close
فونٽ سائيز وڌايو فونٽ سائيز گهٽايو

پبلشر نوٽ


سنڌ ۾ ماحوليات، لوڪ ڏاھپ آبھوائي تبديلين، آفتن ۽ نظر انداز ٿيل عوامي تاريخ، توڙي اھڙن ٻين منفرد موضوعن تي لکندڙن ۾ ھڪ اھم نالو نواز ڪنڀر جو به آھي. نواز جي لکڻين ۾ ھروڀرو ٻاھرين دنيا جي حوالن بجاءِ، سادي سودي ٻوليءَ ۾ مقامي مثال ۽ مواد ملندو. جيڪي ڳالھيون سندس لکڻين جي اھميت کي اڃا به وڌيڪ اھم بڻائين ٿيون. جنھن جو ثبوت سندس مختلف ڪتاب آھن. جن ۾ خاص طور تي سنڌ جي ماحولياتي لوڪ ڏاھپ، ڀٽائي جا ڳايل پالتو پکي ۽ جانور، ڀٽائي جا پنڌ ۽ پيچرا، صابل ۽ بھرام جمالي توڙي ٻيا ڪتاب ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل مضمون آھن.

ھي ڪتاب “وجود وڃائيندڙ وڻ” جنھن جي اھميت ان جي عنوان مان ئي ظاھر آھي، ان جي خاص ڳالھ اها به آھي ته ھن موضوع تي ڀلي ٻيا به ڪتاب شايع ٿيل ڇو نه ھجن، پر ھن ڪتاب ۾ مقامي وڻن جي حوالي سان جيڪا ڄاڻ ڏنل آھي، اها ان ڪري به خاص آھي جو، اها مقامي ۽ صفا اصلوڪي آھي. مقامي سطح تي صدين کان اسان وٽ مختلف وڻن جي، مختلف حصن جا ڪھڙا ڪھڙا استعمال رھيا آھن، ان حوالي سان ھن ڪتاب ۾ ڏاڍي دلچسپ ۽ منفرد ڄاڻ شامل آھي. ڀلي کڻي انھيءَ موضوع تي نيٽ وغيره تي ڪيترو به مواد ڇو نه ھجي، پر مقامي وڻن جي حوالي سان سنڌ جي ھي نِجي پِجي ڄاڻ آھي. جڏھن به دنيا جي مختلف حصن ۽ خطن ۾ وڻن جي مختلف استعمال جي حوالي سان ڳالھه ٿيندي ته نواز جي ھن ’وجود وڃائيندڙ وڻ‘ واري ڪتاب جو حوالو ضرور ايندو ۽ هي ڄاڻ، اھڙي ڪنھن ھنڌ ڄڻ ته سنڌ جي مقامي وڻڻ جي ڄاڻ جي حوالي سان نمائندگي ڪندي. اھا ئي ھن ڪتاب جي وڏي کان وڏي خوبي ۽ خاصيت آھي. ھن ڪتاب جي مواد جي اھميت ان ڪري به آھي، جو ھڪ ته اھي وڻ خود وجود وڃائي رھيا آھن يا وڃائي چڪا آھن ۽ ٻيو ته جن وٽ، انھن وڻن جي مختلف استعمال جي حوالي سان، جيڪا سينن ۾ سانڍيل ڄاڻ آھي يا ھئي، اهي پاڻ به ڏاڍو تيزي سان ھي جھان ڇڏي وڃي رهيا آھن ۽ ڪافي ته وڃي به چڪا آھن! ان ڪري اها ڄاڻ گڏ ڪري ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ نه صرف وقت جي ضرورت ھئي ۽ آھي، بلڪه شايد ھي صفا آخري وقت ۾ ڪيل، ھڪ اھم ڪوشش به آھي، جنھن لاءِ نواز ڪنڀر جَس لھڻي. ھن ڪتاب ۾ شامل ڄاڻ جيتوڻيڪ ھڪ مخصوص علائقي مان گڏ ڪئي وئي آھي، جنھن جو اقرار خود ليکڪ به ڪيو آھي، پر انهيءَ حوالي سان سڄي سنڌ مان اھڙي ڄاڻ گڏ ڪرڻ جي ضرورت بھرحال موجود آھي. جنھن لاءِ جيڪڏھن ليکڪ مستقبل ۾ ڪوشش ڪندو ته وڌيڪ بھتر ٿي پوندو. پر ان ھوندي به ھي جيڪا به ۽ جيتري به ڄاڻ آھي، ان کي موجوده حالتن ۾ غنيمت ئي چئي سگھجي ٿو.

ثقافت کاتي سنڌ جي ھميشه اھا ئي ڪوشش رھي آھي ته سنڌ جي حوالي سان مواد کي وڌ کان وڌ اھميت ڏئي شايع ڪجي، هي ڪتاب به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

 

غلام اڪبر لغاري،

سيڪريٽري ثقافت

سياحت ۽ نوادرات کاتو

حڪومتِ سنڌ



پنھنجي پاران


ڪتاب ڇو ۽ ڇالاءِ؟

ريڊيو کان ٻاھر ويھي ۽ وڃي تحقيق ڪري يا ٻيو ڪجھ لکي، اھو ريڊيو تان نشر ڪرڻ جي حوالي سان ڪيترائي مثال موجود آھن ۽ زبردست قسم جا موجود آھن. پر ريڊيو تي ويھي ريسرچ ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ لسنرز/ٻڌندڙن کان ڪنھن به مخصوس ٽاپڪ تي سندن ميسجن ذريعي اُماڻيل ڄاڻ سان ڪنھن به ٽاپڪ تي لکڻ جي حوالي سان، منھنجو ھي ٻيو تجربو آھي. (جڏھن ته ٽيون تجربو ’ڏينھن جا ڏس ۽ مھينن جا ماپا‘ جي نالي سان ھلندڙ آھي) ان کان اڳ “اھڃاڻ ڳالھاين ٿا” جي سري ھيٺ ساڳئي نموني اڳ ۾ به ھڪ ڪتاب مڪمل ڪري چڪو آھيان. جنھن لاءِ آئون ھاٽ ايف ايم 105 جي سڄي انتظاميه خاص ڪري سائين سيد ذوالفقار علي شاھه صاحب ۽ محترم ياسر قاضي صاحب جو بيحد شڪر گذار ھجڻ سان گڏ سانگھڙ اسٽيشن جي مينيجر علي ۽ انھن لسنرز جو به ٿورائتو آھيان جن مختلف وڻن بابت، مختلف پروگرامن ۾ ڄاڻ ڏني. اها ڳالهه ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان تهڪتاب ۾ آيل ڄاڻ ايف ايم جي پروگرام کان علاوه به مختلف وقتاً ته گڏ ڪيل شامل آھي. خاص ڪري ياسر قاضي صاحب جي ان حوالي سان به وڏي مھرباني جو انھن ڪتاب ۽ مون بابت لکڻ جي عنايت ڪئي.

ھڪ ڳالھه جيڪا ھتي ٽاپڪ جي حوالي سان ڪرڻ ضروري آھي ته آخر جڏھن انھن وڻن تي اڳ ۾ ئي ڪافي مواد نيٽ تي توڙي ڪتابن وغيره ۾ موجود آھي، ته پوءِ ھن مواد جي ڪھڙي ضرورت ۽ اھميت آھي!؟ ان حوالي سان عرض آھي ته، اھا ڄاڻ ضرور موجود آھي، پر اھا ڄاڻ يا ته سنڌ ۽ سنڌ جي لوڪ ڏاھپ جي حوالي سان ناھي يا پوءِ گھٽ آهي. اھا لوڪ ڏاھپ جيڪا ھاڻ رڳو سنڌ جي جھونن جي سينن ۾ سانڍيل باقي وڃي بچي آھي. جيئن ته اھي جھونا ڏاڍو تيزي سان ھي جھان ڇڏي رھيا آھن. ان ڪري سندن سينن ۾ سانڍيل اھا صدين جي تجربي ۽ مشاھدي تي مشتمل ڄاڻ به انھن سان گڏ دفن ٿي ھميشه ھميشه لاءِ ختم ٿي رھي آھي. جنھن کي بچائڻ ڄڻ ته سنڌ جي انھيءَ صدين تي مشتمل تجربي ۽ مشاھدي کي بچائڻ آھي. ان ڪري ئي وس آھر ھي ڄاڻ گڏ ڪري، ڄڻ ته پنھنجي حصي جو ئي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. اھو ضروري ناھي ته ھنن وڻن يا موضوع جي حساب سان گڏ ڪيل يا مليل ڄاڻ مڪمل ھجي، پر موضوع جي حوالي سان وس آھر ڄاڻ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي وئي آھي. ھونئن ته خير ڪيترائي وڻ آھن، پر ھتي سنڌ جي يا سنڌ ۾ موجود ۽ ٿيندڙ انھن وڻن جي چونڊ ڪئي وئي آھي ۽ انھن بابت مواد گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، جيڪي گھڻي قدر يا ته وجود وڃائي چڪا آھن ۽ انھن جو باقي ٿورو تعداد وڃي بچيو آھي ۽ اھي ڏينھون ڏينھن گھٽجندا پيا وڃن. انھن مان ڪجھه ته اھڙا به آھن جيڪي ھاڻ ڳولڻ ۽ پڇا ڪرڻ بعد ھلي وڃي ئي ڏسي سگھجن ٿا. جيڪي اڳ ۾ جتي ڪٿي عام جام نظر ايندا ھئا. ٿي سگھي ٿو ته ايندڙ نسلن کي اھي زمين تي نظر اچڻ بجاءِ انھن جون تصويرون ڪتابن ۽ نيٽ تي ملن ۽ انھن جو مقامي سطح تي استعمال ۽ انھن جي فائدن جي باري ۾ ٻڌائڻ وارو شايد ئي ڪو وڃي بچي! ھن ڪتاب ۾ ٽن ٻوٽن ۽ ٻن ولين جو به ذڪر آهي. اھو ان ڪري جو ھڪ ٻوٽو ’کاٽونبو‘ ڏينھون ڏينھن گھٽجي رھيو آھي، اُتي ذڪر ھيٺ آيل ٻه ٻيا وڻن جھڙا ٻوٽا ڳاراٽي، ٽاڪر ۽ ڪامھوين ڪٿي ڪٿي وڻن جھڙو ئي ڪم ڏين ٿا يا کڻي ائين چئجي ته جتي وڻ ناھي اُتي ڪانڊيري مثل وڻ لڳن ٿا ۽ انهن جي ڪاٺي وڻن وانگر ئي مختلف ڪمن ۾ استعمال ٿئي ٿي. وليون ان ڪري شامل ڪيون ويون آھن جو جتي وڻن کي ٻيون شيون نقصان پھچائين ٿيون، اُتي وڻن کي نقصان پھچائڻ ۾ انھن ولين جو به وڏو ڪردار آھي. ’وجود وڃائيندڙ وڻ‘ جو ھي سلسلو 31-10-2016 کان وٺي 25-12-2017 تائين جاري رھيو، جنھن ۾ 35 کن وڻ ٻوٽا، زيرِ بحث آيا.

مختلف وڻن ٻوٽن جي باري ۾ توڙي انھن جي استعمال جي باري ۾، مختلف علائقن ۾ مختلف ڄاڻ ملي ٿي. ھي پروگرام جيئن ته ضلعي سانگھڙ ۽ ڪجھه ڀرپاسي جي ضلعن جي علائقن ۾ ٻڌو ويندو ھو ۽ انھن علائقن جا ٻڌندڙ ھن پروگرام ۾ حصو وٺندا ھئا، تنھنڪري ھن ڪتاب ۾ آيل ڄاڻ سنڌ جي ھڪ مخصوص علائقي جي چئي سگھجي ٿي ۽ ان ۾ ٻين علائقن، خاص ڪري ٻين جاگرافيائي خطن جي ڄاڻ شامل ڪرڻ جي گنجائش موجود آھي. ڪافي سال اڳ مذاق مذاق ۾، پياري عزيز جان بلوچ کان ھڪ اڻ لکيل ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ليکڪ جو تعارف لکرايو ھو، جيڪو ھتي عزيز کان ان مذاق تي معذرت ڪندي، جيئن جو تيئن شامل ڪجي ٿو.

جيئن ته ڪنھن به موضوع تي، ڪابه تحقيق حرفِ آخر ناھي ھوندي، ائين ھن ۾ به تمام گھڻي اضافن جي ۽ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت موجود آھي. جنھن کي يقيناً ڪو ٻيو مھربان اچي اڳتي وڌائيندو. پر جي ھي روڙيل رنڊا قبول پيا ته پاڻ کي وڏو ڀاڳوند سمجھندس ۽ وڌيڪ ڄاڻ، مشورن ۽ رھنمائي لاءِ ھميشه منتظر ۽ ٿورائتو رھندس.

ساهه سلامت، ساٿ سلامت

 

نواز ڪنڀر



ٽالھي


 سنڌ جو سائو سون چيو ويندڙ وڻ

 

سڀئي وڻ نه صرف انسانن لاءِ بلڪه سڀني ساھوارن لاءِ ۽ ڌرتي لاءِ، قدرت پاران ڏنل اھم تحفو آھن. مختلف وڻ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي قيمتي، شفا ڏيندڙ ۽ حڪمت ڀريو ھجڻ ڪري اھم ۽ ڪارائتا آھن. ڪوبه وڻ، ڪنھن به حڪمت کان خالي ناھي. سڀني جي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي اھميت ۽ افاديت آھي. انھن وڻن منجھان ھڪ وڻ ٽالھي جو به آھي. جنھن کي سنڌ جو سائو سون به چيو ويندو آھي. جنھن مان ٽالھي جي اھميت جو اندازو آساني سان لڳائي سگھجي ٿو. ٽالھي اھو وڻ آھي، جيڪو ايترو اھم ھئڻ باوجود مختلف سببن جي ڪري ڏينھون ڏينھن، جيترو وڍجي ۽ گھٽجي رھيو آھي، اوترو نئون نٿو پوکيو وڃي. ٽالھي کي اردو ۾ شيشم، پنجابي ۾ ٽالھي، پشتو ۾ شوا ۽ انگريزي ۾ Indian Rosewoodسڏبو آھي. جڏھن ته ھن جو سائينٽيفڪل نالو ڏاڍو دلچسپ يعني Dalber gia Sissoo آھي.

ٽالھي کي ڇانو کان وٺي پاڙ تائين ڪارائتو چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. اھي وڻ جيڪي ڏسڻ ۾ ته سٺا ھوندا آھن ۽ جن جي ڇانو نه صرف گھاٽي بلڪه ٿڌي، سڪون ۽ فرحت بخشيندڙ ھجي ٿي، انھن ۾ ٽالھي به شامل آھي. ھن جي ڇانو نه صرف انسانن لاءِ فرحت ڏيندڙ ۽ ھن جي ڪاٺي انسانن لاءِ ڪارائتي آھي، بلڪه ھن جي ڇانو چوپائي مال کان ويندي پکي پکڻ لاءِ به مفيد آھي. خاص ڪري ميٽو پکي، جھرڪيون، ھيڙا ۽ ڳيرا ھن ٽالھي ۾ رھڻ کي ترجيح ڏيندا آھن. جڏھن ته ٽالھي جي پراڻن وڻن ۾ ڪانو ۽ ڪوئل به رھندا آھن ۽ پراڻن ٿڙن جي پورن ۾ طوطا به رھن ته ماکي به. واضح رھي ته سڀني وڻن جي ڇانو ٿڌي به نٿي ھجي، ڪن وڻن جي ڇانو گرم به ھجي ٿي. ٽالھي پڪي زمين ۾ توڙي ڪئنالن، واھن، شاخن ۽ واٽرن جي ڪنارن سان، يعني پاڻي جي ڪپرن تي سٺي ۽ جلد ٿيندي ۽ وڌندي آھي. اھڙي ٽالھي جي ڪاٺي به سٺي ھوندي آھي، جيڪا پڪي زمين تي ٿيندڙ ڳاڙھي رنگ جي، ٿي ويندي آھي. جڏھن ته وارياسي پاسي جي مفيد ڪاٺي ايتري سٺي نه ھوندي آھي ۽ ان ۾ سُرو لڳي ويندو آھي ۽ اھا ڪچي ڪاٺي سمجھبي آھي سُرو يا گونگھو بغير موسم يا مُند جي ڪٽيل يا ڪچي ڪٽيل ڪاٺي کي به لڳي ويندو آھي. ٽالھي انھن وڻن منجھان ھڪ آھي جن کي وڌيڪ پاڻي گھربل ھوندو آھي شايد ان ڪري ئي انگريزن جيڪو نھري نظام آندو، انھن جي ڪنارن سان اسان کي ٽالھي لڳل نظر اچي ٿي. پر افسوس جو اسان انگريزن مان جند آجي ڪرائي، آزادي ماڻيندڙن ٽالھي ۾ ڪات ڪھاڙا  وجھڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ناھي ڪيو. خاص طور تي شھرن جي وڌڻ بعد پٺاڻن ھن کي ڪاروبار لاءِ ڪٽي وڏو نقصان پھچايو آھي. ھن جي گھٽجڻ جي مُک سببن ۾ جتي ھن جو فرنيچر وغيره لاءِ تمام گھڻو وڍجڻ آھي، اتي ھن جو نه لڳائڻ به اھم سبب آھي. ڇو جو ھن جي ڪاٺي دير سان وڌي ۽ پڪي ٿئي ٿي. جيئن معاشري ۾ ٻيو نقل عام ٿي ويو آھي، ائين وڻ به اھي اچي ويا آھن، جيڪي فارمي ڪڪڙ وانگر جلدي وڌن ۽ وڏا ٿين ٿا.  ھن جو اگھه 1000 کان وٺي 1500 تائين في فٽ آھي، جڏھن ته ٻٻر جو اگھه 600/700 کن آھي. ان مان به ھن جي اھميت جو اندازو ڪري سگھجي ٿو. ھن جي فرنيچر تي پاليش به سٺي ٿيندي آھي. اھو ڪم وري چنيوٽ ۾ وڌيڪ ڪيو وڃي ٿو. ٻٻر جي ڪاٺي سڪڻ بعد سخت ٿيو وڃي ٿي، پر ھن جي ڪاٺي نرم ھوندي آھي. تقريباً ھر اريگيشن جي وڏي آفيسر جي بنگلي ۾ ٽالھي جا در دروازا توھان کي ضرور ملندا. باقي ڳالھه توھان پاڻ سمجھي وڃو. ٽالھي جي سڀني ڪاٺين سان فرنيچر ٺھندو آھي، پر پڪي ڳاڙھي ڪاٺي فرنيچر لاءِ سڀني کان سٺي آھي. جن ۾ دريون دروازا، ٽيبل، ڪرسيون، صوفا، کٽون، الماريون ۽ ھندورا وغيره ته سٺا ٺھندا ئي آھن، پر خاص ڪري چاقو، ڇُرين يا ڏاٽن جا ڳن سٺا ٺھندا آھن. ٽالھي جون کٽون به سڀ کان وڌيڪ مضبوط ھونديون آھن. ڀلي ڪيترو به وزن پوي، ڪيترا به لوڏا اچن يا ڪو ڪيترا به کڻي پاسا پيو ورائي پر ٽالھي جي کٽ، کِٽ کِٽ نه ڪندي ۽ سڀ ئي بار پاڻ ئي سھي ويندي! ٽالھي جي ٿڙ اندر واري ڪاٺي/ڪِرسي لوھه جھڙي مضبوط سمجھبي آھي. ٽالھي جي ڪاٺي ٻارڻ ۾ به سٺي آھي، پر دونھون ڪندي آھي. اھو به چيو ويندو آھي ته ٽالھي تي کنوڻ ڪرڻ جو به خطرو ھوندو آھي. شايد ان ڪري ئي اھو چئبو آھي ته، “جنھن جي گھر ۾ ٽالھي، اھو گھر خالي!” ھي ٻج کان علاوه قلم ذريعي به ٿيندي آھي، ته پاڙ مان به ٻيون ٽالھيون ڦٽنديون آھن، جيئن اڪثر ڪري واھن ۽ شاخن جي ڪنارن تي نظر ايندو آھي. ھن جي قلم مٿان عموماً ڇيڻو لڳائبو آھي. ھن جي ڦُٽڻ جي مُند سانوڻ جي ھوندي آھي ۽ نئون پنن جو ڦُٽڻ، بھار اچڻ جي ڪجھه اھم نشانين مان ھڪ نشاني آھي. ھن جا نئوان قلم، گرمي ۾ ڪونه لڳائبا آھن. نه صرف ٽالھي جي ڪاٺي ڪارائتي آھي، بلڪه ھن جا پن به مفيد آھن. جانورن کي گرمي لڳڻ جي صورت ۾ اُھي ڪُٽي پياربا آھن، پر اھي انسانن لاءِ خطرناڪ ٿي سگھن ٿا! پر ڪجھه ٻين انساني بيمارين ۾ ٽالھي استعمال ضرور ٿيندي آھي. ٽالھي جي پنن جو رس جسم جي بيمارين مثلن سوڄ، چمڙي جي بيمارين ۽ اک جي بيمارين لاءِ به مفيد سمجھبو آھي. ھن جون ڦريون گرمي لاءِ اڪسير آھن. ٽالھي جو ڇوڏو، گرمي، رت جي خرابي، الٽي، خارش، ڦرڙي ۽ سوري لاءِ مُفيد آھي. نوجوان کي پيشاب ۾ مسئلو ھجي، ته ان کي ٽالھي جا 1/2 تولا پن، گلاس پاڻي ۾ رات جو پُسائي، صبح جو کين ھلڪو ڌڪ ھڻي، نيراني 10 ڏينھن پيارڻ سان فائدو ٿيندو آھي. ان کان علاوه ڪھڙو به نزلو ۽ زڪام منڌل ھجي ته، ٽالھي جي پنن سان ٿوري دالچيني ملائي پيارڻ سان فائدو ٿيندو آھي. ٽالھي جي ڪاٺي کي ساڙڻ سان، ڪاٺي جي سڙڻ وقت جيڪو پاڻي نڪرندو آھي، اھو ڏڍ کي ختم ڪندو آھي. ڪي ماڻھو ٽالھي جي ٻج وارين ڦرين مان ڀاڄي به ٺاھيندا آھن.

 ھن کي ٻين ھنڌن تي ڇانو وغيره يا ھن جي قيمتي ڪاٺي سبب لڳائبو آھي، پر واھن ۽ شاخن جي ڪنارن سان، ان ڪري لڳائبو آھي جو ھن جون پاڙون تمام مضبوط ٿينديون آھن، جيڪي واھن جي ڪنارن کي مضبوط ڪري ڪنارن کي پائڻ کان روڪڻ سان گڏ انھن کي مضبوط به ڪنديون آھن.

فرنيچر لاءِ ٽالھي جي ڪاٺي کي سٺين ڪاٺين ۾ شمار ڪبو آھي. ھن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 10 سالن تائين جي ڪاٺي جو ھجڻ لازمي آھي. پر ٽالھي جي سٺي ڪاٺي، 50/60 سالن جي سمجھبي آھي. جيئن ٻين ڪمن ۾ انسان پنھنجي عقل ۽ ھٿ جي صفائي ڏيکارڻ شروع ڪئي آھي، ائين ٽالھي جي ڪاٺي تان مٿان سنھو پردو لاھي، ٻئي ھلڪي ڪاٺي جي فرنيچر تي لڳائي پالش ڪري، ٽالھي جي نالي ۽ ان جي اگھه ۾ کپائبو آھي!!

ٽالھي جي نالي پٺيان جتي شھر جو نالو به آھي، اُتي ٽالھي جي حوالي سان ڪافي شاعري به ملي ٿي، جيڪا خاص ڪري پنجابي ۾ آھي! جيئن “اُچيان لَميان، ٽالھيان وي” يا پوءِ “ٽالھي دي ٿلي بيھه ڪه”، وغيره. روايتن موجب پنجابي ماڻھو ڌي ڄمڻ تي ٽالھي جا 10/15 وڻ لڳائي ڇڏيندا آھن، ته جيئن ڌي جي جوان ٿيڻ ۽ سندس شادي تائين اھي وڻ وڏا ٿي وڃن ۽ انھن کي وڪڻي، سندن ڏاج وغيره جو بندوبست ڪري سگھجي.

افسوس جو اھڙو قيمتي وڻ به ھاڻ اسان جي ترجيعات ۾ شامل ناھي رھيو ۽ اسان قيمتي مقامي وڻن کي ڇڏي، فارمي ڪڪڙين جھڙن وڻن کي اھميت ڏيڻ لڳا آھيون!

( 31-10-2016 تي ھاٽ ايف ايم سانگھڙ جي پروگرام لوڪ ورثه  تان ورتل)



توت


 ھاڪين لاءِ ڪاٺي مھيا ڪندڙ ۽ ميلن جي سوکڙي

 

مقامي طرح تي ميلن جي سڪل فروٽ توت جا حڪيم ڀلي کڻي، پاڻ واري پاسي دنيا ۾ ملندڙ چئن قسمن مان ٻن جو ڏس ڏين، پر عام ھاري ناريءَ ۽ ڳوٺاڻو ماڻھو توت (Mulberry)جا مقامي طور ملندڙ پڪا پختا ٽي قسم ڳڻي ٻڌائي به ٿو ته ڏيکاري به ٿو. توت سائو به کائبو آھي ته سڪل به ساڳئي شوق سان کائبو آھي. عام طور تي وري توت جا ٻه قسم چيا وڃن ٿا. ھڪ توت جيڪو نَر ھجي ٿو ۽ ٻيو شھتوت، جيڪا مادي ھجي ٿي. نَر توت، جنھن جو ذائقو مٺو ھجي ٿو ۽ ان جو ڀوري رنگ جو فروٽ ڊگھو به ھجي ٿو. جڏھن ته شھتوت جو فروٽ نسبتاً ننڍو، ڪاري ۽ ڳاڙھي رنگ تي تمام گھڻو کٽو ھجي ٿو. جيئن ھي ٻئي توت الڳ الڳ قسمن جا ھجن ٿا، ائين ھنن جا ڪم به جدا جدا ھوندا آھن. جڏھن ته عام ماڻھو وري توت جا ٽي قسم 1 ڊگھا 2 ڳاڙھا ۽ 3 گلابي رنگ جا توت ٻڌائين ٿا. عام طور تي چئبو آھي ته توت جو ‘قلم’ لڳائبو آھي، پر عام ماڻھو ڳاڙھي ۽ گلابي توت جي ٻج ھجڻ جي ڳالھه به ڪن ٿا. اھو به چيو ويندو آھي ته شروع شروع ۾سڀئي توت کٽا ئي ھوندا آھن، پر پوءِ اھي قلم لڳائڻ بعد مٺا ٿيندا آھن. ميلن جي سوکڙي جي حوالي سان مشھور توت سياري ۾ سُڪي وڃي ٿو ۽ بھار ۾ وري ڦوٽھڙو ڪندو آھي. ھن جي مضبوط ۽ نرم ڪاٺي مان خاص طور تي لسي ولوڙڻ وارا جھيرڻا ۽ ملڪ جي قومي راند ھاڪي جون، ھاڪيون به ٺاھيون وينديون آھن. ھن جي ٽن قسمن ۾ ھڪ مٺو، ٻيو مٺي کان ڪجھه ننڍو جيڪو کٽو ٿيندو آھي ۽ ٽيو گول جيڪو نه کٽو ۽ نه ئي مٺو ٿئي ٿو. ٽالھي جيترو ۽ ڊاک جي پنن سان مشابھت رکندڙ پنن  واري توت جي سنھڙين ڪاٺين/تلھڙين مان کارا به ٺاھبا آھن.

ميلي تي وڃجي ۽ اُتي پڪي مٺائي، معجون، ڪشمش ۽ کاڄن سان گڏ سڪل توت نه کائجن يا گھر ڀاتين، سنگت ساٿ ۽ پرين پيارن لاءِ خريد ڪري نه آڻجن ته ڄڻ ميلي جو مزو ئي مريو وڃي. ۽ نه آڻڻ جي صورت ۾ جتي معيارين کي منھن ڏيڻو پئجيو وڃي اُتي ڪيترائي وري منھن مٽيو به وڃن. اھو توت جيڪو اڳي سنڌ ۾ عام جام ملندو ھو، سو وڻ ھاڻي نئين نسلن کي ڏيکارڻ لاءِ پڇائون ڪري، پنڌ ڪرڻا پون ٿا. اھو سلسلو ائين ئي جاري رھيو ته شايد ڪجھه ئي عرصي بعد، توت کي ھتان، متان مڪمل طور تي ڏيھه نيڪالي نه ملي وڃي.

نرم ڪاٺي وارو وڻ توت جنھن جو ڏندڻ به ڏبو آھي، يعني ته مسواڪ طور به استعمال ٿيندو آھي. اھو نه صرف ويجھو ويھڻ تي ڇانو ۽ فروٽ ڏيڻ سبب سٺو لڳي ٿو، بلڪه ھي وڻ پري کان به ڏسڻ ۾ تمام سٺو لڳندو آھي. ھن جو ميوو نه صرف انسان استعمال ڪن ٿا، بلڪه پکي پکڻ جن ۾ طوطو، ڪٻر، ڳيرو، ڪانو، ڀورڙو پکي ۽ ھڪ ڪاري رنگ جي ننڍي جھرڪي ۽ جانورن ۾ ٻڪري  شوق سان کائين ٿا. ماکي به ھن مان رس چوسيندي آھي. کاري/کٽي توت ۾ ريشم ٺاھيندڙ ‘پٽ ڪيئان’  به توت جي وڻن ۾ پالبا آھن، جتي ھو توت جا پن کائيندا آھن ۽ جيڪو ريشو ڪڍندا آھن ان سان ريشم ٺاھبو آھي.

حڪمت جي حوالي سان به توت قدرت طرفان ڏنل ڪنھن نعمت کان گھٽ ڪونھين. ھن جو استعمال نزلي ۽ زڪام ۾ به ٿيندو آھي ته سنڌن جي سور لاءِ به مفيد آھي ۽ ھاضمي لاءِ به سٺو آھي. ھن مان مختلف مرضن لاءِ شربت به ٺاھبو آھي. ھن جو استعمال جگر ۽ معدي جي مرضن ۾ به ٿيندو آھي. توت رت جي گرمي کي به گھٽائيندو آھي. ننڍا توت گلي لاءِ به اڪثير آھن، گلو ويھي رھي، ڄارو ڪري يا کنگھه ھجي ته ان جو توت ذريعي به علاج ڪبو آھي. شربت کان علاوه ھن جي لپري ٺاھبي آھي، جيڪا خاص ڪري گلي تي ورم جي صورت ۾ ٻڌبي آھي. توت زبان ۽ نَڙيءَ جي ڦٽ ڦرڙي لاءِ به بھترين آھي. ھي گرم بخار/تپ، گھڻي گرمي سبب ڦڦڙن مان نڪرندڙ رت کي به روڪڻ لاءِ مفيد آھن.

افسوس جو ھڪ ايترو مفيد وڻ ملڪ مان ۽ خاص ڪري سنڌ مان ڏاڍو تيزي سان وجود وڃائي رھيو آھي. ٻيو ڪجھه نه، ته اسان کي ملڪي قومي راند ھاڪي جي حوالي سان ئي ھن جو قدر ڪندي، نرسرين ۾ ھن کي وڌ ۾ وڌ تيار ڪري، مختلف ھنڌن تي لڳائڻ سان گڏ، عام ماڻھن کي به ھي وڻ لڳائڻ لاءِ آماده ڪرڻ واسطي ڪي قدم سنجيدگي ۽ سچائي سان کڻجن ته توت اڄ به ھن ڌرتيءَ تي وڏي تعداد ۾ تيار ڪري ۽ پوکي سگھجي ٿو. ٻي صورت ۾ جيڪو ويڌن اسان توت سان توڙي ٻين وڻن سان ڪري رھيا آھيون اھو ڏسندي لڳي ٿو ته صفا ويجھي مستقبل ۾ نوجوان نسل کي ھي وڻ ته ڇا پر ھن جو فوٽو ڏيکارڻ لاءِ به نيٽ جو سھارو وٺڻو پوندو! پر ٿي سگھي ٿو ته اُتي به توت جو سنڌ جي بجاءِ ڪنھن ٻئي علائقي جو فوٽو ملي، نه ڪي سنڌ جي توت جو. اڄڪلھه گورنمنٽ جتي نوجوانن کي روزگار مھيا ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا پروجيڪٽ شروع ڪري رھي آھي ۽ منصوبا جوڙي رھي آھي اُتي ٻيو ڪجھه نه ته به عام ماڻھن توڙي ھارين نارين کي ٻنين ٻارن توڙي گھرن ۾ توت جا وڻ وڌ کان وڌ لڳائڻ ۽ انھن ۾ ريشم پيدا ڪندڙ ‘پٽ ڪيئان’ پالڻ جي ترغيب ڏيئي، جتي ماڻھن کي روزگار مھيا ڪري سگھجي ٿو اُتي توت جھڙي قيمتي ۽ ڪارائتي وڻ کي به عام ڪري سگھجي ٿو. ان حوالي سان گورنمنٽ سرڪاري نرسرين ۾ توت جا وڻ لڳائڻ ۽ پيدا ڪرڻ کي به اوليت ۾ رکي ته ساڳئي وقت پٽ ڪيئان ذريعي پيدا ٿيل ريشم، مناسب اگھ تي خريد ڪرڻ ۽ ان جي مارڪيٽنگ جو مستقل ۽ مناسب بندوبست ڪري ته توت جي حوالي سان ڪافي تڪڙا قدم کڻي سگھجن ٿا. ماضي ۾ توت جي وڻ جو ھتي عام جام ھجڻ ( ۽ ھينئر به ڪٿي ڪٿي ان جا وڻ بيٺل ھجڻ) انھيءَ ڳالھه جو ثبوت آھن ته ھتي جي زمين ۽ آبھوا توت جي لاءِ موافق آھي، پر جي ڪو ان مان فائدو حاصل ڪرڻ چاھي ته.

(ھاٽ ايف ايم 105.2 سانگھڙ جي پروگرام لوڪه ورثه ۾، 7-11-2016 تي نشر ٿيل پروگرام تان ورتل)



آسرينھن لئو


 جنھن جي ڪاٺي مان ساز به ٺھن ٿا

 

ھر ڪاٺي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ڪارائتي ۽ ڪارآمد آھي، پر آسرينھن لئو ھجي يا عام ننڍي لئي، ان جي ڳالھه ئي نرالي آھي. ڪلراٺين زمين ۾ ٿيندڙ عام لئي جنھن کي مادي پڻ سڏجي ٿو سا ته پوءِ به ڪٿي نه ڪٿي نظر اچي وڃي ٿي، پر وڏو آسرينھن لئو، جنھن کي نَر لئو به سڏبو آھي سو ته ڏسڻ کان به مھانگو ٿيندي ان چوڻي ۽ مثال جو “مون بولتا ثبوت” ٿي چڪو آھي ته، “جبل مٿي ليون، اڳيون ڳالھيون ويون.” لئو نه صرف نر ۽ مادي ھوندو آھي، بلڪه سچي ۽ ڪوڙي جي حساب سان به سڃاتو ويندو آھي. جنھن لئي جا پن ڊگھا، چيچ جيترا ھجن، ان کي ‘سچو’ ۽ جنھن جا پن، ننڍا ھجن ان کي ‘ڪوڙو’ لئو/لئي سڏبي آھي. ھنئن ته لئي جي ڪاٺي، جيڪا مضبوط ھجڻ سان گڏ ھلڪي پڻ ھجي ٿي، ان مان ڪيتريون ئي شيون ٺھنديون آھن. مثال طور ٻارن جا لاٽون، کٽن جون ٻانھون ۽ پاڳا ته ھن ڪاٺي مان مضبوط ٺھندا ئي آھن، پر ھن مان ڪوڏر، ڪھاڙي ۽ رنبي جي ڳن کان ويندي لٺ/تلھڙ به سٺي ۽ سھڻي ٺھندي آھي. شوقين مڙس لئي جي لٺ، شوق سان پاڻ سان گڏ کڻندا آھن ته جيئن ڪنھن ڀاڙي ڀُتي کي، اويل سويل منھن ڏيئي سگھجي. لئي جي لٺ شاگردن لاءِ اُستادن وٽ به ھوندي آھي ته پوليس وارن وٽ به، فرق رڳو نيتن ۽ استعمال ھيٺ ايندڙن جو ھوندو آھي، باقي لٺ به ساڳي ئي ھوندي آھي ته ان جو ڪم به ساڳيو ئي ھوندو آھي. اڳي زماني ۾ جڏھن غربت به ھئي، واندڪائي به ھئي ته لوا به جام ھوندا ھئا، ان وقت لئي جي ڪاٺي مان، اَن ڇڙڻ واريون اکريون به ٺاھبيون ھيون ته ڪجھه اھڙا ٻيا ٿانو به ٺاھبا ھئا ان کان علاوه لئي جي ڪاٺي مان اَن وائرڻ واري ٽنگڙي به ٺاھبي ھئي ته ان مان ٻوھارو به ڏبو ھو، جيڪو ڪنھن جي گھر کي ڏيڻ بجاءِ سندي گھر ۽ وٿاڻ ۾ ڏبو ھو. ان کان علاوه لئي جي ڪاٺي مان کارا، کاريون به ٺھنديون آھن، جيڪي گھر ۾ رڌ پچاءُ جي شين کي ڍڪڻ کان ويندي ڪڪڙ ۽ ٻڪرين جي ڦرن کي ڍڪڻ جي به ڪم ايندا آھن. لئي جي ڪاٺي مان کير ولوڙڻ واريون مانڌاڻيون به سٺيون ٺھنديون آھن. ھن جي ڪاٺي ٻارڻ جي به گھڻو ڪم ڏي ٿي. ان مان ڪوئلو به ٺھندو آھي ته ھي بٺي جي کوري ۾ به ڪم ايندي آھي. لئو/لئي جڏھن انسانن، پکين، استادن ۽ پوليس وارن جي ڪم اچي ته پوءِ اھو جانورن جي ڪم اچڻ کان ڪيئن ٿو پوئتي رھي سگھي. چوپائي مال جي بيمارين خاص ڪري سامھاڙي، واءُ ۽ وري ۾ مال کي ھن جي واس ڏيڻ سان فائدو ٿيندو آھي. ان کان علاوه وڏي بيماري (ماتا) ۾ لئي جا پن مال جي پٺي تي ٻڌڻ کان علاوه، انھن کي لئي جو دونھون به ڏبو آھي. لئي جو دونھن نه صرف مال کي ڏبو آھي بلڪه انسانن کي به دم ۽ ساھه جي مريضن کي لئي تي لڳل ماڪ/شبنم صبح جو سوير، ڪنھن ٿانو ۾ وجھي، پاڻي ۾ ملائي پياربي آھي. ھن جي ٻور مان سوڙيون ۽ اجرڪون وغيره به رنڱبيون آھن. ڪنھن سڙي ويل جي زخم مٿي، لئي جو ڇوڏو ٻڌڻ سان به زخم کي فائدو ٿيندو آھي. پر لئي جي ڪاٺي کي خاص اھميت حاصل آھي، سا آھي ھن مان مختلف قسمن جي سازن جو ٺھڻ. انھن سازن ۾ دُھل، پڪواز، يڪتاري جي ڳٺي/ٽُنبي ۽ طنبورا وغيره ٺاھيا ويندا آھن. ايترن سازن ۾ شايد ئي ڪنھن ٻئي وڻ جي ڪا ڪاٺي استعمال ٿيندي ھجي، اھا خاصيت لئي ۾ ئي آھي. لئو/لئي نه صرف سازن ٺاھڻ جي ڪم اچي بلڪه ھي غريب غربي جي گھر ٺاھڻ لاءِ، ‘پتر’ طور به استعمال ٿيندي آھي. غريبن کي جي ھڪ ٻه ٿوڻيون پتر ۽ ڪانا ملي وڃن ته انھن جو منٽن ۾ ‘محل’ تيار ٿي ويندو آھي. ائين لئي جي ڪاٺي انسانن کي اجھو ته مھيا ڪندي ئي ڪندي آھي، پر ان جي وڏن ۽ پراڻن ٿُلھن ٿُڙن جي پورن ۾ خاص طور تي طوطا به گھر ٺاھي، آنا ٻچا ڪندا آھن. طوطن جي گھٽجڻ جي ٻين سببن ۾ ھڪ اھم سبب اھو به آھي ته انھن جي رھڻ وارا وڏا وڻ وڍجي چڪا آھن ۽ جن جا گھر ڊھي وڃن ۽ اُتي ٻيا گھر اڏڻ جو به ڪو آسرو نه ھجي ته پوءِ مجبوراً اھا جُو ڇڏڻي ئي پوندي آھي سو طوطا ويچارا به وڻ وڍجڻ بعد گھڻي ڀاڱي، ھتان اڏامي ويا آھن.

ورڪشاپ سانگھڙ ۾ ويٺل جھوني رحمت الله ولد ھوت شر جي بقول ته  ٻروچن جون ڪافي ذاتيون، صفر مھيني جي آخري اربع 27 تاريخ تي منجھند 12 کان پوءِ بُسريون پچاءِ، ان چُھل مٿان سَچا ساوا لئي جا ٽارا گھمائي پوءِ مال جي وٿاڻ ۾ اڇلائيندا آھن، جنھن سان مال جو بيماري سيماري ۽ ٻي مصيبت کان بچاءُ ٿيندو آھي. ان کي اربع خطا نه ٿيڻ به چئبو آھي ته ان کي مٺي ۽ وڏي عيد به سڏبو آھي. ان ڳالھه کي نبي صه جن کي بخار اچڻ سان به منسوب ڪبو آھي.

لئي، جنھن کي ڀٽائي صاحب’ليا‘ ڪري به ڳايو آھي. ان بابت سُر سھڻي ۾ چوي ٿو ته:

لَيَا ڏِٺَمِ لَارَ، سَانڀَارَا سَاهَڙ جَا
هِنئِيَون هِتِ نَه وِندُرَي، ڌَرَاڙَئُون ڌَارَ
مُنهِنجَو مَنُ مَيهَارَ، پَڳَهِيَو پَاڻَ ڳَرَي

ڀٽائي صاحب لئي کي ’جائو‘ ڪري به ھيٺين ريت ڳايو آھي:

وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جائو، جمر، جر،
ڪاسا تپن ڪڪرا، ٻي دمدم تپي ڌر......
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سڄن نيلا

(سُر سسئي آبري)

ان کان علاوه لئي جو ذڪر ڀٽائي صاحب ھن ريت به ڪيو آھي:

ڏھلا مون ڏينھن ٿيا، پيم ڄام ڄيون،
پسيو پنڌ پھڻ جو، ٿئي روح ريون،
لڇيو ٿيان لطيف چئي، ڪارڻ دوست ديون،
ڀانيان لڪ ’لئيون‘، جي سور پريان جا ساڻ مون.

افسوس جو ھاڻي لئي ته پوءِ به نظر اچيو وڃي باقي وڏو نر لئو يعني آسرينھن لئو نه برابر وڃي بچيو آھي. صرف سانگھڙ ميرپور خاص روڊ تي ‘دلشاد شاخ’ واري بزرگ دلشاد ڪلوئي واري مزار/قبرستان ڀرسان ئي تمام وڏا ٿلھا ۽ ججھي تعداد ۾ لئوا نظر اچن ٿا. شايد سڄي سنڌ ۾ ايترا ۽ اھڙا وڏا لئوا ٻئي ڪنھن به پاسي نه ھجن. جن جي ڳوٺاڻا، پنھنجي بزرگ جي ڪري، ڏاڍي حفاظت ڪن ٿا.

ڪاش اھڙي حفاظت سنڌ جي ھر وڻ جي ٿئي يا انھن وڻن کي ڪو جن ڀوت اچي واسو ڪري ۽ ان جي وڍيندڙ کي ڪنڌ ڀر وڃي ڪيرائي ته من وڃي ڪو وڻ بچي ته بچي، باقي ٻيو ڪو آسرو اُميد پري پري تائين نظر نٿي اچي! جيڪڏھن اسان جي ھٿان ساز ٺاھيندڙ وڻ به وڍجڻ کان نه بچي سگھن ته پوءِ ٻيو ڪھڙو وڻ بچندو!

(14-11-2016 تي، ھاٽ ايف ايم تي نشر ٿيل پروگرام لوڪه ورثه تان ورتل)



باھڻ


‘ناري’ واري علائقي ۾ جيڪي وڻ ٻاھران اچي، ھتي جا ئي ٿي ويا ۽ پاڻ کي ٻاھريون /ڌاريون ۽ ’مھاجر‘ وڻ سمجھڻ بنا، مقامي رنگ ۾ رنگجي ھن ڌرتي جا ٿي ويا، انھن ۾ باھڻ (Poplar)به ھڪ آھي. يوڪلپٽس جھڙي پنن واري  سم ۽ سيلاب جي پاڻي ۾ توڙي لٽ واري زمين ۽ درياھه جي ڪچي ۾ ٿيندڙ ۽ ناري جي پينتلن (ناري واھه جي ڀرسان بيٺل پاڻي ۾) ٿيڻ ڪري ھن کي ناري جو وڻ به سڏبو آھي. اڳي ناري لڳ اوڍ ۾ ته ھن جي ھُڙي به ھوندي ھئي پر، ھاڻي ھُڙين وارو زمانو ھليو چليو ٿي چڪو آھي. پينتلن ۾ ٿيندڙ ھن وڻ بابت تعلقي سانگھڙ ۾ ناري ڪناري آباد ڳوٺ ‘سرمست’ جي سئو کن سالن جي جھوني عبدالرحيم ولد علي محمد لغاري جي بقول ته ھتي ھن جو ٻج ڪٿان لُڙھي آيو ھو ۽ پوءِ ھتي جي موافق حالتن جي ڪري ڪافي وڌيو ويجھيو. سخت ڪڙو ھجڻ ڪري، ھن جي ويجھو ھروڀرو ڪو جانور ڪونه ٿو وڃي. عام طور تي ھي ‘مانجھاندڙي’ يا ‘ٻائور’ وانگر سنگل ڪاٺي جھڙو ھجي ٿو، پر چون ٿا ته ھي تمام وڏو ۽ نم جھڙو گھاٽو به ٿيندو آھي. ھر سال جڏھن ڊسمبر جي آخر ۽ جنوري جي شروع ۾ پاڻي جي وارا بندين دوران گاھه ۽ پن کي باھه ڏبي آھي، (عام ڳوٺاڻا/ڀاڳيا ۽ خاص ڪري ڌنار جھنگ ۾ بيٺل پن وغيره کي ان ڪري باھه ڏئي ساڙي ڇڏيندا آھن ته جيئن اھي نئوان ڦٽن ۽ مال جو چارو ٿئي) تڏھن باھڻ کي به باھه لڳي ويندي آھي ۽ سُڪن سان گڏ ھي سائو وڻ به، رڳو سُڪلن جي صحبت ۽ انھن جي ويجھو رھڻ ڪري سڙي ويندو آھي.

باھڻ جي ڪاٺي تمام سخت ھوندي آھي، جنھن ڪري چئبو آھي ته “باھڻ معنيٰ پَھڻ” ائين به چئبو آھي ته “باھڻ پاھڻ آھي، پر زمين تي ڪرڻ بعد گاھڻ يعني گاھه برابر آھي” ان مان باھڻ جي ڪاٺي جي مضبوطي جو اندازو ڪري سگھجي ٿو. باھڻ جي ڪاٺي، اڇاڻ مائل ڀوري ھجڻ سان گڏ لسي به ھوندي آھي، جيڪا سائي ھجڻ تي وزن ۾ ٻين وانگر ئي ھوندي آھي پر سُڪڻ بعد ھلڪي ٿيو پوي. ھن جي مضبوط ڪاٺي مان جتي کٽن جون ايسون، اوپرا، پاڳا، در، دريون، بالا، ٽيئر/پٽيون وغيره ٺھن ٿيون، اُتي ھن جي ڪاٺي ھلڪي ھجڻ ڪري سانگھڙ جمڙائو روڊ کان اوڀر ۾ واقع تاريخي ماڳ ‘دُٻي’ ۾ ٺھندڙ بندوقن جا ڪنداق به ھن مان ٺاھبا ھئا. واضح رھي ته حُر تحريڪ دوران گھڻو ڪري دُٻي جون ٺھيل بندوقون ئي استعمال ٿيون ھيون. ان کان علاوه ھي ڪاٺي ڪچن گھرن ۾ آڏ ۽ پڃر طور به ڪتب آڻبي آھي. باھڻ جي ڪاٺي ھلڪي ۽ مضبوط ھجڻ سان گڏ نرم به ھوندي آھي. نرم ھجڻ ڪري ان تي جنڊيءَ جو ڪم به سٺو ٿيندو آھي. ھن جي ڪاٺي ٻرڻ ۾ گئس وانگر تيز آھي، جنھن کي ھڪدم باھه پڪڙي وٺندي آھي. اڳي جڏھن ماچس عام نه ھو بلڪه ائين کڻي چئجي ته باھه عام نه ھئي ان وقت ماڻھو ڪاٺين کي پاڻ ۾ رڳڙي باھه ٻاريندا ھئا ان وقت باھه لاءِ ٻين ڪاٺين سان گڏ باھڻ به بھترين سمجھبو ھو. ھن جي ڪاٺي جيڪڏھن زمين کان مٿي ھجي ۽ ان کي زمين جي مٽي وغيره نه لڳي ته، اھا سئو سال بعد به اوڙھي جي اوڙھي رھندي آھي. پر جي زمين تي رکبي ته مھيني ٻن ۾ ئي کاڄي ويندي آھي. باھڻ نه صرف ڪاٺي طور ڪم آڻبو آھي، بلڪه جيڪڏھن ڪو صفا ضدي قسم جو بخار لھڻ جي بلڪل ئي نه ڪري ۽ مريض کي چنبڙي پئي ته پوءِ باھڻ جي کل لاھي، سُڪائي، صبح سوير پيئڻ سان بخار مجبوراً ڀڄي جان ڇڏائيندو آھي. ھن جي ڪاٺي مان جتي خاص ڪري گوڏن جي سور لاءِ دوا ٺاھبي آھي اُتي باھڻ جي تازي نڪتل ڪاٺي کي پاڻي ۾ اُٻاري پيئڻ سنڌن جو سور به ختم ٿي ويندو آھي. سان باھڻ جي نئين ڦٽل گونچ کي گھوٽي، ڪاڙھي، ٺاري، سائي جي مرض کي پياربو آھي. باھڻ ۾ جتي اھي خاصيتون آھن، اُتي باھڻ لفظ سان ملندڙ جلندڙ ھڪ ذات ‘بَھڻ’ به آھي ته روھڙي ۾ ھڪ ديھه جو نالو به بھڻ آھي. باھڻ کي خاص ڪري ڦاڙو شوق سان ٻڪري به ھن کي شوق سان کائيندي آھي.

باھڻ جي خاصيتن کان متاثر ٿي شاعرن ۽ سگھڙن به ھن کي شاعري جو موضوع بڻايو آھي. سگھڙن پاران باھڻ تي ٺاھيل ھڪ ڳجھارت ھت ڏجي ٿي:

وڻ ڪُتي جي وات ۾، وڻ ڪُتي جو ڪم،

لاھي وجھينس چم، ته به وڻ ڪُتي جي وات ۾.

ڳجھارت جي ڀڃڻي:

باھڻ = ڀونڪڻ

باھڻ ڪُتي جي وات ۾، باھڻ ڪُتي جو ڪم، معنيٰ باھڻ يعني ڀونڪڻ ڪُتي جو ڪم آھي.

لاھي وجھينس چم، ته به باھڻ ڪُتي جي وات ۾. معنيٰ ته ڀلي کڻي ڪُتي جي کل لاھي ڇڏيو، پر ڪُتو باھڻ/ڀونڪڻ کان نه رھندو.

بھار ۾ ٻين وڻن وانگر مھڪي ۽ ٻھڪي پوندڙ باھڻ بابت اھي سڀئي ڳالھيون ان جي اھميت کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن، پر جيئن اسان ٻين ڪيترن ئي وڻن کي اجايو، بيڪار ۽ فضول سمجھي، انھن جي قدر ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪري رھيا آھيون،  اھو حشر اسان باھڻ سان به ڪري رھيا آھيون. اسان جي ٿورڙي ڪوشش ۽ توجه سان، باھڻ کي سم وغيره واري زمين ۾ پوکي، يا ان جا قلم ھڻي باھڻ پوکي، ۽ پوءِ ان جي ڪاٺي وڪڻي جتي ناڻو ڪمائي سگھجي ٿو، اُتي خراب زمين/ٻني مان اُپت به حاصل ڪري سگھجي ٿي. پر اسان ۾ اڃا ايترو شعور ڪٿي جو باھڻ کي بيڪار نه سمجھون ۽ ان جو جائز قدر ڪندي، ان مان فائدا حاصل ڪريون!

(19-12-2016 تي ھاٽ ايف ايم 105.2سانگھڙ جي پروگرام لوڪ ورثه تان ورتل)



سرينھن


 وھمن ۽ وسوسن جي حوالي سان مشھور وڻ

 

جڏھن به گھاٽن، ڊگھن، ٿڌي ڇانو سان گڏ خوشبو ڏيندڙ وڻن جي ڳالھه ڪبي ته سرينھن جي وڻ جو ذڪر به ضرور ايندو. ھي وڻ جنھن کي عربي ۾ سُلطان الشجار چئبو آھي. انھيءَ مان ئيھن جي اھميت جو اندازو، لڳائي سگھجي ٿو. انگريزي ۾ ھن کي Siris Tree، اردو ۽ ھندي ۾ سرس سڏبو آھي. سنڌ ۾؛ اُتر ۾ ھن کي سرينھن ۽ لاڙ ۾ سريل به سڏبو آھي. جڏھن ته ھن کي پنجابي ۾ شرينھن ۽ پشتو ۾ سِريش سڏبو آھي. عجيب ڳالھه آھي ته انگريزي کان وٺي ھندي ۽ سنڌي تائين، ويندي پشتو ۾ به ھن جو نالو ٿوري گھڻي فرق سان، ساڳئي نموني ئي اُچارجي ٿو! ھن جي ڪاٺي نرم ھجڻ ڪري، اڏاوت ۽ فرنيچر جي ڪم جي گھٽ ئي آھي، پر نرم ھجڻ سبب،ھن جي ٿُڙ ۾ طوطا ۽ ڪاٺ ڪٽا جتي آنا ۽ ٻچا ڪندا آھن، اُتي ھن جي گھاٽي ھُجڻ ۽ ھن ۾ آساني سان لِڪ سبب ڪيترائي پکي ھن ۾ آکيرا به جوڙيندا آھن. ان کان علاوه پکي ھن جي پنن کي، آکيرن اڏڻ ۾ به استعمال ڪندا آھن. ھن وڻ جا ٻه قسم ٿين ٿا. ھڪ جا ٻج ڪارا ۽ ٻئي قسم جا ٻج خاڪي ٿيندا آھن، باقي اھميت ٻنھي جي ساڳي ئي  آھي. ڏکڻ لڳڻ وقت ھن جي پيلن خوبصورت گلن جي خوشبو ٻه ميل کن تائين به ماحول کي معطر ڪري ڇڏيندي آھي. اڳي ته ماڻھو ھن جي گُلن جي خوشبو ۽ خوبصورتي سبب انھن جا ھار ٺاھي به پائيندا ۽ پارائيندا ھئا، پر شايد شاعرن پاران رڳو گلاب ۽ موتئي جي ڳالھه ڪرڻ سبب، ھاڻ سرينھن جي گُلن جي ساڳي خوشبو ھوندي به، ماڻھو ان کان گھڻي ڀاڱي منھن موڙي ويا آھن. پوءِ به ھي وڻ ڏينھن جو وٺ وٺان ۽ خفن ۾ ورتل ماڻھن کي، رات ۽ شام جو ڪجھه گھڙيون واندو ٿيڻ مھل، ڪٿان لنگھندي، پنھنجي گلن جي خوشبو جي مھڪ سان مھڪائي، پنھنجي موجودگي، ماڻھن جي بي وفائي ۽ پنھنجن پراڻن خوشگوار تعلقاتن جو احساس ڏياريندو رھندو آھي. قلم ۽ ٻج ٻنھي طريقن سان ٿيندڙ ھي وڻ جتي پن ڇڻ جي موسم ۾ سڀ کان اڳ پن ڇاڻي سياري اچڻ جو اعلان ڪندو آھي ۽ ان جي تياري لاءِ ماڻھن کي اڳواٽ خبردار ڪندو آھي، اُتي ڦوٽھڙي جي موسم ۾ به سڀ کان اڳ گؤنچ ڪڍي ۽ پن آڻي سياري جي وڃڻ ۽ بھار جي آمد جي اطلاع به ڪندو آھي. پن ڇاڻڻ بعد ھن جون ٻج واريون ڦريون، ھوا ۾ ھڪ ٻئي سان لڳي ڏاڍو خوبصورت ۽ منفرد ميوزڪ به وڄائينديون آھن، پر ھاڻ شايد اھڙو ماٺيڻو ميوزڪ ٻڌڻ وارا نه برابر وڃي باقي بچيا آھن. ان ڪري انھيءَ پاسي گھٽ ئي توجه ڏني وڃي ٿي. ان کان علاوه ھن جي سُڪل ڦرين مان ٻار طرح طرح سان رانديون به پيا ڪندا آھن ۽ کڙتال وانگر به پيا وڄائيندا آھن. ھن وڻ جي ھڪ عجيب ڳالھه ھي به آھي ته ھن جا پن صبح ٿيڻ سان ڄڻ ته سجاڳ ٿي ويندا آھن ۽ شام ٿيڻ تي ڪومائجي ويندا آھن، جھڙو ھو سج لھڻ تي افسرده ۽ اُداس ٿي ويا ھجن! وري صبح جو سج اُڀرڻ تي ڦولھارجي، تازا توانا نظر اچڻ لڳندا آھن. ان ڪري ھن کي سست وڻ ۽ ڪن ماڻھن پاران ھن کي نڀاڳو وڻ به سڏبو آھي ۽ اھو به چئبو آھي ته ھن سست وڻ لڳائڻ سان، گھر ڀاتي به سست ٿي ويندا. ان ڪري به ھن کي ھروڀرو گھرن ۾ ڪونه لڳائبو آھي ۽ ھن کي لڳائڻ کان پاسو ڪبو آھي! ھن جي ڪاٺي جي نرم ھجڻ ڪري ۽ ھن جي ٽٽڻ جي خطري جي گھٽ ھجڻ ڪري، ٻھراڙين ۾ غريبن جا ٻار ان ۾ پينگھه ٻڌي، لُڏڻ جا به خوب مزا پيا وٺندا آھن، باقي وڏن ۽ اميرن جا ٻار ته ھونئن ئي ھندورن جا ھيراڪ ھوندا آھن. ھن جي نرم ڪاٺي جلد سُڪڻ نه سبب، ٻرڻ ۾ سُٺي ڪونه سمجھبي آھي ۽ نه ئي وري اڏاوت جي ڪم لاءِ به ڪارائتي ھوندي آھي. ھنئن به ھن کي مولا علي مشڪل ڪُشا جي دُعا ھجڻ جي ڳالھه ڪرڻ سبب، ھن کي ٻارڻ ۽ باھه ڏيڻ گناھه سمجھبو آھي. ڪجھه ڌرين جو اھو به چوڻ آھي ته جيئن علم پاڪ لڳائڻ کان پوءِ ان جاءِ جي پاڪائي ۽ حفاظت ضروري آھي، ائين سرينھن جي وڻ لاءِ به چئبو آھي. ان ڪري به گھڻا ماڻھو ھي وڻ لڳائڻ کان پاسو ڪندا آھن. ھن وڻ جي باري ۾ اھو به مشھور آھي ته ھن تي کنوڻ به ڪرندي آھي. ان جو سبب ته الائي جي ڪھڙو آھي، پر اھا راءِ به ھن کي نه لڳائڻ جو باعث بڻجي ٿي. اھو به چئبو آھي ته ھن جي ھيٺيان سمھڻ سان بخار به ٿي پوندو آھي. ساڳي وقت ھن لاءِ اھا ڳالھه به مشھور آھي ته واري جي تپ يعني ٻيھڙ يا ھڪ ڏينھن ڇڏي، ٻئي ڏينھن ايندڙ بخار وارو مريض ھن کي فجر مھل ڀاڪر پائيندو ته بخار نه ايندس. ائين به چئبو آھي ته انھيءَ بخار جي مريض کي جيڪڏھن، سرينھن جون ٽي سنھيون ڪاٺيون ڳچي ۾ ٻڌبيون ته بخار لھي ويندو. انھيءَ ڪم لاءِ اھي ڪاٺيون ٻڌڻ جو وري ڪن ڪن ماڻھن وٽ ھُدو به ھوندو آھي ۽ انھن پاران ڪاٺيون ٻڌڻ سان بخار لھي وڃڻ جا امڪان وڌي ويندا آھن. جتي سرينھن جو کنور ڪارائتو آھي، اُتي ھن جا پن به ڪنھن کان گھٽ ڪونھين. جانور جي اک ۾ ڦُلو، ڦرڙي يا داڻو وغيره ٿيڻ ۽ اک خراب ٿيڻ جي صورت ۾ صبح سويري ھن جا پن ڄٻاڙي، متاثر جانور جي اک ۾ لڳائڻ سان فائدو ٿيندو آھي.

ھن جي خوشبو ۽ مقامي ماڻھن جي علاج ۾ ڪم اچڻ توڙي پکي پکڻ لاءِ اجھي جو باعث بڻجڻ باوجود، بي خبري وچان جيترو غلط تاثر ھن وڻ بابت ماڻھن ۾ موجود آھي، اوترو شايد ئي ڪنھن ٻئي وڻ بابت چيو ويندو ھجي. وڻ ته رب جي نعمت آھن، ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته وڻن بابت ماڻھن کي اھڙين عجيب ڳالھين ۽ وھمن بابت آگاھي ڏني وڃي. پر لڳي ٿو ته گھٽ ۾ گھٽ سرينھن جي حوالي سان ھاڻي ڪافي دير ٿي چڪي آھي. ڇو جو ماڻھن جي اھڙن بي وفائي وارن روين سبب، سرينھن پاڻ ئي ھي جُو ڇڏي، ڪافي پاسيرو ٿي ويو آھي ۽ ھاڻ ھو ھِتان ڪنھن ٻئي پاسي اُتي ھليو ويو آھي، جتي ھن جو قدر ھجي، جتي ھن جي اھميت ھجي ۽ جتي ماڻھو ھن جي عزت ڪن!

(ھاٽ ايف ايم جي پروگرام سنڌ جا وجود وڃائيندڙ وڻ تان 09-01-2017 تي نشر ٿيل پروگرام مان ورتل)



گدامڙي جو وڻ


 ھر گھر ۽ ھر وقت جي ضرورت

 

گدامڙي Tamarinds جھڙو مصالحي دار وڻ شايد ئي ڪو ٻيو ھجي. جيئن ماني/اٽي لاءِ لوڻ ضروري آھي، ائين ھر ڀاڄي،چانورن/برياني ۽ مختلف ڊشن لاءِ وري مصالحو ضروري آھي. مصالحو وري ان وقت تائين مڪمل ناھي ٿيندو، جيستائين ان ۾ ٿيندڙ گدامڙي جنھن کي املي به سڏبو آھي، تنھن جي کٽاڻ شامل نه ھجي. ان کان علاوه گدامڙي جھڙا وڻ گھٽ ئي ھوندا آھن، جيڪي سدائين ساوا ھجن ۽ جن جي ڇانو ھميشه برقرار رھي، ان ڪري ھن کي سدا بھار وڻ به سڏبو آھي. ھي ڪڏھن به، ڪنھن به مند ۽ موسم ۾ پنن کان خالي ناھي ٿيندو. تمام ڊگھي ۽ تمام وڏي عمر واري ھن وڻ جو ٿلھو ڪاٺ جتي اڏاوت ۾ ڪم اچي ٿو، اُتي ھن جون سنھيون ٽاريون ٻارڻ جو به ڪم ڏين ٿيون. ھن جون ناسي رنگ جون ڦريون، جيڪي پچڻ بعد ‘املي’ ٿينديون آھن، سي ڪيترن ئي حوالن سان ۽ دوا طور مختلف بيمارين ۾ به ڪم اچن ٿيون. جن ۾ معدي، جگر ۽ سائي وغيره جون بيماريون شامل آھن. پڪل گدامڙي رات جو پاڻي ۾ پُسائي، صبح جو نيراني اھو پاڻي پيئڻ سان ڪاري سائي جي مريض کي فائدو ٿيندو آھي. گرمي ۾ املي جو شربت به ڏاڏي ڪارائتي ۽ صحت بخش ھوندو آھي. ڇو جو اھا کٽي ھجڻ سان گڏ ٿڌي به ھجي ٿي. ھن وڻ جي جيڪڏھن ائين کڻي چئجي ته ھر شئي ڪارائتي ھوندي ته اھو غلط نه ٿيندو. ھن جي ٻج/املي مان 20 سيڪڙو تيل ملندو آھي. ان کان علاوه ھن جا ڪنڊيءَ ۽ ٻٻر جي پَنن جھڙا کٽا پَن عام طور ٻار کائي خوش پيا ٿيندا آھن. ھن وڻ ۾ به نر ۽ مادي ھجن ٿا. نر ڦريون ناھي جلھيندو، ٻين مادين وانگر گدامڙي ۾ به اھو ڪم، مادي وڻ کي ئي ڪرڻو پوندو آھي. ھن ۾ ڦريون، انبن جي موسم ۾ لڳنديون آھن. نارنگي رنگ تي گل جھليندڙ گدامڙي جي ڪچي گدامڙي جي چٽڻي به ڏاڍي مزيدار ۽ ذائقيدار ٿيندي آھي. ھن جو ڦر/ميوو ڇُڳن ۾ ڦرين جي شڪل ۾ ٿيندو آھي، جنھن کي ‘آمرا’ سڏبو آھي. ھنئن ته ھن جا پَن سدائين برقرار ۽ ساوا رھندا آھن، پر بھار جي موسم ۾ ھي وڻ نئوان پَن به ڪڍندو آھي. سنڌ ۾ خاص طور تي چيڪي زمين/مٽي  ۾ 80 فُٽن تائين ڊگھي ٿيندڙ ھن وڻ لاءِ اھو به ٻڌجي ٿو ته ھي سنڌ ۾ شايد ھماليائي جبلن تان، سنڌو درياءُ جي پاڻي وسيلي آيو ھجي.

افسوس جو ايترو ڪارائتو ۽ قيمتي وڻ، جنھن جي ضرورت ھر گھر ۾، ھر وقت ھوندي آھي، ان لاءِ به اسان وٽ جاءِ ناھي بچي. ۽ ھاڻ ھي وڻ ڏسڻ کان به مھانگو ٿي ويو آھي. جنھن کي ٿوري ڪوشش سان ٻيھر لڳرائي ۽ وڌائي، ان مان مستقل بنيادن تي فائدا حاصل ڪري سگھجن ٿا. سرڪاري نرسرين ۾ لڳائي تيار ٿيڻ تي ماڻھن کي گھرن ۾ لڳائڻ تي آماده ڪري ان مان ٿيندڙ گدامڙي جي مناسب مارڪيٽنگ ڪري، ھن کي تمام جلد ۽ سولائيءَ سان مناسب حد تائين وڌائڻ سان گڏ، ھن جي وجود کي ھن ڌرتي تان خاتمي کي به بچائي سگھجي ٿو. پر اھو ڪم ڪري ڪير!

