close
فونٽ سائيز وڌايو فونٽ سائيز گهٽايو

ارپنا


جيجل امان ۽ بابا سائين ڪانجي جي نانءُ!

پبلشر پاران


پبلشر پاران

سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي پاران ٿر جي لوڪ ادب کي شايع ڪرڻ جو سلسلو، صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه جي خصوصي هدايتن تي شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڀارومل سوٽهڙ جو هڪ ڪتاب ڪوي بانيڪيداس جي ترجمو ڪيل شاعري جو ڪتاب، اچي چڪو آهي. ان سان گڏوگڏ هي ٻيو ڪتاب “چتر ٻولي چارڻان”، اوهانجي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ وڏي محنت ڪري‘چارڻ’ ذات جو بُڻ بنياد، ‘چارڻ’ لفظ جي معنيٰ، چارڻن جو شجرو ۽ تاريخ، چارڻن جون ريتون رسمون، چارڻن جي ڪجهه قبيلن جو اسلام قبول ڪرڻ، چارڻن جي ڪِرت ۽ سماج ۾ اهميت، ٿر ۽ عمر ڪوٽ ۾ چارڻن جو ڳوٺ، چارن شڪتيون ۽ موتيسرا چارڻ، پورن ۽ نيمتي شڪتي،آوڙ ديوي، ڏيول ديوي، ساهو ستي، جومان ستي، ڏيمان ستي، چارڻن جا چارڻ موتيسرا، چارڻ ڪوِين جي شاعري، چارڻن جي شاعريءَ جي ٻولي، چارڻن جي مزاحمتي ڪوتا، انگريزن خلاف پارڪرين جي بغاوت  ۽ چارڻن جي رزميه ڪوتا، چارڻ ڪوين جي رومانوي ۽ سبق آميز  شاعري، چارڻن جي مزاحيه شاعري ۽ چارڻن جي شاعري ۾ سچ گوئي جا مثال، چارڻن جي شاعريءَ ۾ دعا ۽ پِٽ جو ذڪر، چارڻ، راڳ ۽ ساز جا ڄاڻو، چارڻن، جي شاعري جون صنفون، سورٺيي جو مثال وارن عنوانن کان سواءِ، مکيه چارڻ شاعرَ، سمنگ چارڻ، لال ٻارٽ،  اجلي چارڻياڻي، ڪوي پينگڙ ، جنف چارڻ، جمن چارڻ، جمن چارڻ (ننڍو)، ميان حسين چارڻ، ڪوي ڪلول چارڻ،  سارنگ ڌر، سيڻل چارڻياڻي، شيو داس چارڻ، آشانند عرف آسو جي، ايسرداس، گرڌر، ڏونگري سِي، ڪوي پرڌان، ڪرپارام، سروپ ڏان، بانڪيداس آسيه، مهوڙ جي چارڻ، آدو ڏراسو اوڌا، ڪرشن جي چارڻ، ڪيسري سنگھه بابت تفصيلات ڏيئي وڏو ادبي پورهيو ڪيو آهي.

هن ڪتاب ‘چترٻوليچارڻان’ جي اشاعت سان سنڌ جي لوڪ ادب جي تاريخ ۾ نهايت اهم اضافو ٿيندو. ڇاڪاڻ هن موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳ ۾ ڪو به ڪتاب نه آيل آهي. هن ڪتاب ۾ چارڻن جي لوڪ شاعري سان گڏ چارڻن جي ريتن رسمن ۽ عقيدن بابت تفصيل سان لکيو ويوآهي. ساڳئي وقت چارڻن جي اهم رُخن کي هن ڪتاب ۾ سٺي نموني بحث هيٺ آندو ويوآهي. مشهور چارڻ ڪوي سمنگ چارڻ، جمن چارڻ بابت نهايت خوبصورت طريقي سان لکيو ويوآهي. موجوده وقت ۾ چارڻن جي لوڪ شاعري جي حوالي سان ڪوي هيمڏان چارڻ وڏو ڄاڻوآهي. ليکڪ هيمڏان سميت مختلف سگهڙن کان حال احوال ورتاآهن. انهيءَ سان پڙهندن کي نهايت اهم ۽ منفرد معلومات حاصل ٿئي ٿي. سچ پچ ته اهم موضوع وارو هي ڪتاب پڙهندڙن جي لاءِ لوڪ شاعري ۽ ثقافتي پهلو کي سمجهڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندو.

يقينن اها هڪ حقيقت آهي ته چارڻ ننڍي کنڊ جي قصن ڪهاڻين ۽ داستانن جو اهم حصو رهيا آهن. ۽ لوڪ ادب جي صنف ۾ چارڻن جو به وڏو حصو آهي. ٻيجل چارڻ کان وٺي سمنگ چارڻ تائين مختلف ڪردارن تي سنڌي ادب ۾ تذڪرو ته ٿيندو رهيوآهي. پر ڀارو مل هن ڪتاب ۾ انهن سمورن جو تفصيلات ڏيئي سنڌي ادب ۾  واڌارو آندو آهي.

مون کي اميد آهي ته سنڌ جا با شعور پڙهندڙ، هن ڪتاب جي دل سان آجيان ڪندا، ته جيئن هن قسم جا مفيد سلسلا اڳتي وڌندا رهن.

 

 

غلام اڪبر لغاري

سيڪريٽري ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو

حڪومت سنڌ، ڪراچي

اپريل 2018



مهاڳ


لوڪ ادب جي سهيڙ ۽ ڀارو مل امراڻي

         لوڪ ادب“جيڪو اسان جي مٽيءَ جو ادب آهي اُن مان صدين جي ساهت جي سرهاڻ اچي ٿي، ثقافتي طور تي شاهوڪار خطن جي شاهدي ملي ٿي، مور  پنکن جهڙي تهذيب جا رنگََ نروار ٿين ٿا، مهذب خِطن جي ماڻهن جي سماجي زندگيءَ جي تصوير چِٽي ٿي سامهون بيهي ٿي. انهيءَ لوڪ ادب ۾ موجود من مرياده، محبت ۽ سچيتائي جو پيغام، ڌرتيءَ جو گيت بڻجي وقت جي پولارن ۾ گونج  پيدا ڪندو رهيو آهي.

          ننڍي کنڊ جي وڏي ريگستان جو سماجي، ثقافتي ۽ تهذيبي سنگم صدين کان رهيو آهي. پوري ريگستان جي مختلف علائقن جي رهواسين جي رهڻي ڪهڻي ۽ سماجي سرشتو پاڻ ۾ گهڻو ميل کائي ٿو. لوڪ ادب، لوڪ رقص، لوڪ شاعري، ٻولي ۽ لباس هڪٻئي سان جُڙيل آهن.

         ريگستان جي لوڪ ادب جي ڏيهان ڏيهه هاڪ رهي آهي. ڳالهه لوڪ ادب يعني فوڪ لور جي ڪبي ته، اُن ۾ چارڻ قبيلو  سرِ فهرست نظر ايندو. جنهن پنهنجي ڏات جي ڏانءُ سان هر دور جي اتهاس کي دوهن، گيتن ۽ ڇند وديا جي ٻين صنفن ۾ سمائي، آئيندي جو آئينو بڻائڻ جي جستجو ڪئي آهي.

          ٿرپارڪر جي اتهاسڪ خطي ۾ به چارڻ قبيلي سان تعلق رکندڙ اهڙا انيڪ ڪوي ٿي گذريا آهن، جن فطرت جي ڪمال آرٽ، ڏاهن جي ڏاهپ، بهادرن جي بيباڪي، اصول پرستن جي اصول پرستي، راجپوتي رس رهاڻين، املهه گُڻن ، سخي مردن  جي سخاوت ۽ انساني سونهن جي جلوه گريءَ کي  بيان ڪري پنهنجو نانءُ تاريخ جي ڪئنواس تي هميشه هميشه لاءِ چِٽي ڇڏيو آهي. چارڻن جي اها شاعري جيڪا اسان جي ماضي جي شاندار روايتن، اصولن، اخلاقن ، انساني خصلتن، سماجي سٻنڌن، حسن جي رنگن روپن، نازن ۽ اندازن جو داستان آهي، جيڪا ماضيءَ جي باوقار رعناين سان گڏ مستقبل جو تعين ڪندڙ به آهي. اها شاعري جيڪڏهن ڪي مت جا موڙهيا نقاد درٻاري شاعريءَ جي اجائي الزام هيٺ  رديءَ جو ڪاغذ سمجهي وقت جي ڊسٽ بن حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته اهو ڪيڏو نه الميو چئبو.

          انهن خوبصورت ڪوين جي ڪوتائن کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ۾ آڻي پڙهندڙن تائين پهچائڻ وارو  انتهائي ساراه جوڳو ڪم، اسان جو پيارو دوست، ٿر جو ناميارو ليکڪ، شاعر ۽ محقق، ڀارو مل امراڻي سر انجام ڏئي رهيو آهي. سندس هيءُ  ڪتاب ‘چتر ٻولي چارڻا’ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ چارڻ قبيلي تي تحقيق سان گڏ مخلتف چارڻ ڪوين جي شاعريءَ کي سهيڙي، تشريح سان ڇپايو ويو آهي.

         ڀارو مل امراڻي، پنهنجي سڀاءُ، سوچ ۽ ڳالهين ۾ هڪ آرٽسٽ آهي. هن فقيرتن ۽ دل جي درويش ماڻهو، چارڻن جي وکري شاعريءَ کي ڳولي، سُوڌي سنواري، معنيٰ ۽ مفهوم جو سُٽ سلجهائي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي. چارڻن جي چتر  ڪوتائن کي ڳوليندي سندس دل به چارڻ ٿي پئي آهي. هن لوڪ ادب سان عشق ڪيو آهي، ان ڪري ئي منجهس عميق احساس ڪَر کنيو آهي. هو گذريل ڪيتري عرصي کان ڏيهه کي ڏوري، لوڪ ادب جي پارکو ماڻهن سان ملندو ۽ کانئن معلومات حاصل ڪندو رهيو آهي.

         ڀارو بنيادي طور تي شاعر آهي. پر کيس لوڪ ادب جي پروڙ والدين کان ورثي ۾ مليل آهي. انهيءَ ڪري لوڪ ادب جي  موتين کي گڏ ڪرڻ جي جستجو سندس اندر ۾ هميشه رهي آهي. ان ڪري هن ڍٽ جي ڍاڻين، کائڙ جي ڏهرن، سامروٽيءَ جي سيمن، وٽ جي رڻ ڪنڌيءَ کان ويندي پائر ۽ پارڪر جي پُٽن تائين لوڪ ادب، خاص ڪري لوڪ شاعريءَ کي سهيڙڻ لاءِ  پنڌ ڪيا آهن. تڏهن وڃي مخلتف ڪوين جي وکريل ڏات کي سهيڙي سگهيو آهي ڳالهه جذبي ۽ عشق جي هوندي آهي. ڪيترائي ماڻهو شوقيه طور هن فيلڊ (لوڪ ادب جي تحقيق) ۾ ايندا ته آهن، پر ڪو خاطر خواه نتيجو ڏئي نه سگهندا آهن، پر ڀاروءَ پنهنجي شاعراڻه دل جي اسرار تي انهي املهه اثاثي  کي گڏ ڪرڻ جو ڪم اورچائيءَ سان ڪيو آهي. ڀارو مل امراڻي جي لاءِ اها وڏي مڃتا آهي ته چارڻي ادب ۾ هن دور جو  اهم نالو  ڪوي هيمڏان چارڻ ڀارو مل جي هن پورهئي سان پيار ڪندو آهي. ڀارو مل ‘چارڻن جو چارڻ موتيسرو’ ٿي لکيو  آهي.

