ساوند سوڍو ٿيو هو. جنهن جو اولاد ساوند/ساند سڏجي ٿو.

نسل در نسل تلوار جي طاقت رکندڙ سوڍن جي قبيلي ۾ ساند نک جي سڃاڻپ سنڌ ۾‘تلوار ڌڻي’ کان وڌيڪ ‘قلم ڌڻي’ جي رهي آهي.ڪوتا جي ڪاڪ جي راڻن ۾ ماما جمن دربدر، حليم باغي ۽ سائينداد ساند کان وٺي حاجي ساند، انور ساند ۽ اسحاق ساند تائين ڪيترائي نامور نالا آهن. جن مڃتا جي مومل کي ماڻيو آهي.

اسلام ڪوٽ لڳ ڳوٺ متاري ساند جي رهواسي محمد حسن ساند جي پنجن پٽن ۾ سائين سائينداد ننڍو پٽ آهي.سائينداد کان وڏن ڀائرن ۾ لونگ، امام بخش، پيرڏنو ۽ منڱيو شامل آهن.سائين سائينداد ساند جي جنم تاريخ اسڪول جي رڪارڊ مطابق پهرين مارچ 1960ع آهي. جڏهن ته اصل ۾ سال 1961ع آهي. سائينداد ساند پڙهائي ۾ ننڍپڻ کان وٺي ذهين رهيو آهي. پڙهائي جي لاءِ هن مختلف ڳوٺن جي اسڪولن جو سفر ڪيو.تن ۾ جوگلار، وينجهڻياري، اسلام ڪوٽ، جوڳي مڙهي، فضل ڀنڀرو ۽ نئون ڪوٽ شامل آهن. ميرپورخاص جي شاهه عبداللطيف ڪاليج مان فرسٽ ايئر جو امتحان ڏيئي انٽر جي لاءِ سچل ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيو. ائين پڙهائي جو پنڌ ڪري سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس ۾ پهتو. هن پرائمري کان وٺي ايم اي سنڌي تائين هن سدائين نمبر کنيو.ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس مان پاس ڪيائين.

سائينداد ساند پڙهائي جي ڏينهن جي ساروڻين ۾ اڪثر فضل ڀنڀري جو ذڪر ڪندو آهي. جتي فقير شير محمد بلالاڻي ۽ سائينداد ساند گڏ رهندا ۽ پڙهندا هئا. نامور ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس عبدالقادر جوڻيجو ۽ پريم شيواڻي استاد هوندا هئا. جيڪي نصاب سان گڏ ڪهاڻين، شاعري ۽ مصوري جي موضوعن تي پڙهائيندا هئا. سائينداد ساند عبدالقادر جوڻيجي جو تذڪرو ڪندي ماضي ۾ ٽٻي هڻي ٻڌائيندو آهي ته، عبدالقادر هڪ استاد کان سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر تائين ڪيئن سفر ڪيو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جو چاچو رمضان وقت جو ڏاهو ماڻهو هو. رمضان جي ڳالهين ۾ تشبيهون منفرد هونديون هيون. عبدالقادر جوڻيجو به سائينداد ساند کي اهڙي ئي الفت سان ساريندو آهي.

سائينداد ساند 1978ع کان 1986ع تائين سنڌ الاجي ۾ ملازم ٿي رهيو. جتي سائينداد ساند جي بقول ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي کان لڪي شاعري جي فن تي ڪتاب پڙهندو هو. پر انهن ڪتابن مان حاصلات غير عملي هئي.[1]

سنڌ الاجي ۾ ماٺيڻو اوٺو هن سان گڏ ڪم ڪندو هو. ڄامشوري ۾ سائينداد ساند عبدالقادر جوڻيجي، امداد حسيني، ستيه پال سنتوش ڪامراڻي، الهڏتو وگهيي، نياز پنهور، قيس عالم ابڙي، ماٺيڻو اوٺي، ڊاڪٽر پرويز پٺاڻ، نصير مرزا جي سٿ ۾ رهيو. سائينداد ساند کي طارق عالم ابڙو جڏهن ياد ايندو آهي ته هُن جي لطيفن جون ڪهاڻيون مٺي ۾ دوستن کي ٻڌائي پاڻ کي سرچائيندو آهي. ۽ ماٺيڻو به سائينداد جي من تان ڪيئن اتري سگهي ٿو. جنهن جي وڇوڙي تي هن اکيون ابر جيان وسايون هيون.

