close
فونٽ سائيز وڌايو فونٽ سائيز گهٽايو

انتساب


جيئن شيخ اياز پنهنجي دؤر جو ڏاهو ڏات ڌڻي هو، تنهن ڪري سندس ڏاهپ جا هي روشن ڏيئا، جيڪي مون سهيڙي، نئين نسل جي نوجوان ليکڪن لاءِ واٽ ۾ سهائي ڪئي آهي. اها سهائي سنڌ جي نوجوانن جي روشن آئيندي لاءِ ارپڻ ڪريان ٿو.

ستار پيرزادو

پبلشر پاران


انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جي جيڪا حيثيت آهي، اسين اها دعوا نٿا ڪريون ته شيخ اياز جي اها حيثيت هر سنڌي اديب ۽ ادب پڙهندڙ، اسان سان ان ڳالهه ۾ متفق ٿيندو ته شيخ اياز جي هر لکڻي، سنڌي ادب جو سرمايو آهي ۽ ان سرمائي مان هر سنڌي اديب، ادب جي پارکو، محقق کي جوڳو فائدو حاصل ٿيڻ گهرجي.

هن کان اڳ، اسان جي اداري پاران شيخ اياز جي ڇپيل سڀني موجود ڪتابن کي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ويهن جلدن ۾ ڇاپي، شيخ اياز جي ڪتابن، شاعري، نثر، توڙي سندس نثر ۽ شاعريءَ جي ترجن کي پڻ ڇاپي نه صرف سنڌي، پر اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ٿيل سندس ترجمن جا جلد ڇاپي، سنڌ جي نوجوان نسل کي سندن امانت باسلامت پهچائي چڪا آهيون.

هي ڪتاب “شيخ اياز جا تنقيدي مضمون”، جيڪي دراصل شيخ اياز پنهنجي دؤر جي ڪجهه جوان سال شاعرن جي شاعراڻن ڪتابن جا مهاڳ ڪري لکيا آهن، اسان جي نظر ۾ اهي حقيقت ۾ انهن شاعرن جي شاعريءَ تي شيخ اياز جا تنقيدي مضمون آهن، يا وري ڪي سندس اهڙا مضمون آهن، جن ۾ شاعريءَ جي تاريخ جهلڪي رهي آهي، ۽ ڪن مضمونن ۾ سنڌي شاعريءَ بابت سندس خيالن جو اظهار ٿيل آهي. اهي جيئن ته مختلف وقتن تي، مختلف ادب ٻارن تي، شيخ اياز جي لکت ۾ راءِ آهي، اهي  سندس لکڻيون ممڪن آهي ته هر ڪنهن جو ان سال شاعر، اديب ۽ محقق کي آسانيءَ سان حاصل ٿي نه سگهن ها، انهيءَ ڪري انهن کي سهيڙي، هڪ ڪتابي صورت ۾ آڻي اوهان کي پيش ڪري رهيا آهيون.

اها سهيڙ، سنڌيءَ  اديب، شاعر ۽ شيخ اياز جي ڪراچيءَ ۾ سڪونت پذيريءَ دوران، سندس زندگي جي آخري ڏهاڪي يعني 1990ع کان، باقائدگيءَ سان شيخ اياز سان، هر روز شام جو ملندو رهندڙ ستار پيرزادي ڪئي آهي. اميد ته شيخ اياز کي پڙهندڙ، هنن لکڻين مان پورو لاڀ حاصل ڪندا.

 

تاريخ: 4 اپريل 2018ع

غلام اڪبر لغاري

سيڪريٽري ثقافت، سياحت  ۽ نوادرات کاتو

حڪومت سنڌ، ڪراچي



انوکي ڏات آڻيندڙ


سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو شاعر، اديب ۽ ادبي ڏاهو شيخ اياز ويهين صدي يعني 1923ع کان 1997ع تائين سنڌي ادب تي ڇانيل رهيو، پر هن کي سنڌي ادب جي لاءِ جيڪا حيثيت مليل آهي جو هو اڃان به ڪجهه صدين تائين سنڌي ادب تي ڇانيل رهندو. شيخ اياز پنهنجي ننڍپڻ کان ادبي ميدان ۾ پير پائڻ جي شروعات ڪئي، جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته هن تمام ننڍي عمر ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي، سندس پهريون غزل جڏهن ماهوار “سدرشن” شڪارپور ۾ ڇپيو ته ان جو ايڊيٽر ساڻس ملڻ لاءِ سندس گهر آيو ۽ کيس ڏسي ۽ ساڻس ملي هن کي اعتبار ئي نه ٿي آيو ته هي ڪو مبارڪ علي شيخ آهي. ان ننڍي عمر ۾ ئي سندس ايتري پختگيءَ تي ايڊيٽر کي اعتبار ئي نه ٿي آيو، پر پوءِ اهو ٻالڪ مبارڪ علي شيخ، جنهن کي گهر ۽ پاڙي وارا “مُبو” ڪري ڪوٺيندا هئا، اهو ‘شيخ اياز’ ٿي اُڀريو ۽ سنڌي شاعراڻي اُڀ تي اهڙي سج جيان روشن ٿيو جو سنڌي ادب جا مڙيوئي چنڊ ستارا ان جي روشني ۽ تاءَ تي مڌم ٿي الوپ ٿي ويا.

شيخ اياز شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر به لکڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن سندس ڪهاڻيون ان وقت جي ترقي پسند سوچ رکندڙ اديب گوبند مالهيءَ جي ادارت ۾ نڪرندڙ ماهوار رسالي ‘نئين دنيا’ ۾ ڇپيون ته انهن ڪهاڻين پڙهندڙن جو من موهي، سندن ذهنن کي ڇاڇولي ڇڏيو ۽ پوءِ هن نه صرف ڪهاڻيون لکيون، پر پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي جيڪي ادبي مضمون لکيا، انهن پنهنجي دور جي نوجوان، ترقي پسند سوچ رکندڙ، ليکڪن ۽ پڙهندڙن کي پنهنجي ٻولي ۽ ڄاڻ جي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو. ڪاش! شيخ اياز مهنجي چوڻ تي جيڪو شاهه لطيف جي زندگيءَ تي ناول لکڻ شروع ڪيو هو، ۽ ان جا ٽي باب به لکي مون کي پڙهي ٻڌايا هئائين، اهو ناول لکي پورو ڪري ها ته سنڌي ادب ۾ سندس اهو وڏو ڪارنامو ٿي اُڀري ها ۽ ان وقت تائين موجود سنڌ ۾ ڇپيل سنڌي ناول جي دنيا ۾ هڪ املهه اضافو ڄاتو وڃي ها. (مون ان وقت نثار شاهين کي کانئس اهي ٽي باب پنهنجي رسالي ۾ ڇپڻ لاءِ وٺڻ جي لاءِ چيو هو، پر هو يار اها همٿ الائي ڇو نه ساري ۽ شيخ اياز کان انهن جي گهر ڪري نه سگهيو. ور نه ممڪن آهي ته  جيڪا موٽ انهن بابن پڙهڻ سان کيس ملي ها ته پوءِ هو اهو ناول پورو ڪري سگهي ها.)

شيخ اياز؛ دنيا ڀر جو ادب انگريزي ٻوليءَ جي سهاري پڙهيو هو، ۽ ان تي کيس  ڪافي عبور حاصل هوندو هو، تنهن ڪري سندس ان ڄاڻ مان فائدو وٺندي، سندس ئي دور جي ڪيترن ليکڪن پنهنجي شاعراڻن ڪتابن جا مهاڳ لکرائڻ پسند ڪيا ۽ شيخ اياز انهن جي ڪتابن تي مهاڳ لکيا ۽ سندس ئي دور جي شاعرن بابت سندس خيالن جون مکڙيون ٽڙي پڙهندڙن جي اڳيان کلي گل بڻجي پيون ۽ ساري سنڌي ادب کي پنهنجي سڳنڌ سان معطر ڪرڻ لڳا. شيخ اياز جن شاعرن جي ڪتابن تي مهاڳ لکيا  انهن ۾، اياز گل، ادل سومرو، تاجل بيوس، نند جويري، مشتاق باگاڻي، عبدالڪريم گدائي، سوڀو گيانچنداڻي (نثر تي لکيل مهاڳ) عطيه دادئود، بدر ابڙو  (جيل جي ڊآئري-نثر) ۽ ڪجهه ٻيا. اهي مهاڳ دراصل شيخ اياز جي پنهنجي دور جي شاعرن جي شاعريءَ تي تنقيدي ادب جي ذمري ۾ اچن ٿا. پر اهي ڪنهن به هڪ جاءِ تي آيل يا گڏ ٿيل نه هئا. مون اها ڪوشش ڪئي آهي ته شيخ اياز جي انهن مهاڳن کي سهيڙي هڪ ڪتابي صورت ڏني آهي ته جيئن اسان جا نوجوان شاعر، شيخ اياز جي اهڙي تنقيدي ادب مان پڻ جوڳو لاڀ حاصل ڪري سگهن. باقي هن جو ڪجه لکيو آهي، ان تي مان ڪهڙي ٽيڪا ٽپڻي ڪريان، جو آءٌ شيخ اياز جي لکت تي ڪا به وڌيڪ راءِ زني ڪرڻ جو ساهس ئي نه ٿو ساريان، جو مون کي منهنجي وٿ ۽ فهم جي ڀليءَ ڀت پروڙ آهي، تنهن ڪري اهو سڀ ڪجهه پڙهندڙن، اديبن، شاعرن ۽ نقادن تي ڇڏي ٿو ڏيان ته اهي پاڻ پڙهي جا به راءِ قائم ڪن، اهو انهن جي ڄاڻ ۽ فهم تي منحصر آهي.

شيخ اياز کي هڪ ڀيري خواهش ٿي ته هو جديد دور جي سنڌي شاعرن جي شاعريءَ جو مطالعو ڪري ڏسي. اها ڳالهه هن سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي روح روان نور احمد ميمڻ سان ڪئي، تنهن وري مظفر چانڊيو سان سلي، جيڪو ان دور ۾ ماهاور ‘پورب’ جي نالي سان هڪڙو رسالو ڇپرائيندو هو، تنهن پنهنجي رسالي ۾ ڇپيل ۽ ڇپجندڙ ڪجهه دوستن ۽ سڃاڻو شاعرن کان سندن شاعري  وٺي، هڪڙو ڪتاب ‘ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان’ جي عنوان سان سهيڙي شيخ اياز کي پيش ڪيو ويو. شيخ اياز واقعي اها شاعري پڙهي ۽ ان جو جيڪو مهاڳ لکي ڏنائينس، اهو ان وقت جي ۽ ان ڪتاب ۾ شامل سنڌي نوجوان شاعرن جي لاءِ سَنَد جي حيثيت رکي ٿو، ان مهاڳ ۾ شيخ اياز نه صرف ان ڪتاب ۾ آيل سنڌي نوجوان شاعرن جي شاعريءَ تي ڪجهه لکيو، پر هن ڄڻ ته دنيا جي شاعريءَ جي تاريخ تي اهو مهاڳ لکي،  پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو هو. انهن سان گڏوگڏ هن ان دؤر ۽ گذريل دؤر جي شاعرن جا حوالا ڏئي شاعريءَ کي اجاگر ڪيو. شيخ اياز شاعرن جي شاعراڻن خيالن ۽ سندن  شاعريءَ کان سواءِ ڪجهه ليکڪن جي نثر جي ڪتابن جا به مهاڳ لکيا آهن. جن ۾ نمايان طور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ڪتاب ‘وڏي وٿ هئام’ ۽ بدر ابڙي جي ڪتاب ‘جيل جي ڊائري’ تي پڻ پنهنجي خيالن جي اُپٽار ڪئي آهي. انهن ٻنهي مهاڳن ۾ شيخ اياز نه صرف پاڪستاني سياست تي پنهنجي خيالن جو کلي اظهار ڪيو آهي پر هن دنيا جي سياسي چالبازين تان به پردو کنيو آهي.

منهنجي نظر ۾ اهي لکيل شيخ اياز جا مهاڳ پڻ سندس نثر ۾ پنهنجي دور جي شاعرن توڙي نثر نويسن جي لکڻين تي خيالن جو اظهار آهن، اهو شيخ اياز جو نثر جيئن ته مختلف ڪتابن ۾ پکڙيل آهي، ۽ هاڻ موجوده دؤر جي پڙهندڙن کي پڙهڻ لاءِ ملڻ، ٿي سگهي ٿو ته ممڪن نه به هجي، تنهن ڪري منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته جيئن ته شيخ اياز پنهنجي دؤر جو اهم ترين اديب، نه صرف ننڍي کنڊ جي ادب جي ڄاڻ رکندڙ شاعر ۽ ڏاهو اديب هو، جيڪو نه صرف پنهنجي دؤر جي ادب تي ڇانيل رهيو پر سندس دؤر کان پوءِ نه ڄاڻ ڪيترن دؤرن تي سندس ڇاپ موجود رهي، يا سنڌي ادب جي جديد اُڀ تي ڪيتري وقت تائين چانڊاڻ ڪندو رهي، اهڙي اديب جي هر لکڻي، پوءِ اها ڪهڙيءَ به صورت ۾ ڇو نه هجي، قوم، ٻولي ۽ ادب جي امانت سمجهي، سهيڙي هڪ جاءِ ڪري ڪتابي صورت ڏني وڃي ته اها پکڙيل رهڻ ۽ ايندڙ نسل جي نظر کان بچي يا اوجهل ٿي وڃڻ کان بچي وڃي ۽ اها جديد ۽ نوجوان نسل جي ادب سرجيندڙ، ادب پڙهندڙ ۽ شيخ اياز تي تحقيق ڪندڙن جي پهچ ۾ آساني سان اچي سگهي.

ان ڳالهه کي آڏو رکي مون شيخ اياز جا اهي مهاڳ مختلف هنڌن تان سهيڙي، ٻوٽي ٻوٽي جي گل جيان گڏ ڪري، هڪ جاءِ ڪٺا ڪري، هڪ گل دستي ۾ وجهي، سنڌي ادب جي پڙهندڙن ۽ پارکن ۽ شيخ اياز جي شائقن کي ان جي سڳنڌ ماڻڻ  لاءِ پيش ٿو ڪرڻ گهران. اميد ته سنڌي ادب جا شائق ان مان پوري سرهاڻ حاصل ڪندا.

مون جڏهن ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ جي سيڪريٽري محترم غلام اڪبر لغاريءَ سان ان جو ذڪر ڪيو ته کيس اها ڳالهه بيحد سهائيندڙ لڳي ۽ هن انهن مهاڳن کي شيخ اياز جو تنقيدي ‘نثر’ قرار ڏيندي پنهنجي اداري پاران ڇپڻ جي حامي ڀري. مان ان حوالي سان ۽ منهنجي راءِ سان متفق ٿيڻ خاطر سندس ٿورائتو رهندس. هن وسيلي کيس اها به وينتي ڪندس ته شيخ اياز جي اڻ ڇپيل ڪتابن جي ڳولها ڪرائي ۽ اهي به ڇپرائي شيخ اياز جي شائقن ۽ محققن کي پيش ڪري ته سندس سنڌي ادب تي به ٿورو ڄاتو ويندو.

 

تاريخ 9 مارچ 2018

ستار پيرزادو



سورائتا پور


(ساڻيهه جاسور عبدالڪريم گدائي جي شعري مجموعي جو پيش لفظ)

مون هميشهه سوچيو آهي ته زندگي جي آئينه خاني ۾ ابتدا به حيرت آهي ۽ انتها به حيرت  پر جڏهن انهيءَ پوري آئينه خاني تي ڪٽ چڙهي وڃي ٿي، تڏهن حيرت جي ڪائي گنجائش نه ٿي رهي ۽ جيءَ ۾ اچي ٿو ته يا ته هر آئيني کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏجي يا ته آئيني تان  ڪٽ  هٽائي وڃي جيئن روح وري زندگي جي پُراسرار حسن ۽ حقيقت ۾ محو ٿي وڃي. انڪري هرعظيم فنڪار ، جو حسن ۽  حق جو امين آهي، پنهنجو اهو فرض ٿو سمجهي ته نه فقط سياسي ۽ سماجي زندگيءَ جو پُر فريب لباس ڦاڙي ، اُن کي ننگو ڪري بيهاري  پر هنجو فڪر ۽ فن هڪ پاڪيزه معاشري جو تخيل به پيش ڪري .ڪنهن ڪنهن وقت ابدي حقيقت مانيءَ ڀور کان مٿي نه آهي ۽ فلسفي کي اقتصاديات کان زياده اهميت نه آهي . زندگيءَ جي تڪميل لاءِ اقتصادي انصاف ابتدا آهي ۽ فلسفياڻي حيرت انتها آهي ۽ اقتصادي انصاف ۽ سياسي انصاف ڪيتريءَ حد تائين لازم ملزوم آهن .

اهو لازمي آهي ته هر عظيم فنڪار هڪ عظيم مفڪر به هجي ۽ معاشري جو منطقي ۽ مثبت (Positive  ) تخيل پيش ڪري سگهي پر جيڪڏهن هو معاشري جي منفي (Negative) پهلوءَ جي عڪاسي ڪري سگهي ۽ پڙهندڙ ۾ انجي هر برائي لاءِ نفرت پيدا ڪري سگهي ته هنجو رول به گهٽ انقلابي نه آهي ۽ هنجي فن کي به پاينده اهميت آهي . مغرب جي حقيقت پسند ادب جي مڪتب (Realist School of Literature ) اهڙي حقيقت پسند فن جي تخليق ڪئي آهي ۽ ان مڪتبي ۾ ڊڪنز (Dickens ) ، ايملي زولا (Emlie Zola ) وغيره اچي وڃن  ٿا ۽ برصغير جي شاعريءَ ۾ “نظير” اڪبرآباديءَ کي اهو فخر حاصل آهي . مان فخر سان چوان ٿو ته اسانجي “گدائيءَ” ۾ معاشي حقيقت ايترو ته جرڪي رهي آهي جو ڪنهن به جوهريءَ جي جهول کي مات ڏيئي سگهي ٿي . “گدائيءَ”،  “بيوس” جو همعصر آهي ۽ جڏهن جميعت الشعراءَ جا مشاعري باز شاعر قافيا ڪبوترن جئن اڏائيدا ها، ۽ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ عروض جي انڌي گهوڙي ڪل ۾ ڌوڪيندي ويندي هئي، جڏهن اديب ٖ سنڌ جي  بي ادبي انهي حد تي پهتي هئي جو “شرابِ  خالص”  “آبِ خالص” ۽ جلابِ خالص”  جهڙي قافئي ۽ رديف تي ناموزون طبيعتون پنا ڪارا ڪنديون هيون  ۽ حواس باخته شاعر ڪنهن “ڪانو”  جي تلاش ۾ هوندا ها، جنهن کي اڏامندي ڪنهن به نه ڏٺو هو.جڏهن ڀنگ جي “گهرڙ گهوٽ”، “گهرڙ گهوٽ” فاعلات فاعلات ڪندي رهندي هئي ۽ امرد پرست شاعر محبوب جي خط کي سبزي سان تشبيهه ڏيندا ها ( جيتوڻيڪ تشبيهه ۾ مڪاني رنگ پيدا ڪرڻ لاءِ خط کي ڀنگ جي ٻوٽي سان تشبيهه ڏيڻ گهربي هئي) جڏهن ڪل ٽيهه چاليهه لفظ ۽ انهن  جي ڦير گهير شاعريءُ جي پوري ڪائنات هئي ۽ شاعر زندگي جي انڌي کوهه جا ڏيڏرها، تڏهن “بيوس” ۽ “گدائي”جهڙا باشعور شاعر هڪ نئين ادب جو بنياد رکي رهيا ها. انهيءَ ادب ۾ نه فقط فن جي فرسوده روايتن سان بغاوت هئي پر پنهنجي معاشري جو گهرو شعور ۽ انجي اظهار جي جرات به هئي . بيوس سامراج خلاف نظم لکيا ۽ حب الوطني ۽ آزاديءُ جي شعلي کي ڀڙڪايو، هنجي مڪتبي جا ڪجهه شاعر فاني، دکايل ۽ دلگير انهيءَ ڄر جون اهي ڄڀيون هيون جنکي اڃا تائين وقت وسائي نه سگهيو آهي پر “گدائي” جي شعور ۾ جو سماج جو آدرش آهي، اهو “بيوس” ۾ به نه آهي.هنجو مجموعو هڪ جراح جي ميز آهي جنهن تي ماحول جو ناسورزده عضوو عضوو پکڙيو پيو آهي . پنهنجي محدود تعليم جي باوجود، “گدائي” جي ڪلام ۾ جا نظر جي وسعت ۽ زبان تي قدرت ملي ٿي اها انجي گواه آهي ته فن جي ڪمال لاءِ زندگي جي ڪتاب جو مطالعو ڪيترو نه ضروري آهي . جڏهن هو تقدير جي اُلوءَ، ملان يا واعظ ڏانهن اشارو ڪري چوي ٿو ته دسترخوان ئي هنجو دين آهي ۽ هو “کڻي ڄار نڪتا، پراڻا شڪاري” چئي، سياست جي مڪر ۽ فريب جي نقاب ڪشائي  ڪري ٿو، تڏهن هنجي شاعري اڪبر اله آبادي جي مسخري نه ٿي لڳي، پرسِٽ سِٽ هڪ زهر آلوده تير بڻجي سماج جي سَنَڌَ سَنَڌَ ۾ چڀي وڃي ٿي.

هنجو ڪلام ڪٿي وڏيرڪي رنگ ۽ ڍنگ، ڊيل ڊول، رعب تاب جو ڪارٽون آهي ۽ ڪٿي هنجي هرسٽ ٿري ناٽ ٿري جي گولي آهي جا هن دٻڙدؤنس ۽ ٻڪر ٻوساٽ واري ماحول کي دون ۾ لڳي ٿي . جاگيرداري نظام جي اندرين کوکلائپ جي اهڙي پُر لطف عڪاسي شايد ئي ٻئي ڪنهن سنڌي شاعر ڪئي هجي. مون کي “گدائي” جو ڪلام پڙهي گو گول (Gogol ) ۽ گويا (Goya) جي ياد ايندي آهي. پهرين جي روسي ناول ۽ ٻئي جي هسپانوي مصوريءَ ۾ به ساڳي زهر ڀري طنز آهي. ادبي طنز همدرديءَ جي اڳ ڄائي ڌيءَ آهي. گدائيءَ جي اها همدردي سنڌ جي انهيءَ اڌ بکئي اڌ ننگي عوام سان آهي جو هن دلوراءِ جي ننگريءَ ۾ ڪيتريءَ مدت کان گهرج جي گهاڻي ۾ پيڙبو آيو آهي .اها شاعري پروپئَگنڊا نه آهي ۽  نه ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي منشور جي نعري بازي آهي.

هر حقيقت پسند شاعر “ڪنول پاڙون پاتال ۾” وارو مثال آهي. هو ڏک جي ڏائڻ جو گهونگهٽ هٽائي، انجو ڀيانڪ  روپ پسائي ٿو ۽ اهو سوچي ته انهيءَ ڏائڻ جي ڏاٺ ڪنهن ڪنهن کي رڙڪي چڪي آهي، هن جو هانءَ هڄي پوي ٿو. جيتوڻيڪ گدائي ۾ اها دور رس نگاهه نه آهي، جا صديون پٺتي ۽ اڳتي ڏسي، تاريخ جو هڪ صحيح تخيل قائم ڪري سگهي ۽ سياسي قدر طئي ڪري سگهي (۽ ان لاءِ هن تي ميار به نه آهي ڇوته جنهن جي هو پيدائش آهي تنهن ۾ سياست جي اهميت جذباتي نعره زنيءَ کان نه هئي ۽ ان دؤر ۾ ايترو به تاريخ ۽ سياست جو شعور جيترو گدائي ۾ ملي ٿو وڏي غنيت آهي) شال هنکي اڃا به عمر دراز ملي، هن کان پوءِ شاهه صاحب جي اها سٽ بي اختيار زبان تي اچي ويندي : “ڪال گڏيوسون ڪاپڙي، با بو بان بري”.

گدائي جي قلبي واردات جي شاعريءَ ۾ “ڪينجهر هندورو ٿئي” واري ڪيفيت آهي ۽ ان ۾ خواص جي گت آهي جا فقط هڪڙي ٻيڙيءَ سڙه  سنباهي، لهرين تي لهواري وڃي رهي آهي ۽ شايد ئي ڪنهن ٻئي بزرگ شاعر فارسي بحر و  وزن ۾ ٺيٺ سنڌي ايتريءَ روانيءَ ۽ فصاحت سان ڪم آندي آهي. گدائيءَ جي ڪلام ۾ نه ڪن رهڙيندڙ رينگٽ آهي ۽ نه هٿ ٺوڪيون ترڪيبون انجو ڍينگوئي ڍيري ڪن ٿيون . سٽ سٽ مالهه جو ڦيروآهي ،جنهنجي مٺي اوت ،ڏات ۽ ڏانو جي پياس ٻجهائي ٿي . ائين آهي ته مجموعي جو جيڪڏهن اڌ نه ته ٽيون حصو شعر پنهنجي ادبي ذوق کي نه آئڙيو پر جي اوهان به مون وانگر ڪنڪر هٽائي هيرا ڏسندا ته اوهان کي يقين ٿي ويندو ته گدائيءَ جو ڪلام اسان جي ادبي ورثي ۾ هڪ املهه اضافو آهي.

 

شيخ اياز

سکر---7 جون 1965



مون سي ڏٺا ماءِ


(وڏي وٿ هئام ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻيءَ جي ڪتاب جو مهاڳ)

 

يورپ ۾ ادب ۽ آرٽ جا نظريا ڪافي آهن. جهڙوڪ ريئل ازم Realism، سريئلزم Surrealism، امپريشنزم Impressionism، پوسٽ امپريشنزم Post Impressionism، ڪيوبزم Cubism ۽ فيوچرزم Futurismوغيره. انهن جي تفصيل لاءِ ڊڪشنري آف آرٽ جو مطالعو ضروري آهي

منهنجي نظر ۾ ، دنيا جي بي مثال نثر نويس، پوءِ اهي ناول نويس هئا يا افسانه نگار هئا. 1917ع جي انقلاب کان اڳ روس ۾ پيدا ٿيا . ٽالسٽاءِ ، ڊوسٽو وسڪي، گوگول، چيخوف ۽ مئڪسم گورڪي ۽ ٻيا آندري فيف وانگر ڪجهه گهٽ پائي جا اديب ان دور ۾ پيدا ٿيا، جن جي تحريرن ، انقلاب لاءِ راه هموار ڪئي. انقلاب کان پوءِ مون کي فقط ٻه اديب وڻيا هئا، هڪڙو افسانه نگار ۽ ڳاڙهي فوج Red cavalryجو مشهور يهودي مصنف اساڪ بيبل جيڪو اسٽالن جي هٿان ماريو ويو هو . ٻيو شولو خوف ، جنهن پنهنجي مشهور ناول جا چار حصا ڊان آهستي وهندي رهي ٿيQuiet Flows the Dawn  لکيا هيا . مان جڏهن ڪميونزم جو همسفر هوس ته انهن ٻنهي لکيڪن کي ڪافي اهميت ڏيندو هوس . پر پيروسٽرائيڪاPerostroika  جي ڇپجڻ کان پوءِ ٻئي انقلاب جي ڍير ۾ دٻجي ويا. لينن پيس پرائيز ونر ۽ اسٽالن پيس پرائيز ونر ڪتاب جهاز ڀري ڊينيوب نديءَ ۾ ڦٽا ڪيا ويا. انهن کان سواءِ ، ٽي ٻيا اديب جن بيورو ڪريسي ۽ ٽيڪنو ڪريسيءَ جي خلاف بتال کاڌو، اهي هيا، اليا اهرنبرگ، ڊوڊنٽ سوف ۽ سولزي نٽسن، سولزي نٽسن پنهن جي بي انتها انفراديت جي ڪري، اڃا زنده آهي ۽ پڙهيو وڃي ٿو. باقي ٻه ٻيا به مٽيءَ جي ڍير ۾ ملي ويا .

انقلاب کان اڳ وارا اديب، ٽالسٽاءِ، ڊوستو وسڪي، چيخوف، گوگول، مئڪسم گورڪي، دنيا جا عظيم ترين حقيقت نگار هيا، يعني ته هنن جو آرٽ فارم ريئلزم هو جو فرانس ۾ عظيم ناول نگار ايملي زولا ۽ انگريزيءَ ۾ عظيم ناول نگار ڊڪنس ۾ ملي ٿو. يا فرانڪو جي خلاف اسپين ۾ ٺاهيل انٽرنيشنل برگيڊ جي ناول نويس هيمنگوي جي ناول For whom the bell tolls “گهنڊ ڪنهن جي لاءِ گڙي ٿو “ يا ڪتاب (اميد جا ڏهاڙا) “ليکڪ آندري مالروMalraux “ ۾ لکيل آهي ۽ جارف آرويل جي ڪيترن ئي ناولن ۾ ملي ٿو. انهن جي ريئلزم کي ايتري پائيندگي آهي جيتري انقلاب کان اڳ روس جي حقيقت نگارن ۾ هئي .

لفظ ترقي پذير حقيقت نگاري(Progressive Realism) اسٽالن پهريون ڀيرو 1929ع ۾ ايجاد ڪيو، ڇو ته هن ڏيکارڻ پئي چاهيو ته هن جي دؤر ۾ حقيقت لازمي طور تي ترقيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي . اردوءَ وارا اديب پورو ترجمو ڪري نه سگھنداآهن . جيئن نثري نظم کي حماقت ڪري ادب لطيف لکندا آهن، اهڙيءَ طرح ترقي پذيري ۽ ترقي پسندي ٻه مختلف لفظ آهن . منهن جو ترقي پسنديءَ تي ڪوئي اعتراض ناهي، معاشرو ترقي ڪري ته چڱي ڳالهه آهي . ترقي پذيري لفظ جو 1929ع ۾ ايجاد ڪيو ويو. 1929ع ۾ هٽلر جي لينن گراڊ تي حملي ۽ يهودي ڪش مهم، بيڪار بڻائي ڇڏيو ۽ انسان کي پٿر جي دؤر ۾ ڌڪي ڇڏيو. هنن ، هن ۾ ظلم ، ستم ۽ اذيت لاءِ ايتري چاهنا پيدا ڪئي، جا سوچي به نه ٿي سگهجي.

مان پنهنجي آتم ڪهاڻي جو ٽيون حصو ، جيڪو لکي پورو ڪيو آهي. ان ۾ لکيو آهي ته، “ هيءَ صدي رديءَ ۾ ردي صدي ثابت ٿي آهي ۽ بديءَ کان سواءِ ڪجهه به ڏئي نه سگهي آهي.” پهرين جنگ عظيم ، ٻي جنگ عظيم ، هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ ۾ نيو ڪلائي بم، ۽ پوءِ جيڪي به جنگيون ٿيون آهن،  اهي انسان ۾ بربريت جي عنصر جو ثبوت ڏين ٿيون. اڳتي ڇا ٿيڻو آهي؟ 21 صدي ڪيئن ٿيندي اهو چئي نه ٿو سگهجي ؟

مشهور سائنسدان آئن اسٽالن کان ڪنهن پڇيو ته، “ڇا ٽين جنگ عظيم لڳندي؟” هن جواب ڏنو هو ته، “مان ٽين جنگ عظيم جي باري ۾ ڪجهه چئي نه ٿو سگهان. پر جي تون چوٿين جنگ عظيم جي باري ۾ ڪجهه پڇين ٿو ته توکي ٻڌايان .”

هو حيران ٿي ويو ۽ سوچيائين ته جو ٽين جنگ عظيم جي باري ۾ نه ٿو ٻڌائي سگهي، اهو چوٿين جنگ عظيم جي باري ۾ ڇا ٻڌائيندو ؟

لاچار ٿي هن آئن اسٽائن کي چيو ته، “ڀلا تون چوٿين جنگ عظيم جي باري ۾ ئي ٻڌاءِ؟”

آئن اسٽائن ڪوئي جواب نه ڏنو . هن جو مطلب هو ته ٽين جنگ عظيم ۾ سڄي دنيا تباهه ٿي ويندي ته چوٿين جنگ ڪير وڙهندو . ڪميونزم انسان جي برابريءَ ۽ ظلم ستم ۽ استحصال جي خاتمي جو عظيم خواب هو، ان لاءِ لکين ماڻهو ماريا ويا، جن ۾ دوست دشمن جو ڪوبه فرق نه رکيو ويو. بالشيوڪ پارٽيءَ ، مين شيوڪ ماري ڇڏيا، جن سان گڏ لنڊن ۾ پارٽي ميٽنگون ڪندا هئا ۽ انهن سان گڏ ٽنهي ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي ڪانفرنسن ۾ شامل هوندا هئا. جڏهن خانه جنگي ٿي ، جنهن ۾ سائبيريا تائين ڪولڪ (پيٽي کاتيدارن ) کي ماريو ويو ۽ انهن جون زمينون ۽ ڍور ڍڳا زبردستيءَ کسيا ويا. ڍور ڪهي کاڌا ويا. اها سڀ قرباني ڪميونزم جا ڄاڻو جائز پيا سمجهن، ڇو ته هنن ڀانيو هو ته ڪميونزم انسان جي اڻ برابريءَ ۽ استحصال جو آخري خاتمو آهي ۽ انسان جي اقتصادي زندگيءَ جي هڪ چمڪندڙ تصوير آهي. پر افسوس جو 75 سال اقتدار ۾ رهي، ڪميونسٽ پنهنجو مقصد حاصل ڪري نه سگهيا.

ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته ڪميونزم انسان جي ذهن کي ايترو ڌونڌاڙيو جوڪو به انسان احساس ڪمتريءَ ۾ نه رهيو ۽ پنهنجا جائز حق وٺڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ اڄ ته ٽين دنيا ۾ ، پاڪستان سوڌو ڪميونزم هڪ اتساھ ڏيندڙ ، اقتصادي فلسفو آهي. دانشور، ڪميونسٽ سماج کي بنيادي تعمير سان ناانصافي ڏيکاري سگهن ٿا، پر ان جيڪو انسان جي اقتصادي ۽ سياسي نجات جو ذريعو ڏسيو ، ان کي بلڪل نظر انداز ڪري نٿا سگهن. انهيءَ ڪري ئي ويچاري مارڪس چيو هو ؛

”Thank god, I am not a Marxist“

“خدا جو شڪريو، جو مان مارڪسسٽ ناهيان.”

سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ابتدائي زندگي ڪيئن هئي، هن تعليم ڪٿي ورتي، هن جو شروعاتي فڪر ۽ سوچ ڪهڙي هئي . يار ۽ دوست ڪهڙا هيس، ان تي ليکو تلسياڻيءَ ڪافي تفصيل سان لکيو آهي. مون سان سندس تفصيلي ملاقات 1965ع ۾ سکر جيل ۾ ٿي . هو ، هڪ وڏي وارڊ ۾ ، ستر هندن سان ، 1965ع جي جنگ جي دوران نظر بند هو. مون کي بي ڪلاس مليل هو ۽ مان رات جو هڪ وڳي تائين، سوڀي جي وارڊ جي ٻاهران سيخن ۾ هٿ وجهي ڪچهري ڪندو هوس. اتي هن مون کي پنهن جي ذاتي زندگيءَ جي ڪافي معلومات ڏني. دراصل ان وقت مان پاڻ کي، ڪميونسٽس جو همسفر سمجهندو هوس ڇو ته نقلي اسلام پسند اديب ۽ شاعر منهن جي شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ شهرت برداشت ڪري نه سگهندا هئا . انڪري منهن جي پهرين ٽن ڪتابن تي بندش وڌي وئي. انهن مان هڪڙو ڪتاب ته اهو هو. (ڀئونر ڀري آڪاس) جنهن تي مون کي پاڪستان رائيٽرس گلڊ ساليانو ايوارڊ ڏنو هو .

منهنجي ڪميونزم جي ڦهلاءَ ۾ ايتري دلچسپي نه هئي پر ان وقت فقط ڪميونسٽ ۽ ترقي پسند ليکڪ سنڌي ۽ اردوءَ وارا ، منهن جي حمايت ڪندا هئا، ۽ رسول بخش پليجي ڪتاب ۽ مضمون لکي ، رجعت پسندن جي منهن تي چماٽون ٺڪاءُ ڪرايون، جن هنن جا وائيسر ئي ڦيرائي ڇڏيا.

مون کي جڏهن چيو ويو ته سوڀي جي ڪهاڻين (خاڪن ٿي) پيش لفظ لکان ته مون ، سمجهيو ته هي ڪتاب، ڪنهن واگهه -نک وانگر هوندو ۽ اساڪ بيبل جي ڪهاڻين جي ڪتاب “سرخ فوج” ۽ شولو خوف جي “ڊان وهندي رهي” وانگر ڪتاب هوندو . پر مون جڏهن اهو پڙهيو ته ان ۾ گورڪيءَ ۽ چيخوف وارو انداز هو ۽ ٽالسٽاءِ جهڙي نهٺائي ۽ انساني فطرت جي تصوير ڪشي هئي ، دراصل اهو منشي پريم چند ۽ گرديو ٽئگور جي اسلوب (Style) جي قريب هيو.

محمد امين کوسي جي باري ۾ لکندي ، سوڀي پنهن جي باري ۾ هيئن اعتراف ڪيو آهي ته، “مان ڪميونسٽ پارٽيءَ جو باقاعدي ميمبر ناهيان ۽ مان پاڻ کي توهان جي آڏو جوابدھ مڃڻ کان انڪار ٿو ڪريان . مان صرف هڪ همدرد آهيان ۽ شاگردن جي تحريڪ ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ جي ڪردار کان متاثر آهيان ۽ سمجهان ٿو ته حشوءَ سان وڙهي توهان پنهن جي تحريڪ کي هرج پهچائيندا.” ان ئي ساڳئي مضمون ۾ اڳتي چوي ٿو ته “هيءَ پنهنجائپ مون کي اڄ به ڪشش ٿي ڪري ڇو ته جنهن ڪميسار ۽ يوگيءَ وارن دؤرن مان محمد امين کوسو جو سفر ٿيو، انهيءَ دؤر مان ٿوري فرق سان مان پاڻ به گذري رهيو آهيان. مان ڪميسار ذهنيت جو ڪڏهن به سٺو نمائندو ٿي نه سگهيو آهيان، پر محسوس ڪيان ٿو ته پنهن جي سڀاءَ ۾ شايد ڪميسار جي مٿان يوگيءَ جو سڀاءُ حاوي رهيو آهي. اهوئي سبب آهي، جو اسان سڀ سنڌي مختلف اندازن ۾ صوفيت ۽ همه اوست جي فلسفي جا قائل ۽ پيروڪار آهيون.  اها ساڳي ڳالهه، مون تفصيلي انگ اکر ۽ دليلن سان آرٿر ڪوئسلر Arthur Qoesler جي ڪتاب. “يوگي ۽ ڪميسار” ۾ پڙهي هئي، پر ان ڪتاب کان وڌيڪ مؤثر طور انهيءَ ڳالهه کي ، مون هن جي ڪتابن ، “منجهند جو انڌيرو”Darkness at Noon  ۽ اسپينش ڊائريءَ ۾ پڙهيو هو . رومين رولان، آندري ييد ۽ ٻيا اديب به ان ڳالهه جو اظهار واضح لفظن ۾ گڏيل مضمونن جي ڪتابThe god that Failed  “ خدا جنهن هارايو” ۾ ڪري چڪا هئا. اها ڳالهه سوڀي جي تخليق جو وڏي ۾ وڏو دفاع آهي. ٻي جنگ عظيم جي دوران، جڏهن هٽلر لينن گراڊ تي حملو ڪيو ته سڄي دنيا ۾ ڪميونسٽس پارٽيءَ جا فرنٽ ٺاهيا ، جن ۾ سڀ کان عام ۽ وڌيڪ مؤثر، اها تنظيم هئي ، جنهن جو مقصد، ان ڳالهه جو ڦهلاءُ هو ، ته بين الاقوامي ، ڪميونسٽ تحريڪ امن لاءِ آهي . ٻيا به ڪيترائي فرنٽ ٺاهيا ويا جن جو تفصيل هتي ضروري ناهي. مثال طورمارچ 15 کان 16 تائين 1950ع ۾ ، اسٽاڪ هوم ۾ ، امن ڪانفرنس ڪئي وئي ۽ سي بي آءِ جي هفتيوار رسالي “ڪراس روڊس” (چئو دڳا) ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته دنيا جي، مستقل امن لاءِ ، هڪ ڪاميٽي ٺاهي وڃي، پر ٻين سڀني فرنٽن کان وڌيڪ جيڪو مؤثر ۽ مقبول عام فرنٽ هو اهو “ترقي پسند مصنفين” جو هو . جنهن کي انگريزيءَ ۾ مختصر طورA.I.P.W.A. چيو ويندو هو. ان جي تنظيم 1935ع ۾ لکنئوءَ جي ، قومي ڪانفرنس ۾ ڪئي وئي ۽ مشهور هندي اديب منشي پريم چند ان جي صدارت ڪئي. سرو جني نائڊو به ان ۾ موجود هئي. ٻي قومي ڪانفرنس، ڊسمبر 1938ع ڪلڪتي ۾ ٿي، جنهن جي صدارت رابندر ناٿ ٽئگور ڪئي. سجاد ظهير جي لکيل ڪتاب “روشنائيءَ” ۾ ، ان جو تفصيلي احوال آهي. پر هتي مان ٻين ڪانفرنسن جو ذڪر اهو ڏيکارڻ لاءِ ڪيان ٿو ته هند جي ڪميونسٽ پارٽيءَ ، سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي کنگهيو به نه ويو، هندوستان جي موجودھ پرائيم منسٽر اي. ڪي. گجرال وٽ جڏهن سوڀو مونکي وٺي هليو هو ته مون کيس پنهن جو نظم “او باغي او راج دروهي “ ٻڌايو هو ته کيس بيحد پسند آيو هو . ان جي باوجود اسان کي ڪنهن به آل انڊيا ترقي پسند ڪانفرنس ۾ دعوت نه ڏني وئي. حيرت جي ڳالهه آهي ته اپريل 1942ع ۾ اينٽي فاشسٽ اديب ۽ آرٽسٽس جي يونين ٺاهي وئي، پوءِ بينگال کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي.

1942ع  ۾ سي پي آءِ کي ٻيهر قانوني حثيت ڏني وئي. ان ڳالهه جو مقصد فقط اهو هو ته اديبن کان جنگ جو اعلان ڪرايو وڃي. ڪانفرنس 22 کان 25 مئي 1943ع  تائين هلي . ايس. اي .ڊانگي، صدارت ڪئي . اهو فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ جو صدر مقام لکنئوءَ مان بمبئيءَ منتقل ڪيو وڃي ۽ نوان عهديدار چونڊيا ويا. سجاد ظهير، جو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو گريجوئيٽ هو ۽ اتر پرديش جو مشهور ڪميونسٽ هو. سيڪريٽري جنرل ٿيو. وشنو راءِ ۽ خواجه احمد عباس. لکنئو يونيورسٽيءَ وارو  جوائنٽ سيڪريٽري ٿيا. 14 کان 17 آڪٽوبر 1945ع تائين حيدرآباد دکن ۾ اردو ترقي پسند مصنفين جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت حسرت موهانيءَ ڪئي . ۽ جنهن جو تفصيل مون ڪنهن اردو رسالي ۾ شايع ٿيل ، ڪرشن چندر جي رپورٽ ۾ پڙهيو هو . هندي ۽ اردو اديبن جو جهڳڙو ، ڪميونزم جي باوجود به هلندو رهيو.

A.I.P.W.A 27 مئي 1950تي ، بمبئيءَ کان ٻاهر ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ڇو ته شهر ۾ اهڙي ڪانفرنس لاءِ اجازت نه ملي. ان ڪانفرنس ۾ رام ولاس شرما کي صدر چونڊيو ويو ۽ آگري جي بلونت راجپوت کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو هو ،جوC.P.I  جي ليڊر رانا ديوي  Rana Deviکان متاثر هو. جو شدت پسند هو. شرماU.S  جي سخت مذمت ڪئي. ڇاڪاڻ جو ان مشهور سنگيت ڪار پال رابنسن ۽ ناول نگار هاورڊ فاسٽ(Haward Fast)  تي بندش وڌي هئي. هن بيان ڏنو ته ترقي پسند مصنفين سان ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ڪوبه واسطو نه آهيA.I.P.W.A.  جي ڇهين ڪانفرنس 7 کان 8 مارچ 1953ع تائين دهليءَ ۾ ٿي. جتي مشهور اردو ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ايتري ۾ اسٽالن مري چڪو هو ۽ ڪانفرنس هن جي موت تي ٺهراءُ پاس ڪرايو .

پاڪستان ۾ ڪراچي ۽ پنجاب ۾ جولاءِ 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش وڌي وئي . افسوس جي ڳالهه آهي جو ايترين گڏجاڻين ۾ ڪنهن به سنڌي اديب کان صدارت ته نه ڪرائي وئي پر ڪنهن کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت به ڪانه ڏني وئي. اردوءَ وارا پهرين اردو وارا هئا ۽ ڪميونسٽ پوءِ هئا . مون سبط حسن کي منهن تي چيو هو ته ،” توکي پارٽيءَ هتي تنظيم ٺاهڻ لاءِ موڪليو هو، تو ساري زندگي اردو اديبن جي چڪر ۽ حيدرآباد دکن جي دوست غالب لئبريريءَ واري مرزا ظفر الحسن وغيره جي صحبت ۾ وقت گذاريو. اندرون سنڌ نه وئين ۽ سنڌي ٻوليءَ وارن سان ڪوبه رابطو نه ڪيئي ،هاڻ مون کي ٿو چوين ته مان پنهن جو ڪلام توکي اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيان . ڇا اهو ڪافي نه آهي ته مون سڄوشاه جو رسالو اوهان کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنو. ڇا اوهان وٽ ڪوبه اهڙو ترقي پسند شاعر ناهي جو منهن جا ڪل ڪتاب اردوءَ ۾ ترجمو ڪري. جيڪي اوهان جي اديبن کان بهتر آهن. افسوس آهي ته اختر حسين رائپوريءَ جي زندگي مون جڏهن پڙهي ته مون کي ائين لڳو هن سنڌ کي فيوڊل چئي ڌڪاري ڇڏيو آهي . هو اهو اديب هو جنهن اردوءَ جو پهريون ترقي پسند ڪتاب “ادب اور انقلاب “ لکيو هو”.

مان يقين سان چئي ٿو سگهان ته،” انقلاب کان اڳ روسي ادب ۽ منشي پريم چند جي ڪردار نگاريءَ کانسواءِ سوڀي جي ڪردار نگاري نهايت اوچي ۽ بي مثال آهي . هن غريب ڳڻپ ۾ نه اچڻ جهڙا وچولي طبقي جا نهايت منفرد ڪردار پيش ڪيا آهن . جي ڪنهن به آل انڊيا ترقي پسند مصنفين جي ڪانفرنس ۾ پنهن جو پاڻ مڃائي سگهن پيا .”

مون سوڀي کي هڪ ڀيري چيو هو ته، “ تنهنجي منهنجي دوستي نظرياتي نه پر ذاتي آهي.” جيڪڏهن هي ڪتاب مان اڳ ۾ پڙهان ها ته کيس چوان ها ته، “ منهن جي توسان نظرياتي دوستي به آهي .”

سوڀو فيوڊل طبقي مان هو ۽ پنهن جي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۽ ان جي آس پاس جي خوبصورت عڪاسي ڪئي اٿس . هن ڪهاڻين جا ڪردار اهي ڏنا آهن جن سان هن جو زندگيءَ ۾ واسطو پيو آهي . هڪ حقيقت نگار اديب وانگر هن ڪردار نگاري ۽ منظر نگاريءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي ۽ تشبيهه استعاري ۽ آرٽ جي ٻيءَ خوبيءَ ڏانهن گهٽ ڌيان ڏنو آهي. اهاڳالهه هن جي تحرير ۾ ڪائي کوٽ نه ٿي آڻي ۽ ان کي وڌيڪ فڪري بڻائي ٿي.

مون سوڀي جي لکيل فقير محمد لاشاريءَ تي مضمون ۾ پنهن جي باري ۾ هي پڙهيو، “ ان زماني ۾ رٽاير ٿيل وي .سي شيخ اياز جي ادبي سرگرمين کان لاتعلقي ۽ سنڌي ادبي سنگت کان پٺيري سوچ بابت بحث ڇيڙيو . ان وقت سڀ اديب شيخ اياز کان ناراض هئا ۽ مان هڪ قربائتي “خليفي” وانگر مريدن جو پير سائين ڏانهن رخ صحيح ڪرڻ لاءِ مهم هلائي رهيو هوس . شيخ اياز عظيم هو . عظيم تر ٿيو ۽ وري اڪيلو ٿي ويو.”

سوڀي جي نقطئه نگاھ  سان مان بلڪل متفق ناهيان ته مان هن وقت اڪيلو ٿي ويو آهيان . دراصل سنڌ جو نئون نسل جيڪو به مون وٽ اچي ٿو ته اهو مون کي پيرين پئي ملي ٿو ۽ منهن جي شعر تان گهور وڃي ٿو . سوڀي جو آرٽ جي باري ۾ ايترو مطالعو نه آهي . 1975ع ۾ مصور ون سينٽ وان گوگ جي صدي ڪري ملهائي وئي . هو ڀونوج سمنڊ تي ٽهٽي ٻيٽ تي تصويرون ڪڍندو هو . دنيا ۾ فقط هن کي هڪڙو دوست مصور پال گوگينPaul Gugian  هيو ۽ ٻيو هن جو ڀاءُ ٿِيُو (Theo)هو . جو فرانس مان کيس گذاري لاءِ ٻه سو فرانڪ موڪليندو هو. هن جي سڄي زندگيءَ ۾ سندس تصويرن جي نمائش نه ٿي ۽ ڪوئي به هن جون تصويرون مفت ۾ به کڻڻ لاءِ تيار نه هو . 1975ع ۾ هن جي فقط هڪ تصوير هڪ جپاني آرٽ ڪليڪٽر نوي لک ڊالر ۾ خريد ڪئي .

فرانس جي عظيم شاعر بودليئر جا گهڻا دوست هئا ۽ هن جي شاعريءَ تي فرانس جهڙي جمهوري ملڪ ستر سال بندش وڌي جا ويجهر ۾ لاٿي وئي آهي .

مصور مائيڪل انيجيلو سسٽين چيپلSistene chapel  تي ٽي سال اڪيلو ڏاڪڻ رکي ، ان جي گنبذ تي تصويرون ٺاهيندو رهيو. منهن جو دوست نعيم صديقي جيڪو چيپل ۾ ويو هو تنهن جو چوڻ هو ته چيپل ۾ گهڙندي مون محسوس ڪيو ته مان بهشت ۾ اچي نڪتو آهيان .

عمر خيام جي رباعين کي سندس جيئري گهڻا ماڻهو پڙهندا هئا ؟ غزاليءَ جي چرچ تي هن جي رسد گاھ کي باھ ڏني وئي هئي .

اطالوي شاعر برونو جا نه رڳو ڪتاب ساڙيا ويا پر هن کي به جيئوو ساڙيو ويو .

شيلي جي هڪ ڪتاب ڪفر جي ضرورتNecessity of Athiesm  تي بندش وڌي وئي هئي، جا اڃا تائين لاٿي نه وئي آهي. اهڙا هزار مثال مون وٽ آهن .انهن ماڻهن جا گهڻا دوست ۽ مداح سندن زندگيءَ ۾ هئا ؟

سوڀي منهن جي باري ۾ لفظ “عظيم” ڪتب آندو آهي . تڏهن مان چوان ٿو ته عظيم شاعر ، پنهن جي دؤر کان سئو سال اڳ ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ هنن جا مداح مستقبل جي بطن ۾ ٿيندا آهن . جي فقط پنهن جي دؤر سان گفتگو ڪرڻي آهي ته پوءِ ته فقير محمد لاشاريءَ جو نيپال تي ڪتاب ئي ڪافي آهي .

غالب جا مرزا شيفته سوڌا گهڻا غمخوار هوندا هئا ، اها سوچ غلط آهي ته شاعر رڳو پنهن جي دؤر جي پڙهندڙن لاءِ لکي ٿو . باقي سوڀو هڪ سياسي مفڪر آهي . هن لاءِ سماجي آدرش کان وڌيڪ سپرين ڪوئي به ٿي نٿو سگهي. انڪري مان ديانتداريءَ سان ۽ ترديد جي خوف کانسواءِ ڀٽائيءَ جي هيٺين شعر سان مهاڳ ختم ڪريان ٿو،

مون سي ڏٺا ماءِ ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.

 

شيخ اياز

2 جولاءِ 1997ع

27اي. پرنس ڪامپليڪس

ڪلفٽن روڊ ڪراچي



جڙن جي کوجنا


(‘چؤ واٽي تي’ نند جويري  جي ڪتاب تي لکيل مهاڳ)

انسان هونءَ ته ازلي جلاوطن آهي پر جڏهن پنهنجي ڌرتيءَ تان به جلاوطن ٿئي ٿو ۽ جدائي هن لاءِ وڌيڪ اَسهه ٿي پوي ٿي ته هو پنهنجون جڙون ڳولڻ ۽ پنهنجي تشخص (Identity ) لاءِ بي چئن رهي ٿو. نند جويريءَ جي هن مجموعي ۾ اهي ٻئي ڪيفيتون ملن ٿيون. هن جو فلسفي وارو مان پنهنجي اصليت جي تلاش ۾ آهي ، جنهن کي هو نج ڪوٺي ٿو:

“شروعات ۾ مان نه پاڪ هوس نه ئي ناپاڪ هوس ، مان نج هوس.”

اهو نج هر ڪنهن مابعد الطبيعاتي حقيقت (metaphysical reality ) وانگر ڌنڌ ۾ ويڙهيل آهي ،جنهن جي پٺيان اپار مايا  سمنڊ وانگر آهي ، جنهن تي ڪنهن وقت گهٽائن مان ويندڙ چنڊ جا پاڇاوان پون ٿا ۽ ڪجهه ڌنڌليون ٻيٽاروين نظر اچن ٿيون ۽ جڏهن  چنڊ گهٽائن ۾ ڇپي وڃي ٿو ته اهي غائب ٿي وڃن ٿيون. پنهنجي ڌرتيءَ تي رهي به اهو سوال ته “آءُ”  ڇا آهيان ۽ منهنجو انت ڇا آهي؟ ماڻهوءَ جي روح کي سدائين بي چئن ڪندو رهندوآهي ۽ ورلي به ٻه ماڻهو انهيءَ سوال جو جواب ساڳيو ڏيندا. پر جڏهن انسان پنهنجي ڌرتي تان ڌڪاڻجي وڃي ٿو ته ان سوال جي نه رڳو معنيٰ بدلجي وڃي ٿي پر ان جي اهميت به وڌي وڃي ٿي .نازي جرمنيءَ مان فرائڊ، ٿامس مئَن ۽ ٻيا ليکڪ جلاوطن ٿي ، انهيءَ پوئين سوال جي جواب ۾ سرگردان رهيا هئا. روسي اديب نبوڪوف جيڪو مشهور ناول “لوليتا” جو مصنف هو، اهو به پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ ان سوال کان پريشان آهي . اربندو گهوش وانگر ان سوال کان پريشان آهي . اربندو گهوش وانگر ان سوال جي تلاش برابر ڏکي  آهي پر سباش چندر بوس کي ان سوال جي جواب لاءِ جيون  جي بازي لڳائڻي پئي ۽ آزاد هند فوج ٺاهيائين  .پهريون سوال انسان جي من کي ڪنهن نه ڪنهن وقت ڏاڍو تڙپائي ٿو جيئن نهروءَ جي من کي تڙپايو هئائين . جڏهن هو ڪملا نهروءَ جون هاٺيون هوائي جهاز ۾ کڻي ٿي آيو؛ پر انسان جيڪو رت پنءِ جو پتلو آهي ان لاءِ جيءَ جي جلاوطني وڌيڪ پريشان ڪندڙ آهي . جيءَ جي جلاوطني مون پنهنجي ڌرتيءَ تي رهي به ڀوڳي آهي  پر نند (جويري)۾ ڌرتيءَ کان ڌڪجي؛ اها مون کان به وڌي وئي آهي ۽ هو جتي ڪٿي پنهنجيءَ شڪارپور کي ڳولي رهيو آهي:

“آخر ڀي

شڪارپور آهي ڪٿي؟

توهانکي خبر آ

شڪار پور ڪٿي آ؟

....شڪارپوري

 شڪارپور ۾ ڄائو هو

 پر هر شڪارپور ۾ ڪونه جنميو آ

 ڪهڙو فرق ٿو پوي

 اگر

 ڀوگول واري شڪارپور

 ڀومي گرست ٿي چڪي آ

ڪهڙو فرق ٿو پوي

  اگر شڪارپور جو نالو بدليو ويو هجي

 ڪهڙو فرق ٿو پوي

 اگر ڪنهن کي

شڪاپور اتر اولهه جي بدران

 ڏکڻ اوڀر ۾ ملي

ماڻهن کي شڪارپور گهرجي

 صرف شڪارپور

ته پوءِ هو ڇو ڪونه  ٿا

هٿ لکيل پرزي تي

 وشواس ڪن

ڇو ڪونه ٿا ڪنهن ويٺل ڏانهن

 هٿ ڊگهيرن

هٿ ڊگهيري ته ڏسن

چت ۾ پائيندا شڪارپور

 شڪارپور ڪنهن زمين جو نالو هو

 ڪنهن زمين جو نالو ناهي

ڪنهن سرير جو نالو هو

ڪنهن سرير جو نالو ناهي

 شڪارپور ڪنهن روح جو نالو هو

 ڪنهن روح نالو آهي

...... شڪارپور کي ڳولهڻ لاءِ

شڪارپوري هئڻ ضروري آ

 هٿ ڊگهيري ڏسو”

شڪاپور سنڌ؛  نند لاءِ ماتا جي ٿڻ وانگر هئي .  هو منهنجو ۽ ساميءَ جو ڳوٺائي آهي ۽  ٻنهي جو ساءُ هن جي ڪويتا ۾ ملي ٿو:

“سامي شير تي،.