         ڀارو مل ذاتي زندگيءَ ۾ منهنجي تمام گهڻو ويجهو رهيو آهي. اسين سوين ڀيرا گڏجي ٽهڪن  ۾ ٽڙيا آهيون ته گڏجي هڪ ٻئي جا اسان لڙڪ به اگهيا آهن. ناشاد سمون، ساگر خاصخيلي، اياز رضوي، دليپ ڪوٺاري ۽ گل گوماڻي سميت ڪيترائي دوست، اسان جي محبت جي مالها جا موتي رهيا آهن. اسين سڀ هڪ ٻي کان سواءِ اڌورا آهيون. ڀارو مل جي پيار ڀرئي ڪردار جي ڪري سڀ احترام ڪندا آهيون. منهنجي هن  وڏي ڀاءُ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مٺڙي ليکڪ ۽ شاعر وٽ سڀ ڪجهه محبت آهي. محبت جا املهه موتي جهان جي جواهرين وٽ هن وڏي اعتماد سان رکيا آهن.

 

شهاب نهڙيو

ڳوٺ گونگيو، ٿرپارڪر



ليکڪ پاران


         چارڻ قبيلو اسان جي سماج جو اهم حصو رهيو آهي. انهي ڪري چارڻ ڪوين ۾ ڀلا  ڀنور به پيدا ٿيا آهن تي ڍلا ڍول به جنميا آهن. پر مجموعي طور تي چارڻ ڪوين سچ جو ساٿ ڏنو آهي، انسان دوستيءَ جي ورتاءُ کي اڀاريو آهي. وطن پرستيءَ جي ويچارن کي وڌايو آهي. پريت جي پڪارن کي گونجايو آهي رچناڪر جي روپ ۾ باغي آرٽس طور خاموش خودڪشي نه ڪئي آهي. تخليقي تجلن سان جيون کي جرڪايو آهي. پر وقت جي ستم ظريفي ۾ چارڻئي ادب جون ڪيتريون ئي سگهاريون تخليقون گم ٿي ويون جنهن جي ڪري روايتن جي روشني ۾ چارڻي فن ۽ فڪر  جو صديون پراڻو ناتو جوڙڻ ۾ وڏي مشڪلات ٿئي ٿي. چارڻ ڪوي جو نالو کڻڻ /ياد رکڻ جي بدران عام طور  اسان وٽ رڳو ذات کي ڳڻڻ واري روَش به وڏو نقصان ڏنو آهي. انهن سببن جي ڪري ڪٿي چارڻ ڪوي  جو جيون خاڪو ملي ٿو پر نموني طو رتي هن جي شاعري ڏيڻ ۾ ڏکائي ٿئي ٿي ته ڪٿي شاعري ملي ٿي پر ڪوي جو نالو  نامعلوم آهي. چارڻي تخليقن تي تحقيق دوران مون اوجاڳن جون ڊگهيون راتيون ڪٽيون آهن. روح  جي رقص ۾ رهندي جسم جي ورزش وساري پورو ڏينهن ڏات ۽ ڏانءُ تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي گذاريو آهي. ڪتبخانن کان وڌيڪ مون کي اوطارن/اوتارن  مان مواد مليو آهي. رڳو ڪنهن کي تنها تنها ڳولي ٿڪجڻ عذاب نه آهي، پر تنها تنها لکي ٿڪجڻ به ماري وجهندو آهي. مون جڏهن به پاڻ کي لوڪ ادب تي لکندي ٿڪل ٽٽل محسوس ڪيو آهي. تڏهن محبت جي گلابي هٿن جي شفقت مون کي تازو توانو ڪيو آهي. پيار جي پاٻوهه ۾ عشق جي اجري مُک مان اتساهه وٺي وک اڳتي وڌائي آهي. مون ‘چتر ٻولي چارڻا’ تي ڪم 2004ع ۾ شروع ڪيو هو. نوجواني جي عمر جا حسين ڏهاڙا مون هن ڪتاب جي تحقيق کي ڏنا آهن ‘چتر ٻولي چارڻان’ هڪ وڏو موضوع آهي، جنهن جو سنڌي ٻولي ۾ علمي ادبي جائزو وٺڻ جي مون هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي. آئون  انهي سان ڪيترو  نڀائي سگهيو آهيان!؟ ڪا وڏي دعويٰ نه ٿو ڪريان پر ايترو ضرور چوان ٿو ته ان موضوع جي حوالي سان تحقيق جي بنيادي تاريخ ۾ مون پنهنجي حصي جو پورهيو شامل ڪيو آهي. هن ۾ فني ۽ فڪري حوالي سان ڪميون ڪوتاهيون ٿي سگهن ٿيون. پر منهنجي موضوع سان محبت جي حوالي سان هڪ رتيءَ  جي کوٽ نظر نه ايندي هي ڪتاب جو پهرين ڀاڱو آهي. ايترو ئي مواد ٻي ڀاڱي جو ٿيندو.

          هُو چارڻ ڪوي جن کي بسنت جي هير ڳولي لهندي هئي. هو ڪلا جا ڌڻي جن ادب ۽ آرٽ جي لاءِ وهه پيئندي به ڪڏهن  ڪوتا جون وٽيون اونڌيون نه ڪيون. هُو سٻاجها شاعر جن جي لاءِ چنڊ آسمان تي اتاولو هوندو هو ته ڪهڙي بادل کان  انهن جو ڏس پڇجي!؟ جن واري جي دڙن تي گيتن جا گل ارپي صدين کي سرهو ڪيو  هو، اڄ تن جي بُٺي تي ڪير روهيڙي جا گل رکڻ وارو نه آهي!! ڇا هُو اسان جي هن مٽي جي امانت نه هئا!؟ ڇا انهن جي خيالن ۽ خوابن صدين جي سر زمين کي کيڙيو نه آهي!؟

         آئون هن ڪتاب جي اڻت دوران منهنجي لاءِ هينئي ٿوڻيون ٿي بيهندڙ پنهنجن پيارن کي ڪٿي ٿو وساري سگهان جن جي ساٿ هن تحقيق جي جستجو ۾ هر ويلي آساني پيدا ڪئي. تن ۾ پروفيسر سائينداد ساند، شهاب نهڙيو، ساگر خاصخيلي، ناشاد سمون، محمد روات ڏوهٽ، انيل ڪمار، ڀورو خان خاصخيلي، مشتاق قاسماڻي، شنڪر باغي، گوبند راءِ چيلاڻي، ڀرت نگاڻي، شوڪت تبسم ڪنڀر، پيارو شواڻي، سخي محمد نهڙي، نصرالله جروار، خليل ڪنڀار، خالد ڪنڀار، علي نواز چوهاڻ، اشوڪ مجروح سوٽهڙ، جهانگير ايوب ججهي، آفتاب جنجهي، اوگم وڪيل، غازي خان نهڙيو، الماس نهڙيو نصير ڪنڀار، مرتضيٰ راهمون، اياز رضوي ايوب کوسو، منگل سنگهه راٺوڙ، رائسنگهه سوڍو وڪيل، پريم سنگهه سوڍو اي بي آريسر، پرتاب شيواڻي، نور احمد جنجهي، امام جنجهي، نرسنگهه سوڍو، فقير  منور ساگر، مير حسن آريسر، ڊاڪٽر عبالعزيز رحماني، محمد عظيم ڪنڀار، شاهنواز، هنگورجو، نفيس احمد ناشاد، حاجي ساند، دليپ ڪوٺاري، تولارام سوٽهڙ، زاهد اوٺو، گل گوماڻي، نظام سمون، محمد صديق نهڙيو، ڪرشن ڏان چارڻ، گڻيس ڏان چارڻ، ڀورڏان چارڻ، جڳت ڏان چارڻ، ڪشور ڪنول، ڀڳوان داس، قربان علي شاه، هرجي سوٽهڙ، مهراج پرديپ ڪمار اوجها، دليپ دوشي لهاڻو، علي اڪبر راهمون، جان محمد سمون، منوج گيناڻي، عثمان راهوڪڙو، مقبول هاليپوٽو، دولت رام کتري، اتم مهراج، غلام رسول نهڙي، ڊاڪٽر جيوت ڪمار، ڪيپل ڪمار، ديودت امراڻي، سريش ڪمار، اشرف سمون، محمد هنڱورجو، حاجي محمد ڪنڀار، احمد علي راهمون، نديم سرور پاڙهو، سائل پيرزادو، ڄام جمالي، فياض لطيف، علي مراد ٽانوري، محمد علي ٻانڀڻ، علي اڪبر هنڱورجو، ڪلال، غلام حيدر شاه، خالد چانڊيو، رضا محمد ڪوري، علي بخش نظاماڻي، اسد الله نظاماڻي، مظهر علي شيخ، اقرار پيرزادو، پروفيسر محمد هنڱورجو، علي حسن چانڊيو ٽائيم ڪمار ۽ ٻيا شامل آهن، ڪتاب تي ڪم ڪرڻ دوران منهنجي وکريل پنن کي ڳولي ڏيڻ ۽ انهن کي وري سنڀالي رکڻ جو ڪم منهنجو ننڍڙو ڀاڻيج اميت ڪمار نه ڪري ها، ته موضوع جي سلسلن کي جوڙڻ ۾ ڏکائي ٿئي ها. سائين تاج جويي جا اڳ جيان هن ڀيري به وڏا وڙ رهيا آهن، پياري خالد آزاد، ايوب گل ۽ منور هاليپوٽي جون مهربانيون مون تي موتي ڪڻين جيان وسيل آهن. پيارو شهاب مون کي پنهنجي وڏي ڀاءُ طور ڀائيندو آهي. هن  جي راءِ پڙهي مون کي بي اختيار محسوس ٿيو ته روح جي رشتي ۾ ائين مان ڏنو ويندو آهي. ڊاڪٽر عبدالعزيز، شهاب نهڙي، مرتضيٰ راهمي مون سان گڏ مختلف ماڳن تي سگهڙ، سياڻن سان ڪچهرين ۾ اوجاڳا ڪيا آهن. هن ڪتاب جو پهرين مسودي جي ڪمپوزنگ پياري دليپ ڪوٺاري جي ٿورن سان تيرٿ مينگهواڙ ڪئي. پياري انور ابڙي مخلتف قسطن ۾ ڪاوش دنيا مئگزين ۾ ‘چتر ٻولي چارڻان’ جو ڪافي مواد ڇپيو. ان کان اڳ ۾ ڪجهه مواد امداد سومري ‘روزاني عبرت’ ۾ ڇپيو هو. منهنجي جڏي  ڪمپوزنگ کي سڌارڻ ۽ پروف ڏسڻ  ۾ پياري تولارام سوٽهڙ جون وڏيون محنتون آهن.