22 سيپٽمپبر 1986ع تي ڊگري ڪاليج مٺي سنڌي جي مضمون جو ليڪچرار ٿي آيو.مٺي ڪاليج ۾ رهي هن ترقي ماڻي ليڪچرار مان پروفيسر جي عهدي تي پهچي مٺي ڪاليج جو پرنسيپال پڻ بڻيو. ڊگري ڪاليج مٺي جو نالو نامور راڳي صادق فقير جي نالي منسوب هن جي ايامڪاري دوران ٿيو. سائين سائينداد فيبروري 2017ع ۾ ڊگري ڪاليج ڏيپلو مان سرڪاري نوڪري تان رٽائر ڪيائين، پر هڪ استاد جي حثيت ۾ اڄ به شاگرد ساٿين جو غير رسمي ڪلاس وٺي علم ونڊي رهيو آهي.

پروفيسر سائينداد ساند شعر چوڻ جي شروعات انٽر ۾ پڙهڻ دوران ڪئي هئي. ڪيترن سالن تائين شعر لکي پوءِ ٽوڙي ڇڏيندو هو. پر زندگي جو پهريون غزل هن کي پهرين پيار جيان ياد رهجي ويو؛

يادون جاڳيون، سپنا جاڳيا،
اکين اندر ڳوڙها جاڳيا.

‘ڳوڙهن ڳالهايو’ هن جي شاعري جو پهريون مجموعو آهي. جنهن ۾ اهو غزل شامل آهي.هن غزل کي پهرين ڪريم فقير ڳايو. پوءِ ٻين راڳين ڳايو. پر ڪريم پاري ننگر جي پوري اداسي ميڙي اهڙي پُر سوز آلاپ ۾ ڳايو آهي جو ٻڌڻ سان محسوس ٿيندو آهي ته جين مندر ۾ سڏونت سارنگا ساري ڳائي رهيو آهي.

سائينداد ساند جهڙي طرح پهرين ڪتاب ‘ڳوڙهن ڳالهايو’ جي ڇپائي جي لاءِ راضي نه هو. پر دوستن دليپ ڪوٺاري ۽ ٻين جي گهڻي اسرار آڏو ڪڇي نه سگهيو. اهڙي طرح ٻي شاعري جي مجموعي ‘دل جي تاريخ’ جي لاءِ پڙ ڪڍي بيهي رهيو هو. پوءِ دليپ دوشي لوهاڻو ۽ آئون ڪنهن ريت هن کي راضي ڪري ويا هئاسين. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت تي هن روئي روئي بيت لکيا هئا. جيڪي سندس مجموعي ‘سنڌ ڪرو کيتر جيان’ ۾ شامل آهن. صرف اهو ڪتاب ڇپرائڻ جي لاءِ شاعر پاڻ آماده هو، اميشا پبليڪشن پاران دوست واشديو جاني ڇپرايو آهي. ’دل جي تاريخ’۽ ‘سنڌ، ڪرو کيتر جيان’ جا مهاڳ مون لکيا آهن. ‘سنڌ ڪرو کيتر جيان’ مجموعي ۾ پنجاهه کن بيت، هڪ وائي ۽ شهيد راڻي جي يادگار تصويرن تي مشتمل آهي. آئون هن ڪتاب جو مهاڳ لکندي وڏي ڪرڀ مان گذريو هوس.

ڌرتي جي دامن ۾، سُتي منهنجي ڀيڻ،
دنيا بڻجي نيڻ، روئي تنهن کي روز ٿي.