(ھاٽ ايف ايم 105.2 سانگھڙ جي پروگرام وجود وڃائيندڙ وڻ تان، 16-01-2017 تي نشر ٿيل پروگرام تان ورتل)



گيدوڙي


 گم ٿيندڙ ھڪ ٻيو اھم وڻ

 

تيزيءَ سان گم ٿيندڙ وڻن ۾ ھڪ وڻ گيدوڙي به آھي جيڪو ميويدار ھجڻ ۽ ڪيترن ئي حوالن سان ڪارائتو ۽ اھم ھجڻ باوجود جنھن تيزي سان وجود وڃائي رھيو آھي، ان تي افسوس سان گڏ تعجب ئي ڪري سگھجي ٿو! پنجابي، اردو ۽ پشتو ۾ ليسوڙي سڏجندڙ پان جھڙن وڏن پنن، گھاٽي ڇانو، ڊگھي قد ۽ لسي ٿُڙ وارو ھي وڻ گھڻو ڪري واھن جي ڪنارن تي ٿيندڙ، سنڌ جي قديم وڻن مان ھڪ آھي. گيدوڙي انسانن، پکين ۽ جانورن سڀني لاءِ ھڪ جيترو ڪم اچڻ باوجود به اڳوڻي اھميت کان ڏينھون ڏينھن ھٿ ڌوئي رھيو آھي. ھن جي ھلڪي ۽ نرم ڪاٺي ڍڳن جي پاڃارين ۽ گھوڙن جي حَنن لاءِ بھترين سمجھبي آھي. ڇو جو اھا گھٽ وزن ھجڻ سبب جانورن لاءِ گھٽ تڪليف ده ھوندي آھي. ھن جي ڪاٺي مان باھه به جلد ٻرندي آھي. قلم ۽ ٻج ٻنھي طريقن سان ٿيندڙ ھن وڻ ۾ به نر ۽ مادي وڻ ھوندا آھن. پر وڻ سڏبو وري به مادي يعني گيدوڙي ئي آھي! نر جا گيدوڙا وڏا ۽ مادي جا گيدوڙا ننڍا ٿيندا آھن. جيڪي تيز ھوا ۾ ڇڻي به پوندا آھن. ھن جو فروٽ/ميوو سنڌيءَ ۾ گيدوڙو ۽ اردو ۽ پنجابي ۾ ليسوڙو سڏبو آھي. جيڪو سنڌي سماج ۾ مرداڻو نالو به آھي. مزي جي ڳالھه ته گيدوڙيءَ جو وڻ خود مؤنث آھي، پر ماڻھن تي نالو وري به سندس ميوي جو، يعني مرداڻو رکبو آھي! سائي رنگ تي ٿيندڙ ڪچن گيدوڙن مان سانڌاڻو/آچار ٺاھڻ کان علاوه ان مان ڀاڄي به ٺاھبي آھي. ڪڻڪن جي لاباري جي مُند ۾ ٻُور جھلڻ بعد انبن جي موسم ۾ ٿيندڙ گيدوڙا، پچڻ بعد پيلو رنگ اختيار ڪندا آھن. جيڪي کائڻ ۾ ڏاڍا لذيذ ۽ خوشبودار ھوندا آھن. جن کي انسان ته خير پسند ڪندو ئي آھي، پر پکي ان جي چنبڙندڙ رس سبب انھن کان اڪثر ڪري پري ئي رھندا آھن. پکي گيدوڙا کائيندا ته گھٽ ئي آھن، پر ان جي ڪچي ڪاٺي جي ڪري، ان جي ٿُڙ ۾ خاص ڪري طوطا ۽ چٻرا وغيره رھڻ ۽ آنا ٻچا ڪرڻ لاءِ گھر ضرور جوڙيندا آھن. اھڙن ٿڙن وارن وڻن جي ڪمي جي سبب به طوطي ۽ ٻين پکين جي تعداد ۾ ڪافي ڪمي آئي آھي. ھن جي لئي دار/ليس دار رس مان ٻار ڪتاب، ڪاپيون ۽ پنا به جوڙيندا/چنبڙائيندا آھن، ته ڪجھه ذھين ۽ سُلڇڻا ٻار پنھنجي ڪتابن ۽ ڪاپين تي جلد چاڙھي، انھن کي گيدوڙي جي رس سان، پڪو به ڪندا آھن. اھو رس ڪپڙن تي لڳڻ بعد، ان تي ھميشه لاءِ پنھنجا نشان، يادگيريءَ طور به ڇڏي ويندو آھي، ان ڪري ماڻھو ان کي کائڻ ۾ ته اڳتي اڳتي ھوندا آھن پر وات کان وڌيڪ ويھو آڻڻ کان لھريندا آھن. ان کان علاوه ھن جي پنن مان پن واريون ٻيڙيون به ٺاھيبيون آھن ھن جا پن علاج طور به ڪتب آڻبا آھن. جسم ۾ جنھن حصي تي سور ھجي، اُتي گيدوڙي جا پن گرم ڪري ٻڌڻ سان فائدو ٿيندو آھي. خشڪ پڪل گيدوڙو به دوا طور استعمال ٿيندو آھي، جيڪو خاص ڪري جسماني ڪمزوري ۾ ڪم ايندو آھي. ان کان علاوه ھي پيٽ ۽ سيني کي نرم به رکندو آھي. آنڊن جي خراش، جگر جي گرمي لاءِ به مفيد آھي، بار بار پيشاب اچڻ ۽ خشڪ کنگھه لاءِ علاج طور به استعمال ٿيندو آھي. ھن کي گرمي جي موسم ۾ قلم لڳائبو آھي جنھن جي ڪري لڳندڙ گيدوڙا وڏا ۽ صحت مند ٿيندا آھن، ٻي صورت ۾ وڻ ننڍا سنھا ۽ گھٽ ليس دار گيدوڙا جھليندا آھن.

افسوس جو اسان ايتري اھم ۽ قيمتي وڻ جو به گھربل قدر نه ڪيو. جنھن سبب ھاڻ ھي تمام گھڻو گھٽجي ويو آھي. جيڪڏھن ھنن جي اسان ھڪ ڀيرو ٻيھر اڳوڻي عزت بحال ڪندي ۽ کيس وڃايل مرتبو موٽائي ڏيون، گھرن ۽ ٻين ھنڌن تي ٿوري جاءِ ھن لاءِ ڪڍون ۽ پاڻي جا ٻه گلاس ھن کي به پياريون، ته ھي اسان کي اُن قدرداني ۽ مھماني عيوض مايوس بلڪل ئي ڪونه ڪندو ۽ پنھنجي گھاٽي ڇانو توڙي ڪچي پڪي ميوي سان، ھر سال ان جو بدلو اُتاريندو رھندو. جيڪو ميوو اسان وڪڻي ناڻو به ڪمائي سگھون ٿا ته ان مان آچار ٺاھي، پنھنجي کاڌي کي مزيدار بنائڻ سان گڏ تڙتڪڙ ۾ ڀاڄي جي ڪمي پوري ڪرڻ کان علاوه يڪسانيت جو شڪار ڀاڄين ۾ ڪجھه نئواڻ به آڻي منھن جو ذائقو به بدلائي سگھون ٿا. ان لاءِ اسان کي ٿوري دل ڪشاده ڪرڻ سان گڏ، ان لاءِ شروع ۾ ننڍي ٻار وانگر ڪجھه گھڙيون ضرور ڪڍڻيون پونديون. پر ٻار وڏو ٿي ان پرورش ڪندڙن جي پرگھور لئي نه لئي، پر وڻ وڏو ٿي ڪنھن جو به احسان نه وساريندو ۽ لڳائيندڙ جي يا ان جي پونئرن جي ضرور سار سنڀال لھندو رھندو. اعتبار نه اچي ته ھڪ وڻ لڳائي، تجربو ئي کڻي ڪري ڏسو!

 (23-01-2017 تي نشر ٿيل پروگرام تان ورتل)



پپر


 سُندر آلاپ آلاپيندڙ، حڪمت ۽ مذھبي حوالي سان اھم وڻ

 

پپر جنھن جا دنيا ۾ 115 کن قسم چيا وڃن ٿا، ان کي اردو ۾ پيپل، انگلش ۾ Pipal ۽ لاطيني ٻولي ۾ Ficus religious سڏبو آھي. جنھن مان ئي ھن جي قدامت جو اندازو ۽ اوائلي وقت کان وٺي ھن جي مذھبي اھميت جو پتو پوي ٿو. ٻُڌمت جي پيروڪارن مطابق ته مھاتما ٻڌ کي پپر جي وڻ ھيٺيان نرواڻ مليو ھو، ان ڪري وٽن پپر جي تمام گھڻي اھميت آھي ۽ اھي ھن کي ھڪ ديوتا وانگر پوڄيندا آھن. پپر جنھن جو ذڪر گيتا ۾ به ملي ٿو، ان کي ھندومت جا پوڄاري صبح جو غسل ڪرڻ بعد پاڻي ڏيڻ پنھنجو فرض سمجھندا آھن ۽ دُعائون به گھرندا آھن. ھندومت جا ماڻھو ھن جا ست پن گڏ ڪري ان مٿان ڪھاڙو رکي قسم کڻندا آھن. ھندو عورتون ھن ھيٺيان روزو به کولينديون آھن. شايد انھن ڳالھين کي  ڏسندي ۽ پپر اڳيان ٻين وڻن جي اھميت کي گھٽ ٿيندو ڏسي سنڌ جي نالي واري بزرگ شاعر روھل فقير کان رھيو نه ٿيو ۽ ھن چيو ته، “پپر ۾ پرميشور، ٻٻر ۾ ڪو ٻيو!” روھل فقير جي راءِ پنھنجي جاءِ تي پر ڪجھه اھڙيون ڳالھيون ضرور آھن، جيڪي پپر کي ٻين وڻن کان مٿاھون مقام ڏيارين ٿيون. مثال طور ھن جا دل نموني ٽڪنڊا پن ھوا لڳڻ تي پاڻ ۾ اھڙي نموني ٽڪرائيندا آھن جو انھن مان ڏاڍا سھڻا آواز ايندا آھن. اھو ٻين وڻن جي پنن ۾ نٿو ٿئي. ان ڪري به شايد ھن جي باري ۾ مشھور آھي ته ھي ھڪ معيوب وڻ آھي. پپر جي باري ۾ اھو به مشھور آھي ته ھن تي ‘سايو’ ھوندو آھي. ان ڪري ماڻھو ھن کان ڊڄندا به آھن ۽ چوندا آھن ته ھن ۾ جِن ۽ غيباتون رھن ٿيون ۽ انھن جي ھن تي ڇانو ۽ اثر آھي. ھن جي پنن (شايد انھن جي بيھڪ سبب) تي بارش جي پاڻي جا ڦڙا  بيھ نه سگھندا آھن. سج جي روشني تي ھن جا پن چمڪندي ڏاڍا خوبصورت لڳندا آھن. ڪن جو ته اھو به چوڻ آھي ته ھن جا پن بغير ھوا جي به لڏندا رھندا آھن. ڪي شاعر وري ھن جي لڏندڙ پنن کي محبوب جي ڪنن ۾ پاتل ۽ لڏندڙ ايرينگن سان به تشبيھه ڏيندا آھن. شاعرن جن وڻن کي گھڻو ڳايو آھي، انھن ۾ پپر به شامل آھي. ھن جي لوڏندڙ پنن تي شفيع فقير، حليم باغي جو ڪيترو نه خوبصورت ڪلام ڳايو آھي، “ھاءِ اسان جو روڳي منڙو، ھاءِ اسانجو پاڳل منڙو، واچوڙن ۾ اُلجھي اڏري، جيئن پپر جو ڇڻيل پنڙو”. تمام ڊگھي، بھترين، فرحت بخش ۽ سڪون ڏيندڙ ڇانو واري ھن وڻ جو ميوو ٻير وانگر ڳوڙھين جي شڪل ۾ انجيئر جھڙو ٿئي ٿو، جنھن کي ٻڍن سان گڏ ٻار ۽ پکي به ڏاڍي شوق سان کائيندا آھن. اڪثر ڪري پوسل وارين جاين تي ۽ دريائن جي ڪناري تي پاڻھين پاڻھين پيدا ٿيندڙ توڙي پڪي زمين ۾ به تمام ٿلھي ٿُڙ سان ٿيندڙ پپر ڏسڻ ۾ ڏاڍو سھڻو لڳندو آھي. پپر جي انھيءَ خوبصورتي کي ڏسندي تشبيھه به ڏبي آھي ته “پپر جھڙو سھڻو وڻ”. ھن جي ڪاٺي آلي ھجڻ تي ته ڳري ھوندي آھي، پر سُڪڻ بعد صفا ھلڪي ٿي ويندي آھي. سياري ۾ پن ڇاڻڻ بعد، بھار ۾ ھي به ڄڻ ته نئوان ويس وڳا پائيندو آھي. ھي وڻ حڪمت جي لحاظ کان به اھم آھي. ھن جي آلين ڪاٺين مان نڪرندڙ کير/اڇو رس ۽ پن ڪيترن ئي حوالن سان اھم آھن. ھن جي کير ۾ مصري ملائي ڪمزوري کي دور ڪرڻ لاءِ دوا ٺاھبي آھي. اتي ھن جو ٻج به اھم آھي چوندا آھن ته جيڪڏھن ڪا عورت ھن جو ٻج کائندي ته اھا حاملا نه ٿيندي! چوندا آھن ته ھن جي ڪاٺي جو ڏندڻ ڏيڻ سان بخار لھي ويندو آھي. ھن جي ڪاٺي لاءِ مشھور آھي ته اھا ٻُٺي ھوندي آھي جنھن کي باھه ڏاڍو تيزي سان ۽ شوق سان پڪڙندي آھي. ھن جي پاڙ مان شگر ۽ پٿري جي مرض جون دوائون ٺھنديون آھن. ھن جي پنن مان پن جون ٻيڙيون به ٺاھبيون آھن. ٻيو ته ٺھيو پر مشھور آھي ته رڳو ھن ھيٺيان ويھڻ سان به بيماريون ڪونه ٿينديون آھن! سنڌ جي قديم وڻن مان ھڪ وڻ تي جڏھن ڪوئل خوبصورت آلاپ ڪندي آھي ته ھن جي اھميت اڃا به وڌي ويندي آھي.

 حڪمت ۽ مذھب جي حوالي سان مشھور ھن جا پن، پاڙ، ڪاٺيون ۽ ميوو؛ فولاد، پوٽاشيم، وٽامن اي، بي ۽ سي سان ڀرپور ۽ مالا مال ھوندا آھن. پپر لاءِ اھو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته BBC جي ھڪ رپورٽ مطابق پپر جو ھڪ وڻ پاڪستان ۽ انڊيا جي بلڪل سرحد تي، اڌواڌ علائقي ۾ ٿيل آھي. جنھن جي ڇانو صبح جو ھڪڙي ملڪ جي ماڻھن کي فرحت بخش ھوندي آھي ته شام جو ٻئي دشمن ملڪ جي ماڻھن لاءِ!! ڪاش انسان پپر جي وڻ مان ئي ڪجھه سکي وٺن ته سرحدن واري گرماگرمي ٻنھي طرفن جي ماڻھن لاءِ پپر جي ڇانو وانگر بڻجي سگھي ٿي! افسوس جو اسان اھڙي اھم ۽ قديم وڻ جو به قدر نه ڪيو ۽ ھاڻ ھي وڻ به ڪنھن بي سھارا  ۽ نڌڻڪي بڻجي ويل جھوني وانگر پنھنجا آخري پساھه پورا ڪري رھيو آھي.

(30-01-2017) تي نشر ٿيل ھاٽ ايف ايم 105.2 جي پروگرام تان ورتل)



بڙ


 جنھن ھيٺيان ويھي ليلان چنيسر روح رھاڻيون ڪندا ھئا

 

سنڌ جي قديم، قيمتي، ڪارائتن، پر ناياب ٿيندڙ وڻن ۾ بڙ به ھڪ آھي. بڙ جنھن کي اردو ۾ برگد، پنجابي ۾ بوھڙ ۽ انگلش ۾ Banyan  سڏبو آھي. ھن جي ڇانو ايتري ته گھاٽي ھوندي آھي جو ان جي مشابھت ڏيندي چئبو آھي ته، “بڙ جھڙو گھاٽو” يا “بڙ جي ڇانو جھڙو”! ھن وڏي ۽ گھاٽي وڻ جو ٿڙ تمام ٿلھو ۽ پن وڏا ٿين ٿا. جيڪي دل جي نقش جھڙا ۽ اَڪ جي پن سان مشابھت رکندڙ، پر ان کان ڪجھه ٿُلھا ٿيندا آھن. بڙ ڪجھه قدر پپر سان مشابھت رکندڙ آھي. ھن جون ٽاريون ايتريون ته پکڙيل ھونديون آھن، جو انھي ھيٺيان سئو کن ماڻھو آرام سان ويھي سگھن ٿا. بڙ گھاٽي ھجڻ ڪري نه صرف انسانن لاءِ بلڪه عام حالتن ۾ توڙي برسات، تيز اُس ۽ سياري وغيره ۾ جانورن/چوپائي مال لاءِ به ڇپر ڇانو ھوندو آھي. ھن جي گھاٽي ۽ وڏي ھجڻ ڪري ۽ ان ۾ لِڪ سبب ھي پکين لاءِ نه صرف ھڪ وڻ بلڪه پوري ڪالوني ۽ ڳوٺ جو درجو رکندڙ به آھي. ان ڪري بڙ ڄڻ ته پکين جو خاص مسڪن ۽ پسنديده وڻ آھي. بڙ نه صرف ڇانو جي حوالي سان، بلڪه حڪمت جي حوالي سان به تمام اھم آھي. ھن جي ڇوڏي، پاڙ ۽ ڪاٺي مان نڪرندڙ کير جھڙو رس ڪيترين ئي بيمارين جو علاج به آھن۔ ھن جي ٽارين مان وارن جھڙيون ٽاريون نڪرنديون آھن جن کي ھوائي پاڙون سڏبو آھي. اھي لٽڪندڙ پاڙون ڪجھه قدر ھن جي خوبصورتي کي بدصورتي ۾ به بدلائينديون آھن، سي وڏيون ٿيندي ۽ ھيٺ لٽڪندي وڃي زمين سان لڳنديون آھن ۽ پوءِ زمين ۾ پورجڻ بعد انھن مان وري نئوان وڻ ڦٽندا آھن. انھن پاڙن مان شربت به سٺو ٺھندو آھي. انھن پاڙن جي ڇيڙن ۾ گوئنچ ڦٽندا آھن، جن مان به دوا ٺاھبي آھي. بڙ جي چوٽين ۾ ٻير/انجير جيترا داڻا ٿيندا آھن، تن کي پکي به شوق سان کائيندا آھن ۽ اھي حڪمت جي به ڪم اچن ٿا. ننڍي ٻار کي سَٽ پوڻ جي صورت ۾ بڙ جو کير ھن جي تارون تي لڳائڻ سان فائدو ٿيندو آھي. جيڪڏھن ڪو زخم ھجي ته ان تي به اھو لڳائڻ سان ڇُٽي ويندو آھي. ھن جي ڪاٺي بواسير جي مريضن لاءِ به مفيد سمجھبي آھي. اھڙن مريض کي رڳو بڙ جي ڪاٺي ھٿ ۾ کڻي ھلڻ سان ئي فائدو ٿي ويندو آھي. بڙ جي کير ۾ السي جو تيل ملائي مالش ڪرڻ سان چيلھه جو سور به ختم ٿي ويندو آھي ته موچ ۽ پيرن ۾ فوٽ لاءِ به ڪارائتو آھي. چوندا آھن ته جنھن کوھه يا تلاءُ ۽ ترائي ڀرسان بڙ بيٺل ھجي، ان جو پاڻي صحت خاص ڪري شگر جي مريض لاءِ صحت بخش ھوندو آھي. ھن جون ڪاٺيون ته ٻارڻ جي ڪم اچن ئي ٿيون، پر انھن مان نڪرندڙ کير جو ھڪ ڦڙو، پتاشي ۾ وجھي، روزانو نيراني کائڻ سان ‘ڪمزوري’ ختم ٿيڻ جا به ڏس ملن ٿا. احتلام ۽ قطرن اچڻ وارن مريضن لاءِ ھن جو خشڪ ٿيل کير جو ھڪ چمچ، عام کير سان ملائي پيئبو آھي. شايد اھڙن فائدن کي ڏسندي ئي مايوسين جي ماريلن ھن کي سڀاڳي ۽ ڀاڳ واري وڻ جو درجو ڏنو آھي. پر ڪن ماڻھن جو وري اھو به چوڻ آھي ته جيڪو بڙ پوکيندو اھو فوت ٿي ويندو. شايد اھڙن وھمن ۽ وسوسن سبب ئي ھن کان اڳوڻو اوج کسجي ويو آھي. سنڌ ۾ ھن وڻ جا ٻه قسم ٻڌايا وڃن ٿا ۽ چيو وڃي ٿو ته ھي وڻ به شايد ھماليائي وادين مان دريائن ۽ ندين ذريعي سنڌ ۾ پھتو ۽ پکڙيو آھي. ھزار سال کن عمر رکندڙ ھي وڻ اڄڪلھه ڇڊو پاڊو ئي نظر اچي ٿو. ھن وڻ جي اھميت جتي ٻڌ ڌرم وارن لاءِ ان ڪري وڌيڪ آھي جو گوتم ٻڌ تمام گھڻو عرصو ھن ھيٺيان ويھي تپسيا ڪندو ھو، اُتي ھن جي اھميت سنڌ جي اڳوڻن عاشقن وٽ به گھڻي ھوندي ھئي. ڇو جو مشھور آھي ته سنڌ جي مشھور لوڪ داستان جا ڪردار ليلان ۽ چنيسر به بڙ ھيٺيان ويھي روح رھاڻيون ڪندا ھئا!

ملڪ ۾ ٻين قديم وڻن جي اھميت ته ھنئن ئي ڏينھون ڏينھن گھٽجي رھي آھي ۽ اھي تيزي سان وجود وڃائي رھيا آھن، پر جيڪڏھن ويلنٽائن ڊي جي مناسبت سان، جيڪو ڏينھن ملھايو به 14 فيبروري تي، يعني بھار جي وڻڪاري جي موسم جي شروعات واري ڏينھن کان ھڪ ڏينھن اڳ، ان ڏينھن ۽ موقعي جي مناسبت سان جيڪڏھن ڪي پيرين پيارا پنھنجي روح وارن جي ياد ۾ ۽ انھن لاءِ بڙ جو وڻ لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪن ۽ ان جو خيال به پيارن جي پيار وانگر رکن ته شايد ھي وڻ ھڪ ڀيرو وري وڌي سگھي ٿو ۽ وجود وڃائڻ کان به بچي سگھي ٿو.

(06-02-2017 تي ھاٽ ايف ايم تي نشر ٿيل پروگرام سنڌ جا وجود وڃائيندڙ وڻ تان ورتل)



املتاس


 انسان جي پھرين سُتيءَ وارو وڻ

 

مختلف قسمن جي وڻن جا مختلف ڪم ھجن ٿا ۽ اھي مختلف ڪم ھجن ٿا ۽ اھي مختلف حوالن سان اھميت رکن ٿا. ڪن جي ڪاٺي ڪن خاص ڪمن ۾ ڪتب ايندي آھي، ڪن جا پن، ڪن جا ٻج، ڪن جون پاڙون ۽ ڪن جا ميوا. سڀئي وڻ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي اھم آھن. اھڙي طرح جيڪڏھن املتاسlaburnum tree جي اھميت جي ڳالھه ڪبي، ته ھي وڻ مقامي طرح عام ماڻھن پاران مختلف مرضن جي علاج ۽ دوا طور استعمال ٿيندڙ وڻن ۾ شايد سڀ کان اھم وڻن مان ھڪ ھجي. ھن وڻ جي پيلن گلن واري ھڪ ئي خاصيت اھڙي آھي، جيڪا ھن کي ٻين کان منفرد ۽ ممتاز بنائڻ لاءِ ڪافي آھي. سڳين جي صورت ۾ لٽڪندڙ ھن جي پيلن گلن کي عورتون سڳين وانگر ئي وارن ۾ لڳائي، ھن جي خوبصورتيءَ ۾ اڃا به اضافو ڪنديون آھن، بلڪه جھڙوڪر انھن گلن کي جائز مقام ماڻڻ جو موقعو مھيا ڪنديون آھن. جڏھن سيارو وڃڻ جي پھرين اھڃاڻ طور مڃيا ويندڙ اھڃاڻ؛ انب ۽ کجي ٻوڪبا آھن ۽ ٻؤر جھليندا آھن، ان وقت املتاس به سھڻا پيلا گل جھلي سياري جي سٽيل ۽ اُداس ماحول کي خوشگوار بڻائي ڇڏيندو آھي. جنھن مان پوءِ ناسي رنگ جون فُٽ ٻن جيتريون، انچ کن ٿلھيون، لٺ نموني ڦريون ٿينديون آھن. جن کي مٺيون ھجڻ ڪري پنجابي ۾ “گُڙ لڪڙي” سڏبو آھي. جن جي اندر الڳ الڳ خانا ھوندا آھن. جيڪي اندر بند ۽ ھڪٻئي کان جُدا جُدا ھوندا آھن. جن ۾ ناسي ۽ گھري ناسي رنگ جون ٽڪين جھڙو رس يا گودو ھوندو آھي، جنھن کي چڻڪڻي پن به سڏبو آھي. اھو ڪيترن ئي مرضن جو علاج آھي. جيڪڏھن ائين کڻي چئجي ته اڪثر حالتن ۾ نئين ڄاول ٻار/انسان جو پھريون علاج اڳي املتاس مان ئي ٿيندو ھو، ته به غلط نه ٿيندو. ان لحاظ کان انسان کي شروعاتي علاج واري سُتي به املتاس مان ئي ڏبي ھئي. نئين ڄاول ٻار کي، اڳي نه صرف سُتي ڏيڻ جي وڏي اھميت ھوندي ھئي، بلڪه پھرين سُتي ڏيڻ واري جي به چونڊ ڪبي ھئي ۽ ان جو آڳو پيڇو به ڏسبو ھو. خير ھاڻ ته ٻار کي گھڻو ڪري نرسون ئي سُتين بجاءِ دوائون ڏين ٿيون ۽ پوءِ بعد ۾ ان جا اثر به ظاھر ٿين ٿا! جتي ٻارن کي مکڻ جو دُڪو ڏبو ھو، اُتي سُتي جون شيون به ٻار ڄمڻ کان اڳ تيار رکبيون ھيون. نئوان ڄاول اھڙا ٻار جن جو پيٽ سخت ھجي (قبضي ھجي) انھن کي املتاس پُسائي پيارڻ سان سندن پيٽ نرم ٿي ويندو آھي. (پيٽان ويھڻ ۽ دستن جي ڪري) ان کان علاوه ننڍن ٻارن جي ڇاتي بند ھجي، کين کنگھه ھجي يا ساھه جي تڪليف ھجي ته ان صورت ۾ به کين املتاس استعمال ڪرائبو آھي. ننڍن ٻارن کي بلغم ھجي ۽ بلغم کنگھه ذريعي نه نڪري ته پوءِ املتاس جو ٿورو رس/ٽڪين کي پاڻي ۾ ھڪڀيرو اُٻار ڏيھي، نيم گرم پاڻي پيارڻ سان بلغم پيٽ ذريعي خارج ٿي ويندو آھي ۽ ٻارن جي ڇاتي صاف ٿي ويندي آھي. ان کان علاوه ھن جي ڦرين ۾ موجود گودي/ٽڪين جھڙي رس ۾ مصري ملائي پيئڻ سان پيٽ جو سور ڇڏي ويندو آھي. املتاس جو ٻج فاليج، گلي ۽ پيٽ جي ٻين بيمارين لاءِ به مفيد آھي. ھر ڪنھن قسم جي زمين ۾ ٿيندڙ ۽ گھاٽي ڇانو ڏيندڙ املتاس جو وڻ ڪافي وڏو ٿيندو آھي. جنھن ۾ وڏي ماکي واري مک (پنجاب واري سڏجندڙ ماکي) به شوق سان ويھندي آھي. انبن جي پنن سان مشابھت رکندڙ پنن واري ھن وڻ جي ڪاٺي سفيد ۽ ڀوري رنگ جي ھجي ٿي، جيڪا سخت ۽ نھري ٿيندي آھي. ھن مان نه صرف انسانن جو بلڪه اُٺن جو به علاج ڪبو آھي. ھن کي شاعرن به ڳايو آھي صادق فقير جو ڳايل ڪلام: “ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري، ھو پري آ، پري آ، پري آ، پري!” ڀلا ڪنھن کان ٿو وسري سگھي.

افسوس جو اھڙو اھم ۽ قيمتي وڻ به ڏينھون ڏينھن اڻلڀ ٿيندو وڃي. حلانڪه ھي وڻ ڏٺو وڃي ته ھر گھر جي ۽ ھر انسان جي ضرورت آھي. پر تڪڙو فائدو ڳوليندڙ ۽ جديد ڪيميائي دوائن جي عادي ٿيل انسان لاءِ شايد ھاڻ اڳوڻا علاج ۽ دوائون اھم نه رھيون آھن. ان ڪري ئي ھن ٻين وڻن وانگر املتاس جي اھميت کي وساري، ان جي عزت ڪرڻ ڇڏي ڏني آھي.

ڪاش! اھي انسان يا ان جا پونئر ئي املتاس کي ٻيھر لڳائڻ جي ڪوشش ڪن، جن کي املتاس جي سُتي مليل ھئي يا ننڍي ھوندي، املتاس جن کي بيمارين کان بچايو ھو! اھڙن انسانن تي فرض ٿو عائد ٿئي ته ھو ھاڻ وجود وڃائيندڙ ھن وڻ جي حياتي بچائڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. ھاڻ ڄڻ ته املتاس تي ويٺي ڪوڪ ڪندڙ ڪوئل به اھوئي چوندي ھجي ته باقي بچيل املتاس به ويو ڪي ويو، خدارا ھن کي جيترو جلد ٿي سگھي اوترو جلد بچاءِ وٺو!

(ھاٽ ايف ايم 105.2 سانگھڙ تي 20-02-2017 تي نشر ٿيل پروگرام تان ورتل)



ليار


 ڀٽائي جو ڳايل وڻ جيڪو ھاڻ ڳوليو نٿو لڀي!

 

سنڌ ۾ وجود وڃائيندڙ وڻن جي لسٽ ھنئن ته ڪافي وڏي آھي، پر جيترو تيزي سان گذريل ڪجھه ئي سالن اندر ليار جي وڻ وجود وڃايو آھي، اترو شايد ئي ڪنھن ٻئي وڻ وڃايو ھجي. گيدوڙي ۽ ليسوڙيءَ جي نسل سان تعلق رکندڙ، پر ليسوڙيءَ کان ڪجھه ھي ننڍو وڻ (واضح رھي ته ليسوڙي وري گيدوڙي کان ڪجھه ننڍي ھوندي آھي) انھي جھڙو ئي ڦاروي يا ڄانڱري ٻير جيڏو ناسي رنگ تي ميوو جھليندو آھي، جنھن ۾ به گيدوڙي وانگر رس/ليس ھوندي آھي. جيڪو کائڻ ۾ نه کٽو ۽ نه ئي ڪو ايترو مٺو ٿيندو آھي. پر مذيدار ھئڻ ڪري ان کي ٻارن ۽ ٻڍن سان گڏ پکين ۾ وري ڪوئل، بلبل ۽ ڪانگ وغيره شوق سان کائيندا آھن. قدرت ڀلي کڻي ھن جو قد گيدوڙيءَ ۽ ليسوڙي کان ننڍو ڪيو آھي، پر ليار کي حڪمت جي لحاظ کان اڳتي رکي، ننڊي قد جي ڪسر ڪڍي ڇڏي آھي. ھن جا پن گھوٽي، ڇاڻي پاڻي سان گڏ ڪاري سائي جي مريضن لاءِ ڏاڍا ڪارائتا سمجھبا آھن. انھن ڪُٽيل ۽ ڇاڻيل پنن جي پاڻي جو رنگ ڦڪو، فنٽا بوتل جھڙو ٿي بيھندو آھي. ان کان علاوه ھن جا پن شگر جي مريضن لاءِ بھترين علاج سمجھيا ويندا آھن. اٺ ڏھ فٽ تائين قد جو ٿيندڙ ليار بھار ۾ ٿيندو آھي ۽ ڊسمبر ۾ ٻين ڪافي وڻن سان گڏ پن ڇاڻي ويندو آھي. ھي ٻج ذريعي به ٿيندو آھي ته قلم ذريعي به لڳائبو آھي. ھن جي ڪاٺي مضبوط پر ھلڪي ٿيندي آھي ۽ ان مان به گيدوڙي جي ڪاٺي وانگر مانڌاڻيون ۽ پاڃاريون ٺاھيون وينديون آھن. ان کان علاوه ھالا توڙي ٻين ھنڌن تي ھن مان بھڻ/باھڻ ۽ گيدوڙي جي ڪاٺي وانگر ٻارن جا مختلف قسمن جا رانديڪا به ٺاھيا ويندا آھن. ان کان علاوه ھن جون ڪاٺيون گھرن جي اڏاوت توڙي لوڙھي ڏيڻ ۽ ٻارڻ ۾ به ڪم اچن ٿيون. ريگستان، ميداني علائقن توڙي جابلو علائقن ۾ ٿيندڙ ليار کي ٻين شاعرن کان علاوه شيخ اياز ۽ ڀٽائي سرڪار به ڳايو آھي.

ڪتاب ‘راج، گھات تي چنڊ’ ۾ شيخ اياز جي وائي آھي ته:

آيو سج مٿان ڪنھن شعلي جيان،

پيرن لال ڦلوڪڻا لال ليارن کان.

۽ ڀٽائي صاحب چيو ته:

واھڙ وھين ۾ شال، سُڪي ٻيلاٽيون ٿيئين،
پسان تنھنجي پيٽ ۾ لاڻا، لوت ۽ ليار،
جو تو سڀ ڄمار، آسائتيون ٻوڙيون.

ھڪ ٻئي ھنڌ سر معذوري ۾  شاھه صاحب، ليار متعلق ھن طرح به فرمايو آھي ته:

ھي ٻئي ھنڌ سُر سھڻي ۾ ڀٽائي سرڪار ليار کي ‘لار’ ڪري، ھيٺين ريت ڳايو آھي:

لَيَا ڏِٺَمِ لَارَ، سَانڀَارَا سَاهَڙ جَا
هِنئِيَون هِتِ نَه وِندُرَي، ڌَرَاڙَئُون ڌَارَ
مُنهِنجَو مَنُ مَيهَارَ، پَڳَهِيَو پَاڻَ ڳَرَي

 

 يا پوءِ محمد يوسف پاران تاجل بيوس جو ڳايل ماسٽر پيس ڪلام:

جتي ليار، پيرون پٽن تي پچن ٿا،
اُتان منھنجا مارون، معيارون مُڪن ٿا.

يا پوءِ ھي ڪلام ته : لال ليار پٽينداسين.

افسوس جو سھڻو، مقامي ۽ لوڪ ڏاھپ جي حوالي سان توڙي ڀٽائي صاحب جو ڳايل ھي وڻ ھاڻ ته ڏسڻ کان به مھانگو ٿي ويو آھي ۽ ان کي ڏسڻ لاءِ به پڇائون ڪندي، پنڌ ڪرڻا ٿا پون. ٻيو ڪجھه نه ته، اسان جا مطعلقه ادارا ھن ڳالھه جو ئي کڻي خيال ڪندي ليار کي بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪن ۽ ايترو ئي کڻي بچائين جو، سڀاڻي ڀٽائي کي پڙھندڙن ۽ پڙھائيندڙن کي ته ليار ڏسڻ لاءِ ملي سگھي!

(27-02-2017 تي ھاٽ ايف ايم سانگھڙ تي نشر ٿيل پروگرام تان ورتل)



ٻائر


 ڏڪار ۽ حڪمت جي حوالي سان اھم وڻ

 

ٻوڙي نما وڻن ۾ ٻائر به ھڪ وڻ آھي. جنھن کي جيڪڏھن ديوي جو ھڪ قسم چئجي ته به غلط نه ٿيندو. پر ديوي ته اڄڪلھه ھتي جي آبھوا ۾ پاڻ کي ايڊجيسٽ ڪري وڻ جو به ڏيک ڏيڻ لڳي آھي ۽ ان جي ڪاٺي ڪافي ٿلھي ٿي ويندي آھي. پر ديوي مان ڪاٺين ۽ ڪنھن حد تائين ساوڪ کان سواءِ ٻيو ڪو به خاص فائدو ڪونھين، بلڪه ان کي کائڻ سان چوپائي مال کي ڪافي نقصان به ٿئي ٿو. جڏھن ته ٻائر ڪيترن ئي حوالن سان تمام ڪارائتو ۽ قيمتي وڻ آھي. ديوي ھر جڳھه تي ٿيو پوي، پر ھي ٿر جو وڻ آھي.بظاهر ٻٻر جهڙو، پر ميندي وانگر ٻوڙي جي شڪل ۾ ۽ سنهين پر سڌين ڪاٺين جهڙي ٻائر مان گھر جي پڃر، ڍڳن  جو پائڻو (هڪلڻ لاءِ) لڪڻ، ٻارڻ ۽ ڪوئلي ٺاھڻ وغيره جي ڪم ايندو آهي. ان کان علاوه بند يا گھاري ٻڌڻ لاءِ به ٻائر ڪم ايندو آھي. ڇو جو  انھيءَ ڪاٺي کي سُرو ناھي لڳندو نه اھا پاڻي ۾ ڳرندي آھي. هن جي ڪاٺي ٿلهي ناهي ٿيندي ۽ ٽاڪڙ بجاءِ، ڏاڍي ۽ مضبوط هوندي به جيڏانهن ورائبي آهي ته اوڏانھن ورندي آهي. ٻائر جي ڪاٺي موهارن جي ڪاٺين، ننڍن ٻارن جي پينگھن، کير ولوڻ جي مانڌاڻين کانسواءِ جھيرڻو ٺاهڻ لاءِ به ڪم ايندي آهي. ھي انبن سان گڏ ٻور جھليندو آھي، جيڪو پيلي رنگ تي ۽ خوشبودار ھوندو آھي. ھن جا پن ۽ ڇوڏا وغيره سڀئي حڪمت جي حوالي سان اھم آھن. جڏهن ڪنڊي سڱر جھلي، پيرون پچن ته ان وقت ٻائر کونئر جھليندو آهي، جنهن جو سنڌن جي سور، چيلھه جي سور ۽ مرداني قوت لاءِ ڍڪ ڏبو آهي. ان کان علاوه ھن مان بواسير جو به علاج ڪبو آھي ته ھي وائي جي سور ۾ به ڪم اچي ٿو. ٻائر  جا پن ٻٻر جي پنن جھڙا ٿين ٿا، جن کي ٻڪري، رڍ، هرڻ، سهو ۽  ڦاڙھو به کائين ٿا. ٻائر ۾ ٻٻر وانگر پلڙا به ٿين ٿا. ٻائر جو پلڙو تيار ٿيڻ جو مطلب آرهڙ شروع ٿيڻ هوندو آهي. ٻارن جا پاسا لڳڻ تي ٻائر جا ڪنڊا، پٻڻ جي ڏوڏي سان گڏي، پاڻي ۾ ڪاڙهي، علاج طور ٻارن کي پياربا آهن. ٻائر ۾ ڪنڊا هجڻ ڪري ڳيرو ۽ هڙيو هن ۾ آکيرا به ٺاهيندا آهن. سها ڦاسائڻ لاءِ هن جي ڪاٺي مان ‘ڦڙتي’ ٺهندي آهي، جنهن سان جتي ان ۾  سھو ڦاسي پوي ٿو، اتي ڦاٿل سهي کي گدڙ وغيره کائي به نٿو سگھي. ٻائر مَکيءَ جي ماڻهن لاءِ تمام گھڻو ڪارائتو ۽ اهم وڻ هو، جنهن کي جتي وڌندڙ آبادي جي ڪري نقصان پهتو آهي ۽ اهو گھڻو گھٽيو آهي، اتي چوٽياري ڊيم جي ڪري وڌيل سم سبب به ھن کي وڏو نقصان پهتو آهي. ھي ڏڪر ۾ به سائو رھندو آھي ۽ ڏڪر ۾ سائو رھڻ ڄڻ ته ٻين کي اڳواٽ ايندڙ ڏکين ڏينھن کي مڙسيءَ سان منھن ڏيڻ جو ڏس ڏيندو آھي. ھن جو سانوڻ کان اڳ وڌيڪ سائو ھجڻ ڪنڊي ءَ وانگر ڏڪار جي نشاني سمجھبو آھي.

(27-03-2017 تي ھاٽ ايف ايم 105.2 سانگھڙ جي پروگرام وجود وڃائيندڙ وڻ تان ورتل)



سوانجڙو


 غذايت ۽ حڪمت جي حوالي سان ڪرشماتي وڻ

 

گھڻو ڪري وڻڻ جي اڪثريت جي اھميت ڪاٺي سبب ھوندي آھي، پر سوانجڙو جي اھميت ڪاٺي بجاءِ؛ ھن جي پاڙ، پنن، گلن، ڇانو، کانئور ۽ ڦرين جي حڪمت جي حوالي سان اھميت آھي. سوانجڙو کي انگلش ۾ Moringa Oliefara ۽ پنجابي ۾ سُھانجڻانسڏبو آھي، سو سڄي جو سڄو حڪمت جي حوالي سان تمام اھم وڻ آھي. سفيدي مائل خاڪي / بادامي رنگ واري ڪاٺي/ٿڙ واري ھن وڻ جي نرم ڪاٺي، چون ٿا ته صفا ڀاڙي ۽ ڪنھن به ڪم جي ناھي ھوندي. اھا سُڪڻ ۾ ٽائيم وٺيو ڇڏي، ان ڪري اھا فوري طور ٻارڻ جي ڪم جي به پوري ساري ئي ھجي ٿي. پر ھن جي ٻين حصن جي ايتري ته اھميت آھي، جو اھي ھن جي ڪاٺين وارين ڪمي کي پورو ڪريو ڇڏي انساني توڙي حيواني (چوپائي مال) ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ ڏڪار کي منھن ڏيڻ لاءِ، ھن کان وڌيڪ شايد ئي ڪو ٻيو وڻ ھجي. ھونئن چيو ويندو آھي ته جيڪڏھن ٿر ۾ چار وڻ جن ۾ ڪنڊي، ڪرڙ، کٻڙ ۽ سوانجڙو شامل آھن، سي وڌيڪ ھجن ته ڏڪار جي ڏکين ڏينھن کي آساني سان منھن ڏئي سگھجي ٿو. خوراڪ توڙي حڪمت جي لحاظ کان سوانجڙي جي سڄي دنيا ۾ اھميت کي تسليم ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي وجود کي بچائڻ ۽ وڌائڻ کان وٺي، ان تي مختلف حوالن سان تحقيق پڻ ٿي رھي آھي. سوانجڙي جون تعريفون ڪندي نه ٿڪجندڙ سانگھڙ جي ڊاڪٽر منور راجپوت جي بقول ته فيصل آباد جي ايگريڪلچرل يونيورسٽي جي پروفيسر شھزاد بسرا صاحب ته “مورنگا فار لائيف” نالي تنظيم به جوڙي آھي ۽ ان ڏس ۾ ڪافي تحقيق به ڪئي آھي. ان تحقيق جي مطابق تمام قيمتي سوانجڙي جي وڻ ۾ ڪيلشيم جو مقدار کير کان 07 ڀيرا وڌيڪ، ميگنيشيم جو مقدار بيدي کان 36 ڀيرا وڌيڪ، پوٽاشيم جو مقدار ڪيلي جي مقابلي ۾ 04 ڀيرا وڌيڪ، فولاد جو مقدار پالڪ کان 11/12 دفعا وڌيڪ، پروٽين کير/ڏھي کان 02 ڀيرا گھڻو، وٽامن A گجرن کان 04 گنا وڌيڪ ۽ وٽامن C نارنگين کان 07 ڀيرا وڌيڪ ھوندو آھي. ان کان علاوه ھي وڻ خوراڪ ذريعي جسم ۾ داخل ٿيندڙ مختلف قسمن جي 46 زھريلن مادن کي خارج ڪرڻ جو باعث به بڻبو آھي. ان مختصر احوال مان، غذائي اعتبار کان سوانجڙي جي ڪرشماتي اھميت جو اندازو ڪري سگھجي ٿو. قلم توڙي ٻج ذريعي ۽ ھر قسم جي زمين ۾ ٿيندڙ سوانجڙو ڪيترين ئي بيمارين جو سستو ۽ سولو علاج به آھي. طاقت ڏيندڙ ھن وڻ جي پنن مان وڌيڪ ٿڪاوٽ محسوس ڪندڙن جو علاج به ٿي سگھي ٿو. جنھن لاءِ ھن جي پنن کي سڪائي، انھن کي ڪُٽي، ڦڪي طور ٻه ٻه چمچ صبح شام وٺڻ سان کين فائدو ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوه بلڊ پريشر، ھيپاٽائيٽس ۽ ڪينسر جو علاج به ھن مان ڪبو آھي. جنھن ماءُ جو کير نه لھي ته ھن جي پنن جي ماني پچائي کائڻ سان تمام گھڻو فائدو ٿيندو آھي. سانگھڙ جي سينئر حڪيم ٻانھي خان چانڊيي جي بقول ته ڪو پراڻو زخم نه ڇٽي ته ھن جا پن گھوٽي، مکڻ سان ملائي، لڳائڻ سان زخم ڇٽي ويندو آھي. ڪنھن به قسم جي بادي، پيٽ ۾ سور ۽ گڙ ٻڙ جي صورت ۾ سوانجڙي ۽ نم جا پن ھم وزن مصري ۾ ملائي، ڦڪي کائڻ سان فائدو ٿيندو آھي. ھن جو ڳاڙھي رنگ جو کانئور عورتن ۾ لڪوريا ۽ نوجوان ڇوڪرن ۾ جريان جي بيماري ۾ ڪتب آڻبو آھي. جريان ۾ سال کن جي ٻوٽي کي پاڙان پٽي ھن جي گجرن ۽ مورين جھڙين پاڙن کي سُڪائي، گھوٽي، کير سان ڦڪي ڏبي آھي. ان کان علاوه ھن سان گوڏن ۽ پٺن جي سور جو به علاج ڪبو آھي. سوانجڙي جي کانئور جي، پاڻي سان ڦڪي وٺڻ سان پراڻو جُلاب به ٺيڪ ٿي سگھي ٿو. علاج کان سواءِ سوانجڙو غذايت سان به ڀرپور آھي. ھن ۾ ٿيندڙ اڇي رنگ جا گل ڀاڄي طور به استعمال ٿيندا آھن ته ھن جي ڪچين ڦرين مان ٻج ڪڍي ڏاڍي لذيذ ڀاڄي به ٺھندي آھي، جيڪا مغز ۽ کنڀين جو ذائقو ڏيندڙ ھوندي آھي. ھن ۾ جيڪڏھن قيمو ملائيٺاھجي ته اھا اڃا به وڌيڪ لذيذ ٿيندي آھي. ھن جون ڦريون املتاس جھڙيون ۽ سنڱرين جي نموني تمام گھڻيون ۽ ڇھڳن جي شڪل ۾ ھونديون آھن. جيڪي ڪجھه ڪڙيون ھونديون آھن، انھن کي ڀاڄي طور استعمال کان اڳ ڪڙاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڪريلي وانگر لوڻ يا لسي مان ڌوئي، ڪڙاڻ ختم/گھٽ ڪبي آھي. انھن ڦرين ۽ پاڙن جو آچار به ٺاھبو آھي. ھن جا ٻج ڪنھن ڪپڙي ۾ ٻڌي، پاڻي جي ٽانڪي/ نادي ۾ وجھي ڇڏڻ سان اھي ڦٽڪي جو ڪم ڏيندا آھن ۽ پاڻي کي قدرتي طرح صاف ڪرڻ جو باعث بڻبا آھن. ھن جا پن سرنھن نموني ٿيندا آھن، پر سرنھن جي پنن جي ڏانڊي ھن کان ڪجھه وڌيڪ وڏي ٿيندي آھي ۽ ان ۾ پن به وڌيڪ ٿيندا آھن. ھن جا پن چٻاڙڻ سان زبان تي ڪجھه تيزابيت جو ذائقو محسوس ٿيندو آھي. سوانجڙي جا پن، گل ۽ ڪچيون ڪاٺيون ٻڪريون ۽ رڍون به شوق سان کائينديون آھن. پوري پني قد ۽ سٺي ڇانو ڏيندڙ ھن وڻ کي جيڪڏھن عام ڪجي ۽ خاص ڪري ٿر ۽ ڪاڇي وغيره ۾ وڏي پئماني تي لڳائڻ جو بندوبست ڪجي ۽ ھن جي مناسب مارڪيٽنگ ڪرائجي ته ھي ماڻھن ۽ مال جي غذايت جي ڪمي کي پوري ڪرڻ سان گڏ، انھن جي آمدني جو به بھترين ذريعو بڻجي سگھي ٿو.

افسوس اھو آھي جو ايتري ڪارآمد ۽ اھم وڻ جو به اسان وٽ ڪو قدر ناھي ۽ نه ئي عام لوڪ ۽ ھاڻوڪي نسل کي ان جي ايتري غذائي ۽ حڪمت جي حوالي سان اھميت جي ئي خبر آھي. جيڪڏھن ھي وڻ ٿر ۾ عام ڪجي ته ھي اُتي غذايت جي ڪمي کي تمام بھتر انداز ۾ پوري ڪرڻ سان گڏ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي لاءِ به بھترين ٿي سگھي ٿو. ڪاش ٿر جي ڏڪار تي قابو پائڻ جا جتن ڪندڙ ۽ ان تي افسوس جو اظھار ڪندڙ، ٿر ۾ ڪجھه سوانجڙي کي لڳائڻ جي حوالي سان به ڪمن ڪن ۽ ان جي طرف به ڪجھه ڌيان ڏين ته ٿر جي ڏڪار جو ھڪ ممڪن سوانجڙو به ٿي سگھي ٿو.

(17-04-2017 تي ھاٽ ايف ايم سانگھڙ جي نشر ٿيل پروگرام لوڪ ورثه تان ورتل)



ٻير


 برداشت ۽ صبر جو اھڃاڻ وڻ

 

وڻ ۽ خاص ڪري ميوي دار وڻ ته ٻيا به ڪيترائي آھن، پر ٻير جي ڳالھه ئي نرالي آھي! ميوي دار وڻ ھجي ۽ ٻار کان وٺي ٻڍي  تائين جي پرتشدد ڪاروائين جو نشانو نه بڻجي ته اھا ڳالھه اڻ ٿيڻي آھي. پر انھن سڀني ۾ جيترو نشانو ٻير جو وڻ بڻجي ٿو، اوترو ڪو ٻيو وڻ نٿو بڻجي. ان ڪري ئي ٻير کي برداشت ۽ صبر جو اھڃاڻ وڻ به چيو ويندو آھي.

مختلف وڻن جي ڪانه ڪا شيءَ ضرور ڪنھن نه ڪنھن ڪم جي ۽ اھميت واري ھوندي آھي، پر ٻير جو وڻ ٿڙ جي ڪاٺي کان وٺي پنن تائين، ميوي کان ويندي خالي ٽارين تائين، سڀ ڪجھ انتھائي ڪارائتو ھوندو آھي. ھن جي ڪاٺي ڪافي مضبوط ھجڻ سان گڏ ھلڪي به ھجي ٿي. تنھن ڪري ان مان ڍڳن جون پاڃاريون، اُٺن جا پاکڙا، گھوڙن جا ھنا ۽ کٽون (خاص ڪري پاڳا) ٺاھيا وڃن ٿا. ان کان علاوه ٻير جي ڪاٺي مان در دريون به سٺيون ٺھن ٿيون. ٻير جي پنن جي به پنھنجي ھڪ الڳ اھميت آھي. جڏھن ڪنھن کي اک تي ’ آنڙي‘ نڪرندي آھي، ته ٻير جا ست پن پٽي، سج ڏانھن منھن ڪري، اک تي گھوري/لڳائي، ٻير جي ڪنڊي ۾ ٽُنببا آھن، ته آنڙي پنن جي سُڪڻ سان گڏ سڪي ويندي آھي! انھيءَ عمل دوران ھر پن کي، اک تي گھورڻ يا ھلڪو رڳڻڻ مھل ڪي ماڻھو اھو به چوندا ھئا ته، “آنڙي مونکي ڇڏي، فلاڻي کي  (ڪنھن جو به نالو کڻي) وٺ/لڳ”. اھو گھوريل ۽ ڪنڊي ۾ ٽنبيل پنن کي ڪي ماڻھو وڻ ۾ ته ڪي وري گھر جي ان در/لنگھه مٿان ٽُنبي/لڳائي ڇڏيندا آھن، جتان آنڙي واري جو وڌيڪ گذر ٿيندو ھجي. جڏھن مسلمان ميت کي تڙ ڏيندا آھن ته ان پاڻي ۾ به ٻير جا پن وجھبا آھن. جنھن لاءِ حديث جو حوالو به ڏنو ويندو آھي ۽ چيو ويندو آھي ته ٻير جون پنن واريون ٽاريون پاڻي ۾ ڪاڙھي، اھو پاڻي تڙ واري پاڻي ۾ مڪس ڪري، پوءِ تڙ ڏبو آھي. جنھن جو مقصد شايد پاڻي کي جراثيم وغيره کان پاڪ ڪرڻ ٿي سگھي ٿو! جڏھن ته ڪي ماڻھو اھي پن تڙ واري ھنڌ ئي ڇڏي ڏيندا آھن ۽ انھن جي سُڪڻ تائين، صوم صلوات پڙھي ويندي آھي. اھو عمل ماڻھن جو پنھنجو اختيار ڪيل آھي جڏھن مذھبي لحاظ سان ان جي ڪابه اھميت نٿي ٻڌائي وڃي. ان کان علاوه ٻير جا پن، چوپائي مال خاص ڪري ٻڪرين جي بھترين خوراڪ ھجڻ سان گڏ شگر جو علاج به آھن. ان کان علاوه ٻير جا پن سڪائي، زخم مٿان ٻڌڻ سان زخم ڇُٽي ويندو آھي. ڪَن ۾ سور ھجڻ جي صورت ۾، پن گھوٽي، تيل ۾ وجھي لڳائڻ سان فائدو ٿيندو آھي. عورتون پنن کي ڪُٽي مٿي ۾ به وجھنديون آھن، جنھن سان وار ڊگھا ۽ گھاٽا ٿين ٿا. اڄڪلھه خبر ناھي ڪھڙا ڪھڙا شيمپو مارڪيٽ ۾ موجود آھن، ڪاش ڪو ٻير جي پنن وارو شيمپو به مارڪيٽ ۾ آڻي، ٻير جو مان وڌائي ته، ٻير ان جو زندگي ڀر شڪرگذار رھندو.

پنن کان علاوه ٻير جو کنور چيلھه وغيره جي سور لاءِ مفيد چيو ويندو آھي. ٻير ۾ ويٺل ماکيءَ ۾ به رس وڌيڪ ھوندو آھي. ان کان علاوه ٻير جي لاک به ڪافي اھم آھي. ٻير جي ميوي کي به ٻير ئي سڏبو آھي، جيڪو کائن ۾ ڏاڍو لذيذ ٿئي ٿو. مارو ماڻھو ٻير سڪائي به رکندا آھن. ڏُٿ طور استعمال ٿيندڙ اھي سڪل ٻير سڄو سال ڊراءِ فروٽ طور به پيا استعمال ڪندا آھن. انھن سُڪل ٻيرن کي ’ڪوڪلا‘ سڏبو آھي. اھم ڳالھه اھا به آھي ته جنھن لٺ/ڪاٺي سان ٻير ڇاڻبا آھن، ان کي’ڇاپُر‘ سڏبو آھي. جڏھن ته ٻير کي پٿر/ڀتر ھڻي، ٻير پٽڻ/لاھڻ کان علاوه ٻير جي ٿڙ کي زور سان  لوڏي/ڌوڻي به ٻير ڇاڻبا آھن. ٻير نالي سان جتي ھڪ ’ديھه‘ به آھي ته اتي سنڌ ۾ ٻير شريف وارا بزرگ به مشھور آھن.

ٻير جا ٻيا فائده ته آھن ئي آھن، پر ھن جون سڪل ٽاريون به تمام گھڻي ڪم جون آھن. ڳوٺاڻي ماحول ۾ لوڙھي جي تمام وڏي اھميت ھجي ٿي. اھو لوڙھو جتي چور چڪار پاران گھر ۾ گھڙڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو، اُتي گھر جي ڍور ڍڳي کي به گھر مان ٻاھر نڪرڻ کان روڪي ٿو. لوڙھي لاءِ ٻير جا ڍينگھر تمام گھڻا ڪنڊا ھجڻ ڪري، بھترين سمجھبا آھن. ٻير جي وڻ ۾ قلم لڳائي، مختلف جنسون به ٺاھيبيون آھن. خاص ڪري صوفي ٻير قلم لڳائي ئي تيار ڪبا آھن.

ڄانڱري ٻير:ٻير جا ڪيترائي قسم ھجن ٿا، جن ۾ آھو ٻير، آھِڻ ٻير (جنھن جو ٿُڙ ٿلھو ٿيندو آھي) صوفي ٻير، مڪائي ٻير، جھنگلي ٻير ۽ ڪامڻ ٻير وغيره شامل آھن. پر انھن ۾ ڄانڱري ٻير ٿر ۽ جابلو علائقن جو ھجڻ ڪري وڌيڪ مشھور آھي. ڄانڱري ٻير جو قد نسبتاً ننڍو، يعني ٻه کان وٺي ڇھه ست فُٽ تائين ھجي ٿو ۽ ھي وڻ گھڻو ڪري ٻوڙي جي شڪل ۾ ھوندو آھي. جئين ته جابلو علائقي ۾، جبل کي ’ڇپر‘ به سڏبو آھي، ان ڪري ڄانڱري ٻير کي ڪوھستاني علائقي ۾ ’ڇاپرو ٻير‘ به چئبو آھي. ڄانڱري ٻير ايتري ته گھاٽي ۽ ڪنڊي دار ھوندي آھي، جو ان مان نانگ به آساني سان ناھي لنگھي سگھندو. ان ڪري ڄانڱري ٻير جو لوڙھو، ٻئي ٻير جي مقابلي ۾ اڃا به وڌيڪ سٺو ۽ گھاٽو ٿيندو آھي. سنڌي ٻير جا ڪنڊا سڌا جڏھن ته ڄانڱري ٻير جا ڪنڊا، ڪُنڊي دار ٿيندا آھن. سنڌي ٻير جو قد، ميوو ۽ پن وڏا، جڏھن ته ڄانڱري ٻير جو قد، پن ۽ ميوو ننڍو ٿيندو آھي. ڄانڱري ٻير ھونئن ته سائي رھندي آھي، پر ڏڪار جي ڏينھن ۾ ھي به سڪي ويندي آھي ۽ پن ڇاڻي ڇڏيندي آھي. ڄانڱري ٻير به حڪمت جي حوالي سان اھم آھي. ھن جي کل لاھي، پاڻي ۾ ڪاڙھي، صبح جو نيراڻي ٻه چمچا پيئڻ سان دَم جي مريضن کي فائدو ٿيندو آھي.

ٻير جي حوالي سان سنڌي ٻولي ۾ ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پھاڪا به موجود آھن ته ان جو ذڪر شاعري ۽ خاص ڪري لوڪ شاعري ۾ به ملي ٿو. مثال طور: 

گاڱان ٻير ڪرڻ. پڪي ٻير ۾ ڀتر ھڻڻ. ڀري ٻير ھيٺيان بُک مرڻ وغيره. اھڙي طرح مائي ڀاڳي ۽ مراد فقير پاران ڳايل مشھور لوڪ گيت “اي چرمي رو بلالي سان پيار” ۾ به ٻير جو ذڪر ڏاڍي مزيدار انداز ۾ ٿيل آھي. يا پوءِ “ منھنجو جنڊالڙو ڏي ته کڻي وڃان” لوڪ گيت ۾ “ٻير کاڌم پيٽ ۾، تنھن جو شاھد ڪير”، جھڙا ڪيترائي ڪلام ٻير مطعلق موجود آھن.

ٻين ڪجھه وڻن وانگر ٻير جي ايترن خاصيتن ۽ خصوصيتن باوجود ھن جي باري ۾ به ڪيترائي وھم وسوسا موجود آھن. ٻير جو وڻ اڪثر ڪري ماڻھو گھر ۾ يا خاص ڪري گھر جي در تي ڪونه لڳائيندا آھن. جنھن لاءِ ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ جواز ٻڌايا وڃن ٿا. جيئن چئبو آھي ته جنھن گھر ۾ ٻير ھوندي، ان ۾ ڀتر ته ايندا! اھو به چئبو آھي ته جنھن جي در ۽ گھر ۾ ٻير ھوندي، ان جو پٽڪو ضرور لھندو. ڀاڳيا ٻير جو ڪلو وٿاڻ ۾ ناھن لڳائيندا نه ئي ٻير جي ڪاٺي گھر ۾ استعمال ڪندا آھن! اھي ڳالھيون پنھنجي جاءِ تي پر ٻير جي اھميت پوءِ به موجود آھي ۽ ھاڻ ٻير غريبن جي يا ڳوٺاڻي زندگي جي فروٽ يا ميوي کان وڌيڪ زرعي معيشت جو اھم حصو بڻجي چڪو آھي. ۽ ان کي وڪڻي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو.

(24-04-2017 تي نشر ٿيل ھاٽ ايف ايم 105.2 سانگھڙ جي پروگرام لوڪ ورثه تان ورتل)



ڪونڀٽ


 ٿر جو تمام ڪارائتو ۽ قيمتي وڻ

 

ٿر جي ناياب ٿيندڙ قيمتي ۽ تمام اھم وڻن ۾ ڪونڀٽ جو به ڪو ثاني ناھي. ٿر ۾ ھن کي ڪنڊيءَ کان پوءِ ٻئي نمبر تي اھم سمجھبو آھي. اڇاڻ مائل ڀوري رنگ جي ھن ڪاٺي واري وڻ جي شڪل شبيھه ڪافي حد تائين سرنھن سان ملندڙ جلندڙ ھجڻ ڪري، ڪي ماڻھو ھن کي ٿر جو سرنھن به سمجھندا آھن. ھن جو ٿڙ ۽ ڪاٺيون ٽيڙيون ميڙيون ھجڻ سبب اھي عام اڏاوت ۽ ٻئي استعمال ۾ گھٽ، پر لانڊين ۽ چؤنرن ۾ ڪائن طور ضرور استعمال ٿين ٿيون. ان کان علاوه ھن جي پاڙ جي ڪاٺي نرم، مضبوط ۽ پڪي ھجڻ ڪري، ھن مان کير ولوڙڻ وارا جھيرڻا يا جھڳيا به ٺاھبا آھن. ان کان سواءِ ھن جي ڪاٺي ٿاڌل گھوٽڻ جي ڏنڊي لاءِ به بھترين سمجھبي آھي. ان ڪري ھي وڻ موالين ۾ مقبول ھجي نه ھجي، پر ھن جو ڏنڊو انھن ۾ ضرور مقبول آھي.

ھن ۾ جيتوڻيڪ پن گھٽ ٿين ٿا، پر اهي رڍ ٻڪري جي خوراڪ کان علاوه اُٺ جو نه صرف بھترين چارو آھي، بلڪه اُٺ ھن کي شوق سان کائيندا آھن. ھي وڻ اڪثر ڪري ڀٽن جي چوٽين تي ٿين ٿا. سج واري ڇٽي/ڌُپ ڇٽي وانگر نظر ايندڙ ھي وڻ پري کان به ڏاڍو خوبصورت ۽ نمايان نظر ايندو آھي. ڪوڀنٽ جو کانور ڏاڍو قيمتي ۽ حڪمت جي لحاظ کان ڪم وارو آھي، جيڪو ڪيترين ئي بيمارين جي علاج طور ڪم اچڻ سبب مارڪيٽ ۾ وڏي اگھه تي وڪامندو آھي. ٿر جا ماڻھو ۽ خاص ڪري ويشنو (گوشت نه کائيندڙ) ھن مان ڏاڍي لذيذ مٺائي ٺاھيندا آھن.

مسلسل ٻارڻ جي استعمال ۾ اچڻ سبب ڪونڀٽ جي تعداد ۾ ڪافي ڪمي اچي چڪي آھي. ٿر جو ھي وڻ ٿر جي ڪن علائقن/ڀاڳن ۾ گھٽ ته ڪن ۾ وڌيڪ تعداد ۾ ملندو آھي. مثال طور ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ھي ننگرپارڪر جي اُتر ۾ ھن جو ججھو تعداد ملي ٿو.

ڪاش ٿر ۽ ڪوھستان جھڙن علائقن ۾ ڪونڀٽ کي وڌڻ ويجھڻ جا جيڪر وڌيڪ موقعا مھيا ڪيا وڃن ته ھي وڻ ان جو بدلو، انسانن ۽ ان جي چوپائي مال جي مختلف حوالن سان خدمت ڪري، ضرور لاھيندو ۽ انھن جي وڏي ڪم ايندو. پر ڊگھي نظر کان محروم ٿي ويل ھاڻوڪي دور جي انسان جي، ھن جي ڊگھي مدت واري فائدن ڏانھن نظر ئي نٿي وڃي ۽ ھو  مختصر مدت جي فائدي عيوض، ھن کي ڌرتيءَ تان گم ڪرڻ ۽ ھن جو وجود وڃائڻ کان وسان نه پيو گھٽائي. جنھن غلطي جو کيس تمام جلد احساس ٿيڻ وارو آھي ۽ ان وقت انسان وٽ ھت مھٽڻ کانسواءِ شايد ٻيو ڪجھه به نه بچي!!

جيئن ته مختلف علائقن ۾ مختلف وڻن ۽ انھن جي مختلف حصن يا شين جو مختلف استعمال ٿئي ٿو، ائين ٿر ۾ ڪونڀٽ جي حوالي سان به ٿئي ٿو. ڪونڀٽ جي حوالي سان  27 ڊسمبر 2017 واري ڪاوش مڊ ويڪ ميگزين ۾ حاجي محمد ڪنڀر صاحب لکي ٿو ته، “ڪونڀٽ جو وڻ ڪٿي قد جو ننڍو به ٿئي، نه ته اڪثر ڪري 15 فُٽ کان به وڏو ٿيندو آھي. وڻ ۾ پلڙا سيپٽمبر جي وچ ڌاري لڳڻ شروع ٿيندا آھن، جن کي ٿر ۾ پچڙا چوندا آھن. انھن ڦرين ۾ ڪٿي ٻه دڻا، نه ته گھڻو ڪري ٽي داڻا لڳندا آھن. انھن پلڙن کي ٻور لڳڻ کان وٺي، پچڻ تائين ساڍا ٽي يا چار مھينا لڳندا آھن. انھيءَ ٻوٽي کي وڻ ٿيڻ ۾ 20 سال به لڳي ويندا آھن ۽ ان جي پڪي ڪاٺي، جيڪا وڻ جي گرمائش تي اندر پچي ڪارو روپ اختيار ڪندي آھي، جنھن کي ڪِرسي چوندا آھن. انھيءَ وڻ جي ڪاٺي ٿر ۾ جتي ٻارڻ جو ڪم ڏي ٿي، اُتي انھي وڻ جي پاڙ مان ڪولھي لوڪ مھي ولوڙڻ لاءِ ’جهيرڻا‘ به ٺاھيندا آھن. ڦڪڻ مھيني (فيبروري ۽ مارچ) ڌاري جڏھن موسم تبديل ٿيندي آھي ته ٿر سڄي تي نئوان واھوندا واءُ ورھندي ماڪ آڻيندا آھن، تڏھن انهيءَ وڻ مان سونھري رنگ جو کنئور ڦٽي پوندو آھي جيڪو شاھه لطيف ڏسي سُر مارئي جي داستان ستين جي، بيت پھرين ۾ چيو آھي ته:

پنوَهارَنِ پاٻوهِيو، وَرِيا واهُندا؛
سارِيَمِ سيڻَ سَيَّدُ چئي، گاڏيلِيُون گُندا؛
ڀِٽُن ڀَرِ هُندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا

اھو گوندا، گُوند يا کونئر ڦڳڻ واري موسم ۾ مارو ماڻھن لاءِ معاشي ڏڍ طور به ڪم ايندو آھي. اھو وڻ پاڪستان کانسواءِ ھندستان جي وارياسي پٽن ۾ تمام گھڻو ٿئي ٿو. انهيءَ وڻ کي انگريزي ۾ ACACIA SENEGAL چون ٿا. اھو جھنگلي وڻ مھراڻي ڪس واري علائقي، ڏيپلي تعلقي کان سواءِ وٽَ واري پٽيءَ ۾ گھڻو انڪري به ٿئي ٿو جو ماحولياتي حوالي سان اھي علائقا، انھي وڻ لاءِ سُٺا ڳڻيا وڃن ٿا. انھن حصن ۾ ڪونڀٽ جتي گھڻو ٿئي ٿو، اُتي انھيءَ ۾ لڳل پلڙا مارون ماڻھن جو مال به چاھه سان کائيندو آھي. جن پلڙن کي ڌنار ڪونڀت جي اونچين ٽارين ۾ “آڪوڙو/ڏانتري سان ڇاڻي رڍن ۽ ٻڪرين کي چاري طور کارائيندا آھن، اُتي ٻاڪري مال کانسواءِ اُٺ ڪونڀٽ جون ڪچيون لامون ۽ اُوچين چوٽين تي بيٺل پلڙا به شوق سان کائي ٿو. نومبر ۽ ڊسمبر جي وچ ڌاري سڄي ٿر ۾ ڪُونڀٽ جو پلڙو مڪمل طور پچي چُڪو ھوندو آھي، جنھن جو ٻج محفوظ ڪرڻ لاءِ سڄي ٿر ۾ ڪوئي ادارو ناھي، پر سڄي سنڌ اُنھي ٻج کي ڪُتب آڻڻ لاءِ ڪوري آھي، جڏھن ته ھندستان ۾ انهيءَ ڪنڀٽ جي ٻج کي “چپڙا دال” جي نالي سان ياد ڪندي، اُتي وڏي شوق سان، جتي ماڻھو کائن ٿا، اُتي ملڪ جو فائيو اسٽارس ھوٽلن ۾ سُڪل سڱرين سان گڏ چپڙا دال کي ملائي جيڪو ڊش تيار ڪيو ويندو آھي، انهيءَ کي ڊزرٽ فوڊ جو نالو ڏيندا آھن. اُتي جي مارڪيٽ ۾ چپڙا دال ٻه ھزار روپيه ڪلو جي حساب سان ملندي آھي. جڏھن ته ٿر جا ماڻھو انھن چپڙن کي گھڻي تعداد ۾ استعمال نٿا ڪن، ڇوته اھي ٻج سخت ھجڻ ڪري ڳرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، انهيءَ دال جي رڌ پچاءُ لاءِ ڪائي حڪمت عملي ھن مھل تائين، ٿر ۾ جُڙيل ناھي. تنھنڪري ھزارين مڻ تيار ٿيل دال گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان برباد ٿيو وڃي. جڏھن ته اسان جي ملڪ “چپڙا دال” متعلق ڪابه سجاڳي نه آندي ويئي آھي. پوءِ به ٿرڄايون انھن چپڙن جي ڀاڄي تيار ڪرڻ لاءِ گرم پاڻي ڪري، انهي کي تيار ڪرڻ لاءِ پُسائي ڇڏين، جنھن کي “اڏيرڻ” چئبو آھي. انھي پُسيل ٻج کي وري چلھه تي گرم ڪري اُٻاريندا آھن. جيئن ھن ٻج جي مٿي ڀوري کل آساني سان لھي سگھي ۽ اندريون سفيد ٻج کي عام ڀاچي وانگي پچائين ٿا. جڏھن ته ڪي وري انهيءَ ڀاڄي کي کل سميت به رڌڻ کي اوليت ڏين ٿيون. ھونئن به ٿر جا ماڻھو چوندا آھن ته، چپڙن جي دال جي ھاضمي لاءِ اُٺ جو آنڊو رکڻ ضروري آھي. اُنھن چپڙن متعقل اسان جون سُڄاڻ ڌُريون چاھين ٿيون ته، ھزارين مڻ برباد ٿيندڙ انهيءَ ڇپڙا دال جو مارڪيٽ ۾ مُلھه ڪرايو وڃي ۽ ھزارين مڻ برباد ٿيندڙ چپڙا دال کي ٻين مُلڪن ڏانھن موڪلڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪا حڪمت عملي جوڙي وڃي، جيئن ٿر جو مارُو ماڻھو به انھن چپڙن مان لاڀ حاصل ڪري ۽ صدين کان برباد ٿيندڙ انهيءَ دال کي مارڪيٽ ۾ سُٺي اگھه تي وڪڻي معاشي طور اڳڀرا ٿي سگھن.