اٽي جي چؤ مُکي ڏيئي جي لاٽن مان

چؤ طرف

 بجليءَ جون تارون ڦهليل هيون

 لٽڪيل ڏيئي جي

 پيٽ واري ٽنگ مان

جو چوڏهين آگسٽ تي مون ڪيو هو

 تيل جو ننهن سوسڙو ڦڙو

 رکي رکي اڃان به ٽپڪي رهيو هو

مون هٿ وڌائي

ان ڦڙي کي تريءَ تي کنيو

پر هو کن ۾ ئي پار نڪري ويو

 منهنجي سيتل ماس مان”

اربندو گهوش لاءِ پنهنجي “مان” وڌيڪ معنِيٰ رکي ٿي ۽ هن لاءِ پانڊيچري (جيڪا ان وقت فرينچ ڪالوني هئي ) جي ڪا اهميت نه هئي. نند لاءَ پنهنجي ابدي “مان” کان به وڌيڪ شڪارپور  جي اهميت آهي، جتي هن جي “مان”  جي اوسر ٿي هئي ۽ جنهن کان ورهاڱي کانپوءِ هو اوچتو ڪٽجي ويو. هن جو نظم “ڌرتي” هڪ شاهڪار نظم آهي ۽ شڪاپور سان ئي واڳيل آهي ۽ سئليوڊار ڊاليءَ جي سريئلي (Surrealistic ) پينٽنگ وانگر لڳي رهيو آهي . پڙهندڙ نند جي “جتي” نظم ۾ شرنارٿيءَ  جي پيرن ڏانهن  ڏسي ڄڻ ساڳيو اندر جو عذاب ڀوڳي ٿو، جو هن پنهنجو ملڪ ڇڏڻ کان پوءِ ڀوڳيو آهي:

“باقي جتي

اسان جي پيرن لاءِ هوندي به يا نه

 انهيءَ ۾ به شڪ آهي

وقت ان جو مقدار گهٽائي

۽ اسان جي پيرن کي وڌائي ڇڏيو آهي

 تڏهن مون هنن جي پيرن ڏانهن ڏٺو

هنن کي پير هئا ئي ڪونه

هو به مون وانگر اپنگ هئا”

شڪارپور  وارا مسلسل نظم پڙهي محسوس ٿيندو ته اها ڌرتي هن جي “مان” جو حصو آهي ،جنهن کي هو ڳولي  ٿو . هو ڪڏهن ٿڪجي ٿو پوي نه ڪڏهن مايوس ٿو ٿئي :

“لکي در تي گهنٽا گهر

 منجهند جو ٻي بجي

شام جا پنج گهنڊ ڇو ڪونه هنيان؟

 انهيءَ کي به بخار هو

 يا لقوي جي مرض ۾

ريڙهيون  پائيندي

 لاچاريءَ جو اظهار ٿي ڪيائين

مون وانگر ”

ڪڏهن گهاٽي جهڙ مان نڪرندڙ چنڊ جهڙي آس هن کي پنهنجي جهلڪ ڏيکاري ٿي،جيئن هن جنم کانپوءِ هن کي ٻئي جنم  جي پڪ آهي ائين هن کي شڪارپور ۾ پنهنجي ٻئي جنم ۾ شڪ آهي . پر شڪ ۾ يقين جو هڪ عنصر هوندو آهي  ۽ انسان انهيءَ عنصر تي ئي تڳي سگهندو آهي ۽ جڏهن اهو عنصر گم ٿي ويندو آهي تڏهن زندگي پنهنجو انت آڻيندي ويرم نه ڪندي آهي. نند جي دل ۾ اهڙو يقين نظر اچي ٿو.

ترنم واري شاعري ۽ ان جي فني خوبين کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي . پشڪن کان فردوسيءَ تائين، ڪاليداس کان ليوپارڊيءَ تائين ترنم واري شاعري انسان جي روح ۾ خنجر وانگر کپي وئي آهي پر جديد دؤر ۾ جا نثري شاعري ٿي رهي آهي، ان کي پنهنجي اهميت آهي ، ان جي مرڪزي خيال ۾ اها شعريت آهي جا ترنم جي محتاج نه آهي .جذبات جو ترنم نثر ۾ آڻي سگهجي ٿو. بودليئر جي ڪتاب  Flowers of Evil ۾ هن جون پئَرس جون راتيون ترنم وارا شاهڪار نظم آهن پر ساڳئي وقت هن جي مجموعي ۾ هن جا نثري نظم به اوترائي خوبصورت آهن . فرانس جي شاعر رامبوءَ کان وٺي جديد آمريڪا جي شاعر ڪارل شيپيرو تائين ڪيترن شاعرن خوبصورت نثري نظم لکيا آهن ، جن ۾ خيالات ۽ جذبات جي مصوري ڪئي وئي آهي ۽ جي ماڻهوءَ جي من کي ائين ٿا اڀارن جيئن ترنم واري شاعري اُڀارڪندي آهي .

 نند جا ڪجهه Poetic images  هيٺ ڏيان ٿو:

“ڀريل گهر

 بگيءَ تي کڻي

ٽيشن تي خالي ڪري

 بگيءَ واري

 وري ورائي نه ڏٺو

 ته ڪو خالي ماڻهو

ڀريل گهر ڍوئيندو

سرحد پار هلي ويو”

“سانت

سانت  جا برهما جي

ننڊ کان پوءِ هوندي آهي

 ان سانت کي چيريندو گهوڙو

جڏهن ننڊ لاءِ طنبيلي تي پهتو

تنهنجي لڳايل ڏور اڃان هن جي ڏاٺن ۾ هئي

سانت 

سانت جا برهما جي سجاڳيءَ کان اڳه هوندي آهي

 ان سانت کي چيري

 ڇا بگيءَ جو گهوڙو

 وري اٿندو

ڪو ڀريل گهر

ڪو خالي ماڻهو ڍوئڻ لاءِ ٽيشن ايندو ؟

 اوشڪارپور !”

 

 “اسان جي ٽهڪن سان

 باغ ۾ گل

ڇڻي نه پون ۽ وري ڪائي

لنبي عرصي واري

 خزان نه اچي

 اسان صرف من ئي من ۾

مسڪرايو آهي

۽ جڏهن ساهه جو احساس ٿيو

من اندر جي مشڪ وڪڻي به

 اسان پراون سان

واعدا ڪرڻ لاءِ بهانا ڳولهيا آهن

 او شڪارپور !”

 

“اهو ئي ته رواج آهي

 تنهنجو منهنجو

تن کي به تن تان لاهي

 مُوڙي تي رکي اچ

 ۽ اچ ته پيار ڪريون

 او شڪارپور !”

 

“شبد پنهنجا نقش

 خاموشيءَ جي

 ڪئنواس تي

ڇٽيندي ڇٽيندي

 پنهنجو پاڻ ۾ ئي

پيهي ويا

وقت جي ڏر کان”

 

 “موسيقي

ڪنهن گهٽيءَ جي

ڪنهن ڪسيءَ جي

 گهنگهرن جو آواز هو”

“هاڻ گرميءَ ۾ ماڻهو

 سم اوڍي

 سم تي سمهندا

سائي سم

سائي لڳل پٽ

 سائي رنگ جا ماڻهو

 ڪئين رنگن جا سوال کڻي

 هڪ ئي رنگ

“سائي” جو جواب پائي جيئندا آهن”

 

“پوترتا

تنهنجي آتما هئي

 ۽ مان هاڻ پوتر نه رهيو آهيان

 هاڻ جڏهن جڏهن

مان تو وٽ اچان ٿو

 مونکي لڳي ٿو

 مان پنهنجي ئي

مردهه سرير ۾ پرويش ڪري رهيو آهيان

 اوسنڌو پتر ساڌ ٻيلا!

 ياد ڪر

 جڏهن مان تو وٽ هوس

 مون چيو هو گلن کي

 سڀ ٽڙي پئو

۽ سڀ ٽڙي پيا هئا

 بن بادلن آڪاش کي ڏسي

چيو هو مورن کي

 نچو؟

 مورن ناچ ڏيکاريو هو

 اهڙي ئي  ڪوشش

  مان هر دفعي ڪريان ٿو

 جڏهن جڏهن مان تو وٽ اچان ٿو

 ۽ مان اَسڦل ٿي موٽان ٿو

 ان احساس سان

 ته هڪ مردو ٻئي مردي سان

ويچار ڪري موٽيو آهي”

 

“ائين ته هر سڏ تي

مئا موٽندا آهن

ڪي اڌورا ته ڪي پورا

موٽڻ هڪ سمجهوتو آهي

جيئڻ جي لالسا لاءِ

تنهنجو سڏ ٿيندو

۽ مان موٽي ايندس

ڪجھه تياڳي ،

ڪجهه پائڻ لاءِ

 تو اهو ڪيئن سمجهيو ؟

تنهنجي سڏ  جي هجي

 مان پڙهي سگهان ٿو

 توکي به منهنجو موٽڻ

 پڙهڻ گهرجي

 اگر مان تنهنجي سڏ تي

 موٽي اچان

 مان موٽندس

ضرور موٽندس

 جڏهن اهو سڏ ٿيندو

 جيڪو هِجي نه ٿيوهُجي

 مان پنهنجو موٽڻ به بنا هجي جي چاهيان ٿو

مان ڪونه موٽندس

ڪونه موٽندس

پر

 مان هوندس

 هوندس

 آڪاش ۾ اهو انادي آواز

 آڪاش به مان هوندس

 اهو سڏ به مان هوندس

 اهو سڏ جو هجي نه  ٿيندو

  تون وڃي ڪائي ڪکه ڳولهه

مون سان ملڻ لاءِ”.

مٿينءَ ڪويتا جون پويون ٻه سٽون ڪيتريون نه خوبصورت آهن ! ڄڻ اتهاس جو ماضي ۽ مستقبل انهن مان گھُوري رهيو آهي. مون مٿي ڪجھه سڄا نظم ڏنا آهن ڇو ته انهن کان سواءِ نند جو تصور مٺ ۾ نه اچي سگهي ها. پنهنجي ڪجهه ابهام Vagueness  جي باوجود  نند جي شاعريءَ کي سنڌيت سان ڀروپور ڪمٽ مينٽ آهي .انهيءَ ڪمٽ مينٽ کان سواءِ سنڌي ادب هوا ۾ انهيءَ غباري (balloon)  وانگر آهي جنهن کي ڪوئي طرف نه هجي ۽ جو اڏامي انت ۾ ڦاٽي پوندو ۽ هوا ٿي ويندو .

 

شيخ اياز

 

ديپ شڪ پبليڪيشنس بمبئي سال 1991ع

 



تاج سياسي شعور جو شاعر


(هي مهاڳ شيخ اياز تاج بلوچ جي ڪتاب “لفظن جو ماتم” تي 1978ع ۾ لکيو)

 

تاج بلوچ جو شاعريءَ جو مجموعو، “لفظن جو ماتم” جديد سنڌي شآعريءَ ۾ اهم اضافو آهي. هن جي پابند شاعري ۽ آزاد نظم ٻئي توجهه طلب آهن.

تاج بلوچ دنيا جي شاعريءَ مان پبلونرودا، ناظم حڪمت، والٽ وٽمئن ۽ فيض احمد فيض کان متاثر آهي. پهريان ٽي شاعر هن جي سوچ تي اثر ادناز ٿي سگهن ٿا، پر فيض جو اثر هن تي نمايان آهي. فيض پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو هو:

یہ داغ داغ اجالا یہ شب گزیدہ سحر،
یہ وہ سحر تو نہیں جس کی آرزو لے کر،
چلی تھی یار تو مل جائی گی کہیں نہ کہیں،
فلکہ کی دشت میں تارون کی آخری منزل،
کہیں تو ہو گا شب مست کی موج کا ساحل،
کہیں تو جاکے رکے گا سفینئہ غم دل۔

اهو نظم فيض برصغير جي تقسيم کان پوءِ لکيو هو، پر هاڻي يو ايس ايس آر جي تقسيم کان پوءِ جو به آئيندار آهي. تاج چيو آهي:

اسان ڇا ههڙي اجالي جي لاءِ ووڙيو هو؟

اسان ڇا ههڙي جياپي لاءِ جهيڙيو هو؟

فيض جي مٿئين نظم ۽ تاج جي مٿين سٽن ۾ ساڳي ڪيفيت آهي. اها ڪيفيت شاعريءَ ۾ هڪ لهر وانگر آهي.

ٽين دنيا ۾ غربت بدحالي ۽ دولت جي غير مساوي تقسيم اڃان ساڳي آهي، جيئن پنجاهه سال اڳ هئي ۽ ان کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. جمهوريت جي وسيلي هڪ فلاحي مملڪت جو قيام هن جي تصور کي گرمائي ٿو. تاج جي شاعري عوامي ته نه آهي، پر عوام جي لاءِ آهي. “شعر جي جواني”، “هاڻ قاتل کي مسيحا لکبو” ۽ “سوجهرو” قابل ذڪر نظم آهن.

هيٺئين درد جو نوحو ڏسو:

سياهه رات جي صحرا ۾ سوجهرا چهرا،

هئا جي شيشا گريءَ جي ڪمال جا چهرا،

اسان جو عشق اجاري ويا هليا ڪيڏانهن؟

اوهان جي شهر جا، جيڪي ها آئينه چهرا.

يا غزل جو هيٺيون مقطع:

تاج هرڻيون ڇڏي ويون صحرا،

ڪيستائين گمان ۾ رهبو.

جنهن به شاعر جي قومي ۽ بين الاقوامي حالات سان وابتسگي آهي ۽ جيڪو پنهنجا خواب، خواب پريشان ٿيندي ڏسي رهيو آهي، انهيءَ جي شاعريءَ ۾ مٿين درد آميزي لازمي آهي. طبقاتي انقلاب جي گنجائش رهي هجي يا نه، فلاحي مملڪت جو تصور شاعر ۽ اديب مان وڃڻو نه آهي.

 

شيخ اياز



سوچون، صحرا، سراب


(عبدالغفار تبسم جي شعري ڪتاب تي لکيل مهاڳ)

منهنجي عبدالغفار “تبسم” سان ڪافي وقت کان دوستي رهي آهي. عبدالغفار تبسم، قاضي منظر حيات، سرڪش سنڌي ۽ مقصود گل ٻيا ڪيترائي سنڌي منهنجا مداح آهن .سرڪش سنڌيءَ جي مجموعي تي مان پيش لفظ به لکي چڪو آهيان. مرحوم استاد بخاري هڪ عوامي شاعر هو ۽ هن جي سنڌ جي عام ۽ مقبول شاعريءَ  ۾ پنهنجو  وارو وڄايو آهي .تبسم پڻ ان سلسلي جي هڪ مضبوط ڪڙي آهي . هن زير نظر ڪتاب ۾ “تبسم”  جو استاد بخاري جي باري ۾ تاثر پڙهڻ جهڙو آهي “تبسم” ۾ هڪ گهري نديءَ جهڙي خاموشي آهي  .هو تمام گهٽ ڳالهائي، بحث الجهاءُ کان ڪناره ڪشي ڪندو آهي. پهرين ملاقات ۾ اهو اندازو نه ٿيندو ته هن ۾ ايتري ڪا تخليقي سگهه آهي، جيتري هن ڪتاب مان ظاهر آهي .اڄوڪي گهما گهميءَ ۽ شاعريءَ  جي ڏانء کي غور سان ڏسي ۽ ان  جي فن جون ساريون خوبيون ٿوري وقت اندر گرفت ۾ آڻي سگهي . تبسم جي شاعريءَ جي مطالعي مان محسوس ڪيو آهي ته هن  بحروزن واري شاعريءَ  جي مشق ڪجهه ڪئي ته آهي پر اڃان کيس وڌيڪ مشَق ڪرڻي پوندي . مون کي هن سان مختصر ملاقات مان هن جي صاف گوئي، سچائي ۽ نيڪ نيتي جي جهلڪ نظر آئي آهي .هن جي شاعريءَ لاءِ مان زياده چئي سگهان  ٿو ڇو ته هن جا سڀيئي ڪتاب منهنجي زير مطالع رهيا آهن . سندس واين جون هي ڪيڏيون نه پياريون سٽون آهن:

   جي نه اچين تون

  مون کي سي منهنجيون

   ساروڻيون موٽائجان

 

  1. مڌر ملن جي ڪا آس تاڻي

  پيا دواري هلي ته آهين

   مگر ڇا ڄاڻين

 

  يا

  1. ڀيڄ ڀنيءَ تائين آ تبسم

  ويندو هليو هن پار

  موکي مڌ پيار

  اسان تنهنجي آسري

 

  جهونجهڪڙي تائين او سائين

  ديرو تنهنجي دوار

   اسان تنهنجي آسري

  يا

  1. ڇو آس اٿئي لاٿي

  هوءُ باک ڦٽي آهي       

سندس هيءَ وائي ڪيڏي نه متو جهه ڪندڙ آهي

 

  1. او سکي ! اوسکي!

  تنهنجون ساروڻيون

   اڄ وري اوچتو

  ڄڻ ته تاساري ٿر تي

  ڪي مينهن ڪڻيون

   اڄ وري اوچتو

  1. گُجرِ تنهنجو گاجِ مان

  پئي ٿو پڙلاءُ

  ساريان تنهنجي ساٿ کي

تبسم جي هنن سٽن جي گهرائي ڇرڪائيندڙ آهي

 

  1. تابوتن ۾ تاتي رکجان

  جيءُ اسانجو جهور

  ڏيهه اسانجو ڏور

مٿيون سٽون ڏيکارن ٿيون ته تبسم ۾ وائيءُ جو فن جلد ئي پنهنجي توڙ پڄڻ وارو آهي جيستائين هن جي نظم جو سوال آهي ته مان چوندس ته هن جا ڪجهه نثري نظم مونکي وڌيڪ پسند آهن .

چيهن

کي

 چئجو

هيل

ليسوڙيءَ

 تي

ڪو

ڄار

اڏيل

ڪونهي.

 يا

چري!

ڪنن

بدران

چپ

ڇو

 ٽوپايا اٿئي

 ليار ڪيئن کائيندينءَ .

تبسم جي شاعريءَ ۾ مختلف رنگ ملي ٿو ۽ هن ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي جن ۾ به مان ڪافي خوبصورت سٽون ڏٺيون آهن .جئين :

اوجهڙ بيهه اتي

ڌرتتي جندڙي

ڪا جهٽ ڇانءُ ته ڏي

هن جي شاعريءَ تي سرسري نظر وجهڻ سان، اهو محسوس ٿو ٿئي ته هو قافيه مان ترنم جي تخليق بخوبي ڪري سگهي ٿو. بيتن جو حصو جيتوڻيڪ روايتي آهي  پر هن جي ساري فڪر و نظر کي خيال۾ رکندي چئي سگهجي ٿو ته اهي سنڌ جي ڪلاسيڪي روايت مان ٻاهر نڪرندا ته پنهنجي انفرادي شڪل وٺي سگهندا . مون کي اميد آهي ته اڳتي هن جي شاعري پنهنجي فن ۽ فڪري صلاحيتن سان اڃا به نمايان ترقي ڪندي رهندي .آخر شاعري به ٻئي هر فن ِلطيف وانگر ساري زندگيءَ جو رياض آهي ۽ ان  لاءِ لڳاتار پٽ کوهه ڪرڻي پوي ٿي.

نوٽ: خليل جبران پبلشرز نئون ديرو سال آڪٽوبر 1994ع

 

شيخ اياز

پرنس ڪمپليڪس ڪراچي.

آڪٽوبر  1994



داخليت جي سچائي


(بدر ابڙي جي جيل جي ڊائري  4 نومبر 1980 کان 16 جنوري 1985 ع)

هيءَ دؤر دادا امير حيدر ۽ ڪلپنا دت وارو  دؤر  نه آهي. بظاهر ايئن ٿو نظر اچي ته سوشلزم ختم ٿي رهيو آهي ،ممڪن آهي ته اهو پئرس ڪميون وانگر ناڪام ٿيو آهي. مشرقي يورپ ۾ ڪميونزم لاءِ نفرت ايترو اُڀري رهي آهي جو پولينڊ ۾ ساليڊرٽي گورنمينٽ ٺاهي وئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي اقليتي مخالف ڌر ٿي وئي. ديوار برلن ڪيرائي وئي ۽ امڪان آهي ته اوڀر ۽ اولهه جرمني هڪ ٿي وڃن . هنگري، بلغاريه ۽ چيڪو سلواڪيا ۾ به ڪميونزم ڏانهن رد عمل ۾ ڪافي ڦيرو اچي ويو آهي.رومانيا ۾ ته چائوشسڪو ماريو ويو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش وڌي وئي ۽ لائي وئي ،ڇاڪاڻ  جو رومانيا ۾ ڪميونسٽ پارٽي ايتري مؤثر  نه رهي آهي . خود روس ۾ هڪ گهڻ پارٽي  نظام  تي بحث ٿي رهيو آهي.مغربي پريس وارو آرمينيا، آذربائيجان، بائيلو رشيا، ايستونيا، ليٽويا، لٿوانيا، جارجيا، قازقستان، ڪرعيزيا ،مالڊويا،تاجڪستان،ترڪمنستان، يوڪرين ۽ ازبڪستان ۾ وڳوڙن جي  نشاندهي ڪري رهيا آهن. آرمينيا ۽ آذربائيجان ۾ روس فوجي ڪارروائي به ڪئي آهي، رڳو اهو نه پرٻئي وڏي اشترڪي ملڪ چين ۾ تائنامين اسڪوائر ۾ ڪوس ڪرائي آپيشاهي مسلط ڪئي وئي آهي پر اها به آخر ڪيستائين هلندي ؟ هن دؤر ڪيئي سوال اڀاريا آهن، جن جا جواب اڃا مستقبل جي ڌنڌلڪي ۾ آهن. ڇا اسٽالن ،مارڪسزم،ليننزم کي اهڙو ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي، جهڙو فرينچ انقلاب کي نيپولين هنيو هو؟ ڇا انقلاب جو دؤر ختم ٿي چڪو آهي؟ ۽ تاريخ جي ارتقا ٺپ ٿي ويئي آهي يا مشرقي يورپ ۾ ٻي جنگ  عظيم کانپوءِ سوشلزم مڙهي وئي هئي ۽ انڪري اها عوام ۾ ايئن مقبول نه هئي جيئن روس ۽ چين ۾ .۽ مشرقي يورپ اهو طوق لاهي پنهنجي گردن خلاص ڪئي آهي؟ اهو ته ظاهر آهي ته روس ۽ چين جي ايتري ترقي سوشلزم کان سوا ءِ نه ٿي سگهي ها پر ڇا اتي سوشلزم پنهنجو رول ادا ڪري چڪو آهي ۽ هيئنر رڳو ڳچيءَ  جو ڳٽ لڳي رهيو آهي ؟ ايئن  ٿو لڳي ته صنعتي دؤر ۾ Command Economy  بي معنيٰ ٿي چڪي آهي پر ان جي معنيٰ اها آهي ڇا ته اسان پريزيڊنٽ بش واري آمريڪا ۽ وزيراعظم مارگريٽ ٿيچر واري انگلينڊ جو فرسوده اقتصادي نظام قبول ڪيون؟ اڳتي هلي پتو پوندو ته روس ۽ مشرقي يورپ جي تبديلين جوچين –ڪوريا، ڏکڻ- اوڀر ايشيا وغيره تي ڪهڙي اثر پوي ٿو. اسان لاءِ اهو اهم سوال آهي ته افغانستان جو ڇا ٿو ٿئي ۽ برِضعير ۾ سارڪ سمٽ تي معاهدي مطابق امن پائيدار رهي ٿو يا نه؟ سوشلزم جو تاثر ته ايشيائي ليڊرشپ تي به ڪافي رهيو آهي .شهيد ڀٽو، نهرو، ناصر، نڪروما، سئيڪارنو وغيره سوشلزم کان متاثر هئا ۽  پنهنجي عوام تي پنهنجي خيالات جو پائنده تاثر ڇڏي ويا آهن. ٽين دنيا جا مسئلا اتي ئي آهن جتي اڳ هئا ۽ سرمائيدارنه نظام اڃا تائين انهن جو حل پيش نه ڪيوآهي.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن وقت سوشلزم سان اها لگن ، اهو جذبو ۽ اها وابستگي پئدا نٿي ڪري جا جان ريڊ JOHN REED) ) جي ڪتاب “ڏهه  ڏينهن جن دنيا کي جهنجهوڙي ڇڏيو Ten days that shook the world  ۾ ڏيکاريل آهي. اهو ٺيڪ آهي ته ڪنهن حد تائين مارڪيٽ - اقتصاديات جا اصول ثابت ٿي چڪا آهن ۽ ان حد تائين  سرمائيدارنه نظرئي کي هٿي ملي آهي پر پوءِ به ٽينءَ دنيا جا سياسي  ۽ اقتصاد ي مسئلا حل طلب آهن .ستر واري ڏهاڪي جا نعرا ته هاڻ کوکلا ٿا  لڳن پر پوءِ اڳي وانگر لڙي رهيا آهن . نيٺ انهن کي ڪو فلسفو  ملي ويندو، جنهن ۾ اقتصادي ۽ سياسي آزاديءَ  جو ميل ميلاپ هوندو ۽ هو سوشلزم کان ايڏو بيزار نه لڳندا جيترو هاڻي مشرقي يورپ ۾ ٿيا آهن. اهو به اهم سوال آهي ته هتي جي ڪميونسٽ پارٽي هندستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ وانگر، جمهوري نظام  ۾ ٻين پارٽين وانگر رڳو هڪ پارٽي رهندي ۽ پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ جي دعوا  ڇڏي ڏيندي ۽ ان حالت جو پروگرام ڇا هوندو ۽ اها ماضيءَ جي تجربي مان ڪيترو سکندي ؟ مان اهو به چئي چڪو آهيان ته هندستاني ڪميونزم  کي کوٽبو ته اهو اندران گانڌي وادي نڪرندو. ڇا منهنجي هن نقط نگاهه کي تاريخ سچو ثابت ڪندي ؟ مشرقي يورپ ۾ ڪميونزم جي ترديد. ممڪن آهي ته  هتي ايتري اثرانداز نه ٿئي ۽ اسان ۽ ڀارت جا رهواسي جنهن واهيات ۽ نهايت خطرناڪ بنياد پرستيءَ  جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، ان مقابلي ۾ سوشلزم جو نظريو اسان کي وڏي هٿي ڏئي ۽ڏکڻ  اوڀر ايشيا لاءِ زهرهلاهل بدران ترياق ثابت ٿئي!

ان ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته 1917 ع کانپوءِ واري اشترڪي دور ۾ به ڪافي چڱو  ادب روس ۾ تخليق ڪيو ويو آهي نه رڳو شولوخوف جا ناول Quiet flows the Dow  ۽ The Fate of A Man ۽ اليا اهرنبرگ جو ناوFall of Paris  وغيره عظّيم ناول آهن ۽ اساڪ بيبل جون ڪهاڻيون نهايت عظيم ڪهاڻيون آهن .ان ۾ به شڪ ناهي ته اشتراڪي نظام جي مخالف شاعر پاسٽرناڪ ۽ سولزي نٽسن ان دؤر ۾ عظيم ناول لکيا آهن. پاسترناڪ آسپ مينڊلٽ سام ۽ ائنا اخمتووا جي شاعري به ان دؤر جي عظيم تخليق آهي .ٻئي ڌريون زار توڙي ڪميسار، تخليقي ادب تي نهايت ڪڙي نظر رکندا هئا، جيئن آمريت جي دؤر ۾ پاڪستان ۾ رکي وئي هئي. آندري سنياوسڪي (Andrei Sinyvasky) جو ايبرام ٽوڊز  (Abram Tertz) جي نالي سان اڃا تائين چڱو رهيو آهي تنهن جو شاهڪارناول Good Night حال ۾ ئي ڇپيو آهي. هن کي روس ۾ڇهه سال بيگار ڪئمپ ۾ رکيو ويو هو ۽ ان کانپوءِ هو ۽ سندس زال پئرس ڀڄي ويا هئا ، جتي مٿيون ناول روسيءَ ۾  ڇپيو آهي .هنجو دوست يولي ڊينئل جو به هن وانگر مغرب ۾ هڪڙي وڏي منڪر (Dissident ) جي حيثيت ۾ ڄاتو وڃي ٿو ،هن وانگر ڇهه سال روس ۾ بيگار ڪئمپ ۾ هو ۽ اتي دل جي دوري سبب مري ويو .انهيءَ ته ڏاڍو چڱو  ادب تخليق ڪيو آهي .ناول Lolia جو مشهور مصنف نبوڪوف، جو هن وقت آمريڪا ۾ رهي ٿو. هن چيو آهي ته ،”جيڪڏهن بولشيوڪ اقتدار ۾ نه اچن ها ته هو جلاوطنيءَ ۾ نه هجي ها. ۽ اهڙو چڱو لکي نه سگهي ها.” ڪجهه سال اڳ روسي جلاوطن شاعر براڊسڪي (Brodsky ) کي پنهنجي  شاعريءَ تي نوبل پرائز مليو . هنن اديبن ۾ هيمليٽ جي عقيده تقدير (Fatalism) ۽ ڊان ڪئگزاٽ جي آدرش واري طبيعت ملي ٿي. بدر ابڙي به پاڪستان جي قيدوبند ۾ رهي اهڙو  چڱو ادب پئدا ڪيو آهي جو هونئن شايد مشڪل پئدا ٿي سگهي ها.

بدر ابڙو جو منهنجي گهري دوست جمال جو پٽ آهي. هن اها ڊائري سن 1980 ع کان 1984 ع ۾ لکي هئي ۽ اها هن جديد دنيا ۾ ايتريءَ اهميت  جي حامل ٿئي  ها جيڪڏهن اها فقط خارجي حالات جو عڪس هجي ها ۽ ان ۾ايتري داخليت نه هجي ها. خارجي طور به اسان جمهوريت جي اڃا ريک به  مس ڏٺي آهي ۽ هڪ فلاحي مملڪت جي منزل اڃا دور آهي. پاڪستان جون رجعت  پرست پارٽيون ننهن  چوٽيءَ  جو زور لڳائي رهيون آهن ته جيتري به سياسي ۽ آئيني آزادي اسانکي ملي آهي اها اسان کان کسي وڃي ۽ اسان کي وري ماضيءَ  جي تاريڪيءَ ۾ ڌڪيو وڃي. بهر صورت اسان جي خوشنصيبي آهي ته پاڪستان جا سڀ ترقي پسند حلقا ان سياسي ۽ آئيني آزاديءَ جي مڪمل  بحاليءَ تي متفق آهن.

هيءَ ڊائري  آرٿر ڪوئسلر جي فرانڪو جي قيد ۾ لکيل ڊائريءَ  وانگر نه آهي ،جا هن پنهنجي ڪتاب Scum of the Earth  ۾ ڏني آهي ۽ هن  جي دور رس نگاهه  کي يورپ جي جديد تاريخ ثابت ڪري رهي آهي پر بدر ابڙي جي ڊائريءَ ۾ به ڪوئسلر وانگر حقيقت نگاري بدرجا اُتم آهي ۽ بدر ابڙي  کي جا هڪ حساس شاعر جي دل آهي ۽ جذبات  جو انوکو اظهار آهي اهو ته ڪوئسلر ۾ به نٿو ملي.

هر آمر کان وسريو وڃي  ته هن کي مرڻو به آهي . هو تاريخ جا سارا سبق ڀلائي ڇڏي ٿو. هلاڪو ۽ چنگيز جي انت تي غور نٿو ڪري ۽ پنهنجي لاءِ خود فريبيءَ جي دنيا ٺاهي ٿو، جنهن ۾ هنکي هر ظلم و ستم لاءِ جواز آهي .بزدل  ۽ بي ايمان ماڻهو هن سان ها ۾ ها ملائين ٿا ۽ هن کي پنهنجي نقلي بهشت جا بدترين دوست ٿي ورائي وڃن ٿا ۽ هن جي خوشامد ۾ ڦوليا نٿا سمائجن .پنهنجي من و سلويٰ لاءِ هنجو احسان جتائيءَ ۾ نٿا ٿڪجن ۽ آمر جي وات جي گڦ کي ڪوثر ۽ تسنيم جي ڪف آلود لهر سمجهن ٿا. آمر نهايت چالاڪ ۽ تريناڪ ٿين ٿا پر انت ۾ اهي نهايت بيوقوف آهن ۽ جڏهن موت انهن جي سر تي سوار ٿئي ٿو تڏهن انهن جي مال ۽ دولت ،سطوت ۽ اقتدار ڪنهن ڪاغذ  جي محل وانگر ڊهي ڍير ٿي پون ٿا ۽ جهنم جي آڳ انهن کي جلائي انهن جي رک  به اڏائي ڇڏي ٿي ۽ تاريخ ۾ اهي ڀوت پربت وانگر لڳن ٿا، جن پنهنجي دؤر جو ساهه ته مٺ ۾ آندو هو پر مئي  کانپوءِ پاڻ به مٽي جي مٺ وانگر هئا. ڪيڙا انهن جي ڪفن ۾ چري پنهنجي اڳئين جنم جي ڪئي تي پڇتائيندا هوندا ۽ چوندا هوندا ته اها ڪهڙي ڳالهه جي سزا آهي جو ڪوڙي انسان جو لاش اسانجو زرق ٿيو آهي . ساري زندگي مونکي هر آمر کان نفرت  ئي رهي آهي پوءِ اهو هٽلر هو يا مسوليني، چليءَ جو پنوشي ۽ پاڪستان جو ايوب خان ، يحيٰ خان يا  ضياءالحق دراصل انسانن وانگر قومون  به پنهنجي ڪئي جو ڪيتو ڏينديون آهن ۽ انهن جي تاريخ ۾ اهڙيون  عظيم  غلطيون  هونديون آهن جيڪي آمريت لاءِ  جواز پئدا ڪنديون آهن .فرد وانگر قومن کي به گھڻي دير سان سمجھه ۾ ايندو آهي ته پنهنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب .شروع کان پاڪستان جا ڪيئي حلقا چاهيندا رهيا آهن ته هو تاريڪ ماضيءَ  ۾ موٽي وڃن. وهم پرستيءَ جي اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻن. هن جمهوري دؤر ۾ به پنهنجو ڪو اميرالمومنين چونڊين .هڪ فر واحد کي ڪروڙن انسانن جي تقيدر حوالي ڪن. اسان لاِءِ دوزخي فوجدار ڪنهن وقت ايوب خان ، ڪنهن وقت يحيٰ خان، ڪنهن وقت ضياءالحق جي روپ م آيا ۽ پنهنجا هاڃا ڪري اوچا سر ڪپي ۽ شخصيتون ڀڃي پورا ڪري ويا. انهن آمرن انسانن ۾ بزدلي؛ ڪمينائپ ؛خوشامد ۽ بي حيائيءَ جا جذبا پئدا ڪيا. آمر انسان ذات جا بدترين دشمن آهن اسان جڏهن  انهن جا لاش  ڪيڙن ماڪوڙن جي حوالي ڪيون ٿا ته ڪيڙن ماڪوڙن تي ظلم ڪيون ٿا. ها قدرت کي ڪڏهن ڪڏهن ڪيڙن ماڪوڙن تي به رحم ٿو اچي  ۽ اها لاش جلائي رک ڪريو ڇڏي.  آمر جي مزاحمت ڪندي ڪي ذوالفقار علي ڀٽي وانگر شهيد ٿين ٿا، ڪي نذّير عباسيِ وانگر ۽ ڪري فاضل راهو وانگر. مون هميشه ان موضوع تي سوچيو آهي ته هنن کي شهادت ۾ ڇا ٿو نظر اچي .منهنجي آپيرا ‘ڀڳت سنگهه جي ڦاسي’ انهيِءَ موضوع تي لکيل آهي. ان ۾ آيل ڪردارن سک ديو جي من ۾ گمان ۽ راج ڱروءَ جي دل ۾ يقين ڏيکاري ،مون ان مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي پر اڃا تائين ان مسئلي کي پوريءَ طرح مٺ ۾ آڻي نه سگهيو آهيان . منهنجو هڪ اردو شعر هو جو منهنجي ڪتاب “نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پتي” ۾ ڇپيو آهي:

يه نين سجل يه پتلي پتلي هونٽ پيا ڪي امرت سي،

هر گيان سي بهتر هوتي هين، هر ڌيان په جب ڇا جاتي هين.

اها ڪهڙي سوچ آهي، ڪهڙي ڪيفيت آهي جا سجل نيڻن ۽ سنهڙن سنهڙن چپن تان روح پلي وڃي ٿي ۽ ڪوڙا، ڦٽڪا، قيد، ڦاسيون پنهنجي لاءِ چونڊي وٺي ٿي؟ بدر ابـڙي ان جو جواب پنهنجي حساب سان ڏنوآهي. نذير عباسيءَ جي زال حميده جڏهن  اردوءَ جي انقلابي شاعر  ۽ منهنجي دوست  ۽ سکر ۾ پاڙيسري مرحوم  حسن حميديءَ کي نذير عباسيءَ جي شهادت کانپوءِ پنهنجي ڪيفيت ٻڌائي هئي، تڏهن حسن حميدي ايترو متاثر ٿيو هو جو هن ان تي هڪ طويل مثنوي لکي هئي، جيڪا ڇپجي چڪي آهي. حسن حميديءَ به هڪ ڪميونسٽ وانگر نذير عباسيءَ جي شهادت کي ڏٺو آهي. نظم نهايت سهڻو آهي پر منهنجو مٿيون سوال اتي ئي آهي ۽ ان جو تسلي بخش جواب ان نظم ۾ به نه آهي. اڳي ته چوندا هئا،

بنا ڪرند خوش رسمي به خاڪ و خون غلطيدن،

خدا رحمت ڪند آن عاشقان پاڪ طينت را.

(خاڪ ۽ خون ۾ ليٿڙيون پائڻ جي چڱيءَ رسم جو بنياد رکيائون. خدا، اهڙيءَ پاڪ فطرت وارن عاشقن تي شل رحمت ڪري)

پر جن جو اهڙيءَ رحمت ۾ اعتبار نه هجي ته انهن جي  پاڪ طينت، عجيب پاڪ طينت آهي ، جنهن کي صلي جي پرواهه  نه آهي ۽ جا پنهنجو جواز پاڻ آهي. مان انهيءَ کي سمجهڻ چاهيان ٿو، چڱي طرح سمجهڻ چاهيان ٿو. ڇو ته اها موت ۽ حياتيءُ جا اسرار مون لاءِ بنهه سلجهائي ڇڏيندي. ايئن ته نه آهي ته اها ڪيفيت فقط شهادت وقت محسوس ڪري سگهجي ٿي ۽ ائين جيئري گرفت ۾ نه ايندي؟ شايد ان ڪري ئي مان شاهه عنايت تي آپيرا نه لکي سگهيو آهيان ۽ پنهنجي دور جي نهايت عظيم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي تي به آپيرا نه لکي سگهيو آهيان.

فخر زمان جي پنجابي ناول “بنديوان” ۾ جو ڪجهه آهي، مون لاءِ ڪافي نه آهي .ڇا رڳو انسان ذات ۾ اعتبار ڪافي آهي؟ رڳو حُسن حق ۽ نيڪيءَ جي فتح ۾ اعتبار ڪافي آهي؟  پر جي اهڙو اعتبار ڪافي آهي ته ڇو ڪافي آهي؟ مون کي ياد اچي رهي آهي قادر بخش نظاماڻيءَ سان ملاقات .

هو ون  يونٽ واري دؤر ۾ روسي سفارتخاني ۾ ڪنهن عهدي تي  هو ۽ ڪراچيءَ ۾ هانگ ڪانگ هوٽل ۾ منهنجي دعوت ڪئي هئائين. هن کي رڪ جون  اکيون هيون جي ڄڻ مون تي کپي ويون هيون. ڪافي دير کانپوءِ هن ڇپر ڇنڀيا ۽ مونکان پڇيو ته،” ڇا مونکي اهو معلوم هيو ته آمريت جي ايتري مخالفت جا نتيجا ڇا هئا ۽ جي مون اهي ڄاتا ٿي ته مون پنهنجي تقدير ڄاڻي واڻي ڇو قبول ڪئي هئي ؟” مون هن کي ڪيئي سبب ڏنا پر هو مطمئن نه ٿيو. مونکي رڳو ايتو چيائين، “ڪاش! منهنجي جذبات ۾ به تو جيتري تازگي هجي!” بدر ابڙي جي ڊائري پڙهي منهنجي ذهن ۾ به  ساڳيا لفظ هرڻ لڳا.”ڪاش! منهنجي جذبات ۾ به هن جيتري تازگي هجي.”

مون به جوانيءَ ۾ دوستيون ڪيون آهن .جوانيءَ جا دوست ڏاڍا پيارا ٿيندا آهن ۽ بدر چواڻي. “واقعي رت جي رشتن وانگر ڪي ٻيا به رشتا آهن جن جو پنهنجو تقدس آهي .” خاص ڪري جيل جا ساٿي ته ڏاڍا پيارا ٿيندا آهن. 1970ع ۾ منهنجو جيل جو ساٿي فقط هڪ ئي هو، مرحوم رشيد ڀٽي جو مونکي ايترو پيارو هو جو ماضي قريب ۾ مان هن جي موت تي اوڇنگارون ڏئي رنو هئس .1970ع واري جنگ واري وقت اسين سکر جيل ۾ هئاسين ۽ جنهن وقت هندستان جا جهاز جيل مٿان لامارا ڏيندا هئا ۽ سائرن وڄندو هئو ته  اسان جيل جي کوٽيل کاهيءَ ۾ ٽپو ڏئي، پاڻ لڪائيندا هئاسين . ان وقت رشيد ڀٽي کاهيءَ مان اٿي جهاز کي بجو ڏئي چوندو هئو، “ٿو ٿئي پنهنجا به نٿو سڃاڻين!” مون جڏهن رسول بخش پليجي کي رشيد ڀٽيءَ جي جنازي جي نماز لاءِ آيل ڏٺوهئو ته مون هن جي ڇاتيءَ تي مٿو رکي ايئن سڏڪا ڀريا هئا جيئن ننڊا ٻار روئندا آهن.

بدر جي جيل جا ساٿي ته گهڻائي هئا. امر لعل، جمال نقوي، ڄام ساقي ،ڪمال وارثي، شبير شر، سهيل سانگي وغيره جي اڃا بقيد حيات آهن ۽ پنهنجي فقطه نگاهه سان پنهنجي حساب  سان نباهيندا اچن. هنن سان خيال جي نااتفاقي ته ٿي سگهي ٿي پر هنن جي ڪمٽمنٽ ۽ اورچائيءَ ۾ مونکي فرق محسوس نه ٿيو آهي.

 مون ڏٺو آهي ته جيئن عمر وڌي ٿي تيئن  اڪثر انسانن جي روح تي ڪٽ ڇڙهي وڃي ٿي. انهن ۾ جوانيءَ واري تازگي نه ٿي رهي. هو گهڻو ڪري حرص و هوس جو شڪار ٿي وڃن  ٿا ۽ جي انهن  ۾ ڪنهن آدرش سان ڪائي لگن رهي به آئي ته زماني سازيءَ تلخ تجربن ۽ مايوسين سبب انهن مان اڳي واري جذبات جي گرمي نڪري وڃي ٿي ۽ سنگدليءَ جي حد تائين دوستيءَ سان بي تعلقي ٿي وڃي ٿي. خصوصا اڳيان دوست جڏهن دشمن ٿين ٿا ته ڏاڍا برا دشمن ٿين ٿا ۽ هر برائيءَ تي لهي اچن ٿا. ماڻهپو برقرار رکڻ ،جذبات ۾ جوانيءَ واري تازگي  ۽ گرمي  ساڳيءَ طرح رکڻ، سچ، سونهن ۽ پيار سان لڳاءُ ۾ رتي ڀر فرق نه اچڻ  ڏيڻ، ۽ عمر جي زنگ کان پاسي رهڻ، هر ماڻهوءَ جو مقدر نه آهي. اديب ۽ شاعر به انهيءَ معاملي ۾ نهايت ڪمزور نظر آيا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن  مونکي هنن جو گهٽياپڻو ڏسي تعجب ٿيندو آهي ۽ سوچيندو آهيان ته ڇا هي اهو ساڳيو ماڻهو آهي جنهن کي اڳ شير سمجهندا هئاسين. هن ۾ اها لومڙ واري چال ڪٿان آئي ۽ آسڪر وائلڊ جي Dorian Gray  وانگر هن جو روح اهڙو قبيهه ڇو ٿي ويو آهي ۽ ڇا هي بلد پريشر جو مريض اهو ساڳيو انسان آهي، جو اڳي ايتري تحمل، محبت ۽ رفاقت وارو هوندو هو. بدر جي جذبات ۾ تازگي ۽ گرمي ڏسي مونکي هن جي ڦوهه جوانيءَ تي رشڪ ٿو اچي. شال اها روح جي تازگي هن سان نيبهه رهي. اها وڃي ٿي ته باقي ماڻهو ماس جو لوٿڙو وڃي ٿو رهي .شال انسان ۾ آزادي ۽ محبت جو تصور ائين رهجي اچي جيئن دودي کي ماڙيءَ تي رويا نظر ايندي هئي.

ڪم عمريءَ ۾ ئي بدر هڪ فلاسفر شاعر، مصور ۽ انقلابيءَ جو ميلاپ آهي. هونئين ته هو هڪ سنگ تراش به آهي .قيد تنهائي تشدد، نذير عباسيءَ جي الوداعي هٿ لوڏ، سياسي ليڊر کي ڪارڪنن جي پڪڙپڇاڙ ۽ ان جو آخر نتيجو (رفيق صفيءَ جي اکرن ۾ “جيڪڏهن امتحان اکرن ۾ هجي ها ته ٻڙي مارڪ کڻي ها”) جبار کي ڪوڙن جي سزا، صمد چرئي جو ڪردار ۽ ٻيون ڪيئي اهڙيون ڳالهيون ۽ مثال ، آمريت جي دور ۾ پاڪستاني جيلن ۾ زندگيءَ جي نهايت چڱي حقيقت نگاري آهي .ڪيڏو نه هن سياسي قيدين ۾ آزاديءَ لاءِ انتظار ڏيکاريو آهي .پيپلز پارٽيءَ ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن جون صعويتون ڏيکاريون آهن ۽ انهن ۾ اها اميد ڏيکاري آهي ته ملڪ ۾ ڪائي تحريڪ اٿڻ واري آهي ! ڪيئن نه جيل ۾ سڀ سياسي قيدي عدالتن ۾ اميد  رکيو ويٺا هئا! مان اهو سارو وقت هائيڪورٽ جو مصروف ترين وڪيل هوسءَ. هڪ ڀيري ڪنهن ملٽري ڪورٽ جي خلاف هائيڪورٽ جي جج ڪجهه جملا سختيءَ سان چيا ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي چيو ته هو ڊپٽي مارشل لا ايڊمسٽريٽر کي ٻڌائي ته اهي غلط ڳالهيون حڪومت کي برو نالو ڏينديون ۽ ٻي پيشيءَ  تائين جو ڪجهه ملٽري ڪورٽ ۾ ٿي رهيو آهي اهو ٿيڻ نه گهرجي. ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ ملٽري ڪورٽن جي خلاف ڳالهائڻ لاءِ هائيڪورٽ جي ججن تائين به توهين عدالت جا مرتڪب ٿي پئي سگهيا.

جنرل ضياءالحق جيتري آئين جي بيحرمتي ڪئي ان کي بار بار پنهنجي سهوليت مطابق ترميم ڪيو يا انجي تنسيخ ڪئي، اهڙي بيحيائيءَ سان ٽي. ويءَ تي قانون ۽ آئين سان بيهوديون مذاق ڪيون، جو انسان جو ذهن ايتري شتر  بي مهاري ۽ طوطا چشميءَ  جو تصور به نٿو ڪري سگهي. روز C.M.L.A ۽ صوبائي M.L.A  جا آرڊر ۽ آرڊيننس ڌڙا ڌڙ  اچي رهيا هئا، جو وڪالت  جو پيشو نهايت مشڪل ٿي پيو هو ۽ ڄڻ دل انگريز جي دؤر کي ساريندي هئي، جڏهن قانون تي ڪائي پائندگي  هئي ۽ هيئن انڌ جي گهوڙي تي سوار نه  هو.  ابلاغ جي ذريعن مان  اعتبار نڪري ويو هو ۽ جيل اندر يا جيل کان ٻاهر ماڻهو B.B.C  ٻڌندا هئا ۽ رڳو ان جي خبرن  تي اعتبار ڪندا هئا. آمريڪا جا رسالا  ٽائيم ۽ نيوز ويڪ وغيره  ان وقت جنرل ضياءِ  جا حمايتي هئا ،ڇو ته انوقت ڪميونزم جي ڀَوَ کان آمريڪا ٽين دنيا جي باري ۾ بدترين فوجي آمريتون اتساهيندي هئي ۽ ويٽنام ۾ شڪست کانپوءِ  ته ڄڻ ڇتي ٿي پئي هئي. پاڪستان جي باري ۾ ڪابه صحيح خبر نه ڏيندا هئا. روس جي رسالن تي پابندي هوندي هئي پر اهي به هن راڪشس  کي گهڻو ڪاوڙائڻ نه چاهيندا هئا. رفيق صفي ۽ بدر ابڙي جهڙا انسان،” هم جو تاريڪ راهون مين ماري گئي” جو مثال هئا ۽ جڏهن ڪاٺيون کپي ويون هيون ته باهه ۾ پنهنجا هڏ ڀڃي وجهندا هئا ته جيئن دونهي دکيل رهي.

 هن ڊائريءَ جي خوبي ئي ان جي داخليت آهي. لينن جي انٽيليجنس جي سربراهه زرزينسڪيءَ جي جيل جي ڊائري پڙهي ماڻهو ڪوئي تاريخي مواد حاصل ڪري ته ڪري، باقي ادبي دستاويز جي حيثيت ۾ نهايت ئي بور ڊائري آهي.آرٿر ڪوئسلر  لِزبن ۾ فارنڪو جي قيد ۾ رهي جا ڊائري لکي سا ڪجهه وڌيڪ  دلچسپ آهي پر ان ۾ به زياده تر خارجيت آهي. بدر ابڙي  جي ڊائري انڪري نهايت دلچسپ آهي جو ان ۾ گهڻو ڪري هڪ حساس  اديب جا پنهنجا پهرين جيل جا تاثرات آهن. جن جو نهايت مؤثر بيان ٿيل آهي .مون لينن گراڊ ۾ اهو جيل خانو به ڏنو، جتي زار جي زماني ۾ لينن جي ڀاءُ کي ۽ گورڪي ۽ ٻين انقلابين کي رکيو ويو هو پر ان معاملي ۾ ضياءَ جي ڀيٽ ۾زار بدرجا بهترهئو ۽ افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪنهن تشدد پسند زار تي ناڪام ئي سهي  حملو ته ڪيو .پر ضياءَ تي اهڙو حملو به نه ڪيو ويو ۽ جتي ڪائي سازش ٿي ته اها دٻائي وئي ۽ ان جا صحيح تفصيل عوام جي ڌيان تي نه آندا ويا. سارو معاملو ڪنهن ازلي دهشتگرد حل ڪيو نه ته اڃا تائين اسان ظلم  جي چڪي ۾ پيسبا اچون ها .معلوم نه آهي هيءَ  حڪومت ضياء جي دؤر تي هڪ وهائيٽ پيپر ڇو نٿي شايع ڪري ؟ڪيستائين ضياء جا حواري اقتدار جون ڪرسيون والاري ويهندا؟ ايڪيهين صدي اچي رهي آهي انڌا ڪائنات کي تسخير ڪندا ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتا آهن. هاڻي  اها فوجي آمرن جي ڌئونس ۽ ڌانڌلي ختم ڪئي وڃي. مان ڀانيان  ٿو ته بڪونن ڪنهن حد تائين صحيح هئو ۽ اقتدار جي هوس، دولت جي هوس کان به  بري آهي ۽ انسان جي جبلت ۾ وڌيڪ شامل آهي.

مان هاڻي سمجهي سگهيو آهيان ته جمال ابڙو رٽائرمينٽ کانپوءِ فرصت ۾ ڇو نٿو لکي. دراصل جي منهنجو ڪوئي پٽ  بدر جهڙو لکي سگهي ها ته مان به لکڻ ڇڏي ڏيان ها ۽ هن جي تخليق تي قناعت ڪريان ها.

 

شيخ اياز



شرافت جي پل صراط


(شرافت جي پل صراط، عطيه داؤد جي شعري ڪتاب تي لکيل مهاڳ)

 

عورتازاد جو بنياد ته بي بي حوا رکيو هو. جڏهن حضرت آدم جي اجازت کان سواءِ ڪڻڪ جو داڻو کاڌو هئائين، معلوم نه آهي ته اها اندروني سوجهي عورت ۾ ايتري عرصي لاءِ ڳجهي ڇو رهي . جيستائين مغرب ۾ عورت کي پنهنجي برابريءَ جو احساس ٿيو، جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪندس.