_

راڻي تنهنجي رت مان، جُڙيا جيالا،
ڀالا ئي ڀالا، سنڌ ڪُروکيتر جيان.

سائينداد ساند ڪلهه ڪاليج جي هاسٽل جي ڪمري ۾ تنهائي سان ڳالهيون ڪندي سگريٽ تي سگريٽ دکائي رات آڌي ڌاري شاعري سرجندو هو. هاڻي گدام ڪالوني جي ڀر سان پنهنجي ڀرئي گهر ۾ سج اڀرڻ جي پهرين لالاڻ تي شعر لکي ٿو. پر اندر جون اڪيلايون، زماني جون تلخيون، ڳوڙها ۽ غم ساڳي ريت ساٿ آهن. هن ڪڏهن اهو الڪو نه ڪيو آهي ته ڪير نقاد بڻجي شاعري کي فٽ پٽي سان ماپي رهيو آهي ته ڪير نظرياتي نقطه نظر سان بال پين کڻي شاعري جي سٽن کي انڊر لائين ڪري رهيو آهي. هن پنهنجي جذبن جو فطري ۽ بي ساخته اظهار ڪيو آهي. هن جي زندگي جي پوري سچائي شاعري ۾ آهي.

منهنجي هڪ دوست شاعري تي ڳالهائيندي مون کان سوال ڪيو ته؛ ڇا شاعري شاعر جي آتم ڪٿا هوندي آهي ؟مون بي اختياري سائين سائينداد ساند جي شاعري مان ڪجهه شعر ٻڌائيندي چيو ته، سائين سائينداد زندگي جا راز ائين سليا آهن. دل جي درري کولي نيڻ نهار کان وٺي تصورن جي ترورن تائين خوبصورتي جي تلاش ڪندي جيڪي رومانوي رنگ پسيا آهن. سوچ ۽ لوچ ۾ فڪر ۽ نفسيات جا جيڪي نوان نقطا نوٽ ڪيا آهن. تن کي شاعري ۾ پيش ڪيو آهي.

80۽ 90 جي وچ وارو عرصو صادق فقير ۽ ڪريم فقير جي اڀرڻ جو وقت هو، سائينداد ساند جي شاعري کي پهرين انهن راڳين ڳايو آهي، پوءِ پوري سنڌ جي گلوڪارن جي ڳلي مان هن جي شاعري گونجي آهي. فوزيه سومرو جي آلاپن ۾ سائينداد ساند جي شاعري ڏاڍي مقبول رهي آهي؛ خاص طور ’ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا’ ‘ڪوته اهڙو هجي، ڳوڙها منهنجا اگهي’، ‘مرڪندي مرڪندي جي تون مون سان ملين غم منهنجا خوشي ۾ بدلجي وڃن’، ‘وڇڙي وڃين ٿو تون پر ياد ڪندين ڏاڍو’ جي ڪلامن جا ٻول آهن. صادق فقير جيان سائينداد ساند جي انهن ٻولن ‘ ٽوليءَ مان ئي ٽاريو ٿا، دل پٿر جي ڌاريو ٿا،’ ‘دل کي ڌوڏيندڙ هي گهڙي آهي’ کي ڪير ڳائي نه سگهيو آهي. صادق فقير سائينداد ساند جي غزل ‘ جڏهن گهيري وڃي غم ڪو، تڏهن مون ڏي هلي اچجان’ جي هڪ بند ۾ ‘ منهنجي مٺي جانان’ جا لفظ اهڙي مٺڙي آلاپ ۾ آلاپيندو هو، جو ٻڌڻ سان اهي لفظ ڪوئل جي ڪوڪ وانگر من ۾ پيهي ويندا هئا. پيارو رجب فقير به سائينداد ساند کي روح سان ڳائي رهيو آهي.