(آڪوڙو: ڏھه کان ٻارنھن ڦُٽن جي بانس واري لٺ. ڏانتري: انھيءَ بانس جي ٿلھي منھن وٽ ڏانٽي جھڙي ورواري لوھي وٽ واري تڪي ڌار وارو اوزار جيڪو اڪثر ڪري وڏن وڻن مان پن، سڱر يا ڪونڀٽن مان پچڙا ھيٺ بيٺي لاھي سگھجن انھي کي ڏانتري چئجي ٿو.)

(24-04-2017 تي نشر ٿيل ھاٽ ايف ايم 105.2 سانگھڙ جي پروگرام لوڪ ورثه تان ورتل)



ڄمون


 عيسائين وٽ ڪرسمس ٽري طور مشھور وڻ

 

اھي وڻ جيڪي مختلف مذھبن ۾، مذھبي عقيدي جي لحاظ کان اھم سمجھيا وڃن ٿا، انھن ۾ ڄمون جو وڻ به شامل آھي. ڄمون جو وڻ اڪثر ڪري عيسائي برادري جي زرعي زمينن يا گھرن ۾ نسبتاً وڌيڪ نظر ايندو آھي. جنھن جو ھڪ سبب اھو به بيان ڪيو وڃي ٿو ته ھن کي ’ڪرسمس ٽري‘ سمجھيو ويندو آھي. ان ڪري عيسائي ماڻھو ڄمون کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسڻ کان علاوه کيس پوکين به وڌيڪ ٿا ۽ ھن جو خيال به وڌيڪ ڪن ٿا. ڄمون جو وڻ تمام ڊگھو، ڏسڻ ۾ خوبصورت، گھاٽو ۽ ٿلھو ٿئي ٿو. ھن جي ڇانو به ڏاڍي ٿڌي ھجي ٿي. ڄمون جنھن جو نباتاتي نالو Syzygium cumini۽ انگريزي نالو Java-plum,آھي، تنھن کي ڪالا جامن يا Black Pam به چئبو آھي، جيڪو برِصغير کان علاوه ٻين گرم ملڪن ۾ به ملي ٿو.

ھي وڻ شروع ۾ ڳاڙھا گل جھليندو آھي ۽ بعد ۾ ڪاري ناسي رنگ تي ميوو جھليندو آھي. ان نسبت سان ھڪ رنگ ’جامني رنگ‘ به سڏبو آھي. ھن جا پن مختلف سائيز جا ٿين ٿا ۽ انبن جي پنن جھڙا ھجن ٿا. انبن جو ھڪ قسم ’ڄمون‘ جي نالي سان به ھوندو آھي، جنھن ۾ ڄمون جي خوشبو ايندي آھي. ڄمون جا پن ٻڪريون شوق سان کائينديون آھن. ڄمون جو ميوو کائڻ ۾ ڪجھه کٽو ذائقو ڏيندڙ ھجي ٿو ۽ حڪمت جي لحاظ کان تمام اھم آھي. ھي رت کي صاف ڪندو آھي. جگر جي گرمائش کي ختم ڪندو آھي. گلي جي سوزش/سوڄ لاءِ به مفيد آھي ته شگر جي مريضن لاءِ به بھترين ميوو آھي. ھي ميوو پيٽ جا ڪيڙا به خارج ڪندو آھي ته دم، اُڃ ۽ رت جي خراجي لاءِ به مفيد آھي. ان کان علاوه ھن جو ميوو سائي (ABC) جي مريضن جو به بھترين علاج آھي. اڪثر ڪري گرم علائقن ۾ ٿيندڙ ھن ميوي دار وڻ جي ڪاٺي ڪچي ھئڻ ڪري، ڪنھن خاص ڪم جي ناھي ھوندي. البته ھن جي ٿڙ جو ڇوڏو لاھي، ڏنڊي ڪنڊي ۾ ڪُٽي، ڪپڙ ڇاڻ ڪري، پيئڻ سان دستن جو علاج ضرور ڪبو آھي. ھن جي ٻج ۾ ڪيلشيم ۽ پروٽين جو به وڏو مقدار موجود ھوندو آھي. پر ھاڻ ھي وڻ به اڳوڻي اھميت نه ھجڻ ڪري ڏينھون ڏينھن گھٽجي رھيو آھي. جيڪڏھن ھن کي گھرن ۽ اوطاقن وغيره ۾ لڳائڻ جو بندوبست ڪجي ۽ پاسي ٿورو ڌيان ڏجي ته ڇانو سان گڏ، گھر ويٺي ميوو به مفت ۾ ملي سگھي ٿو. اڃان به ڪجھه وڌيڪ وڻ پوکڻ سان ھن جي ميوي کي مارڪيٽ ۾ وڪڻي، گھريلو سطح تي سولائي سان ڪجھه نه ڪجھه ڪمائي به سگھجي ٿو.

     (01-05-2017 تي ھاٽ ايف ايم 105.2 سانگھڙ تي نشر ٿيندڙ ھفتيوار پروگرام لوڪ ورثه جي سنڌ جا وجود وڃائيندڙ وڻ تان ورتل)



جھنگ جليبي


 ميوي دار ۽ اھم ھجڻ باوجود نڀاڳو سمجھندڙ وڻ

 

ميوي دار، ڇاندار، تاج نما ۽ حڪمت جي لحاظ کان اھم، پر وھم وسوسن جي ورچڙھيلن وٽ نڀاڳي طور مشھور وڻن ۾ جھنگ جليبي جو به شمار ٿئي ٿو. جنھن جو ميوو جليبين جي ڊزائين تي، ڦرين جي شڪل ۾ ھوندو آھي ۽ ھي وڻ جھنگلي به آھي، ان ڪري شايد ھن کي جھنگ جليبي سڏبو آھي. ھر قسم جي پر خاص ڪري پڪي زمين ۾ ٿيندڙ ۽ جلد وڌندڙ ھن وڻ جي ميوي مٿان کل چڙھيل ھوندي آھي ۽ اندر ڳاڙھي رنگ جو ميوو ھوندو آھي، جيڪو کائڻ ۾ ڏاڍو لذيذ ھجي ٿو. جنھن کي ننڍا وڏا شوق سان کائيندا آھن. ھنئن به ٻھراڙي جي ٻارن ٻڍن لاءِ اھڙا ئي ميوا ته ھوندا آھن!

ھن وڻ ۾ اڪثر ڪري سانڊو وڌيڪ ويٺل نظر ايندو آھي. لاڙ ۾ ھن کي ’آمرا‘ به سڏبو آھي. ھن وڻ جي ڪاٺي جيتوڻيڪ ڪا ايڏي سڌي ڪونه ھوندي آھي، پر ھوندي ڪنڊي دار ۽ ڏاڍي مضبوط ھوندي آھي. جيڪڏھن ھن جي ڪاٺي کي جلد ۽ پڪو ٿيڻ کان اڳ وڍبو ته ان کي جلد سُرو لڳي ويندو آھي ۽ اھا ڀُرڻ شروع ٿي ويندي آھي. پر جي اھا ھڪ فٽ تائين پڪي ۽ ٿلھي ٿي وڃي ته پوءِ اھا ڏاڍي مضبوط ٿي ويندي آھي. اھا ڪاٺي وڍڻ بعد جيڪڏھن ڪجھه عرصو پاڻي ۾ رکبي ته اڃا به وڌيڪ مضبوط ۽ پڪي ٿي ويندي، جيڪا ڀوري ۽ اڇي رنگ تي ھوندي آھي. ھي گرمي ۾ ٻور جھليندو آھي ۽ ان بعد ميوو، جيڪو ماڻھن کان علاوه چوپايو مال ۽ پکي پکڻ به شوق سان کائيندا آھن. ھن جي کائڻ سان ٿڪل مال متارو ٿيندو آھي. ٻج ۽ ڪاٺي مان نڪرندڙ تيل وائي جي سور لاءِ بھترين علاج آھي. ڪاٺي مان تيل ڪڍڻ لاءِ ان کي گرم ڪبو آھي. ھن جي ميوي مان ٻج ڪڍي ڀاڄي به ٺاھبي آھي. وھمن ۽ وسوسن جي ماريل ماڻھن جو جھنگ جليبي بابت اھو به چوڻ آھي ته ھن کي گھرن ۾ نه پوکڻ گھرجي. ڇو جو ھن جي پوکڻ/ لڳائڻ سان گھرن ۾ ڪروڌ ۽ جھيڙو رھندو آھي، ان ڪري ھي نڀاڳو وڻ آھي. جيڪڏھن ڪو ادارو ھي وڻ لڳائڻ تي عام ماڻھن کي ترغيت ڏئي ته، خاص ڪري ڳوٺاڻن ماڻھن کي گھر ويٺي موسمي ميوو به ملي سگھي ٿو ۽ وڻن جي تعداد ۾ اضافو ڪري، ڌرتي جي سونھن کي وڌائڻ ۽ ماحول کي بھتر بنائڻ سان گڏ چوپائي مال ۽ پکي پکڻ جو به ڀلو ڪري سگھجي ٿو.

(08-05-2017 تي ھاٽ ايف ايم 105.2 سانگھڙ تي نشر ٿيندڙ ھفتيوار پروگرام لوڪ ورثه جي، سنڌ جا وجود وڃائيندڙ وڻ تان ورتل)



ھيرڻ


 حڪمت جي حوالي سان اھم وڻ جنھن کي ڪولھي وڌيڪ ڪاھين ٿا

 

ھيرڻ جنھن کي سرائيڪي ۽ پنجابي ۾ ھرنولي، اردو ۾ اَرِنڊ ۽ انگلش ۾ Caster Seed سڏبو آھي، سو وڻ آھي يا ٻوٽو؟ اھو بحث ته ڪندا باٽني وارا، پر ھي وڻ آھي ڏاڍي ڪم جي شي. ڪنھن حد تائين پپيتي سان مشابھت رکندڙ ھي وڻ ڏسڻ  ۾ ڏاڍو منفرد ۽ سھڻو لڳندو آھي. عام طور تي ھن کي شمار ته ٻوٽن ۾ ڪيو ويندو آھي، پر ڪم وڻن وارو ئي ڏيندو آھي. ھاٿي جي ڪنن جھڙن ساون وڏن پن وارو ھيرڻ جيئن ته ڪافي وڏو به ٿئي ٿو، ان ڪري ھن جي ڇانو ھيٺ ويھي به سگھبو آھي ۽ جيڪڏھن ھن کي ڇڏي ڏجي ۽ ھي ڪجھه وڌيڪ عرصو بيٺو ھجي ته ھن جي ٿُڙ جي ڪاٺي فُٽ ٻن تائين به ٿلھي ٿي ويندي آھي. جنھن جي مضبوطي جو اندازو ان مان به ڪري سگھجي ٿو ته ان مان ٿر واري پاسي، کٽن جون ايسون به ٺاھيبيون آھن. ھر قسم جي زمين ۾ ٿيندڙ ھيرڻ نر ۽ مادي قسمن کان علاوه ٽي الڳ الڳ قسم جا ٿين ٿا. ھڪ قسم کي ’چيني‘ قسم چئبو آھي، جيڪو پيلا ۽ ڳاڙھا گل جھليندو آھي. جنھن جا ٻج ٻير جيترا ٿيندا آھن. جڏھن ته ھڪ ٻيو قسم ’مُغلي‘ ھيرڻ سڏبو آھي. ھيرڻ جي نر ۽ مادي جي سڃاڻپ پنن ذريعي ٿيندي آھي. ھن جي ٽارين ۾ ڳاڙھا گل ٿيندا آھن، جن ۾ ٻج وارا جھڳٽا لڳندا آھن. جن مٿان شروع ۾ ڪنڊا ھوندا آھن، جن اندر ٻج ھوندو آھي. ھيرڻ حڪمت جي لحاظ سان ڏاڍو اھم سمجھيو وڃي ٿو. ھن جي پنن کي پاڻي ۾ ڌوئي صاف ڪري، انھن تي تيل لڳائي، باھه تي گرم ڪري، ڌڪ لڳل، موچ يا سوڄ واري ھنڌ ٻڌڻ سان فائدو ٿيندو آھي. نه صرف اھو پر ھن جا پن، ننڍن ٻارن جي ڇاتي بند ٿيڻ ۽ پاسا لڳڻ تي، انھن جي پاسن/ پيٽ سان ٻڌا ويندا آھن. پنن کان علاوه ھيرڻ جي ڪاٺي ۽ ٻج مان تيل به نڪرندو آھي. جيڪو بازار ۾ ارنڊي جو تيل طور مارڪيٽ ۾ ملندو آھي. جيڪو وائي ۽ سنڌن جي سور جي علاج کان علاوه ٻارن جي پيٽ سور، ڪن سور ۽ نمونيا جي بيماري ۾ به ڪم ايندو آھي.

ڪارو ۽ ڪٻرو، ڏسڻ ۾ ڏاڍي خوبصورت نظر ايندڙ ٻج مان ٻار رڍ ۽ ٻڪرين واري راند به ڪندا ھئا. اڳي پرائمري جا شاگرد سليٽن تي مھٽي انھن کي چمڪائڻ لاءِ به استعمال ڪندا ھئا. ھيرڻ جو تيل، پير وغيره ۾ ڪنڊو لڳڻ واري ھنڌ ھڻڻ سان، ھو چمڙي کي نرم ڪري ڇڏيندو آھي ۽ ڪنڊو آساني سان نڪري ايندو آھي.

مختلف ھنڌن تي مثال طور ننگر پارڪر واري پاسي ڪاسٻي واري ڳوٺ ڀرسان، ھيرڻ کي کوھن جي پاڻي تي فصل طور به پوکبو آھي. ’ڪتي‘ جي مُند ۾ ڪاھجندڙ ھيرڻ کي ڪولھي ۽ ٻانڀڻ ذات جا ماڻھو ڏاڍو مھارت سان ڪاھيندا آھن ۽ ان حوالي سان ھو وڏو تجربو به رکندا آھن. ھيرڻ ڪولھين جي گھرن ۾ خاص ڪري پوکيل نظر ايندو آھي. ھيرڻ جا پن جيڪي پنج ڪُنڊي نموني ھوندا آھن اھي ٻڪريون شوق سان کائينديون آھن، پر وڌيڪ مقدار ۾ کائڻ سان، ٻڪري مري به سگھي ٿي. ڪن وھمي ماڻھو وري اھڙي قيمتي ۽ اھم وڻ کي به وسوسن جي وڙ چاڙھي ڇڏيو آھي. سندن چوڻ آھي ته ھيرڻ جو وڻ گھرن ۾ ۽ خاص ڪري گھر جي آڳر ۾ لڳائڻ سٺو سونئڻ ڪونھي. ڇو جو ھي نڀاڳو وڻ آھي ۽ ھن جي لڳائڻ سان اتي ويراني ايندي ۽ گھر جو ڀاتي مري ويندو آھي. ان حوالي سان چوڻي به مشھور آھي ته “ھيرڻ مطلب رڻ پٽ – سڀ فنا، سڀ ختم”. افسوس جو اھڙي اھم ۽ قيمتي وڻ کي به اسان وٽ نڀاڳو سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو گھر ۾ ھجڻ ڪري اوير سوير بيماري سيماري ۾ ڪم اچي ٿو ۽ سولائي سان ملي وڃي ٿو! جڏھن معاشري ۾ وڻن بابت اھڙي سوچ ھوندي ته وڻن جو قدر گھٽ نه ٿيندو ۽ اھي نظر به گھٽ نه ايندا، ته ٻيو ڇا ٿيندو!؟



ڪنڊي


 موسمن جي مٽجڻ توڙي ڏڪار ۽ سڪار جا ڏس ڏيندڙ  ‘فقير’ وڻ

 

ٿر ۾ جھونا چوندا هئا ته جنهن ڳوٺ ۾ سئو ڪنڊيون هجن، ان  ڳوٺ وارن کي ڏڪار  دوران لڏڻو ڪونه پوندو. انهيءَ مان ڪنڊيءَ جنھن کي انگريزي ۾ Prosopis ۽ ڍاٽڪي ۾ ’کيجڙي‘ به سڏبو آھي، تنھن جي اهميت جو اندازو آساني سان ڪري سگھجي ٿو. ڀلي کڻي نم  کي سنڌ جي صوبائي وڻ جو درجو مليل آهي، جنهن تي ٻٻر جا ڪجهه حمايتي ارها به آهن، پر لوڪ ڏاهپ جا ماھر ۽ ڪنڊيءَ جا قرب وارا ۽ قدردان ان راءِ تي قائم آهن ته اهو مقام ڪنڊي جو  ئي هو! گھٽ ۾ گھٽ ٿر جي ’قومي‘ وڻ جو درجو ته ڪنڊيءَ کي ئي حاصل آھي.

ڪنڊيءَ جو وڻ جيڪو قبرستانن ۾ به ججھي تعداد ۾ ھوندو آھي، سو ٿوري پاڻي تي جالڻ سبب (ان ڪري ڏڪار ۾ به بهارين ۾ هوندي آهي) ۽ ان جون پاڙون گھڻيون هيٺ هليو ن وڃڻ ڪري؛ ٿر، بَر، ڪچي ۽ ميداني علائقن ۾ اڳي ته جتي ڪٿي موجود هوندو هو، پر هاڻ آبادي ۽ سم وڌڻ سبب، ان ۾ نمايان ڪمي آئي آهي. ٿر ۾ جنهن وڻ کي وڍڻ جي سختي سان منع ٿيل هوندي هئي، سو به ڪنڊيءَ جو وڻ ئي هو. اڄ جڏهن  ٿر ۾ ڏڪار، ٽاريو نٿو ٽري ۽ ڪنڊي ملڻ ۽ ڏسڻ کان مھانگي پئي ٿئي، ته ڪهڙي خبر، ڏڪار ان ڪري ئي روز روز ٿو منهن ڪڍي ۽ مهمان ٿئي، جو اسان ڪنڊي کي، ڪنڊائتو ڪري ڇڏيو آهي! ڪنڊي پاران وڻن ۾ سڀ کان وڏي عمر ماڻڻ جي دعويٰ ڪرڻ ۽ ان جي ڪاٺي کي سرو (يا ڪا ٻي خرابي) نه لڳڻ سبب، ان جو نالو ٻارن تي به رکبو آهي. ڪنڊيءَ جا عام طور تي ٽي قسم چيا وڃن ٿا. ھڪ ٿلھي ٿُڙ سان وڏو وڻ، جنھن کي نر يا ’ڪنترو‘ به چيو ويندو آھي. انھيءَ جون سنڱريون به وڏي  سائيز جون ھونديون آھن ته ان جا پن به نسبتاً ٿلھا ٿيندا آھن. ٻيو سنھي ٿُڙ سان نسبتاً ننڍو وڻ، جنھن کي مادي  ڪنڊي به سڏبو آھي، جنھن جون سنڱريون ننڍيون ۽ سوادي ٿينديون آھن، جن کي ماڻھو سُڪائي سڄو سال پاڻ به استعمال ڪندا آھن ته تحفي طور به اُماڻندا آھن. ڪچين سنڱرين جي ڀاڄي ڏاڍي خوشبودار ۽ وڌيڪ لذيذ ٿيندي آھي. ھن جو ٻج توت وانگر ھوندو آھي جڏھن ته پڪل سنڱرين کي کوکو ۽ ڏُٿ به سڏبو آھي جنھن کي ڪُٽي، سنھون ڪري، ان ۾ کنڊ مصري ۽ گيھه ملائي به کائبو آھي جيڪو ڏاڍو لذيذ ٿئي ٿو. ٽيون قسم آھي بغير يا ٿورن ڪنڊن وارو ڪنڊيءَ جو وڻ جنهن کي’لاسڙ‘ سڏبو آهي. انھيءَ لاسڙ ۾ سنڱر نه ٿيڻ برابر ٿيندا آھن ۽ جي ٿيندا آھن ته اھي تمام ٿوري مقدار ۾ ۽ جلد ئي ڇڻي به ويندا آھن. ڪي ماڻھو انھيءَ کي ڪنڊي جي ’ٽيئن جنس‘ به سڏيندا آھن. ڪن جي بقول ته پڪل سنڱريون جيڪي ’کوکو‘ سڏبيون آهن، اھي نر ڪنڊي جي مقابلي ۾  مادي ڪنڊيءَ جون وڌيڪ مٺيون ۽ سوادي هونديون آهن ۽ ان مان به نر مادي جي خبر پوندي آهي. جڏهن ته ڀاڄي به نر ڪنڊي جي مقابلي ۾ مادي جي سنڱرين جي وڌيڪ لذيذ ٿيندي آهي. نر مادي جي سڃاڻپ ڪي ماڻهو ائين به ڪندا آهن ته نر ۾ سڱر گھٽ ۽ ڇوڏا وڌيڪ،  جڏهن ته مادي ۾ سڱر گھڻا ۽ ڇوڏا گھٽ هوندا آهن. جڏهن ته ننڍي ڪنڊيءَ  کي ’مورو ‘، جوان کي  ’ڪنڊي ‘ ۽ پراڻي وڏي جھوني ڪنڊيءَ کي ’ڪنڊو‘ به سڏبو آهي.

مختلف شاعرن به ڪنڊي کي ڳايو آھي. جن ۾  شاھه صاحب، شيخ اياز ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر شامل آھن. ڀٽائيءَ صاحب سُر ڏهر جي داستان پھرين ۾ ڪنڊي جو ذڪر ھن نموني ڪيو آھي:

 

1

ڪَنڊا! تُون ڪيڏو، جَڏهِن ڀَرِيو ڍورُ وَهي؟
جَسودَنِ جيڏو، تو ڪو گَڏِيو پَهِيَڙو؟

 

2

ڪَرِ ڪي ڳالَهڙِيُون، ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِـيُنِ جُون؛
ڪِئَن سي راتَڙِيُون، ڪَنهِن پَرِ ڏِينهَن گُذارِئين؟

3

جان تو هُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا! ڍور ڌَڻِـيُنِ جو؛
مٿي لامُنِ ٻُورُ، مورِيءَ مَڃَرَ نه ڪَرِئين.

شاعرن کان علاوه سگھڙن پاران ڳايل هن سنڌ جي نج وڻ متعلق عام چوڻي آهي ته “ڪنڊي جي ڪاٺي گھر ۾ اول ته آڻجي نه، جي آڻجي ته پوءِ  ٻارجي نه، ۽ جي ٻارجي ته پوءِ سورجي نه”. مطلب  اهو ته هن جي باهه ڏاڍي تيز ۽ تکي هجڻ کان علاوه هن کي چورڻ ۽ سورڻ سان ان مان گھڻيون چڻنگون نڪرنديون آهن، جيڪي ڀرسان ويٺلن جي ڪپڙن وغيره کي ساڙڻ کان سواءِ ٻيو نقصان به ڪري سگھن ٿيون. هنئن ته ڪنڊي جي ڪاٺي جيڪا ڏاڍي لسي به ٿيندي آھي ۽ ان مان ڪيترائي ڪم وٺبا آهن، پر خاص طور تي ڀاڳيا، چوپائي مال کي ٻڌڻ وارن چڙن جي  ’لار‘ لاءِ، ڪنڊيءَ جي پاڙ  جي ڪاري پڪي ڪاٺي،  جنهن کي ’ڪِرسي‘ سڏبو آهي، سا پسند ڪندا آهن( لار هڏي مان به ٺاهبي آهي) ڪرسي کي ماڻھو ڪيرٽي به چون ته ڪٿي ان کي ڪِٿ ۽ ڪٿي وري ان کي سُرخي به سڏبو آھي، انهيءَ ڪرسي جي لار متعلق سرائڪي ۾ چوڻي بلڪ ڳجھارت آهي ته “ ڏيک الهه دا رنگ، سر ڪون ڪُٽيندي ڄنگھه.” ان کان علاوه ڪنڊي جي ڪاٺي مان خاص طور تي نئون کوهه کوٽڻ مهل ڪم ايندڙ ’چڪ‘ جنھن کي ’ڀنئوڙ ‘ به سڏبو آھي (چڪ کٻڙ جي ڪاٺي مان به ٺهندو آهي)۽ کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڀونٽي، پُلي ۽ ڀوڻي به ان ڪري ٺاهبيون آهن جو، ڪنڊيءَ جي پڪي ڪاٺيءَ مان ٺهيل اهي شيون، پاڻي لڳڻ سان ڳرنديون ۽ خراب ناھن ٿينديون. ان کان سواءِ ڪنڊيءَ جي ڪاٺي چونئرن جي وچين ڪاٺي، جنهن کي ’مَل‘ سڏبو آهي، طور به ڪتب آڻبي آهي، ته هن ڪاٺي مان، کٽون ۽ در ( ڪِڙي، در جو هڪ قسم، هن قسم جو در وڻ/ڪرڙ جي ڪاٺي مان به ٺاهبو آهي) به ٺاهبيون آهن. ڇو جو ڪنڊيءَ جي پڪي ڪاٺي کي سُرو ناھي لڳندو. اڳي ڪنڊيءَ جي ڪاٺي مان وارن واريون ڦڻيون به  ٺاهيون وينديون هيون، جيڪي هاڻ ڏسڻ کان به مھانگيون ٿي ويون آهن. ان کان علاوه  اڃا جڏھن ٿريشر نه آيو ھو، ان وقت هاري ناري ڪڻڪ جي کَري ۾ ھلر ڳاھڻ مھل هن جي ٽاريءَ کي ۾ فرشي طور به استعمال ڪندا آهن. ان کان سواءِ ھَر ڏنل ٻنھي جا ڀتر ڀڃڻ لاءِ ڍڳن جي پٺيان ٻڌجندڙ سينھور به ڪنڊي جي ڪاٺي مان ان ڪري ٺاھبو ھو جو اھا ڪاٺي ڳري ھوندي آھي. ڪنڊا نه هجڻ سبب ڪنڊي جي سُڪل ٽاري، گھر، واڙيءَ يا ڪنهن ٻئي حساب سان ڏنل لوڙهي جي  گھٽي ۾ ’کڙهه‘ طور به ڪم آڻبي آهي. ان کان علاوه ڪنڊيءَ جي ڪاٺي مان ننڍا ڪونڊا، سُرمي دانيون، نڪ جون ڦلڙيون، ڍولڪ / دُھل ۽ چپڙيون، جھيرڻا (پاڙ مان) ۽ پاڃاريون به ٺھن ٿيون ته ھن مان ايئرگن جا ڇرا به ٺاھبا ھئا/آھن. ڪنڊيءَ جي ڪاٺي جي باھه به ڏاڍي تيز ٿيندي آھي ۽ ھن جي ڪوئلي کي نمبر ھڪ ڪوئلو سمجھبو آھي. ان ڪري ئي اڳي ماڻھو استري ڪرڻ مھل، استري ۾ ڪنڊي جا ٽانڊا ان ۾ وجھندا ھئا. لوھار به لوھه ڳارڻ لاءِ کوري ۾ ڪنڊي جا ڪوئلا وجھندا آھن، ڇو جو انھن ڪوئلن جي تيز باھه لوھه کي جلد ڳاري وجھندي آھي. ان کان علاوه ڪنڊي جي ڪوئلي ۾ ھم وزن لوڻ ملائي، انھيءَ پائوڊر کي صبح شام  آڱري سان ڏندن تي لڳائڻ سان، ڏندن ۾ لڳل ڪيڙو ختم ٿي ويندو آھي ۽ ڏندن جي مھارن مان ايندڙ رت بند ٿي ويندو آھي.

ڪنڊي جتي چوپائي  مال، عام ماڻهن توڙي  واٽهڙن کي وس آهر ڇانو مھيا ڪندي آهي، اتي هن جون خالي ۽ پورا ٿيل ٿُڙ، ڪيترن ئي قسمن جي پکين جا به مسڪن بڻبا آهن. ساڳي وقت ڪنڊي پکين جي آکيري کان سواءِ ماکي جي ويهڻ ۽ ان جي کاڌ خوراڪ جو به اهم مرڪز هوندو آهي.  برسات ۾ نڪرندڙ ھڪ خاص قسم جو جيت، جنھن کي ڀيگاڙي سڏبو آھي، ان جو مسڪن به گھڻو ڪري ڪنڊي ئي ھوندي آھي. هن جي ڪاٺي کان ويندي هن جا پَن (سنک)، ڪچو ميو سنڱر ۽ پڪل ميوو کوکا به پکين، جانورن ۽ انسانن لاءِ وڏي وٿ هوندا آهن. چئبو آهي ته جتي ڪنڊي هوندي، اتي ٻڪري خوش هوندي. ٻڪري کان سواءِ ڪنڊي رڍ ۽ اٺ جو به سٺو کاڌو بڻبي آهي. ڪنڊي جا پن ‘سنک’ ڀاڳيا، خاص طور  تي چوپائي مال جي چاري طور سنڀالي  ۽ گڏ ڪري رکندا آهن، ڪن جاين تي ته اهي گڏ ڪري وڪڻبا به آهن. ڪنڊيءَ جو ٻُور جنھن کي مَڃر سڏبو آھي اھو کائي چوپايو مال مچي مواڙ ٿي ويندو آھي. ان کان علاوه خاص ڪري ٿر ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ جي سال ۾  ٽي ڀيرا مال جي چاري لاءِ ڇانگ به ڪبي آھي.

ڪنڊيءَ جي خاص ڳالهه هن پاران مرحله وار مختلف اشارن سان ماڻهن توڙي لوڪ ڏاهپ جي ڏاهن کي متوجهه ڪري، موسم مٽجڻ جو ٻڌائڻ به آهي. سڀ کان پھرين جڏهن ڪنڊي نوان پن ڪري ۽ گونچ ڪڍي  موربي آهي ته اها سياري وڃڻ جي آخري ۽ پڪي نشاني هوندي آهي. ڪنڊي پاران ٻُور /مڃر جھلڻ، بھار جي آمد جو اعلان هوندو آهي ۽ ٻُور/مَڃر  مان سنڱر ٿيڻ جو مطلب، بھار جي پڄاڻي جو هوندو آهي. جڏهن ته سنڱر جي پچي ‘کوکو’ بڻجڻ، بھار جي وڃڻ ۽ گرمي جي چاليهي شروع ٿيڻ جو آخري اعلان سان گڏ لُڪون ۽ جھولا لڳڻ جي آڳاٽي اعلان برابر  هوندو آهي. جڏهن ته کوکي جو صفا ڇڻي بس ٿي وڃڻ، اونهارو ختم ۽ سانوڻ شروع ٿيڻ جو سنديسو هوندو آهي. ٿري ماڻھو سنڱرين جي ڀاڄي ٺاھيندا آھن ته انھن کي سُڪائي به رکندا آھن، جيڪي به ڀاڄي طور استعمال ٿينديون آھن. سنڱرين کان علاوه پڪل سنڱـريون، جن کي ’کوکا‘ سڏبو آهي، سي تحفي طور پنهنجي عزيز ۽ جيءَ  وارن ڏانھن اماڻيندا آهن. موسمن جي مٽجڻ بابت مختلف مرحلن تي ايترن اعلانن تي به ڪنڊيءَ جي ڪنڌ ۾ ڪِلي ناهي لڳندي ۽ هو بس پنھنجو ڪم ختم ٿيو، هاڻ ٻيا وڻ وڃي منهن ڏين، چئي ماٺ ڪري ناهي وهندي بلڪ، جنھن سال، سانوڻ  جي گھٽ وسڻ جو اخطرو هوندو آهي، ان سال ڪنڊي وڌيڪ سائي ٿي، عام ماڻهن توڙي ڀاڳين کي ڏڪار جي خطري کان اڳواٽ خبردار ڪندي آهي، ته ايندڙ سال ڏڪار جو آهي، اڳواٽ تياري ڪري وٺو. ڏڪار کان اڳ وڌيڪ سائي ٿيل ڪنڊي مان جن جانورن، پکين ۽ ماڻهن  ڪم ورتو، سي فائدي ۾ رهندا آهن، ٻيا پيا پڇتائيندا آهن، ڪنڊي پنهنجو ڪم پورو ڪري ۽ ميار لاهي ڇڏيندي آهي. جڏهن ته  جنهن سال ڪنڊي گھٽ سائي ٿئي، ان سال سانوڻ جي وڌيڪ وسڻ جو آسرو هوندو آهي. تنهن ڪري ڪنڊي هروڀرو وڌيڪ سائي ٿيڻ جي هلاڪي نه ڪندي آهي(  ڏڪار ۽ سڪار جي  حوالي سان انهيءَ نشانيءَ سان گڏ ڪن ٻين نشانين جو هجڻ به ضروري آهي، انهن ڏانهن به ڏسڻو پوندو آهي)

انساني زندگيءَ ۾ ڪنڊيءَ جو ڪم اتي  ئي بس ناهي ٿيندو، بلڪه ڪنڊي پيدا ٿيڻ کان وٺي مرڻ تائين، ڪيترن ئي رسمن ۾ به ساٿ نڀائيندي آهي. هندو مذهب ۾ ٻار پيدا ٿيڻ وقت يا ڪنهن جي مرڻ وقت، ادا ڪئي ويندڙ رسم ‘هَوَن’ ۾ ڪنڊيءَ جون ڪاٺيون استعمال ڪبيون آهن. ڪن مذھبن جا ماڻھو ھن جي پوڄا به ڪندا آھن. ھن جي ھيٺيان ويھي ننڍن ٻارن جي جنڊ به لاھبي آھي، ته ھن ھيٺيان جانورن کي ’ٻلي‘ به چاڙھبو آھي. ان کان علاوه جن ڪڍڻ وارا جن لڳل مريض کي ھن ھيٺيان ويھاري، باھه وغيره ٻاري، ڪي سئوڻ ساٽ به ڪندا آھن. ڪنڊيءَ لاءِ اھو به چئبو آھي ته ھن ۾ غيبات/جن رھندا آھن. ان ڪري ماڻھو چوندا آھن ته خاص ڪري نر ڪنڊي ۾ وس پڄندي پکي نه ته آکيرو ئي ٺاھن نه ئي آنا ٻچا ئي ڪن. ان ڪري ڪنڊيءَ کي درويش ۽ فقير وڻ به سڏبو آھي ۽ سندس لاءِ اھو به چئبو آھي ته ھي عبادت گذار وڻ آھي. ماڻھو ڪنڊيءَ ھيٺيان ويھي اولاد لاءِ دُعا گھرڻ کي به سُٺو سئوڻ سمجھندا آھن.

ڪنڊي ڪيترن ئي حوالن سان انسانن توڙي چوپائي مال جي علاج ۾ به ڪم ايندي آھي.

وائي جي سور يا گوڏن جي سور جي بيماري ۾ ڪنڊي جي پاڙ جا ڇوڏا، سور واري جاءِ تي علاج طور به ٻڌبا آھن. ڪنڊي جو ڇوڏو چور بخار لاءِ به ٻڌبو آھي. ھن جي ٻرندڙ ڪاٺي جي چوچي مان چوپائي مال (خاص ڪري مينھن) جي ٿڻ خراب ٿيڻ واري بيماري ’فڪرو‘  جو علاج به ڪبو آھي. ھن جا پن چٻاڙي چوپائي مال جي خراب ٿيل اک ۾ وجھبا آھن. ڪنڊيءَ جا ڇوڏا ڪاڙھي، گرمي لڳڻ جي صورت ۾ اُٺن ۽ ٻين جانورن کي به پياربا آھن. ڪنڊيءَ جا پن وات ۾ وجھي چٻاڙڻ سان وات صحيح ٿي ويندو آھي. ڪنڊي جا پن سور واري جاءِ تي لپري ڪري به ٻڌبا آھن. ھن جو ميوو يعني سنڱري دستن ۽ اُلٽي کي روڪڻ لاءِ به ڪم اچي ٿو. ٻارن کي اُرڙي ٿيڻ جي صورت ۾ ڪي ماڻھو وري اھڙن ٻارن جا ڪپڙا لاھي، ڪنھن ڪنڊي تي ڇڏي ايندا آھن. سندن اھو اعتقاد آھي ته انھيءَ عمل سان ٻارن کي اُرڙي ڇڏي ويندي آھي. ھن جي ٻُور مان ٿري ماڻھو تيل به ٺاھيندا آھن، جيڪو گوڏن، سنڌن ۽ وائي سور لاءِ مفيد سمجھبو آھي. ڪنڊي جا پن گرم ڪري، ڪاڙھي، اھو پاڻي ٻئي پاڻي سان ملائي، وينجھڻ سان بخار ۽ جسم مان سور ختم ٿي ويندو آھي. ڪنھن ماڻھو کي مٿي ۾ سور ھجڻ جي صورت ۾، ٽي واٽون ٺاھي (انھن ۾ ڏکڻ جي واٽ ناھي ٺاھبي) ڪنڊي کي ست چڪر اُبتا ۽ ست چڪر سُبتا ڏبا آھن. وڏي کنگھه واري ماڻھو کي نر ڪنڊي جي پاڙ کوٽي، ان ھيٺيان ٽپائبو آھي ۽ ان جو ھڪ ڇوڏو ڪنڌ ۾ به ٻڌبو آھي. ان کان علاوه وڏي کنگھه جي علاج خاطر نر ڪنڊي جو ڇوڏو ڪاڙھي، ڪپڙ ڇاڻ ڪري مريض کي پياربو به آھي.

 هندوستانين پاران وڻن کي بچائڻ لاءِ شروع ڪيل  جڳ مشھور ’چپڪو‘ مھم جنهن ۾ ماڻهن وڻن کي واڍيءَ کان بچائڻ لاءِ، وڻ کي ڀاڪر ۾ ڀري، ان کي  ٻک وجھي بيهي رهندا هئا، انهيءَ مھم سڄي دنيا جي ماحول دوست ۽ فطرت پرست ماڻهن ۾ مڃتا ماڻي ۽ وڏي شھرت حاصل ڪئي، ان جي ابتدا به ٻڌجي ٿو ته ڪنڊيءَ جي وڻ کي وڍجڻ کان بچائڻ کان ئي ٿي هئي. ڪنڊي سان ملندڙ جلندڙ نالي واري ھڪ ٻي ول/ٻوٽي ’اُبت ڪنڊڙي‘ به ھوندي آھي. جنھن جا ڪنڊا ۽ پن ڪنڊيءَ جھڙا ٿيندا آھن. اھا اُبت ڪنڊڙي ٻارن جي پاسن لڳڻ وقت سُتي طور به استعمال ڪبي آھي. جڏھن اُبت ڪنڊڙي سُڪي ويندي آھي ته ان جا ڪنڊا پھرين اُگھاڙي ھلندڙ ماڻھو کي ڏاڍو تنگ ڪندا آھن. ڪنڊي جي نالي پٺيان مختلف ماڳ مڪان به مشھور آھن. جيئن ڪنڊي واٽر، ڪنڊڙي وارا پير لڳ گنبٽ خيرپور.

افسوس جو نه صرف لوڪ ڏاهپ جي حساب سان بلڪ عام زندگيءَ ۾ به ايترو اهم ۽ ڪارائتو مقامي وڻ، اڄ اسان جي مڪمل بي ڌياني جي باعث نظر انداز ٿي رهيو آهي. قانون جي حڪمراني نه  هجڻ، ماڻهن ۾ هٻڇ ۽ حرس وڌي وڃڻ سبب  هي وڻ ڏاڍو تيزي سان وڍجي، وجود وڃائي رهيو آهي. ڪاش! ڪنڊيءَ جي قدر ۽ اهميت وڌائڻ لاءِ ڪو ادارو، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ واسطي ڪي قدم کڻي ۽ سرڪار سڳوري ٻين اهم مقامي وڻن جي واڍيءَ کي روڪڻ سان گڏ، ڪنڊيءَ کي بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ به ڪجهه ڪري ۽ نرسريون قائم ڪري  ته جيئن اسان جو هي اهم مقامي وڻ ماڻهن، پکي پکڻ ۽ چوپائي مال جو ڀرجھلو ۽ ڏکي وقت جو ساٿي، ايئن نڌڻڪائي جي نظر نه ٿئي!



کٽونبڙو


 ڀٽائي جو ڳايل غذايت سان ڀرپور، دوائڻ وارو ٻوٽو

 

کٽونبو يا کٽونبڙو ھڪ اھڙو خوبصورت ۽ موسمي ٻوٽو آھي، جيڪو ٻوٽن ۾ ته اھم آھي ئي آھي، پر اھو ڪيترن ئي وڻن کان به وڌيڪ قيمتي ۽ ڪارائتو آھي. پر بدقسمتي اھا آھي ته دنيا سڄي ۾ دوائن جي ٻوٽي طور ڪم ايندڙ ۽ مان لھندڙ ھن ٻوٽي کي اسان وٽ ايترو قدر جي نگاھه سان نٿو ڏٺو وڃي، جيتري جو ھي گھرجائو آھي. مختلف ملڪن ۾ ماڻھو ھن کي گھر ۾ ڪنڊين/گملن وغيره ۾ به پوکين ٿا. ڀٽائي سرڪار ھن کي (ڪلياڻ آڏواڻي) سُر مارئي جي داستان نائين جي بيت نمبر 6 ۾ ھيٺين ريت ڳايو ويو آھي:

هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍَنگَـرَ ڍارَ رَهَنِّ؛
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکي پاندِ پِيَنِّ؛
هِنَ کي لوهَ لَطِيفُ چئي، هُوءِ کائُرَ مَنجِھ کِلَنِّ؛
کاٽُونبا کاڄَنِّ، مِينهَن وَسَندا موٽُ تُون

جڏھن ته سنڌي جامع لغت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ھن ٻوٽي کي جھنگلي، ميويدار ۽ دوائن ۾ ڪم ايندڙ ٻوٽو لکندي، ھن کي کٽونبو ۽ کٽونبرو لکيو آھي.

ڪتيءَ جي موسم ۾ عام طور تي وونئڻن ۽ مرچن جي فصل سان گڏ ۽ ھن جي ھڪ قسم پاران ڪڻڪن ۽ وونئڻن يعني ٻنھي فصلن ۾ ۽ سال ۾ ٻه ڀيرا ٿيندڙ ۽ خاص ڪري پڪي زمين ۾، پر ٿر ۾ به ڪٿي ڪٿي وسڪاري بعد پاڻيھن پيدا ٿيندڙ کٽونبڙي کي اڪثر ڪري ٻار ۽ ٻڍا ڏاڍي شوق سان جھنگلي ميوي طور کائيندا آھن. ھن مان چٽڻي به ٺاھبي آھي ته ھن مان ڀاڄي به ٺاھي ويندي آھي. ھن کان علاوه ھن کي کٽاڻ خاطر ٽماٽرن وانگر مختلف ڀاڄين ۾ به وڌو ويندو آھي. جڏھن ته ھن ٻوٽي کي مختلف علائقن جا ماڻھو مختلف بيمارين ۾ علاج ۽ دوا طور به ڪم آڻيندا آھن. پر دلچسپ ڳالھه ته اھا آھي ته ھن جي دوا وارين خاصيتن جو گڏيل ذڪر، شايد ئي حڪمت جي ڪنھن ھڪ ڪتاب ۾ گڏيل نموني آيو ھجي. ھا باقي حڪمت جي مختلف ڪتابن ۾ ۽ حڪيمن وٽ، وڏن جي ٻڌايل نسخن ۾ ھن جي مختلف خاصيتن جو ذڪر البته ضرور ملي ٿو. پر ان کان به وڌيڪ ھن جي علاج جي خاصيتن جو عام ماڻھن وٽ ذڪر وڌيڪ ملي ٿو. گوڏي کان چيلھه يا 2 کان 4 فٽن تائين جو به قد رکندڙ کٽونبڙو، عام طور تي مرچن جي ٻوٽي جيترو ٿيندو آھي ۽ ھن جا پن مرچن يا ٽماٽن جي ٻوٽي جي پنن جھڙا ھوندا آھن. جڏھن ته ھي لاڻي وانگر ھيٺ پکڙجندو به آھي. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته انڊيا ۾ ھن جي ميوي جھڙو، ميوو جھليندڙ وڻ به ھجي ٿو، جنھن کي ’گوز بيري‘ سڏيندا آھن. جنھن جا پن سرنھن جي وڻ جي پنن جھڙا ھجن ٿا ۽ ھن جي ميوي جي مٿان چڙھيل کَل جھڙي کل/ڪور، البته ناھي ھوندو. وونئڻن جي فصل سان گڏ ٿيندڙ ھي ٻوٽو جي پڇاڙي جولاءِ ڌاري گُل جھليندو آھي، جيڪي ڦِڪاڻ مائل تي اڇا ھوندا آھن. پوءِ انھن ۾ ميوو لڳندو آھي، جيڪو شروع ۾ سائي رنگ جو ھوندو آھي.ھن مٿان ڏاڍي خوبصورت ۽ نفاست سان چڙھيل ڪور/کل به سائي رنگ جي ھوندي آھي، جيڪا پوءِ کٽونبڙي جي پچڻ تي، ان سان گڏ پيلي رنگ جي ٿي ويندي آھي. ميوو پيلو ٿي پچڻ بعد ڇڻي پوندو آھي. شايد ھن جو ميوو ذائقي ۾ کٽو مٺو ھئڻ ھجڻ ڪري ھن کي ’کٽونبڙي‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ھاڻ اھا خبر نٿي پوي ته کٽونبڙي، جو نالو اڳ ۾ پيل آھي يا مارڪيٽ ۾ ملندڙ ٽافيون جن کي به کٽمٺڙا سڏبو آھي، انھن جو نالو اڳ ۾ پيل آھي! پڪل ميوي جي اندر سوين ننڍا ننڍا ٻج ھوندا آھن، جيڪي پچڻ بعد زمين تي ڪري پوندا آھن ۽ زمين ۾ مڪس ٿي، ٻئي سال مند اچڻ تي ۽ پاڻي ملڻ تي ٻيھر ڦٽي پوندا آھن. ان حساب سان انھن کي جھنگلي ميوي وارن ٻوٽن ۾ شمار ڪبو آھي. ڇو جو اسان وٽ ھن کي نه ته باقاعدي پوکبو آھي ۽ نه ئي ھن جي ڪاشت ئي ڪبي آھي! مختلف ماڻھو ھن جا مختلف قسم ٻڌائين ٿا. جن جو تعداد ٻه کان ٽي آھي. جن مطابق ھڪ وڏي قد وارو ٻوٽو جنھن جو ميوو ۽ پن نسبتاً وڏا ٿين ٿا ۽ اھو وڌيڪ ذائقيدار به ٿئي ٿو. جڏھن ته ٻيو قسم سنھن پنن وارو ھجي ٿو، جنھن جو ميوو ڪجھه ننڍو ٿئي ٿو۽ ان جو ذائقو به ايترو سُٺو ناھي ھوندو. جڏھن ته ٽيون قسم وچولي قد ڪاٺ ۽ ميوي وارو ھوندو آھي ۽ ان جو ذائقو به وچٿرو ۽ کٽو ھوندو آھي. جڏھن ته ڪجھ ماڻھو ھن جا ٻه ئي قسم ٻڌائين ٿا. جن ۾ ھڪ وڏي داڻي وارو ۽ ٻيو ننڍي داڻي (ميوي) وارو. جڏھن ته ڪجھه ماڻھو ھن جا ٻه قسم ڪجھه مختلف ۽ منفرد به بيان ڪن ٿا. جن ۾ ھڪ ساون داڻن وارا ۽ ٻيا ڪارن داڻن/ميوي وارا شامل آھن. انھن قسمن ۾ سائو، سال ۾ ھڪ ڀيرو ئي ٿيندو آھي، پر ڪاري رنگ وارو سال ۾ ٻه ڀيرا ٿيندو آھي. يعني ھڪ ڪڻڪن ۽ ٻيو وونئڻن ۾! ھن ۾ داڻي/ ميوي کان علاوه قد جي حساب سان به ڪي ننڍا ۽ ڪي وڏا ٿين ٿا.

کٽونبڙو مختلف مرضن جي علاج طور ڪم اچي ٿو. مثال طور: دماغ جي ڪمزوري، خاص ڪري ٻارن جي دماغ جي ڪمزوري ۾ جڏھن دماغ ساٿ نه ڏئي ته ھن کي ڪُٽي، پاڻي ۾ چمچو کن جي ڦڪي وٺبي آھي. پٿري ھجڻ جي صورت ۾ ھن کي ڪُٽي، سُڪائي، ڪپڙڇاڻ ڪري، نيراڻي ڦڪي وٺبي آھي. ھن جي ميوي اندر جيڪو پاڻي ھوندو آھي، ان ۾ تيزاب ھوندو آھي. جيڪو چون ٿا ته چئن پنجن مرضن تي پوندو آھي. ھن جي پاڻي مان اک ۾ وجھڻ لاءِ ڊراپ به ٺھندا آھن. ھن جي ميوي کي ڪُٽي، گھوٽي، جگر کي صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ڪبو آھي. قبض جي صورت ۾ به ھن جو ميوو بھترين تصور ڪيو ويندو آھي، پر وڌيڪ کائڻ سان موشن به ٿي ويندا آھن. ھن جو ميوو اکين کان علاوه ھڏن جي مختلف بيمارين لاءِ به مفيد آھي.

انسانن کان علاوه کٽونبڙي مان چوپائي مال جو به علاج ڪبو آھي. ڀاڳيا ھن ٻوٽي جا سڪل پن ۽ کلون ڏنڊي ڪونڊي ۾ ڪُٽي، گھوٽي، ڪپڙ ڇاڻ ڪري، ٻڪرين ۽ اُٺن کي گرمي کان پياريندا آھن. مال جي آڀامجڻ جي صورت ۾ به ھي ٻوٽو مال کي کارائبو آھي. جيڪڏھن مال نه چري ۽ اوڳر نه ورائي ته ان لاءِ به ھڪ ٺيڪ علاج آھي. ان کان علاوه ھن کي کائڻ سان مال مچي مواڙ به ٿي ويندو آھي. پر ھن جي ڪاٺي جيڪڏھن مال کي ڪُتر ڪري يا ٻئي گاھه جي ڪُتر ۾ ملائي به ڏبي آھي ته به ھو ناھي کائيندو. يا ته ھن جي ڪاٺي ٻئي گاھه جي مقابلي ۾ وڌيڪ سخت ھجي ٿي يا پوءِ شايد ڪڙي ھجي ٿي، ان ڪري مال نٿو کائي. ھن جي کائڻ سان مال جو پيشاب به وڌيڪ جاري ٿيندو آھي. ان لحاظ سان به ھي اھم ٻوٽو آھي. ھن کي ٻئي مال سان گڏ اُٺ ۽ ٻڪريون خاص شوق سان کائيندا آھن.

 مال ۽ ماڻھن جي علاج کان سواءِ ھارين نارين لاءِ به ھي ٻوٽو مفيد آھي. ھاري مرچن جي فصل کي لڳندڙ ’مُوڙھه‘ جي بيماري کان بچائڻ لاءِ ھن جي سڪل پنن ۽ ميوي جي کلن جو دونھون/ڌوپ ڏيندا آھن. ھن جي ڪاٺي کي سُڪائي مڇرن جي دونھن وانگر مرچن ۽ بصرن کي دونھن ڏيندا آھن، جنھن سان انھن کي لڳل جيت جڻا گھٽ/ختم ٿي ويندا آھن.

افسوس جو ايڏو اھم ۽ قيمتي ٻوٽو، جنھن کي ڀٽائي سرڪار به ڳايو، ان جي ايترين سارين خاصيتن کي مڪمل طرح نظر انداز ڪيو ويو آھي. ھاري ناري ھن کي غير اھم گاھن وانگر سمجھي، ھن کي اڪثر حالتن ۾ پاڙان پٽي، غير شعوري طرح ھن جي نسل ڪشي ڪري رھيا آھن. جڏھن ته ٿيڻ اھو گھرجي جو ھن کي الڳ فصل وانگر پوکجي، ھن جي علاج وارن فائدن کي عام ڪجي ۽ انھن کي دوائن واري ٻوٽي طور وڌائجي ۽ مارڪيٽنگ ڪرڻ کان سواءِ ھن جي پوک فروٽ وانگر ڪري، ان کي به مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ لاءِ اُماڻي ھارين نارين جي آمدني ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ عام ماڻھن کي اھو گھرن ۾ پوکڻ تي به آماده ڪري، ھن جي غذائيت ۽ اھميت مان فائدو حاصل ڪجي.



مرحلا وار


  موسمن جي مٽجڻ جا ڏس ڏيندڙ وڻ: ڪرڙ

 

زماني جو ظالم دستور آهي ته جيڪا شئي ان لاءِ ڪار آمد نه رهندي آهي يا جيڪا شئي، معاشري ۽ ماڻهن لاءِ مفيد ۽ ڪارائتي نه رهي،  جيڪا شئي پنهنجي هجڻ ۽ رهڻ جو ڀرپور جواز پيدا نه ڪري سگھندي يا محسوس نه ڪرائيندي، اها معاشري ۽ ماڻھن مان تڙجي، ختم ٿي، وجود وڃائي فنا  ٿي ويندي آهي. کيس انهن لاءِ جاءِ  خالي ڪرڻي پوندي، جيڪي معاشري، ماڻهن ۽ ماحول لاءِوڌيڪ  بهتر، مفيد  ۽ ڪارئتيون  هونديون. اهڙي اهميت گھٽجڻ سبب وجود وڃائيندڙ شين مان هڪ ’ڪرڙ جو وڻ به آهي. ڪرڙ جنهن کي اردو ۾ ڪير، پنجابي ۾ ڪرير/ڪرينهه ۽ ڍاٽڪي ۾ بَڻ چيو وڃي ٿو سو روز برزوز گھٽجندو وڃي ٿو. شايد ڪجهه سالن بعد انهن جو ذڪر به رڳو ڪتابن ۽ شاعري ۾ وڃي بچي، باقي ڪم ته هن جو گھڻي ڀاڱي ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو آهي!

زمين ۾ تمام گھڻي اندر وڃڻ بدران، زمين اندر وڌيڪ پکڙجندڙ ۽ گھٽ پاڻي تي ٿيندڙ ڪرڙ جي وڻ ۾  نه ڇانوَ، نه قد، نه ئي پن. ان حوالي سان چئبو آھي ته “گُل به ڪري، ڦل به ڪري، ڪري نه پن”.ھن جي ڪاٺي به ڪا وڏي ڪونه ٿيندي آھي.ھي وڌڻ ۾ به تمام گھڻو سست. زماني جي گرميءَ سرديءَ ۽ تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ به ڪمزور! هن  تيز رفتار ۽ خودغرض معاشري جون اڄڪلھه جون گھرجون پوريون نه ڪرڻ سبب، ڪرڙ تيزي سان وجود وڃائي رهيو آهي.

ڪرڙ سڄي سنڌ ۾ ؛ ڪاڇي، ڪوهستان، ميداني علائقن، ٿر جي تراين ڀرسان  پڪي زمين تي ( پر ٿر جي ڪن علائقن  جهڙوڪر کائڙ ۽ ڪنٺي ۾ ڪونه ٿئي)  ۾ عام جام نظر ايندو هو، جنهن کي ڀٽائيءَ  جي اڱڻ تي بيهڻ جي به اجازت ۽ اعزاز مليل آهي. ان حوالي سان روايتون آھن ته شاھه صاحب ڪرڙ جو ڏندڻ ڏئي، ان کي ڪچي ڀت ۾ يا ان جاءِ تي رونبي/لڳائي ڇڏيو ھو، جيڪو جڏھن ڦُٽي ڪرڙ ٿيو ته ماڻھو ان کي فقير ۽ شاھه جو وڻ ڪري مڃڻ لڳا ۽ اُتي ٻارن جي جھنڊ لاھڻ سان گڏدل جون مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ مِنتون به مڃڻ لڳا. سو هاڻ جهڙوڪر  رڳو کٻڙ وانگر قبرستانن ۽ ويرانن جو وڻ بڻجي ويو آهي، سو به ڪٿي ڪٿي! ھي شايد واحد وڻ آھي، جنھن کي پن ناھن ٿيندا بلڪه انھن جي جاءِ تي سنھيون ٽاريون ٿينديون آھن جن کي جُھڪ سڏبو آھي. ان جي ڪاٺي سخت ۽ ڪڙي ھجڻ جي ڪري سُري کان محفوظ رھندي آھي ۽ ان ۾ لوڻياٺ به ھوندي آھي. ڪرڙ جنهن جو  ڪچو ميوو  شروعات ۾، ڳاڙهي رنگ جي پُسي جي صورت ۾ غريبن لاءِ ڀاڄي جو ڪم ڏيندو آهي. پُسي جي شڪل ڪُپي جھڙي ھوندي آھي ۽ ان ۾ پاڻي ھوندو آھي، جيڪو ڏاڍو مٺو ھوندو آھي. ان پاڻي کي پيئڻ لاءِ ان مُند ۾ وھيو پکي ايندو آھي. جڏھن ته چون ٿا ته تاڙو بي قدرو وري پُسي جي ان ڪُپي کي ٽُڪي پوءِ پاڻي ھاري ڇڏيندو آھي. پُسي جيڪا ماضي ۾ ڪن علائقن ۾ رڌجي وڪامندي به هئي. اڌ پڪي حالت ۾ سائي رنگ ۾ ڏيني، ڏيلھي يا ڏونئري جي حالت ۾، ڀاڄي ۽ آچار طور ڪم ڏيندو هو/آهي ۽ پچڻ بعد ‘پڪو/ڏيلھو’ ٿي غريبن، هارين نارين۽ ڌراڙن کان سواءِ پکين ۾ وهيي، روڏن(ڪانو جو هڪ قسم) ڪانو، جھرڪيون، ملھاري، گُرڙ،  بلبلن/بُربُر، تاڙو، ڪوئل، ڪٻرن، ليلھين ۽ نولو لاءِ به جھڙوڪر سستو سيزنل فروٽ هو. ھن جا گُل يعني پُسي مال به ڏاڍي شوق سان کائيندو آھي. ڀٽائي سرڪار جو بيت: “روڙيو رتا گُل، آڻيو وجھن آھورين”، ۾ به لڳي ٿو ته ڪرڙ جي پُسي ڏانھن ئي اشارو ٿيل  آھي ڇو جو ٿر ۾ ٻيو ڪو به اھڙو وڻ ناھي جنھن جي گُلن کي روڙي ڀاڳيا مال جي آھورن ۾ وجھندا ھجن. ڪرڙ ٻن قسمن جو ٿيندو آھي. ھڪ ڪنڊن وارو  يعني ڪنڊير ۽ ٻيو لاسڙ يعني بغير ڪنڊن وارو. ھڪڙو ڦڪي رنگ جا گُل جھليندو آھي ۽ ٻيو ڳاڙھي رنگ جا. ڪنڊير جي ڪاٺي ۾ انگھا (شاخون) وڌيڪ ٿيندا آھن، جن ۾ عورتون گھرن جا ٿانو خاص ڪري چاڏيون ۽ ديڳڙيون وغيره ٽنگينديون آھن. ان ڪاٺي کي نھرا/نھرو سڏبو آھي. نھرو جي ڪاٺي زمين ۾ لڳائڻ کان اڳ زمين ۾ ست پن پُوري ان مٿان ڪاٺي لڳائبي آھي، جنھن کي ڀاڳ جي نشاني سمجھبي آھي. لاسڙ ڪرڙ مان مُوھي به ٺاھبي آھي، جيڪا کير ولوڙڻ/لسي ٺاھڻ وارين چاڏين کي صاف ڪرڻ لاءِ بھترين ھوندي آھي. اھا موھي چاڏيءَ جي اندر لڳل ’ڪَڻ‘ کي بُرش وانگر لاھي صاف ڪرڻ سان گڏ چاڏي جي ڌپ کي ختم ڪري ان کي خوشبودار بڻائيندي آھي. ڪرڙ جي ڪاٺي تمام مضبوط ۽ ڪڙي ھجڻ سبب ۽ ان کي سُرو نه لڳڻ ڪري، ان مان گھر جي ڇتين جا داسا ۽ پٽيون به ٺاھبيون آھن/ھيون. ان کان علاوه ھن جي پاڙ مان لسي ولوڙڻ جا جھيرڻا به ٺاھبا ھئا ۽ چئبو ھو ته ڪرڙ جي ڪاٺي جي جھيرڻي مان مکڻ وڌيڪ لھي ٿو. ان لحاظ سان ھن کي سڀاڳي ڪاٺي به چئبو آھي. ان کان سواءِ ھن ڪاٺي مان ڀنگ ۽ مصالحي ڪُٽڻ ۽ گھوٽڻ جا ڏنڊا، ڪوڏرن، ڪھاڙين ۽ جنڊ جا ڳن، مُھريون ۽ پڃاريون به ٺاھيبيون آھن. ڪرڙ ۾ ويٺل ماکيءَ کي به بھترين ماکي سمجھبو آھي. ٻين وڻن ۾ ويٺل ماکي، سياري ۾ ماکي جو رس پاڻ چوسي ويندي آھي، پر ڪرڙ ۾ ويٺل ماکي، ڪرڙ جي ڪڙي ھجڻ جي ڪري ان ماکي جو ذائقو به ڪجھه ڪڙو ھجڻ جي ڪري، ماکي جون مکيون ان کي ناھن کائينديون ۽ ائين ٻين وڻن جي مقابلي ۾ ڪرڙ جي ماکي وڌيڪ رس واري ھوندي آھي. جيڪڏھن ٻين وڻن ۾ ويٺل ماکي پائو جي ھوندي ته ان جيتري ڪرڙ ۾ ويٺل ماکي ٻيڻ کان به مٿي جي ھوندي.

ڪرڙ ڪيترن ئي نون فروٽن ۽ ميون جي مارڪيٽ ۾ اچڻ بعد اها اڳوڻي اهميت وڃائي ويٺو آهي. معاشري ۾ ڀلي غربت غربت جون جتان ڪٿان دانهون عام ڇو نه هجن، پر حقيقت هي آهي ته هر طبقي جي رهڻي ڪهڻي ۾ تمام گھڻي تبديلي ۽ ترقي ٿي آهي. جنهن جو مقابلو ڪرڙ جو پڪو /ڏينو يا پسيون ڪرڻ کان قاصر آهن. لاڙ واري پاسي ڪرڙ جي ڏونئري جي ٻج کي آراڙو يا آراڙي ڪري سڏيندا آھن. ساڳئي نموني ڪرڙ جي ڪاٺي جو ھڪ اهم ڪارج ڏنڊو به  هوندو هو (ڪونڊي وارو) پر هاڻ گرينڊر اچڻ ڪري، ڏنڊي وارو ڪم گرينڊر منٽن ۾ ۽ ڏنڊي کان  بهتر نموني ڪريو ڇڏي. ڪرڙ جي ڪاٺيءَ مان مانڌاڻي ۽ ان جو ڦُل ٺهندو هو.  هاڻ کير ولوڙڻ لاءِ به مشينون اچي ويون آهن. بلڪه کير ولوڙڻ کان اڳ، هوٽلن تي پهچيو وڃي. سو ڪرڙ جي ڪاٺي جو اتي به ڪم نه رهيو آهي. ڪرڙ جي ڪاٺي واڍن جي ڪم جي ته نه اڳي هئي نه هاڻ آهي ها موسيقيءَ جا اوزار ٺاهيندڙ، سُرندي ٺاهڻ لاءِ ڪرڙ جي ڪاٺي جون پڇائون ضرور ڪندا هئا پر هاڻ سرندو به پڇاڙڪا پساهه کڻي رهيو آهي. ان کان علاوه ھن ڪاٺي مان الغوزا ۽ بينون به ٺھنديون آھن. ڪرڙ مان لانٽون به ٺهندا آهن پر هاڻ ٻارن به لاٽون کي ڇڏي بيٽ بال پڪڙي ورتي آهي، سو هاڻ اتي به ڪرڙ جو ڪم نه رهيو آهي! ان کان علاوه ھن ڪاٺي مان تاسا، وايا، پٽيون، ايسون،  اوپرا، منجھيون، وڃڻين جا ڳن، ناس ۽ نسوار رکڻ جون دٻيون ۽ ڳوٻاٽا پڻ ٺاھيا ويندا ھئا. ڪرڙ جي اڻ سڌي، پر مضبوط ڪاٺي، چمڪدار هجڻ ڪري شو پيس ۾ ضرور استعمال ٿئي ٿي،  پر جيئن ته شو پيس پاڻ ئي محدود تعداد ۾ هجن ٿا، ان ڪري ڪرڙ هاڻ گھڻو ڪمائتو ۽ ڪارائتو شايد نه رهيو آهي.  ڪرڙ جي ڪاٺيءَ کي نه اڏوهي لڳي، نه سُرو، ان ڪري اها گھرن ۾ خاص ڪري چونئرن ۽ لانڍين ۾ ڪاين ۽ پٽين طور ڪم ايندي آهي. پر هن جي ڪاٺي سڌي ۽ ٿوڻي جيتري قد  جي  مشڪل سان ئي ملي ٿي. ھي ڪاٺي ٻرڻ ۾ سٺي ۽ ڪوئلو ٺاهڻ جي ڪم  جي آهي. ھن ڪاٺي جي ھڪ خاص ڳالھه اھا به آھي ته ھن جون سُڪل ڪاٺيون پاڻ ۾ رڳڙجڻ سان باھه ٻري پوندي آھي. ان ڪري ھڪ عام خيال اھو به آھي ته آڳاٽي زماني جا ماڻھو باھه ڪرڙ جي ڪاٺي مان ئي ٻاريندا ھئا! ڪرڙ ٻين وڻن جي مقابلي ۾ تمام سست رفتاريءَ سان وڌندو ۽ ٿلهو ٿيندو آهي. انهن سڀني ڳالهين جي هوندي به ارو جو ڪرڙ (سڪي تي بيٺل) جيئن تيئن، زماني جي گرمي سرديءَ کان وجود بچايو،  ٿرن، برن ۽ برپٽن ۾ پنهنجي منهن بي ڊپو، الڳ ٿلڪ ۽ اڪيلائي هوندي به خوش گذاريندو هو،  پر مار پئي سم، ڪلر ۽ زمين جي سيڪ تي، جنهن هن جي کاڌ خوراڪ يا حقو پاڻي بند ڪري، هن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. پڪي زمين تي قدآور ۽ سم واري زمين تي ننڍي قد جو ٿيندڙ  ڪرڙ زماني جي ڪم نڪرڻ بعد  اک بدلائڻ واري عادت باوجود، زماني کان ڪنارا ڪش ٿي جيءَ رهيو هو، پر سم هڻي هن جا لاهه ئي ڪڍرائي ڇڏيا! جنهن ۾ وڌندڙ آباديءَ جو به وڏو هٿ آهي.  وڌندڙ آبادي سبب کيڙي هيٺ وڌيڪ زمين اچڻ ڪري، ڪرڙ کي پاڻ کان وڌيڪ ڪار آمد وڻن ۽ فصلن لاءِ جاءِ ۽ جوُءِ ڇڏڻي پئجي وئي آهي.پر ڪجهه سال اڳ نيو پريس ڪلب سانگھڙ جي اڳوڻي صدر ۽ پياري دوست شوڪت حيدري ۽ صادق خاصخيلي سان گڏ جڏهن  محترم سرور جمالي صاحب جي دعوت تي، ‘نيشنل کيرٿر پارڪ’ وڃڻ ٿيو ته اتي ڪرڙ کي ڪافي تعداد ۾ ڏسي اطمينان ضرور ٿيو  ته گھٽ ۾ گھٽ ڪرڙ کي پناهه لاءِ اڃا به ڪٿي ته جاءِ مليل آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته کيرٿر جي اهميت جو هڪ سبب اهو به بڻجي ٿو ته اتي گڊ، سرهه ۽ هرڻ کان علاوه ڪرڙ سان گڏ ٻين ڪيترن ئي وڻن، گاهن ۽ ٻوٽن کي به ڄڻ ته پناهه مليل آهي.  کيرٿر، سنڌ جون ڪيتريون ئي ناياب شيون پنهنجي ساهه ۾ سانڍيو وتي.