في الحال سنڌ ۾ عورتازاد جي شاعريءَ جي بهترين مصنفه عطيه دائود جي بار ۾ لکان ٿو:

عطيه دائون هونءَ به ڪراچيءَ ۾ سترهن سالن کان رهي ٿي پر مون سان اٽڪل 5 سال اڳ ملي هئي  جڏهن هوءَ اسٽينو گرافر هئي ۽ ڪنهن پرائيويٽ ڪمپوٽر ڪمپنيءَ ۾ ڇپائي جو ڪم سکندي هئي .هوءَ گفتگو ۾ اردو جي اديبه ڪشور ناهيد وانگر تيز نه آهي ۽ نه هن  جي زبان مسلسل هلندي رهندي آهي . هوءَ گفتگو ۾ منجهدي آهي ۽ بي ربط هوندي آهي ۽ ان ڪري مون هن ڏانهن پهريون توجه نه ڏنو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ  هن مونکي مرحوم اردو شاعره سارا شگفته جو ڪتاب ‘آنکهين تحفي مين’  ڏنو هو ۽ ٻڌايو هيائين ته سارا  ۾ رامبوءَ  وانگر ديوانگي هئي، جنهن جي اوڙاهه ۾ هن جي شاعره هٿوراڙيون هڻي رهي هئي ۽ جنهن  هن ڪتاب  آنکهين  جو مهاڳ به لکيو هو .هن کي هڪ خط ۾ امرتا لکيو هو: “جيءُ چوي ٿو ته تون ويجهي هجين ته تنهنجن ڏکن جو زهر پنهنجين ترين سان ڌوئي ڇڏيان” ۽ هن جي موت کان پوءِ لکيو هيائين : “هيءَ زمين اهڙي نه هئي جتي هوءَ پنهنجو گهر تعمير ڪري سگهي ها. ان ڪري هن ان ۾ قبر تعمير ڪئي هئي.” مهاڳ ۾ سارا جي ايتري ساراهه پڙهي مون هن جا نظم ڏاڍي غور سان پڙهيا هيا ۽ ان ۾ ڪجهه حيرت انگيز سٽون هيون .اهي سڀ ڪجهه هيٺ ڏيان  ٿو، جنهن مان  اندازو لڳائي سگهبو ته سارا شگفته جي گهري دوستيءَ جو عطيه تي ڪيترو اثر ٿيو هوندو:

آڳ جي تلاش ۾ منهنجا سارا چراغ ٻُجهي ويا ،

 ڪندن تي ڪائي مند  به ايندي آهي،

 مان پنهنجي قبر کي ساهه کڻندي ٻڌي رهي آهيان .

 ٻڏندڙ سورج مان سگريٽ جلائڻ جي عادت

مون کي پوري نظام شمسيءَ جي ماءُ بڻايو آهي

ان وچ ۾ مون عطيه دائود جا نظم پڙهيا ها. جي هن مون کي اتاري پڙهڻ لاءِ ڏنا ها ته جيئن مان کيس پنهجي راءِ کان آگاهه ڪري سگهان .عطيه دائود جي تعليم گهڻي نه هئي پر پوءِ به هن ۾ رامبوءَ واري ڇتي ڏات هئي .هن ۾ سارا جي ديوانگي تر ڀر نه هئي ۽ هن جا سڀ نظم ايترو ئي مربوط هيا جيترا ڪنهن پخته مشق نثري شاعر جا ٿي سگهن ٿا. هوءُ ناول نگار ورجينيا وولف جي قول تي به پوري نه لڳي؛ جنهن چيو هو:

“توڙي عورتن کي همٿايو ويو آهي ۽ انهن کي تعليم جي پيرويءَ جو پڪو پهه  ڪرايو ويو آهي ۽ جنهن وقت هنن اها حاصل  ڪئي آهي ۽ ان سان گڏ  اقتصادي آزادي ۽ پنهنجو آرامگاهه به حاصل ڪيو اٿائون.” جنهن کي ورجينيا وولف آرٽ ۽ ذهانت جي شگفتگي لاءِ ضروري سمجهيو آهي .ان وقت به بنهه حقيقي ديوارون اقتصادي سماجي ۽ نفسياتي عورتن جي تخليقي عمل ۽ عورت آرٽسٽ  جي مڃتا جي آڏو اچن ٿيون .جوهريءَ جي دڪان ۾ جيئن اکيون جهانورجي ٿيون وڃن ائين عطيه جو هر نظم آبدار موتي ٿو لڳي .عطيه جي ساڃهه برصغير جي ڪنهن به شاعره کان ڀٺتي  نه آهي، اها ذهني اذيت اها گهرائي اها نفسياتي برتري، اهو پنهنجي ذات  جو شعور ، جو “بدن دريده” لفظ ۾ به فهميده رياض  سمائي نه سگهي هئي ،هن جي نثر ي شاعري مان جرڪي رهيو آهي. سئفو ۾ ايتري اظهار جي آزادي ملي ٿي ۽ پوءَ ڪيئي صديون گم ٿي وڃي ٿي، هن جي شاعري انقلابي شاعري نه آهي. انقلاب جي پٺيان ته مارڪس، ٽراٽسڪيءَ ،بڪونن ،مائوءَ ،هوچي منه وغيره جا نظريا ها. نظريا سڀ نظر جو فريب ٿيندا آهن ۽ انت رڃ ۾ رلائي ويندا آهن .اها بغاوت جي شاعري آهي، انساني ذهن جي ناآسودگيءَ مان اڀري ٿي تنگ دلي،ڪوتاهه  انديشيءَ سان وچڙي ٿي ۽ مصلحت ڪوشيءَ جا سارا زنجير ٽوڙي ٿي ڇڏي ۽ ان سان اکيون اکين ۾ ملائي چئي ٿي : مان تو کان ذهين آهيان ؛ مان ادب جي الٽراسائونڊ مشين آهيان، تنهنجو اندر مون کان ڳهجو نه آهي.

گهرو زندگيءَ جو اهو تصور نه رڳو وڪٽوريا جي دؤر جي انگريز  عورت کي ڇرڪائي ڇڏي ها پر اڃ تائين  پورو مغرب ان کي هضم ڪري نه سگهيو آهي ،جي ڪازان زاڪس، يا شوليم ائينس يا ليون پورس وانگر هـيٺان جملاڪنهن ناول ۾ گفتگو دوران اچن ها يا ڪهاڻي ،رپورتاز،سفر نامي،ڊائري وغيره ۾ اچن ها ته انهن کي وڌيڪ نکاري ڇڏين ها. جيڪي ڀؤنر لاءِ ڪُوڻين سان ڇانيل ڍنڍ تي ڪُوڻين جي چونڊ ڏکي ٿي پوي ٿي ۽ جتي هو چاهي ،ڦيرا ڏئي سگھي ٿو،ايئن عطيه جي شاعريءَ ۾ چونڊ مشڪل آهي.

 

مثال طور:

مان جيون سڄو

پرائي ٺاهيل شرافت جي

 پل صراط  تي هلي آهيان

 پيءُ جي پڳ ۽ ڀاءُ جي ٽوپيءَ ڪاڻ

 مون هر ساهه انهن جي مرضيءَ  سان کنيو آهي

 جڏهن واڳ منهنجي مڙس جي هٿ ڏني وئي،

تڏهن کان چاٻيءَ جي رانديڪي وانگر

سندس اشاري تي کلي رني آهيان .

**

“مان پريت جي ريت نڀائڻ ڄاڻان ٿي

 تنهنجي منهنجي وچ ۾ جي درياهه هجي ها

 ته پار ڪري اچان ها

 پهاڙن جا بند هجن ها

  ته لتاڙي وڃان ها

پر هي جيڪو تو مون لاءِ

تنگ دليءَ جو قلعو اڏيو آ،

 ۽ مصليحت جي چت وجهي

 ريتن رسمن جو رنگ ڏنوآ

 فريب جو فرش وڇائي

لفظن جي جادوگريءَ سان

 ان کي سجايو آ.

 تنهنجي  ان مڪان ۾

 مان ماپي نه سگهنديس

 ۽ مان کيس رڳو ايترو چوندس ،نوري !

 ساري ڪينجهر ڪنڌي تنهنجي آهي ،

تون ڪنهنجي مڪان ۾ ماپي ٿي سگهين !

 هيءُ آهي عطيه ،جنهن جو انگريزي ادب جو گهڻو مطالعو  به ڪونه آهي ۽ جنهن مان ادب جي  جوالا مان لاوا وانگر نڪري رهيو آهي.

عطيه جي شاعريءَ ۾ آرٽ کي اوليت آهي، هن ڪنهن سياسي ٽپاليءُ وارو ڪم نه ڪيو آهي ،هونءَ به ادب ٽپال آهي؛ ڪيئي سياستدان دنيا م وقتي پيغام پهچائي، ائين گم ٿي ويا  جيئن واريءَ تي پيرا گم ٿي ويندا آهن .علمي سياست کي ڇڏي فڪري سياست تي سوچجي ته ڪيئي آيا ويا- افلاطون، ارسطو ،ٿامس هابس Thomas Hopbes  لاڪ، آمريڪي، ۽ فرانسيسي انقلاب وارا، مانٽيسڪو، جيفرسن، برڪ تامپين، روسو، هيگل، ڪارلائل، باسنيڪٽ، ڪائيسي، لينن، ٽراٽسڪي، اسٽالن، لاسڪي اسٽراچي ،ڪيترا نالا وٺي ڪيترا وٺان!

جيستائين ارتقا جو سوال آهي ، اهي ڪنهن سياسي ائنٿالاجيءَ ۾ ته ايندا ۽ انهن جي ڪنهن ڪنهن سٽ کي پائندگيءَ به آهي پر اها امر ڇاپ جا هومر کان ڀٽائيءَ تائين انسان جي روح تي هڻي ويا، اها شاعري جا هن ۾ مور جا کنڀ ٿي وڃي ٿي ۽ زندگي تَپَتِ ۾ گهنگهور گهٽائون ٿي وسي ٿي ،اها ڳالهه فڪري سياست ۾ڪٿي ؟ها. ان فلسفي ۾ ضرور آهي جو ڪنهن وقت سياسي نقطئه نظر جي باوجود پائنده آهي ۽ جنهن جو شاعريءَ وانگر انهن قدرن سان واسطو آهي جي سياست وانگر زوال پذير نه آهن .

عطيه جي شاعريءَ  معاشري جي انهيءَ هر قدر سان بغاوت آهي جا عورت ۾ ڪوئي احساس ڪمتري پيدا ڪري ٿي، ڇا نه هن نظم لکيو آهي، پنهنجي ڌيءَ  جي نانءِ! ڄڻ ڪوئي زلزلو، سماج جي در و ديوار کي ڊانواڊول ڪري رهيو آهي. اها سٽ آهي يا جهانسيءَ  جي راڻيءَ جي تلوار آهي جا اخلاقي قدر تهس نهس ڪري رهي آهي:

جي توکي ڪاري ڪري مارين.

مري وڃجانءِ پر نينهن ضرور لائجانءِ.

اها هڪ ست برِصغير جي پوريءَ عورتازاد جي شاعريءَ تي ڀاري آهي .هيءَ شاعري مارڪسي شاعريءَ  جو پڙلاءِ نه آهي، جنهن کي اردوءَ ۾ ترقي پسند چيو ويندو آهي ، جو نالو شايد اختر حسين رائپوريءَ ان وقت ايجاد ڪيو هو جڏهن “اردو ۽ ادب ۽ انقلاب” لکيو هئائين .مان نه ٿو ڀانيان ته عطيه انهيءَ سٽ تي ائين پڇتائيندي جيئن ڪميونسٽن اينگلز جي ڪتاب  Origin of family  تي پڇتايو  هو ۽ پوءِ  سماج ۾ خاندان کي مرڪزي حيثيت  ڏني هئائون .

 عطيه تشبيهه ۽ استعاري ۾ طلسم سامري ٺاهي ٿي، جو ڏسي ماڻهو دنگ رهجيو وڃي .هن کي پڙهي ائنا اخمتو وا پئي ياد اچي  ڇا چيو اٿائين:

امن جي تال تي مون جتي صدين کان رقص ڪيو هو،

اتي موت جو سوداگر پر ڦهلائي رهيو آهي،

گربيءَ جي سٿڻ ۽ ٽُڪ تي چولو آهي،

 مون صندوق ۾ لڪائي رکيا آهن.

 پنهنجي سڃاڻپ کي ڳيت ڏئي ڳهي ڇڏيو آهي

رستي تي هلندي آسمان تي کڙيل چوڏهين جو چنڊ ڏسي،

مان توکي ڀٽائيءَ جو بيت ٻڌائي نه ٿي سگهان،

ڄڻ ڪراچيءَ جي ڪنهن رستي تي هوءَ منهن پاسيرو ڪري ڳوڙها اُگهي رهي آهي ڄڻ عطيه اورنگيءَ ،لائينس ايريا ،لياقت آباد وغيره جي ڪنهن رستي تي گهمي رهي آهي ۽ رستا هن جا پير ڏنڀي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته اسان اڳينءَ صديءَ  کان وٺي ڀيانڪ سپنا ڏسي رهيا آهيون، تون ڪير ٿيندي آهين  انهي سپنن ۾ زخني وجهڻ واري. شهر هن ۾ اڪيلائي جو احساس وڌائي ٿو ۽ هوءَ چوي ٿي، اڪيلائي جو بار لاش وانگر ڳرو آهي ۽ ساڳيو احساس جو اندرون سنڌ جي ياد سان ملي وڃي ٿو هن ۾ هيٺينءَ ريت اّظهار پائي ٿو:

آءٌ اڪيلائيءَ جي مسافر

اڻانگن پيچرن تي پيادي

تتل واريءَ مٿان هلڻ جي عادي

هت ڇانو جو وجود ٿيندو نه آهي .

ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران مون به اڪيلا نهايت شدت سان محسوس ڪئي آهي. اڳي 1943 ع کان1946 ع تائين مان جڏهن ڪراچيءَ ۾ هوس ،تڏهن ورهاڱي وقت شهر جي آدمشماري ساڍي چئن لکن کان ڪجهه مٿي هئي. ۽ هاڻي ستر اسي لکن تي وڃي  لڳي آهي ان وقت به اهو فلمي گيت “سانجهه ڪي ويلا ، ڀنڇي اڪيلا”، ٻڌي جيءَ  ۾ جهر جهري اچي ويندي هئي هاڻي ته وڏا وڏا ڪارخانا اڀ نراڙ ماڙا، فائيو اسٽار هوٽل، بئنڪون ڊاڪ يارڊ ۽ هوائي اڏا اڪيلائيءَ جو احساس وڌائي رهيا آهن .لنڊن نيويارڪ،پئرس، ماسڪو يا ٽوڪيو ۾ رستا ايترا ويڪرا آهن جو ماڻهو سوڙهو ٿي وڃي ٿو، پتڪڙو ٿي وڃي ٿو .ڪراچي  به بمبئي يا مشرق جي هر وڏي شهر وانگر اڪيلي، اٻاڻڪي ٻاهران اوجل، اندر ۾ گدلي آهي. مون کي ياد اچي رهيو آهي ته پوني ۾ ڪهاڻيڪار تارا ميرچنداڻي  جي دعوت تي مان ، زرينه ،ريٽا  شاهاڻي، گنو ساهتا، هري موٽواڻي ۽ اندرا پونا والا ڳالهيون ڪري رهيا هياسين ته اوچتو تارا مون کي فرمائش ڪئي ته مان کين ڪجهه گيت ٻڌايان .هڪ ته مون ايتري تيزيءَ سان لکيو آهي جو مون کي پنهنجا شعر ياد نه ٿا بيهن ۽ ٻيو ته مان امير مينائيءَ  واري ڪمزوريءَ “سو بوتلون کا نشه هي اس واهه  واهه مين” کان ٽپي چڪو آهيان. بهر صورت اهڙي ڪيفيت ۾ هياسين جو ڪجهه گيت مون کي ائين ياد اچي  ويا جيئن نما شام جو ڪبوتر ڪابڪ تي موٽندا آهن. جڏهن مون پنهنجو  گيت “هيکلڙو من هيکلڙو” پڙهيو، جو اڳي ڇپجي چڪو آهي ته گُني ڇرڪ ڀري چيو، “اياز!تنهنجي شاعريءَ ۾ ته ڀرپور ماڊرنزم (جديديت ) آهي.” ان کان اڳ بمبئيءَ ۾ جڏهن نند جوير مون کي هن جي گهر وٺي هليو هو ته هن مون کي هڪ ڪافي وڏو  ڪتاب ماڊرنززم جي نالي سان تحفي طور ڏنو هو جو گني آمريڪا مان آندو هو جتي هن جو پٽ رهندو آهي.

گُني سامتاڻيءَ کي ساهتيه اڪاڊمي ايوارڊ ڪافي وقت اڳ مليو هو. تازو هن کي مهاراشٽر سرڪار هڪ لک جو ٻيو به ايوارڊ ڏنو هو ۽ هن سان گڏ سندري اتمچنداني ،شيام جئسنگهاڻي، ارجن شاد، ڪيرت ٻاٻاڻي وغيره کي به لک لک رپيا ايوارڊ ڏنو يو هو. گُنو ؛ مهاراشٽر سرڪار ۾هوم سيڪريٽري آهي ۽ منهنجا هن سان تعلقات 1923ع کان وٺي هيا. هو مون کي نهايت ذهين ۽ مغربي ادب جو چڱو ڄاڻو لڳو . جي مون پنهنجو سفرنامو لکيو ته هن تي تفصيل سان لکندس .

هر وڏي شهر ۾ اهو روح جو صحرا آهي،جنهن لاءِ عطيه چوي ٿي:

آنءُ ڄاڻان ٿي صحرا کي صدين کان

هت ڇانو جو وجود نه ٿيندو آهي.

 ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها جي اها شاعري نثر بدران آزاد نظم (Verse Libre) ۾ هجي ها ۽ مان هن کي يورپ ۽ آمريڪا جي شاعرائن سان ڀيٽي سگهان ها .

چئي نه ٿو سگهجي ته نثري شاعريءَ کي مستقبل ڪيستائين قبول ڪندو يا اها ناول، ڪهاڻيءَ، رپورٽيج يا ٻيءَ ڪنهن صنف ۾ سمائجي ويندي پر ههڙيون تشبيهون جنهن  به صنف ۾ هجن اتي امر آهن:

تون ۽ مان مخالف طرفن ۾ وڃون ۽

 منهنجو هٿ تنهنجي هٿ ۾ رهي

 ايڏي ڊگهي ٻانهن ته منهنجي ڪونهي

ائين ٿو لڳي ڄڻ شيما ڪرماني منهنجي نظم “هي گيت اُڃايل مورن جا” تي ڀارت نيٽيم ڪري رهي آهي.

Verse Libre  فرينچ لفظ آهي آزاد نظم لاءِ ،جو پهريون فرانس جي ايجاد هيو.

هي شهر جو مرحوم علي محمد راشديءَ چواڻي هڪ سلاد جي پيالي (Salad bowl  ) وانگر آهي ان ۾ انسان جي حيثيت سلاد جي پتي کان گهٽ آهي . (ٿر جو وسيع آسمان ڏسي ۽ تازو عطيه دائود ۽ هن جو گهوٽ ٿر مان ٿي آيا آهن ۽ وسڪاري ۾ ٿري ناچ ڏسي آيا آهن.)

ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته مان هن ڪائنات کان به وڏو آهيان، هيءَ ڪائنات مون ۾ آهي مان هڪ ڪائنات ۾ نه آهيان.

ڪميونسٽ اجتماعيت جو نعرو ڪوڙ ثابت  ٿيو ۽ اهو به ثابت ٿيو ته انسان کي بگهڙ جا ننهن هوندا ته هو تنهجو  اکيون ڪڍي وجهندو، هو فطري طرح ظالم ۽ جاهل آهي ۽ اشرف المخلوق  جو درجو حاصل ڪرڻ لاءِ  ان کي جدوجهد ڪرڻي آهي، انهيءَ موضوع  تي ڪيئي سال اڳ آرٿر ڪوئسلر پنهنجو ڪتاب “يوگي ۽  ٖڪميسار” لکيو هو جنهن جو مقصد اهو هو ته ڪميسار ۾  جستائين يوگيءَ جا اوصاف  نه آهن، هن جي ڪاميابي ناممڪن آهي. دنيا کي اقتصاديات کان وڌيڪ اخلافيات جي ضرورت آهي. انهيءَ اخلافيات جي آزاديءَ  ۾ پرورش ٿئي ٿي ۽ اها ڪوئي ڪنهن تي مسلط ڪري نٿو سگهي پر اها انساني ضمير مان ايئن ازخود اڀري ٿي جيئن لاڙ ۾ برسات کان پوءِ کنڀون اڀرنديون آهن .خود منهنجي زندگيءَ ۾ جي ڪميونسٽس آيا آهن انهن مان نٺر ۽ نرڄا ڪميونسٽ ڪڍي ڇڏجن ته باقي اهڙي فلسفي جي تلاش ۾ آهن جو نجات جي راهه ڏيکاري سگهن جا سرمائيدارانه اقتصاديات ۾ نه ٿي ملي .

پورپ جا اڪثر ڪميونسٽ هاڻ اهو تسليم ڪري رهيا آهن ته سُئيڊن ۾ فلاحي مملڪت جو تصور آدرشي مملڪت جو تصور آهي . اسڪئيڊينيويا جنهن جو سئيڊن؛ ناروي سوڌو حصو آهي . انسان جي حسي تعلقات جي باري ۾ انهن جا خيال  نهايت انقلاب انگيز آهن.

يورپ ۾ عورتاذات جي تحريڪ تي لکان، ان کان اڳ رڳو  اهو لکڻ چاهيان ٿو ته عطيه  جيڪا موليڏني لاڙڪ ڳوٺ نوشهري فيروز ضلعي ۾ ڄائي ۽ جوان ٿي ۽ سترهن سالن کان ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي. ڪراچي ۾ ساڳي هيکلائپ ۽ ويڳاڻائپ محسوس ڪري ٿي جا هر حساس اديب ٽين دنيا جي وڏي شهر ۾ محسوس ڪري ٿو. جتي پيهه  آهي، جتي ماڻهو هڪ ٻئي کي ڌڪا ڌوڻا ڏئي پنهنجي لاءِ رستو پيدا ڪن ٿا ۽ جتي “جهومر منجهه جهان. کينءِ پَسائي کوکلي”،  واري ڪيفيت آهي. ٽين دنيا ۾ عورت مظلوم ترين طبقو آهي ۽ هن تي ساڳيو جبر ۽ استحصال ٿي رهيو آهي .

ڪراچيءَ  جي شهري زندگيءَ  مان استعارا  هن جي شاعريءَ ۾ جهجها ملن ٿا ۽ جي هن ۾ اتان جي زندگيءَ سان نفرت ۽ بغاوت جو اظهار ڪن ٿا:

جڏهن هو ڪنهن ماهر ٽائپسٽ جيان

منهنجي جسم جي ٽائيپ رائيٽر تي

 پنهنجي آڱرين کي تيزيءَ سان حرڪت ۾ آڻيندو آهي

 ته مان هن کي اها ئي رزلٽ ڏيندي آهيان،

جيڪا کيس گهربل هوندي آهي   (مشيني ماڻهو)

 

“تون جهڙيءَ ائنگل کان ڏسندين

توکي ان مطابق نظر ايندس

 ڳِجهه جي نظر کان ڏسندين

 ته گوشت جو ڍير آهيان

مئٽرنٽي هوم جي ٻليءَ جي نظر سان ڏسندين،

 ته رت تلاءُ آهيان،

ٻار جيان رانديڪو ٽوڙي ڏسندين

 ته اندران ڪجهه به نه آهيان

 منهنجي جسم جي نهائين تان سرڪندي تون

لذت جي جنهن منزل تائين پهچين ٿو

 اتان ئي منهنجو راز شروع ٿئي ٿو.

 تون ٽٻي هڻڻ سان سمنڊ جي ٻي ڪناري کي ڇهي نه ٿو سگهين

جي سمجهي نه سگهين ته راز آهيان،

جذب ڪري سگهين ته قطروآهيان،

محسوس ڪري سگهين ته پيار آهيان .

هيءُ يوناني شاعره سئفو جي ڀيڻ، هن کان ڪيتريون صديون پوءِ پيدا ٿي آهي  ۽  سئفوءَ وانگر هن جا پنجويهه ٽيهه  نظم هن کي زندگي جاويد ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن. هن جو  انتخاب ڪهڙو ڪيان؟ هن جو انتخاب ٿي نه ٿو سگهي، هر نظم هيرو وانگر آهي ۽ ان کي جي ڪٽيان ٿو ته ڪيئي هيرا ٿي وڃن ٿا جنهن جي چمڪ دمڪ ساڳي آهي انهن ۾ نه انقلاب لاءِ سڏ آهي نه گلوٽين جا خواب آهن نه انهن ۾ عورتازاد جي پروپئگنڊا آهي نه هن پنهنجيءَ پوتيءَ کي پرچم بڻايو آهي ۽ نه سماج جي سڌاري لاءِ وهلور وئي آهي، هن ۾ انوکي پيڙا آهي، جا هن جي روح مان چشمي وانگر اُڀري اچي ٿي. ائين صحيح آهي ته اها پيڙا هن جي سماج جو اولڙو آهي جنهن ۾ عورت جي ارهائي ۽ بيمانائي هن تي ته روڪ ۽ سخت گير آهي، ڄڻ  ڪنهن بلبل کي پڃري ۾ بند رکيو ويو آهي ۽ ڪڏهن مرد هن کي هٿ تي ويهاري، ڀيتي کارائي  ٿو ۽ ڪڏهن هوا ۾ اڏامڻ  لاءِ ٿورو ڇڏي هن جي ڏور ڇڪي وٺي ٿو .

ننڍي هوندي جڏهن اسان بلبلون ڦاسائيندا هئاسين، تڏهن ڪنهن ڪنهن ڇڪ سبب، بلبل جي چيلهه ضربجي پوندي هئي ۽ اسان ان کي مُلهيو چوندا هئاسين . بهر صورت هوءَ “مُلهيو” ٿئي يا نه، عورت جي ڏور مرد جي هٿ ۾ آهي .سنڌيءَ ۾ اهڙي چوڻي به آهي ته “مر ماريندا ڀائيڙا ڳچيءَ ڏيئي لت” جي مائر روئيندڙ ڌيئرن کي ڌيرج ڏيڻ لاءِ ٻڌائينديون هيون .جڏهن وڏا ڀائر هنن کي ماريندا هئا.

عطيه کي هڪ سورئيلي مصوره واري اندرين اک آهي .هوءُ ڪي نقش فرانسيسي مصور آندري برتِيون وانگر چٽي ٿي .مثال طور “سچ جي تلاش” ۽ ڪي سئلويڊار ڊاليءَ وانگر جيئن “انتظار” يا “پل جي موسم”۾ ڇا نه سٽون آهن:

رڳن ۾ رت ائين ڊوڙي ٿو

جيئن درياهه ۾ گهارو پيو هجي

“ذات” جي عنصر جي تلاش ۾ هن ۾ مِسٽسزم (تصوف ويدانت) جي ريکا ملي ٿي .هن جي شعر ۾ يڪرنگي نه آهي ۽ نه ان تي خون ۽ جنون  سوار آهي جيئن فرينچ انقلاب ان کنڊي پورهيت تي سوار هو جا ميري انئٽونيٽ کي گلوٽين هيٺان ڏسي ٽهڪ ڏئي رهي هئي.ويساهه گهاتي ۾ هن جي حقيقت نگاري چوٽيءَ تي پهتل آهي

“مون طلاق کاڌل عورت کي

 زماني جي نظر سان سنگسار ٿيندي

 ڪئين ڀيرا ڏنو آهي.

سو مينهن کان ڊنل ٻليءَ وانگر

گهر جي هڪ ڪنڊ ۾

 تنهنجي نالي جي استعمال تي قناعت ڪئي اٿم.”

**

“جنت ويساهه کان وڌ نه آهي ،

۽ جنم پهاڄ جي  ٽهڪن کان ڳرو نه آهي” 

**

“ماڻهن جي ٽوڪن کان رحم سان ڀريل نظرن کان سنگين

ڪا پل صراط نه آهي.”

**

 “مون ڏانهن نهاريندي خوشي سندس سيني ۾

 هٿن ۾ جهليل ڪبوتر وانگر ڦٽڪي پوندي آهي.”

**

هيءَ آهي آرٽ جو نعري کان بي نياز آهي . جنهن کي ڏسي جذبات هٿن ۾ جهليل ڪبوتر وانگر ڦٽڪي پون ٿا .هڪ هنڌ چوي ٿي:

 ان کان اڳ جو سگهه منهنجي اندر مان نفرت بڻجي ڦٽي

 اچ ته گڏجي اهي ويڇا پاڙئون پٽي اڇلايون.

 ۽ برابر جي بنياد تي سماج جي چڪي پوکيون .

**

اها تمنا آهي انهيءَ عورت جي جا سمجهي ٿي ته ،

جسماني مت ڀيد جي ڏوهه ۾

 ڪوٽن ڪڙن ۾ واڙي وئي آهيان.....

**

۽ ڪنهن مرد کي مخاطب ٿي چوي ٿي :

تنهنجو مون ڏانهن موهه ايئن

 جيئن ٻليءَ جو ڇيڇڙي سان

 ان کي پيار سمجهان

 اهڙي ڀوري نه آهيان!

هندستاني سنت رجنيش جي عطيه کي پڙهيو هجي ها ته پنهنجي سنڀوڳ واريءَ تقرير  ۾ ڪجهه اضافو ڪجهه ترميم ڪري ها.

هاڻي مان اهي مثال ڏئي ورجايان ٿو ته اهي نثري نظم به آهن  پر ڪنهن ناول ڪهاڻيءَ يا سفرنامي ۾ ڪجهه فقرا به ٿي سگهن ٿا. مثال طور مان آمريڪا جي نيگرو ناول نگاري ۽ نثري شاعريءَ مان ٻه ٽڪرا ڏيان ٿو جي ناول يا شاعريءَ ٻنهي ۾ استعمال ٿي سگهن ها. نيگرو ناول نگار وليم ڊيمبي هڪ ناول ۾ لکيو آهي:” ڊورس ڪمري ۾ ائين ڌوڪي آئي جيئن سج اڀرڻ کان پوءِ سورج مکي ڌڪاو سان کِڙِي پوندا آهن .هن ۾ هميشه وانگر ناچ گهر واري اڪثر منهنجي اسٽوڊيو ۾ هن جون اوچتيون گڏجاڻيون ڏسي مان ان ڳالهه تي ککو وکو ٿي ويس ته مان ليکڪ آهيان! هن جي واچوڙي جهڙي ضرب خاني مان نڪتل تازي سڪي جهڙي موجودگي ڏسي منهنجو روح سُڪي سوڙهو ٿي پوندو آهي ۽ هڪ پادريءَ  وانگر پاجي ۽ بري حالين لڳندو آهي. منهنجو  ليکڪ جو نقاب ڳچيءَ تائين گهرگهلو ٿي لهي ايندو آهي ۽ ڪنهن ليکاريءَ جهڙيءَ منهنجي کوپريءَ تي گنڀير مرڪ ڏيکاري ڏيندي آهي.”

ڇا هي ٽڪور ڊورس جي آمد تي نثري نظم نه ٿو لڳي .هاڻي هيٺيون نثري نظم پڙهي ڏسو ۽ سوچيو ته ڇا اهو ڪنهن ناول جو حصو نه ٿو ٿي سگهي.

 مون نديون ڄاتيون آهن

مون هن دنيا کان به قديم ترين  نيلون ڄاتيون آهن ،

نديون، جي منهنجين رڳن ۾ خون جي روانيءَ  کان به قديم آهن،

 آنءُ فرات ۾وهنجيو آهيان جڏهن اڃا دنيا تي جهونجهڪڙو هيو

مون کي ڪانگو نديءَ جي ڀرسان جهڳي هئي

 ۽ اها مون کي لوليون ڏئي ننڊاکڙو بڻائي ڇڏيندي هئي

 مون نيل درياهه ڏانهن ڏٺو ۽ ان جي ڀرسان مخروطي منارا بڻايا .

 مون مسي سپيءَ نديءَ کي ڳائيندي ڏٺو

جڏهن آنءُ لهو ارو نيو آرلينس ڏانهن ويو هوس

 ۽ مون ان جي لڙاٽيل پاڻي کي شفق ۾ سونهري ٿيندو ڏٺو آهي.

مون ڪيئي نديون ڄاتيون آهن،

 پراچين ڌوڙ  ڀڪليون دَزِيل نديون

 ۽ منهنجو روح ندين وانگر گهرو ٿي ويو آهي.

 (نيگرو شاعر لئنگھسٽن هگس).

مٿين ناول جي ٽڪري ۽ نثري شعر ۾ موضوع جي هڪ جهڙائي نه آهي پر انهن جو شاعراڻو تاثر ساڳيو آهي، جو اندر ۾ نظم جي ڪيفيت پيدا ڪري ٿو ۽ ان جو ترنم گٽار جي آواز وانگر ڪافي وقت من ۾ لرزندو نظر اچي ٿو.

عورتازاد(Feminism) جي تحريڪ 1960ع جي وچ ڌاري يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ وري سرجيت ٿي .ان کان اڳ ۾ اها فرينچ انقلاب ، آمريڪي انقلاب ۽ روسي انقلاب کان متاثر ۽ تاريخ جي الڳ الڳ دؤر ۾ نئين  رنگ روپ سان اڀري هئي . ميري وول اسٽون ڪرافٽMerry Wool Stone Craft  ۾ عورتن جي حقن جي حمايت ۾ پهريون ڪتاب A vindication of the right women (اي ونڊيڪيشن آف دي رائيت وومين) لکيو. ان ڪتاب کي آمريڪا جي آزاديءَ واري پڌرنامي اُتساهيو ۽ ان کان پوءِ ان تي ملڪ گيرصنعت سازيءَ جو اثر پيو. جنهن اتان جي سماج جو سارو مانڊاڻ ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو ۽ ان جي ڪري خاندان پيداوار جي اِڪائي family as the basic unit of production  نه رهيو .

پورهيت زالون ۽ مرد ايترا اوپرا نه لڳا . زالون گھرن ۾ شيون ٺاهڻ لڳيون، جيستائين ٽيڪنالاجي انهن کي ٻاهر پورهئي لاءِ ڇڪي ٻاهر آڻي. جڏهن ڪپڙي جون ملون وجود ۾ آيون  ۽ اسڪول ويندڙ ٻارن جو ضمو پاڻ تي کنيو. پورهئي جو ملهه روڪڙ ۾ ڏنو ويو، ڏوڪڙ گھر کان ٻاهر پورهيو ڪري حاصل ڪيا ويا ۽ جيئن وقت گذريو ته مرد جي پورهئي جي هڪ هٽي ٽٽي وئي. اقتصادي ضرورت نئين پرولتاريت جي  پورهئي کي مارڪيٽ ۾ آندو ويو ۽ اتي ان پنهنجي پالنا لاءِ پگھار تي ڪم ڪيو. سندن سماج جو وچولو طبقو اُڀري رهيو هو. ان بيگم-پُرستش(استري-پوڄا) ايتري ڦهلائي جو هن وقت پاڪستان جي مٿئين وچولي طبقي وانگر عورت لاءِ واندڪائي، عورت لاءِ خرچ پکو، ڇنڊ ڦوڪ، مڙس لاءِ ٽرڙائپ ۽ ٽيڳر جي علامت ٿي پيو. ان ڳالهه وچولي طبقي جي عورت کي نوڪريءَ کان روڪي ڇڏيو ۽ انهن  سان مردن جا به ساڳيا جاگيرداري ناتا رهيا. عورتازاد هونءَ صنعتي دؤر ۾ وچولي طبقي جي تحريڪ ٿي نه رهي آهي. جنهن ۾ پورهيت عورتون پنهنجي لڙائي لڙنديون رهيون آهن . خاص ڪري محنت ڪش تحريڪن ۾ اڪثريت وچولي طبقي جي عورتن جي فارغ الباليءَ تي حسد ڪنديون رهيون آهن ۽ اهو ڏسي نه سگھيون آهن ته عورت جو مرد تي مدار هن تي ڪيڏو رت پُوڻو اثر وجھي هن کي هيڻو ڪري ڇڏي ٿو . ڪيئن به هجي پر عورتازاد جي تحريڪ پنهنجي چوٽيءَ تي تڏهن پهتي جڏهن وچولي طبقي ۽ هيٺئين طبقي جي عورتن ووٽ جي حق جي لاءِ وقتي ڳنڍ-جوڙ ڪئي . عورتن جي حقن لاءِ پهرين راءِ اڌڪار يا ووٽ جي حق جو بل  National Suffearge  برطانيه جي پارليمينٽ ۾ مشهور فلسفي جان اسٽوئرٽ مل 1867ع ۾ پيش ڪيو. اهو ان وقت پاس نه ڪيو ويو پر ٻن سالن کان پوءِ پاس ٿيو.اهو پهريون بل هو جنهن عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو.1808ع کان اڳ  ۾ امير طبقي جون ڪجھه عورتون ۽ نيو جرسيءَ ۾ ارسٽوڪريسيءَ جون ڪجھه عورتون، ڪن خاص حالتن ۾ وچولي دؤر ۾ يورپ جي ڪجھه ملڪن ۾ ووٽ ڏئي سگھنديون هيون.

 ڪيئي ڏهاڪا سال پوءِ ووٽ جي حق کي اهميت ڏني وئي . اُڻويهين صديءَ ۾ عوتازاد جو گھڻو زور تعليم جي موقعن، نوڪري ۽ ڌنڌن تي قبضي ۽ قانون جي انهن فقرن جي منسوخيءَ تي هو جي پرڻيل عورتن جي حقن کان انڪار ڪري رهيا هئا.جيتوڻيڪ فرينچ انقلاب ۾ عورتن اهم ڪردار ادا ڪيو هو. فرانس جي عورتن جا حق گھڻو زير بحث نه آيا هئا ۽ جيتوڻيڪ 1879ع  ۾  پهرين سياسي جماعت ، جنهن عوتن جا حق طلب ڪيا، اها فرينچ سوشلسٽ ڪانگريس هئي.فرينچ عورتون 1920ع کان پوءِ ڪاليجن ۾ داخلا وٺي سگھيون ۽ کين ووٽ جو حق 1944ع ۾ ڏنو ويو.ان دير جو ڪارڻ ڪئٿولڪ چرچ جي مخالفت هئي.

جرمن عورتازاد جو ناتو سوشلزم جي تحريڪ سان هو. روزا لڪسمبرگ(جنهن جي سوانح حيات مون تازو پڙهي آهي) ڪليرا زيٽڪن ۽ آگسٽ بيبل عورتن جي حقن جي باري ۾ لکيو پر هنن جو ان ڳالهه ۾ اعتبار هو ته پرولتاري انقلاب کان سواءِ ، عورتن کي برابريءَ جو حق ملي نه سگھندو. انڪري عورتازاد جون تحريڪو ن فقط بُورجوائي وندر ورونهن هيون

پوءِ به ويمر ريپبلڪ ۾ سوشلسٽ ۽ آزاد خيال ماڻهو 1919ع ۾ عورتن لاءِ ووٽ جو حق وٺي سگھيا.جرمني توڙي اسڪئڊنيويا ۾ اهڙو ووٽ گھڻي گوڙ بکيڙي کان سواءِ ئي ملي ويو.1902ع ۾ فنلينڊ پهريون ملڪ هو جنهن سڀني عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو. ناروي ۾ 1913ع  ۾ عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو.  

سڀ کان وڌيڪ اهم سئيڊن سماج سڌار عورتون ايلين ڪيلي ۽ ٻيون هيون جن حڪومت تي زرو آندو ته مائرن پرڻيل خواه اڻ پرڻيل جي ٻارن جي پالنا لاءِ معاوضو ڏٺو  وڃي، انهيءَ ڳالهه کي ڪجهه ڄم روڪ هٿي ڏني ۽ ڪجهه عوام ۾ ماءُ جي احترام ۽ فلاحي مملڪت جي شعور ڏني. (يو ايس ايس آر جي ٽٽڻ کان پوءِ اتان جي سياسي فلسفي ۽ مفڪر سئيڊن جي فلاحي مملڪت کي آدرش سمجهي رهيا آهن .صرف جمهوريت ايتري بامعنيٰ نه آهي، جيستائين ان جو لازمي نتيجو فلاحي مملڪت نه آهي)

 گريٽ برٽش جون عورتون، عورتازاد جون تيستائين مهندار نه ٿيون جستائين هنن پنهنجي  حڪمت عملي نه بدلائي .پورا چار ڏهاڪا هو پارليامينٽ جي ٻاهران ميڙاڪا ڪنديون وتيون ، جان اسٽوئرٽ مل جو ڪتاب “عورتن جي غلامي” ورهائينديون رهيون، پوءِ هنن ٽوڪون ڪيون ۽ انهن جا ويچارا ڪڍيا. سرڪاري عمارتن جي شاهي دروازن ۾ پنهنجا هٿ؛ هٿ ڪڙين سان ٻڌي ڇڏيا. تيستائين اهي نعرا هڻنديون رهيون ته عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي. جيستائين هنن کي گهلي نه هٽايو ويو. هنن سرڪاري  عمارتن کي باهيون ڏنيون ۽ جڏهن پوليس هنن کي گرفتار ڪري هنن تي تشدد ڪيو ته هنن قيدخانن ۾ بک هڙتالون ڪيون . سرڪار هنن کي زوريءَ کاڌو کارايو، جنهن مان هنن کي نقصان ٿيو. جنهن ڪري عوام جي هنن سان همدردي وڌي . پهرينءَ جنگ عظيم سبب هنن تحريڪ ملتوي ڪئي ۽ هنن مان لڙاڪو عورتون جنگ ۾ شامل ٿيون ۽ جنگ جي خاتمي کان پوءِ مڃتا طور ٽيهن ورهين کان وڌيڪ عمر واريءَ عورت کي ووٽ جو حق ڏنو ويو .ان جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ۾ عورتزاد جي تحريڪ آبروءَ واري هئي. ناوساThe National American Women Suffrage Association  آمريڪا جي هڪ رياست کان پوءِ ٻي رياست تي توجه ڏنو ۽ اهڙي طرح 1912ع تائين ٻه  ملين عورتن کي ووٽ جا حق مليا پوءِ هنن ڪانگريس جي ڪاميٽي ٺاهي جيئن هنن جي باري ۾ فيڊرل ترميم آندي وڃي. جنهن ڏينهن وڊرو ولسن پنهنجي افتتاح لاِءِ آيو، ڪانگريس اٺ هزار عورتن جو ميڙ ڪٺو ڪيو جڏهن هن گهٽيون خالي ڏٺيون تڏهن ڀڇيائين ته ماڻهو ڪٿي آهن .کيس جواب مليو هو عورتن جو ميڙ ڏسي رهيا آهن .ايندڙ  اٺ سال پريزيڊنٽ ولسن ۽ سفراگسٽ (Suffragist ) عورتن جي ووٽ جي حق لاءِ  سرگرم ڪارڪن )ٽڪراو ۾ آيا جيتوڻيڪ عورتن کي تعليم، روزگار ۽ الڳ تشخص مليو هو ليڪن هنن کي ووٽ جو حق نه ڏنو ويو هو. ان حق کان سواءِ عورتن کي ٻاهرينءِ دنيا ڏانهن ڌيان ڏيڻ جو گهٽ موقعو هو ۽ هو گهر ٻار م رڌل رهجي ويون. بهر صورت ان ڳالهه تي مذهبي نظريه پرستن سان مباحثو ٿيندو رهيو ته ووٽ  جو حق وٺي زالون گهر ٻار اڳي کان چڱو هلائينديون يا نه ۽ سفراگسٽ چوندا رهيا ته زالن کي موقعا مهيا ڪيا وڃن  ته هو دنيا ۾ مردن سان چٽاڀيٽي ڪري سگهن ، جيتوڻيڪ هو اهو به چوندا رهيا ته عورت جي حقيقي جاءِ هنن جو گهر آهي .

جيئن مون اڳ ۾ چيو آهي ته 1920ع  ۾ عورتازاد جي تحريڪ يونائيٽڊ اسٽيٽس ۾ وري اڀرڻ لڳي ۽ ٿوري وقت ۾ پوري مغرب ۾ ۽ ان کان ٻاهر به ڦهلجي وئي . 1966ع  ۾ نئشنل آرگنائيزيشن آف وومين NOW ٺاهي وئي .جنهن فيڊرل قانون جي ان حصي  جي مخالفت ڪئي جنهن موجب عورت سان امتياز وارو ورتاءَ ڪيوٿي ويو Now سان ٻين ڪيئي قومي تنظمين ساٿ ڏنو جهڙو1))Women’s Equity Action league (زالن سان انصاف واري عملي جماعت) 2)The National Women Political Caucus ) (عورتن جو قومي سياسي حلقو) (3)Federally Employed Women  (اهي زالون جن کي فيڊرل ملازمت هئي) ۽ ٻيا به ڪيترائي عورتن جا ٽولا اڀريا جن کي پيشي جي بنياد تي منظم ڪيو ويو ۽ جن به تحريڪ جو ساٿ ڏنو انهن جون ڪيئي گهرون هيون، جي ڪنهن حد تائين پوريون به ڪيون ويون. 1972ع کان 1974 ع تائين آمريڪي ڪانگريس اهڙا قانون پاس ڪيا جن ۾ عورتن جا ڪيترائي حق محفوظ ڪيا ويا. 1972ع  م ڪانگريس Equal Right Amendment  (هڪ جهڙن حقن جي ترميم) جي منظوري ڏني، جا رٿ اڌ صديءَ کان انهن وٽ پئي هئي ۽ ان ۾ بلڪل واضع هو ته حڪومت جنس جي بنياد تي حقن جي هڪجهڙائيءَ سان ڪنهن به صورت ۾ هٿ چراند نه ڪري سگهندي. 1972 ع ۾ يو. ايس  جي سپريم ڪورٽ اسقاط حمل جي اجازت ڏئي ڇڏي. ڪيئي عورتون اهم عهدن لاءِ چونڊيون ويون. يورپ جا نوجوان يو. ايس کان گهڻو متاثر ٿيا. ڊينمارڪ ،ناروي، سئيڊن ،انگلينڊ، نيدرلئنڊس ۾ ڪيئي عورتن جون تحريڪون وجود ۾ آيون ۽ انهن ۾ گهريتڙيون ۽ وريتڙيون به آهن ته ننڊيون نيٽيون به آهن .

مون ڪميونسٽ دنيا جي عورتن تي جو ڪجهه به لکيو آهي ڇو ته اتي حڪومتون ۽ انهن جو قانون ته  پاس  ٿي چڪو آهي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته اتي عورتون مرد سان تعديءَ ۾ هڪ جهڙيون شريڪ هيون. هندستان ۽ پاڪستان ۾ عورت سان جا ڪريز ڪئي وڃي ٿي اها اسان سڀ ڄاڻون ٿا. حيرت ان ڳالهه  تي آهي ته عطيه؛ جا سنڌ جي ماحول ۾ پلي نپني آهي ۽ جنهن کي مغرب  ۾ مٿين تحريڪن جي ڪائي ڄاڻ نه آهي سا معاشري سان ايتريءَ بغاوت  تي آماده ڪيئن آهي! واقعي ڏات هڪ ورانگهه ۾ صديون ٽپي ويندي آهي ۽ ان لاءِ ملڪن جون سرحدون نه آهن.

 

شيخ اياز



فطرت سان ڀرپور شاعري


(مشتاق باگاڻيءَ جو اهو ڪتاب ڇپجي نه سگھيو)

مشتاق باگاڻي سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر آهي. مون پهريون ڀيرو جڏهن هن جي وائيءَ ۾ پڙهيو ته ،

 تو جو ڀانيو ڀت، سو  ريڊران جو رت ،

ٺاري ٺاري کائجان.

 ته وٺجي ويو هوس ۽ مونکي ان ڳالهه ۾ يقين ٿي  ويو هو ته سنڌي ادب ۾ ڀلؤن  ڀل جو ڇيهه ڪونهي  .پنهنجي بي انتها مصروفيتن جي باوجود مون هن جي هن ڪتاب کي هڪ نظر ڏٺو آهي ،مونکي محسوس ٿيو آهي ته سنڌ جي ڪچي ،لاڙ ،ٿر، ڪوهستان  ۽ سامونڊي علائقي جا جيترا لفظ ۽ جاگرافيءَ  جو ذڪر مشتاق باگاڻي هن هڪ ڪتاب ۾ ڪيو آهي ،اوترو ورلي ڪنهن سنڌ جي شاعر ڪيو آهي .هن ڪتاب ۾ سنڌ جي رهاڪن؛ ٿر جي ڀٽن، ڪوهستان جي جبلن ، نئين، ماڳن مڪانن، وڻن ولين ، سامونڊي نارن ۽ ماڻهن جي جيڪا منظر ڪشي ڪئي وئي آهي ،اها پنهنجو مثال پاڻ آهي .ڪجهه لفظ سنڌ جي هر حصي ۾ مستمل ناهن انڪري ممڪن آهي ته پڙهندڙ کي ڪجهه ٿڪ جو احساس ٿئي پر جي هو دل لائي پڙهندو ته نه فقط ان ۾ فطرت نگاري نظر ايندي پر ڪنهن حد تائين مشتاق باگاڻيءَ جو فلسفو به نظر ايندو .

مشتاق باگاڻيءَ جون وايون سنڌي ادب جو اعليٰ شاهڪار آهن. بيت ۽ وائيءَ ۾ انوکا لفظ ۽ قافيا ڪتب آندا ويا آهن. مان هيٺ ڪجهه بيت مثال طور ڏيان ٿو:

  رسو ٻڌي چيلهه سان، ٻنڀي آيو چور،

  ڍنگرلاهي ڍور، ڪاهي آيو ٿم ۾ .

*

ٿڙندي ٿا ٻڙجندي،  ڀونڊا ڏنئي ڀون،

ڪهڙي منهن سان تون، جهوليءَ ويندين ماءُ جي .

*

اڙي شڪاري ! تو جي ٺاهيا ڀن،

ڏيئي ٻيڙيءَ ڳن، هلڻو آهن پار ڏي .

*

پيهوڙي پن تي، کرانڊو کائي،

موت الائي، ڪڏهن ايندس اوچتو.

پيهوڙي پاڻيءَ جي هڪ خوبصورت پکيءَ جو نالو آهي ۽ کرانڊو پاڻي جي گاهه جو قسم آهي .

مون ور اجهو اچڻو، امڙ سڳيون پاءِ،

*

مٿو پو  ويڙهيم، مون ور اجهو اچڻو .

*

مُهري مِهري هٿ ۾ ،اُکريءَ منجهه ڪڻا،

گهارڻ تو گهڻا، ڏکيا آيا ڏينهڙا.

مُهري ڪاٺ جي  ٿيندي آهي جنهن سان اُکريءَ (مٽيءَ جي) ۾ انُ وغيره ڇڙبو آهي . زير سان لفظ مِهري مهر ڀري نينگر لاءِ ڪم آندو ويو آهي . مٿين بيتن کي به فقظ ٻوليءَ جو حسن آهي پر انهن ۾ هڪ باڪمال فنڪار جي فطرت ۽ جذبات جي ٿيل عڪاسي پڻ آهي. ڪلاسيڪل سُرَ ته سنڌ ۾ گهڻن شاعرن لکيا آهن پر انهن ۾ مشتاق باگاڻيءَ جي واين کي پنهنجي انفراديت آهي. سُر سهڻيءَ ۾ هڪ هنڌ هن لکيو آهي.

  ڪيئي ڪينگر چڪ مان،

  ڪڍيا هيل ڪنڀار.

  سهسن ٻڏنديون سهڻيون.

يا سسئيءَ ۾ لکيو  اٿائين:،

  اٿو پاهڻ پٻ جا،

  چمو هن جا پير.

    مُنڌ مري ٿي ماڳ ۾.

*

  ڪالهه به ڪونه ڪتيو ءِ

  اڄ ته آتڻ آءُ،

          هئه هئه ائٽ اُٻاڻڪا .

اها سٽ سُر ڪا پائتيءَ ۾ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ الڳ مقام والاري ٿي . سُرليلا ۾ لکيو اٿائين:

  هن جو ڀانيو هار،

  هو ڳچيءَ جو ڳرهو،

   تڏهن وچ پيو.

ڳرهو سنڌيءَ ۾ ڳٽ کي چونداآهن .سُر سارنگ جي وائيءَ ۾ ڪهڙيون خوبصورت سٽون لکيون اٿائين .

موٽي آيا مينهڙا ، رو هيءَ مٿي رس ،

         ٿريچاڻيون ٿا نهريون.

کوڻيون کجڻ لڳيون ،چمڪن ٿيون چوڏس .

   ٿريچاڻيون ٿانهريون.

ڪوڏ ڪنجري ڪامڻيون، سانجهيءَ ڪلهن ڪس ،

   ٿريچاڻيون ٿا نهريون.

مارئيءَ ۾ به اهڙيون روانيءَ سان دل ۾ کپي ويندڙ سٽون لکيون اٿائين .

ايندا نيٺ اوراڙ، سگهارا سنگهار؛

    مون ٽوڙيندا سنگهرون.

سر مومل راڻي ۾ چيواٿئين:

  راڻا تو تي راڄ جون ، مڙوئي ميارون .

    ماڳ ڦٽايئه  مينڌرا.

سُر کاهوڙيءَ ۾ هيٺون سٽون مٿين سٽن جي معنيٰ سان تسلسل رکن ٿيون .

  توڙي ڀونءِ ڀلي، اڄ مون آس پلي ،

    آءٌ هلان ٿو اي ميان.

مٿين سٽن کي پڙهي سنڌ جي حالت زار اکين اڳيان اچيو وڃي .

مشتاق باگاڻي خود هڪ شڪاري به رهيو آهي، تنهن ڪري شڪار جي باري ۾ هن جا شعر هڪ واضع انفراديت رکن ٿا.

  پارهيڙي هن پار، وجهن پيا وانجهار،

    ڊگو شن  لئه ڍنڍ ۾ .

  ٻڌ هنن جون ٻولڙيون ، ماري هي نه مار،

  وجهه نه تون وانجھار،

         ڊگوشن لاءِ ڍنڊ ۾ .

ڊگوش روهاڪي پکي آهي ،سياري ۾ روهاڪي پکي سائيبيريا جي ڍنڍن مان سانگ ڪري سنڌ ايندا آهن ۽ پوءِ  جيڪي مارين کان بچندا آهن، سي سياري جي پڄاڻيءِ  تي واپس وري ويندا آهن . سنڌ ۾ چوڳو وڌيڪ  هئڻ ڪري سنڌ جون سامونڊ  ڪئٽون ۽ لاڙي ڍنڍون هنن پکين جي ڄڻ جند آهن .هيءَ وائي ڏسو،

  منهنجا موتي يار، هاڻي ڇڏ شڪار،

    تو پڻ ليکو ڏيڻو.

ته مونکي ايتري وڻي هئي جو مون پنهنجي آتم ڪهاڻي جي ٻئي حصي  ۾  ساري وائي ڏني آهي .

هن ڪتاب ۾ نه رڳو ڪلاسيڪل سُر وار شاعري ڏني وئي آهي پر ان کان سوا چوريءَ جا بيت ، ڳاهه ڳاهڻ جا بيت ، عورتن جي پورهئي جا بيت ،ڇپر ٻڌڻ جا بيت، سانگ جا بيت، ڪينجهر جا بيت ۽ ملير جي ڳاڙهين ڳئن جا بيت پڻ ڏنا ويا آهن .جڏهن وس ٿيندي آهي ۽ جبلن تي پڻ گاهه ڦٽندا آهن تڏهن ڀٽن وارا ماڻهن سانگ ڪري  هيٺ مال ڪاهي وڃي پکا اڏيندا آهن . ان سانگ بابت مشتاق جا بيت ۽ وايون نهايت ئي خوبصورت ۽ سنڌي شاعري ۾ خاص اهميت جون حامل آهن. مشتاق  باگاڻي جو هي ڪتاب جي غور سان پڙهبو ۽ ان ۾ ڪم آندل لفظن جي معنيٰ پروڙي ۽ پرکبو ته ڪتاب جي سنڌي شاعريءَ ۾  اهميت صاف ظاهر نظر ايندي . (نوٽ: هي ڪتاب ڇپجڻ کان اڄ تائين رهجي ويو آهي.)