         علم بشريات جي ڄاڻو  ڊاڪٽر ذوالفقار ڪلهوڙي سدائين مون تي ڀال ڀلايا. سنڌ ٻولي جي سگهاري شاعر، ليکڪ ۽ ثقافت، سياحت ۽ نواردات کاتي جي وزير سائين سردار علي شاه جي نوازش نظر کي آئون ڪڏهن وساري نه ٿو سگهان. پڙهندڙن تائين هن ڪتاب جي پهچ جو وسيلو سائين شاه صاحب بڻيو آهي.

         سائين جي ذاتي ڪوششن سان هي ڪتاب پنهنجي پڙهندڙن  جي هٿن ۾ آهي.

مينهان اُر موٽان گهران هنئيان مُ ڇوڙي آس

او  برسي تو سرور ڀري، او نا ڇوڙي  نراس

         منهنجا جيءُ مينهن ۽ وڏن گهرن (خاندان وارن) مان ڪڏهين آس نه پلجان، مينهن جڏهن وٺو  تلاءِ ڀرندو ۽ هو (وڏو گهراڻو) ڪڏهين نراس نه ڇڏيندو، خالي هٿين نه روانو ڪندو.

         آخر ۾ هي ننڍڙو عرض آهي ته مون هي سارو پورهيو “محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن” واري ڪيفيت ۾ ڪيو آهي. اميد آهي ته بنان توريو اگهايو ويندو. منهنجي  ذاتي طور ڪنهن سان به ڪا رنجش ڪونهي، نه ئي ڪنهن سان ڪنهن به قسم جي هوڏ آهي. مون منهنجي حصي جو ڪم خاموشي سان ويهي پنهنجي علم ۽ مشاهدي جي آڌار ڪيو آهي. لوڪ ادب جي ميڙا چونڊي دوران ساٿ ڏيندڙ ڪنهن پياري جو نالو  مون کان رهجي به ويو هوندو، آئون معافي جو طلبگار آهيان. آئون پنهنجن سمورن پيارن ۽ محسنن جي نالي هي لوڪ دوهو ارپڻ ڪرڻ چاهيان ٿو.

ساجن ايسا ڪريئي جيسا ڪنڪڻ خار،
آپ جلي پر ريجهائي ٽوٽا سنڌڻ هار.

(ساجن اهڙو ڪجي جهڙو ڪنڪڻ خار آهي، ڪنڪڻ خار پاڻ کي جلائي ٽٽل (برتن کي جوڙڻ/ قلي جو ٽانڪو لڳائڻ ۾ ڪم اچي ٿو) کي سنڌڻ ۾ ڪم اچي ٿو)

 

ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ

14 سيمپٽمبر 2017)

چيلهار، ٿرپارڪر



باب پهريون


‘چارڻ’ ذات جو بُڻ بنياد

‘چارڻ’ لفظ جي معنيٰ:

         لفظ ‘چارڻ’ جي لفظي معنيٰ ناميارو نقاد ۽ عالم پروفيسر هوتچند گربخشاڻي، پنهنجي ڪتاب ‘روح رهاڻ’ ۾  گهمندڙ ڦرندڙ (رولاڪ) ڄاڻائي ٿو. شاه سائين پنهنجي هڪ شعر ۾ چوي ٿو ته:

 چارڻ سي چئجن، جنهين سک ناهه ڪو،
 رمي راهه پُڇن، مٿي ڪُلهن ڪينرا!

          ٿري لهجي جو لفظ ‘چَوَڪ’ جنهن جي معنيٰ ڳالهه پيش ڪرڻ جو خاص انداز آهي. چارڻن جي عقل ۽ فهم جي حوالي سان  چئي سگهجي ٿو ته ‘چارڻ’ لفظ جو بُڻ بنياد اهو لفظ  هجي، سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر شاه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ چارڻ قبيلي کي ساراهيو آهي، سنڌ ۾ چارڻ، مڱڻهار، ڀٽ، ڀان ۽ ڀاٽ قبيلا، راڳ رنگ، موسيقيءَ، علم، ادب  ۽تاريخ جا سرچشما رهيا آهن.[1]

         چارڻ ساهتيه ڪم تي ڪندڙ ڪجهه دانـشورن، لفظ چارڻ جو بُڻ بنياد لفظ ‘چارڻيا’ ڄاڻايو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي’ بن ۾ مال چارڻ وارو.

         انگريزي ڪتاب ‘ان دي پِرَيز  آف ڊيٿ’ [2]جي جرمن ليکڪا، جنيت ڪيمفرٽس پنهنجي ڪتاب ۾، لفظ ‘چارڻ’ جو بڻ بنياد بيان ڪندي ٽي رايا ڏنا آهن:

  1. لفط ‘چارناءُ’، جنهن جو راجسٿاني ٻوليءَ ۾ مطلب ‘ چوپايو مال چارڻ وارا’ آهي
  2. لفظ ‘اچارڻ’، جنهن جو مطلب ‘ڳالهائڻ/ بيان ڪرڻ/ پڙهڻ’ آهي.
  3. لفظ’ چهر’، جنهن جو مطلب ‘انصاف چاهيندڙ’ آهي.

         عمر ڪوٽ جي ناليواري محقق ڊاڪٽر عبدالعزيز  به مارو چارڻن متعلق پنهنجي هڪ مضمون ‘مارو چارڻن جو ماڳ’ ۾ به جنيٽ ڪيمفرٽس جي راءِ حوالي طور آندي آهي. چارڻن ۾ اهي ٽئي ڳڻ موجود آهن. اهي چوپائي مال کي سنڀاليندڙ ڀاڳيا پُڻ آهن؛ انهن وٽ ڳالهه ڪرڻ يا شعر پڙهڻ جو مخصوص انداز به آهي، ته چارڻ انصاف سان پيار ڪندڙ آهن.

         ڪجهه هندي ليکڪن لفظ ‘چارڻ جو مطلب ‘چار نه’پڻ ڏنو آهي. مطلب ‘چئن ورڻن منجهان نه’، بلڪ چارڻ ڌار پنهنجو  ورڻ آهن. انهيءَ راءِ متعلق وڌيڪ تفصيل چارڻن جي تاريخ ۾ ڏنو ويو آهي.

 

چارڻن جو شجرو ۽ تاريخ

         چارڻن جو شجرو بيان ڪرڻ لاءِ سڀ کان اول اردو ادب جي نامياري اديب باغ علي شوق جي راءِ جو ذڪر ڪجي ٿو. جنهن ۾ هن ۾ هن، چارڻن کي هندن جي ورڻ سرشتي جو ‘پنجون ورڻ ‘ ڄاڻايو آهي. هي صاحب پنهنجي ڪتاب ‘راجسٿاني زبان اور ادب’[3] ۾ لکي ٿو ته،’ چارڻ هندن جي چئن ورڻن جيان پنجون ورڻ آهن، جن جي ذمي تاريخ ۽ ادب کي تخليق ڪرڻ آهي.”

         ‘چارڻي اتهاس’ جي لوڪ ڪهاڻين مطابق دڪش پرجاپتيءَ جي ڌيءَ ‘ستي، شِو شنڪر کي پرڻايل هئي. شِو ڪڏهن ساڌُو سنياسيءَ جي ويس ۾ رهندو هو، ته ڪڏهن انگ ڀُڀوت جوڳي بڻجي پيو رمندو هو. راجا دڪش کي شِو جي اهڙي روِش نه وڻندي هئي. هڪ دفعي راجا دڪش يگيه ڪرايو، جنهن جي شو کي راجا دڪش دعوت نه ڏني. دعوت نه ملڻ جي ڪري شِو نه ويو، پر ‘ ستي’ مائٽاڻي گهر شُڀ ڪارج ۾ مصروفيت سبب ڀُل ٿي وڃڻ جو سمجهي هلي ويئي. اتي ستيءَ کي اهو معلوم ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو ته راجا دڪش، سوچي سمجهي شو کي دعوت نه ڏني آهي. ڳالهين ڳالهين ۾ شِو جو اپمان ڪيو ويو. ستي انهيءَ صدمي ۾ گذاري ويئي. ڪي چون ٿا ته يگيه شروع ڪرڻ لاءِ هڪ خاص قسم جو سنک وڄائڻو هو، جيڪو ڪير وڄائي نه سگهيو. نيٺ ستيءَ پنهنجي هڪ ننڍڙي پٽ کي چيو ته: “تون وڄاءِ. آءُ تنهنجي لاءِ دعا گهران ٿي.” پوءِ هُن سنک وڄايو، ۽ يگيه شروع ٿيو. يگيه جي منڊپ ۾ ستيءَ کي شِو جي ڪمي محسوس ٿي. صدمي ۾ پاڻ وڃائي ستيءَ يگيه جي آڳ ۾ ٽپو ڏنو. کيس بچائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي وئي، پر ستيءَ پراڻ تياڳيا. سنک جي آواز تي شِو به اچي پهتو. هن ستيءَ جو لاش ڏسي ڪروڌ ۾ ورلاپ ڪندي، لاش ڪلهي تي رکي ‘ٽانڊو ناچ’ شروع ڪيو. شو جي ناچ، ڌرتيءَ کي لوڏي ڇڏيو. اهڙي حالت ڏسي، وشنو شو جي ‘ٽانڊو ناچ’ کي روڪڻ لاءِ تير هيڻي ستيءَ جي لاش کي 52  حصن ۾ پکيڙي ڇڏيو. ستيءَ جي جسم جي ٽڪرا جتي ڪريا اتي انهن ٽڪرن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري يادگار  طور ‘ديوي مندر’ جوڙيا ويا. هنگول واري جبل تي ستيءَ جو سِر ڪِريو، جتي هنگلاج جو آسٿان آهي. سنک وڄائيندر اهو ننڍڙو ٻار ‘ماتا ماتا’ پڪاريندو رهيو، ستيءَ جي شڪتيءَ جي آڪاش واڻي ٿي ته، ؛”پٽ تون ماٺ  ڪر. پريشان نه ٿي. آءُ تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي سڏ تي گڏ هوندس. ‘چون ٿا ته سنک وڄائيندڙ اُن ٻالڪ جو اولاد ‘چارڻ’ آهن.

         هڪ راءِ اها آهي ته ستيءَ  جا سترنهن پت هئا، تن سمورن ماتا’ماتا’ پڪاريو هو. انهن سمورن جو اولاد ‘چارڻن’ جون مختلف نکون آهن. ۽ ستيءَ جو اولاد هئڻ ڪري ‘چارڻن’ کي ‘ديوي پتر’ به سڏيو ويندو آهي.

         هڪ  راءِ اها اهي ته راجا دڪش جڏهن ستيءَ جي سامهون شِو جو اڀمان (بُرو ڀلو چوڻ) شروع ڪيو تڏهن اتي موجود شِو جي هڪ ساٿي (جنهن کي گُڻ سڏيو ويو آهي) راجا دڪش سان مهاڏو اٽڪايو. ستي اهڙي مدد ڪرڻ تي شِو جي ساٿيءَ جا ٿورا مڃيا، هن کي وچن ڏنو ته، آءُ جنم جنم تنهنجو ساٿ ڏيندس شوِ جو ساٿي مال چاريندو هو، انهيءَ ڪري هن جي اولاد کي ‘چارڻ’ چيو ويو.