حڪمت جي حوالي سان به ڪنهن وقت ڪرڙ ڪم جي شئي هو، پر هاڻ اتي به هن جي گھڻي اهميت نه رهي آهي. اڳي ڪن، نڪ ٽوپڻ بعد ڪرڙ جون سڪل ڪاٺيون، ٽوپيل نڪ ۽ ڪن جي سوراخ ۾ ان ڪري وجھبيون هيون ته جيئن هڪ ته نڪ ۽ ڪن پچي نه پون ۽ ٻيو ته سوراخ بند نه ٿين.  اڳي ٻيئڙ بخار جي صورت ۾ پراڻي ڪرڙ جا ڇوڏا ڌاڳي سان ٻڌي، ڳچي ۾ وجھبا هئا. اڌ مٿي جي سور ۾ علاج طور به ڪرڙ ڪم ايندو هو. پراڻي ڪرڙ (تقريباً سئو سال عمر جي) جي پاڙ واري  يا عام ڪاٺي، انسانن توڙي جانورن  جي هڏ ڀڄڻ جي صورت ۾ اڱر ياڪوئلو ڪري مکڻ سان کارائبي هئي. جنھن مان ھڏ به لڳي ويندو ھو ۽ سور به ڇڏي ويندو ھو. جڏھن ته اھا رک انسانن کي ماکي ۽ مکڻ ۾ ملائي ۽ جانورن کي اٽي ۾ ملائي کارائبي ھئي، جيڪا چيلھه جي سور لاءِ به مفيد ھئي. پر جديد جلد اثر ڪرڻ وارين دوائڻ اچڻ بعد تيز رفتاري جي مرض ۾ورتل  مريضن  لاءِ ڪرڙ جو اهو ڪم به، ڪم جو نه رهيو آهي. ڪرڙ  اُلٽين، دستن، پيٽ جي بيمارين، زناني توڙي مرداني ڪمزوري ۾ به ڪم اچي ٿو. ھن جي ڪاٺي جي کل مٿان اٽو ٿئي ٿو، جنھن کي چاقو وغيره سان روڙي، گڏ ڪري، لپري ٺاھي جانورن يا انسانن کي آيل موچ واري ھنڌ مٿان ٻڌڻ سان فائدو ٿيندو آھي. ڪرڙ جي پاڙ جو دونھون جانورن جي زڪام، کنگ، يا سيءُ جو بھترين علاج آھي. ڇو جو اھو دونھون تمام گرم ھجڻ ڪري فائدو پھچائيندو آھي ۽ ھن سان مڇر به مري ويندا آھن.ڏندن يا ڏاٺ ۾ سور ھجڻ جي صورت ۾ ھن جو ٻونگر/ٻورو ڪُٽي، ڏاٺ يا ڏند مٿان رکڻ يا ان جي پاڙ ۾ وجھڻ سان فائدو پھچائيندو آھي ۽ مھارن مان ايندڙ رت به بند ٿي ويندو آھي. ڪرڙ جي ڪچي ٻُور مان ڪيڙا مار دوا ٺھندي آھي. ڪنھن به شي کي ڪيڙا ھجن ته ٻور گھوٽي ان سان زخم ڀرڻ سان ڪيڙا مري ويندا آھن. ھن جا گُل يعني پُسي گھوٽي، گرم ڪري ان مان مختلف مرضن لاءِ ملم به ٺاھبا آھن. ھن وڻ لاءِ اھو به چئبو آھي ته اھو جنات جو به مسڪن ھوندو آھي. جنھن جانور جا ٿڻ خراب ٿين (ان بيماري کي آڱرا جي بيماري سڏبو آھي) ته خراب ٿيل ٿڻ ھيٺيان ڪرڙ جو ڪوئلو رکي ان مٿان ان ٿڻ مان گوھا ھارڻ سان جيڪو ڪوئلي مان دونھون نڪرندو اھو ان خراب ٿڻ کي ٺيڪ ڪرڻ جو باعث بڻبو. ھن جي ڪاٺي مان نڪرندڙ تيل/رس سنڌن جي سور لاءِ به استعمال ٿيندو آھي. ڪرڙ جو ڪوئلو ڳائي گيھه ۾ ملائي سنڌن، وائي سور ۽ ڦٽ ڦرڙي جي علاج لاءِ دوا ٺاھبي آھي.ھن جو ميوو  يعني ’پڪا‘ وڌيڪ کائڻ سان قبضي به ٿي ويندي آھي. ان حوالي سان لوڪ ۾ چوڻي به مشھور آھي ته “پائي جا پڪا، آنو ڪانچ ڌورائڻي”.پڪن کائڻ سان رت وڌي به ٿو ۽ صاف به ٿئي ٿو. پڪا رت صاف ڪرڻ ۽ جگر لاءِ به مفيد سمجھبا آھن. پڪن اندر جيڪي داڻا ھوندا آھن، جن کي سُڪائي، ڪُٽي، ڪپڙ ڇاڻ ڪري ناس ٺاھبي آھي، جيڪا نزلي زڪام ۽ اڌ مٿي جي سور لاءِ مفيد سمجھبي آھي. پڪن جي ڳَر کي ڪپڙ ڇاڻ ڪري، ان رس مان طاھري ڀت به رڌبو ھو. مارو ماڻھو ھن کي ڏُٿ طور به استعمال ڪندا آھن. ان ڪري ٿر ۾ ھن کي “ڏوٿين جي ڏٿ ۽ مال جي وٿ” پڻ چيو ويندو آھي. ھي به ٻين ڪيترن ئي وڻن وانگر  سال ۾ ٻه ڀيرا ميوو جھليندو آھي. جن مان ھڪ سيزنل ۽ ٻيو ’ماچڙي‘ وارو ھوندو آھي. جنھن ۾ ڪيڙا/ڪيئان وڌيڪ ھوندا آھن. ھن جي ڪاٺي ٻارڻ سان جيڪو رس نڪرندو آھي، ان کي ’شيشو‘ سڏبو آھي. جيڪو خارش، چٽيءَ ۽ ڏڍ سبب جسم تي ٿيندڙ داغن کي ختم ڪرڻ لاءِ مفيد سمجھبو آھي. ٻيئڙ تپ/بخار جي صورت ۾ ٻه اھڙا جاڙا ڪرڙ جا وڻ جن جون ڪاٺيون پاڻ ۾ وڪوڙيل ھجن، انھن جو ڇوڏو ٻڌڻ سان ٻيئڙ تپ ڇڏي ويندو آھي. ھن جون سنھڙيون ڪاٺيون/لامون ننڍڙن ٻارن جو ڪاڪڙو کڻڻ لاءِ ڪم اينديون آھن، جن کي ’ڪام‘ سڏبو آھي. ٻارن کي مدي جي بخار جي صورت ۾، ٻار تي ڌاڳو گھوري ڪرڙ ۾ ٻڌبو آھي ته ٻار جي بخار ختم ٿيڻ جي اُميد رکبي ھئي، باقي اُن عمل سان ڪرڙ تي ڇا گذرندي ھئي، اھو ڪرڙ ڄاڻي ۽ ان جو ڪم!

ھن جي ڪاٺي مان جتي فنڪار يڪتارو ۽ باجو ٺاھيندا آھن، اُتي اڳي ھٿ واريون سيويون ٺاھڻ بعد انھن کي ڪرڙ جي ڪاٺي تي سُڪائڻ لاءِ رکبو ھو. ڪرڙ جي ڪاٺي مان جتي ٻار چيڪلو ٺاھي جھولا کائيندا آھن، اُتي مال ۾ سامھاڙي جي بيماري دوران تيل ۽ ڪوئلو ملائي چيڪلي ۾ لڳائبو ھو ته جيئن چيڪلو وڌيڪ آواز ڪري. جنھن لاءِ چئبو ھو ته انھي آواز تي سامھاڙي جي بيماري ختم ٿي ويندي!ھن جي ڪاٺي نرم سمجھبي آھي جيڪا ٻارڻ لاءِ به استعمال ٿيندي آھي ته ڏندڻ طور به. پر پن نه ھجڻ سبب ھن ۾ ڇانو نه ھجڻ برابر ھوندي آھي.  چون ٿا ته مٺي ڀرسان ڳوٺ کينسر ڪرڙ جا تمام وڏي قد جا وڻ موجود آھن، شايد اھو اُتي جي زمين جو اثر ھجي. انھيءَ حوالي سان وڌيڪ ماھرن کي توجه ڏيڻ گھرجي.

 هندن ۾ ٻار نالي رکڻ واري تقريب  ‘چؤ ڪ’ ۾ به ڪرڙ جون ڪاٺيون ڪم اينديون هيون/آهن.ڪرڙ مان  رازن پاران پسلتر ڪرڻ جا مارا ۽ ٻيڙين جون چپڙيون به ٺهنديون هيون پر پاڻي گھٽجڻ بعد، ٻيڙيون ٺهڻ گھٽجي ويون ته ملاحن به ڪرڙ کي وساري ڇڏيو. ڪنهن وقت ۾ چور، رات جو چوري ڪرڻ لاءِ وڃڻ وقت  ڪرڙ مان ٺاهيل گھوٻاٽا هٿيار طور  به پاڻ سان گڏ کڻندا هئا ته ڪجهه شڪاري قبيلا جانورن جي ۽ پکين جي شڪار لاءِ ڪرڙ مان گھوٻاٽا ٺاهيندا هئا، پر افسوس جو هاڻ چورن ۽ شڪارين به ڪرڙ کي پٺي ڏيندي،  پنهنجون  سنھري روايتون  بدلائي ڇڏيون آهن. اڳي ڪرڙ انساني نالي طور به ڪم ايندو هو ۽ اهو نالو،  ان ٻار جو رکبو هو، جنهن جي  مائٽن جي اڳوڻن ٻارن کي بيماريون هونديون هيون يا ٻار بيمار رهندا هئا ۽ نه بچندا هئا. جيئن ته ڪرڙ جي ڪاٺي کي اڏوهي يا ٻي ڪا بيماري نه ٿي لڳي، تيئن  ڪرڙ نالي رکڻ ۾ اها اميد شامل هوندي هئي ته شل ٻار کي ڪا بيماري نه لڳي. يا پوءِ ٻار جي وڏي عمر ۽ خواهش ۽ دعا طور به ڪرڙ نالو رکبو هو، ڇو جو ڪرڙ جي عمر به تمام وڏي ٿئي ٿي. پر هاڻ فيشني نالن اچڻ کان پوءِ اهڙين دعائيه ۽ لوڪ ڏاهپ جي حساب سان حڪمت سان ڀريل نالن جي به اهميت نه رهي آهي، سو ڪرڙ جي ان حوالي سان به ڄڻ ته  پاڙ پٽجي ويئي آهي.

  روايتن مطابق سرينهن جي وڻ وانگر ڪرڙ لاءِ به چئجي ٿو ته هن نبيءَ پاڪ  صلي الله عليه وسلم جن جو تپ جھليو هو، تنهن سبب هن جا پن ڇڻي ويا. اهڙين ڳالهين ڪافي وقت تائين  ڪرڙ جي اهميت  ۾ گھٽتائي اچڻ نه ڏني. پر ڪتابي علم اچڻ بعد، ماڻهن ۾ ڪرڙ جي انهيءَ اهميت جي به ڪا اهميت نه رهي. ڪرڙ  جنهن کي ڀٽائيءَ کان علاوه ٻين شاعرن ۽  سگھڙن  جتي شاعري جو موضوع بڻايو، اتي ڪرڙ جي حوالي سان مختلف  ڳجھارتون به ٺهيل آهن.

ڪرڙ جي نه صرف اھا خوشنصيبي آھي جو ان کي ڀٽائي سرڪار ڳايو آھي، بلڪه ڪرڙ ان حوالي سان به خوش نصيب چئبو جو شاھه صاحب ڪرڙ جو ۽ ڪرڙ جي مختلف قسمن جو پنھنجن ڪيترن ئي بيتن ۾ به ذڪر ڪيو آھي. ڀٽائي صاحب سُر مارئي ۾ ڪرڙ بابت چوي ٿو ته: (علامه آءِ آءِ قاضي)

لوئي ۾ لائون مون مارو سين لڏيون...........

سا ڪيئن کائي کارڪون، جنھن کي ڏؤنرا ڏيج ڏنائون

داستان ٽيون، سُر مارئي (وائي)

مون ۾ کيسجاھه، مون ۾ کڻيجاھه لوئي ميان عمر
ساڻ پلاءُ نه پاڙيان، سندي ڏؤنرن  ڏوئي
کوءِ سي طعام تن جا، ورساڏؤنرن ڏوئي

داستان چوٿون، سُر مارئي (وائي)

منجھه رھي ملير ھاري! مون ڪوھه ڪيو
ٿڌيون وليون  ٿرن ۾، ڪوڙين ڪرڙ، ڪريو

داستان پنجون، سُر مارئي (وائي)

تن وَھين ويڙيچن ۾، سدائين سُڪار
چونڊيو آڻيو چاڙھيون، سندي ڏؤنرن ڏار
جن جو ويڙن سين واپار، سي ڏوٿي ھون نه ڏٻرا

داستان ستون، بيت پنجون، سُر مارئي

نڪا جھل نه پل، نه ڪو رائر ڏيھه ۾،
آڻي، وجھن آھُرين، روڙيو رَتا گُل،
مارو پاڻ اُمل، مليرون مرڪڻون

داستان ستون، بيت ستون

پُسي کائي پيٽ ۾، ڏؤنرا ڏن ڏيندي،
ويڙھين ڏي ويندي، عمر آئون ماروئڙن ڏي ويندي

داستان نائون، سُر مارئي

سچ ڪه اُٺا مينھن، مونھان پوءِ ملير ۾،
ڏوٿين لائيا ڏينھن، پَھرياِ جي پُسيءَ کي.

داستان يارھون، بيت پنجون

پانڌي پرين پنھوارن کي، ڏج نياپا نيڪي،
ساري ڏج سرتيئن، ياد پون جيڪي،
وليون وڻ ڦلاريا، ڪرِڙ پڪا ڪي ڪي،
زيريو نڀجي جيڪي، ملان ماروئڙن کي.

داستان ستون، بيت 08، سُر مارئي، شاھه جو گنج، سگھڙ الھداد جنجھي.

جت کرڙا کٿا ۽ کاھيون پال، پکا ۽ پَڪَ
سرھيون سيئي سرتيون جي حاضر پاسي حق
ماڻيان، شال ملير ۾ مندائتي مَڪ،
کيڪاريان سڀ خلق، جا ٿر ڄائي ۾ ٿوھرين

داستان ستون، بيت 21، سُر مارئي، شاھه جو گنج، سگھڙ الھداد جنجھي.

تن ونھين ويڙھيچن ۾، سدائين سُڪار،
چونڊيو آڻيو چاڙھين، سندو ڏونئرن ڏار،
وھڻ جون واري ۾، ٻيا ويڙين سين واپار،
اوءُ لاکيڻا لطيف چئي، سمھن ڪين سنگھار،
جن جا اھڙائي پار، تن جي سام  پرتئي سومرا.

داستان ستون، بيت متفرق 22، سُر مارئي، شاھه جو گنج، سگھڙ الھداد جنجھي.

ڪرڙ ڪيترو ئي وقت لوڪ ڏاهپ جي ماهرن ۽ هارين نارين کي وقت جو احساس ڏياريندو رهيو، پر جڏهن خود لوڪ ڏاهپ جي اها اميت نه رهي ته ڪرڙ جي ڪٿان ٿي اهميت برقرار رهي سگھي!  لوڪ ڏاهپ جي ڏاهن مطابق ڪرڙ هونئن  ته بي  مندائتو، ميوو به ڏيندو آهي پر ڪرڙ پاران مندئتيءَ پُسي جھلڻ جو مطلب، سيايي جي باقي اڌ بچڻ هوندو آهي. پُسي بعد سياري جو مشڪل سان وڃي مهينو بچندو آهي. پُسي وقت بلبل پکي ٻچا ڪري، ڪڻڪن جي آنڀن تي ورڻ جو اڳواٽ اطلاع ڏيندو آهي. ان وقت لاباري تي گذران ڪندڙ، اَن جي آسري ۾،لاباري لاءِ گھر ٻار ڇڏڻ جي تيارين ۾ هوندا آهن ۽ ڪو ساهه مٺ ۾ ڪيو، “هو ٿا پلاڻين، هينئڙو مون  هيڻو ٿئي” پيو جھونگاريندو آهي! ڳاڙهي پُسي مان ڏيني  ٿيڻ وارو وقت بهار جي شروعات جو هوندو آهي.  ان وقت موسم مٽجي رهي هوندي آهي. رات جو ٿورو ٿور سي ۽ ڏينهن جو گرمي هوندي آهي.  ان بعد سائي پڪي مان وري ڳاڙها پڪا  ٿيندا آهن ۽ اهو وقت ڪڻڪن جي لاباري کان پوءِ چيٽ  بعد گرميءَ جي تيز ڪاڙهن يعني  گرميءَ جي چاليهي جو هوندو آهي. پڪي وقت تتر، سهو، ڦاڙهو ۽ ٻيا جانور ٻچا ڪندا آهن جن لاءِ تيار ٿيل سڱر ۽  پيرون به جهڙوڪر قدرت طرفان مهيا ڪيل خوراڪ مثل هوندا آهن. پڪن کي ٻڪري، نور، ڪيڙا ماڪوڙا شوق سان کائيندا آهن جڏهن ته  هي اٺ جو چارو به بڻجندو آهي.  پڪن سان گڏ سڱر ۽ پيرن جون ڇڻڻ، بند ٿيل ڏکڻ کلڻ  ۽ آرهڙ جي چاليهي ڀڄڻ ۽ ڏکڻ  شروع ٿيڻ جو نشاني هوندو آهي. اهڙي طرح ڪرڙ  وس آهر موسمن جي مٽجڻ جو ڏس پتو پيو ڏيندو آهي/هو پر هن تيز رفتار دؤر ۾ ڪرڙ پاران جيئڻ جي بدلي، آهي ننڍيون خدمتون سرانجام ڏيڻ شايد معاشري جي توقع کان ۽ زنده رهڻ جي قيمت کان گھٽ آهن! ان ڪري شهرن ۽ آبادين کان نيڪالي ڏنل ڪرڙ هاڻ پويان پساهه کڻي رهيو آهي. مڃون ٿا ته خو د غرض معاشري لاءِ ڪرڙ هاڻ اوترو اهم نه رهيو ۽ ڪم نڪرڻ بعد معاشري هن مان  اکيون ڦيري ڇڏيون آهن. پر  ڪرڙ اڃا  صفا آسرو نه لاٿو آهي. ڪرڙ اڃا به انهي خوشفهميءَ جهڙي توقع جي آسري ۾ آهي ته ڪو  به سرڪاري ادارو، ڪا تنظيم، ڪم جو نه سهي پراڻي وقت جي ۽  وڏڙن جي يادگار ۽ اڳوڻن وقت ۾ ڪنهن ڪن جو سمجھي، ڪنهن وڻن جي چڙيا گھر  ۾ ئي کڻي جاءِ ڏيندو! هن ماحول ۽ معاشري مان اهڙي توقع ڪرڻ، آهي ته فضول پر ڏسون، متان  ڪو  اٿي پوي ۽ ڪرڙ ڪجهه وڌيڪ وقت تڳي پوي!!



چندن


 سڀ کان مھانگو وڻ، جنھن جي گُلن بجاءِ ڪاٺي ۾ خوشبو ھجي ٿي

 

سنڌ ۾ جيڪي وڻ بلڪل ئي ناياب ٿي وجود وڃائي چڪا آھن، جن جو ھاڻ ڪو ڏس پتو به نه ٿو ملي، انھن جو ذڪر يا ته حڪمت جي يا ڪجھه مذھبي ڪتابن ۾ ملي ٿو يا پوءِ نيٽ تي ملي ٿو! ھاڻ ته اھي جھونا به ھليا ويا جن ڪڏھن چندن جو وڻ ڏٺو ھجي ۽ ان بابت ڪجھه ٻڌائي سگھن، اھو وڻ آھي چندن Red Seznal Roze جو وڻ! جنھن کي ڀٽائي صاحب ڳائي، ھميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو. سدا بھار، خوبصورت، خوشبودار، مقدس، اڻلڀ ۽ قيمتي وڻ چندن دنيا جو ته مھانگو وڻ آھي الائي نه، پر ان جي ڪاٺي پاڪستان ۽ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مھانگي ضرور آھي. ٻيون ڪاٺيون جتي فُٽن جي حساب سان وڪامن ٿيون، اُتي ھن جي ڪاٺي تور جي حساب سان ملي ٿي. سنڌ ۾ ھن وڻ جي وجود بابت ڪو ٻيو پڪو پختو ثبوت ته ڪونه ٿو ملي، البته جھونن وٽان اھي خبرون ۽ روايتون ضرور ملن ٿيون ته ھي وڻ ھمير سومري جي دؤرِ حڪومت ۾ ھي وڻ سنڌ ۾ موجود ھو يا پوءِ مومل راڻي واري وقت ماٿيلي واري پاسي به ھن جو ڏس ملي ٿو ته ساڳئي وقت ٿر جا ڪي جھونا، پنھنجي وڏن کان ٻڌن اھي ڳالھيون به ڪن ٿا ته جڏھن اھي واپار سانگي اُٺن، گھوڙن ۽ گڏھن وغيره تي سفر ڪندا ھئا ته کين واٽ ۾ رات پوندي ھئي ته اھي چندن جي وڻ ھيٺيان رات گذارڻ کي ترجيح ڏيندا ھئا. جنھن جو ھڪ سبب ھن وڻ بابت مشھور اھي ڳالھيون به ٿي سگھن ٿيون ته ھن جي ڪاٺي وغيره تي جن، جادو يا ڪو ٻيو عمل اثر نٿو ڪري سگھي!

سڄو سال سائو رھندڙ، قدرت طرفان انتھائي ڪمال ۽ ڪاريگري سان تمام گھڻين نعمتن سان نوازيل چندن جي پاڙ اڇي رنگ جي، وچون حصو يعني ٿُڙ ڦڪو ۽ خوشبودار ھجي ٿو. اھا به عجيب ڳالھه آھي ته ٻين وڻن جي ٻوُر ۽ گلن ۾ خوشبو ھوندي آھي، پر چندن جي ڪاٺي ۾ خوشبو ھوندي آھي!! ھن جي مڪمل ٿيڻ  يعني خوشبودار ٿيڻ ۾ پنجاھه کان سٺ سال لڳي ويندا آھن. مزي جي ڳالھه ته ھن وڻ بابت اھو به مشھور آھي ته جيئن جنگل جو بادشاھه شير، جھنگ ۾ ھڪ ئي ھوندو آھي، ائين چندن به اڪيلو ئي ھوندو آھي. ھن جي ڀرسان ٻيو چندن نه ھوندو آھي. چون ٿا ته ھن جي خوشبو، ٻين وڻن کي ڀرسان ٿيڻ ناھي ڏيندي ۽ ان کي ساڙي ڇڏيندي آھي!! ھن جو قد چاليھه فُٽ کن ۽ ويڪر ٽي فُٽ کن ٿئي ٿي. ھن جون ٽاريون/ڪاٺيون جھڪيل ھجن ٿيون. ھن جو ميوو وانڱڻائي رنگ تي ٿئي ٿو. جنھن کي پکي به شوق سان کائين ٿا. ھونئن به ھي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿئي ٿو. پر انڊيا، نيپال، بنگلاديش، آسٽريليا ۽ سريلنڪا وغيره ۾ ھن کي ھٿرادو نموني به لڳايو وڃي ٿو! انھن ملڪن ۾ ھن جون نرسريون ٺاھي، انھن ۾ پوکي، وڌائي پوءِ ٻيلا پوکيا وڃن ٿا. دنيا ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا جي چندن کي بھترين سمجھبو آھي. ڀارت ۾ ته ھن کي پاڪ پوتر وڻ سمجھيو وڃي ٿو. چوري کان بچڻ لاءِ ھن جون نرسريون ڇتين تي ٺاھيبيون آھن. ڀارت ۾ وڏن/اميرن کي اگني سنسار ڪرڻ وقت ھن ڪاٺي جو استعمال لازمي ھوندو آھي. انڌرا گانڌي ۽ راجيو گانڌي لاءِ چيو وڃي ٿو ته انھن لاءِ سڀ ڪاٺيون چندن جون ئي استعمال ڪيون ويون ھيون. باقي غريب غربي لاءِ ھي ڪاٺي مھانگي ھجڻ سبب، ھونئن ئي انھن جي پھنچ کان پري ھجي ٿي، پر ڪي ماڻھو ھن جي ڪاٺي جو ٿورو گھڻو ٽڪرو انھيءَ موقعي تي استعمال ڪرڻ کي افضل سمجھندا آھن. شادي جي مختلف رسمن ۾ به ھن ڪاٺي جو استعمال لازمي ھجي ٿو. جادو ۽ اھڙن ٻين علمن جي اثرن کان بچڻ لاءِ ھن جي ڪاٺي جو واس به ڏبو آھي. ھن ڪاٺي جو ڪوئلو ناھي ٿيندو، بلڪه اھا سڙي رک ٿي ويندي آھي.

پڪي ۽ پٿريلي زمين ۾ ٿيندڙ ھن وڻ کي پنجويھه کان چاليھه گرمي پد ۽ 100 کان 600 ملي ميٽر بارش گھربل ھوندي آھي. بارش ۾ ھي سُٺو ٿيندو آھي. مزي جي ڳالھه ته ھي خوراڪ پاڙ وسيلي ٻين وڻن مان حاصل ڪندو آھي. ڀارت ۾ ھن جي ڪاٺي کان علاوه ٻج به تمام مھانگو يعني 20 ھزار روپيه ڪلو جي حساب سان ملي ٿو. ڀارت ۾ ھن جي ڪاٺي 12 ھزار کان 20 ھزار تائين جڏھن ته پاڪستان ۾ چون ٿا ته 30 ھزار کان 35 ھزار تائين ڪلو جي حساب سان وڪامندي آھي جيڪا وزن ۾ صفا ھلڪي به ھوندي آھي. ڀارت ۾ حڪومت پاران ھن وڻ جي وڌائڻ لاءِ ڪيترن ئي نوجوانن  ۽ ماڻھن کي سال ۾ ھڪ ڀيرو ۽ ضرورت پوڻ تي ٻه ڀيرا به ٽرينگ ڪرائي وڃي ٿي. ان کان علاوه اُتي ھن جي وڍڻ تي انسان جي برابر سزا مقرر ٿيل آھي.

چندن ٻن قسمن جو ٿئي ٿو، ھڪ اڇو ۽ ٻيو ڳاڙھو. اڇو چندن 20 کان 40 فٽ ۽ ڳاڙھو 15 کان 25 فُٽن تائين جو ٿئي ٿو. ڳاڙھي جو قد ننڍو، کل ڪاري ۽ ڀوري رنگ جي ھجي ٿي. ھن جا گونئچ ڏاڍا نرم رھن ٿا. ھن جا پن ٽاري ۾ ٻٽا ۽ ھيٺ مُڙيل ھجن ٿا. چندن جي پڪل ڪاٺي اندران ڦڪي/پيلي ۽ خوشبودار ھجي ٿي. ھن وڻ کي تيار ٿيڻ يعني خوشبودار ٿيڻ ۾ 50 کان 60 سالن تائين جو عرصو لڳي وڃي ٿو!! ھن جي خوشبو جي ڪري ھن تي پوپٽ ۽ ڀونئرا ھميشه ھن تي مڙيل ھجن ٿا ۽ نانگ به ھن جي سُرھاڻ جي واس وٺڻ لاءِ ھن ۾ اچي رھندو آھي. سٺو ۽ پائدار چندن يا ان جي ڪاٺي ان کي سمجھبو آھي، جنھن ۾ رس گھٽ ھجي. ان رس مان ئي تيل نڪرندو/ٺھندو آھي. جنھن جو ذائقو ڪڙو پر خوشبودار ھوندو آھي.

ھن کي ڀٽائي سرڪار سُر مومل راڻي ۽ سُر کنڀات ۾ ڪافي ڳايو آھي. ان کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي شاعرن ھن کي پنھنجي شاعري جو موضوع بڻايو آھي.

سال جا 12 ئي مھينا سائو رھندڙ وڻ بابت ڪن ماڻھن ۾ اھا غلط فھمي به موجود آھي ته چندل، صندل ۽ سرکنڊ ھڪ ئي وڻ جا مختلف نالا آھن. جڏھن ته ڪن جي بقول ته چندن الڳ وڻ آھي. پر صندل ۽ سرکنڊ ساڳيو وڻ آھي. ڀٽائي جي رسالي ۾ صندل جو ڪٿي به ذڪر نٿو ملي، البته سرکنڊ بابت بيت چندن سان گڏ ضرور موجود آھي.

  

چندن مان ٺھندڙ مختلف شيون

چندن جي ڪاٺي مان مختلف شيون به ٺھن ٿيون ھن مان ٺھيل پينگھي جي ته ڳالھه ئي نرالي ھجي ٿي. ھڪ پينگھي ۾ لڏڻ جا مزا، ٻيو ڪاٺي جي سُرھاڻ ۽ ٽيو جيڪو دل گھريو گڏ ھجي ته پوءِ باقي کپي به ته ڇا! وڏا ماڻھو پنھنجن ٻارن جي شادين ۾ چندن جي ڪاٺي جا ھندورا ڏيندا آھن/ھئا. ھن جي ڪاٺي مان اُٺن جا پاکڙا به ٺاھبا ھئا ته

 

چندن نالي واريون ڪجھه ٻيون شيون

چندن نالي سان نه رڳو وڻ آھي، بلڪه انھيءَ نالي سان چندن گاھه، چندن ٻوٽي ۽ چندن ول جو ڏس ملڻ کان علاوه ٻيون شيون به آھن. جيئن چندن گڍ، چندن پٽي، چندن ھار، چندن ڳوھه ۽ چندورو وغيره. پر انھن سڀني ڳالھين ۽ شين ۾ اھو ڪٿي به واضح نٿو ٿئي ته ڀٽائي صاحب جنھن چندن کي ڳايو آھي، اھو چندن وڻ کان سواءِ ڪا ٻي شيءَ به آھي. مٿي ذڪر ڪيل چندن نالي وارين شين جو مختصر ذڪر ھيٺ ڪجي ٿو. 

  1. چندن گڍ: چندن گڍ نالي سان ڪارونجھر جبل ۾ ھڪ قلعو اڄ به ڊٺل حالت ۾ موجود آھي، جيڪو پارڪر جي راڻي چندن سنگھه، دشمن کان بچڻ لاءِ ٺھرايو ھو، جيڪو سندس نالي پٺيان سڏجي ٿو. ھي اھو ئي قلعو ھو، جتي 1859ع ۾ روپلي ۽ تروٽ جي فوجين وچ ۾ لڙائي لڳي ھئي، جنھن جي ڪمان ميجر ڪئلي ڪري رھيو ھو.  انھيءَ گڊ/قلعي کي انگريزن توپن جي گولن سان تباھه ڪيو، جيڪو اڄ به تباھه شده حالت ۾ موجود آھي. اھڙي طرح باقي سنڌ ته انگريزن 1842/43ع ۾ فتح ڪري ڇڏي پر اھو علائقو 1859ع ۾ سندس قبضي ھيٺ اچي سگھيو.
  2. چندن گل/ٻوٽي: چندن نالي سان ھڪ گل يا ٻوٽي به ٿئي ٿي، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اھا ھتي جي مقامي نه پر اصل ۾ آفريقا واري پاسي جي آھي. جيڪا ھاڻي ملڪي توڙي سنڌ جي نرسرين ۾ اُپائي وڪرو ڪئي وڃي ٿي. ھي ھڪ ڇھه ماھي يعني سيزنل/موسمي ٻوٽي آھي. ھن جا گل ھيڊا، پن ساوا ڊگھا ۽ ويڪرا ٿين ٿا. حڪيمن مطابق ھن جون پاڙون ۽ ٽاريون ڪاڙھي، ماکي ۾ ملائي شربت ٺاھي پيئڻ سان کنگھه ختم ٿي وڃي ٿي. جڏھن ته ھن جي ٻج ۾ چرٻي وارا جُز ھوندا آھن، جيڪي چمڙي کي نرم ۽ خوبصورت بنائين ٿا.
  3. چندورو: چندورو نالي سان ٻوٽو، ٿر ۾ پيدا ٿيندو آھي، پر ڪٿي ڪٿي خاص ڪري ھن جو ڏس ڪارونجھر واري پاسي وڌيڪ ملي ٿو. ھي ھڪ خوشبودار ٻوٽو آھي، جيڪو عورتون وارن ۾ خوشبو خاطر لڳائينديون آھن. ڪن ماڻھن جو اھو چوڻ آھي ته ممڪن آھي ته ڪاڪ ۾ مومل جي ماڙي ۾ به شايد اھو ئي ٻوٽو ھجي! (پر اصل ۾ ائين آھي ڪونه) ھن مان ڀڳل ھڏن کي جوڙڻ لاءِ مھمائي/معجون به ٺھندو آھي. ھن جو کنور کارائڻ سان ٿڪل چوپايو مال، سگھو متارو ٿي ويندو آھي.
  4. چندن چوڙي: ھي ھڪ گاھه جو قسم چيو وڃي ٿو.
  5. چندن ھار: چندن نالي سان ھڪ ڳھه/ھار به ھجي ٿو. جيڪو ڪنوار جي ڳھن ۾ خاص حيثيت رکي ٿو، جيڪو پيٽ /دُن تائين ھجي ٿو. اڳي ته ھي چاندي مان ھي ٺھندو ھو، پر ھاڻ سون جو به ٺاھيو وڃي ٿو. ڪتابن مطابق ھن ھار جو ڏس ٻه ھزار قبل مسيح ۾ به ملي ٿو. ھن ۾ چاندي جي ننڍڙي زنجيرن ۾، ننڍڙا ننڍڙا چنڊ جُڙيل ھوندا آھن، شايد اُن ئي نسبت سان ھن کي چندن ھار سڏجي ٿو. ان کان علاوه چندن ھار نالي سان مرزا قليچ بيگ جو شاعري جو ڪتاب ۽ ساڳي نالي سان اسلامي ڪھاڻين تي مشتمل احمد المرتضيٰ لال جا ڪتاب به ڇپيل آھن.
  6. چندن ڳوھه: چندن ڳوھه نالي سان پيرن تي رِڙھندڙ ھڪ سِرڻو جيت به آھي، جيڪو فُٽ کن ڊگھو ڳوھه جي ھڪ قسم طور سڃاتو وڃي ٿو. جيڪو ٿر بر ۾ ننڍڙن دڙن جي اُڀ ڪپرن جي پاسن وٽ، نرم زمين ۾ ٻِر کوٽي رھڻ کان علاوه ڪَنڊن وارن لوڙھن ۾ به رھي ٿي. ھي زبان ٻاھر ڪڍي لٻڪا به ڪڍندي آھي. ھن جي پيرن جي چنبن ۾ سخت ناخن ھوندا آھن، جن جي مدد سان ھي ڀتين تي به چڙھي ويندي آھي. ھي ڏيڏر، گوگھيون، گليٽيون، ننڍا جيت، جھرڪين، جا آنا ۽ ٻچا به کائيندي آھي. اڳي ھن کي ڪولھي ۽ جوڳين جي کائڻ جون خبرون به عام ھونديون ھيون، پر ھاڻ زمانو ڪافي بدلجي چڪو آھي. ھن تي کنوڙ ڪرڻ جون ڳالھيون به ڪيون وڃن ٿيون. ان ڪري ھي اڪ جي ٻوٽي ۾ پناھه به وٺندي آھي ته ان ۾ رھڻ به پسند ڪندي آھي.
  7. چندن پٽي: سانگھڙ شھر کان اتر جھول روڊ تي ڳوٺ گل حسن سريوال واري پاسي انھيءَ زمين جي ٽڪري کي چندن پٽي جي نالي سان سڏبو ھو. جنھن جون حدون سانگھڙ کان اُتر ۾ڳوٺ گولاڙڪي، ڏکڻ ۾ گھُنڊڻ، اوڀر ۾ چامارو ۽ اولھه ۾ گل حسن سريوال تائين ھيون. (جڏھن ته اها پٽي يوسي گھنڊڻ جي ديھه نئون دِم ۽ تپي ٽِمھون ۾ شامل آھي)
  8. ڇوٽي چندن: ڇوٽي چندن نالي سان ھڪ ٻوٽي به ٿيندي آھي. جنھن کي عربي ۾ اَسارون ۽ سنڌي ۾ تَڪَر ڪاٺي سڏبو آھي. ھي قد ۾ 2 کان 4 فٽ ٿئي ٿي. ھن جي ھر حصي تي نرم نرم ڪُت ٿيندي آھي. ھن جا پن 1 انچ کان 3 انچ تائين ٿين ٿا، جن ۾ سنھا گلاب جي پنن ۾ موجود ڪنڊن وانگر ڪنڊا به ٿين ٿا. ھن جي گلن جو رنگ اڇو ۽ گلابي ٿئي ٿو. ھن جا گل ڇڳن جي صورت ۾ پنجن پنکڙين وارا ٿين ٿا، جيڪي جولاءِ ۾ لڳن ٿا. ھن جو ميوو ڪرڙ جي ڏونئري جيترو گول ٿئي ٿو. ھن جي پاڙ خوشبودار ٿئي ٿي. جن مان ڪنھن جو رنگ ڀورو ۽ ڪنھن جو ھلڪو ڦڪو ٿئي ٿو. ھي ٻوٽي پنڊي، مالاکنڊ، اَپر ھزاره، خيبر ڪرم، ھماليه جبل، ڪشمير ۽ افغانستان جي اڪثر انھن جابلو علائقن ۾ ٿئي ٿي، جيڪي ھڪ ھزار کان 5 ھزار فٽن جي بلندي تائين اوچائي تي ھجن. ھن مان جگر، جيئري، معدي، دماغي چريائپ ۽ اکين جي ۽ ڌُند لاءِ دوا ٺھندي آھي.

ڪاٺي جو استعمال حڪمت جي حوالي سان:

چندن جي ڪاٺي مذھبي رسمن کان سواءِ حڪمت جي حوالي سان به اڪسير سمجھبي آھي ۽ اھا ڏاڍي اھم ۽ ڪارائتي آھي.  جيڪا ڪيترين ئي دوائن ۾ به ڪم اچي ٿي. ھي ڪاٺي وڍڻ کان پوءِ پنجاھه  ڏينھن تائين زمين ۾ پوري ڇڏجي. ناڪاره ڪاٺي کي سُرو کائي ويندو ۽ باقي بچيل ڪاٺي عمده ڪاٺي سمجھبي آھي. جنھن جي طاقت ٽيھه سالن تائين قائم رھندي آھي ۽ ان سان مختلف دوائون ٺاھيبيون آھن.  ان پنج ڇھه سيڪڙو تيل ملندو آھي. جيڪو دل، دماغ جي ڪمزوري معدي جي گڙ بڙ، ورم کي فائدو ڏيندڙ ۽ رت کي صاف ڪندڙ ۽ دستن ۾ فائدو ڏيندڙ ھجي ٿو. سوڄ جي صورت ۾ ان جي حرارت کي فائدو پھچائيندڙ آھي. چندن مان ڪيڙي مار دوائون ٺاھڻ کان علاوه ھن جي ڪاٺ ٻُر مان وڏي کنگھه، بلڊ پريشر ۽ شگر جو به علاج ڪبو آھي. چندن جو روغن پراڻي ۽ سوزاڪ لاءِ مفيد آھن.



ڪامھون


 غريبن جي روزگار جو اھم ذريعو

 

مَس ٻوٽي طور مشھور ڪامھون جنھن کي مختلف علائقن ۾، مختلف ماڻھو ڪامون ۽ ڪامُھين به سڏيندا آھن، سو ھڪ وڻ نما ٻوٽو ته آھي ئي آھي، پر ھي وَل وانگر به وڌندو آھي. اولھه ۽ اُتر جي ڪُنڊ جي لڳندڙ ھوا جنھن کي ’واھوندو‘ سڏبو آھي، تنھن کي ڪي ماڻھو ڪامھون به سڏيندا آھن، پر پاڻ ھتي ڳالھه ڪيون ٿا ڪامھون وڻ/ٻوٽي جي، جيڪو اڪثر ڪري  پاڻي جي وھڪرن، شاخن، واٽرن، ڪرڙن، ڄارين، ڦوڳن، ڪونڀٽن، لوڙھن ۽ ڍينگھرن وغيره جي وچ ۾ يا پاڻي ڀرسان ڦٽندو آھي. ھي منفرد ٻوٽو، زمين مان ڇڳن جي صورت ۾ نڪرڻ/ڦٽڻ/اُڀرڻ مھل ته گلابي رنگ جا پن ڪڍندو آھي، جيڪي پوءِ فُٽ کن جو ٿيڻ تي ساوا ٿي ويندا آھن. ھن جو عام قد 5 کان 8 فُٽن تائين ھوندو آھي، پر ڪنھن ٻئي وڻ يا ڪنھن بجلي جي ٿنڀي وغيره تي ول ويڙھي وانگر چڙھڻ جي صورت ۾ ٽيھه فٽن تائين به ھليو وڃي ٿو. پر ھي جنھن وڻ کي وڪڙجھندو آھي، ان جي واڌ ويجھ کي متاثر ڪندو آھي. ھي ايترو ته گھاٽو ٿيندو آھي، جو جيڪڏھن ڪنھن پوک وغيره جي چوڌاري ڦِريل ھجي ته ان فصل کي مال جي ڀيل کان بچائڻ لاءِ لوڙھو ڏيڻ جي به ضروت ناھي پوندي. ھي ٻوٽو زمين تي تمام گھڻو پکڙجي به ويندو آھي. جيڪو ٻوٽو ڇٽ ھڻي، ويڪرو ٿئي ان کي ’موڙ ڪامھون‘ سڏبو آھي. مھندي جي ٻوٽي سان مشابھت رکندڙ ھن ٻوٽي جون ٽاريون به مھندي جي ٻوٽي سان مشابھت رکندڙ ھجن ٿيون، پر مھندي جو ٻوٽو ھن جھڙو گھاٽو ناھي ٿيندو. ھن جي تاثير به مھندي وانگر ٿڌي ٿئي ٿي. ورن وڪڙن واريون ڪامھون جون ڪاٺيون پاڻ ۾ ايتريون ته ڄار مثل ويڙهيل ھونديون آھن، جو انھن کي ڌار ڪرڻ ھڪ ماڻھو لاءِ مشڪل ھوندو آھي. جن ۾ اڪثر جانورن جا ننڍا ڦر يا سھا وغيره ڦاسي ويندا آھن ۽ نڪري به ناھي سگھندا ۽ مري به ويندا آھن. ھن جي گھاٽاڻ جي ڪري، ڪوئا به ھن جي پاڙ ۾ ٻر کوٽي رھندا آھن. جنھن سان ھو ’ڪوئا مار‘ پکي کان پاڻ بچائيندا آھن. ڪوئن جي کوٽيل ۽ ٻرن واري مٽيءَ کي ’ڪوئا ڪر‘ سڏبو آھي. جيڪا ڀاڳين لاءِ اڪثير جو درجو رکندڙ ھجي ٿي. جڏھن ڪنھن جانور جي ويامڻ جي وقت اوھه ته سوڄ چڙھندي آھي ته اھا مٽي پُسائي، انھيءَ جانور جي اوھه تي لڳائڻ سان سوڄ لھي ويندي آھي. ان کان علاوه ماکي ۽ ککريون به ھن ۾ ويھڻ کي پسند ڪنديون آھن. ھن ۾ ويٺل ماکي اٺين، نائين ۽ ڏھين مھيني ۾ رس به وڌيڪ ڪنديون آھن ته چيڙاڪ به وڌيڪ ٿي وينديون آھن. انھن ڏينھن ۾ ڪامھون ۾ ويٺل ماکي ويھارو کن ڏينھن ۾ ڪلو کن رس ڪري وٺندي آھي. ان وقت ماکي جي چيڙاڪ ٿيڻ جو ھڪ سبب ماڻھن پاران اھو به ٻڌايو وڃي ٿو ته انھن ڏينھن ۾ ککرون به پنھنجا مانارا وڏا ڪنديون آھن، جيڪا ڳالھه شايد ماکي کي پسند ناھي ايندي!!(؟) ڪامھون ننڍن پکين لاءِ به پناھه گاھه جو درجو رکند ڙ آھي. ڳيرو، تتر ۽ ڪبوتر وغيره به باز کان بچڻ لاءِ ھن گھاٽي وڻ ۾ لڪي جان بچائيندا آھن. بلبليون وغيره به ھن ۾ آنا ۽ ٻچا ڪنديون آھن. ھن ۾ ڪنڊا بلڪل ناھن ھوندا. جيڪڏھن ڪو ادارو تحقيق ڪري، ھن جي ڪنڊن وارن جنس پيدا ڪري وٺي ته ھي ٻوٽو لوڙھو ڏيڻ لاءِ بھترين بڻجي سگھي ٿو. جنھن سان نه صرف لوڙھو خوبصورت نظر ايندو، بلڪه ان سان لوڙھو ڏيڻ لاءِ وڻن جي واڍي ۾ به ڪمي اچي سگھي ٿي ته اڪثر ڳوٺن ۽ گھرن کي لڳندڙ باھه وقت، لوڙھو جيڪو باھه مچائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو آھي ۽ نقصان ٿيندو آھي، ان مان به ڪنھن حد تائين بچي سگھجي ٿو. ھي نه صرف مھندي جھڙو نظر اچي ٿو، بلڪه ھن جا ڪم به مھندي سان ملندڙ آھن. نه صرف اھو ته عورتون ھن جا پن مھندي جي پنن سان مڪس ڪري، ڳاري تيل ۾ ملائي وارن کي لڳائينديون آھن، جن سان وار مضبوط، ڪارا، چمڪدار ۽ ڊگھا ٿين ٿا. بلڪه عورتون ھن جي پنن جي ليپ سان مٿي جا وار ويڙھائينديون به آھن. ھن جي وارن ۾ ٿوري ليس به ھوندي آھي. جيڪا وارن کي سڻڀو رکندي آھي. اڪثر ماڻھو ھن جي پنن کي ڪُٽي مھندي سان ملائي ڇڏيندا آھن، پر اھڙي مھندي گِگ/ليس ڪرڻ سان سڃاپجي به ويندي آھي. ھن جا پن غريب گرگليون (شايد غربت سبب) اڄ به مٿي ۾ استعمال ڪنديون آھن جنھن سان دماغ ٿڌو پڻ رھي ٿو.

سدائين سائي رھندڙ ھن ٻوٽي جو خزان به ڪجھه ناھي بگاڙي سگھندي. ڪڻڪن جي لاڀاري جي ڏينھن ۾ جڏھن ٻيا گاھه گھڻي ڀاڱي سُڪي ۽ سڙي ويندا آھن، ان وقت ڀاڳيا ھن کي لُڻي ٻڪرين کي ڏيندا آھن. ھونئن ته ھن کي اُٺ ۽ ڍڳيون به شوق سان کائيندا آھن ته ساڳئي وقت وھيو، ڪٻر، ڪوئل، طوطو، ھُڙيو ۽ ليلھو به شوق سان کائين ٿا. ھن جو ذائقو ھلڪو کٽو ٿيندو آھي. خاص ڪري ڪاموريون ٻڪريون ھن کي وڌيڪ پسند ڪن ٿيون. ھي وڻ اڪثر ڪري دريائي علائقن، پاڻي واري زمين، واٽرن ۽ شاخن جي ڪنڌين، لوڙھن، مختلف قسمن جي ٿنڀن ۾ ٿيندو آھي. ھي جيئن ته اڳ ۾ ھيٺ لاڻي وانگر پکڙجي جڳھه ولاريندو آھي (جنھن کي موڙھه ڪامھون سڏبو آھي) پوءِ مٿي وڌندو آھي. ان ڪري ھاري ناري ھن کي ٻنين ۾ بلڪل به برداشت ناھن ڪندا ۽ ھن کي پاڙان پٽي اڇلائي ڇڏيندا آھن. جنھن ڪري ھن جو وجود به آھستي آھستي ختم ٿي رھيو آھي. ھن جي شاخن وانگر پن به سنھا ٿيندا آھن. ھي ٻن ٽن سالن ۾ وڌي وڏو ٿي ويندو آھي. ھي اڳ ۾ سائي رنگ جو ٻور جھليندو آھي. جنھن مان پوءِ نيري ۽ آسماني رنگ جا گل ڦٽندا آھن. ھن جا پن تمام سنھا ۽ نرم ٿيندا آھن جيڪي شاخن ۾ ھئيڍا ٿيڻ بعد ھيٺ ڪري پوندا آھن. ھن جو ذائقو تکو ھوندو آھي. ھي ڇانگ ڪرڻ سان تمام تيزي سان وڌندو آھي. ھي برسات بعد ڏاڍو خوبصورت ۽ وڻندڙ ڏسڻ ۾ ايندو آھي. عجيب ڳالھه ته شام/سنجھي ويل ڪامھون مان ڪچي پٽاٽي جھڙي بُو/خوشبو ايندي آھي. جي ان مھل ڪو ھن جي ڀرسان لنگھي يا ڪٿي ڀرسان بيٺل ھجي ته لڳندو ڪو پٽاٽو پيو پٽي! ھي وڻ ماڪ جي مُند ۾ ساڙ ڪندو آھي. 

ڪامھون جي ڪاٺيءَ جا ڪم: ھن جي ڪاٺي جي ڪوئلي کي ڪُٽي، پائوڊر ڪري، شيشن ۽ برنيئن ۾ ڀري رکبي آھي. جيڪا، جنھن ماڻھو کي باھه جي سيڪ اچي وڃي ته تازي ڳائي مکڻ سان ملائي، ملم ٺاھي، سڙڻ واري ھنڌ لڳائڻ سان ڦٽ به چند ڏينھن ۾ سُڪي وڃي ٿو ۽ آرام به اچي وڃي ٿو. ھن جون پاڙون سگھيون ھجن ٿيون، جن کي ڪاري ڳُڙ ۽ پاڻي سان گڏ رات جو چاڏي ۾ وجھي/پُسائي ٻنپھرن جو، ھلرن ۽ ھَرن ۾ وھندڙ ڍڳن کي پيارڻ سان، انھن جي گرمي گھٽجي/ختم ٿي وڃي ٿي. ھن جي ڪاٺي وڌڻ بعد جلد سُڪي ويندي آھي، جنھن کي باھه ائين لڳندي آھي، جھڙو مٿي گاسليٽ ھاريو ھجي. پر ان ۾ باھه تيز نه ھوندي آھي. ڪامھون جي پاڙ جو ڏندڻ به ڏبو آھي جيڪو وات جي نزلي لاءِ انتھائي مفيد آھي. ھن جي ڪاٺي عام طور تي وڌ کان وڌ ¾ انچ کن ٿلھي ٿئي ٿي. جيڪا ڪافي ڊگھي، نرم، لچڪدار، مضبوظ ۽ بغير ڪنڊن جي ھوندي آھي. ھن جي تلھڙين/ڇڙين مان ننڍا وڏا کارا، کاريون، ڏلھا ۽ پکين جا پنڃرا ٺاھي غريب ماڻھو روزگار حاصل ڪندا آھن. ٻھراڙين جا ٻار ھن جي ڪاٺي لغڙ ٺاھڻ ۾ به ڪم آڻيندا آھن. ملاح مڇي مارڻ واري ڪُڙي جي مَڃر به ھن جي ڪاٺي مان ٺاھيندا آھن ته ھن جي ڪاٺي جي کل مان رَڇ به ٺاھيندا آھن. ھن جي ڪاٺي شروع ۾ سائي ھوندي آھي، پر ٿوري وڏي ٿيڻ بعد بادامي رنگ جي ٿي ويندي آھي. ھن ڪاٺي مان گھرن/منھن لاءِ ’ورياھه‘ ۽ ’ڇڄا‘ به سُٺا ٺھندا آھن. 

ڪامھون جو ميوو: ڪامھون جو ڪاري وانڱڻائي رنگ وارو ميوو پيرون جھڙو ٿيندو آھي، جنھن  ’ڪانولي‘ سڏبو آھي سو اپريل تائي پچي راس ٿيندو آھي. جنھن کي پکي به شوق سان کائين ٿا ته ٻار ان کي ھٿن ۾ رڳڙي ھن جي نيري رنگ سان پنھنجا ھٿ به رنگيندا آھن ته ان رنگ سان ڀتين کي ليڪا پائي ۽ تصويريون ٺاھي دڙڪا به کائيندا آھن. ڪي ماڻھو/ٻار ان جو رس ڪڍي ’مَس‘ طور به استعمال ڪندا آھن/ھئا. ان ڪري ڪي ماڻھو ھن کي قلم ۾ استعمال ڪندا آھن، ان ڪري ھن کي ’مَس ٻوٽي‘ به سڏيندا آھن.

ڪامھون مان علاج: ڪامھون جي پنن کي سُڪائي، ڪُٽي، مھندي سان ملائي عورتون پنھنجي وارن ۾ لڳائينديون آھن. جن سان وار نرم، ڪارا، ڊگھا ۽ مضبوط ٿيندا آھن ۽ منجھن خشڪي به ختم ٿي ويندي آھي. ھن جا پن گھوٽي لپري ٺاھي، ڦٽ ڦرڙي تي ٻڌڻ سان ڦٽ ۽سوڄ ختم ٿي ويندي آھي. ھن جا پيرون يعني ھن جو ميوو بلغم ۽ کنگھه، جگر، سيني جي سور ۽ سوڄ لاءِ مفيد آھي ته ھن جو رس ڦٽ ڦرڙين ۽ وات پچڻ لاءِ به مفيد آھي. جانورن کي واءُ ٿئي، اھي آڀامجي پون، اوڳر نه ورائين، ٽنگ وغيره ۾ سور ٿئي يا کين ڪو زھريلو جيت وغيره کائي وڃي ته ڪاموھين جا پن ڪاڙھي، ٿڌا ڪري، جانورن کي پيارڻ سان فائدو ٿيندو آھي. پن پٽي، آلي ڪپڙي ۾ ويڙھي، گرم گرم رَک ۾ پوري، انساني سنڌن تي ٽاڪور ڪرڻ سان، سور ختم ٿي ويندو آھي. ھن جي پنن کي سنھين ڪاٺين سميت ڪُتر ڪري، ڪلو کن ۾ 3 ڪلو پاڻي وجھي، ڪاڙھي جڏھن شيشو کن پاڻي بچي اھو ٿڌو ڪري، نيراني استعمال ڪرڻ سان جگر جي ھر تڪليف کي ختم ڪري ۽ جگر کي صاف ڪري ٿو. ھن جا پن سائي، چيلھ جي سور، چُڪ ۽ پيٽ جي بيمارين جي علاج طور به ڪم ايندا آھن. ملھي ۽ ڏڊ جي صورت ۾ گھوٽيل پنن جو ليپ انھن مٿان لڳائڻ سان فائدو ٿيندو آھي.

ڪامھون جي حوالي سان ڳجھارت: ڪامھون جتي روزگار ۽ علاج جو اھم ذريعو آھي، اُتي ھن جي اھميت کي شاعرن ۽ سگھڙن به مڃيندي ھن کي مان ڏنو آھي. ڪامھون جي باري ۾ ڳُجھارت آھي ته:

نارنا چيو نارنا کي، ادي اِھا نه پرين پَر،

ھَڻي وڻ ذاتين تي ڏير چڙھيا ڏونگر،

نالن ۽ نِرناھُن جا ڪيئن ڪي رڇ نرناھه جي گھر.

نارنا معنيٰ نالو (سَکي ۽ ٻيو سسئي)

وڻ معنيٰ ڪاموھين

ذاتين معنيٰ چانگ/چانگن

نالن معنيٰ تولا

رڇ معنيٰ گھڙي

نارنا معنيٰ پُنھون

ڀڃڻي: ھي ڳجھارت سُر سسئي جي آھي. سَکي چيو سسئي کي ادي اھا نه پرين پَر. ھَڻي ڪامھون (ڪامھون جي ڪاٺي جي تلھڙ يا لڪڻ) ھڻي چانگن (اُٺن) کي، ڏير چڙھيا ڏونگر. تولاءِ ٽِڪيا ڪيئن نه ڪيئن گھڙي کن پنھون جي گھر.

ڪامھون جو ذڪر سانوڻ فقير پنھنجي ھڪ ڊگھي بيت ۾ ھن طرح ڪيو آھي ته:

“ماڙي چڙھيو ماروي ٿي ڪري ھُل حشر .......

ڪيسر، ڪِنڙو، ڪونڀٽ، ڪامونھي ٿيا ڪاري منجھه ڪلر..........”

ايترين سارين خاصيتن جي باوجود به ھي وڻ ڏينھون ڏينھن گھٽجي رھيو آھي. جنھن مان اسان ماڻھن، اسان جي ادارن ۽ اسان جي حڪومتن جي وڻن سان دلچسپي ۽ انھن جي قدر ڪرڻ جي شعور جو اندازو آساني سان ڪري سگھجي ٿو! جنھن تي بس افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو!!



کٻڙ/ڄار


ماحول، معيشت ۽ انسان دوست وڻ

 

دنيا جي ڌرتي جو ڪُل 35 کان 40 سيڪڙو ۽ پاڪستان جي ڌرتي جو مشڪل سان 2 کان 3 سيڪڙو ٻيلن تي مشتمل آھي. جڏھن ته دنيا جي ڌرتي جو 17 سيڪڙو حصو ريگستان ۽ 19 سيڪڙو چراگاھن تي مشتمل آھي. خوشقسمتي سان پاڪستان ۾ ٻيلا به آھن، صحرا به ته چراگاھون به. پر انھن جو ڪھڙو حشرٿي رھيو آھي؟ ان جا نيٺ ڪھڙا نتيجا نڪرندا؟ اھو جن کي سوچڻ گھرجي، اھي خبر ناھي ڇو نٿا سوچين؟!!

پاڪستان جي انھن صحرائي ٻيلن ۽ چراگاھن ۾ قدرت ڪيترائي اھڙا وڻ، گاھه ۽ گل ٻوٽا پيدا ڪيا آھن جن جو ماحول ۽ معيشت جي حوالي سان پنھنجو پنھنجو ڪارج آھي. ضرروت ته ان ڳالھه جي ھئي ته اھڙن وڻن ۽ گل ٻوٽن جي وڌ کان وڌ حفاظت ۽ تحقيق ڪري، انھن مان ملي سگھندڙ فائدن جو پتو لڳائجي ھا، انھن کي انسانن جي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ استعمال ڪجي ھا، (جيئن اڪثر ٻين ملڪن ۾ ٿي رھيو آھي پر افسوس جو اسان وٽ تحقيقي ڪم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي چند ماڻھن صفا ٿوري ۽ بنھه عارضي فائدي لاءِ انھن جي نسل کان ڌرتي تان ختم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي. اھو ڪھر نه رڳو وڻن، گاھن، گلن ۽ ٻوٽن سان ٿي رھيو آھي، پر پکي پکڻ جانور ۽ جيت جڻا به حضرت انسان جي حرس جي زد ۾ آھن. قدرتي مليل اھڙن انيڪ تحفن مان ھڪ کٻڙ به آھي. جنھن کي ڄار ۽ ڄال جي نالن سان به سڃاتو وڃي ٿو. قدرت ھن وڻ کي نوازڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آھي، نه صرف انسانن بلڪه، جانورن ۽ خود ڌرتي لاءِ به  ھن ۾ ڪيترا فائده رکيا ويا آھن. حضرت انسان جي حرس واري نفسيات کي اڳيان رکي قدرت ھن جي ڪاٺي کي ٽيڙو ۽ ڪيترن ئي ورن وڪڙن جو ٺاھي بظاھر غير اھم بڻايو آھي. ساڳئي وقت ان جي قد کي پورو پنو رکي جانورن ۽ انسانن جي پھچ لائق پڻ بڻايو آھي. پر انسان جي شيطاني ذھن ھن، ننڍي قد واري ٽيڙي ڪاٺي کي به گھاڻي ۾ پيئڻ لائق بڻائي، ڏاڍو تيزي سان کٻڙ جي نسل ڪشي جي شروعات ڪري ڇڏي آھي. بلڪه نسل کي ختم ٿيڻ جي ويجھو اچي پھچايو آھي. ھي انھن چند وڻن منجھان ھڪ آھي جيڪي انسان جي حياتي پڄاڻان به ساٿ نڀائين ٿا. پر انسان پئسي جي لالچ ۾ ھن ابدي دوست کي به ناھي بخشو. لالچي انسان کي پنھنجي ھن قديمي ۽ مخلص دوست جا سڀئي احسان وسري ويا آھن. ھو لالچ ۾ انڌو ٿي، نسل ڪشي لاءِ سچ پچ ڪات ڪھاڙا کڻي ھن جي پويان اچي پيو آھي، ھن جي ٽارين ۽ ٿڙ کي وڍڻ سان گڏوگڏ ھن جا لاھه به ڪڍڻ شروع ڪري ڏنا آھن.

کٻڙ کي سنڌي ۾ کٻڙ ۽ ڄار، سرائڪي ۾ ڄار، پنجابي ۾ وڻ، اردو ۾ جال پشتو ۾ شني، ھندي ۾ جھاڪ، گجراتي ۾ جل، تامل ۾ اگھائي پتائي، انگريزي ۾ Salvadora Percica  ۽ Tooth Brush Tree، عربي ۾ ادارڪ ۽ فارسي ۾ درخت مواڪ چيو ويندو آھي. ٻين وڻن جي مقابلي ۾ صفا آھستي آھستي وڌندڙ، پر موسمي اثرات وڌيڪ برداشت ڪندڙ کٻڙ جي عمر تمام گھڻي ٿئي ٿي. ٻين وڻن جي ڪاٺي 5 کان 10 سالن ۾ تيار ٿيندي آھي. اتي ھن جي ڪاٺي 40 کان 50 سالن ۾ تيار ٿيندي آھي. ھي وڻ اڪثر ڪري ڪاڇي، لاڙ، ٿر، اڇڙي ٿر، مکي، ميداني علائقن، پنجاب، سرحد، ايران جي خشڪ علائقن، ھندستان، آفريڪا ۽ وچ ايشيا جي ملڪن ۾ ٿئي ٿو. ڪلراٺي زمين ۾ کارا پيرون جھليندڙ کي ڄار ۽ مٺي زمين ۾ مٺا پيرون جھليندڙ کي کٻڙ سڏيو ويندو آھي. پر ڪٿي ڪٿي مٺي زمين ۾ به ڄار ٿيندو آھي. کٻڙ ۽ ڄار ۾ فرق اھو آهي ته ڄار مٺا پيرون جھلي ٿي ۽ کٻڙ کارا پيرون. ڄار جا ٻه قسم ٿين ٿا، ھڪ Bagur ڄار ۽ ٻيو Gharhal ڄار، جنھن جا پيرون ڇُريل ٿين ٿا جيڪي پٽڻ ۾ ڏکيا ۽ سخت ھوندا آھن. Bagur ڄار جا پيرون ٿلھا ۽ مٺا ٿيندا آھن. کٻڙ جي وڻ تي اڳي جون وڏڙيون اٽي واريون سيويون ٺاھينديون ھيون. ان لاءِ کٻڙ جي وڻ ۾ ڇاڻي ٻڌي مٿان ڏنڊو گهمائبو ھو ته ڇاڻي ھيٺيان سيويون نڪرنديون ھيون. ھن جو پن آڱر وانگر سنھو ۽ ڊگھو ٿيندو آھي. ڪاٺي اڇي رنگ جي ھوندي آھي، قد نسبتاً ننڍو ٿيندو آھي. پيرون اڇا، ڳاڙھا ۽ ڀورا پر ڪجھ ننڍا ٿيندا آھن. ڪنھن کي نانگ کائي وڃي ته ٽن ڏينھن جا ڪريل يا ڇڻيل پيرون، جن کي ڪوڪڙ به سڏبو آھي اُھي گھوٽي پياربا آھن ته زھر ختم ٿي ويندو آھي. اُھي ٻارن کي قبضي ھجڻ جي صورت ۾ به فائديمند آھن.

ھن جو ھڪ ٻيو قسم به ٿيندو آھي، جنھن کي ويڙھه چئبو آھي. اھا زمين سان لڳل ھوندي آھي ڪنھن ٻوڙي يا جھڳٽي يا ول وانگر زمين تي ڦھليل ھوندي آھي. پر ول کان قد گھڻو وڌيڪ ھوندو آھي. 5/6 فٽ به قد ٿيندو آھي. اڇڙي ٿر ۾ عام جام ملندڙ آھي.

ڪجھه وقت اڳ کٻڙ جي ڪاٺي جو اندازو ھيٺين انگن اکرن سان لڳائي سگھجي ٿو.

(ھي ريٽ ڪافي اڳ جا آھن. جيڪي ھتي صرف کٻڙ ۽ ٻين وڻن جي اگھه ۾ فرق جي تناسب کي ظاھر ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا آھن)

نم

في مڻ 240 کان 250

ٽالھي

في مڻ 180 کان 200

ٻٻر

في مڻ 50 کان 80

کٻڙ

في مڻ 15 کان 20

قبرستان ۽ غريبن جي ميوي واري وڻ طور مشھور لاڙ، ٿر ۽ ڪاڇي ۾ ٿيندڙ ھن وڻ جا ڪيترائي استعمال آھن. جن مان ڪن جو ذڪر ھت ڪجي ٿو. ڏندڻ لاءِ، ڪوڏر لاءِ، ڪھاڙي لاءِ ۽ ھٿوڙي جي ڳنن، وقت ضرورت ڪايا، پڃر ۽ من جي استعمال لاءِ، ھالا۾ جنڊي تي ٺھندڙ کٽ جي پاون، پينگھن لاءِ ٿڌي ڇانو، حڪمت ۾، انسان، جانورن، پکين لاءِ پيرون ۽ ڪوڪڙ، قبرن لاءِ ڏڪ، قبرن جي مٿان ڇانو، قبرستان لاءِ قدرتي لوڙھو، سم کي گھٽائڻ، سمنڊ جي کاري پاڻي کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ، ڏڪر ۾ مال لاءِ چارو، ڪن پکين جي آکيرن لاءِ، مخصوص جانورن جي چر ۽ ٻر، برساتن ۾ جُو ۾ چرڻ نڪتل مال خصوصاً ٻڪرين لاءِ قدرتي پناھه گاھه، چورن لاءِ گھوٻاٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪمن لاءِ ھي وڻ پاڙ کان ويندي پنن تائين ڪارآمد ۽ ڪارائتو آھي. اڄڪلھه جنھن شئي ھن جي وجود کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي، اھو آھي ھن جي پاڙ مان ڏندڻ، ٿڙ ۽ ٽارين مان گتي جو ٺھڻ، ڳالھه کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ اچو ته مٿي ذڪر ڪيل کٻڙ جي چند استعمالن جو ڪجھه تفصيلي جائزو وٺون.

ڏندڻ:ائين چوڻ غلط ڪونه ٿيندو ته کٻڙ جو استعمال صبح اٿڻ کان قبر تائين ٿئي ٿو. کٻڙ جي پاڙ ۽ ڪاٺين مان ڏندڻ ڏبو آھي. ان ڪري اڄڪلھ ھن جي اھميت تمام گھڻي وڌي وئي آھي. مختلف علائقن مان روزانو ٽرڪن جي حساب سان کٻڙ کي پاڙ سميت وڍيو پيو وڃي. ملڪ کان ٻاھر به اُماڻجي رھيو آھي ته ننڍن وڏن شھرن ۾ به ڪيترن ئي دُڪانن تي وڪامجي رھيو آھي. انھي ڪاروبار مان قيمتي رزمبادله ته ڪمائجي رھيو آھي، جنھن جي ملڪ کي سخت ضرورت به آھي، ان کان علاوه ملڪي سطح تي ڪيترن ئي ماڻھن کي روزگار ملي رھيو آھي، پر ڪنھن به ڪم جي سُٺي يا خراب ھجڻ جو فيصلو ان جي مجموعي جائزي وٺڻ کان بعد لڳائبو آھي. ان حساب سان ڏسجي ته کٻڙ کي ڏندڻ ڪري وڪڻڻ وارو فائدو ھڪ ته عارضي آھي ٻيو ته ان مان جيترن ماڻھن کي فائدو ٿي رھيو آھي ۽ جھڙي قسم جو فائدو ٿي رھيو آھي، ان جي مقابلي ۾ نقصان تمام گھڻو ٿي رھيو آھي ۽ جھڙي قسم جو فائدو ٿي رھيو آھي. اھا ڳالھه ثابت آھي ته کٻڙ ٻين وڻن جي مقابلي ۾ تمام سست رفتار سان وڌي ٿو. جنھن رفتار سان ھي وڍيو پيو وڃي، نه ته ان نموني پوکجي رھيو آھي، نه ئي قدرتي طرح ٿي رھيو آھي. سو اھو وقت پري ڪونھي جڏھن ھي بلڪل ختم نه، ته به صفا گھٽ ضرور ٿي ويندو. ان بعد خصوصاً ڪاڇي، ٿر ۽ لاڙ ۾ جتي ماڻھن جي گذاري ۽ معيشت جو ذريعو چوپايو مال خاص ڪري اُٺ ۽ ٻڪريون آھن، جن لاءِ کٻڙ سڄو سال، خاص ڪري ڏڪار جي ڏينھن ۾ ڪنھن ٽانڪ کان گھٽ ڪونھي، انھي کي معاشي طرح سخت نقصان رسندو. جنھن جا اثر ھينئر کان ئي ظاھر ٿيڻ شروع ٿي رھيا آھن. ان حوالي کان ڏسجي ته ڊگھي عرصي ۾ کٻڙ جي واڍي سخت نقصانده ٿيندي.