 

شيخ اياز

4 جولاءِ 1997ع

پرنس ڪامپليڪس، ڪراچي



لهرون لهرون شاعري


(ادل سومرو جي ڪتاب تي لکيل شيخ اياز جو مهاڳ) 

  ادل سومرو نئين ٽهيءَ جو اهو شاعر آهي، جنهن فارسي ۽ اردو  وزن کي لت هڻي شعري روايات  جا سارا زنجير ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجو ترتم پنهنجي اندر مان آواز اڀاريو آهي. مون ته ديوان گل، ديوان قاسم ، ارمخانِ حامد، ديوان فاضل، ڪليات گدا،  ديوان بلبل، ڪليات سانگي ، ديوان واصف، ڪليات  عزيز وغيره  ننڍي هوندي پڙهي، انهن جي ٻوليءَ ۽ روايت پرستيءَ کان بغاوت  ڪئي هئي. جڏهن اردوءَ ۾ فيض ۽ اين .ايم .راشد جا ڪتاب “نقش فريادي” ۽ “ماورا” ڇپيا هئا ته اهي پنهنجي تازگي کڻي آيا هئا ۽ منهنجي ڪوي ٽئگور سان به وابستگي گهٽجي وئي هئي. اهو ڏسي مون کي عجب آيو هو، ته هي ڌرتيءَ جو حصو جتي رنگا رنگ پکي پنهنجون  ٻوليون ٿا ٻولين جن ۾ ڪي پکي ڏيهي آهن ۽ ڪي سائبيريا تائين دور تان اچن ٿا، انهن جو شاعريءَ  ۾ ڪو ذڪر نه آهي. اردو غزل  ۾ رڳو ڇهن ستن پکين جا نالا ورتا ويا آهن. مثال طور ۽ شايد  هڪ ٻه نالا ٻيا هجن انهن مان  بلبل ته ايران ۾ ٿيندي آهي ۽ ڪويل ۽ پپيهي کان سواءِ باقي نالا به ايراني ئي آهن .علامه اقبال ورهاڱي کان اڳ ملڪ جي جاگرافي ڏانهن ڪنهن شاعر ڪونه ڏٺوآهي ۽ شامِ اوڌ ۽ صبحِ بنارس روايتي طور ڪم آندا اٿائون. دليءَ جي شهر آشوب کان پوءِ ميرتقي مير لکيو هو.

دلي ڪه ايڪ شهر ٿا عالم مين انتخاب،

هم رهني والي هين اسي اجڙي ديارڪي.

  هند جي فارسي شاعريءَ ، خسرو ۽ غالب کان سواءِ  پنهنجي ڌرتي جو ذڪر خير ڪو ڪيو آهي .علي حزين جو هڪ شعر آهي.

   ازبنارس  نه روم مصبد عام ست اين جا،

   هر برهمن پسرِلڇمن و  رام ست اين جا.

  (مان بنارس انڪري نٿو ڇڏيان جو هتي عام عبادت گاه آهي ۽ هر برهمڻ ڄڻ  لڇمڻ ۽ رام جو پٽ آهي)

  گنگا جمنا. برهم پترا ۽ سنڌو وغيره جي ديس ۾ دجله ۽ فرات جون ڳالهيون ٿينديون هيون. علام اقبال “بانگِ درا” ۽ هماليه تي نظم لکي جو پاسو ڦيرايو ته ايران جي ڪوه دماند تي وڃي نڪتو. بنگال ۾ مون فقط چمپا جا سترهن قسم ڏٺا ها. پر برِصغير ۾ نرگس ۽ گلِ لاله سان تشبيهون ڏنيون وينديون هيون،  جي گل فقط ايران ۾ ٿيندا ها، جتي سنڌ  ۽ راجستان جهڙا صحرا ها، اتي عرب جي صحرا ۽ نجد جو ذڪر ڪيو ويندو هو. ديو مالائن جي ديس ۾ ليليٰ مجنون ،شيرين فرهاد، وامق عذرا، رستم سهراب وغيره جا اجنبي قصا دهرايا ويندا ها. رڳو هڪ شعر اردوءَ ۾ پنجاب جي لوڪ ڪهاڻيءَ جي  باري ۾ لکيو ويو هو ته اهو بار بار دهرائيندا ها. ڄڻ پنجاب تي ڪو احسان ڪيو هيائون.

   سنايا رات ڪو قصه جو هير رانجهي ڪا،

   تو اهل درد ڪو  پنجابيون ني لوٽ ليا .

  اهو سڀ انهيءَ جي باوجود ته پنجاب جي شاعرن پنجابي ڇڏي اردو اپنائي هئي. اردو شاعري ۾ محبوب کي اختر شيرانيءَ تائين مذڪر لکيو ويو . اختر شيراني جون عذرائون ۽ ليلائون به رت پوڻيون هونديون ۽ اهي هر نسواني جذبات کان عاري لڳنديون.

  اروشي ۽ شڪنتلاجي ديس ۾ عورت کي محبوبه چوڻ معيوب سمجهيو ويو.مرد پرستي عام هئي ۽ محبوب جو سراپا ڄڻ پورو مغليه اصلحا خانو هوندو هو. تير نظر، خنجر ابرو وغيره سان محبوب ائين شڪار ڪندا ها جيئن مغليه شهزادا شڪار ڪندا ها. غالب جو شعر آهي .

   تم مجهي ڀول گئي هو تو  پته بتلادون،

   تير فتراڪ مين ڪوئي ڪبهي نخچيرڀي ٿا.

  (تو مون کي وساري ڇڏيو آهي ته توکي پتو ٻڌايان ٿو ،ڇا تنهنجي خرزين ۾ ڪڏهن ڪوئي شڪار به هيو ؟)

  ساري تهذيب جي عڪاسي ڌاري هئي ۽ ايران، سمرقند، بخارا، افغانستان وغيره تان ورتي وئي هئي. محبوبن جا ڏند مسيءَ سان ڪارا هوندا ها ۽ چپ پان سان ڳاڙها،ڄڻ هنن ڏانڻن وانگر عاشقن جو خون پيتو هو. انهيءَ شاعريءَ جو تتبع اسانجي غزل گو شاعرن (گل کانسواءِ) ۾ ملي ٿو. سڀئي ادبي سلهه جا مريض هيا، جن هڪ سو سال شاعرن کي انهيءَ وبا  ۾ وچڙائي رکيو ۽ اڃا  تائين انهن مان ڪي رت اوڳاڇيندا ٿا وتن. انهيءَ وچ ۾ ڌرتيءَ جا  عظيم شاعر، ڀٽائي، سچل ۽ سامي ڄڻ وسري ويا ها. اڳين غزل گو شاعرن ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مصرع سنڌي هوندو هو، جيئن ڪنهن کنڊي جي منهن ۾ هڪ اڌ ڏند رهجي ويندو آهي، نه ته اڪثر شاعريءَ خلاف بيوس پهرين بغاوت ڪئي .آخر ان جي ساري عمارت اچي ڦهڪو ڪيو. اردو شاعري به موضوع جي حد تائين بدلجي وئي. ميرا جي، فيض ، راشد وغيره ان ۾ ڪافي انقلاب آندو. ٻوليءَ  جي لحاظ کان ان جي فارسي آميزيءَ ۾ فرق نه آيو ۽ ساري جا سارا مصرع فارسي هوندا ها. آرزو لکنوي ، عظمت الله سيد، مطلبي فريد آبادي، ميراجي ، فراق گور کپوريءَ جن ٻوليءَ ۾ ڏيهي لفظ  آندا. انهن ۾ ايترو جينيس ڪونه هو جو زبان جو مزاج بدلائي سگهن .علامه اقبال جي ٻولي به غالب واري آهي انڪري اردو شاعري ۾ اڄ تائين جمود آهي. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ ڀرپور انقلاب آيو آهي ۽ ان ۾ اڌ صديءَ کان وڌيڪ  و قت لڳي ويو آهي. اڄ سنڌ هڪ ماکين جي ماناري وانگر آهي، جتي ڪيئي شاعر گنگنائي رهيا آهن مون کي ٻارنهن تيرهن ورهين جي عمر ۾ فارسي بحر وزن تي مڪمل دسترس هو پوءِ مون ان ۾ ڪيئي تجربا ڪيا. جيڪي بنهه سنڌي آهن. مون سنڌ جا ڪلاسيڪي اسلوب بيت ۽ وائي به وري جيئاريا آهن ۽ ٻي هرصنفِ سخن تي (سواءِ ترائيل جي) لکيو آهي. اڄڪلهه جديد شاعر پاڻ تي ڪوبه زنجير رکڻ نه ٿا چاهن، انهن جون اکيون کليل ۽ پير آزاد آهن. ادل سومرو انهن مان برک شاعر آهي، هن به ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر غزل، بيت، وايون، ٽيڙو ۽ نظم، آزاد نظم هن سٺا لکيا  آهن، جن مان ڪجهه شعر هي آهن:

جيڪا هاريءَ جي هٿن مان ٿي ڦٽي،

روشني سائي ٻنين ۾ ٿي رهي .

 

بُک تي آهي ستُو جو اَدمي ،

زهرآ  اُن جي اڱڻ تي چاندني.

 

محبوبن جي اَمد کان اڳ،

هٻڪارون ڳالهائن ٿيون.

 

هلندڙ بس مان ڳوٺ جو منظر،

ٻار جهڳيون ۽ گدلو سينور.

 

زندگي پياري ڪيائون ديس کان،

هاڻي ويٺا سنڌ لئه روئن سڪن.

 

ڍورن ڍانچا رڻ ۾. مٿان چمڪي چنڊ،

ٿاريليءَ جو جنڊُ، اڃان ترسي ان لئي.

 

تو،  جي نيڻ کنيا هن مرڪي،

دل جي ٿر تي باک ڦٽي آ.

 

هُن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر،

 چنڊ ڳوڙهن ۾ ڇا رکيو آهي.

 

پلازا جي پيرن ۾ جهڳيون،

هر فليٽ مان اک نهاري.

 

ڄڻ ٿيا بيڪار ڪنهن پٿر جيان،

جن چپن جي ڀاڳ ۾ ناهي چمي.

 

ڪکائن جهڳين ۾ جنم ڏينهن ڪهڙا،

جتي هر خوشي ٿي اچڻ کان لنوائي.

 

منهنجو ساهه سمونڊ، لهرون لهرون تون،

ڪڏهن نه ڀانيو مون ، پري توکان پاڻ کي.

ڦٽن ڦولن وانگيان، چميون چپن تي،

جڏهن جوڀن کي. رنگ لڳي ٿو پيار جو.

 

اوجاڳي اکين ۾ ، ٻاريو آهي مچ،

ننڊ اسان وٽ اچ، سپنا کڻي سونهن جا.

 

جسم جي اونداهه، سڄي ويندي هلي،

ذهن  ۾  هڪڙو  ئي  ڏيئو  ٻار  تون.

 

  ادل سومرو ۽ اياز گل منهنجن انهن نوجوان دوستن مان آهن جي سکر ۾ گهڻو ڪري منهنجي گهر ۽ آفيس تي ڀيرو ڀڃندا هئا ۽ انهن سان ادبي رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون .منهنجا ذري گهٽ هم عمر دوست، مرحوم رشيد ڀٽي، تنوير عباسي ۽ فتاح ملڪ جن  به جڏهن ادبي ڪچهريون ڪندا هئا ته ادل سومرو ۽ ايازگل به ڪنهن ڪنهن وقت انهن ۾ شريڪ هوندا هئا .ان وقت هو ٻئي اڀرندڙ شاعر هئا ۽ ٻئي لڳاتار ۽ اڻٿڪ محنت سان پنهنجي شاعريءَ کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ادل سومري سان ته منهنجي بيحد سڪ آهي. ڇو ته هو منهنجي گهر اچي ڏينهن جا ڏينهن منهنجا ڪتاب اتاريندو هو. انهيءَ ڪم ۾ ڪنهن وقت هن کي سارو سارو ڏينهن به گذري ويندو هو ۽ اسان ماني به گڏجي کائيندا هئاسين . شام جو پراڻي سکر جي گهٽين ۾ هو ۽ مان گڏجي چڪر ڏيندا هئا سين ۽ ان وقت ائين لڳندو هو ته گهٽين جي مٿان چنڊ اسان جي گفتگو دلچسپيءَ سان ٻڌي رهيو آهي. مان ادل کي پوري دنيا جي ادب ۽ پنهنجي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن بابت ڳالهيون ٻڌائيندو هوس.

  ادل سومري، جڏهن شاعري جي شروعات ڪئي ته ان وقت ڪوبه چڱو شاعر، ڪنهن استاد کان باقاعدي شعر جي تربيت نه وٺندو هو پر پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي زور تي لکندو هو ۽ ادل سومري به ائين ڪيو .هن سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجو استاد بڻايو ۽ اڄ هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو رنگ آهي، ان ۾ ادبي سنگت  جو به حصو آهي. ادل شخصي طرح به نئين دؤر جي شاعرن ۽ ليکڪن تي ايترو اثر انداز ٿيو آهي جو هن کي مرڪزي سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊيون ويو آهي. شاعر جي حيثيت ۾ به هو نئين دؤر جي شاعريءَ تي پنهنجو اثر وجهي چڪو آهي. هن وقت تائين به هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. سندس تخليقون سنڌي ادب ۾ سٺو  اضافو آهن. جن ماڻهن ۾ ڏات جو ڏيئو ٻرندو آهي ته اهي ترقيءَ جي راهه ۾ ٿيڙ ۽ ٿاٻا گهٽ کائيندا آهن  ۽ تمام تيزيءَ سان منزلون طئه ڪندا ويندا آهن .ادل جي شاعري به ٿوري عرصي ۾ حيرت انگيز ترقي ڪري چڪي آهي. مون کي اميد آهي ته هو پنهنجي ذوق شوق سان شاعري جي تخليق ۽ ٻئي ادب جو مطالعو انهي ساڳئي رفتار سان جاري رکندو ته ڪو وقت اهڙو ايندو جو هو سنڌ جي وڏن شاعرن  ۾  شمار ٿيندو.

  هي ڪتاب مون وٽ ٻن سالن  کان مهاڳ لکڻ لاءِ پيو آهي، ان وچ ۾ ادل سومري گهڻو ڪجهه لکيو آهي، جو اڳي کان به بهتر آهي هن جا اڪثر آزاد نظم نهايت خوبصورت آهن. انهن ۾ بحر وزن جي پابندي نه آهي. اهي فقط  بحر وزن جي سرحدن کي ڇهن ٿا پر انهن ۾ نواڻ آهي ، تازگي آهي، بي پناهه شعريت آهي ۽ جديد انگريزي شاعريءَ وانگر رڻ ۾ رلندڙ هرڻ وانگر خوبصورت آهن. ان هرڻ جو خاص دڳ نه هوندو آهي پر جڏهن سج لٿي واٽڙين مان پاڻي پيئندو آهي ته ان جي تصوير ازل جي عڪس وانگر لڳندي آهي:

مان ڄاڻان ٿو اڄ اوهان وٽ،

ريٽي رت جا سارا گل،

بوٽن هيٺان چچريا ويا هن .

ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪين ٿو پسجي،

پاريهر جو اکيرو ڪو.

چوڏس آهي رت جي خوشبو،

کنڊر آهن ساريون وستيون،

ڊٺل جاين جي کنڊرن مان،

ٻار پيا ڳولن رانديڪا.

اسڪول اجڙيل ۽ اسپتالون آهن آباد،

تنهنجا وطن پرست ڀائر،

جن ڄائي ڄم کان آهه ٻڌو،

گولين جو آواز.

خوبصورت ڇوڪرين بدران،

رائفلون آهن جن جون محبوبائون،

ڏاڍ سان جوٽي جنگ بيٺا هن.

ڏاڍ جو ڪوئي ڌرم نه ديس،

ڪابه نه ٻولي ۽ لولي ،

ڏاڍ نه عربي يا ڪو عجمي،

ڏاڍ ته آهي وحشي انڌو،

هيڻن کي هيسائي مارڻ،

ان جوڌنڌو.

(نظم “جو ڀن رُت جا ڳاڙها خواب”  جو حصو )

 بابل تنهنجا پورهيت هٿ،

ڪيڏا کهرا ٿي ويا آهن.

تنهنجي هٿن جون هڙ ريکائون،

پٿر بڻجي ويئيون آهن.

چهري منجهه لڪيرون ايئن،

ڄڻ ڪنهن ڳتيل شهر جا رستا،

اگهه پورهئي جا ڪيڏا سستا!

 تنهنجون ساريون سندرسوچون ،

ذهن نگر ۾ ڊوڙي ڊوڙي،

هاڻ ته ٿڪجي پيئيون آهن.

وڏ گهراڻي محبويا جان،

 ننڊ به توکان ڏور  وئي آ.

(نطم” مايوسين جو موت به ٿيندو “ جو حصو)

 

ڪيئي ڏيهي اغوا ٿي ويا،

 گولين آڏو پرزا ٿي ويا.

ڀنل اکين جا سڪا ٿي ويا.

ڊنل دلين جا دهڪا ٿي  ويا،

بازاريون ڀڙڀانگ سموريون،

اونداهيءَ جي چادر اوڙهي،

رات جي ناتر ناچ نچي،

چپڙڻ جا آواز اچن ٿا.

(نظم “ امن جا وٿاڻ ، ڪتاب ۽ قبرستان” جو حصو)

  اهڙا ٻيا به نظم آهن جيئن “هر ڏس ۾ هيڊاڻ آڇانيل”، “ٿڪل زندگي”، “ڌرتي دوزخ” ،”وڇوڙي جو ڪارڻ”.  ڏکن جي سرحد وٽ روڪيل خوشيون”، “وڇوڙي جي مند جي پهرين برسات”، “نيروليءَ جو خواب” ۽ “پاڙون” وغيره. اها ڪيفيت هن جي ٻي شاعريءَ ۾ به ڪٿي ڪٿي ملي ٿي. ادل سومري ۾ جو انسان آهي ان ۾ قوميت به ڀرپور آهي ته بين الاقوميت به ڀرپور آهي. پوءِ به هن جي شاعري سياست سان واڳيل نه آهي ۽ اها آزادي به هن جي بحرو وزن مان آزاديءَ وانگر آهي. اياز گل وانگر ادل، شاعري ۾ انهي دؤر جو آئينه دار آهي، جيڪو پنهنجا اسلوب ڳولي لهندي. پنهنجا موضوع ڳولي لهندي، جن تي سنڌ جي مهر ثبت هوندي پر پوءِ به انهن جي آفاقيت مجروح نه هوندي.

 

شيخ اياز



منهنجي ٽاريءَ مان ٽڙيل گل


(اياز گل جي ڪتاب ’تو بن ڪهڙا ڇانورا‘ جو مهاڳ)

 

پنجاپيءَ جو عظيم شاعر ماڌو لال حسين هڪ مجلس ۾ ويٺو هو، اتي هڪ شخص ديوان حافظ کوليو، ماڌو لال حسين هن کان پڇيو، هي ڪهڙو ڪتاب آهي؟ ۽ پوءِ ديوان حافظ جا پنا اٿلايائين ته، حافظ جي هيٺين شعر تي نظر پيس،

چشمه چشم مرا اي بت خندان درياب،

براميد تو بخوش آب رواني دارد.

(اي کلندڙ پيارا ! منهنجي اکين جي چشمي کي ڳولهه ، جو تنهنجي آس ۾ وهي رهيو آهي)

  ماڌو لال حسين، ديوان حافظ ڦٽي ڪري چيو : ”هن حافظ جي عمر ته پوڙهين رنن وانگي روئندي گذري آهي.“  ائين ئي اڳين اردو ۽ سنڌي غزل تي نظر وجهبي ته اڪثر شاعر روئڻا نظر ايندا ۽ اقبال جي شاعريءَ کان اڳ گهڻو ڪري نه رڳو اردو شاعري قنوطيت سان ڀري پئي آهي، پر ابراهيم خليل تائين سنڌي شاعري به ائين لڪير جي فقير رهي آهي ۽ ان مان ٽاهه ٽاهه ڳوڙها ڳڙندا نظر اچن ٿا، گل جا ڪجهه غزل ۽ سانگي جون ڪجهه سٽون ان مان ڪڍي ڇڏجن ته ساري غزليه شاعري سرن درياهه ڪرڻ جهڙي آهي.

در اصل غزل ڌاريءَ زمين تي اوسريو هو، جو امير خسروءَ واري زماني ۾ هندستان جي ڌرتيءَ اپنايو هو، خسرو جي غزل ۾ جا پنهنجپائي هئي، سا اسان کي آرزو لکنويءَ جي غزل ۾ ملي ٿي، انهن جي وچ ۾ پارسي غزل جو چربو هو، غالب جهڙي وڏي مفڪر شاعر به چيو :

فارسي بين تا به بيني، نقشهائي رنگ رنگ،

مجمع اُردو چه بيني، آن ڪه بي رنگ من ست.

(فارسي (شعر) ڏس ته توکي منهنجا رنگ رنگ نقش نظر اچن، منهنجو اردو جو مجموعو ڇو ٿو ڏسين اهو ته بي رنگ آهي.)

خسروءَ جون هي سٽون :

سکهي پيا کو جو مين نه ديکهون، تو کيسي کائوناندهيري رتيان.

يا

وهه صورتين الاهي ڪس ملڪ بستيان هين.

اب جن ڪي ديکهني ڪو آنکهين ترستيان هين.

 

خسروءَ جهڙي شاعري، اردوءَ  ۾ اڃا تائين ڪو ئي نه ڪري سگهيو آهي، اردو ۽ سنڌي غزل، ٻنهي ۾ فارسي غزل جون روايتون، تشبيهون، استعارا وغيره، بي دريخ استعمال ڪيا ويا آهن، ايتري قدر جو غزل پڙهي دل گائون مائون ٿيڻ لڳي ٿي.

اياز گل، ادل سومرو ۽ انهن کان به پوءِ واري نئين ٽهيءَ جا شاعر، اعجاز منگي وغيره ادب سان ڀرپور لڳاءُ رکن ٿا ۽ اڻ ٿڪ محنت سان لکي رهيا آهن، ننڍيءَ  عمر ۾ پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي هنن جو شعور ڪافي پختو ڪري ڇڏيو آهي. تاج جويو، غلام حسين رنگريز وعيره انهن کان اڳين نسل جا شاعر آهن، جن به سنڌي ادب سان بي انتها لگن ڏيکاري آهي ۽ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي.

اياز گل جي شاعري پنهنجيءَ ڌرتيءَ جي پيدائش آهي، اها فارسي بحروزن جي مُشاقيءَ تي نه ٿي تڳي، ان کي هڪ انوکي خوشبوءِ آهي، جا نم جي ٻور ۾ ٿيندي آهي ۽ ان کي هڪ الڳ رنگ آهي، جو پڪل پيرن ۾ ٿيندو آهي.  جي هن مشق قلم جاري رکي ته ڪنهن وقت هن جي شاعري، فن جون اهي بلنديون ڇهندي، جا ڳالهه ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيندي آهي، هو بنيادي طور تي غزل جو شاعر آهي، پر هن جو غزل پيوند ٿيل نه آهي، از خود هن ڌرتيءَ مان اسريو آهي.

مثال طور هن جا هي شعر :

سوچون ساريون هارايل سردارن جيان،
خواب پيا ها پيرن ۾ تلوارن جيان.

رستا هونئن ته اڻٽيهن جي انڌيارن جيان،
توڏي ايندي چانڊوڪيءَ جي چارن جيان.

ڪيئن الائي ٿيندو آهي ماڻهن کان ؟
شعر رچڻ ۽ پيار ڪرڻ وانگارن جيان.
  **

ٽائرن جا گهرا ليڪا، تيز رڙا!
روڊ تي چٿجي وئي آ زندگي.

هر طرف جهنڊا ٿا ڦڙڪن موت جا،
جڳ کان وسري وئي آ زندگي.
  **

تنهنجا ڌرتي ! ڌراڙ جاڳيا هن،
پيچرا، پٽ ، پهاڙ جاڳيا هن.

هڪ تکي چيٽ آهي آزادي،
گهيڙ، گهٽيون ۽ گهاڙ جاڳيا هن.
  **

روز ملندا رهون ته بهتر آ،
فاصلا، فاصلا وڌائن ٿا.
  **

حوصلو ڏي ته حادثن مان لنگهان،
پيار ! منهنجا مان آفتن مان لنگهان.
منهنجو سارو وجود نيڻ ٿئي،
تنهنجي لکيل جڏهن خطن مان لنگهان.
  **

هڪ ئي نانوَ تي ڌڙڪو تيز ٿئي دل جو،
مٽي سرمو ٿيندي ناهي هر در جي.
  **

هر ڪنهن دور ۾ ڄمندا آهن،
باغي ۽ درٻاري ماڻهو.
  **

روپ وٺي نئون آءُ وري رويا ڪولهي،
ٿاريليون ۽ ٿر ٻڏي ويو اوندهه ۾.
  **

تنهنجي يادن سواءِ ذهن پرين،
ڪو فيسوءَ ۾ بزار وانگي آ.
هر خوشي قرض ۾ هلي ٿي وڃي،
ماستر جي پگهار وانگي آ.
  **

ڪوئي ڪم ڪرڻ کان ٻاهر ناهي هونئين،
ڳالهه سڄي هوندي آ جاني ! همت جي.
جنهن ماڻهوءَ کي تنهنجو پيار مليو آهي،
تنهن ماڻهوءَ کي ڪهڙي دولت گهرجي ٻي ؟
  **

منهنجي حالت آ وچ -  اوڀر جي،
تنهنجو شيوو تباهه ڪاري آ.

اياز گل نئين ٽهيءَ جو منفرد شاعر آهي ۽ ننڍيءَ عمر ۾ ئي هن پنهنجي جاءِ والاري ڇڏي آهي، مان هن جي شاعري ۽ نئين ٽهيءَ جي شاعري ڏسي انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته اها نيٺ ڪنهن به بين الاقوامي معيار تي اچي ويندي، ان شاعري ۾ جاگيرداري دؤر مان نڪري، صنعتي دؤر ۾ داخل ٿيڻ جا آثار ملن ٿا ۽ ان جون تشبيهون، محاڪات وغيره روايتي شاعريءَ کان مختلف آهن ۽ انهن تي پنهنجي انفراديت جي ڇاپ آهي.

روهڙيءَ واري بيدل فقير، فقط ٻه چڱا شعر لکيا هئا ۽ انهن مان هڪ آهي.

اکران دي وچ جو ڪوئي اڙيا،

عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا.

اهو شعر آهي ته سرائڪي ۾ پر ان ۾ جا ڳالهه ڪئي وئي آهي، اها جديد شاعرن سان لڳي ٿي، هو اکرن ۾ اڙجي نه ٿا وڃن ۽ عشق جي چاڙهي چڙهندا ٿا رهن.  هنن جا ابتدائي مجموعا ڏسون ٿا، تڏهن به ڪيترائي شعر دل ۾ کپي ٿا وڃن ۽ اڳين شاعرن وانگر ائين نه آهي ته سڄو ديوان ڇنڊي ڇاڻي بيهجي ته رڳو هڪ يا ٻه سٽون ملن، جي دل تي اڪرجي وڃن. سانده مطالعو ۽ مشاهدو ئي شاعري کي پنهنجي توڙ تي پهچائي ٿو، اهي زمانا گذري ويا جڏهن ڪنهن استاد جي استاديءَ ۾ شاعر سڄيون عمريون جک ماريندا هئا ۽ بحروزن جي گهرڙ گهوٽ ڪندا هئا.

بمبئيءَ ۾ مون هڪ نشست ۾ سڳن آهوجا کي چيو هيو ته ،”هو پنهنجو شعر ٻڌائي.“ ان ريت هن جواب ڏنو هو ته ،”مون وٽ بندي ڪا نه آهي .“  ان تي مون هن کي چيو هيو،”جيستائين بندي اچي تيستائين تُڪ بندي ٿي وڃي .“ بندي هن پنهنجي شعر جي بياض لاءِ چيو هو، سڳن کي ته مون اها ڳالهه مذاق ۾ چئي هئي ڇو ته هو منهنجو دوست هو پر اها ڳالهه اڪثر ڪهنه مشق شاعرن سان لڳي ٿي، ڇو ته اهي تڪبندي ڪندا ها. دؤر جديد ۾ ڪيترائي نوان شاعر تڪبندي ته ڪو نه ٿا ڪن  پر جي اهي پنهنجي تخليق مان مطمئن ٿي ويا ۽ سانده لکندا ۽ تجربا نه ڪندا رهيا ته انهن جي شاعري به تڪبندي وانگر بي معنيٰ ٿي ويندي.

 اياز گل ۽ ٻيا شاعر هن وقت سڄاڻ شاعرن وانگر لکي رهيا آهن، ڪافي پڙهي رهيا آهن ۽ پنهنجي منفرد سوچ به رکن ٿا. سنڌي ادب هڪ خوبصورت شمعدان وانگر لڳي رهيو آهي، جنهن ۾ اياز گل انهن شمعن مان آهي، جيڪي وچ ۾ ٻري رهيون آهن.هو شمع به آهي ته پروانو به آهي ۽ پنهنجي چوڌاري تخليق ٿيل ادب ۾ هن جي بي حد دلچسپي آهي.  چڱو جو هن جي شاعري پڻ ادل جي شاعريءَ وانگر نعري بازي نه آهي، توڙي هن جي سياسي  سوجهه ٻوجهه تکي آهي.

زندگيءَ جا گونا گون تجربا ۽ خاص ڪري شهري زندگيءَ جو ديهاتي زندگيءَ تي اثر هن جي شاعريءَ مان بکن ٿا، جڏهن اها شاعري پوري چوٽ تي پهتي،  تڏهن سنڌي شاعري تي پنهنجي ڇاپ ڇڏيندي.  مون فقط هن جي غزل مان مثال طور ٽڪرا ڏنا آهن پر هن جي ٻي شاعري به جاندار آهي ۽ هن جي لباس وانگر نج سنڌي آهي.

تنهنجو مايا ڏي جو لاڙو آهي،

پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو آهي.

*

سچ ڪاڻ ويڙهه ۾،

هڪ به هزار جيئن.

*

سارو شهر لتاڙي وو !

آيس تنهنجي پاڙي وو !

*

تنهنجي پويان نڪتو آهيان

سارا ٻيڙا ساڙي وو !

*

منهنجي سچ تي ڪروڌ ۽ هن جي،

ڪوڙ تي واهه واهه !! ٿي وئي آ.

زندگي هر ستم تي خوش آهي،

ٻن لڳن جو ڪو ٺاهه ٿي وئي آ.

*

سوچون ننگي پيرين آهن،

ذهن تتل ڄڻ ٽاما آهن.

جيون جي آکاڻيءَ ۾ دک،

فُل اٽاپ ۽ ڪاما آهن.

*

ڇو بدلجي ٿي وڃين تون کن ۾ ؟

ڪجهه ته ويساهه ڪجي ساجن ۾.

*

تنهنجي پيرن ۾ هئي لڳل ميندي،

منهنجي گهر جا ته ها کليل رستا.

*

دل جون ڳالهيون به ڪين ٿي سمجهين،

ڪهڙي آخر ڪا فارسي آهي ؟

*

توکي گڏجي ته ڪين هلڻو آ،

ڪهڙو توکي بيهارجي هاڻي ؟

*

سڄي حياتي ڀري پيئي آهي لڙڪن سان،

ملو ته ذڪر ڪيو هيل ڪي کلائڻ جا.

هيءُ ڪتاب مون وٽ مهاڳ لاءِ گهڻو عرصو پيو رهيو هو ۽ پنهنجي گونا گون مصروفيتن ۽ بيماريءَ سبب مان اياز گل جي فرمائش هن کان اڳ پوري ڪري نه سگهيس، هن جو نالو منهنجي نالي سان ائين وابسته آهي، ڄڻ منهنجي شاعري جي ٽاري مان ڪوئي گل ڦٽو آهي، مون کي اميد آهي ته اڳتي هلي اهو ڏسان ڏس کي پنهنجي سڳنڌ سان واسي ڇڏيندو ۽ مون کي هن جي نالي جي مماثلت تي بجا فخر ٿيندو.



اڳتي قدم


شيخ اياز آگسٽ 1947 ع

الف:  اڄ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انقلاب جو آواز بلند ٿي رهيو آهي. حڪومت ، سماج تهذيب مذهب، رسم رواج ۾ اهم ڦير گهير اچي رهي آهي. صديون ستم سهي سهي غلاميءَ جا زنجير گهلي گهلي، عمريون لُٽائي ڦٽڪا کائي هيسجي هارائي اڄ  آدميءَ  مڪمل بغاوت جو اعلان ڪيو آهي. جاگيرداري ۽ سرمايداري نظام سان پنجو لڙايو ويو آهي .ڪٿي ڪٿي جيت ٿي آهي پر جدو جهد هرجاءِ جاري آهي. عوام جي سجاڳي ڏسي جابر قوتون ان کي نهوڙي نيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون .ان ڪوشش کي رجعت پسند مذهب، ادب  ۽ آرٽ هٿي ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف ترقي پسند ادب زندگيءَ جي صحيح تصوير ڪڍي، اوچ طبقي جا ظلم ۽ بي انصافي چڱيءَ طرح چٽي ،عوام جون مصيبتون مجبوريون ،دک درد ڏيکاري انسان ۾ انقلابي روح ڦوڪي رهيو آهي. ترقي پسند ادب حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل آهي پر هر حقيت نگاريءَ تي ٻڌل ادب هروڀور ترقي پسند ته نه آهي. سنڌي ادب ۾ صحيح ترقي پسندي آڻڻ لاءِ اسين في الحال حقيقت نگاريءَ Realism  تي زور ٿا ڏيون، جا پڻ سنڌي ادب ۾ اڃا نه آئي آهي.

ب:  هڪ حقيقت نگار اديب لاءِ ترقي پسند ٿيڻ تمام آسان آهي، بشرطيڪ سندس حيقيتن جو مطالعو منجهس بغاوت جو مادو پيدا ڪري.

اچو ته هاڻي آگسٽ پرچي جا ليک ادب جي ڪسوٽيءَ تي لائي ڏسون.

  هري دلگير بيوس ادب جي اسڪول جو آخرين ۽ بهترين شاعر آهي .سندس نظم “ننڊ ڪري ٿو جڳ داتار” ۾ ڪمزوريءَ جو احساس آهي، دنيا جا سور ڏيکاري ٿو پر منجهس جراحت جي طاقت نه آهي. شعر ۾ حقيقت نگاري آهي. غريب عوام پنهنجي بيوسيلائي ۽ بيطاقتي ڏسي ضرور چوندو ته “الله به سمهيو پيو آهي ڪير اسان جي فرياد ٻڌي!”

  پر اسين دلگير کي چونداسين ته جي جڳ داتار ننڊ ٿو ڪري ته توهين جاڳو ۽ جڳ کي جاڳايو. ۽ اها ئي آهي صحيح ترقي پسندي. “ ڌن جو رُوپ مٿان اختيار،” ڪهڙي نه گهائيندڙ سٽ آهي ! پر اسان کي پڙهندڙ کي گهائڻو  نه آهي پر ڀڙڪائڻو آهي ،جيئن هو هن نظام جو بنياد ڪڍي وجهي .جنهن عورت جي عصمت وڪامي رهي آهي ۽ هوءَ اقتصادي طور مرد جي غلام آهي ،ترقي پسند ادب ان نظام لاءِ لڙي رهيو آهي. جنهن ۾ عورت کي مرد کان مڪمل سياسي سماجي ۽ اقتصادي آزادي ملندي.

  لطف الله جوڳي پنهنجي ڪتاب “تذڪري” کان پوءِ سنڌي ادب ۾ ڪافي نمايان جاءِ حاصل ڪري چڪو آهي .جڏهن مان اسڪول ۾ پڙهندو هوس  تڏهن ته سندس شاعريءَ جي چڱي ڌوم هوندي هئي، هن ۾ طبقاتي ڪشمڪش جو احساس آهي پر اظهار نه آهي .اهوئي سبب آهي جو سندس نظم “غريبن جي دنيا جو الله والي” ۾ بيوسيءَ جو اظهار آهي ۽ نه بغاوت جو. هري دلگير جيئن هن جي شاعري به حقيت نگاريءَ تائين محدود آهي .اسان جو کيس عرض آهي ته “اسان جا محترم دوست ! انهيءَ زماني جا گيت ڳاءِ جنهن ۾ غريب پنهنجي دنيا جو پاڻ والي ٿيندو.”

  اياز جو شعر “اڳتي قدم” باغي عوام جي همت آزادي ۽ يقين جي تصوير آهي:

هي قيد اسان کي ڀڃڻو آهي،

هن پار يقيناََ وڃڻو آهه.

  شعر ۾ صحيح ترقي پسنديءَ جي جهلڪ آهي. هن جو پيغام موجوده زندگيءَ کي بدلائي نئين تعميري تصوير جو اظهار ڪري ٿو .هو هر رڪاوٽ کي ٺوڪر هڻي ڪنهن به گهيرٽ گهٻراهٽ کان سواءِ منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي .

  ڀ. احسان بدويءَ جي ڪهاڻي  “ ٽي تصويرون “ سندس پهرين ڪامياب ڪوشش آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته هو ڪنهن وقت سنڌي ادب ۾ چمڪندو. جهلڪون ته هينئر ئي اچي رهيون آهن. هو صحيح  معنيٰ ۾ ترقي پسند آهي. پهرينءَ تصوير ۾ اقتصادي ڪشمڪش جو نقشو آهي. ٻيءَ ۾ انساني فطرت جي ڪمزوريءَ جو ،ٽينءَ ۾ سماجي بي انصافيءَ جو. سندس پوئين سٽ “عجيب قائدو ! غريب ڀينڀوري!” ڄڻ ته دل ۾ تير کپائي ٿي ڇڏي.

  حبيب االله ڀٽو به صرف حقيقت نگار آهي. هو اوچ طبقي جي شاديءَ جي مسئلي کي پنهنجي ڪهاڻيءَ “وڏور ڌيءَ”  ۾ آڻي ٿو. ڪهاڻي عورت جي مظلوميءَ مجبوريءَ جو اڻ لکو احساس ۽ اظهار آهي سو به اوچ طبقي جي عورت  جي مجبوريءَ جو. اهو احساس جيئن منجهس گهرو ۽ بغاوتي ٿيندو ويندو تيئن سوني تي سهاڳ جو ڪم ٿيندو ويندو ۽ اڳتي هلي اسان جي ساهتيه ۾ خاص درجو حاصل ڪندو .

  روشن آرا زالن جي واحد ادبي رسالي “ساٿي” جي ايڊيٽر آهي ۽ سندس ادبي قابليت کيس  سنڌي صنف نازڪ Weaker Sex) )۾ نمايان جاءِ ڏئي ٿي. هوءَ پهريون دفعو سنڌي ادب کي عربيءَ  جي مشهور شاعر “خليل جبران” سان واقف ڪرائي ٿي ۽ عورت مرد جي تعلقات تي سندس هڪ شعر ترجمو ڪري ڏئي ٿي. سندس شعر “او ساز زندگي جا” زندگيءَ جي دک سک ڦريندڙ احساس چٽي ٿو . 

ت:  “کلڻي” هڪ عجيب شخصيت جي زندگيءَ جو عڪس آهي، جماعتي (Social) زندگيءَ جي ترجماني هن مضمون ۾ نه آهي .هيءَ ڪهاڻي انفرادي (Individual ) زندگيءَ  سان تعلق رکي ٿي پر سڄي ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ جي اسين سوچيون ته ان ۾ ڪنهن سماجي مسئلي جي جهلڪ به نظر اچي ٿي يا نه؟ ته اسان کي اها ڳالهه دل ۾ اتري ويندي ته اسان جي سماج ۾ عورت کي محبت جي اظهار جو حق نه آهي .هن جي چپن تي مهر لڳل آهي ۽ کيس پلئه پائي ٻڌائي پوتي پهرائي ڏنو وڃي ٿو ڄڻ ته سندس رفاقت ۽ محبت جي چونڊ گناهه آهي.

  کيئل داس فانيءَ جو شعر “پهريدار” دير سان پهتو آهي. انڪري لائق جاءِ تي نه وڌو ويو آهي. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هي سنڌ  جو جهونو شاعر پنهنجي ادبي رفيقن جو ساٿ ڇڏي ترقي پسند ادب جو جهنڊو جهولائي، اڳتي وڌي آيو آهي ڪهڙي نه سهڻي تصوير !

ٻ: رات جي دهشت خيز خاموشي، نيڻ نکنڊ “هي ها” جا هوڪا! ڄڻ شڪارپور جو پئنچاتي پهريدار اکين اڳيان اچي وڃي ٿو .ڪهڙو نه بغاوتي احساس ! جو سڄي رات مٺي ننڊ ڪري تنهن جي ٽجوڙيءَ ۾ لک. جو ڏيئي ٻرئي کان پرهه ڦٽيءَ تائين اک نه لائي تنهن جي ڳنڊ ۾ ويهه يا ٽيهه  رپيا ماهوار پگهار. سندس ڪل پونجي سندس رت ست جي بها بي خوابيءَ بيتابيءَ جو اجورو! پويون سٽون ته ڄڻ عوام کي للڪاري چئي رهيون آهن ته، “اٿو پئسي تي پورهئي جو حق آهي. اچو ! پنهنجي دولت پايو !!

  خواجه احمد عباس اردوءَ جو چوٽي جو اديب آهي. سندس ڪهاڻي “معمار” سندس بهترين ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هن طبقاتي تفاوت کي اهڙو گهرائي ۽ صداقت سان چٽيو آهي جو پڙهندڙ جو روح ان جي خلاف يڪدم کڙو ٿي ويندو.

  ڪرشن چندر ڪنهن به تعريف جو محتاج نه آهي، جيسين اردو ادب زنده آهي تيسين هو هڪ روشن ستاري جيئن چمڪندو. “ڍنڍ کان اڳ ۽ ڍنڍ کان پوءِ”  سندس انقلابي خيالات جو عڪس آهي.

  يشپال جي سنڌي ساهتيه سان اڳي ئي ڪافي واقفيت ٿيل ۽ ڪرايل آهي. باقي ڌرم وير جي اڃا گهڻن کي خبر نه آهي هي ٻئي هندي ساهتيه جا ترقي پسند اديب آهن ۽ هندي دانن ۾ سندن ڪهاڻيون ڏاڍو مقبول آهن.

ٽ:  قاضي نذر الاسلام، بنگال جو باغي شاعر، سڄي هندستان جو بهترين شاعر آهي. سندس شعر ۾ بي پناهه جوش ۽ رواني .عجيب غريب تشبيهون. دل کينچيندڙ استعارا ۽ تمثيلون (Symbolisms  ) آهن .سندس نظم “نئين نظام لاءِ جدو جهد” ۽ دنيا جي روشن مسقبل جو آئينو آهن.

  هر پرچي ۾ دنيا جي بهترين شاعرن ۽ فيلسوفن جا قول ڏنا ويندا .

  هر پرچي ۾ “سوچو ۽ بغاوت ڪريو” جي سري هيٺ مضمون ڏنو ويندو ،جنهن رستي پڙهندڙن ۾ بغاوت جو روح ڦوڪيو ويندو.

  هر پرچي ۾ “رولو ڪلب”  جي ميمبر جو خط ڏنو ويندو. اسان رولو ڪلب جي  ميمبريءَ  لاءِ  هر شخص کي دعوت ٿا ڏيون جو سچ پچ سنڌ جي ڪند ڪُڙڇ ۾ روليو ويو آهي ۽ اتي بي انصافي ۽ بدانتظامي ڏٺي اٿائين ،جنهن چاهيو آهي ته هن سماج جي نظام جو سارو مانڊاڻ اڏايو وڃي ۽ هڪ نئين دنيا ٺاهي وڃي جنهن جو بنياد ڀائپي هڪجهڙائيءَ ۽ آزاديءَ تي هجي .

انقلاب زنده باد ! انسانيت زنده باد.

 

شيخ اياز



جهلڪون


(سيپٽمبر 1947ع  جهلڪون)

 

“اڳتي قدم” جو پهريون پرچو ڏسي پڇيو ويو آهي ته ڇا ترقي پسند ادب صرف افادي ادب (Utilitarian literature) آهي، يعني ترقي پسند ادب جو مقصد صرف عوام ۾ بغاوت ڦهلائڻي ۽ مزور،هاريءَ ۾ انقلاب جو بنياد وجهڻو آهي ڇا؟ جي ائين آهي ته ترقي پسند ادب  ۾ڪهڙو لطف ۽ دلڪشي رهي سگهندي ۽ اهو انسان ذات جي ٿڪل ٽٽل دماغ کي ڪهڙي تراوت پهچائيندو؟

اسان جو جواب آهي ته صحيح معنيٰ ۾ انقلابي ادب ترقي پسند ادب آهي پر ترقي پسند ادب صرف انقلابي ادب نه آهي. انقلابي ادب کي به پنهنجو معيار  آهي ۽ اهو صرف “هاري مزدور انقلاب زنده باد”  جي نعري تائين محدود نه آهي .اسان کي ڏسڻو آهي ته انقلابي اديب پنهنجي ڪهاڻيءَ يا شعر ۾ ڪيتري دلڪشي پيدا ڪري سگهيو آهي ۽ ڪيتري قدر اسان جي جذبن  ۽ احساسن کي اٿلائي پٿلائي  مزاح ۽ طنز، فطرت نگاريءَ ۽ رومانيت، لکڻيءَ  جي لچڪ ۽ مضمون جي نوائي ،نزاڪت رستي اسان جي دل دماغ تي ڇانئجي اسان کي انقلاب لاءِ آماده ڪري سگهيو آهي؟ ادب ۽ آرٽ حسن پيدا ڪن ٿا پر اهو حسن صرف ماحول جي خوبصورتيءَ تي نه آهي، صرف الف ليليٰ جي ڪهاڻي جي خوبصورتيءَ تي نه آهي پر اهو حسن آهي شاعر يا اديب جي رنگ ،طرز، انداز، ڦهلاؤ، جدت ۾.

پر جيئن اسان مٿي چيو آهي ته ترقي پسند ادب صرف انقلابي ادب نه آهي .ترقي  پسند ادب انسان جا نفيس جذبا ۽ لطيف احساس چٽي، هن جي روح کي راحت پهچائي ٿو، بشرطيڪ اهي جذبا ۽ احساس حقيقيت تي ٻڌل هجن ۽ نه صرف تصور تي.

انڪري اسان اڳئين پرچي ۾ حقيقت نگاريءَ تي زور ڏنو آهي اياز جا ديهاتي گيت ان جو مثال آهن پر جي اڄ ڪوئي شاعر سسئي پنهون يا مومل راڻي جا بيت لکي پنهنجي تصوير جو تاڃي پيٽو پکيڙي؛ خوبصورت لفظن جو ڄار وڇائي ته ان ادب کي رجعت پسند چئبو ،ڇو ته اهو ادب اسان کي پنهنجي زندگيءَ کان ڀاڄ کارائي، حال ۽ مستقبل کان بي نياز ڪري ، ماضيءِ جي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو ۽ ان لاءِ حب پيدا ڪري ٿو. ماضيءَ جو مطالعو ضروري آهي پر ان جي حب سخت ضرر رسان . جديد تهذيب ۽ ان جي ترقيءَ ۾ مڪمل يقين ئي صحيح ترقي پسندي آهي .اچو ته هينئر هن پرچي جاليک ادب جي ڪسوٽيءَ تي لائي ڏسون.

“ڀونئرو” شعر فراري ادب (Escapist literature  ) جو مثال آهي. ان کان ته انڪار نه ڪري سگهبو ته شعر جي ٽيڪنڪ دلڪش آهي ۽ ان ۾ روانيءَ  جي ڪمي نه آهي. شعر پڙهندي دل سچ پچ ڀونئري سان ڳائي؛ جهومي، موج لٽائي ٿي ۽ سک جي سندر ڦلواڙيءَ ۾ آنند-ناچ نچي ٿي. پوئينءَ سٽ ۾ مرڪب لفظ “آنند- ناچ” ۽ استعارو “سک جي سندر ڦلواڙي” نهايت دلڪشي پيدا ڪن ٿا پر اسين ترقي پسند اديب ۽ هري دلگير هڪ چؤواتي تي بيٺا آهيون. دلگير کليو کلايو رجعت پسنديءَ ڏانهن گهلي رهيو آهي. ڪيئن ؟............

اهو ته ظاهر آهي ته شاعر  کي ڀونئري سان تشبيهه ڏني ويئي ۽ سندس آدرش ڄاڻايو ويو آهي:

جڳ ۾ منهنجو سک سوڀيا جي گلشن سان ئي مطلب .ڪنڊن کان مان پاڻ بچايان. ڦولن سان ئي مطلب. يعني ته شاعر صرف “ رس جو لوڀي “ آهي پر زندگي ڪهڙي زهر جو ڍڪ آهي ان سان هن جو مطلب نه آهي. شاعر سک سندرتا ۽ آنند- آشا جو پياسي آهي ۽ هن جو دنيا جي دک درد بدصورتيءَ بد انتظامي سان ڪوبه تعلق نه آهي . شاعر صرف “ڦولن جي هاڪ ڦهلايان” کي پنهنجو  آدرش رکي ٿو. هو ڪنڊن کان صفا منهن موڙي وڃي ٿو ،پوءِ ڀل ته دنيا ان ٻاٻري ڪنڊ تي پئي چلائي ۽چيچلائي .هري دلگير جي ڀونئري ۾ خود غرضي، خود پرستي آهي .هن جي شعر جو درس نهايت نڪمو آهي. شاعر حسن جو طالب  بيشڪ آهي پر ساڳئي وقت هن محسوس  ڪيو آهي ته هيءَ دنيا هڪ بدصورت ڏائڻ  جيئن ڏند ڏيکاري، کيس للڪاري رهي آهي. شاعر حسن جي پرستش ڪري ٿو پر جي هو هن بدصورت دنيا کان ڀاڄ کائيندو ته سندس آدرش يعني حسن هن دنيا م ڪيئن اچي سگهندو ؟ هو  ته ممڪن ڪوشش ڪندو ته هن دنيا مان بدانتظامي ۽ بي انصافي نهوڙي وڃي جيئن اها هر ڪنهن لاءِ سک جي “سندر ڦلواڙي” ٿي پوي.

اياز جا ديهاتي ۽ برساتي گيت، سنڌي ادب ۾هڪ نئين ڳالهه آهي. ديهاتي زندگيءَ جي سادي جذبات، سڌيون تشبيهون ،عام فهم ٻولي، مڪاني رنگ (Local-colour ) محبت جا هلڪا هلڪا مٺا مٺا گيت، الهڙ جوانيءَ  جا بي غم بي پرواهه  نغما. ٽيڪنيڪ جي وڏي خوبي اها آهي ته تقطيع ڪندي هڪ لفظ به نه ٿو ڪٽجي ۽ انڪري گيت به رڳو تقطيع جي ڄاڻوءَ کي لطف ڏيندا پر عام ماڻهو لاءِ به ساڳي دلچسپيءَ جو باعث ٿيندا.

سنڌي شعر ۾ گهڻيئي ڏينهن سنبل ۽ نرگس جا راڳ ڳايا ويا.ايراني اصطلاح ۽ تشبيهون ڪم آنديون ويون . وصل ۽ هجر، ناز ۽ نياز، شوخيءَ ۽ حيا، محبت ۽ نفرت جا جذبا اردوءُ تان اڌارا ورتا ويا ۽ سنڌي شعر جي اصليت تي ٺٺولي ڪئي ويئي. هي گيت سنڌ جي دقيانوسي(Orthodox ) شاعريءَ ۽ ڀُتِي پراڻي غزل  گوئيءَ کي للڪاري چئي رهيا آهن ته سنڌ جو وارياسو وطن ايران کان گهٽ خوبصورت نه آهي. هتان جي عوام جي جذبات گهٽ لطيف نه آهي. احساسات ۾گهٽ شديد نه آهي! اردو شاعريءَ جون روايتون سنڌي شاعريءَ جي اصليت کي نهوڙي نينديون . اسان کي پنهنجي محب شاعر شاهه (لطيف) جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي، جنهن نئون ادب ڏنو ۽ ڪنهن جي به پيروي نه ڪئي .پيروي ادب ۽ آرٽ لاءِ موت آهي. اصليت ۽ نواڻ  سان ئي شعر جرڪي اٿندو آهي ۽ سندس تجليون غيرن جي اکين ۾ ترورا  آڻي ڇڏينديون آهن.

شيخ راز ۽ نارائڻ شيام: سنڌ جي بهترين نواجوان شاعرن مان آهن. شيام جي شخصيت ته ڪنهن به تعريف جي محتاج نه آهي. باقي راز، هن مهل تائين گودڙيءَ ۾ لعل جو مثال ٿي رهيو آهي .جنس داڻي مان پرکبي آهي ته راز جي هڪ ئي نظم “اميري ۽ غريبي” مان پتو لڳي ويندو ته هن جا احساس ڪيترا نه گهرا آهن ۽ اظهار ڪيترو نه دلڪش آهي.

 ٻه تصويرون  آهن اوچا اوچا محل ۽ فٽ پاٿ ، چمڪ دمڪ وارا لباس ۽ ليڙون ليڙون کٿا .وڏيون ٽجوڙيون ۽ ننڍاننڍا ڪشڪول. نفرت آميز وڏائي ۽ حسرت آميز خود داري! پوئين غريبيءَ جي ميراث پهرين اميريءَ جي سند! شاعر جي مصوري ته ڏسو! هوءَ ڏسين ٿي؟ زر و زربفت ۾ ملبوس حسين يعني ساڙهيءَ جي دمڪ .

زر و زيور جي چمڪ،

 تروا منهنجي اکين ۾ ٿا اچن،

 آه هيرن جي ڪڻين جو هي هار،

 ڪيئن نه چهٽي پيو آ گردن سان!

لفظن  جو ڪهڙو نه خوبصورت انتخاب! ڇا نه جذبات جي تلخي ۽ الفاظ جي شيرينيءَ جي ملاوت! سنڌ  ۾ هن مهل تائين ٽي چار سٺا بي قافيه نظم لکيا ويا آهن ۽ انهن مان هيءُ به هڪ آهي پر شاعر کي ٽيڪنيڪ تي ضابطو البت  گهٽ آهي.

شيام جو شعر ؟؟ انساني فطرت جي هڪ دائمي احساس جي ترجماني آهي .پيريءَ جو احساس. گذريءَ جواني جي رنگين ياد! شعر پڙهي سيسراٽ اڀريو وڃي. سٽ سٽ ۾ سوز، لفظ لفظ ۾ محبت ۽ مادري شفقت ! شعر جو مرڪزي خيال نهايت بلند آهي. شعر  جي ماحول سان لفظ به خوب ٺهڪي ٿا اچن. چپن جون چڳڙون،لڪڙي، نِپوڙينم وغيره (شاعريءَ ۾ شفقت جي جذبي جي گهرائي ڏيکارڻ لاءِ “ڙ” جو ڪم آڻڻ، شيام جي ٽيڪنيڪ جو ڪمال ڏيکاري ٿو.) ڇا نه درد جي پڪار!

جنهن جي ڇاتي به ۽ تون ڀي سو ڪٿي ...

چُهٽي سمهه گل ته وڃئي ننڊ کڄي .

باقي شعر ۾ رواني اصل نه آهي. سٽن کي ڇڪي تاڻي وزن تي آندو ويو آهي، اها شيام جي شعر جي وڏي خامي آهي .ان جو سبب شايد اهو آهي ته شيام تمام گهڻو غور ۽ فڪر ڪري  ٿو.

مسٽر لطف الله بدوي: “نيڪي” جي تشريح ۾ خود لکي ٿو: “عمر خيام” ايران جي مشهور شاعر پنهنجي رباعي “ناکرده گناهه درجهان کيست بگو!” ۾ “نيڪي جي احساس ” تي هڪ فلسفي جي نڪتي نظر کان پنهنجي راءِ ڏني آهي، مگر “خليل”(جبران)پنهنجي غير فاني تصنيف “پيغمبر” ۾ نيڪيءَ بديءَ جي تخليق تي پنهنجو رايو ڏنو آهي .