سائينداد ساند کي استاد حسين فقير پڻ غضب جو ڳائيندو هو.سائين سائينداد استاد حسين فقير کان راڳ ۽ موسيقي سکڻ جي لاءِ نئين هارمونيم ورتي. استاد هاسٽل جي روم تي سيکارڻ جو عمل شروع ڪيو هو، پوءِ اهو سلسلو ڪيترا ڏينهن هليو؟سائين راڳ ۽ موسيقي جي مانڊاڻ کي ڪيترو سکي سگهيو ؟انهي ڳالهه جو مون کي پتو نه آهي پر مون سُر ۽ ساز سان هن جي پُراڻي پريت کي ويراوير وڌ ڀيرا ڏٺو آهي.

منهنجي سائين سائينداد ساند سان پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي؟ چٽي طرح ياد نه آهي.پر اها ڳالهه ياد آهي ته 1997ع ۾ صادق فقير ۽ ڪجهه ٻين ساٿين پاران مٺي جي سراڻ ڪالوني ۾ جڏهن ‘وسڪاري جي آجيان’جو ڏهاڙو ملهايو ويو هو، تڏهن ان پروگرام ۾ مون هڪ ‘وائي’ پڙهي هئي ان تي سائين وڏو داد ڏيئي اتساهيو هو. ڪاليج ۾ داخلا جي پهرين ڏينهن تي سائين سائينداد ڪلاس ۾ اچي شاهه لطيف بابت اسان کان سوال پڇيا هئا. صحيح جواب ڏيندڙن ۾ آئون به شامل هوس. ڪاليج جي پڙهائي دوران ڪلاس روم کان سائين سائينداد جي هاسٽل جي ڪمري تائين علم، ادب، شاعري، ۽ زندگي جي مختلف قدرن تي روز ڪچهريون ٿينديون رهيون.ڪڏهن ڪڏهن آڌي اسر جو پتو نه پوندو هو. هڪ سرد سياري ۾ ڪچهري ڪري سائين جي ڪمري مان اٿياسين مون وٽ ڪوٽ نه جرسي. سائين سائينداد ساند پنهنجي اجرڪ ڏني، اوڍي گهر آيس. اجرڪ ڀلي هئي. اهڙي اجرڪ ان وقت خريد ڪرڻ منهنجي وس ۾ نه هئي. ٻي ڏينهن شام جو سائين کي اجرڪ واپس ڏيڻ کان اڳ ۾ اجرڪ ڪلهن ۾ وجهي شهر مان ٻه چار چڪر لڳايا هئا.

سائين سان جڏهن به ملبو آهي، ساڳيو مان مرتبو، عزت احترام، ساڳي حجت ڀريو انداز رهندو آهي.سائين تمام گهڻي حساس طبيعت جو مالڪ آهي.زماني سازي جي دستور وڌيڪ دل جي چوڻ تي هلندو آهي. پنهنجي شاگردن جو خاص خيال رکندو آهي. سائين سائينداد ساند چوندو آهي ته ماڻهو ‘ڊي ڪلاس’ رهي سگهي ٿو پر ‘ڊي گريڊ’ ٿي ڪڏهن نه، ان ڪري سائيداد ساند ‘انسلٽ’ ڪڏهن برداشت نه ڪندو آهي.هن وٽ فنڪارانه انا آهي.

ڪاليج ۾ ان وقت جو پرنسيپال سائين ريجهو ڪرشناڻي هوندو هو. ڇا ڳالهه ڪجي سائي ڪرشناڻي صاحب جي! گريٽ ماڻهو هو. منهنجو تمام گهڻو خيال رکندو هو. اسان ڪجهه شاگرد دوستن سائين ڪرشناڻي صاحب کي ڪارونجهر جو سير ڪرائڻ جو عرض ڪيو. سائين سائينداد اسان جي مڪمل طرفداري ڪئي. اسان سان گڏ هليو. پارڪر جو پورو پٽ گهمياسين.