کٻڙ جو ڏندڻ جنھن کي مسواڪ چئبو آھي، ان جي ڪاروبار سان ڪيترن ئي ماڻھن جو روزگار وابسطه آھي. جديد دور جي نئون تقاضائن مطابق ڪراچي مان کٻڙ جو ڏندڻ خوبصورت پيڪنگ ۾ سڄي ملڪ ۾ وڃي ٿو. جدت آڻڻ لاءِ ان ڏندڻ مٿان مختلف ڊزائين وارو ڪيميڪل به لڳايو وڃي ٿو. جنھن ۾ لونگ، اسٽرابري ۽ منٽ وغيره شامل آھن. مقامي دُڪاندارن جي بقول ته اسان کي ڪراچي مان 9 روپين جي حساب سان ڏندڻ ملي ٿو ۽ اسان 10 روپين ۾ وڪڻون ٿا. رمضان شريف ۾ ڏندڻ جو وڪرو عام ڏينھن جي مقابلي ۾ 60-70 سيڪڙو وڌي وڃي ٿو. ڪافي ماڻھو ثواب خاطر مسجدن ۾ بغير پيڪنگ وارا ڏندڻ ڪافي تعداد ۾ رکي ويندا آھن، جن کي عام نمازي وضو دوران استعمال ڪندا آھن. مذھبي تعليم وڌڻ بعد اڄڪلھه ڪيترن ئي ماڻھن جي قميصن جي کيسي ڀرسان ڏندڻ جو الڳ خانو رکيل ھوندو آھي. مسلمانن کان علاوه ھندو غير مسلم به کٻڙ جو ڏندڻ استعمال ڪندا آھن. پيڪنگ کان علاوه به ڏندڻ مارڪيٽ ۾ عام جام ھڪ کان پنج روپئي ۾ وڪائي ٿو. سنھي ۽ ٽيڙي ڪاٺي جو ريٽ ٿلھي ۽ سڌي ڪاٺي جي مقابلي ۾ گھٽ ھجي ٿو. بغير پيڪنگ جي کليل ڏيندڻ خاص ڪري حيدرآباد جي مارڪيٽ مان سنڌ جي ٻين ضلعن ڏانھن وڃي ٿو. پر ڪجھه ضلعن ۾ مقامي طرح به ڏندڻ سپلاءِ ٿئي ٿو. جيئن سانگھڙ ۾ کپري جي آس پاس وارن علائقن، چوٽياريون، مکي، منڍ جمڙائو واري پاسي کان به کٻڙ جو ڏندڻ ڪافي سالن کان ماڻھو وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا رھندا آھن. جيڪي سيڪڙي جي حساب سان وڪڻندا آھن. کٻڙ جو ڏندڻ شروع ۾ ٻه، ٽي ڪلاڪ پسائي پوءِ استعمال ڪبو آھي. مزي جي ڳالھه اھا به آھي ته مقامي سنڌي ماڻھن جي اڪثريت جيڪا غربت جي لڪير کان گھڻو ھيٺ زندگي گذاري رھي آھي. اھا کٻڙ جون 7/8 انچ جون ڪاٺيون به گڏ نٿي ڪري سگھي!! سانگھڙ جھڙي شھر جنھن جي چوڌاري کٻڙ پکڙيو پيو آھي ۽ روزگار جا ذريعا ڏاڍا محدود آھن، اُتي جا ماڻھو ايترو به نٿا ڪري سگھن جو ھڪ ڪھاڙي ۽ ڪات کڻي ڪنھن به پاسي نڪري وڃن ۽ سئو ڏندڻ وڍي اچن. في سيڪڙو ڏندڻ 70 کان 80 روپين ۾ وڪامي ٿو. ڪوبه ماڻھو ھڪ ڏينھن ۾ 3 کان 4 سو ڏندڻ آرام سان تيار ڪري سٺي مزدوري ڪمائي سگھي ٿو. پر حيرت آھي جو سانگھڙ ۾ کٻڙ حيدرآباد مان اچي ٿو. پوءِ به اسان رڙيون ٿا ڪريون ته بيروزگاري آھي!! ڪجھه مقامي ماڻھو ڏندڻ وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا آھن، پر دُڪاندارن جي بقول ھڪ ته اھو سنھو ھوندو آھي ۽ ٻيو ڪاٺي سڌي به ڪونه ھوندي آھي. جڏھن ته حيدرآباد وارا سٺو بنڊل ٻڌي ڏيندا آھن. حاجي سڳورا حج کان واپسي بعد سوکڙي طور کجي، زم زم، ٽوپين ۽ تسبين کان سواءِ پيڪنگ وارا ڏندڻ به آڻيندا آھن جيڪو 3 کان 3 ريال ۾ ملندو آھي. چون ٿا ته سعودي وارو ڏندڻ ھتان کليل شڪل ۾ ويندو آھي ۽ اُتان رڳو پيڪنگ ٿي ايندو آھي. جيڪي زميندار چند ھزار رپين جي عيوض پنھنجون زمينون بلاڪ جي حساب سان کٻڙ وڍيندڙ ٺڪيدارن کي ڏئي ڇڏيندا آھن، اھي پاڻ مزدور لڳائي، ڏندڻ ٺھرائي، مارڪيٽ ۾ اُماڻين ته ھزارن جي بجاءِ لکين ڪمائي سگھن ٿا. ان بيٺل کٻڙن مان مال به چاري سگھن ٿا، ماحول سان گڏ ڪيترو ئي جيت جڻ ۽ پکين سان گڏ کٻڙ به بچائي سگھجي ٿو. پر خبر ناھي ڇو ائين نٿو ڪيو وڃي!؟

ڏندڻ ڏيڻ جون برڪتون:حديث شريف ۾ آھي ته ڏندڻ ڏيڻ جا 75 فائدا آھن. مختلف عالمن طرفان، اصحابي سڳورن جي حوالي سان ڏندڻ ڏيڻ جون 38 برڪتون نقل ڪيون ويون آھن، جيڪي ھن ريت آھن.

  1. ڏندڻ ڏيڻ لازمي ڪري ڇڏيو، ان ۾ غفلت نه ڪريو، اھو ھميشه ڪندا رھو. ڇو جو ان ۾ الله تعاليٰ جي خوش نودي آھي.
  2. ڏندڻ ڏيڻ سان نماز جو ثواب نوانوي 99 کان چار سو 400 ڀيرا وڌي ويندو آھي.
  3. ھميشه ڏندڻ ڏيڻ سان روزي ۾ آساني ۽ برڪت ايندي آھي.
  4. مٿي جو سور پري ٿيندو آھي. مٿي جي سڀني رڳن کي سڪون ملندو آھي. ايستائين جو ڪا ٻيٺل رڳ حرڪت نه ڪندي ۽ حرڪت ڪندڙ رڳ ڪونه بيھندي.
  5. ڏندڻ ڏيڻ سان بلغم ختم ٿئي ٿو.
  6. نظر تيز ٿيندي آھي.
  7. معدو درست رھندو آھي.
  8. انسان کي خوش بياني عطا ٿيندي آھي.
  9. جسم کي توانائي ملندي آھي
  • حافظو تيز ٿيندو آھي ۽ عقل وڌندي آھي.
  • دل کي پاڪائي ملندي آھي.
  • نيڪين ۾ اضافو ٿيندو آھي.
  • فرشتا خوش ٿيندا آھن ۽ چھري تي نور اچڻ جي ڪري انسان سان ھٿ ملائيندا آھن.
  • ۽ ھو جڏڳڻ مسجد کان ٻاھر نڪرندو آھي ته فرشتا ھن جي پويان ھلندا آھن.
  • نبي ڪريم ﷺ جن ھن لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا آھن.
  • ڏندن ڏيڻ سان شيطان ناراض ٿيندو آھي ۽ ان کي ڌتڪار ملندي آھي.
  • کاڌو ھضم ٿيندو آھي.
  • ٻارن جي پيدائش وڌندي آھي.
  • پوڙھائپ دير سان ايندي آھي.
  • ڏندڻ ڏيڻ سان حرارت/ گرمي بدن کان پري ٿيندي آھي.
  • ريڙھه جي ھڏي مضبوط ٿيندي آھي.
  • جسم کي الله جي اطاعت لاءِ قوت ملندي آھي.
  • نزع ۾ آساني ۽ ڪلمه شھادت ياد ڏياريندي آھي.
  • قيامت ۾ اعمال نامون سڌي ھٿ ۾ ملندو.
  • پل صراط تان بجلي جھڙي تيز رفتاري سان گذر ٿيندو.
  • حاجت پوري ڪرڻ ۾ (انسان) جي مدد ڪئي ويندي آھي.
  • ھن جي قبر کي فراخ ڪيو ويندو آھي.
  • ڏندڻ ڏيڻ وارو قبر ۾ آرام ۽ سڪون ماڻيندو آھي.
  • ڏندڻ ڏيڻ جو عادي جيڪڏھن ڏندڻ ڏيڻ ڀلجي به وڃي تڏھن به ھن جو اجر لکجي ويندو آھي.
  • ان لاءِ جنت جا دروازا کولي ڇڏبا آھن.
  • فرشتا چوندا آھن ته ھي نبي ڪريم ﷺ جن جي پيروي ڪرڻ وارو آھي.
  • نبي ڪريم ﷺ جن جي طريقي تي ھلڻ وارو آھي.
  • ۽ ھر ڏينھن انھن جي رھماني گھرڻ وارو آھي.
  • ڏندڻ ڏيڻ واري لاءِ دوزخ جا دروازا بند ڪيا ويندا آھن.
  • دنيا مان پڪ ٿي روانو ٿيندو آھي
  • ملڪ الموت روح قبض ڪرڻ لاءِ ھن وٽ دوستن جي شڪل ۾ ايندو. ڪن روايتن ۾ آھي ته اھڙي شڪل ۾ ايندو جھڙي ۾ ھو نبي سڳورن جا روح قبض ڪندو رھيو آھي.
  • ڏندڻ ڏيڻ وارو ان وقت تائين جنت ۾ نه ويندو، جيستائين نبي ڪريم ﷺ جن جي مبارڪ حوض جو جام نه پي وٺي.
  • سنت نبوي مطابق ڏندڻ کٻڙ، زيتون يا نم جو ڏيئڻو آھي. سڀ کان وڌيڪ ھي ته ڏندڻ ڏيڻ الله تعاليٰ جي رضا ۽ منھن جي صفائي آھي.

ھر ۾ استعمال:ٽريڪٽر اچڻ کانپوءِ به ھارين لاءِ ھر جي استعمال جي اھميت کان انڪار ممڪن ڪونھي. کٻڙ جي ڪاٺي جا جتي ٻيا ڪيترائي استعمال آھن اُتي ھڪ استعمال ٿر ۾ ھر جي ھيٺين حصي جو ٺھڻ آھي. جنھن کي چوٿو چيو ويندو آھي. ٿر جي زمين جيئن ته اڳ ئي واري واري ۽ نرم ھوندي آھي ان ڪري ان ۾ ڪاٺي جو ھر آساني سان استعمال ڪري سگھبو آھي.

ڪاين، ڇپرن وغيره ۾ استعمال:اڳي ڳوٺاڻي زندگي کي سستي ان ڪري چيو ويندو ھو جو، مال جوءِ مان چري ايندو ھو. زندگي جو سڄو دارومدار چوپائي مال تي ھوندو ھو. کير مکڻ، لسي، گيھه ٿوري محنت يا ٿورن پئسن سان ملي ويندا ھئا. گھر ٺاھڻ لاءِ گھربل مٽيريل به سولو ملي ويندو ھو. پر ھاڻ اھا صورتحال نه رھي آھي. وڌندڙ آبادي، پئسي جي ضرورت ۽ حرص، وڻن جي واڍي، ملڪ پوٺو ڪري ڇڏيو آھي. اھڙن وڍجندڙ وڻن مان ھڪ کٻڙ به آھي. اڳي گھر ٺاھڻ مھل ضرورت وقت ڪايا، ٿوڻيون، پڃر وغيره، ٻين وڻن کان علاوه کٻڙ مان به حاصل ڪري وٺبا ھئا. ھاڻ کٻڙ جي ڪاٺي ۽ ٻيا وڻ گھٽجڻ سبب اھا سھولت گھٽجي وئي آھي. زندگي ڏينھون ڏينھن مشڪل ۽ مھانگي ٿيندي پئي وڃي. اڳي چوئنرن جي من ۾ کٻڙ جي ڪاٺي ئي استعمال ٿيندي ھئي، جيڪا آسي پاسي آساني سان ملي ويندي ھئي. پر ھاڻ مشڪل ٿي پئي آھي. جيئن ته کٻڙ جي ڪاٺي کي سُرو ۽ اڏوھي نه ٿي لڳي، ان ڪري گھڻا ماڻھو ڪايا ۽ پڃر کٻڙ جا ئي استعمال ڪندا ھئا. جيتوڻيڪ اھي ڪي گھڻا سڌا نه ھوندا ھئا ۽ گھرن ۾ سھڻا به ڪونه لڳندا ھئا پر اڻھوند ۾ ڏاڍا ڪم جا ھئا. ان کان علاوه ٻھراڙي ۾ پلون ڳا ڦُڙون، سمھڻ لاءِ پيھيون، جھار لاءِ پيھا وغيره به کٻڙ جي ڏڪن ۽ ڪاين مان ٺاھيا ويندا آھن.

ڪوڏر، ٽيڪم ۽ ھٿوڙن جي ڳنن ۾ استعمال:قدرت ھن وڻ جي اھميت کي ڏسندي ۽ انساني حرس ۽ لالچ واري فطرت کي سامھون رکندي ھن جو قد ننڍو ۽ ڪاٺيون اڻسڌيون ڪيون آھن. پر پوءِ به انساني فنڪارانه ذھن، کٻڙ جي ڪاٺين جو استعمال ڳولي لڌو. کٻڙ جي ڪاٺي ڪوڏرن، ھٿوڙن ۽ ٽيڪم جي ڳنن لاءِ مفيد آھي. اھا ڪاٺي ايتري سخت ڪونھي ۽ جلد ڀڄندي ناھي. ان ڪري ڳنن لاءِ ڪارائيتي آھي. ان کان علاوه ڳوٺن ۾ لٺ به کٻڙ جي ڪاٺي جي پسند ڪئي وڃي ٿي ڇو جو ان ۾ لچڪ وڌيڪ آھي ۽ چيڙھي ھجڻ ڪري ڀڄي گھٽ ٿي.

کٽن جا پاوا ۽ پينگھا:ھالا جي جنڊي جي کٽن جا پاوا ۽ پينگھا نه صرف سنڌ بلڪ ملڪان ملڪ مشھور آھن. کٽن جا اھي پاوا ۽ پينگھا به کٻڙ جي ڪاٺي مان ٺھندا ھئا. جيڪي نه صرف اُتان جي ڪاريگرن جي گذرسفر جو ذريعو ھئا، بلڪه ملڪ جي سڃاڻپ به ھئا. پر جنھن رفتار سان کٻڙ وڍجي پيو۽ ھالا جي جنڊي به زوال پذير آھي. ان مان لڳي ٿو ته ھي ڳالھه به ماضي جو قصو ٿيڻ واري آھي. ھئين ته کٻڙ جي ڪاٺي واڍڪي حساب سان ڪافي ڪسي آھي، پر ان جي نه ڦاٽڻ ۽ اڏوھي نه لڳڻ جي خاصيت سبب ڪافي شين ۾ ھن کي اوليت ڏني ويندي آھي.

قبرن لاءِ ڏڪ:کٻڙ يا ڄار کي قبرستانن جو ون به چيو ويندو آھي. اڳي ھي وڻ قبرستانن ۾ جام ملندو ھو. ميت دفنائڻ مھل ھن جي ڪاٺين کي قبر تي ڏيئي، مٿان مٽي وجھبي ھئي. انھن ڪاٺين کي ڏڪ چئبو ھو. ھاڻي ڪافي قبرستان قبرن کان خالي ٿي ويا آھن، ان ڪري ڏڪن جو ڪم ڪاٺين جي تختن يا سيمنٽ بجري جي سليبن مان وٺبو آھي. جيڪو ڪم اڳ آساني سان ۽ مفت ۾ ٿي ويندو ھو، ان کي ھٿ وٺي مشڪل ۽ مھانگو بڻايو ويو آھي. فائدو رڳو انھن جو ٿيو آھي، جيڪي ڪجھه پئسن خاطر کٻڙ جي ڪاٺي جو ڪاروبار ڪن ٿا.

قبرن مٿان ڇانو:ھي وڻ جيئن ته قبرستان ۾ گھڻو ھوندو ھو، ان ڪري اڪثر قبرن تي ڇانو ڪيو بيٺو ھوندو ھو. پنھنجن پيارن جي قبرن تي اھا ڇانو ڏسي ھڪ قسم جو اطمينان ٿيندو ھو. پر اڄ جڏھن گرمي ۾، ڏينھن تتي جو ڪنھن ميت سان گڏ قبرستان وڃجي ٿو ۽ ڪنھن مٽ مائٽ، يار دوست جي قبر کي ڏسجي ٿو ته گرمي ۾ بيھي نه سگھجڻ ڪري دعا به جلدي، بغير دلي سڪون ۽ اطمينان جي گھرجي ٿي. پنھنجن پيارن جي قبرن کي گرمي ۾ ڏسي دل جي حالت به عجيب ٿيو وڃي!! قبرستان ۾ گرمي جي ڪري بيھڻ به مشڪل ٿيو پوي. اھو ڪم اڳي کٻڙ جي ڇانو جي ڪري آسان ٿي ويندو ھو.

قبرستانن لاءِقدرتي لوڙھو: اڳي کٻڙن جي گھڻائي سبب قبرستانن کي قدرتي طرح لوڙھو آيل ھوندو ھو. جنھن جيڪري نه مال مويشي آساني سان قبرستانن ۾ وڃي سگھندو ھو نه ئي ھروڀرو ڪتو ٻلو. ان ڪري قبرستان ڪافي حد تائين حرمتي کان بچيل ھوندا ھئا. ھاڻ کٻڙ جي قتل عام بعد ٻيو ته ٺھيو انسانن قبرستانن ۾ رستا ٺاھي ڇڏيا آھن. قبرون لتاڙي پنھنجو پنڌ گھٽائڻ عام ڳالھه ٿي وئي آھي! موت جو ڀوءِ به انسانن مان نڪري ويو آھي!! کٻڙ جي لوڙھي ختم ٿيڻ سان آس پاس جا ماڻھو قبرستانن جي زمين ڏانھن وڌڻ لڳا آھن ۽ قبرستان ڏينھون ڏينھن سسي ننڍا ٿي رھيا آھن.

حڪمت جي حوالي سان کٻڙ جي اھميت:قدرت کٻڙ کي پاڙ کان پنن تائين بي حد مفيد ۽ ڪارائتو بڻايو آھي. کٻڙ جا پن 15 کان 36 سيڪڙو معدنيات سان ڀريل ھوندا آھن. ڄار ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاربان داءِ آڪسائيڊ جذب ڪرڻ جي صلاحيت موجود آھي. پر اڄ جو انسان خود پنھنجو دشمن پاڻ ٿي، اھڙي ماحول ۽ معيشت دوست وڻ جي به بي قدري تي لھي پيو آھي. ٻين فائدن سان گڏ حڪمت جي حوالي سان به ھي وڻ تمام اھم آھي. حڪمت جي مختلف ڪتابن ۾ ھن جي پنن، پيرون، ڪوڪڙ (سڪل پيرون) کل، (ڇوڏن) ۽ پاڙ جا ڪيترائي فائدا ٻڌايا ويا آھن. جن مان خشڪ کنگھه لاءِ ڪاڙھو، جگر ۽ معدي کي طاقت ڏيڻ، دستن کي بند ڪرڻ، رحم جي سوڄ ۽ سورکي ختم ڪرڻ، باد فرنگ جي ڦٽن کي ختم ڪرڻ، بدن جي خارش ۽ جزام، پرميل ۽ پشاب جي ساڙي، مثاني جي فٽ، پٿري ۽ رائي کي پيشاب ذريعي ٻاھر ڪڍڻ، وات جي بدبوءِ ختم ڪرڻ، بلغم ڪڍڻ، جلندر ۽ سفرا جي خلط کي دستن ذريعي ٻاھر ڪڍڻ وغيره جھڙا ڪيترائي فائده ۽ ڪيترين ئي بيمارين جو علاج ٻڌايل آھن. اڳي جڏھن ٻارن جا پاسا لڳندا ھئا ته پوڙھيون کٻڙ جي پنن مان لپري ٺاھي ٻارن کي پاسن سان ٻڌنديون ھيون. جسم جي ڪنھن به حصي تي سور ٿيڻ جي صورت ۾، کٻڙ جا پن گرم ڪري ٽاڪور سان سور ختم ٿي وڃي ٿو. ھاڻ ھر ننڍي وڏي بيماري جو علاج ڪميشن کائو ڊاڪٽر جي غير ضروري ۽ ڳاٽي ٽوڙ اگھ وارين دوائن ۾ ڳوليو وڃي ٿو. جنھن سان ٻارن کي ھڪ کان پوءِ ٻي بيماري وٺيو وڃي ۽ غريب ماڻھن جي ھڙ ھليو وڃي.

ضرورت ھن ڳالھه جي ھئي ته حڪمت جي موجود نسخن تي وڌيڪ تحقيق ڪري، انھن کي عام ڪيو وڃي ھا. جنھن سان پئسو به بچي پوي ھا. اھڙن ٻين وڻن ۽ جڙي ٻوٽين مان نسخا ٺاھي، ٻاھر اُماڻي ناڻو ۽ نالو ڪمائجي ھا. جنھن سان به ساڳيو روزگار ۽ پئسو ملي پوي ھا. پر ھن جائز رستي کي ڇڏي، اڄ جو انسان پئسو ڪمائڻ جي لاءِ مرڳو ھن وڻ کي پاڙان پٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي، جنھن سان رڳو عارضي روزگار ملي سگھندو سو به چند ماڻھن کي. نقصان سڄي ڌرتي جي گولي جو ٿيندو.

پيرون ۽ ڪوڪڙ:کٻڙ جو سڪل توڙي آلو ميوو جنھن کي ڪوڪڙ ۽ پيرون چئبو آھي، سو انسانن، جانورن، توڙي پکين جو ھڪجيترو من پسند ميوو آھي. پيرون جنھن کي عام طور تي غريبن جو ميوو سڏبو آھي. سو ڄڻ ته غريبن جو ڊراءِ فروٽ آھي جيڪو ڪيترين ئي معدنيات سان ڀريل آھي. چيو وڃي ٿو ته پيرون ۽ ڪوڪڙ مان نڪرندڙ ٻج مان صابڻ به ٺاھيو ويندو آھي ته ڪن ملڪن ۾ ان مان تيل پڻ ڪڍيو ويندو آھي.

عام طور تي 6/7 سالن جو کٻڙ يا يار سياري جي آخر ۾ ٻور جھليندو آھي. الھندي جون ھوائون ۽ جھولا جنھن سال نه ٿا لڳن ان سال جام پيرون ٿيندو آھي. ٻئي صورت ۾ ھوائون ٻور ڇاڻي ڇڏينديون آھن ۽ پيرون گھٽ ٿيندو آھي. اپريل، مئي ۾ پيرون تيار ٿي ويندو آھي. عام طور تي پيرون ٽن قسمن جا ٿيندا آھن. ھڪ صفا ڳاڙھا، ٻيو ٿوري نيري رنگ تي، جيڪي گھٽ مقدار ۾ آھن، ٽيون ماچڪ پيرون اڇا، ڳاڙھا ۽ ڀوري رنگ تي ٿين. جيئن ھر انب جي وڻ جي ميوي جو پنھنجو ذائقو ٿئي ٿو، پيرون به ائين ئي آھن. ڪي پيرون ايترا ته نازڪ ھوندا آھن جو ھٿ لڳائڻ سان ڦسيو وڃن، ڪي ڇڻيو وڃن. ڪن جو ڏوڏو وڏو ته ڪن جو ننڍو ٿئي. اٺ ۽ ٻڪري وڏي شوق سان پيرون کائيندا آھن. ان کان علاوه گدڙ ۽ سوئر به کائيندا آھن. پکي به پيرون دل سان کائيندا آھن. جن ۾ ڪٻر، جھرڪيون، ڳيرا، طوطا ۽ ڪانو شامل آھن. ماکي جي مک به پيرون مان رس چوسيندي آھي. سڀ کان وڌيڪ پيرون جي پچار ڪٻر کي ھوندي آھي. مال ۽ پکين سان گڏ پيرون ماڻھن لاءِ خصوصاً لاڙ، ڪاڇي ۽ ٿر ڄاين لاءِ وڏي سوکڙي سمجھي ويندي آھي. جيئن انب بمبئي بيڪري جا ڪيڪ، ماکي، مکڻ، گيھه پاپڙ، پيڙا، ڦوٽي ۽ آگم جو حلوو، کجي ۽ ڪتل، مڇي، سياري ۾ ايندڙ ڍنڍ جا پکي، تلور، تتر، سھا، ھرڻ، ڦاڙھا، آچار، سجيون، ساڳ، سڱر،، مريڙو ۽ کنڀيون سوکڙيون ڪري اُماڻبا آھن ۽ اھي رڪيل ڪم جيڪي پئسي ڏيڻ سان به نه ٿيندا آھن، سي ٿي پوندا آھن، اھڙي نموني پيرون ۽ ڪوڪڙ به ڪم ايندا آھن ۽ تحفي طور به اُماڻبا آھن. ٻئي ڪنھن کي پيرون ۽ ڪوڪڙ جو انتظار ھجي نه ھجي پر مکي، ڪاڇي، لاڙ ۽ ڄايون جيڪي ٻاھر پراڻيل ھونديون آھن، انھن کي جنھن سال مائٽن وٽان پيرون نه ملندا آھن ته اھي پاڻ پيرون وانگر ڦسي پونديون آھن. گنديون آليون ٿي پونديون آھن ۽ اکيون ڇم ڇم وسي پونديون آھن!! پيرون پٽڻ لاءِ وڃڻ جو به پنھنجو ھڪ حسن ۽ مزو آھي. جنھن جو ڪيترين ئي دلين کي سڄو سال عيد جي چنڊ کان به وڌيڪ انتظار ھوندو آھي.

پکين جي آکرين جو ھنڌ:کٻڙ جو وڻ نه صرف ڪاٺي، پاڙ، پنن ۽ پيرن جي حوالي سان ڪارائتو آھي. بلڪه پکين، جانورن ۽ نانگن لاءِ به وڏو ٿاڪ آھي. ماکي جي مک لاءِ کٻڙ رھڻ کانسواءِ رس چوسڻ جو ذريعو آھي ته ڳيري، ڪاٺ ڪٽو، ککر، فوسي، وھي جي آکيرو اڏڻ لاءِ اوليت جو ھنڌ آھي. ڇو جو ھن وڻ ۾ ڪنڊو ناھي ۽ ٻيو ته ھي طوفانن ۽ برساتن جو مقابلو وڏي ھمٿ سان ڪندو آھي. خصوصاً ننڍي ڳيري جي آکيري لاءِ دلپسند جڳھه کٻڙ ئي ھوندي آھي. اڄ جو انسان پنھنجي ٿوري فائدي جي لاءِ کٻڙ وڏي نه صرف ماحولياتي مسئلا پيدا ڪري رھيو آھي پر معصوم ۽ پُر امن پکين کان اجھو به کسي رھيو آھي.

جانورن جي رھڻ جو ھنڌ:کٻڙ جي ڇانو ڏاڍي ٿڌي ھئڻ جي ڪري ھرڻ ان ھيٺ رھڻ پسند ڪندو آھي. لومڙ به پنھنجي ٻر ھن وڻ جي پاڙ ۾ ٺاھيندو آھي. سھي کي آرام به ھن جي ڇانو ۾ کڏ کوٽي اچي ٿو. جانورن جون عادتون جيئن ته شڪارين کي ساريون پيون آھن. ان ڪري اھي عادتون سندن موت جو باعث بڻبيون آھن. پر پوءِ به جانور شايد زندگي جا آخري پساھه کٻڙ جي ڇانو ۾ گهارڻ پسند ڪندا آھن. جانورن کي کٻڙ جي ٿڌي ڇانو ۾ گھري ننڊ اچي ويندي آھي، جنھن جو فائدو چالاڪ شڪارين کي ٿيندو آھي ۽ ائين جانور ويچارا ٿڌي ڇانو ۽ ننڊ جي شوق ۾ ابدي آرامي ٿي ويندا آھن.

کٻڙ ۾ نانگ بلائون:ڪيترائي نانگ بلائون کٻڙ کي مسڪن بڻائيندا آھن. جنھن جي بنيادي وجه اھا چئي وڃي ٿي ته نانگ، بلائون ۽ وڇون وغيره ۾ گھڻي گرمي يا سردي برداشت ڪرڻ جي قوت گھٽ ھوندي آھي. جئين ته کٻڙ جي ڇانو ڏاڍي ٿڌي ھوندي آھي ۽ سردي ۾ ھن جون زمين تائين پکڙيل ٽاريون ٿڌين ھوائن کي روڪين به ٿيون، ان ڪري ھي نانگ بلائن جو من پسند مسڪن ھوندو آھي. خاص ڪري ڪوراڙ بلا جيڪا ڳاڙھي رنگ جي 5/6 ڊگھي ٿئي ٿي ۽ مٿي تي وارن جھڙو جھڳٽو ٿيندو اٿس، ان کان علاوه لنڊي ۽ ڪونڀارو به کٻڙ ملندا آھن.

برسات ۾ مال ۽ پکين لاءِ پناھه گاھه: کٻڙ اڪثر ڪري لاڙ جي بيابانن، ڪاڇي جي پوٺن، ٿر جي ڀٽن، مکي جي جھنگ، ويران پيل ٻنين ۽ ميدانن ۾ ٿيندو آھي. انھي جاين تي اڪثر ڪري مال ۽ پکي به جام ھوندا آھن. انھن علائقن جو مال گھڻو ڪري کليو پيو چرندو آھي. اچانڪ برسات پوڻ جي ڪري ٻاڪري مال کي تمام گھڻو نقصان ٿيندو آھي. ڪافي مال مري ويندو آھي. جتي جتي به کٻڙ ھوندو آھي، اُتي مال کٻڙ جي ھيٺيان پناھ وٺي برسات کان پاڻ کي بچائيندو آھي. جن علائقن ۾ کٻڙ جي واڍي تيزي سان ھلي رھي آھي يا واڍي ٿي چڪي آھي، اُتي برسات ۾ مال مرڻ جا واقعا به تمام گھڻا ٿيا آھن، تازو 2006 ۾ آيل برساتن دوران خصوصاً سانگھڙ ۾ ٻاڪرو ۽ ڳائو مال ڪافي مئو ھو. ھڪ ته برساتن ۾ جانورن تي پاڻي جون تيز بوندون پونديون آھن ۽ ٻيو ته مال کي کائڻ لاءِ به ڪجھه نه ھوندو آھي. ڇو جو پوٺن وارو گاھه پاڻي ھيٺ اچي ويندو آھي ۽ وارياسن علائقن جو گاھه پسي ويندو آھي. ان حالت ۾ کٻڙ جيڪو سدائين سائو ھوندو آھي، اھو مال جي وڏي ڪم ايندو آھي. لِڪڻ لاءِ به ۽ چاري لاءِ به. برسات جي ڏينھن ۾ کٻڙ پکين لاءِ وڏي جاءِ پناھه ھوندو آھي. ھتان کٻڙ وڍجي چڪو آھي، اُتي پکين جا آکيرا ختم ٿي چڪا آھن ۽ برسات ۾ پکين جون پناھه گاھون هب ختم ٿي چڪيون آھن.

مال جي چاري طور:اڳي کٻڙ جو وڏو استعمال مال جي چاري طور ھو. اُٺ ۽ ٻڪريون خاص طور تي کٻڙ کي کائيندا آھن/ھئا. ڏڪر جي ڏينھن ۾ ته مال جو گذر ھن تي ئي ھوندو ھو. ٿر ۾ چوندا آھن ته ٻڪري جو مچ کٻڙ سان آھي. ھنئين کٻڙ جا ٻيا ڪيترائي استعمال آھن/ھئا. جيڪي حضرت انسان وقت ضرورت ڪيا آھن. چوندا آھن ته ضروت ايجاد جي ماءُ آھي. سو کٻڙ جو استعمال به مختلف حوالن سان ازل کان ٿيندو رھيو آھي. اڳي ميلا کليل ميدانن ۾ لڳندا ھئا. جتي کٻڙ جام ھوندا ھئا. جنھن ڪري کٻڙن ۾ به ميلا ٿيندا ھئا!!

گرمي سردي ۾ جانورن ۽ ڌنارن جي بچاءُ جو ذريعو:جتي کٻڙ ٿئي ٿو. اُتي گھڻو ڪري چراگاھه ھوندا آھن. جتي ڪيترو ئي مال چرندو آھي ۽ آس پاس مال چاريندڙ ڌنار به موجود ھوندا آھن. کٻڙ جي ڇانو ته ھُئين ئي ٿڌي ڇانوءَ طور مشھور آھي. پر ٿرن برن ۾ ھن جي ڇانوءَ جي اھميت اڃا به گھڻو وڌي وڃي ٿي. گھڻو ڪري مال کٻڙ جي ڇانوءَ ۾ ئي ساھي پٽيندو آھي ته ڌنار به. ٿر جي تڙن لڳ مال کٻڙ جي ڇانو ۾ ئي ويٺل نظر ايندو آھي. وارياسي علائقن، ڳوٺن توڙي سم ۽ ڪلراٺي زمين واري زمين واري علائقي ۾ به مال جا ڪلا کٻڙ ھيٺيان ئي ھوندا آھن. جنھن نموني کٻڙ جي واڍي ٿي رھي آھي ان حوالي سان مال کي گرمي ۾ سخت مصيبت کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. جيڪڏھن ھن طرف تڪڙو ڌيان نه ڏنو ويو ته ڇانوءَ جي گھٽجڻ جي ڪري (سابه کٻڙ جي) مال کي سخت نقصان پھچندو.  ساڳئي طرح ٿر ۾ مال کي سردي کان بچاءُ لاءِ ڀاڻا وغيره گھٽ ئي ٺاھبا آھن. سردي ۾ مال (ڍڳيون ۽ ٻڪريون) کٻڙن جي اوٽ ۾ ويھي سيءَ کان پاڻ بچائيندا آھن.

فاريسٽ پاليسي:اسان وٽ ٺھندڙ پاليسين مان گھٽ ئي اھڙيون ھونديون. جيڪي مقامي ماڻھن ۽ مال سان مطابقت رکندڙ ھجن. پوءِ اھي تعليمي پاليسيون ھجن، ماحول جون ھجن يا فشريز کان ويندي صنعتي پاليسيون ھجن. ان حوالي سان فاريسٽ پاليسي به آھي. جنھن ۾ ڪڏھن ٻاھران آندل وڻ يوڪلپٽس کي اڳيان ڪيو ٿو وڃي ته ڪڏھن ڪونو ڪاريپٽس کي. مقامي وڻ خبر ناھي ڇو نظر نٿا اچن!؟ ۽ انھي تي اک الائي ڇو نٿي ٻڏي!؟ جيڪا به نئين جنس پوءِ اھا ڪنھن فصل جي ھجي يا وڻن جي پوکي وڃي ٿي ته ان جي خوبين ۽ خامين جي خبر ڪجھه سالن کان بعد ئي پوي ٿي. جنھن بعد وري ھڪ نئون تجربو ڪيو وڃي ٿو. ۽ ان بعد وري ھڪ نئون!! ھن ڌرتي جا وڻ جيڪي صدين کان پيدا ٿيندا رھيا آھن، جن جي باري ۾ ماڻھن کي سالن جو تجربو آھي، انھن کي نظر انداز ڪري ٻاھريان فصل ۽ ون آڻڻ ۽ اڪثر حالتن ۾ ناڪام تجربا ڪرڻ، خبر ناھي ڇو ضروري سمجھيو وڃي ٿو!!؟

ڪڏھن به پڙھڻ يا ٻڌڻ لاءِ ناھي مليو ته ڪو کٻڙ کي به سرڪاري سطح تي ھمٿائڻ لاءِ ڪا پلاننگ ٿي رھي آھي. حالانڪه ھاڻ ته کٻڙ جي ڪافي مارڪيٽ ويليو ٿي وئي آھي. ان مان ملندڙ ماحولياتي فائدن کي ڇڏي ڪري ڪافي معاشي فائدا به ملي رھيا آھن. ٻيلي کاتي جي سرڪاري نرسرين ۾ کٻڙ جون چڪيون به تيار ڪرڻ کپن ۽ ماڻھن کي کٻڙ جي فائدن کان به آگاھه ڪيو وڃي ته جيئن ماحولياتي فائدن سان گڏوگڏ معاشي فائدا به ملي سگھن. ھن ڌرتي تي صدين کان پيدا ٿيندڙ ھر وڻ، گاھه، ٻوٽي، پکي، پکڻ ۽ جيت جڻي جو به ڌرتي تي اوترو ئي حق آھي ۽ ھجڻ کپي جيترو وسندڙ انسانن جو آھي.

کٻڙ جي ڪاٺي جو کوھن ۾ ڏڪ طور استعمال:اڳي کوھه يا واھه کوٽڻ مھل کٻڙ جا ڏڪ استعمال ڪبا ھئا. ھئين ڏڪ، ڪنڊي ۽ ڪوڙ جا به استعمال ٿيندا آھن، پر کٻڙ جي ڪاٺي کي سرو نه لڳڻ، پاڻي ۾ گھٽ ڳرڻ ۽ پاڻي ۾ ڳرڻ کان پوءِ بوءُ نه ڪرڻ جي خاصيتن جي ڪريان جو استعمال وڌيڪ ٿيندو آھي. ان کان علاوه کوھه ٻڌڻ لاءِ چڪ به گھڻو ڪري کٻڙ ۽ ڪنڊي جي ڪاٺي جو ئي استعمال ڪبو آھي.

پيرن/کٻڙ جو لوڪ ادب ۾ ذڪر:ٿري پيرون پچڻ مھل پري ويل يا وڇڙيل پيارن کي ياد ڪري جيڪا شاعري ڪندا ۽ ڳائيندا آھن ان کي ڏھاڪو چئبو آھي. (چون ٿا ته شيخ اياز جيڪا ٽھوڪا لفظ استعمال ڪيو آھي اھو به لفظ ڏھوڪا کان ورتل آھي). جن جن علائقن ۾ پيرون ٿين ٿا. اتي جي مادري زبان ۾ پيرون ۽ کٻڙ جي حوالي سان شاعري ملي ٿي. سنڌي، ڍاٽڪي، سرائڪي ۽ پنجابي ۾ شاعري عام جام آھي.

ڀٽائيءَ رح جي شاعري ۾ کٻڙ جو ذڪر:کٻڙ جي خوشنصيبي جو نه صرف کٻڙ بلڪه ان جي مختلف شين جو به ڀٽائي صاحب پنھنجي شاعري ۾ ذڪر ڪيو آھي. مثال طور:

کارا کٻڙ ڏيھه ۾، ٻيا واري منجھه وٿاڻ

سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 17، غلام محمد شھواڻي

تن ساڏوھين سڏ مران، ڏنگا جنين ڏار

ڀڻي ساڻ ڀتار، پائر پيرون چونڊيان

سُر مارئي، داستان ستون، بيت 09، غلام محمد شھواڻي.

ڪوڪڙ ڪنڊيرن ۾، ڦوڪيو، ڦڪ ڀريندي

سُر مارئي، داستان نائون، وائي، غلام محمد شھواڻي.

اھڙي طرح ڀٽائي صاحب مَڪَ به پنھنجي شاعري ۾ استعمال ڪيو آهي. (ڏسو ابيات متفرڪه، بيت 23 ۽ 24)

سم ۽ سمنڊ جي پاڻي جذب ڪرڻ جي خاصيت:ڪجھه سال اڳ اسان وٽ يوڪلپٽس جو وڻ ٻاھران آڻي متعارف ڪرايو ويو. جنھن جي خاصيت اھا ٻڌائي وئي ته ھو زيرِ زمين وڌندڙ پاڻي جي سطح کي گھٽائيندو يعني سم جو پاڻي چوسي ان کي گھٽ ڪندو آھي. پر لوڪ ڏاھپ جا ماھر وڏڙا ٻڌائين ٿا ته اھا ساڳئي خاصيت اڳ ئي موجود، ڌرتي جي اصلي وڻ کٻڙ ۾ به آھي. جنھن جا پاڻي چوسڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي فائدا آھن. جڏھن ته يوڪلپٽس جا ھاڻ ڪيترائي نقصان آھستي آھستي ظاھر ٿي رھيا آھن. خاص ڪري سمنڊ وارن علائقن ۾ کبڙ جي وڏي اھميت آھي. ڇو جو اُتي زيرِ زمين وڌندڙ سمنڊ جي پاڻي کي نه صرف ھي روڪي ٿو. بلڪه کارو پاڻي جي چوسي ان جي سطح گھٽائي ٿو. ماھرن جو چوڻ آھي ته عام وڻن جي مقابلي ۾ کٻر روزانه 16 گيلن وڌيڪ پاڻي چوسي ٿو. ھڪ کٻڙ روزانه 60 کان 80 گيلن زمين جو پاڻي فضا ۾ اُماڻي ٿو. جنھن سان سم ۽ ڪلر ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. جنھن نموني ساحلي علائقن مان کٻڙ پاڙ سميت وڍي، ڏندڻ لاءِ ٻاھرين ملڪن جن ۾ عرب ملڪ خاص طور تي شامل آھن، موڪليو پيو وڃي ان مان کٻر جي نسل کي خطرو ٿي پيو آھي. کٻڙ گھٽجڻ سبب سم وڌي رھيو آھي. جتن ۽ ٻين ڀاڳين لاءِ ڪيترائي سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿي رھيا آھن ۽ غربت وڌي رھي آھي.

حالانڪه وقت ثابت ڪيو آھي ته يوڪلپٽس جا ڪيترائي نقصان آھن. زمين، گھرن ۽ بجلي جي تارن کي به. تازين برساتن ۽ تيز ھوائن اھا ڳالھ وڌيڪ ظاھر ۽ ثابت ڪئي آھي. يوڪلپٽس ھروڀرو مال به نٿو کائي. ان مقابلي ۾ کٻڙ ڪافي حوالن سان اھم آھي. پر جيئن ته ھي گھر جي شيءَ آھي، ان ڪري دال برابر به ڪونھين. اسان احساس ڪمتري جا شڪار ماڻھو، ھروڀرو ٻاھرين شين کي وڌيڪ اھميت ڏيندا آھن. ان ڪري کٻڙ ڇڏي، سم ۽ ڪلر لاءِ يوڪلپٽس پوکي رھيا آھيون، يقيناً يوڪلپٽس جي ڪاٺي جو اگھه کٻڙ کان وڌيڪ آھي پر يوڪلپٽس کي متعارف سم جي حوالي سان ڪيو ويو ھو نه ڪي ڪاٺي لاءِ.

ھروڀرو يوڪلپٽس ھڻڻ تي ڪو اعتراض ڪونھين پر سرڪاري سرپرستي انھن مقامي وڻن جي به ھئڻ کپي جيڪي صدين کان ھن ڌرتي تي ٿي رھيا آھن ۽ ماحول مطابق آھن. ملڪ ۾ خصوصاً سنڌ ۾ جنھن نموني سم ۽ ڪلر وڌي رھيو آھي. جتي ٽيوب ويل اڪثر بند ئي ھجن ٿا ۽ سم نالا اُبتا وھن ٿا. اتي کٻڙ جي سم ختم ڪرڻ واري صلاحيت تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ۽ وڏي پئماني تي سرڪاري سرپرستي ۾ پوکڻ جي ضرورت آھي.

ڪجھه مقامي ڏاھن جو اھو به چوڻ آھي ته ھي وڻ نه صرف زمين مان پاڻي چوسي ٿو پر ھن ۾ ماڪ جذب ڪرڻ جي به صلاحيت آھي. ان جي دليل طور ھو ٿر ۾، سياري ۾ به کٻڙ جي سائي ھجڻ جي ڳالھ ڪن ٿا. بھرحال ھن ڳالھه تي اسان جي باٽني جي ماھرن کي ڌيان ڏيڻ ۽ تحقيق ڪرڻ گھرجي.

کٻڙکي درپيش خطرا:کٻڙ کي مختلف حوالن سان جيترا خطره اڄوڪي دور ۾ سامھون آھن، اوترا اڳ ۾ ڪڏھن به نه ھئا. انھن ۾ ھيٺيان وڌيڪ اھم ۽ فوري نوعيت جا آھن، جيڪي گھڻو ڪري پاڻ ۾ ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان ڳنڍيل به آھن.

1.آبادي جو وڌڻ 2. پالتو جانورن جو وڌڻ 3. وڌيڪ زمين کيڙي ھيٺ اچڻ 4. وڌندڙ ٻارڻ جون گھرجون 5. مذھبي تعليم ۽ شعور وڌڻ ڪري ڏندڻ جو وڌندڙ استعمال 6. ڪارخانن ۾ استعمال 7. ماڻھن جي اڪثريت جو ماحولياتي خطرن کان بي خبر ھئڻ 8. ماحولياتي تبديلين جي ڪري ڏڪر ۽ ان جا خطرا 9. فاريسٽ پاليسي 10. زمين جي مالڪي نه ھجڻ.

آبادي وڌڻ:انساني آبادي وڌڻ ڪري ڏينھون ڏينھن روڊ رستن ۽ ٻين ضرورتن لاءِ وڌيڪ زمين جي ضرورت پيش اچڻ ڪري ٻيلن ۽ چراگاھن ۾ روزبروز گھٽائي اچي رھي آھي. نه صرف ٻيلا ۽ چراگاھه بلڪه صحرا به خطرناڪ نموني وڌندڙ انساني آبادي جي زد ۾ آھن. جنھن جو مثال پارڪر وارو ٿر آھي. جتي وڌندڙ آبادي کي بنيادي سھولتون مھيا ڪرڻ لاءِ ڀٽن تان وڻ ۽گاھه ٻوٽن کي صاف ڪيو پيو وڃي. جنھن ڪري ڪيترائي گاهه ٻوٽا ختم ٿيڻ تي آھن، جن ۾ کٻڙ به ھڪ آھي. کٻڙ کي وڌيڪ خطرو انڪري به آھي جو ان جي ڪاٺي گھرن ٺاھڻ لاءِ به استعمال ٿئي ٿي. ائين وڌندڙ انساني آبادي کٻڙ لاءِ وڏو خطرو آھي.

پالتو جانورن/ مال مويشي جو وڌڻ:ھڪ ته انساني آبادي ۾ اضافي جي ڪري زمين تان گاھه ۽ ٻوٽا صاف ڪري چراگاھه گھٽايا پيا وڃن ۽ ٻيو وڌندڙ انساني آبادي جي ضرروتن کي پوري ڪرڻ جي لاءِ جانورن جي تعداد ۾ به اضافو ٿيو آھي. جنھن جي ڪري ڪيترائي گاھه، وڻ ۽ ٻوٽا جانورن جو کاڄ ٿي رھيا آھن، جن مان کٻڙ به ھڪ آھي. ٻين گاھن جي گھٽجڻ ۽ اٺ ۽ ٻڪري جي وڌيڪ کائڻ سبب کٻڙ ڏينھون ڏينھن گھٽجي رھيو آھي. ھر نئون ڦٽندڙ کٻڙ ٻڪري جي کاڄ ٿي رھيو آھي. ان ڪري به ھي گھٽجي رھيو آھي.

وڌيڪ زمين کيڙي ھيٺ اچڻ سبب:وڌندڙ انساني آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، ملڪي معيشت ھلائڻ ۽ غير ملڪي ناڻي ڪمائڻ لاءِ اڳي جي مقابلي ھن وقت تمام گھڻي زمين زيرِ ڪاشت اچي چڪي آھي. جنھن ڪري اھا واندي پيل زمين جتي کٻڙ ججھي تعداد ۾ ھو، اھو ختم ٿي رھيو آھي. اڳي اھڙي واندي پيل زمين جتي کٻڙ جام ٿيندو ھو، ان کي صاف ڪرائڻ جي لاءِ مالڪن کي ڪجھه محنت ڪرڻي پوندي ھئي ۽ پئسو خرچ ڪرڻو پوندو ھو، ھاڻ گتي جي ڪارخانن ۾ کٻڙ جي ڪاٺي جي استعمال بعد، کٻڙ وارو جھنگ، زمين جي مالڪن لاءِ بيحد مفيد ۽ ڪارائتو ٿي پيو آھي. کٻڙ کپائندڙ ٺيڪدار سڄو ڪم پاڻ ڪرائين ٿا ۽ زمين جي مالڪ کي کٻڙ وڍڻ جا پئسا به ڏين ٿا.

ٻارڻ جو ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ :وڌندڙ انسان آبادي لاءِ ٻارڻ به ھڪ اھم مسئلو آھي. ٻارڻ وارو مسئلو به ائين وڌي رھيو آھي جيئن خود آبادي. اڳي جتي ماڻھو ٻارڻ جون ڪاٺيون گڏھن ۽ اٺن تي وڪڻي گذر سفر ڪندا ھئا، اُتي ھاڻ اھو ڪم ٽريڪٽر ٽرالين ۽ ٽرڪن تي ٿي رھيو آھي. جنھن جي ڪري کٻڙ جي واڍي ۾ به بي پناھه اضافو اچي ويو آھي. جيڪو انتھائي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويو آھي. حالانڪه کٻڙ جي ڪاٺي ٻارڻ ۾ سٺي به ڪونھي، ھن مان ڪوئلو به نه ٿو ٺھي، پر اڻ ھوند ۾ سڀ جائز ۽ صحيح ھجي ٿو!!

غربت ۽ بيروزگاري وڌڻ:وڌندڙ انساني آبادي ۽ وسيلن جي استعمال جي موثر پاليسي نه ھجڻ سبب بي روزگاري ۽ غربت ۾ ڏاڍو اضافو ٿيو آھي. جنھن ڪيترائي معاشي ۽ سماجي مسئلا پيدا ڪيا آھن. ڳوٺن ۾ غربت ۽ بيروزگاري وڌڻ ڪري ڪيترائي ماڻھو کٻڙ جون ڪاٺيون وڪڻي، گھر جي چلھه ٻارڻ جا جتن ڪن ٿا. جنھن سبب کٻڙ جي واڍي ۾ روز بروز اضافو ٿي رھيو آھي. حالانڪه کٻڙجي ڪاٺي جو اگھه ٻين ڪاٺين جي مقابلي ۾ ڪافي گھٽ آھي، پر بي روزگاري ۾، بيڪار ويٺل ماڻھو مجبور ٿي سوچين ٿا ته ڪجھه نه ڪجھه ھجڻ ئي بھتر آھي. کٻڙ وارن علائقن جي بي روزگارن لاءِ جيڪڏھن مناسب روزگار جو بندوبست ڪيو وڃي ته کٻڙ جي واڍي کي ختم نه تڏھن به گھٽ ضرور ڪري سگھجي ٿو.

زمينداري فيڪٽر:اڄڪلھه کٻڙن جون ڪاٺيون وڪڻڻ جو ڪاروبار عروج تي آھي. اھي زمينون جتي کٻڙ بيٺل آھن، اُتي واڍي زون تي آھي. جنھن ڪري زميندارن کي زمينون، جھنگ کان مفت ۾ صاف ٿي ملي رھيون آھن. انڪري زميندار خوش آھن ته سندن پاران جھنگ صاف ڪرڻ جو ڪم ڪو ٻيو ڪري رھيو آھي. جنھن سان سندن محنت ۽ پئسو بچي رھيو آھي. ڪجھه سال اڳ کٻڙ وڍي ڪاٺيون ڪرڻ جو ڪم مفت ۾ ٿيندو ھو. ھاڻ اھي زميندار جن جون زمينون بئراجي علائقن جي ويجھو آھن، جتي ٽريڪٽر ٽرالا پھچن ٿا، اھي پئسي جو مطالبو ڪن ٿا. ڪاٺيون ڪندڙن کي ڪجھه نه ڪجھه ڏيئڻو پوي ٿو. باقي اُٺ گڏھه وارا اڄ به مفت ۾ ڪم ھلائين ٿا.

زمين جا غير حاضر مالڪ:سڄي سنڌ ۾ ڪافي زمين اھڙي آھي جيڪا بئراجي علائقن کان يعني پاڻي کان پري آھي. جيڪا يا ته سرڪاري پيل آھي يا ڪن بااثرن، وڏيرن، سياستدانن، ڪامورن يا فوجين جي ملڪيت آھي. جن زمين الاٽ ته ڪرائي ڇڏي آھي، پر پاڻي نه ھجڻ ڪري اوڏانھن رخ نه ڪيو اٿن. اھڙين زمينن ۾ جتي به کٻڙ آھي، اھو ٽرالين وارن توڙي ٻين جي جھڙوڪ اباڻي ملڪيت آھي. ڪير به پڇڻ وارو ڪونھي. سڄو ڏينھن ٽراليون ڀرجي رھيون آھن ۽ واڍي جاري آھي.

اڇڙي ٿر ۾ کٻڙ کي پوپٽن ذريعي لڳل بيماري:جتي لاڙ، مکي ۽ ڪاڇي ۾ کٻڙ جي نسل کي گتن جي ڪارخانن ۽ ڏندڻ جي ڪاروبار ڪندڙن جي ڪري سخت نقصان رسيو آھي اتي اڇڙي ٿر ۾ پوپٽن ذريعي لڳل بيماري، کٻڙ کي بيمار ڪري ڇڏيو آھي. اڇڙو ٿر ۾، خيرپور ضلعي جي سماجي ورھاست جي حساب سان “ڳاھڪي” واري علائقي جي ماڻھن جي بقول ٻه سالن کن اڳ (2004-05) اتر الھندي کان، ھڪ انچ جيترا ميٽي رنگ جا ھزارين پوپٽ آيا، جن تي اڇي رنگ جا نشان ھئا. اھي پوپٽ تقريباً (15) ڏينھن کن علائقي ۾ رھيا ۽ جنھن کٻڙ ٿي تي ويٺا، ان جا پن کائي ان کي صفا ٺوڙھي ڪري ٿي ڇڏيائون. سڀئي کٻڙ کائڻ کان پوءِ اھي پوپٽ اوڀر روانا ٿي ويا. کٻڙ جي اھڙي نموني کائجڻ جو سبب کان وڏو اثر اٺن ۽ ٻڪرين تي پيو. جن جو چارو ختم ٿي وڃڻ ڪري مال وندن کي وڏو نقصان ٿيو. جيتوڻيڪ ھينئر وري کٻڙ سائو ٿي چڪو آھي،  پر ڪافي ڪمزور آھي. ان جي ڪاٺي، ٿڙ ۽ ٽارين تي اثر ٿيل ٿو لڳي. جنھن طرف باٽني جي ماھرن کي جلد توجه ڏيڻ گھرجي. ان کان اڳ جو اڇڙي ٿر جي کٻڙ کي ڪو وڏو خطرو درپيش اچي.ان جي بقا کي ئي خطرو ٿي پوي ۽ بيماري ڪنٽرول کان ٻاھر ٿي وڃي.

ڏندڙ جو وڌندڙ استعمال ۽ اڻ پوري مذھبي تعليم:کٻڙ جي واڍي خصوصاً پاڙون وڍجڻ جو وڏو سبب پاڙ جو ڏندڻ طور استعمال آھي. ڏيھه پر ڏيھه ۾ مذھبي تعليم جي وڌڻ ۽ تبليغ سبب نبي پاڪ ﷺ جي سنتن تي عمل به وڌيو آھي. سنتن مبارڪن مان ھڪ سنت، کٻڙ جو ڏندڻ به آھي. جيئن ته کٻڙ جي پاڙ نرم ٿئي ٿي، ان ڪري مسوڙن/مھاڙن کي نقصان نه ٿو ٿئي. حڪمت جي حوالي سان به کٻڙ جو ڏندڻ افضل آھي. ان ڪري ئي حڪمت جي ڪتابن ۾ کٻڙ جو ھڪ نالو Tooth Brush به آھي. اھا تحقيق ته اسان جي ماھرن کي ڪرڻ گھرجي ته کٻڙ جي ٽارين ۽ پاڙ ۾ اھا ڪھڙي خصوصيت ۽ ڪھڙو ڪيميڪل آھي، جنھن جي ڪري منھن ۾ ڌپ نه ٿي ٿئي ۽ بلغم تي به اثر ٿئي ٿو. وڌندڙ مذھبي تعليم ۽ شعور جي ڪري کٻڙ جي ڏندڻ جي اھميت وڌڻ سبب ان جي واڍي ۾ به بي حد اضافو ٿيو آھي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي عالمن سنت تي عمل ڪري ثواب ڪمائڻ ۽ الله ۽ ان جي رسول جي خوشوندگي حاصل ڪرڻ جي ڳالھه ته ماڻھن کي ٻڌائي ۽ سيکاري آھي، جيتري واڍي ٿي رھي آھي ان حساب سان نئون کٻڙ نه ته قدرتي طرح سان ٿي رھيو آھي ۽ نه ئي پوکيو پيو وڃي. جيڪڏھن اھڙي نموني واڍي جاري رھي ته ماحولياتي خطرو ھڪڙي پاسي پر جيڪو ڏندڻ ھينئر اسان کي سستي اگھه تي، سولائي سان ملي رھيو آھي. جنھن جي استعمال سان سنت نبوي تي عمل ڪري رھيا آھيون ۽ حفاظتِ صحت به ڪري رھيا آھيون، اھو ڪم مستقبل قريب ۾ ڏاڍو ڏکيو، مھانگو ۽ مشڪل ٿي پوندو. ٿيڻ ته ائين گھرجي ھا ته اسان جا مذھبي عالم واڍي خلاف آواز اُٿارين ھا. خصوصاً گتي جي ڪارخانن ۾ کٻڙ جي استعمال کي روڪڻ لاءِ پنھنجو اثر رسوخ استعمال ڪن ھا ۽ ماڻھن ۾ کٻڙ کي بچائڻ لاءِ شعور پيدا ڪرڻ سان گڏ کين نوان کٻڙ پوکڻ لاءِ ھمٿائين ھا پر ان طرف شايد نه جي برابر توجه ڏني وئي آھي. جيڪو سلسلو ھلي رھيو آھي، اھو ائين ئي جاري رھيو ته پوءِ کٻڙ جو نالو وڃي بچندو. رڳو ماحولياتي مضمونن، حڪمت ۽ مذھبي ڪتابن ۾ کٻڙ جو نالو پڙھبو. ڏندڻ لاءِ اسان کي ڪنھن ٻئي وڻ جي ڪاٺي جو استعمال ڪرڻو پوندو ۽ ٿي سگھي ٿو ته ڪجھه سالن بعد عام ماڻھن جي لاءِ مذھبي نموني ڏندڻ ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ مھانگو ٿي پوي. حالانڪه ھن وقت ٿوري ڪوشش ۽ محنت سان اھو ڪم صفا سولائي سان ڪري سگھجي ٿو ۽ کٻڙ جي نسل ڪشي کي به روڪي سگھجي ٿو.

ڪارخانن ۾ گتي ٺاھڻ سبب:سائنس جي ترقي جتي انساني بھتري ۽ ڀلائي جا ڪيترائي ڪم ڪيا آھن اُتي وڏي ماحولياتي تباھي به آندي آھي. جنھن جو ھڪ شڪار کٻڙ به آھي. کٻڙ جي ڪاٺي جنھن جو ڪجھه سال اڳ ايڏو وڏو استعمال نه ھو. اھا ڇت، پڃر ۽ ڪاين جي استعمال کان ڪوڏر، ھٿوڙن جي ڳنن، ۽ ڏندڻ ڏيڻ کان ويندي ھر ۾ استعمال تائين محدود ھئي، سا اڄڪلھه گتي ٺاھڻ جي ڪارخانن لڳڻ ڪري ڏاڍي قيمتي ۽ ڪارائتي ٿي وئي آھي. ڪاڇي کان ويندي سانگھڙ، خيرپور ۽ نوابشاھه ضلعي جي ملڻ واري ھنڌ “منڍ جمڙائو” جي آس پاس کٻڙ جي تباھي شاھ پور جھانيان واري ڪارخاني ۽ لاڙ واري پاسي جي کٻڙ جي تباھي ڌاٻيجي ۽ ميرپور ساڪري واري ڪارخاني جي ڪيل چئي وڃي ٿي. ان کان علاوه ڪوٽڙي کان ڪراچي تائين به کٻڙ مختلف گتي جي ڪارخانن ۾ ڏاڍو بيدردي سان استعمال ٿي رھيو آھي. ماھرن جو چوڻ آھي ته کٻڙ جي ڪاٺي ۾ نائيلون وانگر ريشو ٿئي ٿو. جنھن مان ٺھندڙ گتو ٻين قسمن جي گتي جي مقابلي ۾ اعليٰ ڪوالٽي جو ھجي ٿو. گتي جي ڪري کٻڙ جي ڪاٺي جي اھميت به ٿي وئي آھي ۽ ماڻھن کي روزگار به ملي رھيو آھي پر صفا مختصر عرصي لاءِ. جيترو فائدو ھينئر کٻڙ وڪڻي وٺجي پيو، ان جي مقابلي ۾ کٻڙ ختم ٿيڻ بعد جيڪو نقصان ٿيندو ان لاءِ به ڪاش ڪير سوچي!!

سنڌ جي ڪوھستان ۽ لاڙ وانگر، سانگھڙ مکي وارو علائقو به کٻڙ جي واپارين جي ور چڙھي ويو آھي. 1899ع فوجي ڳوٺ آبادي ڪرڻ لاءِ ھڪ کان وٺي ستانوي فوجي چڪ ٺاھيا ويا ھئا. جنھن جي ڪري ٻئي جھنگ سان گڏ کٻڙ جي به صفائي ٿي. ان بعد وڌندڙ آبادي جي ڪري آھستي آھستي کٻڙ وڍجڻ لڳو. پر ڪجھه سالن کان جڏھن کان ذريعن مطابق شاھه پور جھانيان واسي گتي جي مل شروع ٿي آھي کٻڙ جو قتلِ عام عروج تي پھچي ويو آھي. تکي جون ويھون اڪن واري، توڳاچو، سيھنري، جکڙائو ۽ صدرٺ جيڪي کٻڙن سان ڀريل ھيون سي آھستي آھستي خالي ٿيڻ لڳيون آھن. جن مان ديھه جکڙائو، جنھن ۾ مشھور چڪ 1، 2، 3، 4، 9 ۽ 10 واقع آھن ان ۾ کٻڙ جو مڪمل صفايو ٿي ويو آھي. ذريعن مطابق چوٽياريون ڊيم مان ھٿ ڌوئيھزارين ايڪڙين زمينون خريد ڪندڙ تمام وڏو نالو اڄڪلھه ديھه صدرٺ ۾ کٻڙ خاف ڏينھن رات ڪات ڪھاڙا کڻايو ھلي. ھن ديھه ۾ ڪنھن وقت اٺن جا وڳ ھوندا ھئا، ٻاڪرو مال به جام ھوندو جيڪو سڄو کٻڙ تي گذارو ڪندو ھو ان ۾ نه ھاڻ اٺ رھيا آھن ۽ نه ئي اوٺي. ٻاڪري مال وارا به سخت پريشان آھن. کي کٻڻ ۽ ٻيا  ڪيترائي کٻڙ جا ساٿاري روئيندا  پٽيندا ديھه خالي ڪري ويا آھن ڪنھن کي ڪوڪل نه ٿي اچي. ھزارين ماڻھون گھر ويٺي روزگار ملڻ ڪري سڄو ڏينھن کٻڙ وڍي، ڪاٺيون وڪڻي گذر سفر ڪرڻ لڳا آھن. ورڪشاپ ۾ خاخل ٿيندي ھئي ھڪ بااثر شخصيت جو کٻڙ وٺڻ وڪڻڻ جو ڪانٽو سڄو ڏينھن مصروف رھي ٿو. پر وس وارن کي الائي ڇو نظر نٿو اچي!! ورڪشاپ مان نڪرندي چڪ 32 واري روڊ تي ڪيترين ئي بااثرن ذاتين جا ماڻھن جا ڪانٽا سڄو ڏينھن کٻڙ جي خرداري ڪري رھيا آھن. گڏھن گاڏا کٻڙ آڻڻ ۾، ٽرڪون ٽراليون کٻڙ ھتان کڻي وڃڻ ۾ پورا آھن. جيڪي سانگھڙ جي ننڍن وڏن شھرن ۽ نوابشاھه مان ٿيندا شاھپور جھانيان پھچن ٿا. پر کٻڙ تي واڍي تي پابندي باوجود ڪوبه پڇڻ وارو ناھي. خبر ناھي ته پابندي تي عمل ڪرائڻ ڪنھن جي ذميواري آھي؟ ۽ ڪنھن جي اختيار ۾ آھي، پر کٻڙ وڍجي پيو منزل تي پھچي پيو ۽ وڌندو ھلي پيو. ان کان علاوه چوٽياريون ۽ منڍ جمڙائو به کٻڙ جي ڪاٺي وٺڻ جا وڏا مرڪز آھن. ڪيترن ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ جتي ڪٿي کٻڙ جي ڪانٽن تي خريد و فروخت جاري آھي. اھي به ڪنھن کي نظر نٿا اچن. ان سلسلي ۾ ضلعي ۾ تحقيقي ڪم جي ضرورت آھي. ان ۾ ڪيترائي حڪمت ماحول جي حساب سان فائدا آھن پر افسوس جو اھي معلوم ٿيڻ کان اڳ ئي کٻڙ وڍي حاصل ڪيو پيو وڃي ان کان وڌيڪ ان کي بچائي حاصل ڪري سگھجي ٿو پر ڪير ان طر



ٽاڪر ٻوٽو


 جنھن جا چھبڪ، گوءِ جي شوقين خفتين لاءِ وڏي اھميت رکن ٿا

 

سنڌ ۾ مختلف قسم جا جيڪي وڻ نما ٻوٽا ٿين ٿا، انھن ۾ ٽاڪِر به ھڪ آھي. جنھن کي مختلف علائقن ۾ مختلف نالن، مثال طور: ’ڪڪوري‘ ٽانڪارو، ٽاڪر، ٽانڪار ۽ آرٽي جي نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. ٽاڪر جو ٻوٽو اڇڙي ٿر ۾ خاص ڪري ناري واري علائقي ۾ جتي پاڻي جون ترايون يا پاڻي بيھڻ يا گڏ ٿيڻ وارن ھيٺائين وارن ھنڌن تي، ڀٽ جي ھيٺين پاسي/ھيٺائين تي ٿيندو آھي. سانگھڙ کان اُتر اوڀر طرف پوسل وارين جڳھين ۾ دُٻي ۽ ناري واري علائقي ۾ عام جام ٿئي ٿو. ھي ٻوٽو برسات پوڻ کان اڳ آھستي آھستي ٿورو وڌڻ شروع ڪندو آھي. پر برسات کان پوءِ تيز سان وڌندو آھي. برسات کان اڳ ھن جو قد 4 کان 5 فٽ ۽ برسات بعد 5 کان 8 فٽن تائين ٿيندو آھي. برسات کان اڳ ٽانڪار پن ڇاڻي ڇڏيندو آھي ۽ رڳو ڏانڊيون وڃي بچنديون آھن، پر برسات بعد ھي سائو ٿي ويندو آھي. ھي ٻوٽو ڪاموھين يا گاگھٽي ۽ مھندي وانگر جھڳٽن ۾ ڦٽندو آھي. ھن جون لامون ڊگھيون ۽ سنھيون ٿين ٿيون. جن مان پڻ ڪيتريون ئي ٻيون ٽاريون نڪرنديون آھن. جيڪي تمام سڌيون ٿين ٿيون. اٺ ۽ ڍڳي سوار اڪثر انھن کي ڀڄائڻ وقت/گوءِ ۾، ھن جون  لٺيون چھبڪ طور استعمال ڪندا آھن. ھن جي ڪاٺي وڍي ڪجھه ڏينھن پاڻي ۾ وجھي ڇڏبي آھي ان کان پوءِ اھا ڪاٺي پاڻي مان ڪڍي ان کي گيھه يا تيل ھڻي چھبڪ تيار ڪبو آھي. ھن جي ڪاٺين ۽ لامن کي سُرو ناھي لڳندو. ھن ۾ سنھا سنھا ڪنڊا به ٿين ٿا. ھن جا گل ڪچي ھجڻ وقت اڇي رنگ جا ۽ پچڻ بعد ھلڪا ھيڊا ٿي ويندا آھن. ھن ۾ پيرون جھڙو چمڪندڙ نارنگي رنگ تي ميوو به لڳندو آھي، جيڪو حڪمت جي تمام گھڻن ڪمن ۾ ڪم ايندو آھي. ھن جا پن ڄانڱري ٻير ۽ ڪامھون جي پنن سان مشابھت رکن ٿا. ھن جا پن سڪائي، گھوٽي، ڪپڙ ڇاڻ ڪري ملي ۽ بواسير لاءِ استعمال ڪبا آھن. ھن پن ٻڪريون ۽ اُٺ شوق سان کائيندا آھن.  ھي ٻوٽو  اڪثر ڪري سرن جي ٻوھن ۽ کٻڙن جي وچ ۾ پيدا ٿيندو آھي. ھن جي ڪاٺي جي کل جو رنگ ڳاڙھو ۽ اندرين ڪاٺي ڀوري رنگ جي ٿيندي آھي. حڪيم ھن جي پنن کي ’ٽاڪاري پن‘ ۽ ان جي ميوي کي ’ٽاڪاري ميوو‘ سڏيندا آھن. جيڪو وڏن پنسارن جي دُڪانن تي اڄ به وڪامي ٿو. اڄ کان ڏھاڪو کن سال اڳ سانگھڙ، نوابشاھه ۽ سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شھرن ۾ ٽاڪري پن ۽ ٽاڪري ميوو عام جام موجود ھوندو ھو. جيڪي ماڻھو مختلف بيمارين جي علاج لاءِ خريد ڪري استعمال ڪندا ھئا. عمر ڪوٽ ۽ ٻين ويجھن علائقن جا ماڻھو ھن کي ٽاڪر ٻوٽي کي ڪڪوري نالي سان سڏيندا آھن. ڪجھه ماڻھن جي بقول ته شاھه صاحب به ھيٺين بيتن ۾ سُر ليلا چنيسر  جي داستان پھرين ۽ بيت نمبر 3 ۽ 21 ۾ به جيڪو ٽھنڪر لفظ استعمال ڪيو آھي. اھو انھي ٻوٽي ڏانھن ئي اشارو آھي.