 “بديءَ ۽ نيڪي کي ماحول جو ممنون ٿو سمجهي. اهوئي سبب آهي، جو هو چوي ٿو ته نيڪي رزق جي تلاش ۾ ٽڪرن ۾ ڀٽڪي ٿي، ۽ ان کي جوان حالت ۾ ميسر ٿئي ٿو، اهو ان جي پيٽ جي جهنم کي ڀرڻ لاءِ قبول ڪرڻو ٿو پوي. پياس جي منزل جڏهن موت جي درجي تي پهچي ٿي  تڏهن اڃايل کي ڪهڙي  ضرورت پئي آهي جو هو پاڻيءَ  جي متعلق ويهي بحث ڪري ته هي چڱو آهي يا خراب! هن کي ان وقت هڪ ئي خيال رکڻو پوندو ته پاڻي ڪهڙو  به آهي ميسر ٿي سگهي ٿو يا نه ؟ سچ ته فطرت انسانيءَ  جي حقيقي تقاضا به اها آهي جو بديءَ  جي فضا ۾ پليو هجي ان غريب کي ڪهڙي خبر ته نيڪيءَ  جي صورت ڪيئن ٿي ٿئي؟”

محترم لطف الله بدوي، “خليل” جي هن  شاهڪار جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي جو آسان ڪم ناهي. سنڌي ۾ اهڙي غير فاني ڪتاب جي ترجمي جي سخت ضرورت آهي. مگر نظم  ۾ ترجمو، پنهنجي جذبات تي “شاعر” جو قبضو ڪرڻ ۽ صحيح خيال کي ٻيءَ زبان جي قالب ۾ وجهڻ؛ ڪيترو ڏکيو هوندو. ان جو احساس هڪ اديب ڪري سگهي ٿو .بهرحال ڪتاب جي پوري ٿيڻ جو انتظار آهي جو شايد سنڌي ادب ۾ هڪ گرانقدر اضافو ٿئي.

روشن، جو شعر شاعره جي دل جي هڪ ڪيفيت جو ترجمان آهي. ترقي پسند ادب صرف افادي نه آهي، اهو اسان کي “گهرو احساس” پڙهڻ مان معلوم ٿيندو .

دوري ۽ مجبوري ڇا کان؟

گڏ جي پنهنجي دنيا ٺاهي

 تارو ۽ مهتاب!

 مٿيون سٽون سڄيءِ تشبيهه کي نهايت خوبصورتيءَ سان ختم ڪن ٿيون ، لکندڙ جي سڄي ڪيفيت پڙهندڙ جي دل تي ڇانئجي وڃي ٿي.

“واچ جا ڪانٽا” هڪ انقلابي رومانيت (Romanticism) جو مثال آهي. ڪهاڻيءَ ۾ اتفاق جي مدد روتي ويئي آهي . جي تار نظير کي نه ملي ته ايترو کٽراڳ ٿئي ئي نه . اتفاق جي مدد ڪٿي ئي سهڻي لڳندي آهي ڪٿي نه. اهو اتفاق ڪهاڻيءَ سان ڪيتري قدر ٺهڪي اچي ٿو ان تي فتوا  خود پڙهندڙ ڏين ته بهتر ٿيندو؟

“مريم” احسان بدويءَ جو سنڌي ادب ۾ هڪ اڳتي قدم آهي. انسان جي ڪيتري نه ذلت ٿي رهي آهي ،هن جي خودداريءَ کي ڪچليو ويو آهي . هن جي محبت نفرت جي جذبات کي نهوڙيو ويو آهي. اهو آندو آهي احسان پنهنجي دردناڪ ڪهاڻي “مريم” ۾. انسان جي جسم جي بها، اشرف المخلوقات جي قيمت صرف ٻه رپيا ! عصمت هڪ دفعو لٽي ويندي آهي .خودداري هڪ دفعو لتاڙي ويندي آهي ۽ تنهن کانپوءِ عورت جو نفس مري ويندو آهي ۽ هن ۾ بغاوت جو جذبو نه رهندو آهي .اجهي؛ اٽي ۽ لٽي جي تمنا  ۾ سندس پيار پڇتاءَ جو  احساس دفنائجي ويندو آهي . احسان تصوير ڪڍي آهي ان عورت جي؛ جا پنهنجي جسم کي دڪان تي وڪڻي  پنهنجي بيوسيلي زندگيءَ جا ڏينهن ڪاٽي رهي آهي. سندس ڇاتيءَ جا گل مرجهائجي ويا آهن. سندس اکين تي ڪجل مرڪي رهيو آهي ته “هينئر جواني ويئي،  حسن  جي قدر داني وئي.” جيئڻ جي تمنا، تمنا جي جيئڻ تي مراد  رکي ٿي. نه، نه ، مريم ۾ تمنا ته مري چڪي آهي، هينئر هوءَ جيئي ٿي، ڇاڪاڻ  جو جِي رهي آهي .ڪهاڻي گلو ڦاڙي پڪاري رهي آهي ته هر عورت طوائف نه آهي پر هر طوائف عورت آهي. پر ڇا هوءَ سچ پچ عورت آهي يا “ ڪُتيءَ کان به وڌيڪ ذليل !”

جڏهن مون رام پنجواڻيءَ جي ڪهاڻي “مڱڻو” پڙهي ختم  ڪئي، تڏهن ڄڻ ته ڪنهن دل ۾ ڪتڪتائي ڪئي،  ڄڻ ڪنهن چهنڊي پاتي. نه، نه، ڄڻ  ٺوڪر هنئي. دل ۾ عجيب احساس اٿيا ڄڻ ته”شِوَلُنگ تان برهما چميلي (چنبيلي) گل سوڌو ڦرندو گهرندو قلابازيون کائيندو اچي پٽ  تي ڦهه ڪري ڪريو .” جيئن وسامندڙ ڏيئي جي پوئين لاٽ به ٻه ٽي  وڏا ڀڙڪا کائي وسامي ويندي آهي، تيئن ڪهاڻي پوري ٿي ويئي.  جيئن تلاءَ ۾ پٿر اچلائبو آهي ۽ لهرون ڦهلنديون آهن تيئن دل ۾ هڪ سوال ڦهلندو وڏو ٿيندو ويو، ان جو مطلب الاجي ڇا هو پر سندس پهريان ۽ پويان اکر ها” اي ڪاش!......

رام (رام امر لال پنجواڻي)خط ۾ لکيو آهي ته هو مشهور فرانسيسي اديب ماپاسان ( Maupassant ) جو مطالبو ڪري رهيو آهي، شايد ان مطالعي جو ڪهاڻيءَ تي گهروا اثر ٿو ڏسجي. موپاسان جي هر ڪهاڻي دماغ  ۾ چپٽي وڄائي وائڙو ڪري ختم ٿي ويندي آهي.

ڏيتي ليتيءَ جي مسئلي تي شايد هيءَ بهترين ڪهاڻي آهي ان ۾ ڏنگ آهي ڏينڀوءَ جو ، نه ماکيءَ  جي مک جو. ماکيءَ لڳل مٺو مٺو ڏنگ !

ڪهاڻيءَ ۾ رجعت پسند عنصر ذرا نمايان آهي، رام کي خبر هئڻ گهرجي ته موپاسان يورپ جو هڪ زبردست رجعت پنسد اديب آهي ۽ ان جو زياده اثر  اسان  جي ترقي پسند ادب لاءِ زهريلو ٿيندو ۽ رام خود ترقي پسند ادب جو حامي آهي .هندو ديومالا(Mythology ) جي ڳالهه کي ايتري اهميت ڏني ويئي آهي جو اها ساري ڪهاڻيءَ تي ڇانئجي وئي آهي. ڪهاڻي آهستي آهستي هڪ ڪوهيري ۾ ڇڊي ٿيندي غائب ٿي وڃي  ٿي. ان ڪوهيري ۾ ماضي اشارا ڪري رهيو آهي، خوبصورت وهم کيڪاري رهيو آهي !

ميمڻ غوث جي “شمع” کي اسين پهريون دفعو سنڌي ادب سان واقف ڪرائي رهيا آهيون. “شمع” جي لکڻيءَ ۾ زور تمام گهڻو آهي. جهڙي سنگين حقيقتن جي ترجماني هو ڪري رهيو آهي ،تهڙي تمام ٿورا نواجوان اديب ڪن ٿا. سندس طنز ۾ زهر جو اثر آهي. مثال طور پوئين سٽ شيطان خدا تي مرڪي رهيو آهي................... زهر ماريندو به آهي دوا به ٿي  لڳندو آهي .اڳتي ڏسجي .

 

شيخ اياز



رولو ڪلب جي شاعر جو خط


مهربان ايڊيٽر صاحب،مان شاعر آهيان، مون قدرت جي رڳ رڳ ۾ دورو ڪيو آهي، جڏهن شفق جون سون رنگ لهريون آسمان ۾ لهرائينديون آهن ۽ هلڪا هلڪا بادل نيريءَ سطح تي ترندا نظر ايندا آهن ۽ جڏهن آهستي شام جي پوئين سرخي رات جي ڪاريءَ پاڇائينءَ ۾ گم ٿي ويندي آهه، تڏهن منهنجي دل ۾ عجيب امنگ اٿندا آهن. بي معنيٰ،بي پناهه ،بي انت جذبا! مان سمجھندو آهيان ته منهنجي هستي ڇڊي  ٿيندي ڦهلندي ٿي وڃي ۽ ساري ڪائنات گهري ٿيندي سميٽبي منهنجي سيني ۾ سمائبي ٿي وڃي. ڪاش! هميشه انسان قدرت جئن هجي، بي خوف؛ بي حجاب؛ بي پرواهه .ڪاش !ها حسن ۽ موسيقيءَ جي دنيا ختم نه ٿئي.

مون محبت ڪئي آهي ۽ اهڙي  ڪئي آهي جو ان جي شدت ۽ گهرائي تمام ٿورا محسوس ڪري سگهندا. هوءُ جڏهن مرڪندي هئي ته هن جون اکيون؛ منهن ۽ سارو بدن مرڪندو هو. سندس چهري ۾ موتيا ٽڙندا ويندا هئا ! هوءَ جڏهن پٺيان اچي مهنجون اکيون ٻوٽيندي هئي ته مان چاهيندو هوس ته صدين جون صديون گذري وڃن،  دنيا بدلجي وڃي زندگيءَ ۾ اٿل پٿل اچي وڃي پر اهي هٿ اتي رکيا هجن. اهي ماسيرا ملائيم هٿ ڪڏهن به منهنجن اکين کان جدا نه ٿين .ڪيترو نه لطف هو ان انڌاري.  ساري دنيا جشن ملهائي روشنيون ڪري ته به اهڙو لطف نه اچي ! مان هن کي ڏسي محسوس ڪندو هوس ته اسان صديون هڪٻئي جو پيڇو ڪيو آهي. ڪڏهن ٻه جهلڪا ڪڏهن اُتر هير جا ٻه جھلڪا،ڪڏهن  ٻه چوليون  ٿي رليا آهيون .ڪائنات جي هڪ سري کان ٻئي سري تائين ۽ نيٺ زمان و مڪان جا مفاصلا طئي ڪري اچي مليا آهيون ۽ محبت جي جهولي ۾ جُھولي رهيا آهيون. ڪاش! اهو جهولو ائين جهوليندو رهي، گرميءَ  سرديءَ کان بينياز،  سانوڻ سياري کان بي خيال، ٿڌيءَ ٿڌيءَ هير جي خنڪيءَ ۽ خوابيدگيءَ ۾ !

حسن جي پيدائش منهنجو آدرش آهي .مان خالق آهيان، مان خدا جي جهان کان وڌيڪ خوبصورت جهان خلقي سگهان ٿو . مان ڪن فيڪون چئي اهڙن لفظن جي دنيا بڻائي سگهان ٿو جنهن جو خدا خواب به نه لڌو هوندو!

پر...............

مان انسان به آهيان .صرف شاعر نه آهيان. منهنجي  اکين نه رڳو خوبصورتي ڏٺي آهي، پر بدصورتي  به ڏٺي اٿائون .ڪنن به رڳو موسقي سان لهه و چڙهه نه  رکي آهي پر درد جون دانهون به ٻڌيون اٿائون. پوءِ ٻڌايو ته منهنجا چپ صرف خوبصورتيءَ جي باري ۾ ڪيئن ڳائيندا؟

مان ڪيئي دفعا ڏٺو آهي ته ٽانگي پٺيان ننگا ٻار ڊوڙندا ايندا آهن ۽”بابو، ديا ڪريو. االله جي نالي هڪ پيسو هڪ پيسو .” ٽانگو تيئن زور سان هلندو آهي ۽ هو ٿڪجي بيهي رهندا آهن. سندن پيشانيءَ تان پگهر وهي مٽيءَ ۾ ملي ويندو آهي. “ڇا هي به انسان آهن.” مون ڪيئي گهمرا سوچيو آهي. ٻارن  کي ته شاعر  هميشه گلن سان تشبيهه ڏيندا آيا آهن ! خوبصورت، دلڪش گل جن ڪڏهن به سرءُ جي سٽ نه سٺي آهي، جن لاڏ ڪوڏ ۾ وقت گذاريو آهي ۽ هير ۾ رانديون رميون آهن .هنن ٻارن کي ڪيئن گلن سان تشبيهه ڏيندس ! هنن جي ته موجودگي به اسان کي ڪنڊي جيئن چڀي رهي آهي.  هي ته سرءُ جا سڪل زرد پن آهن ،جن کي طوفان ڌڌڙ ۾ ڦيرائيندو ؛گهيرائيندو؛ گيسرائيندو؛ گهليندو ويندو آهي! هي گل ڪيئن ٿيندا ! ليڙ ليڙ قميصون، چيڙهه چيڙهه چڳون، ريڙهه پيڙهه  جي زندگي!

مون ڪارخاني مان مزدور موٽندا ڏٺا آهن .ويهين پنجويهين ورهئين جا ڳڀرو جوان ! شاعرن انهيءَ وهي جي باري ۾ صفحا سياه ڪيا آهن. جواني ديواني البيلي مستاني! نه گذرئي جو غم نه آئيندي  جو الڪو. نئين رت، نوان امنگ،.ڳالهه ڳالهه ۾ رس، پل پل ۾ رنگيني!

هڪڙي شاعر لکيو آهي ته، “ڇولين جي مستي بادلن جي رفتار،گلن جي نزاڪت ڇني قدرت جواني ٺاهي” اي آڪاش ! مان انهيءَ شاعر کي ڪن کان وٺي گهلي اهي ڪارخاني مان موٽندڙ مزدور ڏيکاري سگهان ۽ پڇانس ته ڇا تو هن جواني جي باري ۾ گيت ڳايا آهن! هن ڏکن ڏڌيءَ جوانيءَ جي باري ۾ .هي مزدور ته ڏس، مشين تي ٻارهن ڪلاڪ بيهي، ڪٻو ٿي  ويو آهي . هن کي گردي جو سور به پوندو آهي، هن جي پگهر ۾ بانس به آهي ،هي اڌ بکيو به آهي، سندس دل ۾ آنڌ مانڌ ؛منهن تي اڻ تڻ  آهي . ڇا تو انهيءَ جوانيءَ کي سارهيو آهي؟”

مان طوائف جو گهر به ڏٺو آهي .اتي چڱي چهل پهل لڳي پئي هوندي آهي ۽ جسم جي خريد و فروخت ٿيندي آهي. اجهو هي رگهوناٿ سٽوڙي پيو اچي. هو وڏيرو ڪريم بخش ، هو صوبيدار سليم خان ! هيڏانهن هيءَ ڏسو جا لالٽين در ۾ ٽنگي ڪرسي وجهي ويٺي آهي، سندس سانوري منهن تي پائوڊر مرڪي رهيو آهي. سندس چپن تي پان ٿوڪاري رهيو آهي. ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي، آڱريون منڊي، گوڏي کي سوگهو جهلي ويٺي آهي ۽ چئي رهي آهي، “ٽي رپيا.”  اڙي اسان پرديسي آهيون ڪجهه گهٽ وٺ. وڏيرو ڪريم بخش هي هي ڪري کلي ٿو. “مري جان ادهر ديکهو تو.” صوبيدار حشمت سان چئي ٿو. رگهوناٿ سٽوڙي ته اڄ کٽي آيو آهي، تنهن جي ٽين روپئين واري ۾ ڪٿي ٿي اک ٻڏي ۽ چوي  ٿو ڇڏ يار ڇا تي مئو آهين، هتي ته مندي تي مندي آهي تيجي کپي تيجي!”

شاعرن عورت جي شرم ۽ حيا جي ساراه ۾ خوب قلابازيون کاڏيون آهن. هنن ته عورت کي شرم ٻوٽيءَ سان ڀيٽيو آهي. هنن ته عصمت ۽ پاڪدامنيءَ جي ساراهه ۾ قلم ڪارا ڪيا آهن. ڪٿي آهن اهي شاعر! اهي خود فريب مداري! هر عورت طوائف نه آهي پر هر طوئف ته عورت آهي ! ڪٿي آهي ان جي عصمت پاڪدامني، حيا! جيستائين اهڙين عورتن جو وجود آهي، تيستائين مان ڪيئن عورتن کي شرم ٻوٽيءَ سان ڀيٽي سگهندس . هي غريب عورتون بکن ڏکن جون ستايل عورتون گهر ٻار کان ڌڪاريل، دنيا جي نظر ۾ ذليل. خدا جي چوڻي دوزخي!

توهان ئي چئو ته انهن احساسن هوندي منهنجي شاعري سنڌ جي اڳين شاعري کان علحدي نه ٿيندي ! مان خوبصورتي پيدا ڪرڻ چاهيان ٿو پر اول بدصورتي ته مٽايان ! مان موسيقيت پيدا ڪرڻ چاهيان ٿو پر اول دک درد جون دانهون، بک بيماريءَ جون پڪارون ته وڃايان!

ان ڪري مون هن سماج ، حڪومت، مذهب، رسمي رواجي خيالات سان بغاوت جو اعلان ڪيوآهي.مان رزمي بزمي عشقي فشقي شاعر نه آهيان ،مان هن سرشتي کي ڊانوان ڊول ڪرڻ چاهيان ٿو .هن زندگيءَ کي نئين سانچي ۾ پلٽڻ چاهيان ٿو منهنجا گيت ڪنهن صوفياڻي محفل لاءِ نه آهن ۽ نه ڪي اميرن جي مجلس لاءِ آهن، جتي سگريٽ جو دونهون شراب جي بدبوءِ، ڪڃريءَ جا گنهگهرو ۽ ڌڪڙن جي ڌاڪڙ ڌون ملي، فضا جي بدتميزيءَ کي گهرو بڻائيندا آهن. هي گيت عوام جي جهنڊي سان لهرائيندا، انقلاب جي نعري جو آدرڀاءُ ڪندا، جيئن زمين آسمان گونجي اٿي، هيءَ بي انصافيءَ بدانتظامي ءَ جي دنيا ڌڏي وڃي ۽ زلزلي ۽ ظلمت مان نئين دؤر جي پرڀات نچندي اچي ۽  دنيا تي پنهنجا سيتل ڪرڻا ڦهلائي ! ۽ پوءِ مان پنهنجا نفيس جذبا ۽ لطيف احساس چٽيندس ۽ اهڙو لفظن جو خوبصورت جهان اڏيندس جو خدا جو بهشت به ان اڳيان هر هر جهڪي سلام ڪندو.

چيو وڃي ٿو ته منهنجن بغاوتي ترانن تي حڪومت بندش وجهندي، جي ائين آهي ته توهين پنهنجي رسالي رستي آواز اٿاري منهنجي مدد ڪجو .



ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون


 مون هي ڪتاب آگسٽ 1988ع جي وچ ڌاري پورو ڪيو هو. انهيءَ عرصي ۾ پتو نه پوندو هو ته سج ڪڏهن ٿو اڀري ۽ لهي. شايد جيڪي اچي رهيو هو ان جا منهنجي من تي پاڇاوان پئجي رهيا هئا. مون کي ائين ٿي لڳو ته گهڙو ڀرجي ڀرجي هاڻي ڇلڪندو. اوچتو جنرل ضياالحق اڏامي ويو. جيستائين ادل سومرو ڪتاب نقل ڪري ئي ڪري، اليڪشن ٿي، سنڌ ۾ رجعت پرست پاڙان پٽجي ويا، ۽ ساري سنڌي قوم جي اتفاق راءِ ۽ ٻين صوبن ۾  اڪثريت جي ووٽن سان شهيد ڀٽي جي ڌيءَ محترمه بينظير اقتدار ۾ آئي. ايشيا جي بدترين آمريت کان هن ڌرتيءَ کي نجات ملي ۽ آئينده امن ۽ محبت جا امڪان پيدا ٿيا. جيئن هي ڪتاب پورو ٿيو هو تيئن فيروز احمد پنهنجن ڪتابن ۾ ان جي عنقريب اشاعت لاءِ اشتهار ڏنا هئا. ٻه سال اڳ جڏهن مون حيدرآباد ۾ ادبي سنگت جي سالياني ميڙ تي پهرين صدارت ڪئي هئي، ته مون من ۾ فيصلو ڪيو هو ته، پنهنجي صحت کي مدنظررکي، هڪ سياستدان وانگر ته مان سياست ۾ بهرو نه وٺندس ۽ ون يونٽ واري دؤر وانگر ساريءَ سنڌ جي شهر شهر ۾ ادبي جلسن ۾ شريڪ ٿي، پنهنجي ادب کي کاٻيءَ ڌر جي سياست جو همرڪاب نه بڻائي سگهندس، پر ڏينهن رات پورهيو ڪري، ڪتاب لکي، انهن جي اشاعت سان هن دور جي ترقي پسند سياست کي هٿي ضرور ڏيندس.

مون کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته منهنجي محنت سجائي ٿي آهي، منهنجون تحريرون سنڌ جي نئين ۽ پراڻي نسل ۾ باهه وانگر ڦهلجي ويون آهن ۽ منهنجي ادبي حاصلات لاءِ ساڳيو احترام ۽ محبت اڀري آئي آهي، جا ڏهاڪو سال اڳي هئي، بلڪ ان جو اظهار اڳ کان به وڌيڪ ٿي رهيو آهي. جي منهنجو ادب ان وقت سنڌ کي ڪم اچي سگهي، جنهن وقت سنڌ جو وجود ئي خطري ۾ هجي، ته مون کي ان جي پرواهه نه آهي ته اهو صدين تائين زنده رهي يا نه.

 مان چاهيان ته سوويت ادب تي ٻه ٽي سؤ صفحا لکي سگهان ها، پر ڪتاب ڏاڍو وڏو ٿي وڃي ها. ان ڪري مون اختصار کان ڪم ورتو آهي ۽ ان تي مختصر نگاهه وڌي آهي، پر سولزي نٽسن تي ڪجهه تفصيل سان لکيو آهي، ڇو ته اهو ئي مزاحمت جي وڏي ۾ وڏي ۽ زنده نشاني آهي.

 مون في الحال روس جو سفرنامو، اڌ ۾ لکي، رکي ڇڏيو آهي، ڇو ته هاڻي ته ظاهر ٿي پيو آهي ته روس جي تاريخ ۽ ترقيءَ جي باري ۾ انگ اکر غلط آهن.

آخر ۾ مان پنهنجي نوجوان دوست، ادل سومري، جو ٿورائتو آهيان. جنهن نهايت لگن سان هن ڪتاب جو نقل ڪيو آهي. هو مدد نه ڪري ها ته ، منهنجين بي انتها مصروفيتن سبب ، هن ڪتاب جي اشاعت ۾ وڌيڪ دير لڳي وڃي ها.

 

شيخ اياز

ڊسمبر 25، 1988ع



ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر


هن ڪتاب ۾ جين ۽ ٻڌ ڌرم جو ذڪر ڪندي ڪيئي سنسڪرت جا لفظ ڪم آندا ويا آهن. جيئن ان دور جي فضا ۽ فلسفي کي چڱيءَ طرح اڀاري سگهجي. اهي لفظ اسان جي سنڌيءَ ۾ مستعمل نه آهن. ان ڪري فوٽ نوٽن ۾ انهن جا هم معنيٰ سنڌي، فارسي يا عربي لفظ ڏنا ويا آهن، جي اسان لاءِ اجنبي نه آهن.

هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل هر شخص جو منهنجي زندگيءَ جي ريگزار ۾ مستقل نقش پا آهي. مون ڪنهن کي به دانستا نه رنجايو آهي پر جيڪڏهن ڪائي لغزش قلم کي غير دانسته طور اچي وئي آهي ۽ ڪنهن کي رنج رسايو اٿائين ته مان هن کان معافي طلب آهيان. هن جي معروضي وجود جو عڪس جيئن منهنجي دل جي آئيني ۾ پيو آهي، ائين ئي مون هن جي عڪاسي ڪئي آهي.

هي ڪتاب سفرنامو به آهي ۽ منهنجي سرگذشت جو هڪ حصو به آهي ۽ عمر ايتري وٿي ڏني ته ان جا ٻيا حصا به لکي پورا ڪندس.

ان ڪتاب جي تڪميل ۾ روزاني “برسات” جي چيف ايڊيٽر شپ ۾ گذاريل ڪجهه مهينن کان پوءِ ، مان اسپتال ۾ موت کي پٺ تي ڌڪي موٽي آيو آهيان، شايد الله کي مون کان ڪوئي ڪم وٺڻو هو. مون کي هاڻي يقين ٿي ويو آهي ته انسان جو ڄم ۽ موت لوح محفوظ ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ ڪائي ردو بدل نه ٿي ٿئي. مون اسپتال مان نڪري شاعريءَ جا چار ٻيا ڪتاب لکيا آهن. جن کي ٽئگور جي آخري ڪتاب “مرتيو پنک Wings of death “ واري ڪيفيت آهي. انهن جي پيش لفظ ۾ مان ساري حقيقت لکڻ ٿو چاهيان.  جا منهنجي آخري شاعري جو محرڪ جذبو آهي. عالم الغيب ۾ ڪنهن جهاتي پاتي آهي! معلوم نه آهي ته قدرت ڪيترو وقت منهنجي لاءِ اڃا رکيو آهي ۽ ڪڏهن هلندڙ گهڙيال جون سيون بيهجي وينديون.

مان فلسفي نه آهيان. نه وري ڪوبه وڏو شاعر فلسفي هو. هن جي هر سٽ ۾ جا به گهرائي آهي. اها ڪنهن به فلسفيءَ جي تحرير ۾ ورلي ملندي. مشهور فلسفي اوس پينسڪيءَ پنهنجي مشهور ڪتابIn search of the Mysterious ۾ چيو آهي ته، “روح جي ابديت لاءِ ڪافي جدوجهد جي ضرورت آهي ۽ ان کي بلور وانگر شفاف بڻائڻو(Crystallize) ڪرڻو پوي ٿو.” اها چوڻي ته جيتوڻيڪ منهنجي مذهبي عقيدي سان ڪي قدر متضاد آهي پر پوءِ به غور طلب آهي. مان هتي آرٽ جي مسلسل تخليق ۽ ان جي جدوجهد تي وڌيڪ لکڻ نه ٿو چاهيان. ڇو ته ڪتاب ڪافي لنبو تي ويو آهي. آخر ۾ مان پنهنجي دوست جمال ابڙي جو احسان مند آهيان ، جنهن ويهارو نشستون ڪري اهي واقعا لکارايا جي اسان جي سفر ۾ پيش آيا ها. مان پنهنجي دوست غلام ربانيءَ ۽ محمد ابراهيم جوئي جو به ٿورائتو آهيان ، جن انهن ۾ اضافو ڪيو. مان قاضي منظر حيات جو به بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن نهايت جانفشانيءَ سان منهنجو ساٿ ڏنو آهي.

آخر ۾ مان جناب فيروز احمد جو ٿورائتو آهيان جنهن هن وقت تائين پنهنجي اشاعت گهر مان منهنجا ٽيهه ڪتاب ڇپايا آهن.

 

شيخ اياز

1ڊسمبر 1994



ڪَتِينُ ڪَرَ موڙيا جڏهن جو مهاڳ


مون کي ان جو اعتراف آهي ته پوئين ڀيري بيماريءَ کان پوءِ منهن جي تحرير ۾ حد کان وڌيڪ قنوطيت اچي وئي آهي. پر ان کان ڪجھه وقت اڳ جي شاعري رجائيت پسند آهي . جيئن ڪتاب ۾ شامل گيتن ۽ غزلن ۾ نظر اچي ٿي . هوريان هوريان مون کي زندگيءَ جي حسن ۾ ساڳي دلچسپي موٽي آئي آهي، جيڪا منهنجن نون هائيڪن ۽ چئو سٽن مان ظاهر آهي. ائين ٿو لڳي ته مان ڪنهن خوابِ پريشان مان جاڳيو آهيان ۽ اڃا پرھ جي ٿڌي هير جا جهوٽا لڳي رهيا آهن.

هن ڪتاب ۾ شامل غزل بحر طويل ۾ آهن، جيئن مير تقي مير جو هڪ شعر آهي :

دور بهت بهاگي هو هم سي سيکهي طور غزالون کا،

وحشت کرنا شيوه ان اچهي آنکهون والون کا.

يا فاني بدايونيءَ جو هيٺيون غزل آهي :

فصل گل آئي يا اجل آئي، ڪيون در زندان کلتا هي ،

ڪيا ڪوئي وحشي اور آ پهنچا يا ڪوئي قيدي چهوٽ گيا.

انهيءَ بحر طويل ۾ ، مون مير تقي مير کان وڌيڪ تجربا ڪيا آهن. انهيءَ بحر طويل کانسواءِ مون ٻيا به بحر طويل ۽ ڪجهه بحر خفيف استعمال ڪيا آهن، جيڪي ائين ئي آهن، جيئن فارسي ۽ اردوءَ ۾ آهن پر (منهنجو غزل اردو ۽ فارسيءَ جي روايت کي ڪوهين دور ڇڏي ويو آهي. اردو ۽ فارسيءَ جا غزل ڄڻ سئو لفظن جي گهيري ۾ آهن ۽ انهن تي بندش ۽ روايت جو لوڙهو ڏنل آهي. مان هر بندش ۽ روايت کان باغي رهيو آهيان. هنن مان ڪنهن به غزل ۾ ڪنهن مغل شهنشاھ جي باغن جي گلن جي خوشبوءِ نه آهي، انهن ۾ ٿر جي ماڪ ۽ آلين ولين جي مهڪ آهي.)

اردوءَ ۾ مسلسل غزل جو رواج گهٽ آهي، اهڙا غزل جي غالب ۽ اقبال لکيا ، سي اردوءَ ۾ ورلي ملن ٿا، غالب جي غزلن :

مدت هوئي هي يار ڪو مهمان ڪئي هوئي،

**

جب ڪه تجهه سا ڪوئي موجود پهر هنگامه اي خدا ڪيا هي.

۽ ڪجھه ٻين غزلن ۾ اهو تسلسل ملي ٿو. يا علامه اقبال جو غزل:

ڪبهي اي حقيقت منتظر نظر آ لباسِ مجاز مين

پر غالب کان وٺي فراق ۽ فيض جي غزلن تائين . ڪنهن به شاعر سان منهنجي غزل جي هيئت ۽ مواد هڪ جهڙو نه آهي.

اردوءَ ۾ ميراجيءَ سڀني کان چڱا گيت لکيا آهن ۽ ٻيا به ڪجهه اردو شاعر آهن، جن چڱا گيت لکيا آهن ، جي مون پڙهيا آهن . مثال طور :

ان جاني نگر من ماني رهي، من ماني نگر ان جاني رهي.

پنجابي ۽ هندي گيتن جو به مون تي اثر ٿيو آهي. مثال طور مون “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” ۾ پنجابي گيت جي هڪ سٽ ،”ڦس نين بدل برسي” لکي آهي يا هنديءَ جي ڇايا ديوي اسڪول جي شاعره مهاديوي ورما جو هيٺيون گيت مثال طور ڏئي سگهجي ٿو :

آج رات سنگهار ڪرو نگي

کهلي پهول سا جوبن ،

لي ڪر ڪانٽون ڪي بن پار ڪرون گي

مون ڪيترين ئي ٻولين جي لوڪ گيتن جو مطالعو ڪيو آهي. مثال ايترا اکُٽ آهن جو هن پيش لفظ ۾ سمائجي ئي نه ٿا سگهجن . هي “ “ڪتين ڪر موڙيا جڏهن”  جو ٽيون ڀاڱو آهي. جنهن جي پهرين ٻن ڀاڱن جي نظم ۽ نثر ۾ جن شخصيتن جا نالا ورتا ويا آهن. انهن تي جامع مضمون به آهن .

اسان جي پنهنجي ڪلاسيڪي شاعري ماترائن جي ڇند تي ٻڌل آهي. دؤرِ جديد ۾ به ماترائن جي حساب سان مون اڪيچار شعر لکيا آهن. اميد ته پڙهندڙن کي هنن گيتن ۽ غزلن ۾ نواڻ ۽ تازگي نظر ايندي.

 

شيخ اياز

6 جولاءِ 1996

27- اي، پرنس ڪامپليڪس

ڪلفٽن روڊ، ڪراچي .



ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر ڀاڱو-3


منهنجي آتم ڪهاڻيءَ جو خاص طور هي ڀاڱو ان لاءِ آهي جيڪو منهنجي شاعريءَ جي پس منظر ۾ دلچسپي رکي ٿو. اهو ناممڪن آهي ته حافظ جي فقط هڪ ئي محبوبه شاخ نبات هئي يا غالب جي هڪ ئي محبوبه لنگهياڻي هئي يا جديد ڀارت جي ڪوي نرالا جي پريتما فقط مهاديوي ورما هئي . اهڙي دعويٰ ته ٽالسٽاءِ ، جيڪو مسيحيت جو پختو پيروڪار هو. اهو به ڪري نه سگهيو هو.

جوانيءَ ۾ مون کي قدرت مست سانَ جيتري سگهه ڏني هئي جو پوري واڙي لاٰءِ ڪافي هوندو آهي . آتم ڪهاڻيءَ جي هن ٽئين جلد ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي . اها ٻي ڳالهه آهي ته مون گفتگوءَ ۾ ادبي چاشني ڀري آهي. مون اڃان ڪيتريون ڳالهيون ڄاڻي واڻي نه لکيون آهن، جيئن سنڌ جو ٽاڪوئون ذهن ٽٽي نه پوي. في الحال چئي نه ٿو سگهان ته اهي مشاهدا ۽ تجربا اڳتي لکڻ جي جرئت ڪري سگهندس يا نه ؟ ممڪن آهي ته مان به خسروءَ وانگر چوان ته

گوري سووي سيج پر، مُک پر ڊاري ڪيس،

چل خسرو گهر اپني، سانجهه ڀئي چؤ ديس.

(خوبصورت عورت سيج تي ستي آهي ۽ هن جي منهن تي ڪارا وار ڦهليل آهن.خسرو، هاڻي پنهنجي گهر هل، سانجهي چوڌاري ڇائنجي وئي آهي.)

پر منهنجي دل ايئن پاڪيزه رهي آهي. جيئن ماڪ ۾ ڪنول جو گل هوندو آهي. مان پنهنجي ماضيءَ تي نادم ناهيان ۽ جيڪڏهن مون کي زندگي ٻيهر ملي وڃي ته ان ۾ ٿوري ڪٽ سٽ ڪيان جو اها هن مسودي کان وڌيڪ خوبصورت لڳي..

پنهنجي آتمڪهاڻيءَ سان گڏ پوري دنيا ۽ برِصغير جي ڪهاڻي به آهي جا منهنجي شاعريءَ جو پس منظر آهي..

 

 

شيخ اياز

27 _ پرنس ڪامپليڪس،

ڪلفٽن ڪراچي ، سنڌ

06-11-1997



هي سپنا منهنجي جهوليءَ ۾


(شيخ اياز جي شاعريءَ بابت راءِ ڪتاب گيڙو ويس غزل)

 

مان ڪنهن وقت سوچيندو آهيان ته مان پيدائشي شاعر آهيان. جڏهن منهنجي عمر يارنهن سال هئي ۽ مان کيئل داس فانيءَ وٽ پهرين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندوهوس، تڏهن مون پهريون غزل لکيو هو،  جو مهيني کان پوءِ “سدرشن” رسالي ۾ ڇپيو هو. اهو رسالو منهنجي دوست هوندراج “داس” ڪڍيو هو، جو ان وقت ٻئي درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندو هو ۽ مان ڀانيان ٿو ته ڀارت جي مشهور وڪيل رام ڄيٺملاڻيءَ جو ڪلاس فيلو هو . “سدرشن “ جا ٻه چار پرچا ڪڍي داس ڪراچيءَ هليو ويو، جتي ڪجهه سالن کان پوءِ روزاني “سنسار سماچار “ جو سب ايڊيٽر ٿيو هو ۽ ان ۾ “کڙکٻيتي” جي فرضي نالي سان مزاحيه ڪالم لکندو هو .

“سدرشن” ۾ شايع ٿيل منهنجي غزل جي تخليق به هڪ عجيب تجربو هئي. انهن ڏينهن ۾ مون شڪارپور جي جماڻي هال لئبرريءَ مان سوامي رام تيرٿ جون اردوءَ ۾ ڇپيل ڊائريون پڙهڻ لاءِ ورتيون هيون، جن ۾ رام تيرٿ جي زندگي ۽ ان جا مشاهدا ڏنل هئا. انهن ڊائرين ۾ نظير اڪبر آباديءَ جا ڪجهه مخمس “ڪوڙي نه رک ڪفن ڪو”وغيره به شامل هئا ۽ ٻين جا ڪجهه غزل به اتاريل هئا. مون اهي ڊائريون چوويهه ڪلاڪ سانده پڙهيون هيون ۽ مون کان کاڌو به وسري ويو هو. اها ڪيفيت اڃا طاري هئي ته اوچتو مون کي هڪ غزل سجهي آيو هو، جنهن ۾ ٻه ٽي لفظ ان غزل جا هيا جو مون سوامي تيرٿ جي ڊائرين ۾ پڙهيو هو. ان وقت مون کي بحر و وزن جو ڪوئي علم نه هو، پر جنهن وقت اهو غزل ڇپيو هو، مون کي فاني صاحب ٻڌايو هو ته ان ۾ بحر و وزن جي ڪا خاص غلطي ڪانه هئي. جڏهن مان ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندو هوس، تڏهن منهنجا ڪجهه نظم ادبي رسالي “سنڌو” ۾ ڇپيا ها ۽ منهنجا ڪلاس فيلو چوندا ها ته اهي نظم مون کي فاني صاحب لکي ڏيندو آهي. ان وقت کان شاعريءَ منهنجو پيڇو نه ڇڏيو آهي ۽ مون هڪ گهڙيءَ لاءِ به نه وساريو آهي ته مان اڳ ۾ شاعر آهيان. ٻيو سڀ ڪجهه پوءِ آهيان.

مان اهو فخر سان چئي ٿو سگهان ته سنڌي غزل ۽ ٻي شاعريءَ کي ڌاري روايت مان مون ڪڍيو هو ۽ ان جون جڙون سنڌي شاعريءَ سان ملايون هيون. جيتوڻيڪ مون ماترائن جي حساب سان بيت، وايون، گيت، لوڪ گيت، هائڪا لکيا ها ، پر مون کي فارسي بحر وزن تي به ڪافي عبور هو، جنهن کي مون غزل ، نظم ، آزاد نظم ، گيت ، ڏيڍ سٽي وغيره ۾ ايئن استعمال ڪيو جو ڪوبه بحر وزن جو استاد ان مان غلطي پڪڙي نه سگهندو . اها ٻي ڳالهه آهي ته مون غزلن، نظمن، آزاد نظمن ۾ تشبيهون، استعارا، فني محاڪات، ٻوليءَ جا گوناگون تجربا سڀ سنڌي آندا. اها ڪا ڳالهه نه آهي ته مون فارسي ۽ اردو شاعريءَ جو مطالعو ڪري به سنڌي شاعريءَ ۾ فارسي ۽ اردو لفظ گهٽ ۾ گهٽ ڪم آندا آهن ۽ ان جون جڙون شاهه لطيف سان ملايون آهن. پر مون فارسي بحر وزن جو ننڍي هوندي کان مطالعو ڪيو هو ۽ جي سنڌيءَ جا جغادري شاعر ها، انهن کان به بحر وزن کي ڏهه ڀيرا وڌيڪ ڄاڻندو هوس. هو بار بار سٽ ۾ اگر حدف ڪندا ها، مان ورلي ڪندو هوس، غالب جهڙي شاعر به چيو هو .

نڪلنا خلد سي آدم ڪا سنتي آئي ٿي ليڪن،

بهت بي آبرو هوڪر تري ڪوچي سي هم نڪلي.

مٿيون شعر چار ڀيرا مفاعيلن وزن تي آهي، پر پڙهڻ ۾ “ڪا” جو الف حدف ڪري “ڪ” ڪري ٿو پڙهڻو پوي ، جو نڙيءَ ۾ ڪنڊي وانگر ٿو کٽڪي . منهنجي سنڌ جي نئين نسل جي شاعرن لاءِ اها هدايت آهي ته هو فارسي بحر و وزن جو مطالعو ضرور ڪن . ايئن برابر آهي ته فارسي هاڻي اسان جي تعليمي نصاب ۾ زبردستي مسلط نه ٿي ڪئي وڃي ۽ ٿورا ماڻهو فارسي ڄاڻن ٿا پر گهٽ ۾ گهٽ اردوءَ جي ذريعي اسان جي شاعرن لاءِ لازمي آهي ته هو فنِ عروض جو غور سان مطالعو ڪن . مون ته ٻئي درجي ۾ ان موضوع تي پهرين محمود خادم جو ڪتاب “رهنماءِ شاعري” پڙهيو هو ۽ مون کي بحر وزن جي مشق، ڪل ٻه چار سال ڪرڻي پئي هئي.

سنڌيءَ جا غزل گو شاعر اردوءَ جي صاحب ديوان شاعرن کان متاثر هئا. هو خليفي گل محمد جي سنڌي محاڪات، محاورن ۽ زبان بجاءِ ناسخ، مومن ۽ آتش وغيره جي ڪلام مان رديف ۽ قافيه چونڊي چونڊي ، پنهنجي غزلن ۾ آڻيندا هئا. خليفي گل محمد کان پوءِ سنڌي غزل، اردو غزل جو چرٻو هوندو هو .

اسان غزل ۽ آزاد نظم جي مزاج ۾ ايتري تبديلي آندي، جو ان ۾ ڪائي اجنبيت نه رهي . اسان بحر وزن ، قافيي ۽ رديف ۽ ٻئي پوري فني لوازمات کي سنڌيت جي مزاج سان موافق ڪيو ۽ جديد کان جديد ترين انسان جي ذهني ڪشمڪش ان ۾ سمائي آياسين . هن وقت سنڌي شاعري فڪري ۽ فني لحاظ کان ، قدامت ۽ جدت جو بهترين ميلاپ آهي.

منهنجي غزل جو فارم فقط اردو ۽ فارسيءَ تان ورتو ويو آهي. باقي ان ۾ محاڪات، استعارا، تشبيهون، قافيا ، رديف وغيره ٺيٺ سنڌي آهن ۽ ڪجهه ابتدائي غزل ڇڏي ، هر غزل تي منهنجي مهر لڳل آهي . مون هر صنف ۾ اجنبيت جي عنصر کي رد ڪري، ان کي ٺيٺ سنڌي بڻايو آهي . اها منهنجي خامي آهي يا خوبي آهي، ان جو فيصلو پڙهندرن تي ڇڏيان ٿو .

مولانا غلام محمد گراميءَ جڏهن منهنجي شاعريءَ تي “مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات” مضمون لکيو، تڏهن هن مونکي ٻڌايو هيو ته هن شاعري ڇڏي ڏني هئي. ڇو ته اها هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. هن اهو به ٻڌايو هو ته هو جميعت شعراءَ جو ميمبر هو تڏهن شعرُ مصرع طرح، ڏسي سارا اردوءَ جا ديوان کوليندا هئا ۽ ان ساڳئي قافيه ۽ رديف تي لکيل غزل ڏسي، پنهنجو سنڌي غزل لکندا هئا. ۽ نه رڳو رسمي خيال ٻين جي اردو غزلن تان وٺندا هئا، پر قافيه به انهن تان کڻندا هئا. روايت هنن جي ميرن ٻاراڻن هٿن ۾ اجهاڻل موم بتيءَ وانگر هئي .

اهو وقت گذري ويو، جڏهن سنڌي شاعرن مان ڪفن ۽ ڪافور جي بوءِ ايندي هئي. جڏهن لکنو ۽ دهليءَ جي ڀُتيءَ روايت کان متاثر سنڌي شاعر، قافيه پيمائي ڪندا هئا، ۽ پنهنجو غزل پينوءَ جي پاند جيئن ڦهلائي داد جي طلب ڪندا هئا . انهن ۾ نه زندگيءَ جو شعور هو، نه ادب جي شناسي ۽ نه انهيءَ اردو غزل جو صحيح ذوق، جنهن جون ٻه چار تشبيهون هنن لاءِ انهيءَ انڌي ڏيڏر جي ڪائنات ٿي چڪيون هيون. جو نه فقط زندگيءَ جي موج ۽ تلاطم کان بي خبر هو، پر پنهنجي کوهيءَ جي ڇر تي ڪنهن چنڊ ستاري جو پاڇو به نه ڏٺو هئائين . گذريل ڪافي عرصي جي شاعري اهي ٿاڦوڙا آهي، جنهن جي چِڪَ  جون ڦينگون اڃا تائين حيدرآباد کان لاڙڪاڻي تائين اڏامنديون نظر اينديون، ۽ جن کي اڃا تائين ڪجهه تُڪ بند شاعر ڄور وانگر چنبڙيا پيا آهن .فارسيءَ ۽ اردو شاعريءَ جي روايت ۾ ڪائي مور جي ادا ته ڪانه هئي ،جو ان جي تقليد ڪئي وڃي ها البت ڪجھه ڪانءَ، هد هد جا کنڀ اٽڪائي اڏامندا نظر ايندا هئا. انهن مان ڪجهه اهي به هئا، جن جا سطحي جذبا هنن کي حالي، اڪبر الهه آباديءَ ۽ اقبال جي دروازي تي وٺي ويا، ۽ هو، لڪير جا فقير، ڪجهه ادبي اوبر مان جهول ڀري آيا. انهيءَ کوکليءَ شاعريءَ جي کرڙ ڏسي، ڦوليا نه سمايا. انهن کان اهو وسري ويو ته اسان جي زبان ۽ ادب خود مالامال آهي ۽ ڀٽائي ، سچل ۽ ساميءَ جيڪو ذخيرو ڇڏيو آهي ، سو ڪڏهن به نه کٽڻو آهي ۽ فقط اهو ئي اسان لاءِ فخر جو باعث آهي. هڪ طرف فارسيءَ ۽ اردو شاعريءَ جي تتبع ۽ انڌي تقليد سنڌي شاعريءَ ۾ جمود پيدا ڪيو ۽ ٻئي طرف اسان جي ڪافي، بيت ۽ ڏوهيڙي ۾ به نئين جذبي ۽ جدت جي نمايان ڪمي نظر آئي .

دراصل سنڌي غزل جو مزاج بدلجي ويو آهي، ۽ ان ۾ فارسي ۽ اردو غزل جي فارم کان سواءِ ڪائي مشابهت نه رهي آهي. نه تشبيهون ساڳيون ، نه استعارا، نه اساطير (ڏند ڪٿائون)، نه روايتون، نه بندشون، نه ڪنايا، نه اشارا . مطلب ته ڪجهه به ساڳيو نه آهي، ۽ هجڻ به نه گهرجي .

اڳي سنڌي شاعريءَ ۾ “نانءُ وڏو ، ديهه ويران “ وارو معاملو هو. دائود پوٽي ۽ ميران محمد شاهه جو ادلو گدلو يا ٿوٿو غزل هوندو هو، ته ان کي اسان جي نصاب ۾ اسان تي مڙهي ڇڏيندا هئا.جيڪي نام ڪٺيا شاعر هئا، انهن جي ڪليات ڳولهي ڦولهي ڏسندا هياسين ته هڪ اڌ سٽ پڙهڻ جهڙي مشڪل سان ملندي هئي. مثال طور مون مصري شاهه جي ڪليات ساري اٿلائي پٿلائي هئي. پر مصريءَ جي تڙ جهڙي سٽ رڳو هڪ هئي

ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾، جوڳي جيڪس ويا جبروت !

يا مفتون همايونيءَ جي سڄي ديوان ۾ سٽ رڳو هڪ پڙهڻ جهڙي هئي

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا ،زندان هزارين مان نه رڳو .

جيڪڏهن سنڌي شاعريءَ مان ڀٽائيءَ جي شاعري ڪڍي وڃي ته ان جو سارو سرمايو هڪ واهڻيءَ واٽهڙوءَ جي هڙ جيترو مس ٿيندو، جنهن ۾ اڳڙين ٿڳڙين کان سواءِ ڪجهه نه هوندو .

سنڌي غزل جو لهجو بدلجي چڪو آهي، فقط گهاڙيٽو غزل جو آهي. ان ۾ فارسي يا اردو غزل جو نالو نشان نه آهي. سنڌ پنهنجي شاهراھه ڳولهي چڪي آهي، جنهن ۾ ڪيئي راهون ملي وينديون.

جيتوڻيڪ مون گهڻو ڪري، غزل ۾ تخلص ڪم آندو آهي، جيئن اردو ۽ فارسيءَ جي شاعرن ڪم آندو آهي. تخلص جو استعمال شاعر جي نشاندهي ته ڪري ٿو. پر مون کي ان مان آپي پڻي جي بوءِ ايندي آهي ۽ جي نه ڪيو وڃي ته چڱو ، ڪجهه شاعر ته مطلع کي ئي پنهنجي تخلص سان شروع ڪندا آهن، جو مناسب نه آهي.

اسان ته غزل جو مزاج صفا بدلائي ڇڏيو آهي ۽ سنڌي غزل کي فقط فارم غزل جو آهي. باقي ان جون روايتون ، بندشون ، تشبيهون، استعارا، اشارا ، محاڪات وغيره فارسي غزل ۽ اردو غزل کان مختلف آهن. پر اسان کان اڳ ۾ انهيءَ ۾ به اردو غزل جي ٽئين درجي جي شاعرن جي ديوانن جو، اسان جي سنڌي شاعرن جي غزل تي اثر آهي . اسان جي غزل -گو شاعرن جو مطالعو نهايت محدود هو. هنن اردوءَ جي ٻئي درجي جي شاعرن مصحفي، انشا، مومن ، سودا ، جرئت، مير درد وغيره مان به ڪنهن کي نه پڙهيو هو ۽ انهن جي پائي جي هڪ سٽ به نه لکي اٿائون

مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن مون ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي هئي، تڏهن پنهنجي دوست مرحوم جمال صديقيءَ سان گڏجي، ڪراچيءَ مان ٺٽي هڪ ڪيس هلائڻ ويو هيس . ابراهيم جويو، جو منهنجو ۽ جمال جو دوست هوندو هو، ٺٽي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو. اسان ابراهيم جي گهر رهيا هياسون. اهي ٺٽي جون ٻه راتيون منهنجي زندگيءَ تي امٽ ڇاپ ڇڏي ويون. منهنجن شعرن مان اڄ تائين ٺٽي جي رابيل جي خوشبو ايندي آهي ۽ مان جڏهن ڪوئي رابيل جهڙو مکڙو ڏسندو آهيان ته تڙڦي ويندو آهيان . ٻي ڏينهن تي ابراهيم ٻڌايو ته ٺٽي ۾ جمعيت الشعرا جو مشاعرو آهي، جتي واصف، خليل ، نظامي وغيره جغادري غزل گو شاعر آيا آهن ۽ مون اتي انتظام ڪيو آهي ته تون جديد شاعريءَ تي تقرير ڪرين .انهن ڏينهن ۾ مون اختر حسين رائپوريءَ جو ادب ۽ انقلاب، فيض جو نقش فريادي، ن م راشد جو ماورا، جديد اردو نظم ۽ نثر جا گهڻو ڪري سڀ ڪتاب پڙهيا هيا ۽ هندستان پاڪستان مان نڪرندڙ سارا رسالا نقوش، سويرا وغيره نظر مان ڪڍيا ها ۽ ورهاڱي کان پوءِ جو تازو ادب منهنجي اکين اڳيان هو، سو مون جديد ادب تي ٻه ڪلاڪ تقرير ڪئي ۽ اتي آيل سڀني شاعرن کي ٻڌايو ته هنن جهڙا غزل ته لکنو ۽ دليءَ جو هر شاعر لکي سگهندو آهي ۽ جي غزل اتي طوائفون ڪوٺن تي ڳائينديون آهن، سي به سندن غزلن کان بهتر هوندا آهن. پوءِ مون کين ٻڌايو ته جديد شاعري ڪيئن آهي. ٽئگور، اقبال، چڪ بست وغيره جي شاعري ۾ نظم جي ڪهڙي نوعيت آهي ۽ حسرت، فاني، جگر ۽ اصغر گونڊوي ۽ فراق کان اڳتي وڌي فيض ، جوش، ساحر، جذبيءَ ، فڪر تونسويءَ وغيره ڪيئن غزل لکيو آهي. ڪجهه نون لکڻين مان يورپ جي ادب مان حوالا به ڏنا ۽ ٽئگور جي شاعريءَ جا حوالا به ڏنا . هو منهنجي عمر ۽ جرئت ڏسي ۽ دونهان دار تقرير ٻڌي وائڙا ٿي ويا ته انهيءَ عمر ۾ مون کي اهڙي گستاخيءَ جي جرئت ڪيئن ٿي هئي، پر پوءِ ابراهيم جويي کي ڏسي چپ ٿي ويا. ڇو ته ڇڙو ابراهيم هيڊ ماستر ۽ خليل ڊاڪٽر هئا، باقي ڪلارڪ ڪڙا ماستر مڙا هئا. جڏهن ته نظامي سنڌ زميندارهوٽل جو مالڪ هو. هو سس پس ڪري هڪٻئي کان پڇڻ لڳا “هي ڇوڪرو ڪراچيءَ ۾ وڪيل آهي؟”

ڪيترا سال پوءِ مون کي مولانا گراميءَ ٻڌايو ته هو به ان تقرير وقت موجود هيو ۽ منهنجي تقرير ٻڌي هن پاڻ سان واعدو ڪيو هو ته هو اڳتي شاعري ڇڏي ڏيندو . (ان وقت مولانا گراميءَ سان منهنجي واقفيت نه هئي. منهنجي هن سان پهرين واقفيت سنڌي ادبي بورد حيدرآباد ۾ ٿي . جڏهن محمد ابراهيم جويو اتي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي آيو.) مولانا مون کي ٻڌايو ته اهي صاحب ديوان شاعر جي ٺٽي ۾ منهنجي تقرير وقت موجود هيا ، سي اردوءَ جا ڪجهه ديوان کڻي، انهن مان قافيا ۽ رديف لکي ، پوءِ انهن تي غزل جا شعر لکندا ها. شاعري هنن لاءِ چوپڙ جي راند وانگر هوندي هئي . اهو ئي سبب آهي ته گل کان سواءِ سانگي ، گدا کان ابراهيم خليل ۽ رشيد احمد لاشاريءَ تائين سنڌ جا غزل گو شاعر چار شعر به چڱا چئي نه سگهيا آهن. انهن ۾ مراد علي ڪاظم نيارو ۽ غير معمولي شاعر هيو پر هن جي شاعريءَ ۾ به فارسي آميزي گهڻي هئي، جيئن منهنجي شروعاتي غزل گوئي ۾ هئي ۽ منهنجن دوستن لعل محمد لعل ۽ نعيم وجدي ۾ ته مون کان به گهڻي هئي . اهي پويان ٻه به مراد علي ڪاظم وانگر چڱا شاعر هئا. ڪاظم مرحوم عبدالله عبد جي نيڪي ڪندو هو پر هن جو ڪو ڪلام منهنجيءَ نظر مان نه گذريو آهي.

هڪ ڀيري مراد علي ڪاظم همايون تعلقي شڪارپور ۾ فشريز کاتي ۾ ڪوئي عملدار ٿي آيو هو ته مان ۽ لعل محمد لعل هن سان ملڻ ويا هياسين. اتي هن پنهنجا شعر ٻڌايا ها جن مان هڪ ته غزل هو، جو مون کي اڃا تائين ياد آهي.

غواصي، عميق خرد ڪجهه نه ٿي سگهي

هي ڪوڏ مون ڪٺا ڪيا ساحل جي آسپاس .