مون سائين جي لائبريري جا اڪثر ڪتاب پڙهيا آهن. سائين جي ويجهڙائپ جي ڪري ڪاليج جي زماني ۾ ڪاليج جي لائبريري جا ڪتاب پڙهڻ جو وڏو موقعو مليو. ٿر ۾ جديد ادب ۽ ترقي پسند فڪر جو وڏو ترجمان رهيو آهي.

‘ٿر سيمنار’ کان پوءِ ترت مٺي ۾ سائين سائينداد ساند سان رهاڻ جو وڏو پروگرام ٿيو. اهو پروگرام سائين جي شاگردن ڊاڪٽر لال لهاڻي، ڊاڪٽر سريش مکي، ڊاڪٽر ڪشور کتري، واشديو جاني ۽ ٻين رکيو هو. اهو فوزيه سومرو جي عروج جو زمانو هو.ان پروگرام جي رڪارڊنگ پپو ڪوٽڪ وٽ سنڀالي رکيل آهي.

سائينداد نثر تمام ٿورو لکيو آهي پر خوبصورت لکيو آهي. ڪتاب ‘خيالن جا پکي’ سائينداد ريڊيو اسڪرپٽ، تقريرن ۽ انٽريوز جو مجموعو آهي. سائينداد جو ريڊيو پروگرام مشهور ۽ مقبول رهيو. سائينداد ساند جو لکيل هڪ ڪتاب‘ ٿر جي ادبي تاريخ’ اڻ ڇپيل آهي. سائين سائينداد هڪ روزاني اخبار ۾ ڪالم لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو پر ڪجهه ڪالمن کان پوءِ ڇڏي ڏنائين.

سائينداد ساند جڏهن ڪاليج جو پرنسيپل ٿيو ته مون پنهنجن ساٿين شهاب نهڙيو ۽ ناشاد سمون سان گڏجي آجياڻي جو مٺي پريس ۾ پروگرام ڪرايو. سائين سائينداد پروگرام جي لاءِ راضي نه هو پر پنهنجي شاگرد ۽ دوست جي هجت کي جواب ڏيئي نه سگهيو.

سائين جو ڀاءُ امام بخش راڄ نيتي جو رڄ مڙس هو. امام بخش جڏهن مٺي سائينداد ساند سان ملڻ ايندو هو ته سٺي ڪچهري ٿي پوندي هئي. راڄ ڀاڳ جا قصا، ڪهاڻيون، ٿر جي سماجي معاشي صورتحال تي تذڪرو ٿيندو هو. ڳجهارتن ۽ بيتن جي ڏي وٺ به ڪڏهن ڪڏهن سرس ٿي پوندي هئي.

مون لکڻ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي دوران لکڻ شروع ڪيو هو. پر شاعري جي بحروزن بابت سکيا سائينداد ساند ورتي.ان کان اڳ ۾ تاج جويي جي ڪتاب ‘سنڌي گيت’ کي پڙهي ڇند وڌيا تي شعر سرجڻ جي جستجو ڪندو هوس.پر آئون ڏڏ جو نه بحر وزن کي ڀرپ ۾ ڀري سگهيس نه ڇند وڌيا کي.

منهنجي نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس علي بابا سائين پهرين ملاقات سائينداد ساند جي وليمي دعوت ۾ ٿي هئي. سهڻي شاعرحسن درس، نصير مرزا، ساغر سميجي ۽ بخشڻ مهراڻوي سان به سائينداد ساند ملايو. سائين سائينداد ساند بلبل کورواهي جو تمام وڏو احترام ڪندو آهي. بلبل کورواهي جي شاعري هن کي پنهنجي شاعري جيان ياد آهي. بلبل سان مکا ميلو به سائين سائينداد جي طفيل ٿيو . حيدرآباد جي هڪ اخباري دفتر ۾ ڪم ڪرڻ دوران جڏهن مهان ڏاهي ابراهيم جو انٽرويو ڪرڻ جو موقعو مليو. تڏهن جويي صاحب خوش خيريت کان پوءِ پهرين سائين سائينداد ساند جي شاعري بابت ڳالهه ڪئي هئي. آئون ايم اي سنڌي جي زباني امتحان ۾ مون کان گهڻو سائينداد ساند جي شاعري ۽ شخصيت متلعق پڇيو ويو.