مڻيو وجھان مچ ۾، ھاءِ ھڻان ھار،
چوڏس چنيسر ڄام جو ڏينھان ڏيھه ڏھڪار،
سڀئي سُک سيد چئي، تنھنجا ڀوريءَ ساڻ ڀتار،
ٽھنڪر اکين ٺار، ڪيئن مڻيئن تي ور مٽيئي.

شاھه جو رسالو، پروفيسر ھوتچند مولچند گر بخشاڻي، سُر ليلا چنيسر، داستان پھريون، بيت ٽيون

حقيقت ھن حال جي جي ظاھر ڪريان زبان،
لڳي ماٺ مِرن کي، رسي سور شبان،
ٽاڪر ٽِڪي ڪان، جبل سڀ جلي وڃي

(آسا)

ٽھنڪر اھا ٻوٽي آھي، جنھن جا پن ڪٽي، گھوٽي، پاڻي ۾ رکي، ان جا پَھا پُسائي، اکين مٿان رکڻ سان اُٿيل يا خراب ٿيل اکيون تمام جلد ٺيڪ ٿي وينديون آھن. ان ڪري ئي شايد ٽھنڪر کي اکين ٺار ٻوٽي سڏبو آھي. پر مختلف رسالن ۾ اھو لفظ ٺاڪر/ٽاڪر (سردار، مڙس ۽ خدا جي معنٰئن) ۾ به لکيل آھي. جنھن ڏانھن لطيفيات جي مھارن جي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت بھرحال موجود آھي.

ٽاڪر ٻوٽِي: ٽاڪر ٻوٽي کان علاوه ٽاڪر ٻوٽِي به ھجي ٿي. ھي ٻوٽِي 2 کان 4 فٽ ڊگھي، ول وانگر پکيڙجندڙ ٻوٽي آھي. ھن جا گل نيري ۽ اڇي رنگ جا ھوندا آھن. ھن ۾ بلور جيترو ميوو لڳندو آھي، جنھن ۾ سنھو سرنھن جي داڻي جيترو ٻج ٿيندو آھي. اڪثر ڪري ماڻھو انھيءَ ٻوٽي کي زمين مان پاڙان پٽي ڪڍي ڇڏيندا آھن. ڇو جو ھي وڌيڪ پکڙجڻ سبب زمين کي خراب ڪري ٿي. ھي ٻوٽي گھاٽي ھئڻ سان گڏ، پکڙيل ھئڻ ڪري، ھن ۾ زھيريلا جيت ۽ نانگ بلائون پڻ پناھه وٺن ٿا. جيڪي انسانن ۽ جانورن لاءِ ھاڃيڪار ٿي سگھن ٿا.

ٽاڪر وڻ: ٽاڪر ٻوٽي کان علاوه ٽاڪر وڻ به ھجي ٿو ھي وڻ 8 کان 12 فُٽ ڊگھو ۽ 10 کان 15 فُٽ مٿي وڃي ڇٽ به ھڻي ٿو. اڇڙي ٿر جا ماڻھو ٽاڪر وڻ کي ’ساٿ‘ جي نالي سان به سڏيندا آھن.  ھن جا پن ساوا مھندي جھڙا ٿيندا آھن ۽ ٻج پڻ مھندي وانگر ٿيندو آھي. ھن وڻ کي اُتي جا رھاڪو، علائقي ٻولي ۾ ’سلينڌو‘ سڏيندا آھن. ھن وڻ جو ٿڙ بلڪل صاف، لسو ۽ اڇو ٿيندو آھي. ھن جي ڇانو تمام گھاٽي ھجي ٿي. ٿر جا ڌنار ڏينھن جي گرمي ۾ ھن جي ھيٺيان آرام ڪندا آھن. گھاٽي ھجڻ سبب برسات جون بوندون به ھن ھيٺيان ويٺل کي پُسائي ناھي سگھنديون. ھن کي ٻڪريون ۽ اُٺ شوق بجاءِ بُک سبب کائيندا آھن. ھن جي پاڙ ننڊي ٿئي ٿي. جيڪا حڪمت جي الاھي سارن ڪمن ۾ ڪم اچي ٿي. ھي وڻ ڇاڇري ۾ رتنور کان اڳتي، باڊر واري پاسي ٿئي ٿو. ھن جي کائڻ سان مال جي اندر موجود جيوڙا ۽ جراثيم مري وڃن ٿا. حڪيم ھن مان شگر جي مريضن لاءِ دوا ٺاھيندا آھن. ھن تي ماکي مکا وڌيڪ چڪر ھڻندا آھن. ھن جي ڪاٺي حُقي جي نالي ٺاھڻ کان علاوه مُرلي جي اڳيون  حصو ٺاھڻ توڙي ڪجھه ٻين سازن ٺاھڻ جي ڪم اچي ٿي. ٽاڪر ٻوٽي جو ٻج جيڪو سئونف/وڏف جھڙو ٿئي ٿو، ان کي ڪاڙھي، ڇاڻي، 15 منٽ رکي پوءِ پيئڻ سان سيني جي سور ۽ پشاب جي ساڙي مان نجات ملي ٿي. ھي ڀڳ لاءِ به سُٺو سمجھبو آھي. ھن جي ڪاٺي ڏندڻ طور به استعمال ٿيندي آھي، جيڪو ڏندڻ ڏيڻ سان ڏندن جو سور ختم ٿي ويندو آھي. ھن جي پنن کي خشڪ ڪري، ڪُٽي، ٻورو ٺاھي وارن ۾ لڳائڻ سان خشڪي ختم ٿئي ٿي ۽ وار ڪرڻ به بند ٿي وڃن ٿا. ھن جا ڇوڏا ڪاڙي، ھڪ ڪوپ سليماني چانھ ۾ ھڪ چمچو گڏائي پيئڻ سان دم جي بيماري مان نجات ملي سگھي ٿي. ھن جي پاڙ مان دل، جگر، دماغ ۽ معدي جو علاج به ٿئي ٿو.

ٽانڪاري ٻوٽو:ھن کي وڻ چئجي يا ٻوٽو اھو ھڪ الڳ بحث آھي، پر ڪجھ ماڻھو خاص ڪري ٿر ۾ ھن کي ’ٽانڪا ول‘ ان ڪري به سڏيندا آھن ڇو جو ھن جو ٿُڙ ناھي ٿيندو. ھي سنھين شاخن سان جڳھٽن جي صورت ۾ ڦٽندو آھي ۽ ھن جون لامون ٻاھر نموني ھونديون آھن. ھن جا پن  نم جي پنن جھڙا پر اُن کان ٿلھا ٿيندا آھن. سندس قد 7 کان 8 فُٽ ٿئي ٿو. ھن جي ڪاٺي ڪنھن خاص ڪم جي ناھي، پر اھا ٿر ۾ چونئرن ۽ ککاون گھرن ۾ استعمال ٿيندي آھي جيڪي سالن تائين مضبوط بيٺا ھوندا آھن. ڇو جو ھن ڪاٺي کي اڏوھي/سُرو ناھي لڳندو. ان کان علاوه ھي ڪاٺي مڇرداني جي ڪاٺي ۾ استعمال ضرور ٿئي ٿي. ھن جي ڪاٺي تان کلون يا ڇوڏو لاھي ان مان مضبوط رسيون پڻ ٺاھيبيون آھن. ھن جي ڪاٺي جي ٿولھه وڌ ۾ وڌ ٽنگ يا ٻانھه جيتري ھوندي آھي. پر ڄانڱري ٻير جي پنن جھڙا پن رکندڙ ھي وڻ پنھنجن اڇن گلن ۽ خوشبودار ھجڻ جي ڪري مشھور آھي. ھن جي خوشبو ھوا جي رُخ تي ڪلوميٽر تائين به محسوس ڪري سگھجي ٿي. ھي چِٽ ڀڄڻ کان پوءِ گل جھليندو آھي. اُتر واءُ لڳڻ ۽ سيءَ پوڻ تي گُل ڇاڻڻ بعد ٻج جھليندو آھي. ھن جي پنن مان پاڻي ڪڍي وائرل بيماري، جسم تي زخم ٿين ته اھو پاڻي پيارڻ سان فائدو ٿيندو آھي. ھي وڻ عام جام ناھي، پر ٿر جي ڪجھ مخصوص حصن ۾ اڪيلي وڻ ٿيڻ بجاءِ گروپ جي شڪل ۾ ٿئي ٿو. ھن ۾ سنھا ۽ ننڍا ڪنڊا پڻ ٿين ٿا.

ٽاڪارو وڻ:انسائيڪلوپيڊيا ٻيو: ھي به ھڪ قسم جو وڻ آھي. جنھن جا پن پنسار ڪي وکر طور ڪم ايندا آھن. ھي وڏو وڻ ٿيندو آھي. جنھن جا پن سُڪائي، مھندي سان ملائي، پيھي، مٿي ۾ خارش، ٻَسي/خشڪي ۽ ريشي کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪبو آھي. ھن جي پاڙ جو ڪاڙھو ڪيترين ئي بيمارين لاءِ مفيد آھي. مثال دمشڪي کنگھه، چيلھه جو سور، سيني جو سور، ڦڦڙن مان بلغم ڪڍڻ لاءِ انتھائي مفيد آھي. ان کان علاوه بت پرستن کي به ٽاڪر چوندا آھن.

ٽاڪر ٽائيم: سانجھي وارو وقت جنھن ٽائيم ڏينھن ۽ رات پاڻ ۾ ملندا آھن، ان ويلي کي ٽِڪر جو وقت يا ٽاڪر ٽائيم سڏبو آھي. ھن وقت کي ڪجھه ماڻھو اڀاڳو وقت به سمجھندا آھن. ڪاروباري ماڻھو ۽ ڪي واڻيا ان وقت ڏيتي ليتي کان پاسو ڪندا آھن.

ٽاڪرو:لفظ ٽاڪرو عام ٻولي ۾ به استعمال ٿيندو آهي مثال طور: ’تو ڪھڙو ٽاڪرو ڪيو آھي.‘ معنيٰ ڪنھن ڪم کان نٽائڻ مھل ته تو اڳ ۾ وري ڪھڙي محنت ڪئي آھي.

ٽاڪرو ٻڪر: اُنھي نالي سان جابلو علائقن ۾ ھڪ ٻڪر به ٿيندو آھي. جيڪو سج جي روشني ۾ پاڻ کي شڪارين وغيره کان بچائڻ لاءِ رات جو انڌيري ۾ چرڻ لاءِ نڪرندو آھن ۽ ڏينھن جو گھڻو ڪري غارن ۾ لڪيل رھندو آھي. ھن جا سنڱ 2 کان 3 فُٽ جي لڳ ڀڳ ٿين ٿا.  ھي ٻڪر گھڻو ڪري ولر جي صورت ۾ ھلندا آھن ۽ گڏ ٿي ٻين وڏن جانورن سان مقابلو پڻ ڪندا آھن. ھن جي مادي جي سڃاڻپ سنڱن کان بغير ھجڻ ڪري پري کان ئي ٿي ويندي آھي ۽ ان جو رنگ ڀورو ٿيندو آھي. ھي ويم اڪثر ڪري جبل جي غارن ۾ ڪندي آھي. ھن جي مادي 2 کان 3 ڦر به ڏيندي آھي.

ٽاڪرو ڪانو:ھي ڪانو جابلو ۽ ٿر جي علائقن ۾ ٿيندو آھي جنھن جو آواز تمام ڳرو ٿئي ٿو. هي ڪانو عام ڪانو کان ڪجھه وڏو ٿئي ٿو، جنھن کي ٿر ۾ (ڍاٽڪي ۾) ٽاڪلو ڪانجيئو سڏبو آھي. ھن جي چونب ڦڪي رنگ ڪارو ۽ وزن اڌ ڪلو تائين ھوندو آھي.

ٽاڪرو جبل: ننڍين ننڍين ٽڪرين واري جابلو ايراضي کي ٽاڪِر چوندا آھن. سنڌ جي ڪوھستان ۾ ڪٿي ڪٿي ٽاڪرو حصا ھوندا آھن. جيڪي سخت پٿرن وارا آھن، جن ۾ ھلڻ تمام ڏکيو ھوندو آھي. اھڙن علائقي کي ٽاڪرو علائقو يا ٽاڪر سڏبو آھي.

ٽاڪرو ڳيرو: انھيءَ نالي سان ھڪ ڳيرو به ٿيندو آھي. جيڪو عام ڳيري کان ڪجھه ننڍو ۽ پڪل سِر جھڙو ڳاڙھو ٿيندو آھي. ھي جبل/ٽڪر جو آھي، جيڪو اڳ ۾ مخصوص موسم ۾ ميداني علائقن ۾ ايندو ھو، پر ھاڻي گھٽ ٿو اچي.



ڳاراٺي


 حڪمت جي حوالي سان تمام اھم پر وساريل ۽ نظر انداز ٿيل ٻوٽو

 

ڳاراٺي مڪمل طور تي انسان لاءِ شفا بخش وڻ/ٻوٽو آھي. ٻائر ۽ کٻڙ جي پنن سان مشابھت رکندڙ ھي ٻوٽو ٿرپارڪر کان علاوه راجستان، جيسلمير ۽ پاڪستان جي پڪن ھنڌن، مثال طور بلوچستان جا ھيٺيان جابلو علائقا ۽ ايشيا جي ڪجھه ٻين ملڪن ۾ پڻ ٿئي ٿو. ھن جو قد 8 کان 10 فُٽ ٿئي ٿو. پنسارڪي وکر ۾ ڳاراٺي جي ڪاٺي کي سنڌيءَ ۾ تيج ڪاٺي/ڳاڱيٺي/ڳانڱيال، اردو ۾ اَس گَند ۽ انگريزي Venter Cherry  سڏبو آھي. ھن جو داڻو ڪائنل پيرون جي داڻي جيترو يا ان کان ٿورو وڏو ٿئي ٿو. ھي وڻ نما ٻوٽو مانجھلي وانگر ڊگھو ۽ سنھو ٿئي ٿو. ھن جي ٿڙ مان سنھيون ۽ انار جھڙيون لامون نڪرن ٿيون. ھن جا پن، گُل، ميوو ۽ پاڙ مطلب ته ھن جو ھر حصو ۽ شيءُ طب جي لحاظ سان (ڪجھه حڪيمن مطابق ٻن سالن تائين) ڪم جي آھي. بشرطڪي ان کي سُرو يا ڪيڙو لڳل نه ھجي. ڇو جو ھن جي ڪاٺي ڪجھه مِٺي ھجي ٿي. ان ڪري ھن جي گل، پاڙ ۽ کل کي جلد ڪيڙو لڳي ويندو آھي. ھن مان شربت، معجون ۽ ڦڪيون پڻ ٺاھيون وينديون آھن. 

ٿر ۾ ڳاراٺي نالي ٽي چار فُٽ قد جو ھڪ گاھه به ٿيندو آھي، جنھن جي ڪاٺي يا ڏار جوئر وانگر ٿئي ٿي. ھي برسات کان پوءِ وارياسي زمين ۽ بئراجي علائقن ۾ پڻ ڦٽندو آھي. ھن ٻوٽي کي مال تمام شوق سان کائيندو آھي. ٿر ۾ ھن جي دونھين تي ٻاٻيھو جانور ڀڄي ويندو آھي. ھن جا پن خوشبودار ٿيندا آھن. جيڪي پٽي ھٿن سان مئٽڻ سان ھٿن ۾ خوشبو رھجي ويندي آھي. ڪجھه شوقين ماڻھو خوشبو خاطر پن پٽي مئٽي ڪپڙن تي لڳائي ڇڏيندا آھن. ڪي ماڻھو ھن جا پن خوشبو خاطر چانھه ۾ پڻ وجھندا آھن. ھن جو گل سَر جي گل وانگر ٿيندو آھي جنھن جي ڏانڊي مضبوط ٿيندي آھي جنھن مان مختلف قسمن جا رانديڪا ٺاھبا آھن.

ھن جا پن اڌرنگ، دماغي جھٽڪن، جگر جي سوڄ، چھري جي مختلف بيمارين ۽ ھٿن پيرن جي سوڄ، اکين جي بيمارين، پيشاب جي نالين جي سوڄ لاءِ پڻ مفيد آھن. ھن جي پنن جي وچ ۾ رَس سان ڀريل غِلاف ھوندو آھي، جيڪو جڏھن پچي تيار ٿيندو آھي ته ان جو رنگ تيز ڳاڙھو ٿي ويندو آھي. جيڪو ايترو ته خوبصروت ھوندو آھي. جو عورتون ان کي مالا ۾ پروئي ھار ٺاھينديون آھن. حڪيم ھن جا پن ڪُٽي، صاف ڪري، پائوڊر ٺاھي، ڪينسر جي ڦٽن تي لڳائيندا آھن. ھن جا پن ٻڪريون ڏاڍي شوق سان کائينديون آھن. ماڻھو ھنن جي ٽارين مان گھر کي لوڙھو پڻ ڏيندا آھن. 

ڳاراٺي جا نم جي ٻُور جھڙا گل شروع ۾ زردي نما ھئيڊا ۽ اڇا ۽ پوءِ گلابي رنگ ۾ تبديل ٿي ويندا آھن، جيڪي زڪام ۽ ڪنگ لاءِ مفيد ھوندا آھن. ڳاراٺي جو گُل اڇي رنگ جو ڀاڄين جي گُل جيترو ٿئي ٿو ۽ ھن جون شاخون گول ٿين ٿيون. ھن ٻوٽي ۾ سنھي سنھي، ڪپھه جھڙي اڇاڻ پڻ نظر ايندي آھي.

ھن جو ميوو ڪچو ھجڻ وقت سائو ۽ پڪڻ بعد ڳاڙھي رنگ ۾ تبديل ٿيندو آھي جيڪو ڪرڙ جي پڪي جھڙو ننڍو ۽ گول ٿئي ٿو. ھن جي ميوي اندر ھيئڊي رنگ جو صاف ۽ گول ٻج ٿيندو آھي. جنھن کي ڪاري مُنڍي وارو وَھيو پکي شوق سان کائيندو آھي. ھن جو ميوو معدي، جگر ۽ پيٽ جي مختلف بيمارين لاءِ پڻ مفيد آھي.

ڳاراٺي جي سنڌن واري ڪاٺي سُڪڻ کان پوءِ ڀوري رنگ جي ٿي ويندي آھي، جنھن کي ھٿن سان ڀڃڻ مشڪل ھوندو آھي اھا ڪاٺي نرم ھجڻ ڪري جيڏانھن موڙائبو آھي اوڏانھن وري ويندي آھي. ھن جي ڪاٺي ۽ پاڙ ۾ انسانن ۽ جانورن جي ٽٽل ھڏ کي جوڙڻ، دم ۽ بواسير جو علاج پڻ ٿيندو آھي. ھڏ ڀڳ لاءِ ھن جي ڪاٺي ڪوئلو ڪري مکڻ ۾ ملائي، انسانن توڙي جانورن کي کارائبي آھي. ھن جون ڪاٺيون ڪاڙھي، ٻه ڪلو پاڻي جڏھن ڪلو بچي ته ان مان ٺھندڙ دوا مردانه قوت کي به وڌائيندي آھي ۽ بلغم جي صفائي جو به ڪم ڪندي آھي ته جسم کي به ھلڪو رکندي آھي ۽ اھا کنگھ لاءِ به مفيد آھي. بنگال جي حڪيمن ۽ دوا خانن ھن مان ’ڊايا ڪَئسرڪت‘ نالي سان شربت به ٺاھيو آھي، مردن لاءِ انتھائي مفيد ھي شربت کير سان ملائي استعمال ڪبو آھي. ھن جي ڪاٺي محارن يا کونٽي طور به ڪم ايندي آھي. 

ھن جي پاڙ آنڱر کان به سنھي ٿئي ٿي. جنھن ۾ اُگري بُوءِ ھوندي آھي. جيڪا ڳاراٺي جي سڃاڻپ آھي. جيڪي طب جي لحاظ سان تمام فائديمند ھونديون آھن. ھن جي پاڙ ۾ ھلڪو ميٺاج پڻ آھي، جنھن مان تيل پڻ نڪرندو آھي، جيڪو سنڌن جي سور يا جسم ۾ ڪٿي به سور ھجي ته ان جي مالش سان سور ختم ٿي ويندو آھي ۽ اھو ٻين به ڪافي بيمارين ۾ ڪم اچي ٿو. ھن جي پاڙ مان زنانا ۽ مردانه پوشيده بيمارين جو علاج به ٿيندو آھي. ھن جي پاڙ مان ڪاري رنگ جو کنور به نڪرندو آھي، جيڪو ڪافي بيمارين تي لڳي ٿو. ھن جي پاڙ کي ڪُٽي، چورو ٺاھي، کير سان کائڻ سان سنڌن جو سور ڇڏي ويندو آھي. ھن جي تازي پاڙ کي ڪاڙھي پيئڻ سان پيٽ جا ڪيڙا مري ويندا آھن ۽ اھا جلاب طور به ڪم ايندي آھي.

ھن جو ٻج به حڪمت جي لحاظ سان تمام اھم آھي ۽ ڪيترين ئي بيمارين ۾ لڳي ٿو. ھن جو سنھو ٻوُر، کاڌل ڏاٺ لاءِ انتھائي مفيد آھي.

ڳاراٺي لفظ وڻ/ٻوٽي کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجھ ٻين معنائن ۾ پڻ استعمال ٿيندو آھي مثال طور ڪنڌ واري حصي کي به ڳاراٺي سڏبو آھي ته يارن دوستن، مٽن مائٽن ۽ پنھنجن پيارن سان پنھنجائپ ۽ گرم جوشي سان ملڻ وقت به ڳاراٽڙي پائبي آھي. لفظ ڳاراٺي جو ذڪر سنڌي شاعري ۾ به ملي ٿو جيڪو مختلف فنڪارن جو ڳايل پڻ آھي. محبوب جي ڳيراٽي پائي ملڻ کي سنڌ جي ڪافي شاعرن ۽ فنڪارن ڳايو آھي جن ۾ حيدر رند ۽ عرس چانڊيو خاص طور تي قابلِ ذڪر آھن. عرس چانڊيي جو ڳايل ڪلام آھي ته:

عيد جون راتيون، پائي ڳيراٽيون، مون سان اچي ملندا ھئا،

اھي ته جاني جايون ڇڏي ويا، جنھن جاءِ تي پيار ٿيندا ھئا.

ڳاراٺي جي حوالي سان ھڪ بيت ھي به آھي ته:

’گُرڙ ڳاراٺي، ويڙھه ورينگڻ، خادم سونھاري سنڱر،‘

آزاد اعظم مري جي شاعري آھي ته:

 جيت جي يا پوءِ کڻي ھارائجي،

ڪيترو ڏَس پاڻ کي تڙپائجي،

وقت جا ھاڃا ڏسين ٿو او پرين،

اچ ته ھاڻ ڳل ڳاراٽي پائجي.

حليم باغي جي جگ مشھور شاعري جيڪا شفيع فقير ڳائي ان ۾ به ڳاراٺي جو ذڪر ملي ٿو. “ھاءِ ھٺيلا ھوڏي پريتم، تون ريسارو مُند ملھاري”.

شاعرن سان گڏوگڏ ڳاراٺي جي حوالي سان اسان جا سگھڙ به پوئتي ناھن رھيا. ڳاراٺي جي حوالي سان ڳُجھارت آھي ته:

ڄار جون وڌم جانب کي، وڻ جي وڌم ڪونه،

وکر ڏيوڙي جيڏيون، نما پسان مان.

ڄار جون معنيٰ، جھلون

وڻ جي معنيٰ، ڳيراٺي

وکر معنيٰ، کوپرو

نما معني، پُنھون

ڳجھارت جي ڀڃڻي:

جھيليون وڌم جانب کي،

ڳيراٽي وڌم ڪانه،

کوپرو ڏيوڙي جيڏيون

پنھون پسان مان.

افسوس جو حڪمت جي حوالي سان ھن انتھائي اھم ۽ نظر انداز ٿيل وڻ جو اسان وٽ نه ته اڳوڻو قدر رھيو آھي نه ئي اھا سڃاڻپ رھي آھي. جنھن جي ڪري ھي آھستي آھستي آسان کي رُسي رھيو آھي.



اچو ته “سنڀالُو” کي سنڀاليون


دنيا جنهن وڻ کي medical Tree يا botanical tree سڏي ٿي. جيڪو ٽيهارو کن بيمارين جو علاج آهي. جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان گڏ ايشيا ۾ به ٿئي ٿو. جيڪو سنڌي ۾ به دنيا جي ٻولين سان ملندڙ جلندڙ نالي  “سنڀالو” سان سڏجي ٿو. اڄ  اهو وڻ  سنڀالو سنڌ ۾ عام جام  ۽ جتي ڪٿي نظر اچڻ بجاءِ، گهڻو ڪري ميداني علائقن ۾،  ڏس تي ملي ٿو.  ننگر کان مٺي ۽ عمر ڪوٽ تائين جا ماڻهو گهڻو ڪري هن جي نالي کان ئي بي خبر آهن.( جيڪڏهن ڪو دوست مٿئين علائقن ۾  سنڀالو جو ڏس ڏيندو ته مهرباني  ۽ رڪارڊ  جي درستگي ٿيندي) ڪتابن مطابق ايشيا۽ پاڪستان ۾ هن جي ملڻ جا هنڌ پنجاب ۽ بلوچستان آهن. سنڌ ۾ جنهن نموني جهونا  هن مان علاج جا ڏس ڏين ٿا، ان مان لڳي ٿو ته هي هتي سالن کان ٿيندو اچي. سنڀالو جيڪڏهن صفا اصلي ۽ نج سنڌي ۽ مقامي وڻ کڻي نه به هجي، ته به سنڌ ۾ ڪيترو ئي عرصو رهڻ ڪري هاڻ  ڊوميسائيل ٺهرائڻ جيترو حق بهرحال رکي ٿو. سنڀالو  متعلق  ڄاڻ يا ته حڪيمن وٽ وڃي بچي  آهي يا پوءِ  مقامي علاج جي ماهر جهونن وٽ. نوجوان نسل جي اڪثريت ان کي ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ ته رهيو پري، نالي سان به شايد ئي واقف هجي.  سنڌ ۾ تيزي سان وجود وڃائيندڙ سنڀالو انگلش ۾ Five leaves chaste Tree  ياangus tree  اردو، پنجابي ۾ سنڀالو، بنگالي ۾ سمالو، عربي ۾ سرسا، سنسڪرت ۾ سيفالي نالن سان  سڏجي ٿو. انگريزي ۾ هن جو اهو نالو شايد هن جي  پنن جي بيهڪ ۽ تعداد جي ڪري پيو آهي. ھن کي عربي ۾ حُب، فارسي ۾ تخم پنج، ھندي ۽ سنڌي ۾ سنڀالو چئبو آھي. سنڀالو جو ذڪر ڪتاب ’آبِ حيات‘ ۾ مولوي محمد عظيم ۽ سنز، شاھي بازار شڪارپور ۾ به ٿيل آھي. وڏڙا ھن وڻ کي پاڪ ۽ صاف وڻ به چوندا آھن/ھئا.

دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مقامي لوڪ ڏاهپ واري علاج کان ويندي ميڊيڪل سائنس ۾ معاونت ڪرڻ سبب  سنڀالو کي وڻن ۾ تمام اهم وڻ طور سمجهيو وڃي ٿو. پر افسوس جو ايترو اهم وڻ سنڌ ۾ تقريبا تقريبا وجود وڃائڻ تي آهي. هاڻ هي وڻ جتي ڪٿي ۽ عام  جام نظر اچڻ بجاءِ ضرورت پوڻ تي  ڏس تي، ملي ٿو ته” او فلاڻي ڪي فلاڻي هنڌ  اڳي ته بيٺل هو ، هاڻ خبر ناهي.” سنڌ ۾ گهڻو ڪري  واٽرن، شاخن ۽ واهن ڪنارن تي ٿيندڙ سنڀالو جي باٽني جي  حساب سان فيملي verbena aceae ۽ بائيولاجيڪل نالو vitexagmes castus آهي. سنڀالو جو هر حصو پاڙ، ٿڙ، ڇوڏا، گل، پن ۽  ٻج حڪمت ۽ دوائن جي لحاظ کان اهميت رکن ٿا. هن مان دوائون  ٺهڻ ڪري سڄي دنيا ۾  هن کي خاص اهميت حاصل آهي. جپان هن جو سڀني کان وڌيڪ خريدار ملڪ آهي.  پن ۾ نم، ميندي، ڏاڙهون ۽ يو ڪلپٽس سان مشابهت رکندڙ،  هن وڻ  جو پن نم جي پن کان ڪجهه وڏو ۽ ويڪرو هوندو آهي. جنهن جو هيٺيون  حصو  اڇاڻ مائل سفيد هوندو آهي.  ٽاري جي گونچ مان نڪرندڙ ، سڌي  گوشي ۾ ٿيندڙ  ٻور جهڙن ننڍن ننڍن گلن جو رنگ نيراڻ مائل اڇو هوندو آهي. هن کي  سنڌ ۾ عموماً بهار ۾، قلم ذريعي  لڳائبو آهي. جنهن لاءِ ٻه اڍائي فوٽ جي ڪاٺي، اڌ فوٽ جيتري زمين ۾ پوري، مٿين حصي تي ڇيڻو ڏبو ته ڦٽي پوندو آهي.

سنڀالو  مان  ٿيندڙ مقامي علاجن جي لسٽ ٺاهبي ڪافي وڏي ٿي پوندي. سنڀالو مال ۽ ماڻهن جي علاج ۾ ڪم اچي ٿو.  مقامي لوڪ ڏاهپ  واري علاج جي ماهر جهونن جمعو ملاح، علي محمد خاصخيلي ۽ ٽنڊو  ڄام  زرعي يونيورسٽي جي وٽنري ميڊيسن جي ليڪچرار سان گڏ مقامي علاج کي به اهميت ڏيندڙ  سائين رياض احمد لغاري  مطابق مال کي واءَ جي بيماري ۾ سنڀالو جا  پن گهوٽي ۽ اٻاري پياربا آهن. اٻاريل پاڻي پيئڻ سان مال جو پيٽ به  صاف ٿي ويندو آهي. رؤ جي  بيماري ۾ جنهن دوران مال جي منهن ۽ نڪ مان پاڻي پيو وهندو آهي ۽ مال جي حالت سيئي تپ اچڻ جهڙي ٿي پوندي آهي، ان وقت ڍور کي  سنڀالو جي پنن جي دونهن ڏبي آهي. ماڻهن توڙي مال جي ڦٽن تي پن اٻاري ٻڌبا آهن. سور واري هنڌ به پن ٻڌبا آهن. هن جا پن  جتي ٻڌبا آهن، اتي ميندي وانگر رنگ به ڇڏيندا آهن.( ان خاصيت تي ڪجهه ڪم ڪري هن مان مهندي وارو ڪم به وٺي سگهجي ٿو.) جانورن جي ويامڻ وقت، ٿڻن جي سُڄڻ تي سنڀالو جا پن پاڻي ۾ اٻاري، پنن جو ٿڻن تي سيڪ  به ڪبو آهي ته ٿڻن تي اٻاريل پن ٻڌبا به آهن. مٿي پچي پوڻ تي پن ساڙي، تيل ۾ ملائي، ملم ٺاهي ڦٽ ڦرڙي تي لڳائبو آهي.  هرنيا جي بيماري ۾ توڙي زناني بيمارين ۾ پن اٻاري ٽڪور به ڪبي آهي ته ٻڌبا به آهن. جانورن جي زهرباد يا ٻين بيمارين ۾ ھن جا پن رات جو لسي ۾ پسائي، صبح جو لسي ڇاڻي پيئاربي آهي. بهار ۾ ٿيندڙ هن جي گلن مان ماکي جا مکا رس به چوسين ٿا. مقامي آبادگار  اختر علي يوسفزئي مطابق  ضرورت پوڻ تي  مون مٺو ڳوٺ مان هن جو قلم آڻي لڳايو هو.( جڏهن ته پاڪستان ٺهڻ وقت هندوستان مان لڏي سنجهوري ڀر سان ديوان ڳوٺ ۾ آباد ٿيل رحمت علي پاران پنجاب مان  سنڀالو جا قلم آڻي هنيل هاڻ وڌي وڻ ٿي چڪا آهن)  هاڻ  هر هفتي ٻه ٽي ضرورتمند ماڻهو سنڀالو  جو پڇائيندي پڇائيندي، مون وٽ اچي پن ۽ ٽاريون کنيو وڃن پر افسوس جو ڪوبه لڳائڻ لاءِ قلم نٿو گهري.

سنڀالو  لڳائڻ کان پوءِھن کي پاڻي جي وڌيڪ ضروت ھوندي آھي. ان ڪري ھي پوسل ھنڌن تي لڳائجي ٿو. پڪي زمين تي يا گھٽ پاڻي پھچڻ واري زمين تي ھن جو قد ڪجھه گھٽ ٿئي ٿو.  ھي وڍڻ کان پوءِ جھڳٽن جي صورت ۾ ڦٽندو آھي، انھن ڏارن جا ٿُڙ پڻ عليحده ٿيندا آھن، جيڪي وري ڪجھه سنھا ٿين ٿا. ھن جي لامن مان ڪافي سنھيون ٽاريون پڻ نڪرنديون آھن. سنڀالو جي وڻ کي اسان پنسارڪي وکر طور ڪم ايندڙ وڻ چئي سگھون ٿا. ڇو ته ھي وڻ مڪمل طور شفا بخش وڻ آھي. حڪيم محمد يوسف کتري، علم الادويا ۾ ڪجھه  انگريزي مصنفين جو سنڀالو بابت حوالو ڪجھه ھن ريت ڏي ٿو ته انگريز مصنف ھن کي فومين ٽن شراب ۽ مڪس پاپي به چوندا آھن. انھن ليکڪن  انگريزي ۾ ھن کي  Chast Nuit  به سڏيو آھي. ھن تمام گھڻين بيمارين لاءِ سنڀالو کي فائديمند لکيو آھي. چون ٿا ته سُڪرات ۽ بقراط ھن جو ڪافي ذڪر ڪيو آھي. سنڀالو جو ٻج نزلي، زڪام ۽ نڪ مان پاڻي اچڻ وارين بيمارين لاءِ به ڪارائتو آھي. گوڏن جي ميخ/مريضن لاءِ/سور لاءِ به مفيد آھي. سنڀالو جو وڻ جيڪڏھن قلم ذريعي ھڻجي ۽ پوءِ ڇانگجي نه، ته صفا ڊگھو ٿي ويندو آھي ۽ جي وڍبو/ڇانگبو ته وچولي وڻ جي ٿُڙ جيترو ٿلھو ٿي ويندو ۽ صفا گھاٽو ٿي وڃڻ سان گڏ ڇانودار به ٿي ويندو آھي.

حڪيمن جي بقول ته جي وقتِ ضرورت سنڀالو نه ملي ته ان جي جاءِ تي شاھه داڻو به استعمال ڪبو آھي. ھي وائي بادي کي ھٽائيندڙ، اشتھا کي وڌائيندڙ، بند ٿيل پيشاب ۽ حيض کي جاري ڪندڙ، ڳھڻ، نري ۽ ڪامڻ جي بيمارين لاءِ مُفيد آھي.

پنن مان فائدا:. ھن جي پن ڪوني ڪارپٽس ۽ يوڪلپٽس جھڙا ٿين ٿا، جيڪي پراڻي خارش ۽ زخمن لاءِ مفيد آھن. ھي خزان ۾ پن ڇاڻي ٿو، جن مان ڇڻڻ وقت تمام اُگري بُو ايندي آھي. ھن جا پن حمل/اولاد ٿيڻ لاءِ ڪم ايندا آھن. ھن جا پن ٿڌ سبب ٿيندڙ سور لاءِ به  ڪارآمد آھي. مردن ۽ عورتن جي پوشيده بيمارين ۽ ڪينسر جي سخت سور لاءِ به ھي تمام فائديمند آھن. ھن جا پن خارش، ملي، مٿي جي سور، باھه جي سڙيل، جگر، پيٽ جي مختلف بيمارين، تلي يا ٻَرھل، چيلھه جي سور، جِلد ۽ چھري جي بيمارين، سوڄ ۽ پيشاب کي جاري ڪرڻ لاءِ به انتھائي ڪارائتا آھن. ھن جا پن جانورن کي واءُ يا آڀام ھئڻ جي صورت ۾ گاھه سان گڏ ڪُتر ڪري کارايا ويندا آھن. ڪوڏو مل واڻيو شاھپور چاڪر جو مشھور پنسار ۽ حڪيم، عمر 60/70 سالن  جو جي بقول ته ھن جا پن ڪاڙھي، پاڻي مان ڪڍي، انسان جي چم تي ڪنھن به جڳھه تي ڌڪ لڳي ته ان جاءِ تي، ان پاڻيءَ سان ٽاڪوڙ ڪرڻ سان سور بلڪل ختم ٿي ويندو. ھن جا پن گھوٽي، تيل ۾ ساڙي، لپري ٺاھي زخم تي ٻڌبا آھن ته زخم ڇٽي ويندو آھي. ھن جا پن گھوٽي، لپري ٺاھي، جانورن جي اوھه تي ٿيل سوڄ تي ٻڌبا ته اھا سوڄ ختم ٿي ويندي ھئي. حڪيم محمد صالح ٻرھون مطابق، سنڀالو جا پن گھوٽي، پيارڻ سان پراڻا دست بند ٿي ويندا آھن. ھي پراڻين ڦٽ ڦرڙين، کل جي خارش، مٿي جي سور ۽ گردن جي سوڄ، جگر، آنڊن ۽ پيشاب جي نلين جي بيمارين لاءِ به مفيد آھي. ھن جا پن گھوٽي، ڪپڙ ڇاڻ ڪري، ننڍي بوتل مال کي پيئارجي ته واءُ/ اُڀام ۽ پيٽ سور لاءِ مُفيد آھي. ھن جي ڪاٺي ھلڪي ڇپر ۾ به استعمال ٿي سگھي ٿي ۽ ھن کي مسلسل پاڻي ملندو رھي ته مسلسل سائو چھچ رھي ٿو. خاص ڪري واٽرن جي ڪپن، اڏن جي ڪنارن ۽ نلڪي ڀرسان ٿئي ٿو. مينھن جو ٿڻ خراب ٿئي، اوھه کڄي وڃي يا ٻيو ڪو واءُ ٿئي ته ان لاءِ به ھي مفيد آھي. ھن جا پن گھوٽي، مُٺيا ٺاھي، نال سان مال جي وات ۾ وجھبا آھن يا اھي ڪنھن شيءَ سان گڏائي مال کي کارائبا آھن ته انھن کي فائدو ٿيندو آھي. جيڪڏھن مال کي کارائجي ته مال لاءِ ھروڀرو ڪا پيٽ جي بيماري نه ٿيندي. ڪاري واءُ کان مال کي ھن جو ۽ لئي جو دونھون به ڏبو آھي.

جڏھن چوپائي مال کي واءُ ٿي پوي ۽ ڍور ٽنگن کان منڊو ٿي پوي ۽چري به نه سگھي، اڳيون حصو بند ٿي پوي، تڏھن ڀاڳيا سنڀالو جون ٽاريون پنن سُڌيون ڪُٽي، ڍورن کي کارائيندا آھن ۽ جي ڍور نه کائي ته پنن کي گھوٽي ڪپڙ ڇاڻ ڪري، اڌ ڪلو کن پاڻي ۾ پن وجھي، ٻه يا ٽي ڏينھن صبح شام مال کي ڍُڪ ڏيندا آھن ته ڍور بلڪل ٺيڪ ٿي ويندو آھي. پر شرط اھو آھي ته سنڀالو پٽڻ مھل ماڻھو پاڪ صاف يا وضو سان ھجي. ٻي ڳالھه ته انھن پنن کي پَڌر ۾ به نه رکجن!

ڪاٺي:ھن جو ٿُڙ اڪ جي ٿُڙ سان ملندڙ جلندڙ ٿئي ٿو، پر اڪ جي ٿُڙ سان ٻيڻ تي ٿلھو ۽ لسو پڻ ٿئي ٿو. ھن جي ڪاٺي کٽ لاءِ ان ڪري مفيد آھي جو ھن کي اڏوھي گھٽ لڳي ٿي. ھن جو ڪاٺ اڏاوت بجائي ٻارڻ جي ڪم اچي ٿو. ھن جي ڪاٺي ساڙي ان جي ڇار مکڻ ۾ ملائي پراڻي ڦٽ تي لڳائڻ سان فائدو ٿئي ٿو. ھن جا ڇوڏا سنھا ٿين ٿا، جيڪي عورت جي ماھواري نه اچڻ جي صورت ۾، گھوٽي پيارڻ سان اھا شروع ٿي ويندي آھي. ھن جي ڪاٺي جو ڏندڻ به استعمال ڪري سگھجي ٿو.

گُل:ويساک ۽ چيٽ مھينن ۾ ھن ۾ ننڍا ننڍا اڇي ۽ وانڱڻائي /نيري رنگ جا گل لڳن ٿا، جيڪي جون جولاءِ ۾ گرم ھوا لڳڻ تي ڇڻي پوندا آھن. جن ۾ ھلڪي بُو پڻ ٿيندي آھي. ھن جا گل پڻ ڪافي بيمارين ۾  ڪم اچن ٿا. ھن جا گُل ٽاريءَ جي چوٽي ۾ جڳھٽن جي صورت ۾ ٿين ٿا. سنڀالو ۾ ٻن قسم جا گل ٿيندا آھن. ھڪ ھلڪا پيلا ۽ ٻيا ھلڪا نيري رنگ جا، جيڪي نر مادي طور به سڃاتا وڃن ٿا. جڏھن ته ويدن ۾ ھن جي گلن  جا 3 قسم يا رنگ لکيل آھن. جن ۾ ڳاڙھا سفيدي مائل، وانڱڻائي ۽ نيرا شامل آھن. نيري گل واري کي نر گدي ۽ سفيد گل واري کي سَندو بار سڏبو آھي. ھن ۾ ٻن قسمن جا گل ٿيندا آھن، جيڪا ٿورا ننڍا ۽ اڳ ۾ ٿورا واڱڻائي نموني نيرا ۽ پوءِ اھي اڇا ٿي ويندا آھن. ھن جي گلن جي واس تي ڀنورا، پوپٽ ۽ ماکي جون مکيون سڄو ڏينھن پيون واس وٺينديون آھن.

ٻج: ھن ۾ پيرون کان ڪجھه ننڍا لار جي شڪل ۾ ٻج ٿيندا آھن ۽ ٻُور به لار ۾ ٿيندو آھي. ھن جو ٻج مِٺي پيرون جهڙو ٿئي ٿو. ھن جو ٻج مردن ۽ عورتن جي پوشيده بيمارين کان علاوه دماغي  بيمارين لاءِ پڻ ڪارائتو آھي.  ھن جو ٻج ڪاري مرچ جيترو ھڪ پاسو ڍڪيل ۽ ھڪ پاسو خالي ۽ ان کان ٿورو ھلڪو، سليٽي رنگ جو، کوڙ سارين دماغي بيمارين جو علاج پڻ آھي. ھن جو ٻج خاص ڪري دماغي بيمارين، معدي جي تيزابيت، جگر جي گرمي، ڪئلشيم جي واڌ لاءِ تمام ڪارائتو آھي. ھن جو ھڪ تولو، گلاس پاڻي ۾ وجھي، ڪاڙھي، جڏھن اھو پاڻي سُڪي وڃي ۽ باقي بچيل ڪنھن مرد کي پيارجي ته ان مان اولاد جي اُميد ختم ٿي ويندي آھي. سنڀالو جو ٻج پھريان سائو ۽ پوءِ ڪارو ٿي ويندو آھي، جيڪو ڌاڻي ۽ بيد مشڪ جي ٻج جھڙو ٿيندو آھي.

حڪيم محمد رحيم مري، 68 موري واري ۽ محمد مِٺل ڪنڀار شاھپورچاڪر جو، شاعر ۽ اُستاد حڪمت سان دلچسپي رکندڙ جي بقول ته ھن جي ٻج مان معدي جي گرمائش لاءِ  مفيد ڦڪي به ٺھندي آھي. جي ڪنھن جي نڪ ۽ ڪن ۾ ڦرڙيون ھجن ته ھن جي ٻج مان پائوڊر ٺاھي، نيراڻي کارائڻ سان ختم ٿي وينديون آھن.  ھن جو ٻج مھندي جيترو پر سخت ھوندو آھي. تلسي جي ٻوٽي وانگر ھن جو ٻج جو نمونو ھوندو آھي، جيڪو ڪچو ھجڻ وقت سائو ۽ پڪو ٿيڻ تي ڪارو ٿي ويندو  آھي.ڪن ماڻھن جي ذاتي تجربن مطابق گرمي جي موسم ۾ ھن جو ٻور ڇڻندو آھي، جيڪو ڀرسان ٻين يا ھيٺ بيٺل ٻين ٻوٽن کي به ٿورو گھڻو نقصان پھچائي سگھي ٿو.

سنڀالو جو لفظ ٿوري گھڻي ملندڙ جلندڙ شڪل ۾ ڪجھه ٻينمعنائن۾ به استعمال ٿيندو آھي مثال طور ڪنھن کي پڇڻ، ڪنھن جي سنڀال لھڻ  وغيره لاءِ به ھي لفظ استعمال ٿيندو آھي. جيئن وونئڻن جون لامون ٿينديون آھن، ائين ھن جون به لامون ٿينديون آھن. ھن کي حُسن جو وڻ به چوندا آھن. جيئن ڪي ماڻھو /عورتون عمر لڪائيندا آھن يا عمر جي خبر نه ڏيڻ ڏيندا آھن، ائين هي وڻ به ھميشه سائو رهي، ڄڻ ته عمر لڪائيندو آھي. اگر ڪنھن کي ھڏڪي ٿيندي آھي ته چئبو آھي ته توکي ڪنھن سنڀاليو آھي. سنڀال جي لحاظ کان ٻيا به ڪافي لفظ  موجود آھن.

جيوڻ فقير سنجراڻي ۽ قادر بخش ميرجت سروزي جي بقول ته ھن ۾ جنات ناھي ويھندي. سومر فقير ڪيريو جنائي ۽ سروزي فقير به ٻڌائي ٿو ته ھن ۾ جن ناھن رھندا، ڇو جو ھي پنج پنو وڻ آھي ۽ فقير جنن کي پنج تن جا واسطا ڏيندا آھن.

سنڀالو کي سنڌ جي سگھڙن به پنھنجي سگھڙائپ ۾ شامل ڪندي ان بابت ڳجھارتون وغيره جوڙيون آھن. مثال خاطر ھڪ ڳجھارت به ھيٺ ڏجي ٿي:

وڻ ھجيم ھا ته، نَر ناءُ عضوي مان،

شھر ڏيان ڪونه ھا.

لفظ معنيٰ وڻ، يعني سنڀالو

نر ناءُ معنيٰ، پنھون

عضوو معنيٰ، پاسو

شھر معنيٰ، ڪڍڻ

ڳُجھارت جي ڀڇڻي: سنڀال ھجي ته، پنھون پاسي مان ڪڍڻ ڪونه ڏيان ھا.

افسوس جو ايڏي اهم ۽ قيمتي وڻ جو به اسان قدر نه ڪيو ۽ هي وڻ به هاڻ ذري گهٽ سنڌ مان موڪلائڻ تي  آهي. جيستائين حڪومت ۽ ٻيا ادارا سجاڳ ٿين ۽ حرڪت ۾ اچي سنڀالو کي سنڀالين اچو ته پاڻ ئي هن جا ڪجهه قلم، پنهنجي  ڪنهن وڇڙي ويل پياري جي نالي  ڪري، ڀرسان وهندڙ ڪنهن شاخ، واٽر يا گهر ۽ زمين ۾ لڳائي، ان جي حفاظت ڪري، کيس وڌائي وڻ ڪريون. جنهن  سان  نه صرف سنڀالو بچي پوندو، بلڪ ننڍي وڏي مرض ۾ اهو ڪيترن ئي جانورن ۽ ماڻهن جي علاج جو ذريعو به ٿي پوندو. جنهن جو ثواب يقيناً اسان کان وڇڙي ويل انهن پياري کي ٿيندو. سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان  واري زندگي مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي اسان هڪڙو ئي سهي، جي  سنڀالو لڳائي وٺون ته  ختم ٿيندڙ  ان وڻ  کي بچائڻ سان گڏ صدقه جاريه طور ثواب به ڪمائي سگهون ٿا. وس وارن کي به گذارش آهي ته مهرباني ڪري ان کان اڳ جو سنڀالو هليو وڃي،اچو ته هن کي سنڀاليون. نرسرين ۾ هن جا قلم تيار ڪري، مناسب ماڻهن کي لڳائڻ  لاءِ ڏيئي،  هن جي وجود کي وڃائجڻ کان بچايون.



وونئڻ جو وڻ


 جيڪو ھاڻ نه برابر وڃي بچيو آھي

 

  آڳاٽي تاريخ ۾ جن وڻن جو ذڪر ملي ٿو ۽ موھن جي دڙي مان جيڪي ڪپڙن جون نشانيون مليون آھن، تن مان اندازو لڳائي ئي سگھجي ٿو ته ان وقت به سنڌ ۾ ڪپھه جي پوک ٿيندي ھئي. اھي اھڃاڻ ھندن جي ڌرمي ڪتابن ۾ پڻ ملن ٿا، ته توريت ۾ به آيل آھي ته جڏھن حضرت عيسيٰ کي صليب تي چاڙھيو ويو، تڏھن به کين سنڌ جي ئي ڪپھه مان ٺھيل ملائم ۽ اعليٰ ڪپڙو جنھن کي ’سَڌو‘ سڏبو ھو، سو ئي پاتل ھو! گرھوڙي صاحب توڙي ٻين بزرگن کان اھي روايتون به منسوب آھن ته حضرت محمد ﷺ جن کي به سنڌ جي اجرڪ ۽ ململ جي ڪپڙي جا تحفا ڏنا ويا ھئا! 450 سال اڳ به ھتي وونئڻن جي وجود جو ڏس ملي ٿو. ٻن قسمن جا وونئڻ پوکبا ھئا. ھڪ ھئي جيڪي ھڪ اھي جيڪي موسمي ھئا ۽ ٻيا جيڪي مڪمل وڻ وانگر ھئا. وڏڙن جي بقول ته 19 صدي جي شروع کان اڳ ڪافي عرصي تائين سنڌ ۾ وونئڻ جي ھڪ ئي جنس جي پوک ڪئي ويندي ھئي، جنھن جو قد 8 کان 10 فُٽ ٻڌايو وڃي ٿو. جنھن جي ڪاٺي ٻانھه جھڙي ٿلھي ٿيندي ھئي. جيڪا گھرن جي پٿين وغيره ۾ به استعمال ڪندا ھئا. اھي ناڙي بجاءِ ڇٽ ذريعي پوکبا ھئا. 1947ع کان اڳ خاص ڪري سکر بئراج ٺھڻ بعد سنڌ ۾ آمريڪي، مصري ۽ سنڌي وونئڻ جي پوک عام ھئي. سنڌ ۾ ڪپھه جو ذڪر ابنِ بطوطا به پنھنجي سفر نامي ۾ ڪيو آھي. 

  سنڌ ۾ ڪپهه ڏيندڙ وڻن ۾ ارجڻ جو وڻ به شامل آھي، جيڪو سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ملي ٿو. جنھن کي ٻيلي کاتي وارا ارجن ۽ عام ماڻھو ولائتي وونئڻ سڏين ٿا. ھي تمام ڊگھو ۽ ٿلھو ٿئي ٿو. ھن جي ڪاٺي ڳاڙھيسري ٿيندي آھي. جيڪا فرنيچر، گتي، کوکن، در درين جي پٽين ۽ رانديڪن لاءِ به استعمال ٿيندي آھي. ھي سياري ۾ پن ڇاڻي ٿو ۽ گل جھلڻ وقت به پن ڇاڻي ٿو. ھن جا گل وڏا ۽ ڳاڙھي رنگ جا ٿين ٿا. بھار ۾ گل جھليندڙ ھي وڻ مئي مھيني ۾ ڏينو ڪري ٿو، جنھن ۾ ريشمي ڪپھه ھجي ٿي. جنھن سان گديلا، ويھاڻان ۽ سوڙون ٺاھيندا آھن. ھن جي ڇوڏي/کل دِل جي بند والن، گئس ۽ وزن گھٽائڻ لاءِ ڪارآمد آھي.

  ولائتي وونئڻ: ھن کي ڪي ماڻھو پارڪ پپر يا ولائتي پپر به چوندا آھن، نرسرين ۾ ٿيندڙ ھن وڻ پن پپر جھڙا ٿين ٿا، ھي سنڌ ۾ نه برابر آھي ۽ ڪن خاص جاين تي ڇانو لاءِ پوکيل آھي. ھن جا پن دل وانگر ھجن ٿا. 12 کان 15 فُٽ قد، ٿُڙ ٻٻر ۽ ڪنڊي سان ملندڙ. ڪچي ھجڻ وقت ھن جا گل ڦڪا ۽ پچڻ وقت تيز ڦڪا ٿين ٿا. جيڪي وونئڻ جي گلن وانگر ھجن ٿا. گلن بعد انھن ۾ ليمي جيترو گول ۽ ڦڪي رنگ جو ميوو لڳندو آھي، جنھن جي اندر ڦڪي رنگ جو سڻڀو رنگ ٿئي ٿو. ھن کي مال وغيره شوق بجاءِ بُک سان کائي ٿو سو به ساون جي بجاءِ سُڪل پنن کي وڌيڪ شوق سان کائي. ھن جي پنن ۾ اگري بوءُ ايندي آھي ۽ ھن جو ڪاري رنگ جو ٻج ڪاري مرچ کان به ڪجھ ننڍو ٿئي ٿو ھن جو ڇوڏو به ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان حڪمت ۾ ڪم اچي ٿو ھن کي جيڪڏھن يوڪلپس وانگر جيڪڏھن ھن کي به وڍجي ته ھن جي ٿُڙ مان يوڪلپٽس وانگر ٻيا ڪيترائي ڏار ڦٽي نڪرن ٿا.

  سمبل: ھي به ڪپھه ڏيندڙ وڻ  آھي، جنھن جو قد ڊگھو، ڪاٺي لسي ۽ سڌي ٿئي ٿي، جنھن ۾ ڳاڙھا گل ٿيندا آھن ۽ ان بعد ۾ ڊگھا سنڌڙي انبڙين جھڙا ڏينا ٿيندا آھن. جنھن ۾ ڪپھ ھوندو آھي، جيڪو ڦاٽڻ بعد ھوا ۾ اڏامندو به رھندو آھي.

  ڪجهه سال اڳ اسان وٽ ٻن قسمن جا وونئڻ ٿيندا ھئا، جن مان ھڪ سال وارا وونئڻ ۽ ٻيا وڻن جھڙا وونئڻ. ھڪ سال وارا وونئڻ سڄو سال بيھندا ھئا، جيڪي موسمي ٻوٽا شمار ڪبا آھن. اھي قد جي حساب سان به اھم ٻڌايا وڃن ٿا. وڏن عمر وارن ماڻھن مطابق انھن وونئڻ جو قد 5 کان 8 فٽ ٿيندو ھو. ھي وونئڻ ڊگھا ھجڻ سبب، انھن مان ڦٽيون چونڊڻ ۾ ڪافي ڏکيائي ٿيندي ھئي. سکر بئراج ٺھڻ کان پوءِ اسان وٽ ڪافي قسمن جا وونئڻ پوکيا وڃن ٿا.

  اسان وٽ وونئڻن جو ھڪ ٻيو قسم به آھي، جيڪو ڪٿي ڪٿي اڄ به موجود آھي. جنھن کي مختلف علائقن ۾ واڙ ۽ ’ارجڻ‘ جي نالي سان به سڏبو آھي. جيڪو وڏو وڻ جھڙو ٿئي ٿو. اھو وونئڻ جو وڻ، سونھن لاءِ به پوکجي ٿو. ھي سخت سي پوڻ تي پن ڇاڻي ڇڏي ٿو ۽ بھار ۾ وري گؤنچ ڪڍي ٿو. ان جو ٻج چڪي جي شڪل ۾ بھار به لڳائبو آھي. ھن جو گلابي رنگ جو گل، سياري جي پڇاڙي ۾ لڳندو آھي. گل بعد ھن ۾ ڏينو ٿيندو آھي، جيڪو مئي ۾ ٿئي ٿو. ان کان پوءِ ان ۾ اڇي ريشم جھڙي ڪپھه به ٿئي ٿي. جيڪا گادين، سوڙھن، ۽ وھاڻن ۾ ڪم اچي ٿو. ھي وونئڻن وانگر ڏينا جھلي ٿو، ان ڪري ھن کي وونئڻ جو وڻ سڏجي ٿو.

  ھي گل ٻاٽي پڻ جھلي ٿو. ھن جو قد 10 کان 15 فٽ، پن دل جي شڪل جھڙا، صفا ساوا ھوندا آھن ۽ ھي لامن ذريعي وڏي پکيڙ رکي ٿو. ھن جو ٿُڙ ميٽي رنگ جو ٿئي ٿو. جنھن کي ھلڪا ھلڪا ڇلر به ٿين ٿا. جيڪي لائڻ بعد ٿڙ تيز ڳاڙھي رنگ جو نظر اچي ٿو. ھن جا پن خزان ۾ پيلا ٿي وڃن ٿا. ھن جو ڪاري ميوي مان سياري ۾، چڻن جھڙا ننڍڙا ٻج نڪرن ٿا، جن جي اندر ننڍڙو اڇو ٻج ھوندو آھي. . ھي ’فيمل‘ جو وڻ ۽ ’پائِرس‘ جي وڻ جو قسم آھي. فيمل جو وڻ ڦٽي پڻ جھلي ٿو. واڙ وڻ بنا پاڻي ۽ ڪلر ۾ پڻ ٿيو وڃي. ھن جي ٻج مان ڦڪي ٺھي ٿي. حڪيم مقصود شيخ نوابشاھه جي بقول ته ھن جا ٻج قبض ۽ بادي لاءِ مفيد آھن. ھن جي تاريخ 400 سال پراڻي آھي. ھي اُترين سنڌ مان سنڌ جي ٻين حصن ۾ پھتو آھي. شايد آبھوا سبب سانگھڙ ضلعي ۾ ھي وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو! ھن تي پکي ويھڻ گھٽ ئي پسند ڪن ٿا.

  ھن جي نرم ڪاٺي ڀوري يا بادامي ٿئي ٿي. جنھن سان فرنيچر ۽ گھريلو سامان ٺھي سگھي ٿو.  ھن جي ڪاٺي ٻارڻ ۾ ڪم اچي ٿي. ھن جا گل حڪيم به پڇائيندا رھندا آھن. (ڀاڳي موري لڳ رندن جي ڳوٺ ۾ بيٺل آھن).

  وونئڻ: ھي وڻ 10 کان 15 فُٽ ڊگھو ۽ 12 کان 18 کن فُٽ مٿي ويڪرو يعني ڇٽ ھڻي ٿو. (ھي خوبصورت وڻ شاھپورچاڪر ٻرھون روڊ تي، شاھپور چاڪر جمڙائو موري کان ڪلوميٽر کن مفاصلي تي ڳوٺ علي نواز ٽالپر ڀرسان ھڪ سرڪاري ٽيوب ويل تي اڄ به موجود آھي) ھن جا پن پپر ۽ وونڻن جي پنن سان مشابھت رکن ٿا. ٿڙ ٻير جي ٿُڙ سان ملي ٿو. ھن جي پنن جي وچ ۾ ھڪڙو جھرمر پيلي رنگ جو گل ھجي ٿو، جيڪو عام وونئڻ جي گل جيڏو ۽ جھڙو وڏو ٿئي ٿو، جيڪو پوءِ ھلڪو ڳاڙھو يا گلابي ٿي ڇڻي پوندو آھي. ان جي جاءِ تي ننڍڙو، سائي رنگ جو گوگڙي جھڙو ميوو لڳندو آھي، جيڪو ٿوري وقت بعد گيدوڙي جيترو ٿي ويندو آھي ۽ اھو پپيتي جي رس جھڙي گھاٽي رس سان ڀريل ھوندو آھي. رنگ زردي جي رنگ جھڙو اھو ميوو  جڏھن پچي تيار ٿيندو آھي ته ان رس مان ڪڪڙن  جي نموني، اندر چار يا پنج داڻا ٿيندا آھن. جن ۾ اندر ھيرڻ جي ٻج وانگر سڻڀ ٿيندو آھي ۽ ان جي کل تمام پڪي ھوندي آھي. پوءِ اھو ميوو سليٽي رنگ اختيار ڪري وجھندو آھي. علائقي ۾ ھن کي ولائتي وونئڻ سڏبو آھي. ھي قلم ذريعي به لڳي ٿو. ھن ۾ جتي ککرون جام ويھنديون آھن اُتي ھن ۾ پنجاب واري وڏي ماکي جون مکيون به اڪثر نظر اينديون آھن. ھن ۾ ڦُٽي بلڪل ناھي ٿيندي. انھن وڻن جي پنن ۾ بس ٻڪريون ئي وات وجھنديون آھن.

  انھن سڀني ڳالھين ۽ نشانين مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ وونئڻ جي ٻوٽي سان گڏ وونئڻ جو وڻ به موجود رھيو آھي، جيڪو اڄ به مختلف ھنڌن تي ڇڊو پاٺو موجود آھي. انھيءَ وونئڻ جي وڻ جا اڄ به مختلف ھنڌن تي ٻن کان ٽي قسم موجود آھن. جن ۾ ھڪ قسم ته ھتي جي آبھوا ۾ سائي رنگ جا ڏينا ته جھلي ٿو، پر اھو نه ته ٽڙي ٿو ۽ نه ئي ان مان ڪپھه ملي ٿي. اھو ڏينو وڏو ٿيڻ تي ڦڪو ۽ پوءِ ڳاڙھو ناسي ٿي ويندو آھي.  جڏھن ته ھڪ ٻئي ساڳئي نموني وارو وڻ اڇي رنگ تي ڪپھه به جھلي ٿو. ھي گھاٽي ۽ ٿڌي ڇانو ڏيندڙ وڻ نرم ۽ مٺي زمين ۾ ٿيندو آھي. ڌنار توڙي ھاري ناري ۽ عام ماڻھو ڏينھن تتي جو ھن ھيٺيان ويھي آرام ڪندا آھن. ھن ۾ اڇا ۽ ھيڊا ڦڪا گل ٿيندا آھن، جيڪي عام وڻن جي مند ۾ ئي لڳن ٿا ۽ سُڪڻ بعد ڳاڙھي رنگ جا ٿي ڇڻي ويندا آھن. ھن ۾ نه ته ڪو ڪنڊو ھوندو آھي ۽ نه ئي وچ ۾ ڪو ڏار ڪڍندو آھي. مٿي وڃڻ بعد ۽ وڌي وڻ ٿيڻ کان پوءِ ھن مان ڏار نڪرندا آھن. ھي مختلف قسمن جا وونئڻ اُن حوالي سان به الڳ الڳ لڳندا آھن جو ھڪ جا پن ڪجھه انب جي پنن يا ڄمون جي پنن سان مشابھت رکندڙ ھوندا آھن جڏھن ته ٻئي قسم جا پن عام وونئڻ جي ٻوٽي جي پنن کان ڪجھ ئي مختلف ھوندا آھن. ھن قسم ۾ ڦٽي ڏيندڙ وڻ جي ڦٽي، ٽڙڻ بعد ھوا جي زور تي اُڏامندي به آھي ۽ اھا اڳي ويھاڻن، سوڙھن، ڌاڳن ۽ رسن ٺاھڻ ۾ به استعمال ڪبي ھئي. جيئن اڄوڪن ٻوٽي وارن وونئڻ جي ڦٽي يا ڪپھه چڪ ھڻي ٿي يا چنبڙي پوي ٿي، ائين ھنن وڻن جي ڦٽي چنبڙڻ بجاءِ فوم وانگر ھوندي آھي. ھي بھار جي مند ۾ ڦُٽندو آھي ۽ پوءِ گؤنچ، گل ۽ گوگڙو جھليندو آھي. سياري ۾ پن ڇاڻي ڇڏي ٿو. ھن جو ٿڙ ڪجھ قدر يوڪلپس جھڙو ٿلھو ٿئي ٿو ۽ ھن جي نرم ڪاٺي مان ماچس جون تيليون به ٺھن ٿيون ته اھا ڪاٺي گتي ۽ بورڊ ٺاھڻ ۾ به استعمال ٿئي ٿي. ھي ڪاٺي نرم ھجڻ ڪري ڪوڪو ھڻڻ تي ڦاٽ ناھي کائيندي ان ڪري ھي ڪاٺي دُڪانن جي فٽنگ ۾ توڙي در دروازا ۽ صندل يا تختن جي ڪم اچي ٿي پر ھي گھڻو وزن برداشت ناھي ڪري سگھندي. ھن کي ولائتي وونئڻ به سڏبو آھي. جڏھن ته ٽئين قسم ۾ اڇي بجاءِ گلابي/ڳاڙھي رنگ تي ڪپھه ٿئي ٿي. ڳاڙھي ڪپھ وارو اھو وونئڻ جو قسم کڏڙي ۾ پير صاحب پاڳاري جي لانڍي ۾ به بيٺل آھي، جيڪو ڳاڙھيون ڦٽيون جھلي ٿو. ھي وڻ موجوده وقت ۾ ٽنڊي محمد خان واري پاسي خان سانگھڙ ضلعي جي جعفر خان لغاري ڳوٺ جي ڀرپاسي ۾ 10/12 سال اڳ ۾ پوکيو ويو، جيڪو زمين يا آبھوا سبب ڪامياب نه ٿيو.

  جڏھن ته ھڪ عام وونئڻ جو ٻوٽو به اسان وٽ عام جام ٿئي ٿو جيڪو 4 کان 5 فُٽ تائين ھوندو آھي. ان کان علاوه ڪجھ عرصو اڳ اسان وٽ ھڪ مقامي يا سنڌي وونئڻ جي جنس وارو وونئڻ به ٿيندو ھو جيڪو ماڻھو جي قد کان به ڪجھ وڏو ھوندو ھو. جنھن جا پن ھيرڻ وانگر پر ڪجھ ننڍا ھوندا ھئا ۽ جنھن ۾ ڦٽيون به ٽن سونگڙين ۾ ٿيندي ھئي. ان ۾ اڇي چمڪيلي ۽ نسبتاً ھلڪي ڦٽي يا ڪپھه ٿيندي ھئي/آھي. 