هفتو ٿيو ته پنڊيءَ مان هتي پهتس. پنڊيءَ ۾ ڪوئي دوست يا واقف نه مليو . سواءِ چند اردو شاعرن جي، جن مان ڪي “رائٽرس گلڊ” جا ميمبر هئا ۽ منهنجي نالي کان اڳ ئي واقف هئا. هي سروس سئنيما جي لڳ هڪ ڪيفي ۾ “اردو شاعريءَ ۾ محبوب جو تصور” جهڙي پراڻي ۽ بي معنيٰ موضوع تي بحث ڪري رهيا هئا. انهن مان ڪو چئي رهيو هو ته “ولي دکنيءَ جي غزل ۾ محبوب ڪٿي مذڪر آهي، ڪٿي مؤنث .” ڪنهن چيو ته ،”مير تقيءَ جي غزل ۾ بارها محبوب کي مذڪر ڪري مخاطب ڪيو ويو آهي.” ۽ ڪنهن چيو ٿي ته، “پهريون دفعو اختر شيرانيءَ محبوب کي مؤنث ڪري ، سلميٰ ، عذرا وغيره جي نالن سان مخاطب ڪيو آهي.” انهن مان هڪ، جو زياده ذهين ٿي لڳو، تنهن مرڪي چيو ته، ”پنجاب جي سلميٰ ۽ عذرا ، جا ڪنوينٽ ۾ سکيل، چٻيل چٿيل لهجي ۾ انگريزي ڳالهائي ٿي ۽ پرس مان لپ اسٽڪ ڪڍي پنهنجن  چپن کي لائيندي ، فقط شورليٽ ۽ فورڊ جي نئين ماڊل ۽ ڪم نووڪ (آمريڪن ائڪٽريس جو نالو) جي نئين فلم تي بحث ڪري ٿي، سا ايتري ته غير شاعرانه آهي جو اردو شاعرن کي وري محبوب کي مذڪر ڪري مخاطب ڪرڻو پوندو.” ان تي هو سڀ کلڻ لڳا . پر انهن مان هڪڙي ، جنهن جو جدت پسنديءَ جو شوق هن جي اخبار جي ٽڪرن جي ڇاپي واري قميص مان ظاهر هو، مٿئين ذهين شاعر کان پڇيو ته .”اوهين عورتن جي تعليم ۽ آزادي جي خلاف آهيو ڇا؟” هن جواب ڏنو ته، “منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته جنهن عورت ۾ تعليم ۽ آزادي جي ڪري حيا نه آهي، جنهن کي سهڻيءَ جو ڪردار نه آهي، سا ڪنهن به شاعر جي محبوبه نه ٿي سگهندي.” ائين چئي ، هن مون ڏانهن منهن ڦيرائي، تائيد جي اميد سان ڏٺو . آءٌ ان وقت تائين خاموشيءَ سان هنن جو بحث ٻڌي رهيو هوس ۽ دل ۾ آيم ته هن کي “شوپنهار” جو مقولو ٻڌايان ته ،”هر انسان هڪ نگاهه جو مسحق ته آهي ، پر هر انسان هڪ جواب جو مستحق نه آهي.” پر اردو شاعر ڪٿي ٿو ڪنهن کي خاموش رهڻ ڏئي! مجبورن مون چيو ته، “مون کي فقط اوهان جي مثال سان اتفاق نه آهي. سهڻيءَ جو ڪردار ڪنهن آدرشي عورت جو ڪردار ته نه آهي. اوهين ڀلجي ٿا وڃو ته هوءَ مڙس کي ننڊ ۾ ڏسي ، راتو واهه درياءُ پار ڪري، يار ڏي ويندي هئي .” هن ڪجهه منهن گهنجائي مون کان پڇيو ته ، “اوهان جي ادب ۾ ڪوئي ان کان بهتر ڪردار آهي؟” مون جواب ڏنو، “ها ، آهي مارئي! جنهن جو ڪردار شاهه لطيف سر مارئي ۾ چٽيو آهي. هوءَ ڪوٽ ۾ قابو هئي، جتي هن کي طرحين طرحين لالچون ڏنيون ويون، ته به عمر سان ياري نه رکيائين ۽ مڙس لاءِ ماندي رهي.”

اخبار جي ٽڪرن جي ڇاپي واريءَ قميص سان شاعر ٽهڪ ڏيئي، “حافظ” جي سٽ پڙهي .

“ به خال هندوش بخشم سمرقند و بخارا.”

مون مرڪي چيو، “شاعر صاحب ! هاڻي سمرقند ۽ بخارا اشتراڪي روس ۾ آهن .ڏسجو ، انهن جي بخشش ڪوئي بين الاقوامي مسئلو نه پيدا ڪري ڇڏي!روس پنهنجي سرزمين سان ڪنهن جي به دست اندازي نٿو سهي سگهي. جڏهن هوتل ڏانهن موٽيس ٿي، ته رستي تي ياد آيم ته پراڻي سکر جي هڪ شيعي شاعر مون کي چيو هو ته.”هن سنين جي اڪثريت واري ملڪ ۾ مارئيءَ جو ڪردار هڪ شيعي جو ڪردار آهي، جنهن کي سدائين عمر لاءِ نفرت آهي!  هر انسان آرٽ کي پنهنجي پنهنجي نظريي جي رنگين شيشي مان ڏسي ، ان جي تشريح ڪري ٿو.

مون کي سنڌيءَ جي نوجوانن اديبن لاءِ اها شڪايت آهي ته هو مطالعو بلڪل نٿا ڪن. اهو دور ختم ٿي ويو، جڏهن “ناسخ” ۽ “انشا” جا چار غزل پڙهي، اسان جا شاعر انهن جي قافين ۽ رديفن تي طبع آزمائي ڪندا هئا ۽ اردو زبان جون ورهين کان لتاڙيل ترڪيبون، تمثيلون ۽ تشبيهون هنن جي سڄي ادبي دنيا هوندي هئي . منهنجي ادب جي ابتدا انهيءَ دقيانوسي قسم جي شاعريءَ ۽ ادب سان بغاوت سان ٿي هئي. مون کي اهو ڏسي تعجب ٿو اچي ته انهيءَ دور جي ختم ٿيڻ بعد، اسان جا اديب انهن جديد اردو شاعرن جي محاورن ۽ خيالن جي تقليد ڪري رهيا آهن، جي شاعر اردو زبان جي تاريخ ۾ “ناسخ” ۽ “انشا” جي پايي تي به نه پهچي سگهندا . مون اردوءَ ۾ هزارين شعر لکيا آهن . اگرچ ان ۾ منهنجو زياده تر مقصد اهو آهي ته سنڌ جي عظيم ادبي شخصيتن جا منظوم ترجما ڪري، انهن کي پاڪستان ۽ هندستان جي ادب سان روشناس ڪرايان، ۽ توکي خبر آهي ته انهن ترجمن اردو ادب ۾ ڪيتري مقبوليت حاصل ڪئي آهي، پر مان يقين سان چوان ٿو ته اردو زبان هڪ تخريبي دؤر جي زبان آهي ۽ ان ۾ اها وسعت ۽ صلاحيت نه آهي، جا سنڌي زبان ۾ آهي. اردوءَ جا زياده تر اديب بلڪل سطحي انشا پرداز آهن ، جن جو علمي  استعداد بلڪل محدود آهي.ان ۾ نه خيالات جي انفراديت آهي نه حسن ،خصوصاََ اردو جا افسانه نويس فقط لفاظيءَ ۽ نقاليءَ کان سواءِ ڪجهه نه ڄاڻن ، ۽ سندن دنيا جي ادب جو مطالعو بيحد محدود ۽ انساني فطرت جي ڄاڻ بنهه گهٽ آهي. اردو ادب جي تقليد سنڌي اديبن جي ذهني ارتقا لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندي.

جيستائين اسان جا اديب خصوصاََ يورپ ۽ آمريڪا جي جديد ۽ قديم ادب جو مطالعو نه ڪندا، تيستائين هنن کي چڱي ۽ بري ادب جي صحيح پرک نه پوندي . منهنجو مطلب اهو نه آهي ته اردو ادب جي تقليد ڇڏي ، مغربي ادب جي تقليد ڪئي وڃي . مان هر تقليد جي خلاف آهيان. هر چڱي ادب ۾ اديب ۽ ان جي قوم ۽ زبان جي انفراديت ۽ اصليت آهي. جيستائين ڪنهن سنڌي اديب گهٽ ۾ گهٽ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جوگهرو مطالعو نه ڪيو آهي ۽ هو پنهنجي تاريخ، روايات ۽ ماحول جو چڱيءَ طرح واقف نه آهي، تيستائين هو سنڌي زبان ۾ چڱو ادب پيدا نٿو ڪري سگهي.

اردو مشاعرو اها جاءِ آهي، جتي تحسين ۽ تضحيڪ ۾ فرق ڳولڻ مشڪل آهي، جتي روح جي لات مان جڙيل سٽون ڪوڏين جي ملهه وڪامنديون آهن. جتي ساده مزاج شاعر هر جڙتو ساراھه تي ٺڳجي ويندا آهن! اهي بهادر علي شاهه “ظفر” ۽ نواب واجد عليءَ جا زمانا ويا، جڏهن محفلن ۾ سنجيدگي وسندي هئي، شمع ڦرندي رهندي هئي ۽ ان جي جوت سان انساني ڏات ملي ماحول کي ٻهڪائي ڇڏيندي هئي. پر انهيءَ غالب ۽ ذوق جي زماني ۾ به تخليق جي توهين ئي ٿيندي هئي. هينئر بيهودگيءَ سان ٿيندي آهي. تڏهين سنجيدگيءَ سان ٿيندي هئي. هينئر عوام ڪري ٿو، تڏهين خواص ڪندا هئا. شاعر ويچارو امر جو بندو ، شاهه يا نواب جو تنخواهه دار، فخر سان قصيدي جا بند پڙهندوهو ۽ شهنشاهه ضل الله ڪنڌ ڌوڻي ، پنهنجي بحر قافيه ۾ پابند ساراهه تي خوش ٿي، ويچاري شاعر کي نوازيندو هو. ۽ شاعر ان ادبي ضمير فروشيءَ ۾ نه ماپندو هو. ادا، مان جڏهن “غالب” جهڙي عظيم شاعر جا قصيدا ڏسندو آهيان ، ته اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن.

ڪڏهين ڪڏهين هوا بند ٿيڻ سبب مونجهه پئي ٿي. مون فضا جي هانو ٻوساٽ مان نڪرڻ لاءِ نيري آڪاش ڏانهن نهاريو. تارن جي کٽ تي گويا ڪوئي ابدي شاعر ليٽيل هو، جو نور مان نغما جوڙي رهيوهو . منهنجو جسم اتي مشاعري ۾ هو ليڪن منهنجو روح ترنم جي لهرين وانگر ٽڙي پکڙي ويو هو. مون سوچيو ته مشرق جو عوام، فنڪار جي صحيح عزت ڪڏهن ڪندو؟ هاءِ، هي انسان ڪڏهن ڄاڻندا ته سندن روحاني نجات جا وسيلا فقط ادب ۽ آرٽ آهن؟ اهو وقت ڪڏهن ايندو ، جڏهن بيت آيتن کان اڳرا ليکبا؟ پنجن ڇهن سنڌي شاعرن سنڌي ڪلام پڙهيو، جنهن تي غير سنڌي عوام خنده زني ڪئي. انهن مان ڪن جو ڪلام واقعي کل جهڙو هو، پر سامعين ان جي معنويت تي نٿي کليا. هو فقط سنڌي زبان جي لهجي ۽ ڪن لفظن جي اچار تي ٿي کليا. شايد هو سجهي رهيا هئا ته سنڌي نااهل آهن.مون کي اها کونس اُگري لڳي. آءٌ خوش ٿيان ها ، جي هو سنڌي ڪلام جي بي معنائيءَ تي کلن ها، ڇو ته عبدالڪريم “گدائي” جي بيتن کان سواءِ ، ٻيو جن به سنڌي ڪلام پڙهيو ، تنهن مان اردوءَ جي پاروٿي شاعريءَ جي بانس ٿي آئي.. اهي ئي ساڳيون اردو ۽ فارسي غزل جون جهونيون پراڻيون ترڪيبون، تشبيهون ۽ استعارا، جي خود اردو ۽ فارسي ادب “ٿو کٽا” ڪري ڦٽا ڪيا آهن. اهي ئي اوڳاڇيل پارسي لفظ، جي موجوده سنڌي غزل جي جان آهن ۽ جن تي هر سنڌي مشاعري ۾ “واه واه” ٿيندي آهي! الا ، هي شاهه لطيف جي سرزمين! ان جي ادبي تخليق جا سرچشما سڪن ، اهو ناممڪن آهي! معلوم نه آهي ته اسان جا شاعر ڇو پنهنجو ورثو وساري ويٺا آهن !

مون ته ديوان گل، ديوان قاسم، ارمغان حامد، ديوان فاضل، ڪلياب گدا، ديوان بلبل، ڪليات سانگي، ديوان واصف، ڪليات عزيز وغيره ننڍي هوندي پڙهي، انهن جي ٻولي ۽ روايت پرستيءَ کان بغاوت ڪئي هئي. جڏهن اردوءَ ۾ فيض ۽ ن .م .راشد جا ڪتاب “نقش فريادي” ۽ “ماورا” ڇپيا هئا ته اهي پنهنجي تازگي کڻي آيا ها ۽ منهنجي مها ڪوي ٽئگور سان به وابستگي گهٽجي وئي هئي. اهو ڏسي مون کي عجب آيو هو ته هي ڌرتيءَ جو حصو ، جتي رنگا رنگ پکي پنهنجون ٻوليون ٻولين ٿا، جن ۾ ڪي پکي ڏيهي آهن ۽ ڪي سائبيريا تائين دور تان اچن ٿا، انهن جي شاعري ۾ قمري، زاغ و زغن، ڪلاغ، شاهين، ڪرگس، ڪويل، پپيهر ۽ شايد هڪ ٻه نالا ٻيا هجن، انهن مان بلبل به ايران ۾ ٿيندي آهي ۽ ڪويل ۽ پپيهو لفظ نه غالب ڪم آندا آهن نه علامه اقبال ورهاڱي کان اڳ ملڪ جي جاگرافيءَ ڏانهن ڪنهن شاعر ڪونه ڏٺو آهي ۽ شام اوڌ ۽ صبح بنارس روايتي طور ڪم آندا اٿائون . دليءَ جي شهر آشوب کان پوءِ مير تقي مير لکيو هو.

دلي ڪه ايڪ شهر تها عالم مين انتخاب

هم رهني والي هين اسي اجڙي ديار ڪي.

هند جي فارسي شاعريءَ، خسروءَ ۽ غالب کانسواءِ پنهنجي ڌرتيءَ  جو ذڪر خير ڪو ڪيو آهي. علي حزين جو هڪ شعر آهي

از بنارس نه روم مصبدِ عام ست اين جا

هر برهمن پسري لچهمن و رام ست اين جا.

(مان بنارس ان ڪري نٿو ڇڏيان جو هتي عام عبادت گاهه آهي ۽ هر برهمڻ ، ڄڻ لڇمڻ ۽ رام جو پٽ آهي.)

گنگا ، جمنا، برهم پترا ۽ سنڌوءَ وغيره جي ديس ۾ دجله ۽ فرات جون ڳالهيون ٿينديون هيون. علامه اقبال بانگ درا ۽ هماليه تي نظم لکي جو پاسو ڦيرايو ته ايران جي ڪوه دماوند تي وڃي نڪتو. بنگال ۾ مون، فقط چمپا جا سترهن قسم ڏٺا ها، پر برصغير ۾ نرگس ۽ گل لاله سان تشبيهون ڏنيون وينديون هيون. جي گل فقط ايران ۾ ٿيندا ها . جتي سنڌ ۽ راجسٿان جهڙا صحرا ها، اتي عرب جي صحراءِ نجد جو ذڪر ڪيو ويندو هو . ديومالائن جي ديس ۾ ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد، وامق عذرا، رستم سهراب وغيره جا اجنبي قصا دهرايا ويندا ها. رڳو هڪ شعر اردوءَ ۾ پنجاب جي لوڪ ڪهاڻيءَ جي باري ۾ لکيو ويو هو، ته اهو بار بار دهرائيندا هئا. ڄڻ پنجاب تي ڪو احسان ڪيو هئائون.

سنايا رات ڪو قصه جو هير رانجهي کا،

تو اهل درد ڪو پنجابيون ني لوٽ ليا.

اهو سڀ انهيءَ جي باوجود ته پنجاب جي مشاعرن پنجابي ڇڏي اردو اپنائي هئي. اردو شاعريءَ ۾ محبوب کي اختر شيرانيءَ تائين مذڪر لکيو ويو. اختر شيرانيءَ جون عذرائون ۽ ليلائون به رت پوڻيون هونديون ۽ اهي هر نسواني جذبات کان عاري لڳنديون.

اروشي ۽ شڪنتلا جي ديس ۾ عورت کي محبوبه چوڻ معيوب سمجهيو ويو. اُمرد پرستي (Homo Sexuality) عام هئي ۽ محبوب جو سراپا ڄڻ پورو مغليه اسلحه خانو هوندو هو. تير نظر، خنجر ابرو وغيره سان محبوب ائين شڪار ڪندا ها، جيئن مغليه شهزادا شڪار ڪندا ها. غالب جو شعر آهي .

تم مجهي بهول گئي هو تو پته بتلادون،

تيري فتراڪ مين ڪوئي ڪبهي نخچير بهي تها.

(تو مون کي وساري ڇڏيو آهي ته توکي پتو ٻڌايان ٿو. ڇا تنهنجيءَ خرزين ۾ ڪڏهن ڪوئي شڪار به هيو؟)

ساري تهذيب جي عڪاسي ڌاري هئي ۽ ايران، سمرقند، بخارا، افغانستان وغيره تان ورتي وئي هئي. محبوبن جا ڏند مسيءَ سان ڪارا هوندا ها ۽ چپ پان سان ڳاڙها، ڄڻ هنن ڏائڻن وانگر عاشقن جو خون پيتو هو. انهيءَ شاعريءَ جو تتبع اسان جي غزل گو شاعرن (گل کانسواءِ) ۾ ملي ٿو. سڀيئي ادبي سلهه جا مريض هيا، جن هڪ سو سال شاعرن کي انهيءَ وبا ۾ وچڙائي رکيو ۽ اڃا تائين انهن مان ڪي رت اوڳاڇيندا ٿا وتن. انهيءَ وچ ۾ ڌرتيءَ جا عظيم شاعر ، ڀٽائي، سچل ۽ سامي ڄڻ وسري ويا ها.اڳين غزل گو شاعرن ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مصرع سنڌي هوندو هو. جيئن ڪنهن کنڊي جي منهن ۾ هڪ اڌ ڏند رهجي ويندو آهي، نه ته اڪثر شاعر ڀڏا ها ۽ هنن اردوءَ جا پان خور ڏند وجهايا ها. اهڙيءَ شاعريءَ خلاف بيوس پهرين بغاوت ڪئي. آخر ان جي ساري عمارت اچي ڦهڪو ڪيو. اردو شاعري به موضوع جي حد تائين بدلجي وئي. ميراجي، فيض، راشد وغيره ان ۾ ڪافي انقلاب آندو پر ٻوليءَ جي لحاظ کان ان جي فارسي آميزي ۾ فرق نه آيو ۽ ساري جا سارا مصرع فارسي هوندا ها . آرزو لکنوي، عظمت الله ، سيد مطلبي فريد آبادي، ميراجي، فراق گورکپوريءَ جن ٻوليءَ ۾ ڏيهي لفظ آندا ، انهن ۾ ايترو جينيس ڪونه هو، جو زبان جو مزاج بدلائي سگهن. علامه اقبال جي ٻولي ۾ ڀرپور انقلاب آيو آهي ۽ ان ۾ اڌ صدي کان وڌيڪ وقت لڳي ويو آهي. اڄ سنڌ، هڪ ماکيءَ جي ماناري وانگر آهي، جتي ڪيئي شاعر گنگنائي رهيا آهن . مون کي ٻارهن تيرهن ورهين جي عمر ۾ فارسي بحر وزن تي مڪمل دسترس هو. پوءِ مون ان ۾ ڪيئي تجربا ڪيا، جي بنهه سنڌي آهن . مون سنڌ جا ڪلاسيڪي اسلوب بيت ۽ وائي به وري جيئاريا آهن ۽ ٻي هر صنف سخن تي (سواءِ ترائيل جي) لکيو آهي. (نوٽ: پر پوءِ شيخ اياز نه صرف ترائيل لکيو پر ان جو پورو ڪتاب ترائيلن جو ڇپجي پڌرو ٿي ويو.)

مان پوهوءَ وارن رسالن جا پنا اٿلائڻ لڳس ته ايتري ۾ رباني اچي نڪتو . هن سان گڏ نثار ۽ هن جا ٻه دوست به آيا، جن مان هڪ ڊاڪٽر هو ۽ ٻيو اردو ادبيات جو پروفيسر . نثار ڪٿان اسڪاچ جي بوتل هٿ ڪئي هئي. جا هن وچ تي کولي رکي. پروفيسر اردو غزل تي تحقيق ڪئي هئي ۽ ان تان گهور تي ويو. هن چيو ته، غزل ۾ محبوب جو تصور به ڦري رهيو آهي. اڳي ته غزل ۾ محبوب کي “سبزه خط” به هيو ۽ “ڪال مشڪين” به هئي. هو “ترڇي ڪلاهه” به پائيندو هو ته “شڪار” به ڪندو هو، هن وٽ “دشنه “ ۽ “خنجر” به هوندو هو ته “تير نگاه ۽ ڪمان ابرو” به هوندا ها. هو “سمند ناز” تي سواري به ڪندو هو ته هن جي “فتراڪ ۾ نخچير” به هوندو هو. هو قاتل به هو ۽ هن جي دامن تي خون جا داغ به نه هئا. هن جي ڪوچي ۾ ڪيئي عاشق ڪسي ويا ها. مطلب ته نواب يا شهزادو جنهن جو هر غزل گو شاعر وظيفي خوار هو. ان جون سڀ خوبيون/خاميون غزل جي محبوب ۾ هيون ۽ وظيفي جي ڪمي بيشيءَ تي جنهن حسد جو اظهار شاعر هڪٻئي سان درٻار ۾ ڪندا ها، شاعريءَ ۾ ان جو اظهار رقيب روسياهه جي منهن ۾ ڇائي وجهي ڪندا هئا. غزل ۾ عاشق جو گريبان چاڪ ، وار پريشان ، چشم نم ۽ دل بيمار هوندي هئي. هو دربان جون جتيون به ڇنڊيندو هو، رقيب جا موچڙا به کائيندو هو ۽ سارو وقت حسد جي آگ ۾ جلندو پڄرندو به هيو. ڪنهن وقت هو مجنونءَ وانگر سڪي ڪاٺ ٿي ويندو هو ۽ ڪنهن وقت فرهاد وانگر مٿي ۾ ڪهاڙو هڻي خود ڪشي ڪندو هو. جڏهن هو هجر ۾ ڳري ڪک ٿي ويندو هو، تڏهن هن جو محبوب هن جي رقيب جي پهلوءَ مان نڪري ، هن جي عيادت لاءِ ايندو هو ۽ هن کي ڏسي، ويچاري عاشق کي آخري هڏڪي ايندي هئي ۽ جڏهن هو مري ويندو هو ته هن جي لاش کي ڪفن به ڪونه ملندو هو . ها، ڪڏهن ڪڏهن هن خسته جان جنازي تي ڪوئي روئيندو هو ۽ ڪڏهن هن جو سنگدل محبوب هن جي مزار تي فاتحه خوانيءَ لاءِ ايندو هو، ۽ محشر جي ڏينهن ويچارو عاشق اهڙي ته آهه و فغان ڪندو هو، جو هر ڪوئي پڇندو هو ته هي داد خواهه ڪير آهي.”

مون پروفيسر صاحب کي چيو ته “اسان وٽ به سانگيءَ ۽ گدا کان وٺي جمعيت الشعرا جي لڏي تائين ساڳيءَ لڪير جا فقير هيا. هڪ ڀيري حيدرآباد جو هڪ نامي گرامي شاعر منهنجي آفيس تي آيو هو ۽ هن منهنجي فرمائش تي غزل پڙهيا ها ته “حسرت موهانيءَ جي غزل ۾ محبوب جو تصور بلڪل مختلف آهي.” مون ان تي چيو، “حسرت موهاني به ڪنهن رويا سان عشق ۾ آهي. فيض ۾ عورت جي گرم و گداز جسم سان عشق ملي ٿو. پر جيستائين عشق و محبت جو تعلق آهي، مون کي هندي شاعري اردو شاعريءَ کان هزار ڀيرا وڌيڪ وڻندي آهي. ها، اردو غزل جو فلسفيانه پهلو ٻي ڳالهه آهي. مون کي اصغر گونڊويءَ جي شاعري وڻندي آهي. غالب ۾ به ڪي شعر ته اهڙا آهن جو اهي پڙهي مون کي خاطر ٿي وئي هئي ته شاعر پيغمبر ٿيندا آهن ۽ انهن جي دور رس نگاهه پنهنجي دؤر کان سو سال اڳتي ڏسي سگهندي آهي.” مثال طور مون هن کي غالب جا ڪجهه شعر ٻڌايا.

  • مري تعمير مين مضمر هي صورت خرابي کي،

هيوالا برق خرمن ڪا هي خون گرم دهقان کا.

  • ديوار بارِ منتِ مزدور سي هي خم،

اي خانمان خراب نه احسان اٺائيي.

  • ڪوه ڪن گرسنه مزدورِ طرب گاهِ رقيب،

بي ستون آئينه ، خواب گران شيرين.

 اهي شعر ٻڌي پروفيسر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته “اوهان ته اردو شاعريءَ جو گهرو مطالعو ڪيو آهي. مون ته ٻڌو هو ته اوهان کي اردو شاعريءَ سان چڙ آهي.”

پنجابيءَ جو عظيم شاعر ماڌو لال حسين هڪ مجلس ۾ ويٺو هو . اتي هڪ شخص ديوان حافظ کوليو. ماڌو لال حسين هن کان پڇيو “هي ڪهڙو ڪتاب آهي؟” ۽ پوءِ ديوان حافظ جا پنا اٿلايائين ته، حافظ جي هيٺين شعر تي نظر پيس

چشمئه چشم مرا اي بتِ خندان درياب،

بر اميدِ نو بخوش آبِ رواني دارد.

(اي کلندڙ پيارا! منهنجي اکين جي چشمي کي دريافت ڪر، جو تنهنجي آس ۾ وهي رهيو آهي.)

ماڌو لال حسين، ديوان حافظ ڦٽي ڪري چيو “هن حافظ جي عمر ته پوڙهين رنن وانگي روئيندي گذري آهي.” ائين ئي اڳئين اردو ۽ سنڌي غزل تي نظر وجهبي ته اڪثر شاعر روئڻا نظر ايندا ۽ اقبال جي شاعريءَ کان اڳ گهڻو ڪري نه رڳو اردو شاعري قنوطيت سان ڀري پئي آهي، پر ابراهيم خليل تائين سنڌي شاعري به ائين لڪير جي فقير رهي آهي ۽ ان مان ٽاهه ٽاهه ڳوڙها نظر اچن ٿا. گل جا ڪجهه غزل ۽ سانگيءَ جون ڪجهه سٽون ان مان ڪڍي ڇڏجن ته، ساري غزليه شاعري “سرن درياهه” ڪرڻ جهڙي آهي.

دراصل غزل ڌاريءَ زمين تي اسريو هو، جو امير خسروءَ واري زماني ۾ هندستان جي ڌرتيءَ اپنايو هو. خسرو جي غزل ۾ جا پنهنجپائي هئي، سا اسان کي آرزو لکنويءَ جي غزل ۾ ملي ٿي. انهن جي وچ ۾ پارسي غزل جو چرٻو هو. غالب جهڙي مفڪر شاعر به چيو.

فارسي بين تا به بيني، نقشهائي رنگ رنگ،

مجمع اردو چه بيني، آن که بي رنگ من ست.

(فارسي ڏس ته توکي منهنجا رنگ رنگ نقش نظر اچن، منهنجو اردوءَ جو مجموعو ڇو ٿو ڏسين، اهو ته بي رنگ آهي!)

خسروءَ جون هي سٽون

سکهي پيا ڪو جو مين نه ديکون، تو ڪيسي ڪاٽون اندهيري رتيان؟

يا

وه صورتين الاهي ڪس ملڪ بستيان هين،

اب جن ڪي ديکني ڪو آنکين ترستيان هين.

خسروءَ جهڙي شاعري ، اردوءَ ۾ اڃا تائين ڪوئي نه ڪري سگهيو آهي. اردو ۽ سنڌي غزل ، ٻنهي ۾ فارسي غزل جون روايتون، تشبيهون ، استعارا وغيره بي دريغ استعمال ڪيا ويا آهن، ايتري قدر جو غزل پڙهي دل گائون مائون ٿيڻ لڳي ٿي.

 

 

شيخ اياز

 

نوٽ: هي شيخ اياز جا شاعريءَ بابت خيالات، سندس مختلف ڪتابن تان غور ڪري، هڪ هنڌ ڪٺا ڪيا ويا آهن. اهو اسحاق سميجي جو جوڙيل آهي.  

ستار



سانجهي سمنڊ سپون


مئٽرڪ تائين مون کي عمر خيام جون اڪثر رباعيون ياد هونديون هيون. جن مان هيٺين رباعي منهن جي دماغ ۾،  ٻي ڪنهن رباعيءَ کان وڌيڪ ڪنهن گھنڊ وانگر گونجندي هئي ۽ وڌيڪ جهنجهوڙيندي هئي.

دنيا به مراد رانده گير آخرچه،

وين نامه، خوانده گير آخرچه.

صد ڪه بڪامِ دل به ماندي صد سال،

صد سال دگر به مانده گير آخرچه.

(ترجمو؛ دنيا تو مراد موجب هلائي پر آخر ڇا؟

هن زندگيءَ جو پيغام تو پڙهيو پر آخر ڇا ؟

مون مڃيو ته تون سو سالن تائين جيئرو آهين،

سئو سال ٻيا به جيءُ پر آخر ڇا ؟

اهو آخر ڇا؟ وارو سوال ، ساري زندگي منهن جو پيڇو ڪندو رهيو آهي ۽ منهنجي روح کي بيچين ڪندو رهيو آهي پر مان ان جو جواب ڏئي نه سگهيو آهيان. جڏهن جدلياتي ماديت ۾ اعتبار هو تڏهن مان اشتراڪي حلقي جو همسفر هوس . ان وقت منهنجو ڌيان ڪجهه وقت لاءِ انهيءَ سوال تان هٽي ويندو هو ۽ مان دنيا جي گوناگون مسائل ۾ رُڌو رهيس  پر اشتراڪيت جي ناڪاميءَ کانپوءِ مان ان تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿي ويس ته ادب جي سياست سان وابستگي ڇا معنيٰ رکي ٿي ؟

مان “شاه ، سچل ، سامي” سيمينار تي صدارت لاءِ ڀارت ويو هوس، تڏهن بمبئيءَ ۾ قيام جي دوران ڀارتيه ساهتيه اڪادمي جي آفيس ۾ به ويو هوس، جتي منهنجو دوست ، سنڌيءَ جو مشهور ناول نويس ۽ نثري نظم جو شاعر شيام جئسنگهاڻي ڪنهن اهم عهدي تي فائز هيو. اتي مون هن کي ساهتيه اڪادميءَ جي ڇپيل اردو ڪتاب ڏيکارڻ جي فرمائش ڪئي . هن ٻين ڪتابن سان گڏ قوم پرست شاعر چڪبست جي نظمن جو مجموعو به ڏيکاريو ۽ چيو ته تون ڏهون ماڻهو آهين جو هي ڪتاب خريد ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن ڪتاب جون ڏهه هزار ڪاپيون ڇپيون آهن . چڪبست ڪانگريس تحريڪ سان وابسته هو ۽ هن نه ٿي ڄاتو ته هندستان جي آزاديءَ کان پوءِ ڪانگريس جا اڳواڻ نهروءَ کان پوءِ ايترا چور ، رشوت خور ۽ بدديانت ماڻهو ٿيندا. ڀڳت سنگهه ۽ چندر شيکر آزاد جي موت وانگر هن جي شاعري به اجايو موت مري وئي.

هڪ ڀيري مان حيدرآباد مان ريل رستي سکر وڃي رهيو هوس ۽ وقت گذارڻ لاءِ مان ويٽنگ روم جي ڀرسان ريلوي جي بوڪ اسٽال تي وڃي بيٺس . مون ڏٺو ته مولانا ظفر علي خان جي شاعريءَ جا چار حصا ڪٻٽ ۾ پيا ها ۽ انهن تي بيشمار مکين جا نشان ها. مولانا ظفر علي خان لاهور جو مشهور شاعر ۽ صحافي هو ۽ هن جو نالو نهايت ادب سان ورتو ويندو هو. هن جي شاعري مسلم ليگ سان واڳيل هئي. پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اها بي معنيٰ ٿي وئي. منهنجي پڇا تي بڪ اسٽال واري ٻڌايو ته هي ڪتاب چئن سالن کان منهنجي الماريءَ ۾ پيو آهي. رڳو اوهان ان جي پڇا ڪئي آهي. بمخالف ان جي ٽئگور جي شاعريءَ ۾ هڪ ٻه نظم وطن پرستيءَ تي آهن. علامه اقبال جي شاعري فقط اسلام جي احياءَ تائين محدود آهي.

ڀٽائيءَ جي ساري رسالي ۾ فقط هڪ سٽ سنڌ جي باري ۾ آهي، “سائينم سدائين ، ڪرين مٿي سنڌ سڪار” ساري رسالي ۾ سنڌي عوام جي دک درد جي عڪاسي ته آهي ، پر ڪائي نعري بازي نه آهي ۽ رسالي ۾ ان مٿئين ذڪر ڪيل عمر خيام جي رباعيءَ واري ڪيفيت آهي.” آءُ نه گڏي پرين کي. تون ٿو لهين سج.” واري ڪيفيت جا روح کي لرزائي ڇڏي ٿي .

اشتراڪي انقلاب جي ناڪاميءَ کان پوءِ روس جي ماياڪووسڪي، يوگوسلاويا جي اٽيلا جوزف ۽ چيڪوسلوويڪيا جي سيفرت جهڙا شاعر انقلاب سان گڏ لڙهي ويا. آڊن ۽ اسٽيفن اسپينڊر جي ان دؤر جا شاعر هئا ۽ ڪنهن وقت اسپين ۾ بين الاقوامي برگيڊ کي همٿائي رهيا ها پر جنرل فرانڪو جي اقتدار جي طويل عرصي سبب هنن جي شاعري معنيٰ وڃائي ويٺي.

 ياسر عرفات جڏهن اسرائيل سان ٺاه ڪيو ته محمود درويش جي شاعريءَ کي ڪير اهميت ڏيندو ؟ انٽرنيشنل برگيڊ جي ساري دانشور لڏي مان فقط هيمنگ وي ۽ آندري مالرو کي پائندگي حاصل ٿي. ڇو ته انهن جي ڪجهه ناولن ۾ اسپين جي خانه جنگيءَ جو پس منظر ته هيو پر زندگيءَ جي گهڻ رخي مسئلن تي به گهري نگاه هئي. آندري مالرو آرٽ جو وڏو نقاد ۽ هيمنگ وي هڪ عظيم افسانه نويس به هو .

آئرلينڊ جي انقلابي شاعرن جي شاعري، آزادي ۽ امن جي اعلان کان پوءِ ڪهڙي کاتي ۾ آڻبي، جن فقط نفرت ڦهلائي هئي. اهڙيءَ طرح اهڙن فلسطيني شاعرن جي حريت پسند شاعري جنهن جو بڻ بڻياد اسرائيل لاءِ نفرت ۾ هو، اها شاعري ياسر عرفات جي اسرائيل سان ٺاه کان پوءِ ڪهڙي اهميت جي حامل آهي .

شاعريءَ جي سياسي وابستگي انت شاعريءَ لاءِ خودڪشي ثابت ٿئي ٿي. اسان کي جيئي سنڌ تحريڪ مان ڇا حاصل ٿيو ؟ اڄوڪي ذهني افراتفري ۽ ڪشاڪش ڏسي، شاعريءَ جي وابستگيءَ تان ئي ارواح کڄي ويوآهي . بحيثيت انسان جي ڏيکاري ته اها هن جي مرضي ، پر پوءِ ڀل ته هن جي شاعري چڪبست ۽ ظفر علي خان وارو موت مري وڃي .

شاعر جي پنهنجي حسن تخليق کي ابديت بخشي ته اها انسان ذات جي لاءِ فرحت بخش ٿي ۽ دنيا جي هر رنج و صحن ۾ ڇپر ڇانو ٿئي ٿي جيئن هو تازه دم ٿي اڳتي وڌي.

هاڻي انهن اسٽالن پرائيز حاصل ڪندڙ ڪتابن تي منهن جي لئبريريءَ ۾ مٽي چڙهي وئي آهي. اڄڪلهه “ڊان وهندي رهي”  جي مصنف ۽ ٻين ڪتابن “اڻ کيڙيل زمين “ ۽ “ماڻهو “ جي مصنف کي ڪير ٿو پڙهي؟ اهو ڪتاب سائبيريا ۾ بالشويڪن جي انڌير نگريءَ جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ اجهامي ويو ۽ پنهنجي معنيٰ وڃائي ويٺو . پاسٽرنڪ جو ناول “ڊاڪٽر زواگو” ، توڙي ان دئو جي تاريخ آهي، پر اهو ناول تاريخ جي ازلي حقيقت جي جستجو ۾ نظر اچي ٿو . هو لکي ٿو “ اسان کنئين زندگي، عشق،  حسن ، موت ، ازل ۽ ابد دنيا کي بدلائڻ جو ڪم اسان جو نه آهي.”

مان انساني برابريءَ جي بلڪل خلاف نه آهيان ۽ استحصال جي خلاف جيتري نفرت مون کي آهي اوتري ورلي ڪنهن اديب کي هوندي. معاشي انصاف هر ڪنهن جو حق آهي، اهو ئي هڪ فلاحي مملڪت جو نصب العين آهي . منهنجو اسڪئنڊي نيويا ۾ فلاحي مملڪت تي هڪ ڊگهي مضمون لکڻ جو ارادو آهي . مون کي علم ، ادب ۽ آرٽ تي پابنديءَ کان بيحد نفرت آهي . ڇو ته اهائي منهنجي زندگي آهي . انساني اقدار، سچ ، محبت ، ديانت داري ، عزت نفسي ، دوستي؛ وفا وغيره مستقل آهن . مستقل اقدار مون کي پيارا آهن جي سياست جي نالي ۾ انقلاب آڻڻو هجي ته اديب سڌو سياست ۾ اچي ۽ ادب ۽ آرٽ کي عارضي واقعن ۾ نه وچڙائي . ڇو ته انهن واقعن جي گذري وڃڻ سان هن جي تخليق جي اهميت نه ٿي رهي. جي هو پنهنجي چوڌاري ماحول کي نظرانداز نه به ڪري ته هن جي تخليقي ڪارنامي کي هسپانوي مصور گويا وانگر حسن جي تخليق کي اوليت هئڻ گهرجي . انڪري ميرا جيءَ جا گيت ۽ فيض جي شاعري دؤرِ جديد ۾ اردوءَ جي بهترين حاصلات آهي. پهريون هر سماجي مسئلي کان پري رهيو ۽ خوبصورت شاعري ڪيائين ۽ ٻيو قومي ۽ بين الاقوامي سياسي وڳوڙ ۾ وچڙيل رهيو پر پنهنجي آرٽ کي اوليت ڏنائين . هن جي ساري شاعريءَ ۾ حافظ جو ترنم آهي ۽ هن جي علامتن جو هڪ پنهنجو خوبصورت تاڃي پيٽو آهي .

منهنجي مرحوم بزرگ دوست ڊاڪٽر مهڪري مئي 1948 ع ۾ مون کي هئمبرگ جي خلاصي يونين جي سيڪريٽري جنرل جي آتم ڪهاڻي “رات مان ٻاهر” (Out of the Night ( ڏني هئي، جنهن ۾ اسٽالن جي دؤر ۾ هن ۽ سندس زال تي ڪيل ظلم جا لرزه خيز داستان ها. هر اشتراڪيءَ جي اها روايت رهي آهي ته جڏهن پارٽيءَ کي بيزار ٿي ڇڏيندو آهي ته هڪ آتم ڪهاڻي پنهنجي رد عمل لاءِ جواز پيدا ڪرڻ لاءِ ضرور لکندو آهي. مون اهڙو ٻيو ڪتاب ڪافي سال اڳ “خدا جو ناڪامياب ٿيو” (God That Failed) پڙهيو هو. جنهن ۾ اهم اشتراڪيت پسند اديبن ، اشتراڪيت لاءِ مايوسي ڏيکاري هئي . انهن اديبن ۾ رومين رولان ۽ آندري ييد جهڙا عظيم ناول نگار ها. مون انگلينڊ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اخبار “روزانو مزور” (Daily Worker) جي ايڊيٽر ڊگلس هائيڊ، آمريڪا جي مشهور اشتراڪي ناول نويس هاورڊ فاسٽ جي آتم ڪهاڻي به پڙهي، اهڙيءَ طرح پاسٽرنڪ ۽ سولزي نٽسن جا ڪتاب به پڙهيا آهن . سولزي نٽسن روسي سماج تي ڪاري وار ڪيو ۽ يو ايس ايس آر جي ڊهڻ ۾ هن جو به وڏو هٿ هيو . پر انهن مان ڪيترائي اديب جي اشتراڪيت مان بيزار ٿي پيا، انهن عيسائيت جي اخلاقي اقدار ۾ پناه ورتي . رڳو انگريزي شاعر اسٽيجن اسپينڊر ڪجهه وقت کان پوءِ آمريڪا وڃي “هري ڪرشنا هري راما” تحريڪ ۾ شامل ٿيو.

هندستان جي مشهور ناول نگار ۽ شاعره امرتا پريتم ۽ “مئن آکان وارث شاه نون” جهڙي عظيم نظم جي خالق نه رڳو اشتراڪيت کان ڪناره ڪش ٿي وئي پر جوتش ۽ پنرجنم ۾ فرار ڳوليائين .

اشتراڪيت جي بنيادي فلسفي جا جڏهن ڪچا بنياد ظاهر ٿيا ۽ ساري عمارت ڊهي ڍير ٿي پئي ۽ جڏهن گوربچوف پنهنجي ڪتاب، پيرو سٽروئڪا، ۾ مڃيو ته ٻيو ته ٺهيو پر هو اقتصادي طرح به ناڪام ٿيا آهن . تڏهن منهنجي پيرن هيٺان زمين ئي نڪري وئي ۽ مون کي هڪ زلزلي وانگر ڌوڏي وڌائين.هاڻي جڏهن روس ۾ ڪميونسٽ پارٽي اليڪشن ذريعي اقتدار ۾ آئي آهي ته ڏسجي ته اُن جو به ڪانگريس ۽ مسلم ليگ وارو حال ٿئي ٿو يا نه؟لينن ۽ اُن جي معاصرن ۾ ڪوئي آدرش شعله افروز هيو.هاڻي ته چڻنگ وڃي رهي آهي.ڏسجي ته اها ڦوڪ سان ٻري ٿي يا نه !

ان کانپوءِ مان واري واري سان بيمار ٿيندو رهيس ۽ دل جا دورا پيا. پر قدرت منهنجي روح کي ايتري بي پرواهي ڏني جو هر دل جي دوري وقت مان ائين سمجهندو هوس ته مان واڳونءَ جي وات ۾ آرام ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو آهيان . بيمارين دوران منهنجو دماغ ، بقول ووزني سينسڪي هڪ اليڪٽرڪ شيور (Electric Shaver) وانگر هلندو هو . مون خدا جو پنهنجو تصور روزاني برسات ۾ ڇپيل هيٺينءَ دعا ۾ ڏنو هو.

تون جو ازل کان ابد تائين روان دوان به آهين ۽ چُرين پُرين به نه ٿو.

تون جو ڪهڪشان کان دؤر به آهين ۽ رڳِ گردن کان به ويجهو آهين.

تون جو هن ڪائنات ۾ آهين ۽ ان کان ٻاهر به آهين .

تون جو منهنجي حياتيءَ جي فلسفي جو نچوڙ آهين .

۽ منهنجي محبت جي انتها به آهين .

مان توکي فلسفي جي تخيل تائين،

محدود رکڻ نه ٿو چاهيان .

۽ تنهنجي اڳيان سر بسجود ٿيڻ ٿو چاهيان .

مون کي ايتري ڏات ڏي ته مان تنهن جي وحدت الشهود،

۽ وحدت الوجود جي شعور ۾ تضاد مٽائي سگهان !

مان فلسفيءَ ، عام آدميءَ ۽ صوفيءَ جي سوچ ۾ خاتمو آڻي سگهان،

جا مونجهارا پيدا ڪري رهي آهي !

اهو تخيل ته سڀ تو ۾ آهي ۽ سڀ ۾ تون آهين،

۽ پوءِ به سڀ کان الڳ آهين .

آءُ ملائي سگهان .

۽ تو اڳيان دست بدعا ٿي،

مشڪلات ۾ مدد گهري سگهان.

يا رب ! تو اها ڏاهپ ڪنهن ڪنهن کي ڏني آهي،

مون کي ٻيو ڪجهه نه گهرجي .

مون اسپتال جي ڪمري ۾ ، انسان، ڪائنات ، انساني اقدار ۽ تقدير تي ڪافي سوچيو ۽ اشتراڪيت کان مايوس ٿي ، منهن جو مذهبي اقتدار ڏانهن لاڙو لازمي هو . پر خدا جي تصور ۾ مستغرق رهڻ جي باوجود مون ۾ ڪنهن لاءِ به نفرت نه آهي ، منهن جي دعائن جي ڪتاب مان ظاهر آهي ته دعائن لکڻ وقت مون پوريءَ انسان ذات کي ڌيان ۾ رکيو آهي . هن ڪتاب ۾ منهنجا بيت  “ اٿي اوراالله سان” ڪنهن به ساڄي ڌر جي سياست سان واسطو نه ٿا رکن، نه مون اهڙي ڪنهن پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي ۽ نه ايئن ڪرڻ جو ارادو اٿم . دراصل مان سياست کان هميشه جي لاءِ ڪناره ڪش ٿي چڪو آهيان ۽ سنڌ کي فقط ادب جو لوڙهو ڏئي رهيو آهيان . جيڪو ڪوبه غير يا غنيم ٽپي نه سگهندو .

مون علي هجويريءَ جي ڪتاب “ڪشف المحجوب” ۾ ڪٿي پڙهيو هو ته، ڪوئي جاگيردار پنهنجي جاگير تي آيو ته پنهنجي هڪ هاريءَ ۽ ان جي خوبصورت زال تي نظر پيس.  هارياڻي هن جي دل ۾ تير وانگر کپي وئي، ته هن هاريءَ کي ڪنهن بهاني زمين کان پري موڪلي ڇڏيو ۽ جڏهن هن جي زال کي اڪيلو ڏٺائين، تڏهن هن کي چيائين ته “پنهنجي گهر هل” پوءِ هن ان عورت کي چيو ته “سارا دروازا بند ڪر.” ان تي هن عورت جواب ڏنس ته مان “سارا دروازا ته بند ڪري سگهان ٿي سواءِ هڪ دورازي جي ۽ اهو تون به بند ڪري نه ٿو سگهين.” جاگيردارحيرت ۾ اچي هن کان پڇيو ته “اهو ڪهڙو دروازو آهي جيڪو مان به بند ڪري نه ٿو سگهان ؟” ان تي عورت وراڻيس ته، “ منهنجي ۽ الله جي وچ وارو دروازو جيڪو ڪوئي به بند ڪري نٿو سگهي.” جاگيردار شرمسار ٿي پٺ تي موٽي ويو. جڏهن اهو دروازو ڪنهن تي کلي ٿو پوي ته هن کان دنيا ۽ مافيها وسري وڃي ٿي. ان استغراق جو اظهار منهنجي شاعريءَ ۾ آهي. مان هڪ ڪمزور انسان آهيان. پر اها ازلي قوت جا منهنجي شاعريءَ ۾ سُرايت ڪري وئي آهي. مون کي وري وري نئين زندگي ڏئي رهي آهي. ڇو ، اهو مان ڪيئن چوان ! منهنجا دوست ان کي ذهني الجهاءُ چوندا آهن پر دراصل اهو ذهني سلجهاءُ آهي. مڪافات عمل جو خوف، ڪائنات جي پٺيان ڪنهن ابدي شعور ۾ اعتبار، ڪنهن به انساني قدر جي منافي نه آهي، اٽلو انهن ۾ يقين پختو ڪري ٿو، اهو اعتبار ڀٽائيءَ ۾ به هو. ڪبير ۾ به هو. حافظ ۽ ايران جي ٻين عظيم شاعرن ۾ به هو. عربي شاعر المتنبي ۾ به هو ۽ انگريزيءَ جي شاعر  وليم بليڪ ۽ ٽئگور ۾ به هو ۽ اُهي شايد حافظ جي انهيءَ شعر واري ڪيفيت جا قائل ها ته،

فاش مي گويم واز گفتهءِ خود دلشادم،

بنده ، عشقم  واز هر دو جهان آزادم.

ترجمو ؛ (مان کلم کلا چئي رهيو آهيان ۽ پنهنجي چوڻ تي خوش آهيان، ته مان عشق جو بندو آهيان ۽ ٻنهي جهانن کان آزاد آهيان.)

ان ۾ شڪ نه آهي ته شاعريءَ کي پنهنجا لوازمات آهن. غالب چيو آهي ؛

هر چند هو مشاهده حق ڪي گفتگو،

بنتي نهين هي ساغر و مينا ڪي بغير.

مولانا شبلي نعمانيءَ جي ڪتاب “الغزالي” ۾ صفحي 42 ۽ 43 تي آهي.

“امام غزاليءَ جي زماني ۾ سلجو قين جي ڪري فارسي شاعري پنهنجي شباب تي پهچي ويئي هئي ۽ شاعريءَ جو مذاق قوم جي رڳ رڳ ۾ رچي ويو هو. امام صاحب شاعر ته نه هو پر ڇاڪاڻ ته وقت جي تقاضا ۽ طبيعت جو لطف ٻئي ڪٺا ٿي ويا ها. هو چپ به رهي نه ٿي سگهيو . ان زماني ۾ شاعريءَ جي ٻن صنفن ڏاڍي ترقي ڪئي هئي. قصيدو ۽ رباعي ، پر قصيدو ۽ مدح خوشامد لاءِ مخصوص ٿي ويا ها. ان ڪري امام صاحب جي شايان شان نه هئا. جيتوڻيڪ رباعي هن جي مزاج جي مطابق هئي. حضرت خيام خود امام صاحب جو همعصر هو ۽ هن جو ان درٻار سان تعلق هو جنهن سان امام صاحب وابسته هو. امام صاحب ڪڏهن ڪجهه چوندو هو ته رباعي چوندو هو. هن جون ڪجهه رباعيون “مجمع الصفحا” ۽ روزات الجنات” مان نقل ڪيون ٿا. امام صاحب هڪ رباعيءَ ۾ هي خيال ادا ڪيو آهي ته ارباب ظاهر کي حقائق جو پتو نه آهي .

باجامه نمازي بسر خم ڪرديم،

وز آب خرابات تيمم ڪرديم.

شايد ڪه دراين ميڪده ها دريابيم،

آن يار ڪم در صومعه ها گم ڪوديم.

ترجمو (جماعت سان نماز ۾ سرجهڪايوسين،

۽ خرابات جي پاڻيءَ سان تيمم ڪيوسين.

شايد هن مئڪدي ۾ ملي وڃي،

اهو يار جو خانقاهن ۾ گم ڪيوسين .)

“منهنجي خيال ۾ فقط عشق ئي موت جي شڪست آهي. ٻيوسڀ خاڪ آهي. خواب و خيال آهي. پاڇا آهي. دونهون آهي. هر شيءَ اڏامي ويندي ۽ اسان موت اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري بيوس بيٺا هونداسين.” ياد نه ٿو اچي ته مٿين ڳالهه ڪنهن چئي آهي. منهن جي ڇپيل پنجن ڇهن ڪتابن ۾ انهيءَ فنا پذيريءَ جو ڀرپور اظهار ملي ٿو. مون کان منهنجا اڳيان ڪجهه پيارا دوست اختلاف جي ڪري ڇڄي ويا آهن  پر انهن ۾ به انسانيت لاءِ احترام جو ڀرپور اظهار آهي. هنن کي فقط ڀٽائيءَ جي عظيم ترين سٽ، “جان جو ويهي پاڻ ۾ ، ڪيم روح رهاڻ،” واري جهاتيءَ جي ضرورت آهي.

آخر ۾ مان فقط اهو چوندس ته هي شاعريءَ جو ڪتاب آهي ۽ ان کي فقط شاعريءَ جي ڪسوٽيءَ تي پرکي ڏسجي ، پر نظرئي جي عينڪ سان نه ڏسجي، شاعري انسان ۾ ولهار ٿي ايندي آهي ۽ سدا سائي رهندي آهي. نظريا سڪل ڪک پن ٿي ويندا آهن. ٽراٽسڪيءَ جي مٿي تي واهولي جي هڪ ڌڪ هن جي نظرئي کي چٿي وڌو، جيتوڻيڪ هن جي نظرئي جا ڪجهه ديوانا مداح اڃا به آهن، جي ڪالهه هن کي سراسر غلط ۽ ترميم پسند (Revisionist)  ۽ انقلاب جو غدار چوندا ها.

اها ٻي ڳالهه آهي ته شاعري مون لاءِ هر لاحل مسئلو حل ڪيو آهي. ۽ اها “خيام واريءَ آخر ڇا؟” جو جواب آهي ۽ منهنجي زندگي هڪ سواليه نشان تي پوري نه ٿيندي . شاعريءَ لاءِ مون ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ آهي. جيئن مائيڪل اينجلو ۾ مصوريءَ لاءِ هوندو هو ۽ سستين چئپل ۾ ڪروبين . بي بي مريم ۾ حضرت عيسيٰ جون ۽ انجيل مان ٻيون تصويرون ڪڍندو هو ۽ صنم تراشي به ڪندو هو يا ونسيٽ وان گوگ وانگر آهي، جو ڀون وچ سمنڊ جي ڪنهن ٻيٽ ۾ سورج مکيءَ جا گيت چٽيندو هو، جڏهن سج ٽامڻي هڻي ويندو هو.

شاعر لاءِ شاعريءَ ۾ ئي نجات آهي. پوءِ هو بقول غالب “رسوم و قيود” جي حدن اندر هجي يا نه، شاعري مقصد بالذات آهي پر ذريعو نه آهي. ڪنهن به سياستدان کي ان سان هٿ چراند جي وٿي نه ڇڏي وڃي.

شاهه جهان ڪنهن دوريش ڏانهن قاصد هٿ چورائي موڪليو هو ته هو سندس درٻار ۾ اچي . جواب ۾ درويش کيس پنهنجو هڪ شعر لکي موڪليو هو .

دنيا اگر دهند نه خيزم زجائي خويش،

من بسته ام حنائي توڪل به پائي خويش.

ترجمو (جيڪڏهن دنيا ڏين ته به مان پنهنجي جاءِ تان نه اٿان.

مون پنهنجي پيرن تي توڪل جي ميندي لائي ڇڏي آهي.)

اها آهي شاعريءَ جي دين. انا، سرمستي، خود اعتمادي ۽ پنهنجيءَ ذات ۾ اعتبار، جو تخليق جو سرچشمو آهي ۽ شاعريءَ جي آزاديءَ جو ڀرپور اظهار آهي ۽ جنهن کان سوا آرٽ روح جو فالج آهي . شاعر سياست دان کان گهڻو اڳي سماجي ڦير گهير ڏسي سگهندا آهن. غالب چيو آهي .

راه زين ديده وران پرس که در گرم روي.

جاده چون نبض تپان در تن صحرا بينند.

(راه انهن ڏاهن کان پڇ جي پنهنجي گرم رفتاريءَ ۾

 رستو صحرا جي تن بدن ۾ ڪنهن تپندڙ نبض وانگر ٿا ڏسن)

رڳو شاعر کي بحيثيت شاعر جي ڪنهن تحريڪ يا سياسي تنظيم سان پنهنجي شاعريءَ کي وابسته ڪرڻ نه گهرجي.