         راجا دڪش کي انهيءَ واقعي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ کيس شِو جو غصو برداشت کان ٻاهر لڳو هن نانگ ونسي سمورن راجپوتن کي گڏ ڪيو ۽ منٿ ميڙ جو قافلو وٺي شو وٽ پهتو. پنهنجن ساهرن جي اهڙي منٿ ميڙ ڏسي، ڀولي شِو کيس معاف ڪري ڇڏيو، ۽ صلح جي نشانيءَ طور ڳلي ۾ نانگ جي نشاني پاتي.

          چارڻ’ نانگ ونسي خاندان جو ڀاڻيجو آهي. ان نسبت سان هڪ لوڪ شعر جي سٽ آهي ته :

“ڀاڻيجو ڀوئنيگ تڻو، چارڻ چوٿون ويد”

۽ هڪ لوڪ شعر به آهي. ته:

سَتي جَتِي سُور ويِر، سنڀو سُت ويچار،
چار رڻ ڪلر نهين، چارڻ ويد اچار.

         سنڀوءَ (شو جو نالو) جو اولاد چارڻ رڻ جو ڪلر نه، پر ست (سچُ) تي هلندڙ، بهادر ۽ ويد  اُچاريندڙ آهي.

سچ وکتا، سوامي، ڀڳت، پٽو الوپي هوءِ،
اُپا شو شڪتي ڪا، سچا چارڻ سوءِ.[4]

         (سچ ڳالهائيندڙ ، سوامي ڀڳت، سخي ۽ ڪا لوڀ لالچ رکندڙ نه هجي ، اهو شو  شڪتي ءَ جو پيدا ڪيل سچو چارڻ آهي)

سرسوت جيان ري جيڀان وسي، بانکي ڌرڻا ڀيد،
ديوا جگ رچيا ڪري، چارڻ مُک چهون ويد

         (سرسوتي (علم جي ديوي) جن جي زبان تي وسي ٿي، جيڪي راز جون انوکيون ڳالهيون ڪن ٿا، جڳ ۾ ڏاهپ جي رچنا ڪندڙ چارڻ جي مُک ۾ چارئي ويد آهن)

         ٿر جي نامياري تاريخدان رائيچند هريجن، چارڻن کي راجا’شرڻ راءِ’ جو اولاد سڏيو آهي[5] ‘تحفته الڪرام ‘ (جلد ٽئين) ۽ ‘چچ نامه’ (جلد ٻئي) ۾ چارڻن کي ايوڌيا جي راجا دسرت جي پٽ ‘شترو گهن’ جو اولاد ڏيکاريو ويو آهي. شترو گهن کي ‘چترو گهن’ پڻ چيو ويندو هو. راجا دسرت، سورج ونسي نسل جو هو. ظهور خان مهر جي ڪتاب ‘ڌرمجلان ڌرڪو سان’ ۾ چارڻن کي راجپوت لکيو ويو آهي.[6]

         جديد تحقيق جي اڪثر راءِ به اها آهي ته، ‘چارڻ’ راجپوت قبيلي سان تعلق رکن ٿا. پر حقيقت اها آهي ته چارڻ راجپوتن وانگر ويڙهاڪ آهن، برهمڻن وانگر ويد اچاريندڙ به آهن. هنن ۾ ٻنهي قبيلن جا ڳڻ موجود آهن. ڪوي راجا مانسنگهه راٺوڙ چيو آهي ته :

چارڻ راجپوتان سين، وڌتان واتان چار،
عقل، وِديا، چت چوگڻو، اڌڪو گهر آچار.

         (چارڻ، راجپوتن کان چئن ڳالهين: عقل، تعليم، غور  فڪر ۽ گهر جي سلڇڻائيءَ ۾ وڌيڪ آهن)

         ڊاڪٽر موتي لال مناريه مطابق؛ چارڻ ڪنهن وقت گنڌ ماڌن جبل تي رهندا هئا. جڏهن پرٿُو يگيه ڪرايو، تڏهن اتان يگيه سمپورڻ ڪرڻ جي لاءِ وٺي آيو، يگيه جي  پڄاڻي تي دکن ۾ تيلنگ جو علائقو رهائش جي لاءِ ڏنو.

         ڪوي هيمڏان چارڻ جو چوڻ آهي ته راجپوتن جو اسورن / اسرن جيئن جنجال ڪري ڇڏيو. مرڻي پرڻي، پوجا پاٽ جي رسم وغيره راجپوت اسورن/اسرن جي جهيڙن سبب آساني سان ادا نه ڪري  سگهندا هئا. اسورن/اسرن  وٽ  جادو جنتر به هو. جنهن سان راجپوتن جي پرڻي مهل ‘وير مٺ’ هڻندا هئا راجا تپشيا ڪري شو جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. هن شو کي عرض ڪيو ته سائين اسان جي رکوالي ڪريو . شو پنهنجي پٽ ڪڏوپ کي چيو ته  تون راجا پرٿو سان گڏ وڃ ۽ وڃي راجپوتن جو ساٿ ڏي. پر ڪڏوپ پهرين جواب ڏيئي ڇڏيو پوءِ پاروتي جي سمجهائڻ ۽ ماتا پاران سدائين ساٿ ڏيڻ جي وچن تي راجا پرٿو سان گڏ آيو. هن راجپوت جي پرڻي ۾ ‘پروکڻ ‘ جي رسم دوران  آکا (مٺ ۾ پيل اناج جا داڻا) اڇلي وير مٺ کي واپس هڻندڙ ڏانهن موڪلي. جنهن سان جادوگر پاڻ مري ويو. راجپوتن ۾ اڄ به چارڻ کي پرڻي جي ريت مهل تورڻ جي گهوڙي، گهوٽ جي پرڻي جو  وڳو ۽ وقت جي رائج سڪي جي ڀريل مٺ ڏني ويندي آهي. “وير مٺ” ڀرڻ جي رهاڻ ٿيندي آهي.[7]

         هندي ڪتاب ‘وير ونود’ ۾ شيامداس لکي ٿو ته هماليه وارو علائقو جنهن کي ديو لوڪ سڏيو وڃي ٿو اهو ڇڏڻ کان پوءَ چارڻن ڇترين جو ئي ساٿي ڏنو. انهن جا ڳڻ ڳايا، ڇترين کي پنهنجي وقت به وقت فرض ياد ڏياريو. جڏهن ٻڌ ڌرم  زور ورتو تڏهن راجپوتن سان گڏ راجپوتانا ۽ گجرات جي علائقن ڏانهن لڏي آيا. جتان پوءِ  ٻين علائقن ڏانهن پکڙيا .

         چارڻ پنهنجي نالي پويان لفظ ڏان[8] جو واڌارو  ڪندا آهن. ڪي ‘سنگهه’ پڻ لکندا آهن. رائچند هريجن چارڻن جون 12 نکون ڄاڻايون آهن، جڏهن ته باغ علي شوق مطابق چارڻن جون 120 نکون آهن. چارڻن جي نکن ۾ روهڙيا، آسيه، پروهت، ڏيٿا ۽ ٻيون ذاتيون شامل آهن.

          ڪڙم قبيلن تي تحقيق ڪندڙ سنڌي ماهرن، چارڻن کي ڇهن مکيه پاڙن ۾ ورهايو آهي: (گجر، (2) ڪاڇيلا، 3) مارو، 4) تمر (تمل به سڏيو ويو آهي، جيڪي ماهرن مطابق سنڌي چارڻ آهن)، (5) سورٺا (سوراشٽر کان آيل)، ۽ (6) سوچيا. (هندي ماهر سوچيا جي جاءِ تي گجر لکن ٿا)

         سنڌ ۾ انهن سمورن پاڙن جا چارڻ موجود آهن. ٿر مارو چارڻن جو ماڳ رهيو آهي. سنڌي ماهرن مطابق مارو چارڻن جون 20 مکيه نياتون آهن. جيڪي اڳتي هلي 300 ننڍن ننڍن پاڙن ۾ ورهائجن ٿيون. ڪاڇيلن چارڻن جا ٽي مکيه پاڙا آهن. نارا، چورڙا، چونوا. چونوا چارڻن جون ٻه نياتون آهن. جڏهن هندي ليکن ڪاڇيلن جا 8 پاڙا ڄاڻايا آهن. چانوا ( انهن جا ننڍا 72 پاڙا آهن) چوراڙا (ننڍا 52 پاڙا)نارا (ننڍا 66 پاڙا) ڪيسريا. (ننڍا 16) پاڙا، الگيا، پاڙيا، سوئا (ننڍا پاڙا) ڪيڙيا.  اهڙي طرح سنڌي چارڻن جون مکيه نکون ڏنل آهن: موڌڙا، سيڏا، ڳيلوا، روڍچ (روڙچ) ۽ ڀان.

         ڪتاب “جونجهڻو منڊل ڪا اتهاس” جي صفحي 447 ۽ 448 تي ڪتاب “راجستان ڪي جاتيون کي کوج” ۾ ليکڪ رميش چند گنارٿيءَ جي تحقيق جو حوالو ڏيئي مارو چارڻن جون مکيه نکون ۽ پاڙا هن ريت ڏنا آهن:-

مکيه ذات

راجسٿان، مالوا  ۾ رهندڙ پاڙا

ڪڇ ۽ گجرات ۾ رهندڙ پاڙا

نارا

نانڌو، هيمٻا، جڳٽ، ديومل، ڌڌواڙيا، ٻگس

پايڪ، نيهچا، گوکرو

ماڌا

_

ٺڪوريا

اٻسورا

بڻسورا، ساموڙ، ڌوڏ، مهور، آسيه، سگڻ، لالس

ديوڪا

چوراڙا

چامُون، ڪويل، ڪويا، کريا، ٿيڙ

ڪوَل، ڪولو، پڙيا

ٻاچا

آڌا، ٻڙيال، سانڌو، ميهيا، ميهياريا

­_

گنگاڻي

گنگاڻيان

روها، ٻرسورا

ميسما

ميسڻ، مينگو

ميسما، تانگڙ، لوگا

ماريوا

مارو، سودا، سلگ، ڪوچر، ڪنيا، ڏيٿا، چاچڙا، سرتاڻيا

جهيل ٻا، ٻڌرا، ٻارٽ، ليگيڌا، ڪاپل

ڀانچليا

مادا، سنڍائچ، ڀانچليا، چانچڙ،

سوائچ

ميڙو

ميڙو، ڪيسريا (ڪسريا)

_

گاڏڻ

گاڏڻ، ٻاڍهي

_

ٻيجل

_

ٻيجل

رتنو

گاروا، چرائي، گاگل، ڀوجا، نالوُ، ڪرڻ، ڪما، ڪما، گوپال، ٻيتال، ڏونگر، ناگ، چيچا، راگهو، مانهڻ، ڀرما، لالا، هنگوڙ، باکر، ڪوڏا، ٻاجا، لاکا، ڪانيريا، ويڌڙا، روها، مالا، ديو ڪرڻ، گيگا، ٻيلا

 

ٻارٽ

روهڙيا، ڪورٺيا، ٻيٺو، سانول، ڪاليڙ، مڪس، پيريا، هڻيا، ڌيرڻ، پاتڙي، هڙويچا، گونگا، آليچا، ڪڻسيا، آلا، جادوَ  سوريا

 

گانگوا

 

گانگوا

         ڪوي هيمڏان چارڻ مطابق روهڙيا چارڻ شڪتي جوماديهه چارڻياڻيءَ جو اولاد آهن جوماديهه، مها ڪوي مهاول ڏان جي ڌيءَ هئي. شڪتي جوماديهه ڪنهن ڳالهه تان قسم کنيو ته آءَ چارڻ ذات ۾ شادي نه ڪندس. اهڙي قسم کان پوءِ پنهنجي  پيءُ مهاول کان اجازت وٺي پنهنجو ور ڳولڻ لاءِ انجار شهر مان نڪتي. چارڻ ۽ راجپوتن ۾ ان وقت رواج مطابق ڪنيا کي پنهنجو ور پاڻ ڳولڻ جو اختيار هو. جوما ديهه هلندي اچي عمر ڪوٽ جي راڻي کينئري وٽ پهتي. هن پهچڻ سان شعر چيو ته:

 ٿوهر ٿوهر دوگڙو، وڻ وڻ رسوڙو هوئي،
هُون ٻلهاري راڻي کيئنري ري، برکيات جوئي.