  سنڌ جي سداحيات شاعر حضرت شاھه عبدالطيف ڀٽائي رح جن، جن وڻن ۽ ٻوٽن کي ڳايو آھي، انھن ۾ ’وونئڻ‘ جو وڻ/ٻوٽو به شامل آھن. انھيءَ حوالي سان ڀٽائي صاحب جو سُر ڪاپائتي ۾ بيت آھي ته:

نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پَسيو بازاريون، ھينئڙو مون لوڻ ٿئي.
داستان پھريون، بيت 19، ڪلياڻ آڏواڻي.

  پر ھن بيت ۾ ھڪڙو ته سِٽ جا شروعاتي لفظ ئي ڪجھ عجيب ٿا محسوس ٿين ته “نه سي وونئڻن وڻن ۾”! جن تي ڪجھ ماڻھو اعتراض به ڪن ٿا ۽ ھن جي پڙھڻي ڪجهه ٻئي نموني بيان ڪن ٿا. پر لطيفيات جي ڪجھ ڄاڻو ماڻھن جو اھو به چوڻ آھي ته ھتي استعمال ٿيل لفظ ’وونئڻ‘ مان مراد وونئڻ وڻ ئي آھي، نه ڪي ھتي وونئڻ ٻوٽي جو ذڪر ٿيل آھي، جيڪو اڄ ڪلھه اسان وٽ فصلن طور پوکيو وڃي ٿو! ان جو مطلب ته ھي وونئڻن وارو وڻ، شاھه صاحب جي وقت ۾ شايد عام جام ھو ۽ ان بعد اھو مختلف سببن جي ڪري سنڌ مان گھٽيو آھي. بھرحال ان ڏانھن به لطيفيات جي ماھرن کي ڌيان ڏيئي، ان جي مناسب نموني وضاحت ڪرڻ گھرجي ته جيئن بيت جو صحيح مفھوم پڙھندڙ سامھون اچي سگھي.

  بھرحال وونئڻ جي وڻ تي ماھرن کي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ گھرجي ۽ ڌيان ڏيڻ گھرجي. ساڳئي وقت مطعلقه ادارن کي به ھي وڻ وڌائڻ لاءِ ۽ ھن جو وجود بچائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻ گھرجن، ته جيئن ھڪ ته ھي سنڌ جو قديم وڻ پنھنجو وجود برقرار رکي سگھي ۽ ٻيو ته ھن جي باري ۾ ايندڙ نسلن کي خبر پئي ۽ اسان ھن وڻ مان طِب کان علاوه ٻيا معاشي فائدا به حاصل ڪري سگھون.



ڪيسوڦل


مذھبي توڙي حڪمت جي لحاظ سان اھم ۽ قديم وڻ

 

برِصغير جا اھي وڻ جيڪي قديم ھجڻ سان گڏ ۽ مذھبي لحاظ سان اھم ھجھڻ سان گڏ حڪمت جي لحاظ سان به اھم آھن، انھن ۾ ڪيسوڦل جو وڻ به ھڪ آھي، پر افسوس جو ھاڻ سنڌ جي حد تائين ھي وڻ ڏسڻ لاءِ به نه برابر وڃي بچيو آھي.

ھي وڻ 12 کان 16 فُٽ ڊگھو، 14 کان 18/20 فُٽ ويڪرو ٿئي ٿو. پر جابلو علائقن ۾ ھن جو قد 7 کان 10 فٽن تائين ٿئي ٿو. جنھن جي سڃاڻپ جي نشاني ڳاڙھا چتون جھڙا گل آھن. جنھن جا پن ناسپتي ۽ زيتون جي پنن سان مشابھت رکن ٿا. نئون پن فُٽڻ وقت، ڄار جي پنن سان ملندڙ ھوندا آھن، پر مڪمل تيار ٿيڻ تي، اھي بڙ جي پنن جھڙا ٿيو وڃن.  ڪيسو ڦل جو وڻ جڏھن ڳاڙهن گلن سان پاڻ سجائيندو آھي ته ان کي ڏسڻ لاءِ راھه ويندڙ ماڻھو رُڪجي ويندا آھن. جڏھن اھي ڳاڙھا گل ڇڻي پوندا ھئا ته وڻ کان ڌار ٿيڻ جي افسوس ۾ انھن جو رنگ ھيڍائون ڦڪو ٿي ويندو ھو. سانگھڙ نوابشاھه روڊ تي جمڙائو موري جي حوالي سان 85 کن سالن جو جھونو محمد رمضان ٻڌائي ٿو ته ھتي ننڍي ھوندي ڪيسوڦل جا ڪجھه وڻ ھوندا ھئا، جن جي ھيٺيان اسان آرام ڪندا ھئاسين. ڇنڇر جي شام ھندو برادري جون ناريون، انهن وڻن تي اينديون ھيون ۽ ھيٺيان بيھي دعا گھرڻ بعد وٽن پتل جي ننڍڙي ٿانو ۾ موجود کير، وڻ جي پاڙ ۾ هاري، ان خالي ٿيل ٿانو کي سُرمي داني جي ڪاني سان وڄائينديون به ھيون. ۽ گل پٽي کڻي وينديون ھيون.اھي اھو به چونديون ھيون ته ھنن وڻن ھيٺيان ڪابه راند روند نه ڪندا ڪريو. ماڻھو اھي گل پٽي گھر به کڻي ويندا ھئا، ته نظر ۽ بيماري کان محفوظ رکڻ لاءِ ڪڏھن ڪڏھن ٻاھر جا ماڻهو به ايندا ھئا ۽ گل ميڙي، ٿيلھا ڀري کڻي ويندا ھئا ۽ چوندا ھئا ته اسان ھن ھنڌ جا آفيسر آھيون ۽ ھن ھيٺيان مال کي نه ويھاريندا ڪريو، ڇوجو مال گلن کي خراب ڪري ٿو، اسان کي ڊپ به لڳندو ھو، ڇا ڪجي جو اڄ نه اھي وڻ رھيا آھن ۽ نه ئي اھي ماڻھو، اسان به سامان ٻڌيو سڏ جي انتظار ۾ آھيون!

ھندستان ۾ منفرد مقام حاصل ڪندڙ ھي وڻ جڏھن پاڪستان/سنڌ پھتو ته ٿر جي ڍاٽڪين ۽ مارواڙي ماڻھن ھن وڻ کي گوگاڙ ۽ ڪيسوڦل جي نالي سان متعارف ڪرايو. ھندو ڌرم جي پوڄا پاٺ کان ويندي، سندن ھر تھوار ۾ به استعمال ٿيندو آھي. ھن وڻ جا پن ليمي يا مرچ جي پن سان ملن ٿا. سياري جي سرد ڏينھن ۾ واڌ ويجھه ڪندڙ ڪيسوڦل ڪيترن ئي ڪمن ۾ استعمال ٿئي ٿو.

ھن جي خوبصورت ڳاڙھن ۽ ڦڪن گلن جي ڪري، ڏاھپ طور ھن وڻ کي ٻيلي جو شعلو پڻ سڏجي ٿو. ھي وڻ پن ڇاڻيندڙ ۽ گھٽ واڌ ڪندڙ وڻ آھي. پنساري ھن جي گلن کي ڪيسوڦل جي گلن سان سڃاڻين ٿا.

ھي وارياسي ۽ مٺي زرخيز زمين ۾ ٿئي ٿو. ’مُنڱ جي ڦري جھڙيون ھن ۾ ڦريون ٿينديون آھن‘ جن ۾ ڪارا ٻج ٿيندا آھن. ھن جا گل پھرين ڳاڙھا  ۽ پوءِ ڦڪا ٿي ويندا آھن. ھن جو ٿڙ ڏيڍ کان ٻه فٽ تائين ٿلھو ٿيندو آھي.ھي وڻ ڪراچي جي روڊن رستن ۽ پارڪن ۾ اڄ به منفرد مقام رکي ٿو. ان کان علاوه ميرپورخاص جي 12  ميل اسٽاپ تي ھن وڻ جو ھجڻ اڄ به ٻڌايو وڃي ٿو. مليل ڄاڻ مطابق ھن جا ڪجھه ٻوٽا ڪونڊين ۾ سول اسپتال ميرپورخاص ۾ رکيل آھن. چيو وڃي ٿو ته جيڪڏھن انھن کي زمين ۾ لڳائجي ھا ته وڏي وڻ جو ڏيک ڏين ھا.

اڄ کان ڪافي سال اڳ ھي وڻ صدا واھه مان نڪرندڙ روڻي شاخ (شاھپور چاڪر کان ڏکڻ طرف 3 ڪلوميٽر) تي سنجراڻين جي باغ ۾ ٿيندو ھو. ويھارو کن سال اڳ شاھپورچاڪر ڀرسان علي نواز سنجراڻي جي باغ ۾ ڪيسوڦل جا وڻ موجود ھئا، جيڪي پاڻي جي کوٽ سبب سُڪي ويا. بقول باغ جي ھڪ مالھي ڪنبيرو ميگھواڙ (عمر 70 سال کن) جي ته 1992ع واري ڏھاڪي بعد اھي سُڪا آھن. وڏو وڻ ميرن جي باغ ۾ بيٺل آھي. نئون ڪوٽ ۽ ٽنڊوآدم واري پاسي 2/4 سال اڳ تائين به ھنن جو ڏس ھو.ڪاڇيلو فارم ۾ ڪوٽ غلام محمد ۾، ھن جي ڪجھ وڻن جو ڏس ملي ٿو، جيڪي ھتي خوبصورتي لاءِ لڳل آھن. سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر عبدالله لغاري جي ڄاڻ موجب ھن جي ناياب ھجڻ جو ڪارڻ، بدلجندڙ آبھوا ۽ زمين جو سيلابي ٿيڻ به آھي. ھي وڻ سنڌ ۾ اڪثر ڪري باغن ۽ پارڪن ۾ سونھن خاطر لڳائبو آھي. جتي مختلف ٻولين ۾ ھن جا ڇھه نالا ملن ٿا اُتي ھن جا ٻه قسم به ملن ٿا. سنجھوري شھر جي اُتر ۾ ورياماڻي واڙي ۾ به ھڪ قسم بيٺل آھي، جيڪو گل ته جلھي ٿو، پر نه ته ان ۾ ڪنڊو آھي ۽ نه ئي ھو پن ڇاڻي ٿو. ھن قسم جو قد 4 کان 5 فٽن تائين آھي.

ھي وڻ دنيا جي ڪافي علائقن ۾ ٿئي ٿو. پر ھندستان ھن جو گھر سمجھبو آھي. پاڪستان ۾ ھي ھاڻ تقريباً ناياب ٿي چڪو آھي. پر سنڌ  اڄ به ڪٿي ڪٿي ھن جو ڏس پتو ملي رھيو آھي. ھي وڻ دنيا جي چند ملڪن سريلنڪا، بنگلاديش، پاڪستان جي جابلو علائقن خاص ڪري ھماليه جبل ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٿئي ٿو، پر ھندوستان کي ڪيسوڦل جو گھر سمجھيو وڃي ٿو.

ڪاٺي: ھن جي ڪاٺي ميرانجھڙي، اڇي ۽ ڀوري رنگ جي ٿئي ٿي، ھي قلم ذريعي سانوڻ ۾ لڳائبو آھي، پر دنيا ۾ ڪٿي ڪٿي ھن جو ٻج نرسرين ۾ پوکي وڪرو به ڪبو آھي.رمضان ٻڌائي ٿو ته سندن وڏڙن جي چوڻ موجب، ڪيسوڦل جي ڪاٺي مان لاٽون يا گٽڪو ٺاھي، ان جي وچ ۾ سوراخ ڪري، ڍڳن ۽ ڍڳين جي ڪنڌ ۾ ٻڌندا ھئاسين،

ھن وڻ کي وڍڻ سان ڳاڙھو پاڻي پڻ نڪري ٿو، جنھن جي ڪري پنڊت ھندوستان ۾ ھن کي وڍڻ وڏو ڏوھه/پاپ سمجھن ٿا. ھي وڻ راجستان ۾ وڏي تعداد ۾ اڄ به پنھنجو منفرد مقام رکي ٿو. کپري جي پنڊت مھراج لال کتري جي ڄاڻ مطابق پاڪ ھند جي ورھاڱي وقت ھندو ڌرم جا ٻوڄاري ھن وڻ جو ٻج پاڪستان کڻي آيا ھئا، جيڪي ھو (ڪيسوڦل جا گل ۽ پن) ٻوڄا پاٺ ۾ ڪم آڻين ٿا.ھن وڻ جي ڪاٺ مان ماچس جون تيليون پڻ ٺھن ٿيون.چندن ۽ ڪيسوڦل جي ڪاٺي سان مُردن کي ساڙيو به وڃي ٿو. ھن جو ٿڙ ڏنگو، گڊو ۽ ڳنڍين وارو ٿئي ٿو. ھن جون شاخون عام ھجن ٿيون تن ۾ گڏيل 3 پن ٿين ٿا.  ھن جي کل ريشمي ذار/ڌاڳي واري ٿئي ٿي. ھن جي کل ڪاڙھي، ان پاڻي سان وينجھڻ سان موڪن جي رت وھڻ بند ٿي وڃي ٿو. ھن جي پاڙ، گل ۽ ڇوڏو عورتن جي سجاوٽ/ميڪ اپ ٺاھڻ جي سامان ۾ پڻ ڪم اچن ٿا. ھن جون زمين ۾ ھڪ يا ٻه پاڙون سڌيون ھونديون آھن،جن مان ھڪ پاڙ ڪڍڻ سان، ھي سُڪي ويندو آھي. سنڌ ۾ ھن جي پاڙ عورتن جي ھار سينگار لاءِ ڪم ايندي آھي. ھن جي پاڙ جو رس مرگھي ۽ شب ڪوري لاءِ اھم سمجھبو آھي.

     گل: ھي وڻ اونھاري جي موسم ۾ ڳاڙھا گل جھليندو آھي، جن ۾ خوبصورت مکڙون پڻ ھونديون آھن. ھن جي گل جون مکڙيون طوطي جي چھنب جھڙيون ٿين ٿيون. ڄاڻ مطابق ھن وڻ جا پن ۽ گل وڏي تعداد ۾ وڪرو پڻ ٿين ٿا، جيڪي ڪيترين ئي ڪمن ۾ استعمال ٿين ٿا. عيد جي ھر تهوار کان ويندي شادي مُرادي جي شگُن ۾ به ڪيسو ڦل جا گل ڏنا وڃن ٿا. ھي سياري ۾ گل جھلڻ وقت پن ڇاڻي ٿو ۽ نئوان پن وسڪاري وقت لڳن ٿا. گل جھلڻ کان اڳ ھن ۾ ڪاري رنگ جي ڦلڙي لڳي ٿي، ان کان پوءِ ھن ۾ گل جھلڻ جو مرحلو شروع ٿئي ٿو، جيڪو بھار شروع ٿيڻ جي نشاني سمجھبو آھي. ھن جا گل ڳاڙھي رنگ جا ٿيندا آھن.، جيڪي سُڪڻ بعد ڦڪا ٿي ويندا آھن،. اھو پڻ چئبو آھي ته ٻج جھلڻ وقت به گلن جو رنگ ڦِڪو ٿي ويندو آھي.

اهي گل اڄ به پنسارن وٽ موجود آھن ۽ ڪيترن ئي ڪمن ۾ اچن ٿا. ڪنوار کي ونھه ۾ ويھارڻ وقت، گلن کي پاڻي ۾ وجھي، عرق ڪڍي، ان پاڻي سان ڪنوار کي 7 ڏينھن تائين منھن ڌورائبو آھي، جنھن سان ڪنوار جي منھن ۾ رونق اچي ويندي آھي. چهري تان داغ ۽ موهيڙا وغيره به ختم ٿي ويندا آھن ۽ چھرو چنڊ وانگر چمڪڻ لڳندو آھي. ڪيسوڦل جو گل ڪٽي، پاڻي ۾ وجھي، ان پاڻي سان تازي ڄاول ٻار کي ان پاڻي سان وينجھارڻ جو سئوڻ به ڪبو ھو، جنھن سان ٻار خوبصورت ۽ صحتمند ٿيندو ھو. ڪنڊو وغيره لڳڻجي صورت ۾ ان جاءِ تي ڪيسوڦل جو گل ٻڌڻ سان اھا جاءِ نرم ٿي ويندي آھي ۽ ڪنڊو ڪڍڻ ۾ سولائي ٿي ويندي آھي. مَلووغيره ٿيڻ جي صورت ۾ به ان جاءِ تي ڪيسوڦل جو گل ٻڌو ويندو آھي. ڪيسوڦل جو گل چوپايو مال به شوق سان کائيندو آھي. ڍڳي، ٻڪري يا مينھن وغيره کي گرمي ٿيڻ جي صورت ۾ ڪيسوڦل جا گل شام جو پاڻي ۾ پُسائي، صبح جو ڇاڻي، مال کي پيئارڻ سان سندن گرمي ختم ٿي ويندي آھي. انساني رت ڄمي پوڻ جي صورت ۾ به ڪيسوڦل جا گل پياريا ويندا آھن، جنھن سان گھاٽو رت ڇڊو ٿي ويندو آھي.

گل جھلڻ وقت وڻ جي سونھن ڏسڻ وٽان ھوندي آھي. پري کان گُلن کي ڏسبو ته لڳندو جھنگ ۾ باھه جو وڏو ممڻ مچي ويو آھي ۽ مچ ٻري رھيو آھي. مرگھي، نڪ ۽ پيشاب مان ايندڙ رت، پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ پڻ ڪم اچي ٿو، ان ڪري ھن وڻ کي ٻٽيھه بيمارين جو علاج به سڏبو آھي. بيمارين کان علاوه ھن جا گل رڱاوت جي ڪم ۾ به اچن ٿا. ڀارت ۾ ھن کي پاڪ وڻ سڏيو وڃي ٿو. ھن جي ڪاٺي اگني ’ڀٿ‘ ڪارو علم ۽ جنات کي ڀڄائڻ لاءِ به ڪارائتي آھي. ڀارت ۾ راڄ خاندان (وڏن خاندان) وارا عام طور تي ھن کي ھولي جي رنگن ۾ استعمال ڪن ٿا. ھن جي گلن کي ڪاڙھي، رنگ ڪڍي، ھولي جي رنگن ۾ استعمال ڪندا آھن. مال وند ماڻھو،  مال جي آس ڪڍڻ وقت ھن جا گُل ڪاڙھي پياريندا آھن ته آس کڄي ويندي آھي.

جڏھن ته اُٺارن وٽ به ھنن گلن جو ڪافي قدر آھي. اُٺ جڏھن تارون ڪڍائيندو آھي ته اٺار ڪيسوڦل جي گلن جو پاڻي اٺ جي تارون تي ھڻندا ۽ پياريندا آھن ته تارون کڄي ويندو آھي. جي ڪا ٻڪري مسلسل 8 کان 10 ڏينھن گل ۽ پن کائي ته، ان جي کير مان ڪچي لسي ٺاھي پيئڻ سان، انساني وجود جون ڪيتريون ئي بيماريون ختم ٿي وينديون آھن. مال کي آڀام يا آفر ٿيڻ جي صورت ۾ ھن جي ڪاٺي وات ۾ لغام وانگر ڏيڻ سان  آڀام ختم ٿي ويندي آھي. ھن وڻ جا گُل، پن ڇڻڻ کان پوءِ نڪرن ٿا، جيڪي رنگ طور استعمال پڻ ٿين ٿا. اھي پاڻي ۾ ڌوئڻ سان پاڻي ڦڪي رنگ جو ٿي وڃي ٿو. اھو به چيو وڃي ٿو ته اڄڪلھه پنسار وٽ وڪامجندڙ گل،ڪيسوڦل وڻ جا نه بلڪه ڪيسوڦل ٻوٽي جا آھن. جيڪڏھن ھندو ڌرم جو ڪو ماڻھو لاڏاڻو ڪري ويندو آھي ته ھن وڻ جا گل ميت کي سينگارڻ لاءِ به استعمال ڪبا آھن. ڪيسوڦل جا گل مھيندي ۾ به گڏائبا آھن، جنھن سان مھندي خوشبودار ٿي ويندي آھي.  اردو ۾ ھن کي ٽپوڦل چوندا آھن.ھن جا گل سرينھن جي تيل ۾ ٽھڪائي لپري ٺاھي، ٻڌڻ سان سوڄ، سور ۽ رت ڳڙڻ کي فائدو رسي ٿو. ھن ۾ ٻن رنگن جا گل لڳندا آھن، جيڪي اڳ ڳاڙھا ۽ بعد ۾ اھي ڦڪي نارنگي رنگ جا ٿي ويندا آھن، ھن تي طوطا ويهڻ پسند ڪندا آھن. پن ڇاڻڻ وقت ھلڪا ڦڪا ڪندو آھي، جيڪو سياري اچڻ تي ڇاڻيندو آھي. جابلو ماڻھو ھن جي ڇوڏي، پاڙ ۽ گلن مان، اعليٰ قسم جو شراب پڻ ٺاھيندا آھن. جيڪو ٻاھر به وڃي ٿو.

ٻج: جڏھن ڪيسوڦل جا گل ڇڻي ويندا ھئا ته انهن ۾ گوار ۽ منڱن جي ڦرين جھڙو ٻج لڳندو ھو، جيڪو پڻ اھم ھوندو ھو.ھن جو ٻج مٽر جيان، ڦرين اندر، 4 کان 5 داڻن تي مشتمل بادامي رنگ جو ھجي ٿو.ھن جون ڦريون گھنج دار ھجن ٿيون، جن مٿان ھلڪا ھلڪا ٻج ٿين ٿا. جيڪو ڏسڻ ۾ ڪنھن سِڪي وانگر لڳي ٿو.ھن جو ٻج وڇون جي ڏنگ جي زھر کي ختم ڪرڻ لاءِ، لپري ٺاھي ٻڌبو آھي. جي ٻج جي پيسٽ چمڙي جي مختلف بيمارين لاءِ انتھائي مفيد آھي. ھن جي ٻج ۾ ھلڪي بُو سان گڏ ڪڙاڻ پڻ آھي. ھن جي ڪڙاڻ جي ڪري ئي ھن مان ڪافي دوائون ٺھن ٿيون. خاص ڪري جلاب، پيٽ جا ڪيئان مارڻ، آنڊي جي زخمن، مردانه ۽ زنانه اندروني بيمارين لاءِ اھم آھن.ھن جو ٻج جو رنگ ڳاڙھيسرو يا خاڪي ٿيندو آھي. ھن جي ڦري سڪڻ بعد سڪل پادر نموني ٿي ويندي آهي. ڪيسوڦل جو گل کنڊ يا مصري سان ملائي ڦَڪي جي صورت ۾ کائڻ سان ھانو کي سڌير ڏياريندڙ ھوندو آھي.

     کئنور: ڪيسو ڦل کي وڍڻ وقت ڳاڙھي رنگ جو رس نڪرندو آھي، جيڪو سُڪڻ بعد کنور جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آھي. ھي کنور ھڏن جي طاقت لاءِ به مفيد آھي. ان کان علاوه اھو کنور وٿاڻن ۾ به ڪم اچي ٿو. ھڪ اھم ڳالھه ته ڪيتلو کنور به، ڪيسو ڦل جو ئي ٻڌايو وڃي ٿو. ڪيسو ڦل جا ٻج ڪاٺي، گل ۽ پن مختلف بيمارين کان علاوه رنڱاوٽ ۾ به ڪم اچن ٿا. کئنور،جيتن جو ھڪ بي مثال کاڌو پڻ آھي. ھي کنور دار وڻ ڄڻ ته جيتن جو ميزبان وڻ آھي.پوڄا وقت ھن جو کئنور باھه ۾ پچائي، پوڄا ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جا ماڻھو ھن جي کنئور کي ڌوپ جي نالي سان سڃاڻين ٿا. جيڪي غيبات جي اثرن کي گھٽ ڪرڻ لاءِ گھرن ۾ دُکايو وڃي ٿو. ھن جي کنئور يوناني دوائي کان علاوه رنگت جي ڪم اچي ٿي. ڪُڪڙن جا خفتي ڪڪڙن کي ڪيسو ڦل جي پاڻي سان گڏ، ڪيتلور کئنور به کارائيندا آھن، ته جيئن ڪڪڙ جي جسم مان واءُ ختم ٿي وڃي.

پن: ھي وڻ سخت سردي يا ڊسمبر جي پڇاڙي ۾ پن ڇاڻي ٿو ۽ بهار ۾ نئوان پن لڳندا آھن. ھن جي خاص ڳالھه ته گل جھلڻ وقت هي سڀئي پن ڇاڻي ڇڏي ٿو. ٻڌايو وڃي ٿو ته برسات جي مند ۾ ھن ۾ نئوان پن وري لڳن ٿا. پن ڇاڻڻ جي 40 ڏينھن اندر ٻيھر ڦوٽھڙو ڪندو آھي.ھن وڻ جا پن عورتن جي بيمارين لاءِ مفيد آھن. جنھن کي اولاد نه ھجي ان عورت کي 3 مھينا پن کائڻ سان فائدو ٿيندو آھي.ھن جا پن ۽ گل انساني اندروني ۽ بيروني بيمارين ۾ ڪم اچن ٿا. جن ۾ آنڊي جي بيماري، سوڄ کي ختم ڪرڻ، پيشاب جي نالين جي سوڄ، بواسير، ڏڍ، چٽ، جلاب ۽ پيشاب جاري ڪرڻ کان علاوه ٻارن کي دُن جي سوڄ لاءِ پڻ مفيد آھن. پن مختلف وڻن سان ملندڙ جلندڙ ھجن ٿا. جھڙوڪر ڄمون، زيتون ۽ ليمي کان ٿورا وڏا ھن جا پن بڙ جي پنن سان به ملندڙ جلندڙ آھن. جيڪي مٿان کان صاف ۽ انھن جي ھيٺيان کان ھلڪا ھلڪا بُج ٿين ٿا.ھن جي پنن مان پن واريون ٻيڙيون پڻ ٺھن ٿيون.

چوڻيون ۽ پھاڪا: ھندي ۾ ھن کي ’ڍاڪ‘ سڏجي ٿو. ھن جا ٽي پن گڏ ھئڻ ڪري ھندي ۾ مشھور چوڻي آھي ته، “ڍاڪ ڪي وھي تين بات”.ھندي ۾ ھن واڻ کي ڍاڪ به سڏبو آھي. سنڌيءَ ۾ به چوڻي آھي ته، ’يار صفا تون ڪو ٽه پتائي آھين‘. شايد اھا به ڪيسو ڦل جي ٽن پنن کي ڏسي چئي وئي ھجي يا مٿين ھندي چوڻي جو ترجمو ھجي.ھڪ چوڻي اھا به آھي ته “پُلاشي ڪي پُسپ ڪي طرح سُندر تو بنو”. ھندي ۾ ڪيسوڦل کي پُلاش به سڏبو آھي، ان لحاظ سان ھن چوڻي ۾ ڪيسوڦل جي گُل کي تمام خوبصورت ڪري پيش ڪيو ويو آھي.

     شاعري: ڪيسوڦل جو ذڪر شيخ اياز به پنھنجي شاعري ۾ ھن ريت ڪيو آھي:

مون گيت چيا ھا، ڪوئل تي،
ڪالھه ڪيسوڦل جي ٽاريءَ جا،

ٿو جهرمر گيت چوان، ڪي گيت ڏُجھايل ڏاٽن جا
ڪي گيت پيٽ بُکايل ھارين جا

ڪيسوڦل جو ذڪر شاعر ايوب کوسي پنھنجي ڪتاب “بارش سوچي ٿي” جي پيج نمبر 22 تي به ڪيو آھي.

ڪيسوڦل جو ذڪر پنجابي ڀارتي شاعري ۾ ڪجھه ھن ريت (ٿورو گھڻو ھيٺ مٿي) ملي ٿو:

ڪَنسڪ، ڪَسن، جان ڪر بھنورا ،

چبا شب ڪي لال چونچ پر

طوطي ني بهي چونچ ھلائي جامن ڪا ڦول اسي سمجهه ڪر

ڪيسوڦل ٻوٽو: ڪيسوڦل وڻ کان علاوه ڪيسوڦل نالي ھڪ ٻوٽو/ٻوٽي به آھي. جنھن جي حوالي سان محمد قاسم ڪُنڍاڻي ڪاٺوڙ پُل کان ٻڌائي ٿو ته ڪيسوڦل جو مرچ جيترو ننڍڙو ٻوٽو به ٿيندو آھي، جنھن جا پن به سائي مرچ جھڙا ٿيندا آھن. جيڪي اڄ به ڀاڄي ۾ وجھبا آھن،  جنھن سان ڀاڄي ۾ گرم مصالي جھڙي خوشبو ٿئي ٿي. جيڪو استعمال ڪرڻ کان پوءِ گرم مصالي جي ضرورت ناھي رھندي. ھن کي اردو ۾ انجلس چوندا آھن ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيسوڦل ٻوٽو سڏيو ويندو آھي. ڪراچي جا شھري به ھي پن پٽي کڻي ويندا آھن. ھي ٻوٽو ڪاٺوڙيل کان 3 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ڳوٺ درسائو ڇٽو ۾ اڄ به جبلن ۾ عام جام موجود آھي. ھن ۾ ننڍڙا اڇي رنگ جا گل به ٿين، پر اھي ٿوري عرصي بعد ڇڻيو وڃن.

ھن جو مصالحو پاڪستان ۾ KPK ۾ ميداني زمين ۾ فصل وانگر ٿئي ٿو، جيڪو آمدني جو وڏو وسيلو ٻڌايو وڃي ٿو. ھن مان اعليٰ قسم جو مصالحو ٺھندو آھي، جيڪو صابڻ ۽ ڪريم ۾ پڻ استعمال ٿيندو آھي. مصالي کي ڪيسر سڏيندا آھن. (ھونئن به بنون جو مصالو مشھور آھي، خوشبو ۽ ذائقي جي لحاظ سان، اويس راحت)ھن جي پوکمرچ، بصر ۽ ٽماٽر جي پوک وانگر ڪئي ويندي آھي. ھي KPK کان علاوه دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به پوکيو وڃي ٿو.

جابلو علائقن ۾ KP جيڪو مارڪيٽ ۾ ڪيسر جي نالي سان مصالي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. جيڪو دنيا جو مھانگو ترين سمجھجي ٿو. سال جا 12 ئي مھينا پيداوار ڏيندڙ، ڪيسوڦل جا گل انتھائي سنھڙين ڏانڊين تي مشتمل ھوندا آھن، جيڪي وڏا ٿيڻ تي ڪنول جي گل جيترا ٿي ويندا آھن ۽ انھن جو رنگ تبديل ٿي ڳاڙھو ٿي ويندو آھي. ڪيسو ڦل/ ڪيسر ھڪ قابل قدر مصالو آھي. جيڪو مختلف ملڪن جي مختلف کاڌن ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڪيسو ڦل ٻوٽي جي پوکي، خشڪ ۽ بھار جي موسم ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ عام جام ٿئي ٿو.



آمله


جنھن مان شيمپو، تيل ۽ صابڻ وغيره به ٺھن ٿا 

 

جن وڻن جا نالا سنڌ ۾ تمام گھٽ ملن ٿا يا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ جن جي باري ۾ عام ماڻھو جي ڄاڻ، نه برابر آھي انھن ۾ آمله جو وڻ به ھڪ آھي. آمله جو وڻ 20 کان 30 فُٽ ڊگھو، 15 کان 25 فُٽ ويڪرو، گھاٽي ڇانو ڏيندڙ سرسبز وڻ آھي. جنتر ۽ گدامڙي جي پنن سان مشابھت رکندڙ ھي وڻ ڪنڊن کان صاف ۽ يوڪلپٽس جي ٿُڙ سان ملندڙ جُلندڙ ھوندو آھي. جيڪو ھاڻ سنڌ ۾ جھڙوڪر پڇاڙڪا پساھه کڻندي، ڪٿي ڪٿي نظر اچي ٿو. مثال طور: ھن وقت شاھپور چاڪر کان اولھه اتر ۾ 13/14 ڪلوميٽرن تي ڳوٺ عباس ڪيريو، تعلقه دوڙ نوابشاھه ۾ سڪندرعلي ڪيرئي جي باغ ۾ موجود آھي. اُتي جي رھاڪن ۽ ڪمدار قادر بخش سولنگي ۽ دُر محمد سولنگي جي بقول ته اڄ کان 18 سال اڳ ھتي ڪجھه وڻن جون چڪيون، ملتان مان اُتي جو اختر مالھي، کڻي آيو ھو. جن ۾ آمله کانسواءِ، اڇو گلاب، ڳاڙھو گلاب، ڦڪو گلاب، ڦوٽن جا ٻوٽا/وڻ، ڪارن مرچن جا وڻ ۽ موتئي جا ٽي قسم اڄ به باغ ۾ موجود آھن. ان کانسواءِ باغ ۾ ٻيا به ڪيترائي اھڙا وڻ ۽ ٻوٽا به موجود آھن، جن جي نالن جي به خبر ناھي. ھي وڻ کپري شھر ۾ سيٺ سليمان قائمخاني جي بائڪو پيٽرول پمپ جي نرسري ۾ به موجود آھي، ته ھن جو ڏس تعلقي ٺري ميرواھه ۾ نوابشاھه سکر روڊ تي، الله ڏنو، عامر جوڻيجا جي ڳوٺ ۾ مئخاني ۾ به ملي ٿو. ھي وڻ شھدادپور لڳ ڊٺڙي شريف جي درگاھه تي به موجود آھي. شاھپور چاڪر لڳ سدا واھه مان نڪرندڙ روڻي شاخ جي ڏکڻ طرف ۾ علي نواز سنجراڻي جي باغ ۾ ڏھاڪو سال کن اڳ جڏھن سنجراڻي صاحب حياتي ھو، تڏھن آمله جا ڇھه ست وڻ واٽر تي قطار ۾ موجود ھئا. ھاڻ اھي ماڻھو به ويا ته وڻ به وڍجي ويا.

ھن کي سنڌي ۾ ‘آورا’ آن وارا/آئي راءِ، اَنولاءِ، ارُدو ۽ ھندي ۾ آمله سڏبو آھي. چون ٿا ته ھن جو ميوو کٽو ھجڻ ڪري، ھن کي آمله سڏبو آھي. ھي وڻ ٻن قسمن جا ھجن ٿا. ھڪ جھنگلي ۽ ٻيو پھاڙي. جھنگلي وڏو ۽ پھاڙي ننڍو ٿئي ٿو. ڀارت ۾ ھن جا ٻه قسم ٻڌايا وڃن ٿا. جيڪي پنن ۽ ميوي ۾ ڪجھه مختلف ھوندا آھن. انھن مان ھڪ جو ميوو ڪجھه ننڍو ۽ ٻئي جو ڪجھه وڏو ٿئي ٿو. ننڍي ميوي کي ’ديسي انگور‘ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. جنھن کي حڪمت ۾ به ڪم آڻبو آھي. انڊيا مان ھي وڻ قلم ذريعي جڏھن سنڌ ۽ پنجاب پھتو ته وڏي تعداد ۾ ٿيڻ لڳو. ھي وڻ ٻن قسمن جو ٿيندو آھي. ھڪڙي جا پن تمام ساوا ۽ ٻئي جا پن ھلڪي سائي يا ڀوري رنگ جا ٿيندا آھن. سنڌ ۾ ملندڙ آملا جو وڻ ڀوري يا ھلڪي سائي رنگ جا پن جھليندو آھي. انڊيا ۾ ملندڙ آمله جا پن تمام ساوا ٿيندا آھن. بنارس وارا آوار وڌيڪ ڪارائتا آھن. جن ۾ گُليڪ ايسڊ جو ڪافي مقدار ھوندو آھي. ھي وڻ پاڪستان، ھندستان جي گرم علائقن ۾ خاص ڪري سٺو ٿئي ٿو. ھي وڻ گرم علائقن ۾ ته تمام سٺو ٿئي ٿو، پر گھٽ گرم علائقن ۾ پڻ پوکيو وڃي ٿو. آمله ھر قسم جي زمين ۾ به پوکي سگھجي ٿو، پر وارياسين، لٽاسين ۽ زرخيز زمينن لاءِ بھترين آھي. ھن ۾ جيڪو ٻج وسيلي لڳائبو آھي، ان جو ميوو ننڍو ٿيندو آھي، پر قلم ذريعي لڳايل آمله جو ميوو وڏو ٿئي ٿو. آمله نائين ۽ ڏھين مھيني ۾ لڳائيو وڃي ٿو. ھن ۾ گل اپريل ۽ مئي ۾ لڳن ٿا ۽ ميوو سرد موسم يعني ڊسمبر ۽ جنوري ۾ پچي ٿو. ھن وڻ مان تقريباً  ھڪ مڻ کان ڏيڍ مڻ تائين پيدوار ملي ٿي.

آملا لفظ جي معنيٰ، سائوٿ آفريڪا ۾ ته الائجي ڪھڙي آھي، پر ھي اُتي ماڻھو جو نالو ضرور آھي.

آملا جي نالي سان سائوٿ آفريڪا جي ڪرڪيٽر ھاشم آملا 2012 ۾ انگلينڊ خلاف سائوٿ آفريڪا ۾ روزي جي حالت ۾ ٽرپل سينچري ٺاھي، دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ھو. ھو 13 ڪلاڪن کان مٿي بيٽنگ ڪري، 311 رنسون ٺاھي ناٽ آئوٽ رھيو ۽ مين آف دي ميچ جو ايوارڊ حاصل ڪري، منفرد ۽ شايد ڪڏھن نه ٽٽڻ جھڙو رڪارڊ به قائم ڪيو.

ھندو مذھب ۾ آمله مختلف ريتن رسمن ۾ استعمال ٿيڻ کان علاوه حڪمت ۾ به وڏي اھميت کي ٿو. حڪمت ۾ ھن وڻ جو ھر حصو اھم سمجھيو وڃي ٿو. ھندستان جي سرزمين جو بادشاھه سڏجندڙ آملا جو وڻ ھندن جي ريتن ۽ رسمن جو ھڪ اھم اھڃاڻ پڻ رھيو آھي. ھندو عورتون اڪثر ڪري آچر ڏينھن ھن ھيٺيان ويھي، پوڄا ڪنديون آھن. ان ڪري ھن کي’اتواريا‘ وڻ جي نالي سان به سڃاتو ويندو آھي. ھي وڻ خوبصورتي ۽ ٿڌي ڇانو سبب به مشھور آھي.

ھن جي ڪاٺي تي اڇي ۽ ميٽي رنگ جا ھلڪا ڇوڏا ھوندا آھن، جيڪي حڪمت ۾ ڪم اچن ٿا. ڇوڏن مان چمڙي ۽ ريگزين کي رنڱبو به آھي. ھن جو ڇوڏو چوپائي مال جي آڀام جي صورت ۾ پڻ کارايو ۽ منھن ۾ لغام وانگر ڏنو ويندو آھي. آمله جي پاڙن کي وڍڻ سان اعليٰ قسم جون کنئور نڪرندو آھي. جيڪو حڪمت ۾ ڪافي اھميت رکي ٿو. ھن جو ٿُڙ ۽ ڪاٺيون، وڍڻ کان پوءِ سُڪي وڃڻ بعد ڳري وينديون آھن، ان ڪري ھن جي ڪاٺي کي تعميراتي ڪمن ۾ گھٽ اھيمت ڏبي آھي.آملا جو ڪاٺ ڀوري ۽ ميٽي رنگ جو ٿئي ٿو. جيڪو تمام لسو پڻ ھوندو آھي. ھن جي ڪاٺ کي اڏوهي جھڙو مرض جلدي لڳڻ ڪري، آمله جو ڪاٺ گھٽ استعمال ٿيندو آھي. ڇو ته ھن وڻ جو ڪاٺ مِٺو ھوندو آھي.

 سياري جي شروعات ۾ آمله ۾ گلابي رنگ جا ننڍا ننڍا گل لڳندا آھن، جن جو رنگ سنھري ٿئي ٿو. ھن جي گلن مان ھلڪي خوشبو ايندي آھي، جيڪا ڪجھه پري تائين به محسوس ٿيندي آھي. ھي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ گل جھلي، نومبر ۾ ڇاڻي ٿو، جنھن بعد ھن ۾ ڏينا لڳندا آھن. ھن جا گُل رات جو پاڻي ۾ پُسائي، صبح جو پاڻي مان ڪڍي، انھن جي عرق سان تيل ۾ ملائي، ڪاڙھي، ڦٽ ڦرڙي تي ھڻڻ سان فائدو ٿئي ٿو. ھن جا گل ننڍيون جھرڪيون شوق سان کائين ٿيون.

ھن ۾ ليمي جيترو ۽ جھڙو گول ميوو لڳندو آھي، جنھن ۾ انب جي گٽلي جھڙو ٻج ھوندو آھي. اھو ميوو پچڻ وقت سائي مان ڦري زردي رنگ جو ٿي ويندو آھي. ھن وڻ جي خاص سڃاڻپ يا نشاني، ھن جي گول ڏيني تي، گدري جي ڦارن جھڙا نشان ھجڻ به آھن. ھن جو ميوو جڏھن پچي تيار ٿي ويندو آھي، تڏھن ڇڻي پوندو آھي. جيڪو کائڻ ۾ تمام مزيدار ھوندو آھي. آمله مان آچار به تيار ڪيو ويندو آھي، جيڪو ڪرڙ جي ڏينن جھڙو ذائقو رکندڙ ھجي ٿو. ھن جا ڏينا خاص ڪري قرباني جي گابن ۽ ٻڪرن کي کارائيبا آھن، جنهن سان جانورن جي چمڙي ڏسڻ ۾ چمڪدار ۽ سُٺي لڳندي آھي ۽ جانور وزن ڪري ٿلھو ٿي ويندو آھي. ھن جو ڪچو ڏينو کائڻ ۾ ليمي جھڙو ڪڙاڻ مائل کٽو ھجي ٿو. آمله وڍي، 15  ڏينھن کن سُڪائي، ڪريلي جي ڀاڄي وانگر ان جي ڀاڄي به ٺاھبي آھي. آمله ۾ سرڪائي ۽ ريٿا ملائي، رات جو پاڻي ۾ پُسائي، صبح جو ان مان وار ڌوئڻ سان، وار ڊگھا، ڪارا، مضبوط ۽ گھاٽا ٿي ويندا آھن. ھن جي پڪن ڏينن تي ڪٻرن ۽ طوطون جو جھيڙو ھوندو آھي، جنھن ۾ ڪانو به حصيدار ھوندو آھي.

آمله کي سرڪائي، ڄانڀي ۽ سرنھن سان ملائجي ته اھو تيل تمام گھڻو فائديمند آھي. اھو تيل دماغ جي طاقت لاءِ به مُفيد آھي. ھن جي ٻج ۾ اعليٰ قسم جو تيل ٿئي ٿو. آمله جا ڏينا ڪُٽي، رات جو پاڻي ۾ وجھي، صبح جو اھو پاڻي، ٻئي پاڻي ۾ ملائي، ان سان وينجھڻ سان خشڪي ختم ٿيڻ سان گڏ ماڻھو چست به ٿي ويندو آھي.

ھي دستن کي روڪڻ سان گڏ ناڪيلي ۽ بواسير لاءِ به اڪسير آھي. هي انسان ۽ جانور کي بُک لڳائي ٿو. وارن کي طاقت ڏيئي چمڪ به بخشي ٿو. ھن جو آچار ۽ مُربو دماغي ۽ معدي جي ڪمزوري لاءِ بھتر آھي. کنگھه سان رت اچڻ يا پراڻي بخار ۾ به استعمال ڪبو آھي. ھن جا ڏينا شگر جي مريضن کي نيراني کائڻ سان تمام گھڻو فائدو ٿيندو آھي. ھن جي ڪچي ڏيني مان گيدوڙي وانگر ليس دار رس نڪرندو آھي. ھن جي ميوي مان پاڻي پڻ نڪري ٿو. جڏھن ھندو ڌرم جا ماڻھو گنگا سنان ڪرڻ ويندا آھن  ته ھو انڊيا مان اھو پاڻي تحفي طور پاڪستان ۾ کڻي اچن ٿا. جيڪي مٿي ۽ سنڌن جي سور لاءِ مفيد آھي. ھن جي ميوي جي بادام جھڙي ٻج مان تيل پڻ نڪري ٿو، جيڪو بيوٽي ڪريم، شيمپو ۽ صابڻ ۾ پڻ استعمال ٿئي ٿو. ھن جو سڪل ميوو پنسارين وٽ موجود آھي. جنهن کي ڪُٽي پائوڊر ٺاھي، چھري جي جلن، موھيڙن، وارن کي محفوظ رکڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آھي. ھن جو پائوڊر، لوڻ سان ملائي مُساڳ ڪرڻ سان ڏند ۽ مسوڙا پڻ مضبوط ٿين ٿا. اردو ۽ سنڌي ۾ ھن پٺيان چوڻيون پڻ مشھور آھن ته:

“آملہ کا کھایا اور بزرگوں کا فرمایا، ہمیشہ بعد میں اثر دکھاتے ہیں”

ساھيرا، آھيرا، ٻاٻرا، ڪنڊا

ھر ھر پيا چڀ چڀ ڪندا.

ڀارت ۾ ھن جو خشڪ ميوو پيڪ ڪري دنيا جي مختلف ملڪن ڏانھن اُماڻي ناڻو ڪمائبو آھي. جنھن کي بليڪ گراف جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.  جنھن مان اعليٰ قسم جو جوس ٺاھي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو. ڄاڻ موجب ھن جو ميوو کائڻ سان انسان تندرست ۽ توانو رھي ٿو ۽ سُٺي صحت سبب عمر پڻ وڌي وڃي ٿي.

ھن وڻ جا پن کائڻ ۾ کٽا ھوندا آھن. ڪن ماڻھن جي بقول ھن جا پن ڀاڄي ۾ پڻ استعمال ٿين ٿا. ھن جا گدامڙي ۽ ديوي جھڙا پن خزان ۾ ڇڻن ٿا. جڏھن ھن ۾ نئوان گؤنچ لڳندا آھن ته انھن مان وڻندڙ سرھاڻ ايندي آھي. جنھن سان اھا خبر پوندي آھي ته پاسي ۾ ڪٿي آمله جو وڻ موجود آھي. ھن کي آڪٽوبر ۾ لڳائبو آھي. ھن جا نئوان ٻوٽا ڦٽڻ وقت، جنتر يا مانجھلي جي ٻوٽن جھڙا نظر ايندا آھن.

ھن وڻ جا پن ڏنڊي ڪونڊي ۾ ڪُٽي، لوڻ مرچ ملائي چٽڻي ٺاھبي آھي. جيڪا تمام مزيدار ۽ ذائقيدار ھجي ٿي. ھن جا پن ٻاڪرو مال شوق سان کائي ٿو. ھي معدي جي تڪليف لاءِ حڪمت ۾ ڪم ايندو آھي. آمله جون شاخون يا ٽاريون ھيٺ لڙڪيل ٿين ٿيون. ھن جا پن پھرين ڳاڙھا ۽ پوءِ ڦڪا ۽ آخر ۾ ساوا ٿين ٿا. ھن جي ڇانو تمام گھڻي ٿڌي ٿئي ٿي. جنھن مان ھلڪي بارش به گذر نٿي ڪري سگھي. آمله جا پن ڏنڊي ڪونڊي ۾ ڪُٽي وھندڙ رت جي مٿان ليپو ڪري ٻڌڻ سان رت وھڻ بند ٿي وڃي ٿو. آمله معدي، جگر ۽ آنڊي جي بيماري لاءِ نھايت فائديمند آھي. آمله رت صاف ڪرڻ لاءِ به مفيد آھي. ھن جي پنن کي ڪاڙھي، ٿڌو ڪري شگر سبب جسم تي ٿيندڙ ڦٽن کي ڌوئڻ سان فائدو ٿيندو آھي. ھن جا پن ٻڪرين، مينھن ۽ ڍڳي ۾ واءُ جي بيمارين لاءِ تمام ڪارائتا آھن.

ھي ايترو اھم ۽ ڪارائتو وڻ به اسان جي بي قدري سبب ھاڻ آڱرين تي ڳڻڻ جيترو به مشڪل سان وڃي بچيو آهي، جيڪو اسان جي ادارن لاءِ سوچڻ جو مقام ضرور ھجڻ گھرجي!



ڪويت


 جنھن جي ميوي جي کل ٿانو طور به استعمال ٿيندي ھئي

 

ڪويت جو وڻ وڏو، ويڪرولڳ ڀڳ سرينھن جيترو ھوندو آھي. مٺي ۽ ڪنوري زمين ۾ ٿيندڙ ھن وڻ جا پن سرينھن ۽ املتاس جي پنن سان ملندڙ جلندڙ ھوندا آھن/ھئا. جن کي ٻاڪرو مال شوق سان کائيندو ھو. ھميشه سائو رھندڙ ڪويت ۾ ديوي جي وڻ جھڙا ڪنڊا ھوندا ھئا.ھماليه ھندوڪش جبلن مان جڏھن ڪويت جو ٻج پاڪستان پھتو ته ٻھراڙي وارا ماڻھو، ھن کي ڪويت يا ڪويتو جي نالي سان سڃاڻ لڳا. مُني صدي جو ھي وڻ ’قد وال‘ پڻ سڏبو آھي. 70/75 ڌاري ھي وڻ سنڌ جي ٻھراڙين، ٻيلن ۽ جھنگلن ۾ وڏي تعداد ۾ ٿيندو ھو. ڳوٺ حاجي ڪريم بخش لغاري لڳ پنيري کپرو جي ھارپو ڪندڙ چاچي فيض محمد لغاري، عمر 80/85 سال کن جي بقول ته ھي 15 کان 20 فُٽ جو ٿيندو ھو. ھن جو ٿُڙ تمام ٿلھو ٿيندو ھو، جيڪو مختلف فرنيچر ٺاھڻ ۾ ڪم ايندو ھو. سنجھورو لڳ ڳوٺ تارو مل جي وڻ وڍڻ جو ڪم ڪندڙ 90 کن سال جي نبي بخش خاصخيلي جي بقول ته 60/70 سال کن اڳ کڏڙي ڀرسان ميتلن جي ڳوٺ ۾ به ھي وڻ موجود ھو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لغت ۾ ھن کي ھندستاني ڪاج به لکيو آھي. جنھن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ھي وڻ ھندستان ۾ ڪافي ڪثرت سان ٿئي ٿو. ھي ڪافي ڊگھو،ويڪرو ۽ ٿڌي ڇانو ڏيندڙ وڻ آھي، جنھن جو قد 12 ميٽر ٻڌايو وڃي ٿو. ھن جي ٿُڙ ۽ ٽارين تي ٿلھا ۽ وڏا ڪنڊا ٿين ٿا. ھن جا پن مھندي ۽ ڪامھون جي پنن سان ملندڙ آھن، پر ڪويت جا پن ڪجھه ٿلھا ۽ سخت ٿين ٿا. ھن جي ٿڙ مٿان ڇوڏو پڻ ٿئي ٿو ۽ جيڪو ھلڪو خوشبودار ٿئي ٿو. ھي ڇوڏو ڪافي ڪارائتو ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪو مختلف بيمارين ۾ ڪم اچي ٿو. ھن جا گل ھيٺان کان ڦڪا ۽ مٿان کان ھلڪا ڳاڙھا ٻڌايا وڃن ٿا. اڄ به ڀارت کان علاوه پاڪستان جي وڏن شھرن ۾ ھن جو ميوو ملي سگھي ٿو.

ھن جا پن سرنھن ۽ گدامڙِي جھڙا ٿيندا ھئا. ھن ۾ ميوو به ٻارنھن ئي مھينا لڳل ھوندو ھو. جيڪو جھولن لڳڻ واري مُند ۾ گھڻو پچندو ھو. ميوي جو نمونو پھرين سائي ننڍي بال جھڙو ۽ جيترو، پچڻ بعد رنگ مٽي جھڙو ۽ پاڻ مالٽي جيترو ٿي ويندو ھو. ميوي جي پچڻ تي ان مان خوشبو ايندي ھئي ۽ پاڻهين پٽ تي ڇڻي پوندو ھو. ھمير فقير کڏڙو جي درگاھه جي مجاور فقير غلام حيدر خاصخيلي جي بقول ته اسان ان ميوي جي ٻِنڊ واري جاءِ (اھا ڏانڊي واري جاءِ جنھن سان ميوو وڻ ۾ لٽڪيل ھوندو آھي) تان، لوھي شيخ يا چاقو ڇري وغيره سان سوراخ ڪري، ان جي اندران ڳِر/ماس ڪڍي کائيندا ھئاسين، جيڪو ڏاڍو مزيدار ۽ کٽو مٺو ھوندو ھو. ميوي جي کل سخت ۽ کوپري جي کَل جھڙي پڪي، پٿر جھڙي ھوندي ھئي. جنھن کي خالي ڪري سُڪائي، ان ۾ استعمال واري تيل رکڻ جو ڪم وٺندا ھئاسين. ان وقت ھن جا 15/20 وڻ کڏڙي جي لڳ ڀڳ اولھندي طرف مير پانڌي خان جي باغ ۾ ھوندا ھئا ۽ اڄ کان تقريباً چاليھارو کن سال اڳي حضرت همير فقير جو ميلو به اُتي لڳندو ھو. ماڻهو ان ميلي ۾ ڪاھي ايندڙ اُٺ ۽ ڍڳا ڪويت جي وڻن سان ٻڌندا ھئا. ھي وڻ ڄاڻ موجب 1992ع ۾ کپري ۾ لال خان شاخ جي ڪپ تي بيٺل ھو. جيڪو 1992ع واري ماھه ٻوڏ ۾ سُڪي ختم ٿي ويو ھو. محمد رمضان وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته پنجاھه کن سال اڳ جمڙائو مان لھندي، وچان کڏڙي شھر ڏانھن ويندڙ رستي تي به ڪويت جا ڪجھه وڻ بيٺل ھئا، جيڪي تمام ڊگھا ھئا. ڪويت جو ڏس جعفر لغاري يوسي ۾ بيگن واري ڳوٺ لڳ به ملي ٿو. ھي ان وقت جي ڳالھه آھي جڏھن قلمي انب نه برابر ھئا، ان ڪري ڪويت اڪثر ڪري باغن ۾ ھوندو ھو. جڏھن کان قلمي انب ۽ ٻيا ميوا عام ٿيا تڏھن کان ڪويت جو وجود ختم ٿيڻ شروع ٿيو.

انب جي ٿُڙ جھڙن انھن وڻن جي ڇانو به گھاٽي ھوندي ھئي. ڪاٺي تمام سخت ھوندي ھئي. اھي وڻ مير پانڌي خان پاڻ وڍرائي، اُتي پلاٽنگ ڪرائي، جيڪا ھاڻ کڏڙي جو ’همير فقير پاڙو‘ سڏجي ٿو. ان حوالي سان ئي کڏڙي جو رھاڪو محمد رمضان پنھور، عمر 90 سالن کن ٻڌائي ٿو ته اسان ڪويت جي حوالي سان ڳجھارت به ڏيندا ھئاسين ته:

ٻاھران لوھه، اندران ڪپھه.= معنيٰ/ڀڃڻي ڪويت.

“ڏسان نه وڻي، کاوان ته کٽونبڙو” معنيٰ ڪويت

ڇو جو مٽي جھڙي رنگ سبب، ڪويت ڏسڻ ۾ گھڻو سٺو نه ھوندو ھو، پر اندران مٺو ھوندو ھو. ان ڪري اھا ڳجھارت ٺاھي وئي.

ھن ۾ صوف کان به وڏو ميوو لڳل/لٽڪيل ھوندو ھو. ڪويت جو ڪريل ميوو گدڙ ۽ بگھڙ به شوق سان کائيندا ھئا. ميوو خالي ڪري، ان ۾ اندر تيل وجھي، 40 ڏينھن زمين اندر پوري ڇڏيندا ھئاسين. جڏھن ان کي ٻاھر ڪڍندا ھئاسين ته ان تيل ۾ مُشڪ انبر جھڙي خوشبو ايندي ھئي! اھو تيل خاص ڪري، شادي، ڪنھن ڪاڄ وغيره ۾ وڃڻ يا خاص ڏينهن تي ھڻندا ھئاسين ته ماڻھو مان رڳو خوشبو ئي خوشبو ايندي ھئي. ان تيل مان مٿي، چيلھه ۽ گوڏن جي سور لاءِ به مالش ڪبي ھئي. ان وقت جون دايون، ڪويت جي ڪُپي ۾ پيل ان تيل مان، ٻار کي صحت مند رکڻ لاءِ مالش ڪنديون ھيون. ھن جي ميوي جي سُڪل سخت کَل ۾ نه رڳو تيل، پر خرچي ۾ مليل ان وقت جا پنج پئسه، ٽڪو ۽ آنو وجھي لڪائي رکندا ھئاسين.وڏڙن مطابق اسان ھن جو ڪچو ميوو بال طور استعمال ڪري، سٽ ڪُٽ راند پڻ ڪندا ھئاسين. تمام گهڻي گرمي ۾ ھن ھيٺيان مال به ويھاربو ھو. ھن جي ڪاٺي مان در دريون، کٽن، ڪٻٽ، صندل، سُهاڳا، ھَر، پاڃاريون ۽ ھُرلا پڻ ٺاھيا ويندا ھئا.

ھن وڻ جا ڇوڏا سياري ۾ ڪاڙھي، ان ۾ کير کنڊ وجھي، چانھه تيار ڪندا ھئاسين، جيڪا پيئڻ سان کنگھه به ڇڏي ويندي ھئي. جنھن کي وڏو بخار ايندو ھو، ان جي گلي ۾ ڪويت جا ڇوڏا ٻڌڻ سان بخار ڇڏي ويندو ھو. کڏڙي ڀرسان لسڪي ديھه ۾ ويٺل پنجابي زميندار خدا بخش جي ھاري، منگھي مل ميگھواڙ وٽ ڍڳن پٺيان ٻڌڻ وارو سنھور ڪويت جي ڪاٺي جو ٺھيل ھوندو ھو. جنھن مان لڳي ٿو ته ان ڪاٺي مان اھڙيون ڪي ٻيون شيون به ٺھنديون ھونديون. جن جا ڪاٺ جا ننڍڙا ڇلر ڪيا ويندا ھئا، جيڪي مختلف بيمارين لاءِ ڪارائتا ھئا. ھن وڻ جو ڪاٺ تمام سخت ۽ گول ٿئي ٿو

حڪمت جي مشھور ڪتاب ’المفردات‘، (ليکڪ مظفر حسين اعواڻ، غلام علي سنز) ۾ڪويت جي باري ۾ ٻي ڄاڻ کان علاوه اھو به لکيل آھي ته ھن کي انگريزي ۾ Wood Apple، اردو ۾ ڪيٿ، بنگالي ۾ ڪَٽ بيل ۽ مارواڙي ۾ ڪويت پانا سڏبو آھي. ھي هڪ قدآور وڻ آھي، جنھن جا پن املتاس کان ڪجھه ننڍا ۽ مھندي کان ڪجھه وڏا ٿين ٿا. ھن جا گل ھلڪي ڳاڙهي رنگ جا ٿين ٿا. هن جي گودي ۾ سڙڪ ايسڊ ليس دار مقدار، گھڻي مقدار ۾ ھجي ٿو، جنھن جو رنگ سفيد ٿئي ٿو، پر ان ۾ سائي پڻي جي جھلڪ به ھجي ٿي، ڌاڻن جي پنن جھڙو پڪل ڪويت خوشبودار ۽ لذيذ هجي ٿو. ھن جي پيدائش ڄمون ڪشمير، دھلي، يوپي، مدراس ۽ لنڪا ۾ ٿئي ٿي.

 

فائدا:

ڪويت جي وڻ ۾ به قدرت ڪيترائي فائدا رکيا آھن. ھي اُڃ جي شدت کي گھٽائي، بک وڌائي ۽ منھن جي بدبو کي ختم ڪري ٿو۽ دير سان ھضم ٿيندڙ آھي. لنڪا جا ماڻھو ھن کي ڏاڍي شوق سان کائين ٿا. پڪل ميوي جي گودي ۾ کنڊ ملائي شربت به ٺاھبو آھي، جيڪو بخار جي حالت ۾ اُڃ اجھائڻ لاءِ مفيد آھي. جڏھن ته ھن جو ڪچو ميوو قبضي ڪري ٿو. ھن جا ڪنڊا به حڪمت ۾ ڪم اچن ٿا. ھن جي ڪاٺي جو ڏندڻ مسوڙن کي مضبوط ڪري ٿو ۽ انھن مان ايندڙ رت کي به روڪي ٿو.

ھن جو ٻج ڦَڪي طور استعمال ڪرڻ سان دست پيچس ۽ ٻين پيٽ جي بيمارين لاءِ ڪارائتو آھي. ھن جي ميوي جي رس يا جوس اُڃ ۽ وات جي نزلي لاءِ تمام مفيد آهي. ھن جو ميوو شگر لاءِ به استعمال ٿيندو ھو. ھن جي ڪاٺ وڍڻ سان ان مان اڇي رنگ جو ھلڪو پاڻي/رس نڪرندو ھو، جيڪو سڪڻ بعد کنور ۾ تبديل ٿي ويندو ھو. جيڪو ٻٻر جي کنور جھڙو نظر ايندو ھو، جيڪو کنور سڏبو آھي. ھن جو کنور به ڪافي ڪارائتو چيو وڃي ٿو. ھن جي ٽارين جو ڏندڻ، ڏندن ۽ مسوڙن لاءِ مفيد آھي. چون ٿا ته اصلي ارنڊي ڪويت ۽ ھيرڻ جي ٻج مان ٺاھبي ھئي. وڏڙن جي ڄاڻ موجب 1980/85 ڌاري ضلعي سانگھڙ جي ڪجھه ديھن ۾ ھي ڪافي ججھي تعداد ۾ موجود ھو.

ڪويت ٻوٽي:

ڪويت جي وڏي وڻ کان علاوه ڪويت نالي سان ھڪ ٻوٽو يا ٻوٽي جو ڏس به ملي ٿو. حڪيم مقصود شيخ نوابشاھه، جي بقول ته ڪويت ٻوٽي 3 قسمن جي ھوندي آھي. جيڪا اڄ به انڊيا، پاڪستان ۽ برما ۾ وڌيڪ ملي ٿي. پاڪستان ۾ ھن جا گل ڳاڙھي رنگ جا ٿين ٿا. ڪويت جو وڻ به ڳاڙھا يا گلابي رنگ تي تمام خوبصورت گل جھليندو آهي.



ارجن


 چمڙن جو پسنديده، وڻن جو سردار قديم وڻ

 

جڏھن ڳالھه نڪرندي دنيا جي قديم وڻن جي ته ارجن جو ذڪر به ضرور ايندو. جيڪو دُنيا جي قديم وڻن سان گڏ ھن ڌرتي جو به قديم وڻ آھي. پر تعجب جي ڳالھه آھي ته سنڌ ۾ ھن جو ائين کڻي چئجي ته ٻيھر جنم يا ظھور اسان کي انگريز دور ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو! انگريزن 1841/42ع ۾ نه صرف سنڌ فتح ڪرڻ بعد ھتي واھه کوٽايا، ريلوي آندي، نئون تعليمي سرشتو ڏنو، زمين جي ماپ ٿي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم ڪرايا اُتي انھن ھتي مختلف وڻ به آندا، جن ۾ ارجن جو وڻ به شامل آهي. ارجن جنھن کي ارجنا، Terminalia Arjun ۽ ڀارت ۾ ڪھو ۽ ڪاھُو جي نالن سان سڃاڻڻ کان علاوه سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي ھن کي ڪيسودو به سڏين ٿا. ھن وڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته 6 ھزار سال قبل مسيح جو وڻ آھي. جيڪو موھن جي دڙي واري دؤر ۾ به وڏي عروج تي ھو. ڇو جو ھن ڪتاب جو ويدن م به ذڪر آھي. ھي سنڌ ۾ تمام پراڻي زماني کان ٿيندڙ وڻ آھي. ھندو ڌرم جا ماڻھو ھن کي پوڄيندا آھن. اھي ھن تي باس باسڻ وقت، ھن ۾ ڌاڳا ٻڌندا آھن ۽ باس پوري ٿيڻ تي وڻ تي اچي، مٺائي ورھائي، ڌاڳا کوليندا آھن. وڏي ڄمار ۽ وڏو قد رکندڙ ھن وڻ جو قد 80 کان 100 فُٽن تائين ٿئي ٿو. انڪري ھن وڻ کي وڻن جو سردار وڻ به سڏبو آھي. ڄمون ۽ زيتون جھڙا پن رکندڙ ارجن، سنڌ ۾ 1935ع ۾ وڏي تعداد ۾ موجود ھو، پر ھاڻ ھن جا سنڌ ۾ چند وڻ وڃي بچيا آھن. ڳاڙھا گل جھليندڙ ۽ وڏي قد واري ھن وڻ کي ٿر جا ماڻھو ڪوھه يا ڪوھي (سئو ڪوھن کان ڏسڻ ۾ ايندڙ!) جو وڻ به سڏين ٿا. ھن جو چڀڙ سان ملندڙ ميوو تمام سخت ھجي ٿو، جنھن تي ڦارون پڻ ھونديون آھن، ان ڪري ٽي ڦرو به سڏبو آھي. اسان وٽ ھي وڻ رڳو سونھن خاطر باغن ۽ رستن تي لڳايو وڃي ٿو، پر دنيا جا ڪيترائي ملڪ ھن مان طبعي لحاظ سان ٻيا به ڪيترائي فائدا حاصل ڪري رھيا آھن. نرسرين ۾ ھن جو ٻج پوکيو وڃي ٿو، جيڪو 40 ڏينھن بعد ڦٽڻ شروع ڪري ٿو. ھي وڻ پھرين سال ۾ آھستي آھستي ۽ پوءِ تيزي سان وڌڻ شروع ڪندو آھي. ڪي ماڻھو ھن کي سدا بھار وڻ چوندا آھن، پر ھي اپريل ۽ مئي ۾ پن ڇاڻي، خزان جو اھڃاڻ بڻجي ويندو آھي. ھن جا پن بلڪل سُڪڻ بعد ئي وڻ جو ساٿ ڇڏيندا آھن.

ارجن کي ڪافي ماڻھو وونئڻ جو وڻ به سڏين ۽ سمجھن ٿا. ھن جو ميوو وڻ ۾ ڦاٽڻ کان پوءِ، ان ۾ ريشم جھڙي ڪپھه، ھوا ذريعي ، پري پري تائين پکڙجي ويندي آھي (شايد ان ڪپھه جي ڪري ئي ماڻھو ھن کي به وونئڻ جو وڻ سمجھندا آھن) اھا ريشمي ڪپھه جيڪا سمبل جي وڻ وانگر ھوا ۾ اڏامندي رھندي آھي، سا سوڙن ۽ ويھاڻن ۾ استعمال ڪبي آھي. اھا ڪپھه عام ڪپھه جي مقابلي ۾ تمام گھڻي گرم ھجي ٿي.

ارجن جي وڻ سان مشابھت رکندڙ ڪجھه وڻ حيدرآباد روڊ تي ’جوڻيجا ھائوس‘ ۾ به بيٺل آھن، جن تي پڻ ڪافي تعداد ۾ چمڙا لٽڪل ھوندا آھن. جن جا پن به ارجن جي پنن سان ملندڙ جلندڙ آھن، پر انھن جي ميوي ۽ گلن ۾ فرق ٻڌايو وڃي ٿو. ماڻھو انھن کي به ’ارجن‘ جي نالي سان .ئي سڏين ٿا. شايد اھي ارجن جو ئي ڪو قسم ھجي!

ھن جو ٻج سخت ھجڻ ڪري زمين ۾ شايد آساني سان ناھي ڦٽي سگھندو، جيڪو ھريڙ سان ملندڙ جلندڙ (پر ڪجھه وڏو) ھجڻ ڪري،’ھريڙو‘سڏبو آھي، سو طب ۾ ڪافي اھميت رکي ٿو. ھن ٻج سان بدھاضمي، پراڻن دستن ۽ قبضي جو به علاج ڪبو آھي. ھن جي ڪچي ڏيني اندر ٻج وغيره کي ڪٻرون ۽ ٻيا پکي به شوق سان کائيندا آھن.