 

شيخ اياز

7 مئي 1996

27 اي ، پرنس ڪامپليڪس

ڪلفٽن روڊ ڪراچي



پيار ۽ آزاديءَ جو خواب تي ٻه اکر


(سرڪش سنڌيءَ جي ڪتاب ‘پيار ۽ آزادي’ تي لکيل شيخ اياز جو بيڪٽائيٽل)

 

سنڌي ادب جي تاريخ ڪا سنسڪرت يا يوناني ادب جي تاريخ وانگر هزارين سالن جي ادب تي مشتمل نه آهي. سنڌي ادب جي تاريخ اڍائي سئو سال اڳيڀٽائيءَ جي شاعريءَ کان شروع ٿئيٿي، جو سنڌ کي هڪ اڪيچار خزاني وانگر ملي ويو. باقي ان کان اڳ ۾ ڪا سپي، ڪوڪوڏ،ڪيٻه چار ڀڳلڪوڙا سچا موتي ملن ٿا. ڀٽائيءَ کان پوءِ سچل سرمست ۽ ساميءَ کي ڇڏي سارو ادب ڀٽائيءَ جو ورجاءُ آهي ۽ ان جا لفظ ۽ خيال بار بار دُهرايا ويا آهن.  فارسي ۽ اردوءَ جي اثر هيٺ جيڪو غزل، مخمس، مسدس، مثمن، قطعا ۽ هڪ اڌٻي فارسيءَ جي صنف تان شاعريءَ ۾ فارم Form اڌارو ورتو، ان ۾ ساڳيا ئي دقيانوسي خيال، مُرجھايل محاورا، تشبيهون ۽ استعارا جن کي اردو ۽ فارسيءَ ۾ ورجائي ورجائي استعمال ڪيو ويو هو ۽ جن ۾ ڪا به تازگي ۽ دلڪشيڪا نه هئي، ڪم آندا ويا ۽ اهو دور سنڌي شاعريءَ ۾ ٻوسٽ جو دور هيو.

ان کان پوءِ جڏهن نئين شاعري شروع ٿي ان تمام تيزيءَ سان پنهنجو ڦهلاءُڪيو، جيئن بند ڀڃي درياهه گڙگاٽڪندو ويندو آهي. ان وهندڙ، وير اُڇلڪندڙ درياهه ۾ اڃا آللڙ نه آئي آهي ۽ انهن ڇولين جي آوازن ۾ هڪ آواز سرڪش سنڌيءَ جو به آهي.

سرڪش پورو ترڪش آهي ۽ ان جي وائي، غزل ۽ نظم جون ڪجھ سٽون تير وانگر ٿيون هلن. مان مثال ڏيڻ نه ٿو چاهيان، جيئن پڙهندڙ خود معلوم ڪري سگھن. باقي مجموعي طور ان مان هڪڪيفيت واضع طور ڪبير جي شعر وانگر اظهار جي ٿي:

ڪبيرا کڙا بازار ۾، لئي لُڪاٽي هاٿ،

گھرٻاري جو آپنا، چلي هماري ساٿ.

(ڪبير بازار ۾ بيٺو آهي ۽ لٺ ان جي هٿ ۾ آهي ۽ چوي ٿو ته جيڪو پنهنجو گھر ٻاري سو اسان سان گڏ هلي)

 

شيخ اياز

27، پرنسڪامپليڪس،ڪراچي

17 ڊسمبر 1993ع



خيال احساس اُمنگ


مان نه پاڪستاني آهيان، نه اکنڊ هنسدتاني، نه سماج جي سطحي رسم ۽ رواج جو پابند، نه انقلابي طبقي جي اجائي جوش سان شامل، نه ساهتيه جي جهوني، يڪرنگي تصوير جو قائل، نه ڍونگي ترقي پسندن جي جنسي (Sexual) اگهاڙپ جو مشتاق.

منهنجي راهه الڳ آهي، منهنجو سياسي ۽ سماجي تصور علحدو آهي، منهنجا خيال ۽ احساس، امنگ ۽ اڌما هر ڪنهن رڪاوٽ کي ٺڪرائيندا  پنهنجو رستو تلاش ڪندا آهن ۽ جي اها نه هٽندي آهي ته منهن جي بغاوت ٻه رتيون زور ٿي ويندي آهي پوءِ اها رڪاوٽ سماج هجي يا سياسي طاقت، مذهب هجي يا رسمون روايتون، ترقي پسند يا غير ترقي  پسند.

سنڌي اديب ۽ شاعر، ساهتڪار ۽ ڪلاڪار ڄڻ ته غير سنڌي آهي. هو سنڌي وايو منڊل، تهذيب، رهڻي ڪرڻي، ٻول چال، اُٿ ويهه، ريتن رسمن، خامين خوبين کان به غير واقف آهن يا ته نفرت ڪن ٿا. ڪائي به سنڌي ڪهاڻي کڻو لکنئو ۽ مهارشٽرا ۽ بينگال جي پس منظر ۾ نظر ايندي. ايتري قدر جو اداڪارن جا نالا به سنڌي ناهن. مون اها ڪمي پوري ڪئي آهي. منهنجي نظر ۾ سنڌي هڪ جدا قوم آهن. سندن زندگي، سڀيتا، روايتون، ٻولي، نالا، مطلب ته سڀڪجهه هنسدتان جي ٻين پرڳڻن کان علحدو آهي. جي ساهتيه تي اثر آهي ٻاهرين ماحول جو، ليکڪ جي اندرين جذبن ۽ احساسن تي، ته سنڌ جو ادب به هڪ خاص شخصيت رکندو، هڪ خاص رنگ ۽ ادا جو مالڪ ٿيندو ۽ جي اُها خصوصيت ۽ رنگ ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ نه هوندي ته اها ڪهاڻي ڪانو جئن مور جي رفتار ڏسي پنهنجي چال وساري ويهڻ جي مثال ٿيندي.

هن ڪتاب جو مضمون رولو (جو ڪهاڻي نه به چئجي) سنڌ جي انهيءَ محبت سان پر آهي. سندم اداڪار “رولو” پنهنجي وطن جي ڪنڊ ڪڙڇ سان دلچسپي رکي ٿو، سندس نظر تنگ يا محدود نه آهي، پر ان حب الوطنيءَ جي جذبي جي پيدائش آهي، جو ڏسي رهيو آهي ته مادرِ وطن هڪ ڦير گهير جي دور مان لنگهي رهي آهي ۽ ممڪن آهي ته ان ڦير گهير ۾ سندس شخصيت باقي نه رهي، سندس ٻولي هندي ۽ اردوءَ جي جهڳڙي ۾ ناحق ناس ٿي وڃي، سندس سرسبز  کيت، پاڪستان هندستان جي سوال تي پنجابين بهارين جو نذرانو ٿي وڃن.

سنڌ ۾ رايل انڊين نيوي جو مظاهرو ۽ قرباني هندستان جي ايندڙ انقلاب جو شروعاتي قدم هيو. سنڌ کي فخر آهي ته غير جي چنبي مان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ پهريون ڦٽڪو سنڌين کاڌو آهي. جنگ کان پوءِ سنڌي جنتا جي جاڳرتا جو نظارو مون “سفيد وحشيءَ” ۾ ڪڍيو آهي. عوام سياسي معاملن جي مونجهارن مان نه ڄاڻي، هنن جي  سمجهه سڌي سنئين آهي ته اسان جي پيٽ تي لت اچي رهي آهي ۽ لڄا لٽجي رهي آهي. ان سادي پر سخت بناوتي احساس جي تصوير آهي، “سفيد وحشي”.

مون کي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته منهنجا هندو دوست،  مسلمان جي زندگي، سندن مقامي مسئلن (Local problems) سندن سماجي پستي، سندن اوڻاين، اوچاين، ڏک سک کي ڪهاڻين ۾ نه ٿا آڻين. مون ته جيڪا ڪهاڻي ڏٺي آهي، سا هندن جي ڏيتي ليتي جي مسئلي تي هوندي آهي. آسانند مامتوراءِ ان لاءِ کيرون لهڻيون، هن جي ڪهاڻي “ڪاري” سنڌي ساهتيه ۾ هڪ نئين ڳالهه هئي. “غفور منشي” (نظيران) سنڌي مسلمان جي هيٺئين وچولي طبقي (Lower middle class) جي سماجي جيون جو واقعو آهي. اڻ پڙهيل، غريب مسلمان ڇوڪرين جو عام وڪرو ٿي رهيو آهي. روز هڪ نه ٻي صدقي جي ٻڪري ڀيٽ چڙهائي ٿي وڃي، نه رڳو اهو، پر عورتن سان حد درجي جي بي رحمي وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي. عورت کي ٻوهاري ٿانوَ،  ٿپي، ماني ۽ نيپاج لاءِ بيدرديءَ سان وهايو وڃي ٿو، سو ته ٺهيو، پر مٿن گاهه بيگاهه مار موچڙو، ٿڪ لعنت اسان کي ڪيترو نه انسانيت تان ڪيرائي ٿي، اهو ڏيکاريو آهي مون “غفور مُنشي” جي ڪردار ۾ ۽ اها آهي منهنجي ترقي پسندي!.

پر.....

ليکڪ جي دل جي دنيا سندس ٻاهرين دنيا کان زياده وسيع آهي. سندس ڪائنات کي انت آد نه آهي، سندن جذبات تي روڪ ٽوڪ نه آهي، سندس تجربن تي جهل پل نه آهي. منهنجي جذبن جي رواني منهنجي احساسن جي پئٽ، منهنجي ڳوڙهن، گاڏڙ کل، منهنجو زندگيءَ جي رڳ رڳ ۾ دؤرو، منهنجو انسان جي اچيت (Un conscious) خيالن جو ڇيد، منهنجو ڪائنات جو تصور ڪٿي ڪٿي مون کي پنهنجي ترقي پسند همعصرن (Contemporaires) کان گهڻو اڳتي ڪڍي وڃي ٿو (ڪوئي به چئي سگهي ٿو ته پوئتي ڇڏي وڃي ٿو).

منهنجون باقي ٻه ڪهاڻيون “ڪارو رنگ” ۽ “شرابي” ان ادب جو مثال آهي، جنهن کي يورپ ۾ سوريئلزم (Surrealism) يا “حقيقت کان دوري” چيو وڃي ٿو.

شرابي هڪ غير معمولي شخصيت جي سڀاءَ جي ترجماني آهي. دنيا جي “اوندهه جو ڳولائو ۽ روشنيءَ جو ڀاڄوڪڙ.”

“ڪارو رنگ” هڪ گهٽ معمولي (Sub normal) انسان جي طبيعت جي ڦير گهير جو نه وسرندڙ احساس آهي. انهيءَ ڪهاڻيءَ کي ڪنهن غير ترقي پسندي، ذهن جي بي معنيٰ قلابازي، وهم جي ميرانجهڙي تصوير ڪوٺيو ته مون کي ڪو عجب نه لڳندو، پر مون اها لکي آهي، نه رڳو لکي آهي، پر ڏٺي آهي ۽ منهنجي شاهديءَ کي ڪوئي روڪي ٽوڪي، جهلي پلي نه ٿو سگهي، پوءِ اها ترقي پسندي هجي يا غير ترقي پسندي.

مان پنهنجي بيان، ٻولي، محاوري تي ڪجهه لکڻ نه ٿو چاهيان. اها ڪمي ٻيا پوري ڪندا،  پر انهن ۾ خامي آهي يا خوبي، پستي يا  بلندي، اجائي نوائي يا سجائي سجاڳي، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ايترو فخر آهي ته مون سنڌ اڳيان سنڌي ڪهاڻيون رکيون آهن.

 

شيخ اياز



ڪهاڻيءَ جي تواريخ


ڪهاڻي جي تواريخ ايتري قديم آهي، جيتري انسان جي، ذرا تصور ۾ آڻيو! جڏهن انسان آبهوا جيئن قدرت جو عنصر هو، قدرت جيئن بي حجاب، بي خوف، بيپرواهه! نه کيس اٽي لٽي جو الڪو، نه ڇپر ڇني جو فڪر، نه ريتيون رسمون، نه رشتا ناتا، نه ننڍائي وڏائي، نه وٿيون ويڇا! اڃا به پُٺ تي موٽو، هزارين سال پٺ تي، Neolithic دؤر ۾، ڪهاڙي ڪلهي تي، تير ترڪش ۾ کنيو، انسان جهنگ جبل جهاڳي، شڪار ڪري، نهر مان پاڻي پي حياتي گذاريندو هو. نه هئي کيس ٻولي، نه قوميت، نه سڀيتا!

هر ڪهاڻي ماحول جي اثر جو اظهار آهي ۽ ارد گرد جي فضا جي پيداوار آهي. ان وقت جون ڪهاڻيون اسان کي تصويرن ۾ ملن ٿيون، جي غفائن ۽ غارن ۾ چٽيون ويون هيون ۽ زندگيءَ جي ضرورتن جو انساني جذبن ۽ خيالن تي اثر ڏيکارن ٿيون. اگر اسين انساني تمدن جي ابتدائي  وارتا متعلق مذهب، اخلاق، قانون، رسم رواج، کيتي، رقص ۽ ٻين لطيف فنن (Fine Arts) تي گهري نگاهه اڇلينداسين ته ان ۾ اسان کي ڪئين ڪهاڻيون نظر اينديون. انسان جي محبت ۽ نفرت، حرص هوس، ترقي تنزل جون ڪهاڻيون.

مذهبي جذبات جي پيدائش، جادو، قرباني (ٻليدان) زمان مڪان جو قديم تصور اسان کي هڪ عجيب غريب دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو.

جڏهن پهريون ڀيرو انسان خواب جي پراسرار حقيقت تي عور ڪيو هوندو ته ڪيئن نه سندس عقل چرخ ٿي ويو هوندو ۽ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ان جي باري ۾ ٺاهيون هوندائين؟

جڏهن ٻوليءَ ترقي نه ڪئي هئي تڏهن انسان جي جذبات رقص ۽ نقاشي ۾ چٽي ويندي هئي. نقش ۽ رقص ۾  به ته ڪهاڻيون هيون، غم غصي، حيرت ۽ هيبت، پيار پڇتاوَ جون ڪهاڻيون. ٻوليءَ ترقي ڪئي ته دنيا ۾ داستان گو پيدا ٿيا ۽ پنهنجي حيرت انگيز حافظي، چتر زبان ۽ ڊرامائي  عمل (Dramatic action) سان ٻڌندڙن کي وندرائڻ لڳا.

تحرير (لکت) جي فن جي ايجاد ٿيڻ بعد انساني زندگيءَ ۾ جي تبديليون آيو. تن مان شعر ۽ ادب جي پيدائش مکيه آهي. قديم مصري ادب ڏسبو ته ان ۾ جادو، ٽوڻي، ٽوٽڪي، منتر، تناسخ (جوڻ) روح متعلق ڪيئي ڪهاڻيون ملنديون. سڀني کان زياده مشهور ۽ دلچسپي ڪهاڻي هئي ته ڪيئن موت کان پوءِ روح جامو بدلائي  Osiris (آسي رس) وٽ پهچي ويندو هو، جو مصري ديومالا (egyptain mythology) موجب سڀ کان وڌيڪ مقدس ديوتا هو.

آريه قوم زمين تي سرڪندي، وڌندي، ڦهلجندي وئي. ان ڀڄن، گيت ڪيرتن پيدا ڪيا. جن ۾ نرت، سنگيت، ڪوتا جو ميل جول هو. اُپنشد، رامائڻ، مهاڀارت وغيره ۾ ڌرمي ڪهاڻيون جن ۾ ان سمي جي سياسي ۽ سماجي جيوت، راجائن جو رعب داٻ، پرجا جو ڏک سک، وهم وسوسا، ريتيون رسمون چٽيون ويون، سي ان وقت جي غلاميءَ جي پورهئي تي ٻڌل سڀيتا جو عڪس آهن.

يوناني ادب ۾ اليڊ ۽ اوڊيسي مکيه جڳهه والارين ٿا. ان ۾ پنهنجي ماحول جي عڪاسي آهي ۽ ان وقت جا اخلاقي قدر (Moral Values)  محبت نفرت جا جذبا، رزم بزم جو رنگ ڍنگ ڏنو ويو آهي. ساڳيءَ طرح ٻڌ ڌرم  هندو مت جي سخت گيري (Rigidity) سان ٽڪر کاڌو ۽ گوتم ٻڌ جي زندگيءَ کي ڪهاڻين ۾ پيش ڪري سندس آدرش جي ڦهلاءُ لاءِ ڪتب آندو. عيسائي مذهب ۾ به ڪهاڻيءَ جي رنگيني ۽ دلڪشي گهٽ نه آهي. سڪندر، سيزر، ڪلوپيٽرا وغيره ته تصور جا رنگ محل آهن جن ۾ انسان جا گهري ۾ گهرا امنگ اڌما آندا ويا آهن ۽ سندن ادبي روح جي تسڪين لاءِ نوان ذريعا پيدا ڪيا  ويا آهن. اسلامي  حڪومت به ساڳي چاشني چکي آهي. خود قرآن ۾ احسن القصص (Sublime stories) آندا ويا. الف ليليٰ ته دنيا ڀر ۾ مشهور آهي ۽ نه رڳو اميراڻي زندگيءَ جي شيرين خواب جي تصوير آهي پر غريباڻي حياتي جي وڦلندڙ، وٽ کائيندڙ، پاسا بدلائيندڙ سڀني جون جهلڪيون به منجهس نظر اچن ٿيون. انهن ڪهاڻين ۾ ظاهري طرح ته حسن عشق، شاهاڻي شوڪت، رنگ روپ، ناچ گاني جون ڳالهيون، جنن پرين، ڀوتن پريتن جا داستان، تقدير جون تدبير تي جلهون ۽ ٺٺوليون چٽيون ويون پر سچ پچ ته اهي افسانا پنهنجي ماحول جا ترجمان هئا، ڪنهن به ڪهاڻيءَ جي تهه ۾ نظر ڊوڙائبي ته اسان کي طبقاتي حقيقت (Class-Reality) نظر ايندي. چوڏهين صديءَ جي يورپي ادب تي نظر اڇلائبي ته اسان کي بوڪئشو (Boceasio) جون ڪهاڻيون چمڪ ڌمڪ سان نظر اينديون ۽ اسان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏينديون ته ڪيئن انهن ۾ زندگيءَ جي بي نقاب تصوير ڪڍي ويئي آهي ۽ جاگيرداري نظام سان سرمائيداري نظام جي ڪشمڪش ڏيکاري. چاهه ۽ اتساهه سان نئين آزادي جي طلب ڪئي وئي آهي.

تهذيب ۽ تمدن ترقي ڪندي رهي، انسان جهالت جون  ڪاريون گهرايون چيري اڳتي وڌيو ۽ قدرت جي ڪارسازيءَ تي راضي نه رهي، سندس راز سلجهائڻ لڳو ۽ سندس طاقتن تي غالب پوڻ لڳو. صنعتي تهذيب (Indstrial Civilization) پهرين ڪَني ڪڍي ۽ ڄڻ زندگيءَ ۾ هلچل مچي وئي. جديد ناول ۽ ڪهاڻي ان دؤر جي پيداوار آهي. انگريزي، روسي ۽ فرانسيسي ادب ۾ انقلاب سان گڏ ڪهاڻيءَ جي لکڻيءَ ۾ به انقلاب اچي ويو. زندگي پيچيده ٿيندي ويئي. سندس ضرورتون ضرب ٿينديون ويون ۽ جدوجهد زياده شديد ٿيندي وئي. ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنيڪ، ادا، رنگ،  انداز، ڦهلاءُ به تيئن وڌيڪ گوناگون ۽ دلچسپ ٿيندو ويو. هينئر اچو ته موجوده سرمائيداري ۽ ساميوادي دؤر جي ڪهاڻيءَ تي نظر اڇلايون. خاص مثال جيترا زياده ڏبا اوترو مضمون رکو ٿيندو ويندو. ان ڪري بهتر آهي ته جديد ڪهاڻي جي عام تصور تائين محدود رهون.

ڪهاڻي ڇو لکجي؟

ڪهاڻي جي ضرورت تي لکڻ ته اجايو آهي.

هي زندگي ئي هڪ ڪهاڻي آهي،  هڪ عجيب غريب، وچتر ڪهاڻي. جنهنجو صفحو صفحو روئاري ۽ کلائي، رسائي ۽ منائي، منجهائي ۽ سمجهائي ٿو. ان جي سٽ سٽ ۾ يا ته ڪتڪتائي آهي يا  چهنڊڙي يا ٿڦ يا ٺوڪر، ائين کڻي چئجي ته هيءَ زندگي گهڻيون ئي ڪهاڻيون آهي. ٻئي پاسي هر هڪ ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي جهلڪ آهي. ان جي غم يا خوشي، پستي يا بلندي، سختي يا نرميءَ جي ترجماني آهي، جي اسان کي زندگي عزيز آهي ته ڪهاڻي ڪيئن نه پياري لڳندي؟ پر جي اسان تي زندگي بار آهي ته ڪهاڻي پڙهي ان جو ٻوجهه هلڪو ٿيندو. آخر زندگي خود به ته هڪ ڪهاڻي آهي. تو چئي، مون ٻڌي ۽ پوءِ ڄڻ ته  هئي ئي نه! انڪري سماج جي شروعات سان ڪهاڻيون شروع ٿيون ۽ جيستائين سماج کي وجود آهي تيستائين ڪهاڻيون رهنديون.

ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟

مون کي ته اهو سوال بي معنيٰ لڳندو آهي. هر هڪ انسان پنهنجي دنيا جو مرڪز آهي. هي محل ماڙيون يا جهڳا جهوپيون، هي ٻار ٻچا، هي سنگتي ساٿي، سڀ سندس چوڌاري چڪري  جيئن ڦري رهيا آهن. هو خود پلڪار جو نقطو آهي ۽ سڄو سنسار سندس چوڌاري ڦري رهيو آهي. ڪهڙو به ڪاڻو ڪوجهو، انڌو منڊو هجي ته به پنهنجي ناٽڪ جو هيرو آهي. هو سڄي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اهم شخصيت آهي. سياسي، سماجي، اقتصادي ڦيرا سندس خوديءَ جي آستان تي سلام ڪن ٿا. طبقاتي ڪشمڪش جو گهرو يا ڇڊو عڪس به اسان کي ان انسان جي زندگيءَ ۾ ملندو.

بالي ويشيا آهي. ساري رات جسم وڪڻي، شراب جي بدبو ۽ سگريٽ جي دونهين ۾ ٻوساٽجي، غلاظت، ۽ گندگي جي آغوش ۾ پوئين پهر جو اک لائي ٿي. ظاهري طرح سندس دنيا ميراثين، ڌڪڙن، ناچن گانن، دام ڪام کان سواءِ ڪجهه نه آهي، پر جي ڪڏهن ڪڏهن پور پوندو اٿس ۽ پنهنجي محبت جو داستان ڇيڙيندي آهي ته ڄڻ سندس منهن تان معصوميت گهوري ويندي آهي، سندس انگ انگ، لفظ لفظ مان شرافت، سچائي ۽ قرباني بکندي آهي. ان وقت هوءَ پاڻ کي سڄي ڪائنات جو مرڪز سمجهندي آهي ۽ سندس محبوب، جنهنجي ساراهه مان هوءَ  ڍاپندي ئي نه آهي، سو ڄڻ دائري تان کسڪندو ان مرڪز ۾ سمائجي ويندو آهي ۽ سندس روح ۾ رمي، هستيءَ ۾ حل ٿي ويندو آهي. مون سندس زندگي آندي هئي پنهنجي ڪهاڻي “شانتا” ۾. ڪهاڻي لکڻ لاءِ انساني فطرت جو مطالعو (Study of Human nature) ۽ زندگي جي تنقيد (Criticism  of life) ضروري آهي. جنهن افسانه نويس زندگي جي رڳ رڳ ۾ دورو ڪيو آهي. ان جي نبض چڱيءَ طرح جاچي آهي، تنهن کي زندگي جو خسيس ۾ خسيس واقعو به ڪهاڻيءَ جو مواد مهيا ڪري ڏيندو. صرف هڪ “ڪتڪتائي، چهنڊڙي، ٿڦ يا ٺوڪر” جي ضرورت آهي بس پوءِ ته قلم کنيو ناهي ته زندگي جا واقعا هڪ ٻئي پٺيان اکين اڳيان رقص ڪندا ايندا، تصويرون ڦرنديون هڪ ٻئي سان ٽهڪنديون، ٻهڪنديون وينديون، بنا گهڻي سوچ ويچار جي جذبات پني تي چٽبي ويندي ۽ تنهنجي، منهنجي يا ٻئي ڪنهنجي زندگيءَ جون ڌار ڌار ڇوٽيون ڪهاڻيون ملي هڪ ادبي ڪهاڻي ٺاهينديون.

مان به جڏهن جذبات جي رواني ۾ لکندو ويندو آهيان تڏهن قلم سولو روڪي نه سگهندو آهيان. اها منهنجي وڏي ۾ وڏي خامي آهي ۽ شايد خوبي به. مٿي جيڪي مون لکيو آهي، اهو منهنجي ڪهاڻي لکڻ جو نمونو ۽  رستو آهي ۽ مان خاص ڪري نفسياتي (Psychological) ڪهاڻيون لکندو آهيان. ڪهاڻي لکڻ جا ٻيا به ڪيئي نمونا ۽ رستا آهن.

مٿين ڪهاڻيءَ جي رنگ ۾ گهڻو ڪري ضمير واحد غائب ڪم آندو ويندو آهي. يعني “هو يا هوءَ” سان ڪهاڻيءَ جي ڪردار (Character) کي ڪوٺيو ويندو آهي.

ان مان ليکڪ جي پنهنجي ڪردار ۾ وڌيڪ دلچسپي ۽ ان سان گهري ڄاڻ سڃاڻ يا دوستي بکندي آهي ۽ پڙهندڙ تي سندس لکڻ جي گهرائي ۽  سچائي جو زياده اثر پوندو آهي.

ٻيو ان قسم جو عام طريقو آهي ضمير متڪلم ڪم آڻڻ، يعني “مون” جو لفظ ڪردار واسطي استعمال ڪيو ويندو آهي. “مون هيئن سوچيو...” ان مان ٻه خطرا آهن، يا ته ليکڪ جي گهڻي خود اعتمادي (اپ-وشواس) ڪري لکڻيءَ جي سچائيءَ ۾ گمان وڌي ويندو يا ته گهٽتائيءَ جو احساس (Inferiority Complex) سڄي ڪهاڻي جو لطف وڃائي ڇڏيندو. “مون” کي ڪم آڻڻ جو بي خطري طريقو اهو آهي ته افساني جو ڪوئي ڪردار پنهنجي ڪهاڻي پاڻ کڻي.

چوٿون نمونو آهي ته مصنف بي تعلق ٿي ڪوئي واقعو بيان ڪري. جي هن کي پنهنجي خيالن ۽ جذبن تي ڪافي فني ضابطو آهي ته هي طريقو سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو.  ليکڪ جي ذاتي خيالن جي رو ۽ هن جي جذباتي پئٽ جو جوش ڪهاڻي جو اثر گهرو ڪري ڇڏي ٿو.

ضمير متڪلم ڪم آڻڻ جو هڪ ڀتو نمونو ٻيو به آهي ته ڪهاڻي ۾ هڪ ڪردار جي واقفيت ڪرائي وڃي ۽ پوءِ ڪائي زندگي جي وارتا بيان ڪري وڃجي. ڪڏهن ڪڏهن  ڪهاڻيون خطن ۽ ڊائرين ذريعي به لکيون ويون آهن. پر اهي ٻه طريقا اختيار ڪرڻ مهل مصنف کي سوچڻ کپي ته ڇا منهنجي خيالات جي اظهار لاءِ صرف انهن ٻن نموننن مان ئي هڪ موزون آهي؟ ڊائريءَ رستي هڪ پر لطف ڪهاڻي لکي سگهجي ٿي. بشريڪه ان ۾ سڌي سنئين حياتي جي ترجماني يا جذبات جي مصوري ڪئي وڃي. باقي پيچيدا فيلسوفاڻا نڪتا ۽ زندگي جي پرولي سمجهائڻ لئي مٿا ڪُٽِ، ان مان مزو ڪڍي ڇڏيندي.

پر اهي نمونا ڪي قطعي طور آخرين نه آهن. جيتري آهي زندگي گونا گون اوتري ڦير گهير ٿيندي، ڪهاڻي جي نموني ۾ ۽ لچڪ لکڻي ۾. مثال طور ٽيليفون تي گفتگو رستي ڪهاڻي مڪمل ڪرڻ لاءِ به هڪ ٻيو نمونو آهي.

منهنجي نظر ۾ ادب ٻاهرين ماحول (وايو منڊل) جو اديب جي دل تي عڪس آهي. پر شايد مون  پنهنجو خيال چڱي طرح ظاهر نه ڪيو. ادب عڪس نه آهي بلڪه تصوير آهي. عڪس ۾ ڪلاڪار جي ڪلپنا جي گنجائش نه آهي پر تصوير آرٽسٽ جي تصور تي دارومدار رکي ٿي. دل جي دنيا ٻاهرين دنيا کان گهڻي وڏي آهي، بي انت، اٿاهه، اونهي! جيئن ڏينهن  جو ڏٺل ڳالهيون خواب جي دنيا ۾ ايترو ڦهلجي وڃن ٿيون، جو، انسان ڪائنات جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين سير ڪري، پنهنجون ناڪام تمنائون پوريون ٿو ڪري ۽ پنهنجي خوديءَ جي مڪمل اظهار ۾ ڪڏهن به نٿو ڪيٻائي، تيئن حال آهي ادبي ڪيفيت (Literary Mood) جو. ڪڏهن ادب ماضيءَ جي ميرانجهڙي فضا ۾ گم ٿي وڃي ٿو، سندس ياد سندس دماغ تي ڪوهيڙي وانگر ڇائنجي وڃي ٿي. جهونيون جهونيون يادگيريون، اڌوريون، لڄاريون، پردهه نشين يادگيريون! ڪڏهن سندس تصور مستقبل تي ڪرڻا ڦهلائي ٿو ۽ سندس دور رس نگاهون  آئيندي جي نئين نظام جا خواب لهن ٿيون، مطلب ته هن جي هٿ ۾ ڪهاڻي جا واقعا لاٽونءَ وانگر آهن، جتي وڻيس اتي کين ڦيرائي هڻي. ڪڏهن مٽيءَ ۾،  ڪڏهن فرش تي، ڪڏهن ڏور تي لاهي ته دل ۾ آس نراس غوطا کائي، ڪڏهن تريءَ تي ٽڪ ٻڌائي ۽ فخر مان ڏسڻ لڳي. هن تي فقط ڏور ويڙهڻ فرض آهي، باقي لاٽون ۽ چگهه پيا پاڻ ۾ نبرندا.

ڪهاڻي نويس زندگي چٽي ٿو، پر ان  چٽساليءَ ۾ مٿس بندشون وجهڻ نه کپن. هو آزاد آهي،  هوا جي لهر جيئن، اجهل پاڻي جي  ڇوليءَ جيئن ڇٽل!

جيسين ڪهاڻي نويس ۾ سڀ مان ٿورو ۽ ٿوري مان سڀ نه آهي، تيسين هو چڱيءَ طرح ڪامياب ٿي نه ٿو سگهي. کيس زندگي تي ڇانئجي وڃڻو آهي؛ سرچ لائيٽ جيئن نه ته، گهٽ ۾ گهٽ ڦڪي چانڊوڪيءَ جيئن. هو سياستدان، فيلسوف، مهاشري جو ماهر، Sociologist وگياني، مطب ته سڀ ڪجهه آهي ۽ ساڳئي وقت ڪجهه به نه آهي. هو زندگيءَ جي تصوير چٽي ٿو، ان جي تنقيد ڪري ٿو، ان تي کلي کلي اسان کي روئاري ٿو، اسان جي دماغ ۾ چپٽيون ٿو وڄائي ته “اُٿي زندگي ڀڄندي ٿي وڃيئي ان جو پيڇو ڪر، تون ڇو پٺتي رهجي ويو آهين؟” ڪڏهن گونگا، گم سم ڳوڙها وهائي، اسان جي دل ۾ هڪ بي معنيٰ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي ٿو ۽ اسين محسوس ڪرڻ ٿا لڳون ته ڪجهه ته دنيا ۾ خرابي آهي، ڪجهه ته اهڙو آهي جو اک ۾ وار جيئن  چڀي رهيو آهي.

ڪهاڻي پل پهر جو واقعو آهي، ناول جيئن سال صديءَ ۾ نه ٿي ڦهلجي، گهڙيءَ جا گهڙيال آهن؛ پيو انسان بدلجي سدلجي. نيون نيون تبديليون، نوان  نوان تعميري خيال، خوديءَ جو خيال ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن؟ جي انهن ۾ ڪو خاص رشتو ناتو، ڪا ڳالهه ڳانڍاپو آهي ته پوءِ ڇو زندگيءَ جون ايتريون تبديليون خيال ۾ رکي انهن ۾ ڪوئي عام تعلق  ڳولهجي؟

ناول اسان اڳيان زندگيءَ جي ڊيگهه رکي ٿو، ڪهاڻي ان جو عميق (Depth) زندگيءَ جي هر واقعي ۾ فلاسافي، نصيحت، ڦڪي ڦڪي کل، مٺي مٺي سڏڪي، تفريح ۽ دلچسپيءَ جو سامان موجود آهي ۽ ڪهاڻي ان کي اثرائتي نموني پيش ڪري ٿي ۽ ان ڪري شايد ڪهاڻيءَ کي ناول کان وڌيڪ اهميت آهي.

ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنيڪ ۽ نوع تي وڌيڪ خشڪ بحث ۾ پوڻ کان بهتر  اهو ٿيندو ته ڪنهن ساهتيه جي ڪهاڻين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ان جي هر پهلوءَ تي روشني وجهان.

هندستاني ادب ۾ اردو ڪهاڻيون هڪ نمايان جڳهه والارين ٿيون.

جديد اردو ڪهاڻيءَ ۾ ڪرشن چندر چوٽيءَ جو ليکڪ آهي. هن ۾ هڪ انقلابي رومانيت (Romanticism) نظر اچي ٿي ۽ هو ان کي رنگا رنگ نمونا ڏئي ٿو. ڪڏهن ڏس ته جهلم نديءَ جي ڪناري تي هڪ اجنبي عورت تي اٿاهه اداسي لهرائي ٿي، ڪڏهن دلر ڍنڍ تي  هڪ پاتڻيءَ جي زال جنهن جو مڙس روزگار لاءِ پرديس ويو آهي، پنهنجي عصمت چئن سڪن تي وڪڻي ٿي. ڪڏهن پهاڙي  نازنينيون اميرن هٿ وڪامن ٿيون، ڪڏهن پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪريون پنهنجي مرضيءَ خلاف شادي ڪن ٿيون ۽ سندن نازڪ دل چور چور ٿي ڪئي وڃي. مطلب ته هڪ روماني فضا ۾ انقلابي چڻنگ لڳائي وڃي ٿي ۽ سندس نازڪ ڪهاڻين ۾ فطرت نگاري ۽ رومانيت ملي، ڪرشن چندر کي دنيا جي بهترين افسانه نگارن ۾ جاءِ ڏين ٿيون. هن جي هر ڪهاڻيءَ ۾ هن جي انفراديت (Indiviuality) جهلڪي ٿي.

هو زندگيءَ جي راهه تي  نچندو، جهومندو، ڳائيندو، لهرائيندو نظر اچي ٿو ۽ پڙهندڙ به هن سان وجد ۾ اچي ٿو وڃي. هو چپ ڀڪوڙي، اکيون اگهي هن سماج ۽ تهذيب کي گار ٿو ڏئي ۽ پڙهندڙ جي دل ۾ بغاوت جي آگ ڀڙڪي ٿي اُٿي. هو شراب جو پيالو ڀري، چوي ٿو، “پيئو جيئو” پر ساڳئي وقت کيس احساس آهي ته ڪيئي رت جو ڍڪ ڀري، صبر ڪري ويلا ٿا  ڪاٽين. هو زندگيءَ کان ڀاڄ کائي ٿو وري تازي جدوجهد لاءِ. هن جي کل ڳوڙهن-ڳاڏڙ آهي؛ هن جا لڙڪ مرڪ ۾ پوتل آهن، هن جو مزاح ۽ طنز (Humour & irony) هٿ ۾ هٿ ڏيئي وڃن ٿا. هن بيهودي سماج، وهمي تهذيب، غلام زندگيءَ تي چٿرون ڪندا، مرڪندا، ٿوڪاريندا، ٺڪرائيندا. ڪرشن چندر جادوگر آهي، هندستان جو بهترين اديب آهي.

اُپيندر ناٿ اشڪ وچولي طبقي جي زندگي چٽي، هو ان جا مسئلا، مصيبتون، بيهودگيون، بيتابيون پريشانيون، پشيمانيون تمام چڱيءَ طرح قلم بند ڪري ٿو. هو پنهنجي ڪتاب “ڪونپل” جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته “ڪهاڻي- ليکڪ ان ڪامياب تقرير ڪندڙ وانگر آهي، جو پهرئين جملي سان ئي پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪي وٺي ٿو، جيئن پوءِ تيئن  افساني کي وڌائي، پنهنجي پڙهندڙ جي دلچسپيءَ ۾ اضافو ڪندو وڃي ٿو. ايتري قدر جو چوٽيءَ (Climax) تي پهچي، انهيءَ افساني کي ختم ڪري ٿو ۽ جو اثر هو پڙهندڙ تي وجهڻ چاهي ٿو، سو سڄيءَ شدت ۽ گهرائيءَ سان ان تي ڇانئجي وڃي ٿو.”

اپيندر ناٿ وچولي طبقي جي گهرو حياتي، شادي غمي، ڏيتي ليتي، وهنوار، استريءَ جي دردشا اهڙيءَ ريت ٿو اُڻي گويا، ڪاغذ جو صفحو سئنيما جو پردو ٿي وڃي ٿو ۽ گهمندڙ ڦرندڙ تصويرون اکين اڳيان ڦري وڃن ٿيون.

راجيندر سنگهه بيديءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ واقفيت، رومانيت ۽ مشاهدو ملي ٿو. هن ۾ ديهاتي زندگي جي چاشني آهي، عوام جي سڌي سادي رهڻي ڪهڻي جي جهلڪ آهي، فلاسافيءَ جي دلڪش ملاوٽ آهي. مثلاً، هڪ ٻار ماءُ کان سوال پڇيو ته؛ مان ڪٿان آيس. ماءُ وٽ هالو چالو جواب ته گهڻيئي هئا، جن مان هيٺيون وڌيڪ دلچسپ آهي.

“تنهنجو پيءُ هڪ سؤ ٻن گهنڊين وارو ڄار کڻي رام تلائي يا شاهه بلور جي تلاءَ ۾ مڇيون پڪڙڻ ويو. اتي نه مڇيون هيون نه ڪڇو، صرف ڄورون هيون. هڪڙو ننڍڙو ڏيڏر هو جو هڪ مٽيءَ جي دڙي تي ويٺو آرام سان برساتي گيت ڳائي رهيو هو. اهو تون هئين. تنهنجو پيءُ توکي کڻي آيو ۽ اسان توکي پاليو.” ڪهڙي نه ديهاتي زندگيءَ جي سهڻي روايت ڏني اٿائين! بيدي گهڻيو ڪري ڳوٺاڻي جيوت چٽي آهي. هيٺئين وچولي طبقي جي حياتي ڄڻ هڪ ڌاڳي جي ڌار تي تباهيءَ جي غار مٿان لٽڪي رهي آهي، ان کي پوري درد ۽ دهشت سان چٽيو اٿائين. سندس ڪهاڻيءَ ۾ همدردي، محبت ۽ گهري تلخي جو احساس نظر اچي ٿو.

علي عباس حسينيءَ جون هندو ۽ مسلم وچين طبقي ۽ زميندارن جي پيرائي ۾ سٺيون ڪهاڻيون آهن. هو ديهاتي حياتيءَ جون مصروفيتون، مصيبتون، خوشيون ۽ پريشانيون تمام چڱي طرح بيان ڪري ٿو. هن ۾ انسانيت ۽ فراخدلي آهي. سندس گهڻا افسانا “شاعراڻي انصاف” (Poetic justice) تي ختم ٿين ٿا.

عصمت چغتائي اردو جي بهترين افسانه نگار عورت آهي. هن پنهنجي جنس کي ننهن کان چوٽيءَ تائين جاچيو آهي، ان جون ڪمزوريون ڪچايون، گڻ اوگڻ محسوس ڪيا آهن. ان جي بيوسي ۽ ناداني پرکي آهي. هوءَ “هندستان جي عورتن کي چئلينج آهي.” جهڙو بي خوف ٿي، عصمت سماج جا  ڇلر لاهي ٿي، تهڙو ڪوئي ڪهاڻي نويس نه ڪري  سگهندو. منجهس هڪڙي ڪمزوري آهي ته هوءَ زياده زور جنسيت (Sexualism) تي رکي ٿي.

سعادت حسن منٽو هندستان جو ڊي ايڇ لارينس آهي. هو چوندو آهي ته “جو ڪهاڻي- ليکڪ طوائف خاني (وئيشيا گهر) ۾ نه ويو آهي، سو ڪڏهن به سٺي ڪهاڻي لکي نه سگهندو.” مٿين ليکڪن ۾ شعوري يا لاشعوري طرح طبقاتي ڪشمڪش نظر اچي ٿي.

ڪهاڻي جي تواريخ ۽ ٽيڪنيڪ ۽ جديد اردو ڪهاڻيءَ مان مثال توهان اڳيان رکيا ويا آهن. سنڌي ليکڪ اڃا ان  سائيڪل جي نئين سيکڙاٽ جيان آهي، جنهن کي  سائيڪل تي چاڙهي کڻي ميدان ۾ ڇڏيو وڃي. ان ۾ هو ڌڪ کائي هڏ ڀڃي، ان جو به امڪان آهي. پر اها اميد به آهي ته سندس اٽل ارادو کيس ڪوشش ۾ ڪامياب ڪندو. ان ۾ ته ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌ ۾ جي نوان اديب پيدا ٿيا آهن، تن مان ڪي نه رڳو پاڪستان  پر هندستان جا به بهترين اديب ٿيندا. اهو وقت دور نه آهي جڏهن هنن جي لکڻيءَ جي پختائي ۽ خيال جي بلندي وڌي دنيا کان پاڻ تسليم ڪرائيندي.

 

 

جولاءِ 1947ع

شيخ اياز



شاعريءَ جا فني قدر ۽ سنڌي شاعري


آڪٽوبر 1990ع ۾ ريٽا شهاڻيءَ جي دعوت تي اسان پوني ويا هئاسين. اسان سان گڏ هري موٽواڻي به هليو هو. گنو سامتاڻي اتي پاڻ ئي پهچي چڪو هو. پورو ياد نٿو اچي، پونم جي رات هئي. اسان ريٽا جي بنگلي جي ڇت تي وڌاوڙي ۾ ويٺا هياسين. چوڌاري باغ هو، ڪيئي وڻ بيٺا هئا، ٻوٽا هوا ۾ لڏ رهيا ها.بنگلي جي چوڌاري جيڪي به بنگلا هئا، اتي به ڪيئي وڻ هئا، جن تي چانڊوڪي ڇانيل هئي ۽ ريٽا وسڪيءَ ڍڪ پي، پنهنجي نثري شاعري ٻڌائي رهي هئي. اسان اڌ رات تائين ويٺا رهياسين ۽ ڳالهيون به ڪندا رهياسين ۽ مان پنهنجي اندر ۾ ٽٻيون به ڏيندو رهيس. ٻاهران ڪائنات ڪنهن اشوڪ جي وڻ وانگر ٿي لڳي، جو اونڌو لڙڪي رهيو هجي  ۽ جنهن جون جڙون آڪاس ۾ هجن ۽ پن، ٽاريون ڌرتيءَ تي، ريٽا جي نثري شاعري روحانيت جي باري ۾ هئي، جنهن ۾ ڀارت ورش جي خوشبوءِ هئي، پر ان ۾  ابهام هو، جو نه رڳو هن ديس جي وحدانيت ۾ آهي پر هر مذهب جي وحدانيت جي تصور ۾ آهي. ڪيتري وقت کان ڪائي سوچ، جا منهنجي من کي ڌونڌاڙيندي رهي هئي، وري منهنجي من کي گرفت ۾ آڻي چڪي هئي. پهريون جيون جڏ هن ڄايو هو، تڏهن ان کي ڪنهن ڏٺو هو؟ هي رت پونءِ ته هن ڌرتيءَ جي دين آهي پر آتما ڪٿان ٿي. اچي؟ جي خدا ڌرتي ۽ آسمان پيدا ڪيا ته اهي ڪيئن ڪيا، اهو مشڪل ڪم اک ڇنڀ ۾ ڪيئن سرانجام ڏنو ويو؟ جي خلا ما ئي ساري تخليق ٿي، ته ان تخليق لاءِ مواد ڪٿان آيو؟

مون کي ڀيرو مل مهر چند جي قديم سنڌ مان رگ ويد جا ٽڪرا پئي ياد آيا، اندر، مترا، ورن، اگنيءَ جي باري ۾، ڪهڙي نه پياري شاعري هئي ان ۾! پوءِ انهيءَ جي دويتا ۾ اَدويتا مان هڪ خدا جو تصور اڀري ٿو، جو اپائڻهار ۽ سرجڻهار آهي، مشاهدي ۾ جو محدود آهي، انت ۾ لامحدود آهي ۽ مشاهدي کان بعيد آهي. هڪ ڪنڀر آويءَ تي ٿانءُ پچائي، لسائي لاهي ٿو، پر ان لاءِ به هن کي ڪنهن خام مواد جي ضرورت آهي؟ پر گيت لاءِ ته ڪنهن خام مواد جي ضرورت نه آهي. ان ۾ ته شاعر پنهجي وجود کي چڪيءَ تي ڦيرائي ٿو ۽ هن کي پتو نه آهي ته اها چڪي ڪنهن جي هٿ ۾ آهي؟ اهي سوال ها ازل ۽ ابد جي باري ۾ جن جو رگ ويد ۾، جواب ڏنو ويو هو ۽ جو مان ڀانيان سنڌ جي ڌرتيءَ تي تخليق ڪيو ويو هو:

 “ڏينهن ۽ رات ۾ ڪائي مشابهت نه هئي. نيستي به ڪا نه هئي، هستي به ڪانه هئي، موت به ڪو نه هو، زندگي جاويد به ڪانه هئي.”

شاعر پنهنجي توڙ تي پهچي ٿو، جڏهن هو ازلي حقيقت کي اطهاري ٿو ۽ چوي ٿو ته ديوتائون به پوءِ جي پيدائش آهن. هن ڪائنات جي حقيقت جو پورو بيان نٿو ٿي سگهي. نيستي ۽ هستيءَ جي وچ ۾ تضاد جو انساني پهچ کا پري آهي، زمان ۽ مڪان جي سرحد کان دور، ڪٿي حل ٿي وڃي ٿو.

هند جي سرزمين تي اهي سوال ازلي ۽ ابدي آهن ۽ ان ڪري مون کي ريٽا جي روحانيت واري شاعريءَ تي عجب نه آيو. مون هن ۾ ايتري نواڻ به ڪانه ڏٺي. هوءَ هري دلگير جي شاگرد هئي، جو هن کي فارسي بحر وزن سان آشنائي ڏئي سگهي ها، جنهن ۾ هو خود شاعري ڪندو آهي جي هوءَ ماترائن جي حساب سان شاعري ڪري ها ته اها به هن جي وس کان ٻاهر نه هئي. ماترائن جي حساب سان هند ۾ مذهبي توڙي ٻي شاعري ڪيتري نه پياري ڪئي وئي آهي! ڪرشڻ جي ننڍ پڻ جي باري ۾ ڪنهن نامعلوم سنسڪرت جي شاعر لکيو آهي:

“ماتا!”

“ڇا ڳالهه آهي؟”

“مون کي کيرجو ڪٽورو ڏي!”

“ڇالاءِ؟ ”

“ان لاءِ ته مان پيئان.”

“هاڻي نه ”

“رڳو رات جو.”

“رات ڇا ٿيندي آهي؟”

“جڏهن ڌرتي ۽ آڪاس اونداها ٿي ويندا آهن.”

اها ڳالهه ٻڌي ڪرشڻ پنهنجون ٻئي اکيون ٻوٽيون ۽ چيائين:

“ماتا هاڻي ته ڏيندينءَ رات اچي وئي آهي.”

اها منظوم شاعري آهي ۽ نثري شاعري نه آهي، جيئن ڪرستان روايت ۾ سليمان جو گيتن جو گيت نثري نظم ۾ آهي ۽ جو مان اڳتي هلي ڏيندس. هنديءَ جي ڪويءَ جئديو ۾ به اهڙيءَ ريت ڀرپور مذهبي جذبات هئي، جنهن ‘گيت گووند’ لکيو آهي، جيتوڻيڪ ٽي سال پوءِ چيتنيه جي تحريڪ به ساڳي نوعيت واري هئي. ان ۾ راڌا ۽ ڪرشنا جي پيار جي باري ۾ گيت آهن، پر اهي نثري نظم ۾ نه آهن، پر موزون آهن گيت گووند کان ڪيئي صديون اڳي ‘شرنگار تلڪ’ لکيو ويو، جو ڪاليداس سان منسوب ڪيو ويو آهي، پر محقق ان کان انڪاري آهن ته اهو ڪوي ڪاليداس جو ڪتاب آهي، جيتوڻيڪ ان ۾ ڪيئي پرڪاريءَ واريون تشبهيون آهن، جيئن:

 “تنهنجون اکيون ڪنول جي پتين وانگر آهن، تنهنجو مک ڪنول وانگر آهي، تنهنجا چپ ڪچا ڪؤنپل آهن ۽ تنهنجا انگ چمپڪ جي پنن وانگر آهن. ٻڌاءِ پريتما مون کي ٻڌاءِ ته اپائڻهار توکي پٿر جهڙو هانءُ ڇو ڏنو آهي؟ “ اتي ڪويءَ کي من ۾ بسنت کان ڀو ٿئي ٿو. “اڳيئي مون کي پيار پيڙا ڏئي رهيو آهي ۽ منهنجو من جو ملڻ جوڳو نه آهي، اگم لاءِ پرارٿنا ڪري  رهيو آهي. ان جو ڪهرو حال ٿيندو. جڏهن انب ٻور سان ٻوڪجي ويندا ۽ انهن جي ڦڪي اڇاڻ اولهه جي هوا ۾ ڦٽي پوندي؟“ هن ۾ ڪٿي به ڪاوڙيل پيڙا نه آهي. تون منهنجا چپ منهنجي اڇا کان سوا ڇو ٿو چمين، نر لجھا، ائين لڄ جو مکر ڇو ٿو ڪرين؟ هٺ ڇڏ منهنجي گهگهي جي پاند کي ڇڏ!! اهي سوڳنڌ کڻي مون کي ڀنڀلائي ڇو رهيو آهين؟ مان تنهنجو اوجاڳيل انتظار ڪڍي ٿڪجي پئي آهيان، موٽي وڃ انهيءَ ڏانهن، جنهن سان ريڌل هئين! ماکيءَ جون مکيون اهي ڦول ڇا ڪنديون، جي ڦٽي ڪيا ويا آهن؟”

ستينءَ صديءَ جي ڪوي، ڀري هريءَ ۾ ڀرپور عشقيه شاعريءَ جي پهرين جهلڪ ملي ٿي، ڪهڙي نه پرڪشش تصوير آهي هن جي پياريءَ جي، جڏهن هوءَ جهنگ ۾ چندرمان جي اهاءَ ۾ ڀٽڪي ٿي؛

 “ڪامڻي پاڻ کي چنڊ جي ڪرڻن کان جهنگ جي وڻن ۾ ڇپائي ٿي ۽ پنهنجو گهگهو مٿي ڪري ٿي، جنهن ۾ هن جا ارهه ڍڪيل ها...”

پر ڪامنا ڪويءَ جي من کي تڙپائي ٿي، جنهن کي هو نهايت پياري ٻوليءَ ۾ اظهاري ٿو ۽ هن کانپوءِ اماروءَ جي شاعري شروع ٿئي ٿي، جنهن جو ترجمو اردو شاعر ميرا جي پنهنجي ڪتاب “ديس ديس ڪي نظمين” ۾ نهايت چاهه سان ڪيو آهي. ڇا نه سٽ آهي اماروءَ جي؛

“آهستي ڳالهاءِ! منهنجو ساجن منهنجي من ۾ آهي،

متان اهو توکي ٻڌي نه وٺي!”

مون کي ڪجهه سنسڪرت شاعرائون ياد آيون جي مون ڪافي وقت اڳي پڙهيون هيون؛ وِجا، سيلا، ڀٽريڪا، چندريڪا، گوري، پندماوتي، ڦلگو[1] چاندلا وديا[2] وغيره. انهن جي محبت ۽ فطرت جي شاعريءَ تي هڪ پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو، جنهن جي هتي جاءِ نه آهي. هڪ الڳ ڪتاب ويدانتڪ ڪويتا تي لکي سگهجي ٿو، جڏهن انسان انيڪ ۾ ايڪ ۽ ايڪ ۾ اينڪ ڏسي ٿو، اها شاعري هر صوفيءَ جي اعليٰ شاعريءَ وانگر آهي، هن ڪائنات جي وحدت جي باري ۾، انسان جي نجات جي باري ۾، رامانج ۽ رامانند جي شاعري، ڪبير، ميران ۽ نانڪ جي شاعري، اها شاعراڻو ورثو آهي. هند جو ۽ اها منظوم آهي، ماترائن تي آهي، جيڪي مذهبي ڪتاب نثر ۾ آهن، انهن ۾ به ترنم آهي، جيئن مان اڳتي هلي ڏيکاريندس.

مون ريٽا کي صلاح ڏني ته هوءَ اڳي وانگر ناول لکي، ڇو ته هن جي نثري شاعريءَ ۾ اهڙي نواڻ نه آهي، جا ڌيان پاڻ ڏي ڇڪي وٺي. تازو مون کي هن جو نئون ناول “پرهه جا پياڪ” مليو آهي، جنهن ۾ هن جي نثر ۾ تخليق وڌيڪ سجائي ٿي ڏسجي.

مون کي ريٽا وٽ اهو خيال آيو ته هن ديس جي شاعري، جا هيل تائين نظم ۾ خوبصورت ۽ ترنم واري رهي آهي، ان کي شاعر نثر ۾ ڇو گنجرائي رهيا آهن؟ ٽئگور ته عمر جي آخر ۾ ٻه ڪتاب نثري نظم جا لکيا ها، ڇو ته هو موزون شاعري نٿي ڪري سگهيو پر انهن کان پوءِ هو موزون شاعريءَ تي موٽي آيو هو، جنهن جو ذڪر مان “ڪتين ڪر موڙيا جڏهن” جي مهاڳ ۾ ڪري چڪو آهيان (دراصل نثري شاعريءَ جي ٽئگور کي گنجائش هئي، ڇو ته هن هڪ هزار گيت لکيا هئا، جن ۾ “جن، ڱن من” ۽ “سونار بنگلا” جهڙا ترنم وارا گيت به هئا) ريٽا جي زندگيءَ جو نئين ٽيڪنالاجيءَ سان ڪوئي واسطو نه هو، جنهن سان هندستاني سرمائيداريءَ جو هي صنعتي دور واڳيل هو.

روسي شاعريءَ ماياڪوفسڪيءَ، ووزنيسينڪيءَ ۽ ٻين فيوچر سٽ شاعرن جديد ٽيڪنالاجيءَ مان ڪيئي لفظ ورتا آهن، پر پوءِ به مايا ڪو فسڪيءَ ۽ ووزينيسنڪيءَ جا اڪثر نظم بي پناهه موسيقيت سان ڀرپور آهن. مان انهن جي شاعريءَ تي پوءِ ايندس، في الحال مان اهو ٿو چوڻ چاهيان ته جديد هندستاني شاعر هندي شاعريءَ ۾ نثري شاعريءَ لاءِ گهڻو جواز پيدا نه ڪري سگهيا آهن.