         (ٿو هر ٿوهر وٽ (چارڻن جو) جهوپڙو ۽ وڻ وڻ هيٺ رڌ پچاءُ آهي. آءُ راڻي کيئنري تان قربان وڃان . تون منهنجي پرڻي جو لکيو ڏسجان)

         راڻي کيئنري جوماديهه کي کيڪاري، ڌرم جي ڀيڻ ڪري گهر ۾ ويهاري، تسلي ڏيندي چيو ته، “تون منهنجي ڀيڻ آهي. توکي منهنجن آڏو سيڻن ( پراڻن رشتيدارن) ۾ پرڻائڻ منهنجي ذميواري آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ راڻي کينئري، ڀاٽين ۾ رشتي جو ناريل موڪلي ٻڌا ڀاٽيءَ جي گهر جو ماديهه جو مڱڻو ڪيو. ڀاٽي ميگهه کي جو ماديهه پرڻائي وئي. جنهن جو پٽ چندا سنگهه ٿيو.

         راٺوڙ راجپوتن جو ڪوئي پروڙ (پروهت) چارڻ نه هو . ٻيا راجپوت راٺوڙن تي ٺٺوليون ڪند اهئا ته” اوهان جو ڪوئي چارڻ پروهت نه آهي.“ راءِ رائپال راٺوڙ، چارڻياڻيءَ جي اولاد ‘چندا سنگهه’ کي زوري کڻايو. پوءِ راجپوتن ۽ چارڻن جي هڪ وڏي ميڙ ۾ چندا سنگهه کي چارڻ جاتيءَ ۾ ضم ڪري، راٺوڙن جو پروهت چارڻ قرار ڏنو ويو. ريگستاني ٻوليءَ ۾ زوري کڻڻ کي”روڙي/روهڙي“ کڻڻ چئبو آهي چندا کي زوري کڻڻ تان چندا جي نک جو نالو’ روهڙيا’ پيو. هڪ لوڪ دوهي ۾ آهي ته:

چندا چارڻ ڪيم ڪيجئي، ٻڌ ونڪا ڀاٽي،
 لونٽ لي ميواڙ، مارواڙ، آن کوس لي ٿر ونٽي.

         (چندا کي چارڻ نه ڪريو هي ٻڌ ( جو اولاد ) بهادر ڀاٽي آهي، (ڀاٽين) ميواڙ، مارواڙ لٽي ٿر مان ڌاڙا هنيا آهن)

         روهڙيا چارڻن ۾ ڪيترائي مشهور ڪوي ٿيا آهن. ڪوي ايسردس انهن مان هڪ آهي. ڪوي هيمڏان مطابق رتنو برهمڻ هو، جنهن جي نالي پويان رتنو چارڻ آهن.

         اهڙي طرح چارڻن جون ڪجهه ٻيون نکون ٻين ذاتين مان آيون آهن، گجراتي چارڻن م هڪ پاڙو ‘ڪنڀر’ چارڻ جو آهي جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته راجا سدراج (زمانو عيسوي سن 1134_1094) ڪنڀار ڇوڪري جي شادي تي 16 روپيا ٽئڪس وصول ڪندو هو. ان زماني ۾ 16 روپيا وڏا هئا، غريب ڪنڀار پريشان ٿي ويا. نيٺ هڪ ڏينهن ڪنڀارن جو پاڙو گڏجي چارڻن وٽ مدد جي لاءِ ويو. چارڻن جي پنجائت ظلم کان ڇوٽڪاري جي لاءِ ڪنڀارن کي پنهنجا ڀائر قرار ڏيئي راجا سدراج سان ٽئڪس تان وڙهي پئي. چارڻن جي مزاحمت تي ٽئڪس لٿو. وقت گذرڻ سان ڪنڀارن جو اهو پارو چارڻن ۾ ضم ٿي ويو.

         چارڻن جون مختلف نکون مختلف راجپوتن جون پروڙ/ پروهت رهيون آهن هڪ لوڪ دوهي ۾ آهي ته:

سودان سسوڏيان، روهڙيا راٺوڙ،
ڏرساوت ڏيوڙا، جُون جادم رتنو جوڙ.

         ( سسو ڏين جا سودان، راٺوڙن جا روهڙيا، ڏيوڙا چوهاڻن جا ڏرساوت ۽ جادو ونس جا رتنو پروهت چارڻ آهن

 

چارڻن جون ريتون رسمون

         چارڻن جون ريتون ۽ سوَڻ ساٺ ٻين راجپوت قبيلن وارا ساڳيا آهن. ‘هندو چارڻ’ لباس ۾ پٽڪو ڦينٽو، ڪيسريو ۽ لانگوٽو راجپوتن وانگر ٻڌن، پر ڪاري لوئوڙي  (کٿي) چارڻن جي خاص نشاني آهي. کٿيءَ کي پنهنجي ديويءَ جو ويس قرار ڏين ٿا. کٿيءَ جو ڌاڳو سندن ڳچيءَ ۾ پڻ ٻڌل هوندو آهي ويس ۾ ٿري چارڻ، شلوار قميص به پائين ٿا ۽ مٿي تي ٽوپي به وجهن ٿا.

         عام روايت ۽ عقيدي مطابق آڳاٽن رشين جيان چارڻن تي “سرسوتي” ( علم جي ديوي) مهربان  رهندي آهي. ان ڪري چارڻن ۾ “ديوي پوڄا” اهم آهي. هندو چارڻ خوش خير عافيت جي ابتدا “جئه ماتاجي” سان ڪندا آهن. چارڻي سماج ۾ عورت جي وڏي عزت ڪئي ويندي آهي، گهر ۾ موجود وڏي عورت کي سڀ ماءُ سڏيندا آهن. عورت جي ڀرسان مرد جتي پائي نه گذرندو آهي، گهر ۾ جتي اتارڻ جي لاءِ ڌار جاءِ مخصوص ڪيل هوندي آهي، چارڻن ۾ ٻالڪ جي ڄمڻ تي ڇهن ڏينهن تي’ڇٺيءَ جي رسم’ ڪري نالو رکيو ويندو آهي. شادي مُرادي وغيره جي خوشيءَ وارن موقعن تي رهاڻ رس ۾ ‘رجپوتي رهاڻ’ وانگر سورمن کي رنگ ڏئي آفيم جي منوار ڪئي ويندي آهي.

هر ڪهڻا، حق ٻولڻا، ڪوڙا نا قول،
ٿانرو ڪڏي نه اُتري، آٺو پهر امل.

         (هريءَ جو نالو وٺي حق جي ڳالهه ڪري، ڪڏهن ڪوڙو قول نه ڪندين ته تنهنجو نشو  نه لهندو، اٺئي پهر (آفيم جي نشي ۾) مست رهندين.)

          ‘چارڻي سماج جي سماج سڌارڪن، آفيم سميت مخلتف نشن کي گهٽائڻ/ روڪڻ جي لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون آهن.

         چارڻ ويجهن رشتيدارن ۾ شادي نه ڪن. ٿر ۾ هاڻي گهٽ  آبادي هئڻ جي ڪري سڱ ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ کين  ڏاڍي تڪليف پيش اچي رهي آهي.

         چارڻن کي وهانءُ وڌاڻي ڀينٽ (شادي جو تحفو) ۽ ڏان ڏنو ويندو هو، پراهو رواج هاڻي ڪافي گهٽجي رهيو آهي تبديل ٿيندڙ حالتن لاءِ چارڻ ڪوي چوي ٿو ته:

ڪويان ڪرو قطار، هڙ کيڙيو سجسي هوي.
 لاکان بخشڻهار، لڏي گيو لاڏوو.

         (اي ڪوي ( چارڻو) ! هاڻي _( اٺن تي اناج کڻڻ جون) قطارون ڪريو، ٻني کيڙڻ سان وقت گذرندو. لکن جو ڏان ڏيڻ وارو لاڏوو (راجا مان سنگهه جو گرو لاڏو ناٿ سوامي) لڏي ويو.[9]

         چارڻ شو راتڙي جو ڏهاڙو وڏي ڌام ڌوم سان ملهائيندا آهن. نوراتڙي جا ورت وڏي عقيدت سان رکندا آهن. دسهڙي جو پوجا پاٽ ڪري دعائون گهرندا آهن. ديوين جي آسٿانن تي خيراتون ڪندا آهن.

 

چارڻن جي ڪجهه قبيلن جو اسلام قبول ڪرڻ

         چارڻن جي جن قبيلن اسلام قبول ڪيو، انهن مان مشهور چارڻ، جمن چارڻ، سهراب چارڻ ۽  حسين چارڻ ٿيا، مسلمان چارڻن جا “عالياڻي” ،”وتڻاڻي” ۽ ٻيا پاڙا مشهور آهن. سنڌ ۾ انهن مان ڪيترا ساڳيءَ “چارڻ” ذات سان اڄ به مشهور آهن. صدر الدين چارڻ، عبدالغفور چارڻ عرف عاشق دادوي، محمد اسماعيل چارڻ، عبدالشڪور چارڻ  ۽ دادو شهر جو نامياو مزاح نگار رشيد چارڻ ۽ مشهور ليکڪ هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر نظير چارڻ به هن ذات سان واسطو رکن ٿا.

         خيرپور ناٿن شاه تعلقي ۾ مسلمان چارڻن جا ڳوٺ آهن سليمان چارڻ ۽ غلام مصطفيٰ  چارڻ نالي استاد به هن نک سان واسطو رکن ٿا.

چارڻن جي ڪِرت ۽ سماج ۾ اهميت

         ڪرنل جيمسن ٽاڊ، تاريخ راجسٿان جي ٻئي جلد ۾ لکي ٿو ته، چارڻن جو پيشو شعر چوڻ آهي. چارڻن کي فطري طور تي ڏات ۽ ڏانءُ ٻئي مليل آهن. چارڻن جي ڪرت جي ڪابه سٽ فن ۽ فڪر کان وانجهيل نه هوندي آهي. چارڻن مٽيءَ جي مهڪار کي پنهنجي تخليقي سگهه سان مهڪائي ڇڏيو آهي، ادائگيءَ جو انداز دنيا جي مـڃيل شاعرن جهڙو ملي ٿو.