سائين سائينداد منهنجو تمام گهڻو خيال رکندو آهي. سائين مون سان ملهايل شام جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته، ‘آئون پنهنجي زندگي جي چئن ڪرڻن مان هڪ ڪرڻو ڀارو دوستي جو سمجهندو آهي.’ سچ ته اها سائين جي وڏائي آهي. آئون ته ايترو لهان نٿو. ڏک سک ۾ اسين هڪ ٻي جي هڪ هڪل تي گڏ ٿيا آهيون، مرڻي پرڻي جي ريتن رسمن ۾ ڀائرن جيان شرڪت ڪئي آهي.

مون جڏهن هفتوار ٿر نيوز اخبار ڪڍي تڏهن به سائين سائينداد جو مڪمل ساٿ رهيو. مسلسل پنج سال ‘ ٿر نيوز جي سفر ۾ سائين اسان جي رهنمائي ڪئي.

‘ماٿاري ماٿي موريڙو ٻولي، مانرو هينئڙو هچڪولي’ جهڙي شاهڪار لوڪ گيت جو سرجڻهار پروفيسر سائينداد ساند ٿر ۾ گهري نگاهه ۽ اعليٰ حوصلي سان زندگي جا قدر طئه ڪري رهيو آهي. سائين سائينداد ڄامشوري جي دور کان وٺي سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. مٺي ۾ ڪيتري وقت تائين مٺي شاخ جي گڏجاڻي سائين جي هاسٽل واري روم تي ٿيندي رهي. سائين شاخ جو مختلف وقتن تي سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.

سائين سائينداد ساند کي ڏسي مون کي سدائين غالب جو شعر ياد ايندو آهي ته؛

نه جانوُ نيڪ هون يا بد هون، پر صحبت مخالف هي!
جو گل هون تو هون صحرا مين، جو خس هون تو هون گلشن مين،.

صحرا جي دامن ۾ ٽڙيل گل جهڙو شاعر خوشبوءِ جيان اڪيلو آهي. پنهنجي مٽي تي منفرد آهي.هن لڙڪن جو عرق لفظن ۾ آڻي ڪوتا کي پياري رهيوآهي. 1998ع جي زماني ۾ سائين جي شاعري جو مسودو هاسٽل جي ڪمري مان چوري ٿي ويو. جنهن جو ارمان هن کي اڄ به آهي. 

آخري حصو؛ مون سائين سائينداد ساند جي شاعري تي اڳ ۾ ڪافي لکيو آهي. خيالن جا پکي ۾ نثر جو جائزو پيش ڪري چڪو آهيان. هن خاڪي ۾ سائين جي شخصيت ۽ شاعري تي لکندي دهراءٌ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن خاڪي سان ڪيترو نڀائي سگهيو آهيان اهو پڙهندڙ فيصلو ڪري سگهن ٿا. مون سائين جي شاعري ۽ شخصيت کي جيئن محسوس ڪيو آهي. ائين لکيو آهي. ڪافي ڳالهيون رهن ٿيون. انهن جو تذڪرو ڪنهن ٻي ڀيري ڪبو . ڪنهن دور ۾ سائينداد ساند پنهنجو هي غزل بار بار ٻڌندو هو.

رات گذري وڃي ته ڏاڍو سٺو،
ياد وسري ته ڏاڍو سٺو.

اڄڪلهه نجي ڪچهري ۾ پنهنجي دوست خالق درس کي حسن درس جا ٻول ترنم ۾ ٻڌائڻ جي بار بار فرمائش ڪندو آهي. 

هڪ ڏيک يادگيري هڪ شام جو تصور،
کڙندڙ گلاب آهي هڪ نام جو تصور.

[1] ڳوڙهن ڳالهايو، ص 11