ريٽا جي اڱڻ ۾ اڌ رات جو مون چنڊ ڏانهن ڏٺو جو اشوڪ جي وڻ مٿان ائين وڃي رهيو هو ڄڻ ان کي مٿي تي چمي ڏئي رهيو هو. مون من مٿان ائين وڃي رهيو هو، ڄڻ ان کي مٿي تي چمي ڏئي رهيو هو. مون من ۾ چيو، ”هيءَ گهڙي آمر آهي، هن گهڙيءَ جيڪي به وجود ۾ آهن، ان جي انتها مون تي ٿئي ٿي، هن ساري سنسار ۾ ڪوئي سرگرم آهي،جو آبشار وانگر وهي رهيو آهي، ان ۾ وهنجي ڏسان ته منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊار جي ويندي. مان ئي ته هي سنسار آهيان!”

انگريز شاعر وليم بليڪ کان ڪنهن سوال پڇيو هو “خدا ڇا آهي؟”

“يوسوع، تون ۽ مان.” هن جواب ڏنو هو. اها ئي ڪيفيت آهي ڪلاسيڪل سنسڪرت ۽ هندي شاعريءَ جي باغ جي چوڌاري سانت ۾ اَماروءَ کان آگيه تائين ڪويتا سمايل هئي. ڪيتري نه مڌرتا هئي ان ۾! ريٽا ٽيڪنالاجيءَ واري دور جي ڪويتا به نٿي لکي! هن ۾ ويدانيت هئي، جنهن جي باري ۾ اڳ ڳايو ويو آهي، ساڳيو پس منظر، ساڳي جذبات، جا چاندني ۾ نهر وانگر آهي، پر ان جو صديون مسلسل اظهار هاڻي طبيعت کي ڀانءِ نٿو پوي.

ٻئي ڏينهن تي مون ريٽا وٽ ئي هندستاني شاعريءَ تي ڪجهه ڪتاب نظر مان ڪڍيا ها. هندي شاعريءَ ۾ ڪجهه علامتون آهن، جي فطرت سان پور وڇوٽيون آهن، اهي هيٺ ڏجن ٿيون:

1- سج اڀر ئي وقت ڪنول جو گل ٽڙي پوي ٿو ۽ اهو اسان لاءِ سونهن سچ، مڌرتا ۽ منورت (مقصد) چٽي ٿو. ڪويتا ۾ ٻيا گل اهڙا آهن جي ڪنهن ڪامڻيءَ جي ڇهاءَ، ڀاڪر يا چميءَ سان ٽڙي پون ٿا، جيئن اشوڪ جو وڻ ٽڙي پوي ٿو. اها ڳالهه سونهن جي سڦلتا جي نشاني آهي.

2- هر موسم سان مخوص علامتون واسطو رکن ٿيون. ڪويل ۽ انب جو ٻور بسنت جي علامت آهي، مور برسات جي علامت آهي، هنس ۽ کنجن،[3]  ٻيا سانگي پکي (سنڌ ۾ ته سوين سانگي پکي ايندا آهن) آڳاٽي سرءُ جي علامت آهن، ڪوهيڙو ۽ ڇڻندڙ پن سياري جي علامت آهن. منهنجي هڪ سٽ آهي:

ڇڻندڙ پن، وڇوڙيل يار ڳالهه ته ساڳي ناهي.

3- چاتڪ ۽ پپيهو اَمڙَ ۽ اڻ – ڦرڻي ڀڳتيءَ جي علامت آهن. اپائڻهار جي اڪير ۽ پيار جي آنڊي- گهر جي سرءُ جي برسات. جا سواتيءَ تاري[4] هيٺ پوندي آهي، اها برسات اپائڻهار جي ڪرپا جي نشاني آهي، نانگ ۾ وهه، سپ ۾ موتي ۽ بانس ۾ دارون پيدا ڪري ٿي. چاتڪ کي سواتيءَ جي جر کان سواءِ ٻي ڪنهن جر لاءِ ڪرڀ ايندي آهي ۽ فقط اهو ئي هن جي اڃ اجهائي سگهندو آهي. اهڙي طرح اڃاري جيءَ کي آٿت نه ايندو آهي، جيستائين ان تي ٻاجهاري جي ٻاجهه نه ٿيندي آهي.

4- ڪام، جو سنيهه ۽ لنوءَ جو ديوتا آهي، جنهن کي شو جلائي رک ڪري ڇڏيو آهي. پر جو سڀاڳو آهي، اهو سدائين سرير کانسواءِ آهي اها ڳالهه اهو ڀاءُ پيدا ڪري ٿي ته سريرڪ ڪامنا جون جڙون جيءَ ۾ نه آهن ۽ اها اجائي آهي. ڪام جي وني رتي (موهه) آهي ۽ هن جا سنگي بسنت، چنڊ ۽ چاتڪ پکي آهن.

5- هاٿي چال ۾ سوڀيا، سانتيڪائي، سگهه ۽ بار ۾ ڀاري پڻي جي نشاني آهي، شينهن ڏيا ۽ تن من جي ٻل ۽ ڦڙتائيءَ جي علامت آهي. ۽ هرڻ تڪ، سوکيمتا ۽ حواس جي ناپائداريءَ جي علامت آهي.

6- انسان جي چهري جي چنڊ سان تسبيهه ڏني وئي آهي، اکين کي کنجن پکيءَ سان يا اهي آمي جي ڦار يا هرڻيءَ جي اکين سان ڀيٽيون ويون آهن. وار وسيهر، ڪاريءَ گهٽا يا رات وانگر آهن، چپ بمبا جي ڦل وانگر آهن، جو ڳاڙهو ۽ شعلي رنگ ٿيندو آهي يا انب جي ڪچڙن ڪونپلن يا مرجان وانگر آهن، ڏند موتين جي لڙهيءَ جهڙا آهن ڀرپور ڇاتي ڦلدائڪ استري پڻي جي نشاني آهي. سنهي چيلهه جي چيتي جي چيلهه سان ڀيٽ ڪئي وئي آهي. رانن کي ڪيوڙي جي ٿڙيا هاٿيءَ جي سونڍ سان ڀيٽيو ويو آهي. (سنڌيءَ ۾ ڪنجل لوڏ [5] سينگار ۾ استعمال ٿيل آهن)، هٿ پير ڪوڻين جيان آهن، جيڪي اکين جي اشارن سان گڏ ناچ ناٽڪ يا ڪويتا ۾ مدرا[6]  جو ڪم ڏين ٿا.

7- روايتي سوڻ ۾ اهڃاڻ آهن:

ڀريل گهڙو، اڏار ۾ پکيئڙو، گابي کي کير ڌارائڻ وقت گانءِ سائو گاهه، پان جا پتا، سنک، سرکنڊ جي ليپ، آرسي، ٻارڙن سان امڙ، گهلندڙ هير، چندن جو تلڪ، ٻيا به ڪيئي سوڻ اَپسوڻ آهن. ڳڀ علامت آهي سلسلي جي پنر آرنڀ جي آس، جي انڀو جي.

هنديءَ جي همعصر شاعرن اهي علامتون ۽ روايتون هن سرشٽيءَ جي سڃاڻ ۽ ان ۾ ويساهه جي اظهارڻ لاءِ ڪم آنديون آهن. هنن انهن ۾ اپڀاشائن ۽ لوڪ ڪٿائن مان ڪجهه اضافو به ڪيو آهي، پر هنن پاڻ کي روايتي انداز تائين محدود نه رکيو آهي. ڪنهن مهل هنن بنهه نيون تشبيهون ۽ آدرشي دنيا جو نئون تصور ڏنو آهي، مثال طور:

 “هڪ گڏي، ٺاهيل لينگهائتي، چڪڙ ميري ڪپڙي مان يا “پاڻيءَ جي ڪٽلي، جا ڪڙهي ٻاڦ ٿي وڃي ٿي” يا ڪيسري ڪمار جي ڪويتا جي سٽ، “سانجهه توکي ڪيئن سمجهايان؟ اها مزمان جي اوٻاسيءَ وانگر لڳي رهي آهي.“ يا ڪنهن جديد هندي شاعر پنهنجيءَ ڪويتا “سامونڊي ڪنٺي تي سنجها” ۾ چيو آهي ته: واريءَ جا ڍڳ گهيرٽ کائي رهيا آهن،

“ٻلين وانگر لهرون انهن جي چنبن کان (رانڀوٽن جي ڀو کان) تڪڙيون تڪڙيون ڊوڙي رهيون آهن.”

ڪرتي چوڌريءَ جي ڪويتا اچرتا ۾ آهي.

“ منجهند لهرون ٿي وئي آهي

۽ پنهنجيءَ اڻاسي اؤ جر ۾

ٻهڪي رهي آهي.”

اهي مٿي آيل چار پنج تصور مون هنديءَ جي نثري شاعريءَ مان اچانڪ کنيا آهن ۽ اهي روايتي نه آهن ۽ يگاني تحرير کي اظهارن ٿا. هڪ ٻئي جديد شاعر جو هي نثر ڏسو.

“ ڪنهن

نئين ڏينهن کي منهنجي دروازي ٻاهران ڦٽي ڪيو آهي، هڪ خط وانگر،

جنهن تي ڪائي پراهين ۽ اچرج جهڙي ٽڪلي لڳل آهي،

ان جي اڇتي لفافي تي مهر لڳل آهي.

اڻ وسهو لاک جي،

اچ ته اسان انهيءَ مهر کي ٽوڙيون!

مون اها ڪويتا پڙهي ان ۾ جديد شاعريءَ جي نواڻ ته محسوس ڪئي، پر سوچيو ته ڇا اهي نثري ٽڪرا ڪنهن ناول، ڪهاڻيءَ، ڊائريءَ يا سفر نامي وعيره جو حصو نه ٿي ٿِي سگهيا؟

آخر مون به هن وقت جيڪي به نثري نطم لکيا آهن، اهي منهنجي نوٽ بڪ جا ٽڪرا آهن، جي مون ناول يا ڊائري يا سفر نامي جو حصو ڪرڻ چاهيان ها!

اردوءَ ۾ آزاد نطم ته بحر وزن تي هوندو آهي ۽ جيتوڻيڪ ان جون سٽون ننڍيون وڏيون هونديون آهن، پر انهن ۾ ڪوئي مرڪزي خيال سمايل هوندو آهي. ڪيئي سال اڳ اردوءَ ۾ نثري نظم به لکيا ويندا هئا، جنهن کي اردوءَ جا اڌا کري شاعر “ادب لطيف” چوندا ها. اهو ادب لطيف ڪيئن هو ۽ ٻيو ادب ڪثيف ڪيئن هو، ان لاءِ هو ڪوئي سبب نه ڏيندا ها. در اصل ٽئگور جي منظوم بنگالي شاعريءَ، جا ييٽس  انگريزي نثري نظم ۾ گيتانجليءَ جي نالي سان ڪجهه ترجما ڪيا، جن تي ٽئگور کي نوبل پرائيز مليو هو. ٽئگور پاڻ به پنهنجا ڪتاب “باغبان”، “ڪبير جا گيت” وغيره انگريزي نثري نظم ۾ ترجمو ڪيا ۽ پڙهندڙن ۾ غلط تاثر اهو پيدا ٿيو هو ته اصل بنگالي شاعر به ائين نثري نظم ۾ هئي. جڏهن ٽئگور کي نوبل پرائيز ملي ته هر شاعر ننڍي کنڊ ۾ نثري نظم ئي لکڻ چاهيو. مون کي هڪ کل جهڙو واقعو ياد اچي رهيو آهي. جڏهن مان بي اي ۾ پڙهندو هوس ته ميٺارام هاسٽل مان بندر روڊ تي هڪ اسٽيشنريءَ (ڪاغذ، قلم، مس وغيره) جي دڪان تي پينسليون خريد ڪرڻ ويس. دڪان جو هندو مالڪ هڪ جهازي سائيز نوٽ بڪ تي ڪجهه سنڌيءَ ۾ لکي رهيو هو. مون سمجهيو ته هو منهنجو وهي کاتو ٿو لکي. مون هن کي پينسلين لاءِ چيو ته هن چپن تي اڱري رکي، مون کي چپ ڪرڻ لاءِ چيو. مون ڀانيو ته هن جي حساب ڪتاب ۾ رنڊڪ ٿي پئي، سو مان ماٺ ڪري بيهي رهيس. هو مون کان پنج فوٽ پري ويٺو هو ۽ منهنجي هن جي ڪتاب تي نظر نه ٿي پئي، پنج ڇهه منٽ گذريا ته هن ڪتاب مان منهن ڪڍي مون کان پڇيو: “ڪاليج ۾ پڙهندو آهين؟”

مون جواب ڏنو ، “هائو.”

“پوءِ مها ڪوي ٽئگور ته پڙهيو هوندءِ؟”هن پڇيو “مان به هي ڪتاب ٽئگور وانگر سنڌي نثري نظم ۾ لکي رهيو آهيان ان جو پروفيسر اجواڻيءَ کان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائيندس.”تون آرٽس ۾ پڙهندو آهين يا سائنس ۾؟” هن مون کي غور سان ڏسي پڇيو.

“آرٽس ۾ ” مون جواب ڏنو.

“پوءِ ته تون پروفيسر اجواڻيءَ کي سڃاڻندو هوندين؟ هو منهنجو پاڙيسري آهي.”  هن چيو، مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي.

“بس، ڇڙو پروفيسر اجواڻي هن کي ترجمو ڪري ته نوبل پرائيز پنهنجي کيسي ۾ پئي آهي. تون هي ڪتاب پڙهي ڏسندين؟” هن پڇيو.

مون وري ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي ته هن ڪتاب مون ڏانهن وڌايو مون ڪتاب وٺي پهريون نظم ڏٺو:

“ تيز هوا لڳي رهي آهي”

“کيکڙا ڪناري وڃي رهيا آهن.”

پوءِ هن جا اکس ڪاغذ تي هيٺ لهندا ويا، جيئن کيکڙاٽ ساحل تي واريءَ جي ڍير تان لهندا آهن. مون جڏهن هن کي ڪتاب موٽايو ته هن پڇيو:

“ڪيئن مون کي نوبل پرائيز ملندي نه؟” مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي ته هن مون کي ڇهه پينسلو ڏنيون ۽ پئسا نه ورتا.

ٻئي ڀيري 1965ع واري جنگ ۾ مون سان گڏ پروفيسر جهامنداس “جهام”جيل ۾ گڏ هو. مان پرمانند ميوا رام جي ڊڪشنري ڳولي ٿڪو آهيان. پر مون کي “جهام”لفظ ڪٿي نظر نه آيو آهي. البته اردوءَ ۾ “تام جهام” لفظ آهي. جو هڪ قسم جي اڻ گهڙيل ڏوليءَ کي چوندا آهن. اهو تخلص هن “سام”جي مقابلي ۾ رکيو هو. جو جئسنگهاڻيءَ جو تخلص هو، جئسنگهاڻي “سام،”لفظ معنيٰ پناهه يا سهارو آهي، باقي سنسڪرت ۾ “سام”ته ٽن ويدن مان هڪ ويد جو نالو آهي، جي ماترائن تي ٻڌل آهن ۽ ڳائي سگهجن ٿا. جئسنگهاڻيءَ “سام”کي سچل “سرمست” وانگر شاعر هفت زبان ٿيڻ جو خبط هو ۽ هو نه رڳو سنڌي، سرائيڪي ،اردو، هنديءَ ۾ ڪلام لکندو هو ۽ اڪبر آشرم ۾ ڳارائيندو هو، پر ديوان، حافظ مان قافيا ۽ رديف لکي، حافط جي تتبع تي فارسي عزل لکندو هو.

مان جڏهن به لاڙڪاڻي ڪنهن ڪيس سان ويندو هوس ته هن وٽ ضرور ويندو هوس. هو ۽ هن جي خوبصورت ڌرم پتني ڊاڪٽر سرلا منهنجي خاطر تواضع ڪندا ها. اسان گڏجي ناونوش ڪندا هئاسين ۽ مان هن جا فارسي غزل ٻڌندو هوس. جيتوڻيڪ مون سام کي ڪيئي ڀيرا چيو هو ته هن کي زير اضافت ۽ واوعطفيءَ جو پورو پتو نٿو پوي، پر  هو وري وري ساڳيون غلطيون ڪندو هو. مرحوم لطف الله بدوي، جيڪو علامه اقبال جي اسرار خودي ۽ رموز بيخوديءَ وانگر فارسيءَ ۾ مثنويون لکندو هو اهو به نه رڳو اقبال جو تتبع ڪندو هو، پر فارسيءَ ۾ زير اضافت ۽ وار عطفي چڱي طرح وزن ۾ آڻي نه سگهندو هو. مان هن  جي ڪم آندل واوعطفيءَ کي واءُ لطفي چوندو هوس. ڳالهه نڪتي سام جي ڳالهه تان. مان، سام ۽ سرلا تي هڪ پورو ناول لکي ٿو سگهان، هو ٻئي ٻين لکين انسانن وانگر تقسيم جي تباهه ڪاريءَ جا مجسما هئا، پر هتي انهن جي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي جهامنداس “جهام” ڏانهن موٽان ٿو، جنهن کي عروض جي الف – بي جي خبر نه هئي ۽ سام کي شهه ڏيڻ لاءِ ٽئگور وانگر نثري نظم جرمنيءَ ۾ پنهنجي قلمي دوست لبڪي (Lubke) ڪليندو هو، جو خود رلڪي جو اولڙو هو ۽ جو هن جي انگريزي ترجمي کي سنڌي منظوم شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ نثري ترجمو سمجهي، جرمن نثر ۾ ترجمو ڪندو هو. هن کي “جهام” منهنجا منطوم شعر به ترجمو ڪري موڪليا ها، جن مان هڪ ڪتابچو مون وٽ اڃا آهي. (تازو گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي جرمن ڊائريڪٽر، جا منهنجي دوست ٿي وئي آهي، منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو ته لبڪي هڪ معمولي شاعر آهي ۽ هاڻي ٻوڙو ٿي چڪو آهي) سو مون جڏهن جهام جا نظم ڏٺا ته مون کي اهو اسٽينريءَ وارو دڪاندار ياد آيو، جنهن جو مون ذڪر مٿي ڪيو آهي.

منهنجي چوڻ جو مقصد اهو هو ته اڪثر نثري شاعري اهو روحانيت جو گٽر آهي، جهن تي چنڊ جي روشني پئجي رهي آهي. جرمن شاعريءَ ۾ برٽالٽ بريخت جا نثري نطم ڏسجن، جنهن جا ٽي جلد مون پڙهيا آهن ته انهن جي دنيا ئي ٻي آهي. ڪجهه مايا ڪوفسڪيءَ وانگر، آرٽ جي فيوچرسٽ نظريي کان متاثر، خوبصورت نظم آهن، جن ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي دور جو پڙاڏو آهي ۽ پنهنجي دور جي سياسي پيڙا به نهايت خوبصورتيءَ سان چٽي وئي آهي. اولهه ۽ اوڀر  جرمني زياده تر ڪميونسٽ آرٽ ۽ ادبي تخليق کي تڇ ٿي سمجهي، پر برٽالٽ بريخت جي نثري شاعري ۽ نهايت خوبصورت ڊرامن کي پوري جرمنيءَ ۾ اهميت آهي. منهنجي دوست اسلم اظهر (جو بينظير جي دور حڪومت ۾  پاڪستان ٽيليويزن جو جنرل مئنيجر هو) نوڪريءَ کان اڳ گئليلو سوڌا بريخت جا پنج ڇهه ڊراما اسٽيج تي آندا ها، پر انهن ۾ انساني عمل کي ترجيح هئي ۽ اهڙا ٽڪرا گهٽ هئا، جن کي نثري شاعري چئي سگهجي، جنهن سان شيڪسپيئر جا ڊراما جهنجهيا پيا آهن.

مون انجيل ۾ نثري شاعري “ حضرت سليمان جي راڳن جي راڳ” ۾ ڏٺي. اهو ڪتاب مون 1955ع ۾ نئين سال جي رات هڪ عيسائي ديول مان ورتو هو. مان ۽منهنجو دوست مونس، ٻارهين بجي رات کان پوءِ جڏهن نئين سال جي شروعات ٿي، سکر جيم خاني مان مدهوشيءَ جي حالت ۾ نڪتاسين ۽ پنڌ ڪئينس روڊ ڏانهن ٿي وياسين جتي مونس منهنجي آفيس ۾ رهندو هو ۽ جتي منهنجي ڪار بيٺل هئي، جهن ۾ مان پراڻي سکر وڃڻو هوس. رستي جي مهڙ وٽ چرچ هئي، مان ته ٻاهر مذهبي ڪتاب ڏسڻ لڳس ۽ سينٽ ٿامس اڪئيناس جو هڪ ڪتاب ۽ ٽي انجيل انگريزيءَ اردو ۽ سنڌي ۾ خريد ڪيم، مون کي اهو ڏسي حيرت آئي ته “مقدس بائيبل- نئون ۽ پراڻو عهدنامو” ڪنهن پادريءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جو گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي کان به ٿوريءَ وڏي ماپ جو هو ۽ جهن ۾ 1669 صفحا هئا. اهو بائيبل هندستان، پاڪستان ۽ سلون جي بائيبل سوسائٽيءَ 1954ع ۾ لاهور مان ڇپايو هو. ايتري ۾ شور ٿي ويو. مونس، جو غالب وانگر، روز – ابر ۽ شب – ماهتاب ۾، بيخوديءَ جي عالم ۾ هوندو هو، مسيح جي بت ڏانهن ڌوڪي ويو هو ۽ هن جي پيرن سان مٿو ٽڪرائي چئي رهيو هو: “تون مون تي رحم ڇو نٿو ڪرين؟ تون مون تي رحم ڇو نٿو ڪرين؟” مون ان کي عيسائي عبادت ۾ بيجا دخل سمجهيو ۽ هن کي ٻانهن کان ڇڪي ٻاهر وٺي آيس. (تفصيل سان اها ڳالهه ڪنهن وقت پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکندس.،)

مٿي ڄاڻايل انجيل جا ٽئي ترجما مون وٽ اڃا تائين آهن. سنڌي نسخي مان “راڳن جي راڳ” جا ڪجهه چونڊ ٽڪرا هيٺ ڏيان ٿو جي خوبصورت نثري نظم وانگر آهن ۽ جن جو سنڌي ترجمو لاهو واري بائيبل سوسائٽي جو ڪرايل آهي ۽ صحفي 1224 تي ڏنل آهي:

 

سليمان جو راڳن جو راڳ

(1)

  • ڀلي ته هو وات جي چمين سان مون کي چمي، ڇاڪاڻ جو هن جي محبت شراب کان بهتر آهي.
  • 13_ منهنجو محبوب منهنجي لاءِ اهڙو اهي، جهڙو مر[7] جو ڇڳو، جو منهنجين ڇاتين تي وچ ۾ پيو آهي.
  • 14_ منهنجو محبوب اهرو آهي، جهڙو مينديءَ جي گلن جو ڇڳو، جو عين جدي جي ڊاک جي باغن مان آهي.
  • 15_ ڏس، اي منهنجي پياري، تون سهڻي آهين، تون خوبصورت آهين، تنهنجون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.
  • 17_ ڏس، اي منهنجا محبوب! تون حسين آهين، هائو دلپسند آهين، اسان جو پلنگ سائو آهي.
  • 18- اسان جي گهر جون ڪامون سرو جون آهن ۽ اسان جو پٽيون صنوبر جون آهن.

(2)

  • آءُ شارون جو گلاب آهيان. آءُ وادين جو سوسن آهيان.
  • جيئن سوسن ڪنڊن ۾ آهي، تيئن منهنجي محبوبا ڪنوارين ۾ آهي.
  • جيئن جهنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ تيئن منهنجي محبوبا به نوجوانن ۾ آهي، آءُ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان هن جي ڇانو ۾ ويهي رهيس.۽ هن جو ميوو مون کي مٺو لڳو.
  • هن مون کي مجلس ۾ آندو ۽ هن جو جهنڊو منهنجي مٿان محبت جو هو.
  • اوهان مون کي ڪشمڪش سان آرام ڏيو ۽ صوفن سان مون کي تازو توانو ڪريو، ڇالاءِ جو آءُ محبت جو مريض آهيان.
  • هن جو کابو هٿ منهنجي هيٺان آهي ۽ هن جي سڄي هٿ جو مون کي ڀاڪر پيل آهي.
  • اي يروشلم جون ڌيئون! آءُ اوهان کي قسم ڏيان، انهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، ته اوهين پيار کي نه اٿاريو، نه جاڳايو، جيستائين ڪه هو پاڻ اٿڻ گهري.
  • اجهو منهنجي محبوب جو آواز! ڏس، هو جبلن تان ٿيندو ۽ ٽڪرن تان ڊوڙندو اچي ٿو.
  • منهنجو محبوب هڪ هرڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو آهي. ڏس! هو اسان جي ڀت پٺيان بيٺو آهي، هو درين مان جهاتيون پائي ٿو، هو ڳڙ کين مان پاڻ ڏيکاري ٿو.
  • منهنجي محبوب مون سان ڳالهايو ۽ چيائين ته اي منهنجي پياري منهنجي نازنين، اٿي هلي اچ!
  • زمين تي گل نڪتا آهن ۽ پکين جي ڳائڻ جي موسم آئي آهي ۽ ڳيري جي ٻولي اسان جي ملڪ ۾ پئي ٻڌجي.
  • انجير جو وڻ پنهنجا ساوا انجير پچائي ٿو، ڊاکن ٻور جهليو آهي ۽ انهن مان خوشبوءِ پئي اچي اٿ، اي منهنجي پياري منهنجي نازنين، هلي اچ!
  • اي منهنجي ڪبوتر! تون جا ٽڪر جي ڦاٽن ۽ اڀڪپريءَ واريءَ جاءِ جي اوٽ ۾ آهين، پنهنجي شڪل ڏيکار، پنهنجو آواز ٻڌاءِ، ڇا لاءِ جو تنهنجو آواز مٺو آهي ۽ تنهنجي شڪل سهڻي آهي.
  • اسان جي لاءِ تون لومڙيون، ننڍيون لومڙيون پڪڙ، جي ڊاک جو مَنهُن زيان ٿيون ڪن، ڇاڪاڻ جو اسان جي ڊاک جي منهن ٻور ڪيو آهي.

(منهنجي پيءُ لوڊن جي ڳوٺ شڪارپور ۾ بنگلو ٺهرايو هو، بنگلي ۾ ٻين ٻوٽن سان گڏ هڪ سنگ مرمر جو تلاءُ هو، جنهن تي منهن هو، جو ڊاک جي ول سان ڇانيل هو، مون کي اڃان ياد آهي ته ڊاک ۾ ٻور ڪيڏو نه پيارو لڳندو آهي! اهو بنگلو ۽ باغ ٽئين ڏهاڪي واري وڏيءَ ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو هو)

  • منهنجو محبوب منهنجو آهي ۽ آءُ سندس آهيان، هو پنهنجو گلو[8] سوسن ۾ ٿو چاري.
  • جيستائين ڏينهن ٿڌو ٿئي ۽ پاڇو لهي، تيستائين اي منهنجا محبوب موٽي اچ! بلڪه تون انهيءَ هرڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو ٿيءُ، جو پٿر جي جبلن تي آهي.

(3)

  • جنهن سان منهنجي محبت آهي، تنهن کي رات جو مون پنهنجي هنڌ تي ڳوليو، مون هن کي ڳوليو پر ڪين لڌو مانس.
  • مون چيو ته هاڻي مان اٿندس ۽ شهر جي چوڌاري گهمندس ته جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي گهٽين ۽ چئو سولن تي ڳوليان، مون هن کي ڳوليو، پر ڪين لڌو مانس.
  • پهري وارا جي شهر جي چوڌاري پيا گهمن تن مون کي ڏٺو، انهن کي مون چيو ته اوهان ڪو هن کي ڏٺو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي؟

(4)

  • اي شهزادي تنهنجا پير چاکڙين ۾ ڪهڙا نه سهڻا ٿا لڳن! تنهنجين رانن جا سنڌ جواهرن جهڙا آهن، جي ڪنهن استاد ڪاريگر جي هٿان جڙيل هجن.
  • تنهنجو دن گول پيالي جهڙو آهي....
  • تنهنجون ڇاتيون ٻن ٻٽڙن جهڙيون آهن، جي هرڻيءَ جا جاڙا ٻچا هجن.
  • تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀ جهڙي اهي، تنهنجون اکيون “خشيون” جي تلاون جهڙيون آهن، جي بيت “ربيم” جي در وٽ آهن، تنهنجو نڪ لبنان جي ٺل وانگر آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏي آهي.

(5)

  • اي پياري! خوشين جي ڪري تون ڪهڙي نه خوبصورت ۽ دلپسند آهين!
  • تنهنجو قد کجيءَ جي وڻ وانگر آهي ۽ تنهنجون ڇاتيون ڊاک جي ڇڳن جهڙيون آهن.
  • مون چيو ته آءُ انهيءَ کجيءَ جي وڻ تي چڙهان ۽ ان جون ٽاريون جهلي بيهان، ڀلي ته تنهنجون ڇاتيون ڊاک جي ڇڳن جهڙيون هجن ۽ تنهنجي پساهه جي خوشبوءِ صوفن جهڙي آهي.
  • ۽ تنهنجو وات تمام عمدي شراب جهڙو آهي، جو منهنجي محبوب جي لاءِ لسو وهندو وڃي ۽ جيڪي ستا پيا آهن، تن جي چپن مان به ترڪندو وڃي.
  • اي منهنجا محبوب اچ ته ٻهراڙيءَ ۾ هلون ۽ ڳوٺن ۾ هلي گذاريون.
  • هل ته سوير اٿي ڊاک جي منهه ۾ هلون، ڏسون ته ڊاک ڦٽي آهي يا نه، ان جا گل کليا آهن يا نه. ڏاڙهونءَ گل جهليا آهن يا نه، اتي توکي پنهنجي محبت ڏيندس.

 

(6)

  • مون کي مهر وانگر پنهنجي دل تي هڻ ۽ مهر وانگر پنهنجي ٻانهن تي رک، ڇا لاءِ ته محبت موت وانگر زور واري آهي، حسن تير وانگر ظلم ڪندڙ آهي، ان جا شعلا باهه جا شعلا آهن، اها خود خداوند جو شعلو آهي.

اهو آهي حضرت سليمان جو “راڳن جو راڳ” جو هڪ نثري نظم وانگر لڳي ٿو. اڃا ته ان ۾ ٻيا فقرا حيرت انگيز آهن، پر سنڌ جي اخلاقيات جي محدود تصور ڪري مون اهي نه ڏنا آهن، فارسي جي مشهور شاعر صائب جو شعر آهي:

آن کہ اول شعر گفت آدم وصفی اللہ بود،
طبع موزوں حجت فرزندی آدم بود۔

(جنهن پهريون شعر چيو آدم صفي الله هو، موزون طبع آدم جي فرزنديءَ جو دليل آهي)

ساڳيءَ ريت امير خسروءَ جو شعر آهي:

ما ہمہ در اصل شاعر زادہ ایم،
دل بہ ایں محنت نہ از خود دادہ ایم۔

( اسان در اصل شاعر مان پيدا ٿيا آهيون، هيئن پهنجو پاڻ دل لائي محنت نه ڪري رهيا آهيون.)

تشبيهه جي قدامت جو ان ڳالهه مان اندازو لڳايو ته قديم زماني ۾ هڪ مصري شاعر ٿيبان (Theban) مصر جي فرعون  مان راسيس ٻئي 1252-1292 ق – م تائين) جي تعريف ۾ ڪجهه شعر لکيا ۽ جي احرام مصر (Pyramids) جي اندر هڪ سخت پٿر تي اڪريل آهن:

“بادشاهه جرئت ۾ جنگ جو ديوتا ٿو نظر اچي ۽ لڙائيءَ ۾ وحشي سانَ وانگر آهي، ماڻهو هن کان ايئن ڊڄن ٿا، جيئن جهنگ جي شينهن کان ڊڄندا آهن، صبح جو جڏهن هو بيدار ٿيندو آهي ته ايئن لڳندو آهي ته سچ اڀري رهيو آهي”

اهي شعر موزون آهن ۽ انهن ۾ ٻي شاعريءَ وانگر تشبيهون آهن. زبور ۽ توريت ۾ به تشبيهون ۽ استعارا ڪافي موجود آهن. قرآن پاڪ، جنهن کي مسلمان ديني ۽ دنيوي علم جو سرچشمو سمجهندا آهن، ان ۾ بيشمار تشبيهون ۽ استعارا آهن. انهن سڀني ۾ نثري شاعريءَ جي خوشبوءِ آهي. (نبي اڪرم ﷺ تي الزام هو ته هو شاعر آهي، جنهن کان هن انڪار ڪيو هو) ڪجهه تشبيهون هيٺ ڏجن ٿيون:

1_ “ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن جي عملن جو مثال ائين آهي. جيئن پٽ ۾ واري هجي ۽ پياسو ان کي پاڻي سمجهي. ايستائين جو جڏهن ان کي ويجهو اچي، ته هن کي ڪجهه به نه ملي.”

2_ “تون انهن کي ايئن ڪري ڇڏيو آهي، جهڙو کاڌل ڀوسو.”

3_ پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي تيل جي تري وانگر گلابي ٿي ويندو هجي.”

4_ “ڄڻ ته هو (نظر جهڪائي رکندڙ حورون) يا قوت ۽ مرجان آهن.”

5_ “خدا آسمانن ۽ زمينن جو نور آهي. ان نور جو مثال ائين آهي، ڄڻ هڪ طاق آهي، جنهن ۾ چراغ آهي ۽ چراغ هڪ قنديل ۾ آهي ۽ قنديل (ايترو صاف شفاف آهي جو) ڄڻ سون جو چمڪندڙ تارو آهي. ان ۾ هڪ مبارڪ درخت زيتون جو تيل جلايو وڃي ٿو، جو نه مشرق جي طرف آهي، نه مغرب جي طرف.”

6_ “ ۽ چنڊ جون به اسان منزلون مقرر ڪيون آهن، ايستائين جو هو (گهٽجي گهٽجي) کجور جي پراڻيءَ شاخ وانگر ٿي وڃي ٿو.”

7_ “۽ پهاڙ (انهيءَ ڏينهن) پڃيل پشم وانگر ٿي ويندا.”

قران مجيد ۾ ڪيئي تشبيهون آهن، پر مان مٿين ڪجهه تشبيهن تي اڪتفا ٿو ڪريان.

افلاطون ۽ ارسطوءَ جون ڪيئي سٽون نثري شاعري وانگر  آهن. ارسطوءَ ته تشبيهه ۽ استعاري تي تفصيل سان بحث ڪيو آهي. يونان ۾ ڪيئي جادو بيان شاعر ٿيا، پر شاعري تيستائين پابند شاعريءَ جو روپ وٺي چڪي هئي. هومر، سئفو وغيره وانگر ڪيئي مثال آهن. سئفوءَ جا ته “وهانءَ جا گيت” مشهور آهن.

روم ۾ سسرو، هوريس، ورجل وغيره جي پابند شاعري آهي، انگلستان جي قديم ائنگلو سئڪسن شاعريءَ ۾ تشبيهه ۽ استعاري جي هڪ مطلب کي بار بار بيان ڪيو ويو آهي.

ان کان گهڻو اڳي ٻوڌي ڪتاب (جنهن جو سنڌي ترجمو ڌمپد، منهنجيءَ نظر مان گذريو آهي) ۾ اهڙيون خوبصورت تشبيهون آهن، جهڙيون مون ڪٿي نه پڙهيون آهن. اهو ڪتاب پراڪرت ۾ آهي، جا عوام جي زبان هئي سنسڪرت، جنهن ۾ ويد لکيا ويا ها، ان کي ديو واڻي چيو ويندو هو. ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪٿي آهي ته پراڪرت ۾ اهو ڪويتا ۾ هو، جي اهو نثر ۾ هو ته ان کان خوبصورت نثري شاعري مون اڄ تائين نه پڙهي آهي.

اردو شاعري به شروعات کان منظوم رهي آهي ۽ عوامي زبان ۾ آهي. اها زبان، جي پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچي ها ته پوري هندستان لاءِ رابطي جي زبان ٿي وڃي ها. حيدرآباد دکن ۾ سلطان محمد قلي قطب شاهه، جنهن جي ڪليات هن جي ڀاڻيجي 1025هه ۾ مرتب ڪئي، ان ۾ ٻيءَ منظوم شاعريءَ سان گڏ هيٺيون عزل به آهن:.

پیا باج پیالا پیا جائے نا
پیا باج یک تل جیا جائے نا۔
کہے ہیں پیا بن صبوری کروں،
کہا جائے امام کیا جائے نا۔

قطب شاہ نہ دے مج دوانے کو پند
دوانے کو کچھ پند دیا جائے نا۔

(ترجمو: پرينءَ کان سوا پيالو پيتو نه ٿو ٿئي.

پرين کان سواتر جيترو وقت به نه ٿو گذري.

چون ٿا پرينءَ کان سوا صبر ڪر

چوڻ ته سولو آهي پر ڪرڻ ڏکيو آهي،

قطب شاهه مون ديواني کي نصيحت نه ڏني.

ديواني کي نصيحت نه ڏبي آهي)

اها شاعري جڏهن دکن مان دلي دربار ۾ پهتي ته ڇاڪاڻ جو درٻاري ٻولي فارسي هئي، بادشاهه کي خوش ڪرڻ لاءِ ان ۾ ڪافي لفظ پارسيءَ جا ڪم آندا ويا. اردو تسليم شده وڏي ۾ وڏا شاعر غالب ۽ اقبال ٿيا آهن. غالب جي ٻولي هئي:

فنا آموز درس بیخودی ہوں اس زمانے سے،
کہ مجنوں لام الف لکھتا تھا دیوار دبستان پر۔

(ترجمو: مان انهيءَ زماني کان بيخوديءَ جي سبق ۾ فنا جي تعليم وٺندو رهيو آهيان، جڏهن مڪتب جي ديوار تي مجنون لام الف لکندو هو يعني “لا” لکندو هو، جو لالله جو شروعاتي لفظ آهي ۽ جو نفيءَ جو اظهار آهي.

هي ته هو غالب جي مشڪل پسنديءَ جو مثال، مون هن جا سڀ شعر پڙهيا آهن، جن مان ڪي ترنم ريز  به آهن ۽ قابل غور به آهن.

جاتا ہوں داغ حسرت ہستی لئے ہوئے،
ہوں شمع کشتہ در خور محفل نہیں رہا۔

بر روئے شش جہت در آئینہ باز ہے،
یاں امتیاز ناقص و کامل نہیں رہا۔

وا کردئے ہے شوق نے بند نقاب حسن
غیر از نگاہ اب کوئی حائل نہیں رہا۔

گو میں رہا رہین ستم ہائے روزگار،
لیکن ترے خیال سے  غافل نہیں رہا۔

دل سے ہوائے کشت وفامٹ گئے کہ وان
حاصل سوائے حسرت حاصل نہیں رہا۔

بیداد عشق سے نہیں ڈرتا مگر اسد
جس دل پر ناز تھا مجھے وہ دل نہیں رہا۔ [9]

غالب جو مان هڪ ٻيو غزل به مثال طور ٿو ڏيڻ چاهيان، ڇو ته غالب ڪافي خوبصورت غزل لکيا آهن. اسان ته غزل جو مزاج صفا بدلائي ڇڏيو آهي ۽ سنڌي غزل کي فقط فارم غزل جو آهي، باقي ان جون روايتون، بندشون، تشبيهون، استعارا، اشارا، محاڪات وغيره فارسي غزل ۽ اردو غزل کان مختلف آهن. پر اسان کان اڳ ۾ انهيءَ ۾ به اردو غزل جي ٽئين درجي جي شاعرن جي ديوانن جو، اسان جي سنڌي شاعرن جي غزل تي اثر آهي. اسان جي غزل گو شاعرن جو مطالعو نهايت محدود هو. هنن اردوءَ جي ٻئي درجي جي شاعرن مصحفي، انشا، مومن، سودا، جرائت، مير درد وغيره مان به ڪنهن کي نه پڙهيو هو ۽ انهن جي پائي جي هڪ سٽ به نه لکي اٿائون.

مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن مون ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي هئي، تڏهن پنهنجي دوست مرحوم جمال صديقيءَ سان گڏجي، ڪراچيءَ مان ٺٽي هڪ ڪيس هلائڻ ويو هيس. ابراهيم جويو، جو منهنجو ۽ جمال جو دوست هوندو هو، ٺٽي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو. اسان ابراهيم جي گهر رهيا هياسون، اهي ٺٽي جون ٻه راتيون منهنجي زندگيءَ تي امٽ ڇاپ ڇڏي ويون. منهنجن شعرن مان اڄ تائين ٺٽي جي رابيل جي خوشبو ايندي آهي ۽ مان جڏهن ڪوئي رابيل جهڙو مکڙو ڏسندو آهيان ته تڙپي ويندو آهيان، ٻئي ڏينهن تي ابراهيم ٻڌايو ته ٺٽي ۾ جمعيت الشعرا جو مشاعرو آهي، جتي واصف، خليل، نظامي وغيره جغادري غزل گو شاعر آيا آهن ۽ مون اتي انتظام ڪيو آهي ته تون جديد شاعريءَ تي تقرير ڪرين. انهن ڏينهن ۾ مون اختر حسين رائپوريءَ جو ادب ۽ انقلاب، فيض جو نقش فريادي، ن- م راشد جو ماورا، جديد اردو نظم ۽ نثر جا گهڻو ڪري سڀ ڪتاب پڙهيا هئا ۽ هندستان پاڪستان مان نڪرندڙ سارا رسالا: نقوش، سويرا وغيره نظر مان ڪڍيا ها ۽ ورهاڱي کانپوءِ جو تازو ادب منهنجي اکين اڳيان هو، سو مون جديد ادب تي ٻه ڪلاڪ تقرير ڪئي ۽ اتي آيل سڀني شاعرن کي ٻڌايو ته هنن جهڙا غزل ته لکنوءَ ۽ دليءَ جو هر شاعر لکي سگهندو آهي ۽ جي غزل اتي طوائفون ڪوٺن تي ڳائينديون آهن، سي به سندن غزلن کان بهتر هوندا آهن. پوءِ مون کين ٻڌايو ته جديد شاعري ڪيئن آهي. ٽئگور، اقبال، چڪبست وغيره جي شاعريءَ ۾ نظم جي ڪهڙي نوعيت آهي ۽ حسرت، فاني، جگر ۽ اصغر گونڊوي ۽ فراق کان اڳتي وڌي فيض، جوش، ساحر، جذبيءَ، فڪر تونسويءَ وغيره ڪيئن غزل لکيو آهي. ڪجهه New Writings مان يورپ جي ادب مان حوالا به ڏنا ۽ ٽئگور جي شاعريءَ جا حوالا به ڏنا. هو منهنجي عمر ۽ جرئت ڏسي ۽ دونهان دار تقرير ٻڌي وائڙا ٿي ويا ته انهيءَ عمر ۾ مون کي اهڙي گستاخيءَ جي جرئت ڪيئن ٿي هئي، پر پوءِ ابراهيم جويي کي ڏسي چپ ٿي ويا. ڇو ته ڇڙو ابراهيم هيڊ ماستر ۽ خليل ڊاڪٽر هئا، باقي ڪلارڪ ڪڙا، ماستر مڙا هئا، جڏهن ته نظامي سنڌ زميندار هوٽل جو مالڪ هو. هو سس پس ڪري هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳا: “هي ڇوڪرو ڪراچيءَ ۾ وڪيل آهي؟”

ڪيترا سال پوءِ مون کي مولانا گراميءَ ٻڌايو ته هو به ان تقرير وقت موجود هو ۽ منهنجي تقرير ٻڌي هن پاڻ سان وعدو ڪيو هو ته هو اڳتي شاعري ڇڏي ڏيندو (ان وقت مولانا گراميءَ سان منهنجي واقفيت نه هئي. منهنجي هن سان پهرين واقفيت سنڌي ادبي بورد حيدرآباد ۾ ٿي، جڏهن محمد ابراهيم جويو اتي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي آيو) مولانا مون کي ٻڌايو ته اهي صاحب ديوان شاعر جي ٺٽي ۾ منهنجي تقرير وقت موجود هئا، سي اردوءَ جا ڪجهه ديوان کڻي، انهن مان قافيا ۽ رديف لکي، پوءِ انهن تي غزل جا شعر لکندا ها. شاعري هنن لاءِ چوپڙ جي راند وانگر هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي ته گل کانسواءِ سانگيءَ ۽ گدا کان ابراهيم خليل ۽ رشيد احمد لاشاريءَ تائين سنڌ جا غزل گو شاعر چارشعر به چڱا چئي نه سگهيا آهن. انهن ۾ مراد علي ڪاظم نيارو ۽ غير معمولي شاعر هو، پر هن جي شاعريءَ ۾ به فارسي آميزي گهڻي هئي، جيئن منهنجي شروعاتي غزل گوئيءَ ۾ هئي ۽ منهنجن دوستن لعل محمد ۽ نعيم وجدي[10] ۾ ته مون کان به گهڻي هئي. اهي پويان ٻه به مراد علي ڪاظم وانگر چڱا شعر ها. ڪاظم مرحوم عبدالله عبد جي نيڪي ڪندو هو پر هن جو ڪو ڪلام منهنجيءَ نظر مان نه گذريو آهي.

 هڪ ڀيري مراد علي ڪاظم همايون[11] تعلقي شڪارپور ۾ فشري کاتي ۾ ڪوئي عملدار ٿي آيو هو ته مان ۽ لعل محمد لعل هن سان ملڻ ويا هياسين. اتي هن پنهنجا شعر ٻڌايا ها جن مان هڪ ته غزل هو، جومون کي اڃا تائين ياد آهي:

غواصي عميق خرد ڪجهه نه ٿي سگهي،
هي ڪوڏ مون ڪٺا ڪيا ساحل جي آسپاس.

۽ ڪجهه نطم مان سٽون ياد آهن:

توئي اچي ته کاريو آهه سند ۾ سمند ناز
صورت تازيانه آءُ آ، چڱو يار آ نه آءٌ

پر انهن ۾ به فارسي آميز تمام گهڻي هئي، ان کي پهرين بيوس ۽ پوءِ دلگير رد ڪيو، نارائڻ شيام  ۽ مون ته پوءِ ان کي بنهه شهر نيڪالي ڏئي ڇڏي.

مان اصل موضوع تان هٽي ويو آهيان، جو غالب جي شاعريءَ جي باري ۾ هو، جنهن جو مثال طور مون هڪ ٻيو به غزل ڏيڻ چاهيو پئي، جو غالب جي مٿي ذڪر ڪيل عزل واري بحر ۾ ئي آهي:

محرم نہیں ہے تو ہی نواہائے راز کا
یاں ورنہ جو حجاب ہے پردہ ساز کا

رنگ شکستہ  صبح بہار نظارہ ہے
یہ ہفت ہے، شگفتن کلہائے راز کا

تو اور سوہئے غیر نظر ہائے تیز تیز
میں اور دکھ تری مثرہ ہائے دراز کا

ہیں بسکہ جوش بادہ سے شیشے اچھل رہے
ہر گوشئہ بساط ہے سر شیشہ باز کا

کاوش کا دل کرے ہے تقاضا کہ ہے ہنوز
ناشن پہ قرض اس گرہِ نیم باز کا

تاراج کاوش غم ہجراں ہوا اسد
سینہ کہ تھا دفعنہ گہر ہائے راز کا[12]

غالب کان پوءِ مير ذڪر جي قابل آهي پر پيش لفظ جو طوالت سبب هن جا رڳو ڪجهه شعر پيش ڪريان ٿو ته پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ته فيض ۽ ناصر ڪاظميءَ تائين پهچڻ لاءِ اردو غزل ڪيترا مدارج طئي ڪيا آهن:

ناحق ہم مجبوروں پر یہ تہمت ہے مختاری کی
چاہئے ہے سو آپ کرے ہیں ہم کو عبث بدنام کیا

میر کے دین و مذہب کو اب پوچھتے کیا ہو، اس نے تو
قشقہ کھینچا، دیر میں بیٹھاکب سے ترک اسلام کیا[13]

درد بہت بھاگے ہو ہم سے سیکھے طور غزالوں کا
وحشت کرنا شیوہ ہے ان اچھی آنکھیں والوں کا[14]

اب اٹھا تھا کعبہ سے اور جھوم پڑا میخانے پر
بادہ کشوں کا جھرمٹ ہوگا شیشے دور پیمانے پر

پتا پتا، بوٹا بوٹا، حال ہمارا جانے ہے
جانے نہ جانے گل ہی نہ جانے، باغ تو سارا جانے ہے [15]

مير جي مٿين شعرن مان نظر ايندو ته هن فارسي بحر وزن سان ڪافي هٿ چراند ڪئي آهي ۽ ان ۾ ڦير گهير آندي آهي، جنهن ترنم کي گهٽايو نه پر وڌايو آهي. اسان جي اردو زبان کان دوريءَ، سنڌي شاعريءَ جي اصليت ته برقرار رکي آهي پر فارسي بحر وزن ۽ ان ۾ اردو شاعريءَ جي ردوبدل، اردو تشبيهه ۽ استعاري جي ۽ ٻيءَ فني ارتقا کان اسان جي نئين نسل ۾ ڪنهن حد تائين اجنبيت پيدا ڪئي آهي.

ٻولين سان تعصب غلط آهي. ترڪ عربن سان نفرت ڪندا ها، پر ان ڪري عربي ادب کي رد نه ڏنو هئانون. ڪرستان يهودين سان نفرت ڪندا ها، پر هنن جي ٻولين يڌش (Yiddish)[16] ۽ عبراني (Hebrew) سان نفرت نه ڪندا ها. جيستائين دنيا جو ڪوئي ادب قدرن جي منافي نه ٿو ڪري، تيستائين ان کي ٿڏي ڇڏڻ غلط آهي.

غالب کان اقبال تائين پنڌ ۾ وچ تي ڪيترائي شاعر ملن ٿا، پر وري به طوالت جي خوف کان تمام ٿورا شعر پيش ٿو ڪريان:

سودا جو تراحال ہے اتنا تو نہیں وہ
کیا جا نئے تونے اسے کس حال میں دیکھا
    *

سودا قمارِ عشق میں شیریں کے کوھکن
بازی اگرچہ پا نہ سکا سر تو کھو سکا
    *

عشق سے تو نہیں ہوں میں واقف
دل سے شعلہ سا کچھ لپٹا ہے[17]

يايگانه چنگيزيءَ جا هي شعر:

خودی کا نشا چڑھا آپ میں رہا نہ گیا
خدا بنے تھے یگانہ مگر بنا نہ گیا۔
       *

تڑپ کے آبلہ پا اٹھ کھڑے ہوئے آخر
تلاش یار میں جب کوئی کارواں نکلا۔

نظام دہر نے کیا کیا نہ کروٹیں بدلیں،
مگر ہم ایک ہی پہلو سے بیقرار رہے[18]

يا اصغر گونڊويءَ جو هي شعر جو مان ننڍي هوندي کان جهونگاريندو رهيو آهيان، جو مون تي ڪفر جي سارين فتوائن کي باطل ڪري ٿو:

 

جو نقش ہے ہستی کا دھوکا نظر آتا ہے،
پردے پہ مصور ہے تنہا نظر آتا ہے

لو شمع حقیقت کع اپنی ہی جگہ پر ہے،
فانوس کی گردش میں کیا کیا نظر آتا ہے۔[19]

مان ايترا شعر انهيءَ ڪري ڏنا آهن ته نه رڳو اوهان کي اردو غزل جي ارتقا ڏيکاريان، پر اهو به ظاهر ڪريان ته اردو شاعر فارسي وزن جي تقطيع ۾ ماهر هئا ۽ اها مهارت هو ڪافي عمر فن جو رياض ڪري حاصل ڪندا هئا. هر شاعر ڪنهن وڏي شعر جي تلامذه مان هوندو هو، جو هن جي اصلاح ۽ تربيت ڪندو هو. سيماب اڪبر آباديءَ کي پنج سئو شاگرد هوندا ها ۽ هو هر ڪنهن کان هڪ رپيو هر مهيني وٺندو ۽ کيس هڪ غزل جي اصلاح ڪري ڏيندو هو. مون حاجي محمود خادم جو ڪتاب رهنماءِ شاعري، پهرئين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهيو هو ۽ ٻئي درجي ۾ شڪارپور واري مولوي عبدالغفور جي تربيت هيٺ فارسي بحر وزن تي ڪافي عبور حاصل ڪيو هو. اڄ ڪلهه جي ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ ايتري ڪنهن کي فرصت نه آهي ته اڳي وانگر ڪنهن کان رهنمائي حاصل ڪري، پر پوءِ به فارسي بحر وزن جي ڪجهه ڄاڻ ضروري آهي، ورنه ان کانسواءِ منطوم شاعري نٿي ڪري سگهجي. هندي ڇند تي اسان جي ٿورن شاعرن کي عبور آهي. ان ڪري جو ڪجهه منظوم شاعريءَ ۾ لکيو وڃي ٿو، سو نه نثر آهي نه نظم، چاهي ان ۾ تخيل ڪهڙو به چڱو ڇو نه پيش ڪيو ويو هجي. آخر ڪئنواس تي مصورن جون عمريون گذري وينديون آهن، تڏهن هو ڪائي پائيدار مصوري ڪري سگهندا آهن. شاعري ڪاٽيبل ٽينس جي راند ته نه آهي!

مون اردوءَ جي گهڻو ڪري ساري قديم ۽ جديد شاعريءَ جو مطالعو ڪيو آهي. منهنجو “شاهه جي رسالي” جو منظوم ترجمو ۽ پنهنجي اردو شاعرءَ جو ڪتاب ‘‘نیل کنٹھ اور نیم کے پتے’’ ان جا گواهه آهن ته جي مان سانده اردوءَ ۾ شاعري ڪريان ها ته اردوءَ جي ڪنهن به جديد شاعر کي پٺتي ڇڏي وڃان ها، پر هتي اردو هڪ بي پاڙي ٻولي ٿي وئي آهي، ڇو ته ان جو پاڙون ته کڙي ٻولي، برج ڀاشا، پوربي، راجسٿاني، دکني، ميواتيءَ وغيره ۾ هيون، جن مان هزارين لفظ اردوءَ ۾ اچي، ان کي رابطي جي زبان بڻائي سگهن ها. پنجابي، سنڌي، بلوچيءَ  ۽ پشتو سان اردو اهو رابطو پيدا نه ڪري سگهي آهي، توڙي پاڪستان جي قومي ٻولي آهي ۽ نه هتان جا لفظ، لوڪ ڪٿائون يا ٻيو ادبي سرمايو پاڻ ۾ سمائي سگهي آهي. ان ڪري ان ۾ انجنبيت محسوس ٿئي ٿي. لاهور واري امجد اسلام “امجد مون کي لاهور ۾ هڪ موقعي تي چيو؛ “جڏهن مون کي ڪنهن يوپيءَ جي اردو شاعر چيو ته هن لفظ جو تلفظ صحيح نه آهي ته مون هن کي جواب ڏنو ته ”مون کي ڪنهن لفظ جي قبر ۾ پوڻو آهي ڇا؟”

بانو قديسهءَ مون کي ماسڪو ۾ ٻڌايو هو ته هن پنهنجن اردو ناولن ۾ ڪيترائي پنجابي لفظ ڪم آندا آهن. مون هتي اچي هن جا ناول پڙهي ڏٺا اهي پنجابي لفط اردوءَ ۾ اجنبي ٿي لڳا ۽ ان تي مڙهيا ويا ها. پنجابي زبان جا حامي اردوءَ جي مخالفت ۾ سنڌين کان به حد ٽپي ويا آهن، ڇو ته پنجاب جي آفيسر شاهي ۽ دانشور طبقي اردوءَ کي اپنايو آهي ۽ اردو پنجابي ٻوليءَ جو ڪافي هاڃو ڪيو آهي. سبط حسن پنهنجي رسالي “پاڪستاني ادب” ۾ هڪ پنجابي افساني جو اردو ترجمو ڏنو هو ته پنجاب جي اهم شاعر نجم الحسن سيد کيس خط لکيو هو ته اڳتي اوهان پنجابيءَ جو اردو ترجمو نه ڪندا ڪريو، ڇو ته اردو زبان ۾ لفظن جو ايترو ذخيرو ڪو نه آهي ج