         ڪيترائي چارڻ، صلاحڪار، عالم فاضل ۽ استاد به رهيا آهن هند سنڌ جا ڪيترائي باذوق حڪمران، چارڻن جي وڏي قدرداني ڪندا هئا. مڃيل تاريخدارن ۽ راوت سر جي اڳوڻي راڻيءَ[10] لڪشمي ڪماري چونڊوات” پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته “بوندي جو مهاراجا ستيه راءِ پال ديو جي نالي چارڻ کي جُتي هٿ سان کڻي پارائيندو هو. چتور گڍ جي عالمي شهرت يافته راڻي سانگها پنهنجو سارو راج، هري راج نالي چارڻ کي ڏئي ڇڏيو هو. هنديءَ جي مشهور ڪتاب سوڍائڻ جي مصنف پروفيسر شڪتي ڏان مطابق” سنڌ جي سماٽ حڪمران ڄام انڙ سانٻل نالي روهڙيا چارڻ کي سپت  سنڌوءَ جو راج ڏئي ڇڏيو هو.” ساڳئي قبيلي جي راجا ڇپر چوٽواڻي، پنگلا  چارڻ جي چڙهيءَ لاءِ راجائي پالڪين جو بندوبست ڪيو هو. راجا  بيڪا ڀنواڻي، چارڻن کي ڪيترا هاٿي دان ڪيا هئا. بونديءَ جو مهاراجا ستيه راءِ سيو سنگهه ٻڌن نالي چارڻ کي پنهنجي ڪلهن تي چاڙهي هاٿيءَ تي سوار ڪندو هو.

         شاه لطيف جي سورمي راءِ ڏياچ به “ٻيجل چارڻ” جي سُر عيوض سِرُ ڏئي ڇڏيو هو. ساڳئي نموني پارڪر جي مينگهه سينڌل جي فرزند پنراج سينڌل، “سوري”نالي چارڻ جي زندگي بچائڻ لاءِ پنهنجو سِروڍي، گجرات جي حاڪم احمد شاه کي ڏنو هو. ڄام راول، ايسرداس چارڻ کي پنهنجي جاگير ڏئي ڇڏي هئي.

         چارڻن جي فن ۽ فڪر جي حوالي سان سنڌ جي نامياري اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ‘چارڻ’ جنهن جي جيتري عزت هوندي هئي، اوتري بيان ڪندا هئا.[11] انهن (چارڻن) جو گهڻو  ڪم علم ادب ۽ تاريخ جي لاءِ آهي.

         عقل ۽ چترائيءَ تي ٻڌل چارڻن جي ڪوتا جي سٽن تي روشن خيال سوچ سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي چارڻن لاءِ  رڳو “درٻاري” ۽ رڳو “قصيداگو” جا لفظ ڪم آڻڻ ادبي انصاف نه آهي. اهو روَيو چارڻن جي ادبي حيثيت کان انڪار برابر آهي.

 ڪانئر ني لانت ڏيوي، سوارن نا ساباش،
رڻ آريان نا تراش ڏي، چارڻ  گڻ ري راس.

         (ڪانئر کي لعنت ڏيئي سورهيه کي شاباش ڏئي ٿو، رڻ کيتر ۾ لڙندڙ بهادر کي جوش ڏياريندڙ چارڻ (جي ذات) گڻ ڀري راس آهي.)

         چارڻ، راجپوتن جي تربيت پڻ ڪندا هئا، کين اخلاق قدرن سان گڏ سياسي ۽ سماجي اصولن جي به سکيا ڏيندا هئا. چارڻن جي تربيت جي ڪري راجپوتن ۾ سدائين  حق ۽ سچ جي لاءِ مرڻ ۽ مارڻ جو جذبو  جرڪندو هو. هڪ لوڪ شعر ۾ آهي ته:

رجوٽ رو چارڻ گرو، چارڻ مرڻ سکائي،
ٻلهاري گرو چارڻان، کڻپت ۾ سرگ ملائي.

         (راجپوت جو چارڻ گرو (استاد) آهي، راجپوت کي (حق ۽ سچ جي لاءِ) مرڻ سيکاري ٿو، آءُ قربان وڃان چارڻن تان، جيڪي کن پل ۾ سرڳ پهچائين ٿا)

         ٺاڪر نار سنگهه جسول پنهنجي ڪتاب ‘چارڻون ري واتان’ ۾ چارڻ ڪوي جا ٻه دوها ڏيئي لکيو آهي ته هاڻي اهي چارڻ رهيا آهن نه راڄپوت:

وي رڻ ۾ ٻڙداوتا، وي جهڙيا کگ هونت،
وي چارڻ ڪڻ ڏس گيا، ڪڻ ڏس گيا رجپوت.

         (هُو چارڻ (جيڪي ) جنگ جي ميدان لهي شعرن ۾ بهادرن جا گُڻ ڳائيندا هئا ۽ هُو راجپوت جيڪي تلوارن جو جهيڙي ۾ تجلو ڏيکاريندا هئا. ڪهڙي طرف هُو چارڻ ويا ۽ ڪهڙي ڏس جوجهار راجپوتن ورتي.

ڪوڻ تو ڪهوي اور ڪوڻ سڻي، دونون پوت ڪپوت،
مانهه جيسڙا چارڻ رهيا، ٿانهه جيسڙا رهيا راجپوت.

         (ڪير چوي ٿو ۽ ڪير ٻڌي ٿو!؟ ٻئي پٽ ڪپوٽ آهن. مون جهڙا چارڻ رهيا آهن ۽ تو جهڙا راجپوت رهن ٿا.)

          چارڻ، راجپوتن جا ذاتي زندگيءَ کان وٺي سماجي، معاشي سرگرمين تائين صلاحڪار هوندا هئا. موروثي حق يا ملڪيت جي وارثيت جي مسئلن ۾، چارڻ جي راءِ کي اهميت ڏني ويندي هئي، جنگي حالت ۾ چارڻن جا ڳوٺ، بهترين پناه گاه سمجهيا ويندا هئا. چارڻ وٽ پناهه لاءِ آيل ماڻهوءَ سان ڪير به جهيڙيندو نه هو.

         زيور چند ميگهاڻيءَ لکيو آهي ته :لفظ گڍوي جو مطلب گڍ (قلعي) جي چاٻين جو رکوالو آهي[12] چارڻن پاران رکوالي ڪرڻ سان قلعا محفوظ سمجهيا ويندا هئا. ڇاڪاڻ ته چارڻن تي ڪير چڙهائي نه ڪندو هو. انهيءَ ڪري چارڻن کي گڍوي سڏيو ويندو هو.

         عام طور تي چارڻ کي منڱتو جاچڪ ۽ ايدوو به چيو ويندو آهي پر هڪ سچي چارڻ جي ڳڻن ۾ سخاوت به شامل آهي.

چارڻ ڪي وڏائي، ڪهي نهين پائي،
ليوان نا لاک، تو ڏيوان نا سوا لاک.

         (چارڻ جي وڏائي ڪنهن نه پاتي، وٺڻ ۾ (گهرڻ تي) هُن کي لک روپيا ملن ٿا ته ڏيڻ مهل ٻي گهر جائو کي سوا لک ڏي ٿو.)

         چارڻ رشتي ناتي ۽ دوستي ۾ نڀاهيندڙ رهيا آهن هڪ لوڪ دوهي ۾ آهي ته:

متر چارڻ ڪيجئي، ٻيجا سهي آرپمپ پار
جيو تڻو جس گاوسي، مئي لوڏاوڻ هار

         (دوست چارڻ ڪجي، ٻيا سڀ ايترو نڀائيندڙ نه آهن، چارڻ جيئري جا جس ڳائيندو، پر موت کان پوءِ پيڇولي( هڪ شعر جو نمونو)  ۾ پيو هُلرائيندو)

 

ٿر ۽ عمر ڪوٽ ۾ چارڻن جو ڳوٺ

         عمر ڪوٽ لڳ ڳوٺ کاروڙو چارڻ چارڻن جو مکيه ڳوٺ آهي، جتي اڄ به چارڻ رهن ٿا، کاروڙي جي ڀرسان ڇور ۾ چارڻ رهن ٿا.

         پروفيسر شڪتيڏان جي هڪ شعر مطابق، ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇري ۾ چارڻن جا ٻارنهن ڳوٺ مٺريو چارڻ، رڻملاڻ، پريمي ويري، ويداڻي، کانهاڻو “ ڇهو، ڪيسراڙ، روهڙ، ناڪرايو، ٻگهنو، ٻوڙاٻو رهيا آهن.”

مٺڙيو، رڻملاڻ مهه، پريما ويري پاس،
ويداڻي چارنور وچ کانهاڻو ڇهو خاص،
ڪيسراڙ، روهڙ، ڪنٺا ناڪرايو نام،
ٻگنو، ٻوڙاٻو وڙي گڊوان ٻارهي گام.

         ڇاڇري لڳ ڳوٺ ڪاڳيا مينگهواڙ جو اصل نالو جڳتو چارڻ آهي. چيلهار جو نالو “چيلي چارڻ، جي نالي پويان پيل آهي. صديون اڳ هن ڳوٺ کي چيلي چارڻ وسايو هو. پر هن وقت  چارڻن جو هڪ گهر به نه آهي، چيلهار ۾ چارڻن جو کوٽايل کوهه ۽ پڌر موجود آهي.

          هن وقت ڳوٺ شوو چارڻ ۾ چارڻ رهن ٿا. تعلقي مٺيءَ ۾ صرف پاٻوهر ۾ چارڻن جا ڪجهه گهر آهن. تعلقي ننگر پارڪر ۾ واڌڙئي، مئو، ڪاسٻو، لاڪڙ کڏيو، سُکپور، گونگڙي، گڊڙو چارڻ، ڏيڻسي، ڏيڌرائي، ويڪاسر، راٺي ۽ ڀيما ويري ڳوٺ، چارڻن جي راڄ ۾ شامل رهيا آهن. هن وقت راٺي، گڊڙو چارڻ، ڀيماويري، لاڪڙ کڏيو، ميهن جي ڍاڻي،  ڏيڻسي، اونهير ۽ ڏيڏرائيءَ ۾ ٿوري تعداد ۾ چارڻ رهن ٿا.

___

[1]  ’روح رهاڻ’:ص105

[2] ’In the prise of Death`, page no.224

[3]  ‘راجستاني زبان و ادب، ص:13

[4]  هي سٽ ائين به ملي ٿي ته:

             اپاسڪ شو شڪتي ڪا، سچا چارڻ سوءِ.

             اپاسڪ لفظ جي معنيٰ شيوڪ، پوڄاري آهي.

[5]  تاريخ ريگستان: ص-204

[6]   ڌرمجلان ڌر ڪوسان: ظهور خان مهر، ص 81

[7]  ڪوي هيمڏان سان ڪچهري ۾ اظهار

[8]  ڏان: تحفو ڀيٽا(شادي وغيره جو تحفو ڏنو ويندو آهي) اهڙي طرح لاک پساه چارڻن کي ڀيٽا ڏيڻ کي ڇئبو آهي.