وڏو قد سبب محفوظ ھجڻ ڪري ھن تي پکي ۽ خاص ڪري باز تمام شوق سان ويھن ٿا، ان ڪري ھن کي بازن جو محافظ به سڏبو آھي. ھن جي ڪچي ميوي کي طوطا کائڻ بدران رڳو ڪتريندا آھن. شايد ان ڪري جو ھن جي ميوي جو ذائقو ڪجھ ڪسارو ٿئي ٿو. ھي وڻ سڌو ۽ لسو ھجڻ ڪري ھن تي نانگ يا ٻيا جانور چڙھي نه سگھڻ ڪري، ڪانو، سرڻيون ۽ باز به ھن ۾ آکيرا ٺاھي، ان ۾ آنا ۽ ٻچا ڪندا آھن. ھن ۾ رھندڙ پکين ۾ طوطا، چٻون، ڪٻرون، باز ۽ چمڙا شامل آھن. خاص ڪري ھي وڻ چمڙن جو وڏو مَسڪن ھجڻ سان گڏ انھن جي جھڙوڪر وڏي ڪالوني مثل آھي. چمڙا رات جو ھن تان اُٿي ويندا آھن ۽ صبح جو واپس اچي ڍيرو ڄمائيندا آھن. ريسٽ ھائوس سانگھڙ ۾ ھن جا اھڙا به وڻ بيٺل آھن، جن جو قد 80 فُٽ کان به مٿي آھي. انھن مان ھڪ وڻ تي ڳاڻيٽي کان ٻاھر چمڙا ھر وقت لٽڪيل رھن ٿا. ھن وڻ متعلق اھو به چيو وڃي ٿو ته ھي انگريز دور ۾ 1932ع ۾ سنڌ ۾ روھڙي ڪئنال جي ڪچن يا پراڻن ريسٽ ھائوس ۾ لڳايا ويا. ڪجھ وقت اڳ تائين باقر موري لڳ شھدادپور تي ھڪ قطار ۾ ھن جا 10 کن وڻ بيٺل ھئا. جيڪي واھه جي ڪناري تي ھجڻ ڪري ماڻھو پنھنجو چوپايو مال ھن جي ڇانو ۾ ويھاريندا ھئا ته ايندڙ ويندڙ مسافر به ان جي ھيٺيان سُڪون حاصل ڪندا ھئا. پر 2008 ۾ جڏھن واھه جا ڪپ ۽ ڪنارا نئوان ڪيا ويا ته اھي وڻ ڪٽجي ويا. زير پير موري لڳ سعيدآباد وٽ انگريز دور جي ريسٽ ھائوس ۾ اڄ به ھن جا ٻه چار وڻ موجود آھن. لانڊي موري لڳ شھدادپور تي به ھي وڻ موجود آھي ۽ چمڙن جو مسڪن آھي. ان ۾ ايترا ته چمڙا ويٺل ھوندا آھن، جو جڏھن اھي اڏامندا آھن ته تمام گھڻو آواز ٿيندو آھي. ھي وڻ ڏيڍ سو کن سالن جو ھتي بيٺل چيو وڃي ٿو. ھن ۾ چمڙا ان ڪري به وڌيڪ ويھندا آھن جو، ھڪ ته ھن ۾ ڪنڊو ناھي ھوندو ۽ ٻيو ته ھن جو ڪاٺ نرم ٿيندو آھي. شايد ھن جي رس ۾ به ڪو اھڙو مٺاس آھي، جو وڏا چمڙا ھن ۾ رھڻ پسند ڪندا آھن.

پکين کان علاوه ھن ۾ ماکي به ويھندي آھي، پر ھن ۾ ويٺل ماکي اڪثر ڪري ڪوئا مار باز/پکي جو کاڄ بڻبي آھي. چيو ويندو آھي ته ھن ۾ ويٺل ماکي ۾ ھڪ ته رس گھٽ ھوندو آھي ۽ ٻيو ته اھا گھڻو وقت ھن ۾ ويھندي به ناھي. شايد ان ڪري جو ڪوئا مار باز ھن کي آساني سان نشانو بڻائي وٺي ٿو، ان ڪري ھي ٻين گھاٽن وڻن ۽ لوڙھن وغيره جھڙن لِڪ وارن ھنڌن تي ويھي پاڻ بچائيندي آھي.

ھي گھاٽو، ڇانو ڏيندڙ ۽ مٺي پاڻي جو وڻ، جھولن ۾ پن ڇاڻيندو آھي ۽ بھار ۾ وري نئوان پن ڪڍندو آھي. جيڪي سُڪڻ بعد ميٽي رنگ جا ٿيو وڃن. اھي مختلف بيمارين ۾ ڪم اچن ٿا. ھن جا پن ۽ ٽاريون پٽڻ سان اڪ جھڙو ليس دار کير نڪرندو آھي، جيڪو مختلف بيمارين تي لڳندو آھي. اھو کير ڪنن جي سور لاءِ به فائديمند چيو وڃي ٿو.  ارجن جا پن سَنڌن جي سور مٿان، تيل ۾ گرم ڪري، ٻڌڻ سان فائدو ٿيندو آھي. ھن جا تازا پن پٽي، ڪُتر ڪري، پاڻي ۾ پُسائي نيراني پيئڻ، سائي جي مريضن لاءِ مُفيد آھي. ھن جا پن ۽ ٽاريون زمين کان ڪافي مٿي ھوندا آھن، پر ڇڻيل پن ٻڪريون ڏاڍي شوق سان کائينديون آھن.

ھن جو گل وڏو ۽ ڳاڙھي رنگ جو ٿيندو آھي. ھن ۾ چيٽ جي موسم ۾ پيلي رنگ جا گل ٿيندا آھن. گل جھلڻ کان اڳ چوٽين ۽ ٽارين ۾ گؤنچ نڪرندا آھن، پوءِ گل جھڳٽن جي شڪل ۾ نڪرندا آھن. ڪافي گل ته ڪچا ھوندي ئي ڇڻي ويندا آھن ۽ باقي جيڪي بچندا آھن، انھن ۾ ميوو لڳندو آھي. جيڪو ڪچو ھجڻ وقت سائو ۽ پچڻ تي بادامي/ناسي رنگ جو ۽ تمام سخت ٿي ويندو آھي. گلن کان پوءِ ھن ۾ ميوو لڳي ٿو. ميوي مان ننڍڙو سرنھن جيترو ٻج نڪري ٿو، جيڪو جلد ۽ چمڙي جي بيمارين لاءِ مُفيد آھي.

ھن جي کل يا ڇوڏو تمام گھڻو ڪارائتو آھي، جيڪو ڪاڙھي پيئڻ، دل جي بيمارين کان علاوه پراڻي بخار، سردي، زڪام، کنگھه, پيٽ جي ڪيڙن، بلڊ پريشر، لِڪوريا ۽ ٻين بيمارين لاءِ به مفيد سمجھيو وڃي ٿي. ھن جو سُڪل ڇوڏي جو پائوڊر موھيڙن، چھري جي داغن، وات جي ڇالن، مٿي جي ڦٽ ڦرڙين لاءِ مفيد ھجڻ سان گڏ مھندي ۾ ملائي وارن ۾ لڳائڻ سان اھي مضبوط ۽ ڪارا پڻ ٿين ٿا. ھن جي ڇوڏي ۾ مصري ملائي، ڪاڙھي پيئڻ سان ٿڪاوٽ ختم ٿئي ٿي ۽ دماغ کي طاقت ملي ٿي. ھن جي ڇوڏن مان ڦڪي ٺاھبي آھي، جيڪا اندروني ۽ بيروني بيمارين لاءِ ڪتب ايندي آھي. ھن جي سائي ڪاٺي کي گلاس وانگر کوٽي، ان ۾ رات جو پاڻي ڀري، اھو پاڻي صبح نيراني پيئڻ سان شگر جي مريضن کي فائدو ٿيندو آھي. جيستائين ڪاٺي سائي ھجي، اوستائين اھا استعمال ڪري سگھجي ٿي. ھن جو ڇوڏو عام يا اکين ۾ ڦڪي ڏسڻ ۾ ايندڙ سائي لاءِ به مُفيد آھي. اھڙن مريضن لاءِ، جڳ پاڻي ۾ ڇوڏا رات جو 15/20 ڏينھن پاڻي ۾ پُسائي پيئڻ سان سائي جي مريضن کي فائدو ٿيندو آھي. مردانه بيماري ۾ به ھن وڻ جو استعمال ڪبو آھي. ھريڙو دل جي ڪمزور دڙڪن ۽ ٽٽل ھڏن کي جوڙڻ لاءِ مُفيد آھي.

ھي وڏي ۽ ٿلھي قد وارو تمام مضبوط وڻ آھي، جنھن جو ڪاٺ ھلڪو بادامي ٿئي ٿو. ھن جو ڇوڏو به وڏو قيمتي آھي، جنھن جو رنگ ھلڪو ڳاڙھو ٿئي ٿو. مگر ان جي ڪاٺي اندران اڇي رنگ جي ٿئي ٿي. ھن جو ڇوڏو پيٽ جي مختلف بيمارين لاءِ فائديمند آھي. ھن جو ڪاٺ فرنيچر ۾ به ڪم اچي ٿو. جنھن مان الماريون، بيڊ جا سڌا پٽا سٺا ٺھن ٿا.

ھن جو ڪاٺ اڏاوت ۾ به ڪم ايندو آھي. ھن جي ڪاٺي تعميراتي ڪمن کان علاوه ٻيو گھريلو سامان ٺاھڻ ۾ به ڪتب آڻڻ سان گڏ سڌي ۽ مضبوط ھجڻ ڪري پُلين ۽ بجلي جي کنڀن طور به استعمال ڪبي آھي. اڳي وڏڙا ھن جا گهوٻاٽا ٺاھي، پاڻ بچائڻ لاءِ گڏ کڻندا ھئا.

سنڌيءَ ۾ ھريڙي جي حوالي سان ته خبر ناھي، پر ھريڙ جي حوالي سان ڪافي دلچسپ چوڻيون ملن ٿيون. جيئن:

  • ھٿ جو لڀي ھريڙ به ڪونه، کنيو وتي کنڌي.
  • ڪوئي لڌي ھريڙ، چئي آئون وڏي پنساري.
  • ڄڻ ڪوئي کي ھريڙ ھٿ آئي.
  • ھڙ ۾ ھريڙون ۽ گوڏ ۾ ٺڪريون.

جيئن ته ارجن ھڪ قديم وڻ ھجڻ سان گڏ ھندو ڌرم ۾ تمام گھڻي اھميت به رکي ٿو، پر ھندن ۾ ارجن نالو به رکيو ويندو آھي. ارجن نالو ھندو مذھبي تاريخ ۾ ڪرن ۽ ارجن جا نالا پانڊو واري جنگ ۾ ملڻ کان علاوه ڀارتي اڳواڻ ارجن سنگھه، ارجن ڪپور ۽ ارجن شاد وغيره.

 

ھريڙ/ھريڙو ٻوٽو:

ھي ٻوٽو وونئڻن جي موسم ۾ ٿيندو آھي، جنھن جو قد 3 کان 4 فُٽ تائين ھوندو آھي. ۽ جيڪو اُبت ڪنڊيءَ وانگر مختلف بيمارين تي لڳندو آھي.

دنياوي لحاظ کان منفرد مقام رکندڙ ھي وڻ به، ھان ڏينھون ڏينھن ناياب ٿيندو پيو وڃي. ھر اھڙي وڻ جي ختم ٿيڻ ۽ وڍڻ سان الائي ڇو ھي شعر ذھن تي تري ايندو آھي!

ایندھن کے لئے آج جو کٹ کے گرا ہے ،

چڑیوں کو بہت پیار تھا اُس بوڑھے شجر سے



لوت


 ڀٽائي جو ڳايل وڻ،جنھن جو ملڻ مشڪل ٿيپيو آھي!

 

وجود وڃائيندڙ وڻن ۾ ’لوت جو وڻ به شامل آهي‘. ھن جي وجود وڃائڻ تي افسوس ڪرڻ جو ھڪ سبب اھو به آھي ته، ھي ڀٽائي صاحب پاران ڳايل وڻن مان ھڪ آھي. ايندڙ نسلون شايد ھن بابت رڳو شاھه صاحب جي ھڪ بيت ۾ سو به ڪن رسالن ۾ آيل بابت پڙھي سگھن يا پوءِ ھن بابت تمام مختصر احوال، ڪجھ ڪتابن ۾ ئي ملي سگھي. ھي عربي ٻولي جو لفظ چيو وڃي ٿو، جنھن جي معنيٰ آھي ’ننڍو‘. جڏھن ته ڪڇ ڀڄ جي ٻولي ۾ به هن کي لوت ئي سڏيو ويو آھي. ڪي ماڻھو وري ھن کي ستياناسي به سڏين ٿا ته ھن کي مارواڙي ۽ مراٺي ۾ ’اوجڙ ڪانٽا‘ سڏجي ٿو. ھن کي سنڌي ۾ چَھرِپَني (فرھنگ جعفري مطابق) به سڏبو آھي. ان کان علاوه حڪمت جي لحاظ سان ھن جا ٻيا نالا به چيا وڃن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي لغت ۾ لوت کي گاھه، وڻ ۽ ٻوٽي جو ھڪ قسم لکيو آھي ڊاڪٽر صاحب ھن بابت ھڪ بيت جي ھيٺين سِٽ به لکي آھي:

“لنب، لوت به لهي پيا، ڪي پٽن ۾ پوتر”

‘لوط’ نالي سان ھڪ نبي سڳورو به ٿي گذريو آھي ته ان جي قوم به سندس نالي پٺيان سڏجي ٿي. لوت ھڪ ننڍي قد جي وڻ جو نالو آھي، جنھن جو قد 8 کان 10 فٽن تائين ٿئي ٿو. ھن جا پن صوف جي پنن سان ملندڙ آھن. ھن جو ٿُڙ ايترو ٿلھو ناھي ٿيندو ۽  ھن جي ٽارين تي ڪنڊا ٿين ٿا. ھي وڻ اڪثر ڪري پاڻي واري ھنڌن، تراين، واھن ۽ شاخن وغيره جي ڪنارن سان پاڻ مرادو ٿئي ٿو. ھن جا پن ۽ گل طب ۾ استعمال ٿيڻ کان علاوه ڪچي جا آبادگار بصرن، ٽماٽن ۽ ’بَڪر‘ جي فصلن (ڀاڄي وارا فصل) کي مرضن کان بچائڻ لاءِ ھن جي پنن جو دونھون به ڏيندا آھن. ھن جون ڪاٺيون درياھن ۽ واھن جا ’يڪ‘ ٻڌڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيون وينديون آھن. ھن جا ھيڍي رنگ جا گل يوناني بيمارين ۾ استعمال ٿين ٿا. ھن ۾ آڏيري جي ميوي جيترو گل ۽ ننڍو ميوو لڳندو آھي، جيڪو اڳ ۾ سائو ۽ پوءِ بعد ۾ بادامي ناسي رنگ جو ٿيو وڃي. ھن جو ذائقو (خاص ڪري کَل جو) ڪجھ کٽو ٿئي ٿو،جنھن اندر ننڍا ۽ ڪارا بصر ۽ سرنھن جي ٻج جھڙا ۽ جيترا داڻا ٿين ٿا. جيڪي آچار ۾ به ڪم اچن ٿا.

ھن جي پنن جو زرد پاڻي تمام قيمتي آھي، جنھن مان سرائي ٻوڙي، اکين ۾ وجھڻ سان اکين جي سوڄ ۽ ڌنڌ ختم ٿي ويندي آھي ۽ روشنائي ۾ اضافو ٿيندو آھي. ڪن ماڻھن جي بقول ته ھي ميوو لاھور ۾ پٺاڻن ھٿان نه صرف وڪامندي ڏٺو ويو آھي، بلڪه اُتي ڏاڍو مھانگو يعني ھڪ ڏينو 500 روپين جو وڪامي ٿو، جنھن کي ’لُجَڙو مان‘ سڏجي ٿو. لوت جي انھن ھيڊي رنگ جي ڏينن ۾ سرمي وجھڻ واري ڪاني/سَلائي ٻوڙي اک ۾ لڳائين ٿا، جنھن سان منٽ ڏيڍ ته اک ۾ جلن/ساڙمحسوس ٿئي ٿو، پر پوءِ اک ۾ ٿڌ لڳي ٿي ۽ فرحت محسوس ٿئي ٿي. ھن جي گلن مان مردانه ۽ عورتن جي پوشيده بيمارين جو علاج به ڪبو آھي. حڪيم محمد صالح ڪوري ٻرھوڻ واري جي بقول ته ھن جي گلن سان مردانه قوت لاءِ ڪشتو پڻ تيار ڪبو آھي، جيڪو تمام فائديمند آھي. لوت ٻوٽو چئجي يا وڻ اڄ به نوري آباد، کان اڳتي المدينه ھوٽل ڀرسان ناريل جي باغ جي ڪنارن سان بيٺل آھن. انهيءَ پاسي ھي ٻوٽو جبلن جي تراين سان ٿئي ٿو. نوري آباد جي بشير احمد پالاري جي بقول ته اسان ھن کي لوت به سڏيون ٿا، جڏھن ته ڪي ماڻھو ھن کي ’لوتن ڪنڊ پري‘ به سڏين ٿا. ڪاٺوڙ پل جي راڻو ڪُنڍاڻي جي بقول ته اتي ھن کي ٻارڻ طور وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو آھي، ڇو جو ھن کي باھه گاسليٽ وانگر وٺندي آھي. ھن جون ٿلھيون ٽاريون وڍي، انھن سان پانن جي فارمن ۾ لڳندڙ بيمارين ۽ مَھلي کان بچاءُ لاءِ دونھون به ڏبو آھي. ھن جو ڪوبه قلم وغيره ناھي لڳائبو، ھي ازخود ٿيندو آھي. شاھپورچاڪر جي حڪيم ڪوڏو مل واڻئي جي بقول ته ’شھر پني‘ يا لوت جا ڪنڊا پيئڻ سان، معدي کي فائدو ٿيندو آھي ۽ ھي وڏي بخار لاءِ به مُفيد آھي. سندس جي بقول ته اسان جو والد ڀيرو مل ڪوٽ پُل ۽ ڪوٽ ميرمحمد، ضلعي خيرپور جي ڪچي مان ھن جون ڀريون لُڻي کڻي ايندو ھو.

ضلعي خيرپور جي ’پير ڳوٺ‘ لڳ ڪچي جي بند تي 2000ع جي لڳ ڀڳ تائين لوت موجود ھو. اڳي جڏھن درياءُ پائيندو ھو ۽ پوءِ پاڻي سڪندو ھو ته لوت ازخود ڦٽندو ھو. شايد يا ته ھن جو ٻج درياءَ جي پاڻي ۾ موجود ھوندو ھو، جيڪو پاڻي سان گڏ ڪچي جي زمين تي اچڻ بعد، پاڻي جي سُڪڻ تي ڦُٽي ويندو ھو يا پوءِ لوت جو ٻج اڳي ئي انهيءَ زمين تي موجود ھوندو ھو ۽ پاڻي ملڻ تي ڦٽي پوندو ھو. اُتي جي ماڻھن جو چوڻ آھي ته اسان ھن جون ڪاٺيون شادين/ڪاڄن ۾ به استعمال ڪندا ھئاسين ۽ پنھنجي فصل کي بچائڻ لاءِ ھن جي ٽارين مان لوڙھا پڻ ڏيندا ھئاسين، جنھن مان انھيءَ علائقي ۾ لوت جي گھڻائي جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

لوت جو ذڪر ڀٽائي صاحب جي ھڪڙي ئي بيت ۾ ھن ريت ملي ٿو:

واھڙ وھين ۾ شال، سُڪي ٻيلاٽيون ٿيئن،

پَسان تنھنجي پيٽ ۾، لاڻا، لوت، ليار،

جيئن تو سڀ ڄمار، آسائيتيون ٻوڙيون.

سُرسھڻي، داستان ٽيون، بيت نمبر 20، پروفيسر ھوتچند مولچند گُربخشاڻي.

جڏھن ته حمل فقير جي ھڪ بيت ۾ لوت جو ذڪر ھن ريت ملي ٿو:

ياراني يار مؤن وئي ڙي وئي،
گڏيل ھئ جا گمان ۾، سا پڌري ٿي وئي،
ڪوڙي لوت لباس جي، لائن ٿا ليئي،
ڪم پئي ڪاغذ جيان، اکڙي اڳي ئي
محبت لڏي ملڪ مان، ڏک ويئي ڏئي،
دوست ڦري دشمن ٿيا، جانب ھا جيئي،
سڄڻ مٺا ساھه کان، سامھون ٿيا سيئي،
سڪ، محبت، ساءُ مٺو، ٽڙي ويا ٽيئي
حمل ھئي نيڻي، ڪنھن کي سور سڻايان

لوت جي حوالي سان ھاڻ ڄاڻ ڏاڍي محدود ٿيندي وڃي. جنھن جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته ڀٽائي صاحب جي شاعري جي حوالي سان لکيل ٻن بھترين ڪتابن ۾ لوت جو ذڪر به تمام مختصر نموني ملي ٿو. انهن مان ھڪ ڪتاب ’لطيفي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ محترم بدر ڌامراھو صاحب لوت جي حوالي سان لکيو آھي ته، “لوت ھڪ قسم جو وڻ آھي، پاڻي جي ڪناري ٿئي ٿو. پن ۽ ٽاريون ڪنڊن سان ڀريل ٿينديون اٿس. ھيڊي رنگ جا گُل جھليندو آھي. ٻج ڪارو ۽ سنھو ٿيندو اٿس.” جڏھن ته لوت جو ذڪر محترم پريتم پياسي صاحب پنھنجي ڪتاب ’شاھه جي رسالي جي نباتات‘ (ثقافت کاتو حڪومتِ سنڌ) ۾ ھن ريت ڪيو آھي. “لوت ھڪ جابلو وڻ يا ٻوٽو آھي، جنھن کي شاھه جي رسالي جي شارحن ڪن “لُوت” ته ڪن وري “لوط” لکيو آھي.

لوت آدم قد وڻ آھي، جنھن کي وڏو ٻوٽو به چئي سگھجي ٿو. ھي وڻ ٿڌن علائقن ۾ جبلن تي لَڪن ۾ پاڻھي اڀرندو آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن پاڻي جي ڪنارن تي پڻ ڏسڻ ۾ ايندو آھي. ھن جا پن سورج مکي جھڙا ٿيندا آھن ۽ چوٽين ۾ ھيڊي رنگ جا گل جھليندو آھي. ھن جو ٻج ڪارسرو ٿيندو آهي. ھن وڻ جي سڄي جسم تي ناگڦڻي يا کرپٽ وانگر ڪنڊا ٿيندا آھن. ھن وڻ کي صرف اُٺ کائيندا آھن. باقي انسان جي فائدي لاءِ ضرور ان ۾ قدرت واري حڪمت رکي ھوندي. باقي ٻيو ڪنھن به ڪم ڪونه اچي. لطيف سائين صرف ھڪ بيت ۾ ھن جو ذڪر ڪيو آھي.”

 

لوت ٻوٽي/ٻوٽو:Phistle

لوت جي وڻ کان علاوه لوت ٻوٽو/ٻوٽي به ٿيندي آھي. جنھن جو مشھور نالو ’اونٽ ڪطارا‘ آھي. جڏھن ته سنڌيءَ ۾ لوت ئي سڏبو آھي. ھن کي اُٺ شوق سان کائين ٿا، ان ڪري ھن کي اونٽ ڪطارا سڏبو آھي. ھن کي عام ٻولي ۾ ’لھيئه‘ به سڏبو آھي. ھي ڪنڊي دار ٻوٽو آھي ۽ اڪثر ڪري وارياسين علائقن ۾ پاڻ مرادو ٿيندو آھي. ھي ٻوٽو شڪل ۾ ’ستياناسي‘ يا ’اُجڙڪانٽا‘ سان ملندڙ آھي، ھن جا پن وڏا ٿيندا آھن، جن تي ڪنڊا پڻ ٿين ٿا. ھن جا گل ڦڪي، اڇي ۽ نيري رنگ جا ٿين ٿا. ھن جو ميوو آخروٽ وانگر ٿيندو آھي، جيڪو ٻوٽي جي چوٽيءَ ۾ لڳندو آھي. ھن جي ميوي تي پڻ تمام گھڻا ڪنڊا ٿين ٿا. ھن جو ميوو لڳڻ وقت، ان جي چوڌاري گل لڳي ويندا آھن. ميوي اندر ٻج سان گڏ ڪپھه نڪرندي آھي. ھن جو قد 4 کان 5 فُٽ تائين ٿئي ٿو. ھن کي طب تمام گھڻي اھميت حاصل آھي.

افسوس جو لوت لاءِ ٻيو ڪجھه کڻي نه صحيح، پر رڳو ڀٽائي صاحب جو ڳايل وڻ سمجھي بچائجي، تڏھن به ھي وڻ ايندڙ نسلن جي ڏسڻ جيترو ئي کڻي بچي پئي!



مُساڳ


 عورتن جي سورنھن سينگار جو اھم اسم

 

مُساڳ جي حوالي سان ’شاھه جو گنج‘جي، سُر ليلا چنيسر ۾، ھيٺين بيت جي ھجڻ جو ڏس ملي ٿو.

مُوڙھي پَس مُسھاڳ کي ڳانا ڳچين ھار

چوٽا تيل چنبيليا ڏس ڪنورو سندي قطار

ٺاڪر اکين ٺار ڪئين مڻھي موھي مَٽيو

۽

دونھيون ٻاري داسڙي ڪئي مُسھاڳا ٻاريا

سنڌ ۾ قديم زماني کان سورنھن سينگارن جو اھم اسم ۽ جُز رھندڙ مساڳ جنھن کي ’مُليسري‘ جو وڻ به سڏبو آھي. ھن وڻ جو قد 10 کان 15 فُٽ ٿئي ٿو. ھي وڻ جڏھن ڀارت مان پاڪستان پھتو ته ھن کي وڏي اھميت ملي. ھندن ۽ مسلمانن جي شادين ۾ توڙي عورتاڻي ميڪ اپ ۽ سينگار جو ھي لازمي حصو بڻجندڙ مليسري جا ڇوڏا، جڏھن سنڌ ۾ پھتا ته سنڌ ۾ ھن جي سڃاڻپ مساڳ طور تي ٿي. نه صرف اھو ته مُساڳ عورتن جي سينگار جو اھم جُز ھو/آھي، بلڪه اڳي جڏھن عورتون شادي جي دعوت ڏيڻ لاءِ اُڙي پاڙي ۾ يا مٽن مائٽن ڏانھن وينديون ھيون ته مُساڳ ۽ سرنھن جو تيل گڏ کڻي وينديون ھيون. جيڪو ھو شادي جي دعوت ڏيڻ سان گڏ ٻين عورتن کي استعمال لاءِ ڏينديون ھيون. انھيءَ نموني دعوت ڏيڻ کي وڏي عزت ۽ مان سان ڏنل دعوت برابر سمجھبو ھو. عربي ۾ ’النجي‘ سڏجندڙ ھن وڻ کي ’برگِ عباد‘ سڏجڻ کان علاوه انگريزي ۾ Minusops Elengi  سڏبو آھي. گجراتي ۾ ’يوليسري‘ چئبو آهي، جيڪو سائيز ۾ وڏو ھجي ٿو. ٿي سگھي ٿو ته اھو مُساڳ جو ڪو ٻيو قسم ھجي يا پوءِ آبھوائي تبديلن سبب سائيز مختلف ھجيس. ھي وڻ سدا بھار ھجڻ ڪري، ھن کي ’سدا سُھري‘ به چوندا آھن.

 ھي وڻ ھندستان ۽ برما جي ٻيلن ۾ وڏي تعداد ۾ ملڻ کان علاوه پاڪستان جي پڪين زمينن، پنجاب ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ به ملي ٿو. سنڌ ۾ ھن جو ڏس دادو گورک ھِل جي علائقي ۾ 2001ع تائين ملي ٿو ته ٽنڊوالھيار شھر لڳ ھڪ باغ ۾ 8/10 سال اڳ تائين به ھي وڻ موجود ھو. ان کان سواءِ مُساڳ جو ڏس وگھي ڪوٽ ۽ روپا ماڙي ۾ به ملي ٿو. ان کان علاوه مُساڳ جو وڻ ڳوٺ احمد آباد لڳ پريتم آباد، تعلقه سنجھورو ضلعي سانگھڙ ۾، حاجي علي نواز سنجراڻي جي باغ ۾ 1992ع تائين موجود ھو. جيڪو پاڻھين ٿيو ھو، ۽ اھڙا ٻيا ڪيترائي وڻ ڀرپاسي ۾ موجود ھئا. شاھپورچاڪر لڳ احمدآباد جو رھندڙ آبادگار محمد نواز خاصخيلي جي بقول ته ھي وڻ سندس ٻنيءَ ۾ بيٺل ھو ۽ ھُن پاڻ ئي ان کي وڍرائي ان مان کٽ پڻ ٺھرائي ھئي جيڪا وٽس اڄ به موجود آھي. اھا کٽ ھُن ٽي/چار ڀيرا واڻائي آھي، پر اڄ به اڳ جھڙي ئي آھي. جنھن مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ھن جي ڪاٺي مضبوط به آھي ته ان کي سُرو ۽ اڏوھي وغيره به نه ٿا لڳن.

ھن جا پن گھرا ساوا، زيتون ۽ ڄمون جي پنن سان ملندڙ پر ننڍا ٿين ٿا. ھن جا گل اڪ جي کلڙي جيترا ڏسڻ ۾ تمام خوبصورت ھئا. ھن جا تازا گل ننڍي تاري جھڙا، صندل جي رنگ جھڙا ڀورا/ناسي ۽ تمام خوبصورت ٿيندا آھن، جن ۾ ننڍڙو سوراخ ٿئي ٿو. اھي گل ڌاڳي ۾ پوئي ھار به ٺاھبو آھي، جيڪو اڪثر ھٿن جي ڪاراين ۾ ٻڌبو آھي. ھن جي گلن مان وڻندڙ خوشبو به ايندي آھي، جيڪا گل سڪڻ کان پوءِ به موجود ھوندي آھي.

گل ڇڻڻ بعد انھن ۾ ميوو لڳندو ھو، جيڪو به اڪ جي انبڙي يا ننڍي بيدي جھڙو ۽ جيترو ھوندو ھو. جنھن جو رنگ ڪچو ھجڻ تي سائو ۽ پڪڻ تي ڦڪو گلابي/ڀورو گلابي ٿيندو ھو. جنھن جي اندر ٻٻر جي چيچڪي وانگر، گدامڙي جيترو، بيضوي شڪل جو ٻج ھوندو ھو، جنھن کي حڪيم ۽ پنسار “پوست تالي” ۽ “سفر مُساڳ” پڻ سڏيندا ھئا. مُساڳ پوست تالي جي وڻ جا ٻه قسم ٻڌايا وڃن ٿا، ھڪ ننڍو ۽ ٻيو وڏو. جيڪي نر مادي طور به سڃاتا وڃن ٿا. ھن جي ميوي مان تيل پڻ نڪري ٿو، جيڪو رڌ پچاءُ لاءِ به مُفيد آھي. خاص ڪري ڪشمير ۽ جابلو علائقن جا ماڻھو اھو تيل استعمال ڪن ٿا. جيڪو حڪمت ۾ به استعمال ٿيندو آھي. ھن جي تيل کي عرق به چوندا آھن، جيڪو مٿي ۽ سنڌن جي سور لاءِ به مُفيد آھي. ھن جو ٻج گھوڙي جا شوقين گھوٽي، پاڻي سان ملائي گھوڙي کي پيئاريندا آھن، جنھن سان گھڙي ۾ مستي ڪرڻ جي طاقت وڌي ويندي آھي. ھن جو ٻج ڀاڳيا پنھنجي جانورن کي به پيئاريندا آھن، جنھن سان جيڪو جانور لڳ ڪرڻ بعد ڳڀ نه جھلي اھو ڳڀ جھليندو آھي.

ھن جو ڇوڏو لاھي، ڪاڙهي، ڄانڀي جي ڪڙي تيل ۾ پُسائي پوءِ بازار ۾ مُساڳ طور کپايو ويندو آھي. مُساڳ جي ٽارين جو ڏندڻ به ڏبو آھي جيڪو ڏندن ۽ مسوڙڻ لاءِ خاص ڪري فائديمند ٻڌايو وڃي ٿو.

اکروٽ جي وڻ کي به مُساڳ جو وڻ سڏيو/سمجھيو ويندو آھي، جنھن جي ڇوڏي مان مُساڳ ٺاھيو ويندو آھي. اھو ڪم ڪراچي جي ھڪ ڪاٺ جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ٻُڌائي. سندن بقول ته اکروٽ جي ڇوڏي مان اُتي مساڳ ٺاھبو آھي. ڄمون جو ڇوڏو/کل به ڄانڀي جي تيل ۾ ٻوڙي ھڪ ٻه ڏينھن ڇڏي، سڪائي اھا به مُساڳ طور استعمال ٿيندي آھي. ھن جي کل لئي جي ڳاڙھي کل وانگر ٿيندي آھي، جڏھن ته ھن جو ٿُڙ وچولو ٿيندو آھي. مھندي جي وڌيڪ رنگ لاءِ، مُساڳ جو ڇوڏو ان ۾ ملائبو آھي. اصلي مساڳ جو ڇوڏو ڪڙو ۽ نقلي جو ڇوڏو مٺو ھوندو آھي، اھا اصلي ۽ نقلي مُساڳ جي وڏي سڃاڻپ ھوندي آھي. جڏھن ته اصلي ۾ خوشبو به ھوندي آھي. ۽ ھن جي ڇوڏي کي ’تيواج‘ سڏبو ھو. ڇوڏي جو رنگ اُٺ رنگو/ڀورو ھوندو ھو، جيڪو ھڪ کان اڍائي فُٽن تائين ويڪرو ھوندو ھو. ھاڻ اڪثر جاين تي مُساڳ جي جاءِ تي اکروٽ جو ڇوڏو وڪامي ۽ استعمال ٿي رھيو آھي. جيڪا ڪوئٽه ۽ ڪشمور واري پاسي عام جام ٿئي ٿو ۽ سنڌ ۾ 2000 روپيا ڪلو جي حساب سان وڪامي رھيو آھي. ماڻھو ان کي مُساڳ سمجھي خوشي خوشي خريد ڪري رھيا آھيون. ھاڻ ته آخروٽ واري ڇوڏي جي جاءِ تي به ڌوکو ٿي رھيو آھي ۽ ان جاءِ تي ديسي ٻٻر جنھن کي ’ڍلياري ٻٻر‘ به سڏيو ويندو آھي، ان جو ڇوڏو وڪامجي ٿو. جيڪو ٽي فُٽ کن ويڪرو ۽ پنجاھه فُٽ کن ڊگھو ٿئي ٿو. ان جي سڃاڻپ لاءِ خريد ڪرڻ مھل، ان ڇوڏي جي خوشبو سنگھڻ سان گڏ، ان کي ڪپڙي يا ھٿ سان رڳڙڻ سان ھو رنگ ڇڏي ته پڪ سمجھو ته اھو مُساڳ نه پر، ان جي جاءِ تي نقلي مُساڳ وڪامي رھيو آھي. جيڪو خاص ڪري پڙين تي ماڻھو کپائڻ ايندا آھن. اسان جا ماڻھو ڪيترا نه اٻوجهه آھن، جو سندن ٻٻرن جا ڇوڏا به 2000 روپيا ڪلو ۾ خريد ڪري رھيا آھن! اڳ جون وڏڙيون عورتون، ليسوڙي جو ننڍڙو گلڙو پٽي، ان کي به مُساڳ طور استعمال ڪنديون ھيون.

 

مُساڳ ذريعي ٿيندڙ مختلف علاج:

تيواج ڇوڏي بابت حڪيم محمد صالح ڪوري جي بقول ته، ھن کي ڪاڙھي پيارڻ سان پراڻا دست، کنگھه، دم ڪشي ۽ بواسير جي رت اچڻ کي بند ڪندو آھي. ھن جي ڇوڏن جو پائوڊر ٺاھي ڏندن ۽ مھارن جي سور لاءِ استعمال ڪبو ھو ۽ عورتون خاص ڪري وات ۽ چپ ڳاڙھا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪنديون ھيون/آھن. ھن جي ڇوڏي کي گھوٽي، لپري ٺاھي سخت سوڄ مٿان ٻڌبو ھو، جنھن سان سوڄ بلڪل ختم ٿي ويندي ھئي. ھن جي ڇوڏي جو دونھون بواسير کي خشڪ ڪرڻ لاءِ پڻ مفيد ھو. ھن جو ڇوڏو اُٻاري گرڙيون ڪرڻ سان ڏندن ۽ مھار مضبوط ٿين ٿا.  ڇوڏي جي پاڻي سان زخم به ٺيڪ ٿين ٿا. ھن سان ڏند چمڪدار ضرور ٿين ٿا، پر ڏند ڇڻي جلد ويندا آھن. ڪھڙي خبر ته اھو نقلي ڇوڏي جو اثر ھجي! اڳين جڏھن سرخي ڪونه ھئي ته ھن جو ڇوڏو استعمال ٿيندو ھو. ڪَڙي مُساڳ کي ڪُٽي سنھو ڪري، ڌونئري ۾ ملائي، ڏڊ تي ھڻڻ سان، اھا ختم ٿي ويندي آھي. ھن جي ڇوڏي مان اوريجنل وسڪي پڻ ٺاھي ويندي آھي. ھن جي ڇوڏي جو ٻورو به ڏندن ۽ مسوڙن لاءِ فائديمند ھوندو آھي. ھڪ اھم ڳالھه ته لاھڻ وقت ھي ڇوڏو ڪافي ڊگھو لھندو آھي. ڪنھن به وڻ تان ڇوڏو لاھڻ بعد 8 کان 15 ڏينھن اندر، ان وڻ تي ٻيھر ڇوڏو اچي ويندو آھي ۽ وڻ واپس ساڳي خوبصورتي ۾ اچي ويندو آھي. مارڪيٽ ۾ ھن جي پاڙ کي رتن جوت جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪا عورتون، تيل ۾ خوشبو ۽ تيل کي گھاٽو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪنديون آھن. ھن جي ٻج کي پنسارڪي وکر ۾ مساڳ جي ڏوڏ سڏجي ٿو.

مُساڳ ۾ اڪ جھڙي انبڙي ٿيندي آھي، جيڪا جام ڪڙي ھوندي آھي. اھا به دوائن ۾ استعمال ٿيندي ھئي. اڳي وڏا مُساڳ جي وڻ جا اڇا گل پٽي، وات ۾ چٻاڙيندا ھئا، جنھن سان ڏند مضبوط ٿيندا ھئا ۽ انھن کي ڪيڙو وغيره به نه لڳندو ھو. شايد ھن جي گلن جي خوشبو ماکي جي مکين کي وڌيڪ پسند آھي، ان ڪري ماکي جون مکيون ھن مٿان ھر وقت لامارا ڏينديون رھنديون آھن. مُساڳ جي گلن جو عرق دل جي دڙڪن لاءِ فائديمند ٻڌايو وڃي ٿو. مُساڳ جا گل پُسائي نيراڻي پيئڻ سان پراڻي کنگھه جي مريضن کي فائدو ٿئي ٿو. وڏڙن جي چوڻ موجب جڏھن ڪونئرو ليلا کي چنيسر جي بدلي جيڪو ھار ڏنو ھو، ان ۾ پڻ مُساڳ جا گل پويل ھئا. 

جتي مُساڳ کي شاعرن، شاعري جو موضوع بڻايو آھي، اُتي سگھڙن به مُساڳ تي پنھنجي ھُنر جا ھٿ ھلايا آھن. ان حوالي سان ليلا چنيسر داستان جي ھڪ ڳجھارت ھن ريت آھي ته:

“ھو جي مال جون آيون، تن اچي مٽيءَ جا ڪيا،

الله ڪندو ڙي، ڪاٺي ڪاٺي ٿينديون!

ڀڃڙي:ھو جي خچريون آيون، تن اچي کوراڪيا، الله ڪندو سندي لوڙھه لٽينديون.

لفظن جي معني:

  • مال جون خچريون، (خچر جون ماديون)
  • مٺي جا کورا
  • ڪاٺي جي لوڙھه (مُساڳ جي سڙيل ڪاٺي کي ’لوڙھه‘ سڏبو آھي)
  • مُساڳ جي حوالي سان ھڪ چوڻي به آھي ته، “رَن ڪُراڙي، مَلي مُساڳ”.

مُساڳ جو ذڪر اسان جي لوڪ گيتن ۾ به ملي ٿو، جيئن:

“مُسي ماڳ لاتو ٿئي، واھه جو ڪجل پاتو ٿئي”.

مُساڳ جي ڪاٺي:ھن جي ڪاٺي پڪي ۽ مضبوط ھئڻ ڪري فرنيچر ۾ پڻ استعمال ٿيندي آھي، جيڪا ڪَڙي ھجڻ ڪري ھن کي اڏوهي وغيره به ناهي لڳندي. ٻڌايو وڃي ٿو ته ھن جي سڙيل ڪاٺي کي گجراتي ٻوليءَ ۾ لوڙھه سڏيو ويندو آھي، ۽ ماڳ جا ٻه قسم ٻڌايا وڃن ٿا جيڪي نر مادي طور سڃاتا وڃن ٿا.

جنھن مان ھارين جي استعمال جون به ڪيتريون ئي شيون ٺاھيبيون آھن. اھو به ٻڌايو وڃي ٿو ته ھن جي ڪاٺي ٻارڻ وقت دونھون ناھي ڇڏيندي، ان ڪري چنيسر پنھنجي محل/محفل ۾ ڪچھري دوران مُساڳ جي ڪاٺي ٻارڻ ۾ استعمال ڪندو ھو ته اُن تي ھٿ به سيڪيندو ھو. 

لڳي ائين ٿو ته آبھوائي تبديلين سان گڏ سنڌ ۾ وڌندڙ سم ۽ آيل ٻوڏن (خاص ڪري 1960ع کان 1992ع تائين) سنڌ ۾ ٻين ڪيترن ئي وڻن جي وجود کي ختم ڪرڻ سان گڏ، ھن وڻ جي وجود کي به ھتان ختم ڪري ڇڏيو. ائين عورتن جي سونھن ۽ سينگار جو ھي سامان به ميڪ اپ جي جديد سامان اچڻ واري تبديلي کان پوءِ، ھاڻ پويان پساھه کڻڻ ۾ پورو آھي!



بي پاڙي


 وڻن کي وڪوڙي نقصان پھچائيندڙ وَل

 

بکئي ماڻھو کي چنڊ ماني وانگر نظر اچي نه اچي پر، بي پاڙي، پيٽو ماڻھو کي سين وانگر ضرور لڳندي آھي. ڳالھه جڏھن وڻن جي نڪرندي ۽ خاص ڪري انھن کي نقصان پھچائڻ جي سبب جي ايندي ته بي پاڙي ۽ وڻ ويڙھي وَلين جو ذڪر به ضرور ايندو. پر اسان جي ماڻھن جي اڪثريت انھن ٻنھي ولين جي حوالي سان ڪجھ غلط فھمي جو شڪار ٿيندي، ٻنھي کي ھڪ ئي وَل سمجھي ٿي، جڏھن ته اھي ٻئي وليون الڳ الڳ قسمن ۽ جنسن جون آھن.

بي پاڙي جنھن کي گجراتي ۾ امربيل، (امر نالي کان علاوه امر بيل جي حوالي سان ڪافي ناول، ڪھاڻيون ۽ ڊراما پڻ لکيل آھن. ھندي ۾ آڪاش بيل، اردو ۾ آڪاس بيل ۽ انگلش ۾ Airctuper سڏبو آھي. ھي ھيڊي رنگ تي، تارن/تندن نموني، بنا پنن جي وَل آھي، جيڪا سنڌ ۾ عام جام وڻن تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ وڻن لاءِ تمام خطرناڪ ھوندي آھي. ھن جون ٻه ٽي تندون ڪنھن به وڻ تي اڇلائي ڇڏجن ته ان وڻ کي سُڪائي، پاڻ وڌيندي ويجھندي رھي ٿي. ھن جو ذائقو ڦڪو، رس بنا خوشبو ۽ لوابدار ٿئي ٿو. ھي وَل سنڌ کان علاوه پنجاب، يوپي ۽ دکن ۾ سياري جي پڇاڙي ۾، اڪثر ڪري ڪنڊي دار وڻن تي ٿئي ٿي.

ھن جا رنگ ۽ قسم مختلف ٿين ٿا. اسان وٽ ٿيندڙ بي پاڙي جو رنگ ڦڪو ۽ نارنگي ٿئي ٿو. ھن جون تندون سنھيون، ڌاڳي وانگر ھونديون آھن، ھي ول خاص ڪري ڪنڊي واري وڻ کي پسند ڪندي آھي. سواءِ کجيءَ جي تقريباً سڀني وڻن تي چڙھيو وڃي. ھن ۾ ڪنھن به قسم جي خوشبو يا بدبو ناھي ھوندي. بي پاڙي کان ٻين وڻن کي بچائڻ لاءِ، بي پاڙي لڳل وڻ جون شاخون ڪپي، انھن کي باھه ڏيئي ساڙي ڇڏجي. جيڪڏھن ھن ول جو ھڪڙو به ڌاڳو وڻ تي رھجي ويو ته اھو وري، وڻ کي وڪوڙي ويندو. ڪي ماڻھو شرارت يا دشمني سبب ڪنھن جي وڻن کي ختم ڪرڻ لاءِ، انهن تي بي پاڙي ھٿن سان اڇلي ويندا آھن.

چوڻيون: اسان وٽ بي پاڙي جي حوالي سان مختلف تشبيھن جھڙيون چوڻيون به مشھور آھن. جيئن:

  • ڦلاڻو صفا ڪو بي پاڙي وانگر آھي.
  • اڙي بي پاڙي وانگر، پاڙ ئي نه ٿئي ڇا.
  • بي پاڙي ول ۽ بي پيرو ماڻھو نقصان پھچائي سگھن ٿا
  • بي پاڙي لڳي ٿئي ڇا.
  • ڪنھن کي ڏوراپو ڏيڻ لاءِ به چئبو آھي ته، “تون ته صفا ڪا بي پاڙي آھين”.
  • “بي پاڙي ۽ بي پتي” جھڙا ڏوراپا به ڏبا آھن.

ھن جي پاڙ ڪونه ٿئي، پر ھن کي پٽي، ڪنھن گاھه يا وڻ تي اڇلڻ سان، ان تي پکڙجي ويندي آھي. ھي پُڙن وارين سيوين سان مشابھت رکي ٿي. ھن ۾ نه ئي ٻج ٿئي ۽ نه ئي ڪاٺي ۽ پَن. ھي وَل ھوا ذريعي به پکڙجندي آھي ۽ سڄي وڻ تي ڄار وانگر پکڙجي ويندي آھي. ٻٻر، ٻير، نم، يوڪلپٽس، اڪ ۽ ٽالھي کي، شايد سندن رس سبب، وڌيڪ پسند ڪندي آھي. ھي سياري ۾ مست ٿيندي آھي. ھي ساون وڻن ۽ گاھه جو رس چوسي، انھن کي سُڪائي ٿي، پر سُڪل لوڙھن يا وڻن تي اڇلائڻ سان پاڻ سُڪي وڃي ٿي. جيڪا بي پاڙي ٻير، کٻڙ تي ھجي اھا وڏي ڪارائتي چئي وڃي ٿي. بي پاڙي اڇي، ڦڪي، ڳاڙھي ۽ سائي رنگ جي ھوندي آھي. اڇي رنگ واري بي پاڙي مھندي وانگر ٻُر جھليندي آھي. ٻٻر تي بي پاڙي اڇلڻ سان، ٻٻر ڇھن مھينن اندر سُڪي ويندو آھي. ھن کي ٻڪريون ۽ اُٺ وڏي شوق سان کائيندا آھن. مال لاءِ ھي ول کير وڌائيندڙ آھي. اڳي وڏڙا، ھن کي پٽي، ڪُتر ڪري مال کي ڏيندا ھئا، جنھن سان مينھون ۽ ڍڳيون کير وڌائينديون ھيون. پر اھا کين ھضم نه ٿيندو آھي ۽ ڇيڻي ذريعي نڪري وري پکڙجي ويندو آھي.

بي پاڙي وَل سياري جي پڇاڙي ۽ بھار جي شروع ٿيڻ کان اڳ ڪاري لوسڻ ۽ ڪانڍيري تي پاڻ مُرادو ڦٽي آھستي آھستي وڌندي ڀرسان بيٺل وڻن تي چڙھڻ شروع ڪندي آھي. مختلف وڻن ۽ باغن ۾ ائين جڪڙيل ھوندي آهي، جو اھي وڻ پري کان ڪنھن درگاھه جي قٻي جو ڏيک ڏيندا آھن. پر ويجھي کان ڏسڻ تي، اڳوڻين ھٿن جي ٺاھيل سيوين وانگر لڳندي آھي. ھن وَل کي پٽي وھندڙ پاڻي، درياءُ، واھن يا شاخن وغيره ۾ اڇلڻ سان اھا اڳتي ھلي، فصلن تائين پھچي انھن کي نقصان پھچائيندي آھي.

بي پاڙي جو ھڪ قسم وارن جھڙو سنھو ٿيندو آھي، جيڪا نر لوسڻ جنھن کي ڪارو لوسڻ به سڏبو آھي، ان تي ٿيندي آھي. اھڙو لوسڻ وقت سر نه وڍيو ويو ته لوسڻ کي سُڪائي ڇڏيندي آھي. ٻھراڙي ۾ ننڍڙا ٻار گڏين جي راند کيڏيندي، گڏين کي پرڻائڻ مھل ھن جو ڀت ۽ سيويون رڌيندا آھن.

ھن وقت خاص ڪري سنڌ ۾ ھي ڪجھ گھٽ نظر اچي ٿي، جنھن جو سبب جتي وڻن جو گھٽجڻ ٿي سگھي ٿو، اُتي گاھه ختم ڪرڻ وارين دوائن جو عام ٿيڻ به شايد ھڪ سبب ھجي.  بي پاڙي کي مختلف شاعرن به خوب ڳايو آھي. خاطي خان محمد ڪيريو (چئودگي) جي ڪتاب ’گلابن جي غلاميءَ‘ ۾ بي پاڙي بابت مقامي شين جي تشبيھن واري خوبصورت غزل نموني طور ڏجي ٿي.

تنھنجو عشق اُماڙيءَ وانگي،

وچڙي ويو بي پاڙيءَ وانگي.

تنھنجو پيار آ پاڻي جھڙو،

چاھت منھنجي آڙيءَ وانگي.

منھنجي جيون جو به سفر آ،

روڊ سڃي سرھاڙيءَ وانگي.

پيار ڦُڙي لاءِ تڙپي خاطي،

ڪيريو شاخ پڇاڙيءَ وانگي.

سون ٺاھڻ وارا ٺرڪي، مھويسي، بي پاڙي جو پاڻي ڪڍي شيھي کي گرم ڪري ان پاڻي ۾ ٽوٻا ڏيندا آھن جنھن کي تسيا سڏبو آھي، جنھن سان شيھو پنھنجو ‘گھر’ ڇڏي سون جي گھر ۾ ھليو ويندو آھي. (جيڪڏھن ھن ڳالھه/نسخي تي ڪو عمل ڪندو ته ھر ڳالھه ۽ نتيجي جو، ھر طرح سان پاڻ ئي ذميوار ھوندو. متان ڪو پيو اسان کان فيصلا وٺي.)

علاج: بي پاڙي ذريعي مختلف بيمارين جو علاج به ڪبو آهي. ڪن ۾ سور ھجڻ جي صورت ۾ بي پاڙي ڪپڙي ۾ ويڙھي، ان جو رس ڪڍي، ڪن ۾ وجھڻ سان، ڪن جو سور ختم ٿي ويندو آھي. ڏڊ ٿيڻ جي صورت ۾ بي پاڙي جو رس لڳائڻ سان ڏڊ ختم ٿي ويندي آھي. معدي جي گرمائش لاءِ، ھن کي پاڻي ۾ ٽھڪائي، پاڻي ٿڌو ڪري پيئڻ سان معدي جي گرمائش ۽ پيٽ سور ختم ٿي ويندو آھي. ھن کي ڪاري سائي ۽ ڦڪي سائي لاءِ به استعمال ڪبو آھي. حڪيم محمد صالح ڪوري ٻرھون واري بقول ته ھي ورم ۽ سوڄ کي فائدو ڏيندڙ آھي. جيڪڏھن ڳڙھه ھجي ته ان کي ڦاڙڻ لاءِ، بي پاڙي گھوٽي ان جي لپري ٺاھي، ان کي ڳڙھه تي ٻڌڻ سان ڳڙھه ازخود ڦاٽي پوندو ۽ سور به ڪافي حد تائين ختم ٿي ويندو آھي. ھن وَل کي گھوٽي تيل ۾ ساڙي، اھو تيل ناسور زخم تي لڳائڻ سان گھڻو فائدو ٿيندو آھي. ان تيل جي مالش ڪرڻ سان سنڌن جو سور به ختم ٿئي ٿو. ھن کي گھوٽي، پُسائي، اھو پاڻي پيئڻ سان، خون صاف ٿئي ٿو. ھن کي گھوٽي، سُرڪي سان ملائي پيئڻ سان ھڏڪي به ختم ٿي ويندي آھي. ھن جي رس پيئڻ سان يرڪان سائي به ختم ٿي سگھي ٿي. بي پاڙي کي پاڻي ۾ پُسائي/ٽھڪائي فاليج جي مريض کي ٻاڦ ڏيڻ سان فائدو ٿيندو آھي. سائي جي مريضن لاءِ ھن جو ٻج ڪپڙي جي ڳنڍ ۾ ٻڌي ڪڙھندڙ پاڻي ۾ وجھي، ٻين شين سان گڏ گھربل شربت ٺاھبو آھي.  خاص ڪري ٻير جي وڻ ۾ ٿيندڙ بي پاڙي کي اُٻاري اھو پاڻي پيئڻ سان بخار، پيٽ جي خرابي ۽ گرمي ختم ٿي ويندي آھي. حڪيم، اپينڊڪس جي مريضن کي، جنھن جڳھه تي سور ھجي ان مٿان سور ختم ڪرائڻ لاءِ پڌرائيندا آھن! بي پاڙي ۾ ھڪ قسم جو سنھو ڄارو ھوندو آھي، جيڪو پير وغيره ۾ ڦٽ ڦرڙي ٿيڻ جو صورت ۾ ٻڌبو آھي ته ڦٽ ڦاٽي پوندو آھي. نرو لھڻ وقت وقت ان جي سوڄ جي لاءِ ھن جي پٽي ٻڌبي آھي، انھي مقصد لاءِ بي پاڙي رات جو سگري وغيره گرم ڪري ٻڌبي آھي. ان کان علاوه ڪنھن به قسم جي سوڄ لاھڻ لاءِ به ھن جو شربت ٺاھي مريض کي پياربو آھي

پر ھن جي پيئڻ سان مرداني قوت کي نقصان پھچي سگهي ٿو. ان ڪري ھن جو پيئڻ ڪنھن سُٺي حڪيم جي ڏس کانسواءِ نقصان ڪار به ٿي سگھي ٿو.

جانورن جو علاج: جيڪڏھن ڪنھن مينھن وغيره کي پيشاب ۾ رت اچي ته، ان کي بي پاڙي گاھه سان گڏائي يا ڪُتر ڪري بُھه سان گڏ ڪري کارائڻ سان رت بند ٿي ويندو آھي. ڀاڳيا جانورن پاران ڄَر يا اور نه ڏيڻ/ڇڏڻ جي صورت ۾ ھن کي پاڻي ۾ ڪاڙهي، اھو پاڻي جانور کي پياريندا آھن. ھن کي اُٺ شوق سان کائي ٿو.



وڻ ويڙھي


ڪنوار کي پارائيجندڙ وَل

 

پاڪستان ۾ ولين جا 130 کان وڌيڪ قسم ٻڌايا وڃن ٿا، جن ۾ ھڪ وڻ ويڙھي به آھي. وڻ ويڙھي، جنھن کي ول ويڙھي ۽ مُحبت ٻوٽي به سڏبو آھي. ھن وَل کي اردو ۾ مَرڙ ڦلي/دود ڦلا ۽ انگلش ۾ Indianlian/Screw Tree سڏبو آھي. ھن وَل جا، پنن ۽ ڏانڊين جي ٿولھه جي حساب سان وري الڳ الڳ قسم ھجن ٿا. پر اسان وٽ خاص ڪري ھن جا ٻه قسم ٿين ٿا. جنھن مان ھڪ قسم کي ننڍا پن ٿين ٿا، اھو قسم خاص ڪري آبادي وارن علائقن ۾ ٿيندو آھي. اسان وٽ عام طور تي ملندڙ وڻ ويڙھي جا پن سنھڙا ۽ ننڍڙا، ڪامھون جي پنن سان مشابھت رکن ٿا. اھا وَل وڻن توڙي فصلن کي وڪوڙي، انھن جي واڌ ويجھه کي تمام گھڻو متاثر ڪندي آھي.

ھن جا گل ھلڪا زرد ۽ اڇا ٿين ٿا ۽ ھن جو برسين، بصر ۽ ڇٽالي جھڙو ٻج، ننڍين ننڍين ڦرين ۾ ٿيندو آھي. جيڪو پچڻ کان پوءِ پاڻ مُرادو ڦريون ڦاٽي پونديون آھن ۽ ٻج پاڻي ۽ ھوا وغيره وسيلي تمام پري پري تائين پکڙجي وڃي ٿو. چون ٿا ته ڪنھن وقت ۾ ھن جو ٻج وڪرو به ٿيندو ھو، جيڪو مختلف بيمارين ۾ استعمال ٿيندو ھو. ماڻھو غير آباد زمين کي مٺو ڪرڻ لاءِ به وڻ ويڙھي پوکيندا ھئا. برسات جي موسم ۾ اھا سُڪل وڻ پاڻ مُرادو سائي ٿي ويندي آھي. جيئن ته ھن جي پاڙ ٿيندي آھي، ان ڪري ھن کي بي پاڙي ناھي سڏجي سگھبو. ھي خاص ڪري وڻن تي چڙھي ويندي آھي، پر موقعو ملڻ تي ھي بجلي وغيره جي ٿنڀن اندر يا ان ڀرسان بيٺل وڻن ۽ ٻوٽن جي مدد سان، انھن تي به چڙھيو وڃي. مٺي پاڻي وارن علائقن ۾ وڌيڪ ٿيندڙ ھن وَل کي ٻڪريون شوق سان کائين ٿيون. ھن وَل ۾ برسات جي موسم ۾ وڻندڙ ڳاڙھا گل لڳندا آھن. ھن جي پيدائش مشرقي پنجاب ۾ گھڻي ٿيندي آھي.  ھي وَل مٺي، آباد زمين ۾ ٿيندي آھي. ھي اپريل ۽ مئي مھيني ۾ وونئڻ ۽ مرچن جي فصلن ۾ خاص ڪري ٿيندي آھي ۽ انهن فصلن جي سھاري تمام گھڻي پکڙجي ويندي آھي. ٻٻر، نم، ٽالھي ۽ ٻين وڻن تي سڄو سال سائي نظر ايندي آھي. ھن جا پن تمام ننڍڙا ۽ ساوا ٿيندا آھن. ھن ۾ ڪنھن به قسم جو ڪنڊو ناھي ٿيندو. وڻ ويڙھي جو ٻج ڌاڻي جي ٻج کان به ٿورو ننڍو ڪاري رنگ جو ٿيندو آھي. ھن ۾ ٻج سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ٿيندو آھي. جنھن کي ڪاري مُنڍي وارو وھيو، ’ٻوڙي‘ پکي کان علاوه ٻڪريون ۽ رڍون به شوق سان کائين ٿيون. ھن وَل مان ننڍڙو ’ميٽو‘ پکي ۽ ننڍڙيون جھرڪيون تمام خوبصورت آکيرا ٺاھينديون آھن. انهن آکيرن کي ھڪ پاسي کان، ٻيو مٿان کان، درنما لنگھه ھوندو آھي. اھو ان ڪري جو جيڪڏھن نانگ ۽ بلا ھڪ در مان اچن ته پکي ٻئي دَر مان اڏري وڃن. ھي وَل جي وونئڻ جي فصل ۾ ٿئي ته فصل کي دوا ۽ ڀاڻ ڏيڻ، توڙي چونڊائي وغيره ڪرڻ ۾ تمام گھڻي ڏکيائي ٿيندي آھي. اڳي وڏڙا نياڻين جو مڱڻو ڪرڻ وقت وڻ ويڙھيءَ جون تندون پٽي، ڇوڪريءَ جي سائي ھٿ جي چئن آڱرين ۾ پارائيندا ھئا، ته جيئن سڄي عمر گھوٽ ۽ ڪنوار جو قرب قائم و دائم رھي. ھي رسم سنڌ ۾ اڄ به موجود آھي، پر ھاڻ وڻ ويڙھي جي جاءِ تي، سون ۽ چاندي جا ويڙھه (مُنڊي جو قسم) ۽ ڇلا پارايا وڃن ٿا! شادي جي موقعي تي ھي سونئڻ ساٺ لاءِ به ڪم ايندي آھي ته جيئن ڪنوار، گھر ۽ گھوٽ کي بي پاڙي وانگر وڪوڙي وڃي ۽ انھن ۾ قرب وڌي. مزي جي ڳالھه ته ھن لاءِ اھو به مشھور آھي ته ھن محبت ٻوٽي کي پٽي جنھن گھر تي اڇلبو، ان گھر مان پيار محبت ختم ٿي ويندا، گھر ڀاتين ۾ اختلاف پيدا به ٿيڻ بعد ويڇا به ٿي ويندا!

ھي فيبروري مھيني ۾ سي گھٽ ٿيڻ تي لوسڻ ۾ تمام گھڻي نظر ايندي آھي ۽ دڙا جا دڙا گاھه وڌڻ کان بيھه رھندو آھي. ھن ۾ ڪنھن به قسم جو گل، پن يا ڪنڊو وغيره ناھي ٿيندو.

علاج: ھن وَل کي آنڊن جي بيماري ۾ استعمال ڪبو آھي. ھن جي ٻج جو پائوڊر ڪري ڪسٽر آئل يا ارنڊي جي تيل ۾ ملائي وھندڙ ڪنن کي بند ڪرڻ لاءِ استعمال ڪبو آھي. ھن وَل مان پيلو رس نڪرندو آھي، جيڪو ڪڙو ھوندو آھي ۽ سائي جي مرضن لاءِ دوا طور استعمال ٿيندو آھي. ھي وَل ٿر ۾ مريڙي جي پنن تي اُڀري، پکڙجندي ۽ وڌندي رھندي آھي. ھن جا پن ڪافي ماڻھو پنھنجن چپن کي ڳاڙھا ڪرڻ لاءِ مُساڳ وانگر به لائيندا آھن. اُھي پَن ڪڙا ھجڻ ڪري ڏندن ۽ ڏاٺن جي سور لاءِ به استعمال ڪبا آھن. ھن جا پن چٻاڙڻ سان ڏندن جو سور پڻ ختم ٿي ويندو آھي.

ھن وَل ۾ سنھو ڄارو ھوندو آھي، جنھن کي پٽي ڏنڊي ڪونڊي ۾ گھوٽي، ڦٽن ۽ پيرن ۾ پوندڙ گُهٻ تي ٻڌندا آھن.

     ڳجھارت: وڻ ويڙھي جي حوالي سان ڳجهارتون به آھن ته:

  • تون مون سان وڻ جي نه ڪر، آئون اڳين ئي جيت آھيان.

 

 

ڳجھارت ۾ آيل لفظ

وڻ جي ويڙھي

جيت معنيٰ ڏکراڻي (ڏکراڻي نالي ھڪ ننڍڙو جيت ھوندو آھي جيڪو ڀتين تي مٽيءَ جا گھر ٺاھيندو آھي.

ڀڃڻي: تون مون سان ويڙھه نه ڪر، آئون اڳين ئي ڏکاري آھيان.

  • گاھه وڍيندڙ مائي، عمر کي ھٿ جا ڏين ھا.

لفظن جي معنيٰ

گاھه معنيٰ ناڙو نالي ھڪ گاھه

مائي معنيٰ دائي

ھٿ جو معنيٰ گھُٽو

ڀڃڻي: ناڙي موڙڻ واري مائي، عمر کي گھُٽو ڏين ھا.

خدا جي خلقيل ڪابه شئي حڪمت کان خالي ناھي ھوندي ڳالھه آھي رڳو اسان جي نظر ۽ سمجھه جي! پوءِ اھا کڻي بي پاڙي ۽ وڻ ويڙھي جھڙيون وَليون ئي ڇونه ھجن!



راوي


  • غلام مصطفيٰ ٻگھيو، شھدادپور
  • محمد سليم ڪيريو، شاھه پور چاڪر
  • رمضان ڪيريو، جھول
  • الاھي بخش رونجھو، فتح محمد رونجھو ۽ علي اڪبر جوڻيجو، چوٽياريون.
  • مشتاق ڀنڀرو، ڪيھور
  • وفا يار محمد مھر، آتڻا موري.
  • محمد حيات مھر، چڪ 22 (ڳوٺ سندو)
  • رحمٰن خاصخيلي، سانگھڙ
  • آزاد اعظم مري، ڳوٺ ڀونگر مري، سانگھڙ
  • اسدالله مري، ديھه 15 جمڙائو، کڏڙو سانگھڙ
  • استاد ڪانڊيرو ۽ ننڍڙو احسان علي ملاح، مياڻ
  • اسدالله سنجراڻي، ڳوٺ خان سنجراڻي
  • وفا ڏيون ڪمار، رام پور، سنجھورو
  • عاجز کوکر، کپرو
  • تاج محمد رند، مقصودو رند
  • خميسومل وشناڻي، OPF اسڪول سانگھڙ
  • ظفر اقبال شر، چڪ 09
  • ظفر علي ظفر، ڳوٺ سھڻو فقير عمراڻي
  • لياقت علي ۽ راشد علي مري، ڳوٺ رشيد خان مري.
  • ھارون لانڊر ۽ عبدالطيف لانڊر، ڳوٺ سڪندر لانڊر لڳ سانگھڙ
  • سجاول مھر، ڳوٺ سارڪي ڪنڊي
  • نالي وارو راڳي وسند شر، ڳوٺ سندس
  • خالد راجپوت، سانگھڙ
  • علي مراد ڀٽي، مينھل جوڻيجو، نور محمد اُنڙ، لٽڪو موري
  • محمد يوسف ڪليار، 22 چڪ/ ورڪشاپ
  • غلام مصطفيٰ مري، ڳوٺ ڀائي خان مري
  • عبدالسلام ڪيريو، شاھپور چاڪر
  • ارباب علي خاصخيلي ۽ راشد علي خاصخيلي، ڳوٺ حاجي عبدالڪريم سريوال
  • اُداسي عنايت علي، پيرومل
  • مشتاق علي ڀنڀرو، ڪيھور
  • حڪيم ٻانھون خان چانڊيو، سانگھڙ
  • آدم علي شاھه، ڀڙي
  • علي محمد لغاري، 18 ميل موري، لڳ پيرومل
  • علي شر ۽ ڦوٽو شر،ڳوٺ لال بخش شر
  • مھڪ بلوچ، جھول
  • ساگر سلطان احمد چانڊيو، پيرومل
  • لال خان خاصخيلي ۽ وسيم رحماني، سانگھڙ
  • فدا حُسين ملاح، مياڻ
  • رانا محمد اسماعيل، ڳوٺ گلڻ خان ڀنڀرو
  • عبدالرحيم ولد علي محمد لغاري، عمر 100 سال کن ڳوٺ سرمست سانگھڙ
  • سڀاڳو خاصخيلي ولد کمون، عمر 108 سال، رانٽو سانگھڙ
  • ڌڻي بخش ابو پوٽو عمر 78 سال کن، دُٻي سانگھڙ
  • عزيز جان شر، ڄام صاحب
  • گل بھار اُنڙ، ورڪشاپ
  • غلام عباس خاصخيلي، سنجھورو
  • رب نواز شر، ڳوٺ وسند شر
  • رحمت الله ولد ھوت شر، ورڪشاپ
  • ممتاز لغاري، سانگھڙ
  • احسن لغاري، سانگھڙ
  • سمن راھي، اڇڙو ٿر
  • ڪشش لغاري، سانگهڙ
  • حافظ محمد صالح ٿھيم، سنجھورو
  • محمد حسن ٽهلاڻي، سانگھڙ
  • خانو مل مينگھواڙ، فلور مل سانگھڙ
  • شاعر گل ڪيريو، شاھپور چاڪر
  • ملڪ بشير، چڪ 76، حُرن جو مقام سانگھڙ
  • ڊاڪٽر منور راجپوت، سنجھورو
  • فرزانه تبسم، کپرو
  • بي بي فرح ناز بلوچ، سانگھڙ
  • علي محمد اُداسي، جھول
  • اُداسي عبدالرحيم جوڻيجو، چوٽياريون
  • ھمٿ علي شر ۽ شمن علي شر، لٽڪو موري
  • نديم رضا خاصخيلي، ڳوٺ تارو مل سنجھورو
  • آر لغاري، سانگھڙ
  • حُسين شاھه، محرم شاھه، ولي محمد جوڻيجو، صدام حُسين سولنگي ۽ محمد عظيم بوزدار، ڳوٺ فتح محمد نظاماڻي لڳ لٽڪو موري.
  • حضور بخش لغاري، سرنواري.
  • خاور ڪرنالي، سانگھڙ
  • صائمه بلوچ، سانگھڙ
  • سنجھا بلوچ، سانگھڙ
  • ممتاز اوڏ، ٻيراني
  • ناظم علي شر، درگاھه پير وسڻ خيرپور
  • لکاڏنو جوڻيجو، ڳوٺ خمون جوڻيجو، بدين
  • ھمراز بلوچ، راڻا واءِ، ڪنري
  • ڊي بلوچ، پنيري کپرو
  • انڪل بلوچ، پنيري کپرو