[9]  هيءَ سٽ هن ريت به ملي ٿي:

لاکان بخشڻهار، مٺگڙو جاني مارگ پگو

[10]   (لڪشمي ڪماري 1913ع ۾ ميواڙ رياست جي ڳوٺ ديوگڙ ۾ جنم ورتو، لڪشمي ڪماري راجستاني ٻوليءَ ۾ 50 ڪتاب تاريخ ۽ لوڪ ادب جي موضوع تي لکيا آهن، سندس ادارت ۾ مارواڙي  ۾ جاگتي جوت جي نالي سان رسالو نڪرندو آهي.

[11]  ماهوار: پيغام 2008ع

[12]  Asian Folklore studies, volume 59,200:p 43



باب ٻيو


چارڻ شڪتيون ۽ موتيسرا چارڻ

پورن ۽ نيمتي شڪتي:

چارڻ بنيادي طور تي ديوي کي مڃيندڙ قبيلو آهي، چارڻ قبيلي جو وجود لوڪ روايتن موجب ستيءَ جي شڪتيءَ کان شروع ٿئي ٿو. هن وقت تائين چارڻي اتهاس موجب ننڍي کنڊ جي چارڻن ۾ نوَ لکن کان مٿي ‘چارڻ شڪتيون’ پيدا ٿيون آهن.

 چارڻ عقيدي موجب ديوين کي ـشڪتي ‘درگا ديوي’ کان ملي ٿي. چارڻي سماج ۾ هنگلاج ديويءَ کي صف اول جو درجو حاصل آهي. هنگلاج کان پوءِ آوڙ ديوي، ڀهو چرا ديوي، کوڙيار ديوي، ڪاراني ديوي، ڪوڏيار ديوي، وڙوڙي ديوي، ڪميهي ديويه، ڪرڻي ديوي، سونل ديوي، ڏيول ديوي ۽ ٻيون ڪيتريون شامل آهن.

چارڻي عقيدي موجب پورن شڪتيءَ واري ديويءَ جا اختيار وسيع هوندا آهن، جڏهن ته نيمتي شڪتيءَ واري ديويءَ جا اختيار محدود هوندا آهن. هنگلاج ديوي ۽ آوڙ ديوي، پورن شڪتيءَ وارين ديوين ۾ ڳڻتيون وينديون آهن. راجپوتن جي ڌارڌار ونس جي ڌار ڌار ديوي آهي. هڪ لوڪ دوهي ۾ آهي:

آوڙ ٽوٺي ڀاٽيان، ڪميهي گوڙان[1]
شري وڙوڙي سسوڏيان، ڪرڻي راٺوڙان.

) آوڙ ديوي ڀاٽين تي مهربان ۽ ڪميهي گوڙان، راجپوتن  تي آهي، شري  وڙوڙي، سسوڏين جي ۽ ڪرڻي، راٺوڙن جي ديوي آهي.(

چارڻي سماج ۾ مختلف واقعن تي عورتون ستي چڙهيون آهن. جن جي به مانائتي حيثيت آهي. ساهو ستي، جومان ستي، ڏيما ستي، لڇان ستي ۽ ٻيون ستيون قابل ذڪر آهن.

 

آوڙ ديوي

هنديءَ ۾ لکيل ڪتابن ۾ سنڌ جي حاڪم ‘عمر سومري’  (پهرين) ۽ ‘آوڙ ‘جو عشقيه داستان مشهور ملي ٿو، ڪتاب ‘سوڍائڻ’ جو مصنف پروفيسر  شڪتيڏان لکي ٿو ته، وِلا جي مامڙ چارڻ جون ست ڌيئريون ٿيون، جن جا نالا آڇر (اڇا)، چاچا (چرچڪا)، هول (هُلا)، ريپلي، گهلي (گلم) ، لانگي (کوڙيار) ۽ آوڙ ( اوبٽ) ملن ٿا.

مامڙ، کوڙيار کي ڳوٺ ۾ ڇڏي باقي ڇهن ڌيئرن سان اچي سنڌ جي ‘چالڪنا’ نالي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. مامڙ جي ڌيئرن جي سندرتا سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور ٿي وئي. سنڌ جو ان وقت جو بادشاه عمر سومرو پڻ موهت ٿي پيو ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. هن طرح جا وسيلا اپنايا ۽ هيلا هلايا، پر  کيس ڪجهه نه وريو. آوڙ ۽ سندس ڀيڻن پنهنجو ست زنده رکيو. عمر جون ارڏائون ۽ آڇون انهن جو ڪجهه بگاڙي نه سگهيون، پوءِ مامڙ چارڻ، چالڪنا مان لڏي ڳوٺ رٻاريو ۾ اچي رهيو. جتي ڪجهه راين مطابق سومرا ڄڃ وٺي ويا هئا آوڙ ڄڃ ڏسي پنهنجين ڀيڻن سميت بڙ جي وڻ تي چڙهي ويئي. وڻ تان پنهنجي پُورن شڪتيءَ سان نانگ اڇليا ڄاڃين ۾ ڀاڄ پئي، پوءِ ٻاکلي نالي راجپوت کان پاڏو وٺي پاڏي جي بَک ( خيرات) ڪئي.

ان واقعي بابت هڪ ڇند ۾ چيل آهي ته:

آوڙ ٻوليا آپ ٻل ڪر، شينهن گونجاري،
تم اوسر، امي سڪت، ڪيا سمجهه ڌاري،
پهر سرونکيون تپسيا، چت بات چتاري،
قاضي راکو جيٺمل، ڪنت منت وڌاري

آوڙ جو قافلو ڳوٺ رٻاريو مان نڪري ڳوٺ کاروڙي جي ڀرسان هاڪڙي نهر تي پهتو، ڇهن ڀيڻن پاڻي مان هڪ هڪ چرون ڀري دنگ ڪيو ته هاڪڙو درياهه سُڪي ويو.

چرون ڀريا چارڻيان شڪت ٻنهان سات،
هاڪڙو سوسيو سمندر آوڙ تين مات،

(ستن ئي شڪتين (ڀيڻن) هڪڙو هڪڙو چرون پاڻي جو ڀريو، چرون ڀرڻ سان هاڪڙي جو سمندر سڪي ويو، اي آوڙ ماءُ!هاڪڙي کي سڪائڻ واري تون پاڻ آهين.)

لوڪ دوهي ۾ ست ڀيڻن جو ذڪر آهي. جڏهن ته هتي ڇهه ڀيڻون آهن. چون ٿا ته ڀرپاسي جي ماڻهن اچي ديويءَ کي منٿ  ڪئي ته سراپ سان سُڪايل ست سئو ڪوس هاڪڙو ٻيهر ڪڏهن وهندو؟  ورندي ۾ آوڙ ديويءَ چيو ته :

هاڪي واهسي هاڪڙو، نڏيان واهسي نير،
سنڌ ۾ هيڪ جنميو ٻيجو جنمسي راڻ همير.

(سنڌ ۾ هڪ همير پيدا ٿيو آهي، جڏهن ٻيو راڻو همير جنم وٺندو تڏهن هاڪڙو پنهنجي هاڪ سان وهندو، ندين ۾ پاڻي وهندو.)

پوءِ شو مندر ۾ پهچي پنهنجي عقيدي موجب پوجا پاٽ ڪئي. رات گذارڻ جي لاءِ شو مندر وٽ آوڙ جو قافلو ترسي پيو. جتي آوڙ جي ڀائر ڀاڻجي کي پيئڻ بلا ڦوڪي ويئي/ ڏنگ هڻي ويئي.پيئڻ بلا جي ڦڪيل/ ڪکيل جو رات جي اونداهي ۾ علاج ڪيو ويندو آهي. سج جي روشني مريض جي اکين تي پوڻ سان زهر بدن ۾ ڦهلجي ويندو آهي. هڪ چارڻي دوهي ۾ آهي ته آوڙ سج کي قسم ڏيندو چيو ته جيستائين آءُ پنهنجي ڀاءُ ڀاڻجي جو علاج ڪري نه اُٿاريان تيستائين نه اڀرجان:

آوڙ ڏني آڻ، لاجاڙا لوپي مت،
ڀڙ هڙ اوگو ڀاڻ، هون ڀائي اُٺاڻا ڀاڻجي.

(آوڙ سج کي قسم ڏيندي چيو ته اي لڄيارا! تون  منهنجي قسم  کي نه ٽورجان. جيستائين آءُ پنهجي ڀاءُ ڀاڻجي کي صحتمند  ڪريان پوءِ ڀلين روشني ڦهلائجان.)

ڳالهين جي گوهرن جو چوڻ آهي ته، شو مندر کان پوءِ ولهار ڍنڍ جو پتڻ ٽپڻ لاءِ پهچي آوڙ ۽ سندس ڀيڻن پاڻ ۾  صلاح ڪئي ته سومرن جي سڱ گهرڻ ساڻ پاڻ کي ٽڪو لڳي ويو. هاڻي ٽڪي سان واپس هلي ڳوٺ ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين؟ متان ڳوٺ جا ماڻهو ويڻ ڏين! باهه جو وڏو اوڙاهه تيار ڪرائي ڀائر ڀاڻجي سميت ستي چڙهيون. ممڪن آهي ته ڀاڻجي پيئڻ بلا جي زهر ۾ وفات  ڪري ويو هجي. ڇهه ڀيڻون يا ڪا هڪ ڀيڻ ڀاڻجي جو  لاش گود ۾ وٺي ستي چڙهي هجي. ٿي سگهي ٿو ته صرف هتي ڀاڻجي جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون هجن. تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب ۾ آوڙ جي ستي چڙهڻ جو ذڪر نه ٿو ملي هڪ لوڪ دوهي ۾ آوڙ  ۽ سندس ڀيڻن جو هاڪڙي کي سڪائڻ جو  ذڪر آيل آهي، ٿي سگهي ٿو ته هاڪڙي جي سڪڻ وارو واقعو پوءِ ٿيو هجي، آخر ۾ ست ئي ڀيڻون سارو ڪارج ساري گڏجي آيون هجن پوءِ هتي ستي چڙهيون هجن .

عمر ڪوٽ جي محقق ڊاڪٽر عبدالعزيز پنهنجي مقالي مارُو چارڻن جو ماڳ کاروڙو چارڻ” ۾ لکيو آهي ته” آوڙ جي داستان سان لاڳاپيل عمر سومرو پهريون نه، پر سومرا دور جي آخري حڪمران همير سومري جو ڀائٽيو عمر سومرو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته آوڙ ديوي ئي شاه لطيف جو ڪردار مارئي آهي.” جڏهن ته لوڪ روايتن ۽ چارڻي عقيدي موجب چارڻ قبيلي جا ماڻهو آوڙ کي هنگلاج جو روپ قرار ڏين ٿا.

واضع رهي ته عمر سومري ٻئي لاءِ رائچند هريجن “تاريخ ريگستان جلد پهرئين ۾ لکيو آهي ته، “عمر سومرو ٻيو 1355ع ۾ عمر ڪوٽ کي سوڍن راڻن کان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن اتي 1390ع تائين راڄ ڪيو.” رائيچند هريجن، مارئيءَ جو داستان هن عمر سومري ٻئي لاءِ ڄاڻايو آهي.

گجراتي ليکڪ زيورچند ميگهاڻيءَ لکيو آهي ته، همير سومري پاڻ آوڙ تي بري نظر رکي هئي.[2] جرمن ليکڪا جنيٽ ڪيمفرٽس به پنهنجي ڪتاب اِن دي پريز آف ڊيٿ جي صفحي نمبر 242 تي لکيو آهي ته ، آوڙ کي ڏسي همير سومرو پاڻ مٿس موهت ٿي پيوهو. هن چارڻن کان آوڙ جو سڱ گهريو هو. آوڙ ڪاوڙ ۾ جيسلمير جي ڀاٽين ڏانهن لڏي وئي هئي. پر ڀيل شيوڪ جي ذريعي همير ڏي نياپو اماڻيو ته هاڻي تنهنجي سِر جو خير نه آهي. مامڙ چارڻ ۽ آوڙ جي فرياد تي ڀاٽين ۽ سمن، همير جي حڪومت جو خاتمو آندو.

جرمن ليکڪا جنيٽ ڪيمفرٽس پنهنجي ڪتاب “ان دي پريز آف ڊيٿ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو لکيو آهي ته چارڻ عقيدي ۾ آوڙ ديويءَ کي هنگلاج ديويءَ کانپوءِ پُورن اوتار ديوي ڪري مڃيو وڃي ٿو.

چارڻن جي ماڌو يا ساواني پاڙي سان تعلق رکندڙ آوڙ ديويءَ جو جنم تاريخ جي ڪتابن ۾ 813ع ڄاڻايو ويو آهي جڏهن ته آوڙ جي جنم سال جي حوالي سان چارڻي شاعري ۾ ٻه رايا ملن ٿا. هڪ راءِ شريمان ڏانجي ڪويءَ جي آهي، جنهن جي دوهي موجب وڪرمي سنبت 888 ۾ آوڙ جو جنم ٿيو هو.

سال اٺياسي مين سُڻي اَٺو سنبت  انوپ،
آوڙ جگ ۾ اُتري شري هنگلاج سروپ.

(سنبت 888 ۾ آوڙ ديوي هن جهان ۾ هنگلاج جي اوتار طور جنم ورتو)

ٻي راءِ هڪ پراچين دوهي مان ملي ٿي، جنهن موجب سنبت 838 وڪرمي چيٽ جي نائين تاريخ  ڇنڇر جي ڏينهن مامڙ چارڻ جي گهر ۾  جنم ورتو.

آٺي اڙتيسي سنبت مڌو سد نام شني وار،
مهامايا مامڙ گهري آوڙ ليا اوتار.

(سنبت 838 وڪرمي ۾ چيٽ جي نائين تاريخ ڇنڇر ڏينهن مامر چارڻ جي گهر ۾ آوڙ ديوي اوتار ورتو.)

آوڙ ديويءَ جو تاريخي قصو مختلف ڪهاڻيون ۽ روايتون ملڻ جي ڪري ديو مالائي بڻجي وڃي ٿو. ڳوٺ چالڪنا ۾ چالڪنائو ديويءَ جي نالي سان سڏجندڙ آوڙ ديوي مخلتف هنڌن تي مختلف نالن  جهڙوڪ: نانگ نيچي”،” ناٿ يوگني”،” ڀدريائي ديوي”،” ٽمرائي ديوي سان پڪاري وڃي ٿي، اتي مندر ٺهيل آهن.

ٿرپارڪر جي شهر چيلهار جا چارڻ، آوڙ جا عقيدتمند هئا. چيلهار ۾ آوڙ جو مندر ٺهيل آهي، جتي هر سال آوڙ جو ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو. آوڙ جي عقيدت ۾ چارڻ ڪوين جا ڪيترائي ڇند، دوها ۽ گيت چيل آهن.

نائين صديءَ ۾ جنم وٺندڙ آوڙ ديويءَ جي ڪهاڻي ٻارهين صديءَ جي عمر سومري پهرئين ۽ چوڏهين صديءَ جي همير سومري سان ڪيئن ملي ٿي!؟ وڏو گمان آهي ته، ٻارهين صدي يا چوڏهين صديءَ جي آوڙ ديوي ٻي هجي! ان ڪري تاريخ جي شاگردن کي تحقيق ڪرڻ ۽ ڪنهن حتمي راءِ تي پهچڻ ۾ ڏاڍي مشڪلات ٿئي ٿي.

ڏيول ديوي

چارڻي سماجي ۾ ‘ڏيول ديوي’ جو نالو به وڏي احترام سان ورتو ويندو آهي. عقيدمند ڏيول کي هنگلاج جو روپ سروپ  قرار ڏين ٿا. چيو وڃي ته، کاروڙي چارڻ جي ڀوپت ڏان کي ڪنهن شڀ موقعي تي چارڻ جاتيءَ جي شخص ويڻ ڏنو ته: “تون چارڻ سڏائڻ جي لائق نه آهين. اوهان جي خاندان ۾ ڪا ديوي نه آهي” ويڻ ملڻ سان ڀوپت جو جيءُ جهري پيو. هن هنگلاج ڏي پنڌ شروع ڪيو. واپسيءَ ۾ هنگلاج ڏانهن پُٺ ڪرڻ جي بداران هنگلاج ڏانهن مهاڙ ڪري پوئين پير واپس ايندو هو. ٽينءَ ياترا تي هن هنگلاج جي آسٿان تي سوال ڪيو ته، “ ماتا! مون کي ماڻهو مهيڻا ڏين ٿا ته تنهنجي خاندان ۾ ديوي نه آهي.”

ڀوپت ڏان جي عرض تي آڪاش واڻي ٿي ته” تون الڪو نه ڪر، تنهنجي ٽين پيڙهيءَ ۾ ديويءَ جو واسو ٿيندو.” ان وچن تحت ماڙوَي ڳوٺ جي سنڍائچ چارڻن ۾ ڀلو جِي چارڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڏيول ديويءَ کاروڙي، چارڻ جي ٻاپن جِيءَ سان پرڻجي آئي.

ڏيول جو جنم سنبت 1535 ٻڌايو ته وڃي ٿو. ڏيول ديويءَ جا چار پٽ ڏوڌو، ورڻو، ڏيويداس، مهپو کينڌو ٿيا سندس اولاد مان اڄ به پونير کاروڙي ۾ وسن ٿا. سگهڙ ڪيسوڏان، انهن چارڻن مان آهي. ڪيسو ڏان جو ڀاءُ ديويداس ڪوي هو. ڊاڪٽر ذوالفقار ڪلهوڙي پنهنجي هڪ مضمون ۾ ديويداس جو  ذڪر ڪيو آهي . ديويداس، ڏيول ديويءَ جي مان ۾ ڇند چيو آهي، ٻين چاڻ ڪوين پنهنجي ڪوتا ۾ ڏيول جي مهانتا تي ڇند، دوها، سورٺا ۽ گيت چيا آهن، تن ۾ ڪوي جوجها ڏان، شنڪر ڏان، پروفيسر شڪتيڏان ۽ ٻيا شامل آهن. کاروڙي ۾ ڏيول جو آسٿان آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.

تاريخ جي ورقن ۾ ڏيول ديويءَ جو ڪرادر اهم ڏسجي ٿو. خاص طور”سوڍن جي صاحبي” ۾ راڻي همير جي صغير پٽ راڻي ويسي کان دوڏا پاران دوکي سان راڄ کسڻ واري واقعي ۾ راڻي ويسي جي مدد ۾ ڏيول ديويءَ اهم ڪردار ادا ڪيو. جرمن ليکڪا جنيٽ ڪيمفرٽس پنهنجي ڪتاب”اِن دي پريز آف ڊيٿ” ۾ پڻ ڏيول ديويءَ جو مانائتو ذڪر ڪيو آهي. ڏيول جي حوالي سان پروفيسر شڪتيڏان ڪوتا جا ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا:

ديول ڀليائي دَپي، سگت وڙي سوڍاڻ،
ٿانڪ کاروڙي ٿپي، پرچا جگت پرماڻ

ڀلو جي گهر جنم وٺندڙ ديول سوڍاڻ ۾ (ٻاپن جي گهر)پرڻجي آئي، جنهن جو کاروڙي ۾ ٿان ٿپيو(رکيو) ويو، جنهن جڳ کي پنهنجي شڪتي سان فيض ڏنو.[

گوئيل درجي وڙ گڻي، سهه پرمار سنسار،
ڪُلريا سوٿار ڪهي، پڻ نائي پڙهيار،
جوگو ڪاگيا جات را، ميگھوال ڌن مان،
ڏيڌر منگھڻار دت، ديول رو وردان.

]پرما جي ونس مان گوئيل، درجي (درزي) ڪُلريا سوٽهڙ، نائي پڙهيار، ميگھواڙ جاتي جوڳُو، ڪاگيا، مڱڻهارن جي جاتي مان “ڌيڌر” ڏيول جي وردان سان (راءِ گڙسي جي راڄ مان) کاروڙي آيا.

آهو ۾ ٽوٽي ورت، اوئي ۾ مُنجهه پيٺانهه،
اڻندي کاتي نا تاريو، ماءُ کاروڙي ٻيٺانهه،

]کوهه ۾ ورت ٽٽي، جيڪا اڻندي کاتي (سوٽهڙ) پاسڙ طور ٻڌي هئي، کاتي پريشان ٿي پيو ته کاروڙي ۾ رهندڙ ڏيول هُن جي مدد ڪئي.[

 

وڙوڙي شڪتي

لوڪ روايتن جي روشني ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ جي تاريخ جي حوالي سان وڙوڙي جي خاص اهميت رهي آهي. جڏهن همير سومري راءِ نوگھڻ جي ڌرم جي ڀيڻ جاسل کي سنڌ ۾ روڪي هئي. تڏهن راءِ نوگھڻ جھونا ڳڙهه مان همير سومري تي ڪاهيو هو، رستي ۾ راءِ نوگھڻ جي لشڪر جي لاءِ کاڌي جو بندوبست وڙوڙي ڪيو هو.[3] چارڻي اتهاس ۾ آهي ته وڙوڙي شڪتي جي سراپ سان سمنڊ جو پاڻي هيٺ لهي ويو ۽ ڪڇ جي رڻ پڌرو ٿيو. جتان راءِ نوگھڻ سنڌ پهتو هو.

 

ساهو ستي

چارڻن جي روهڙيا نُک سان واسطو رکندڙ”ساهو ستي” ڳوٺ هڙويچا جي ڌيئاري هئي. کاروڙي جي ڏيٿا چارڻن ۾ پرڻايل هئي، جڏهن کاروڙي جو ڳوٺ وڌي هڪ شهر جي صورت اختيار ڪري ويو، تڏهن عمرڪوٽ جي راڻي، کاروڙي جي غريب عوام تي ٽئڪس (ڍل) مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن عام لوڪ جي ڀلي لاءِ عمرڪوٽ ۾ درٻار اڳيان چارڻن ڌرڻو هنيو. مسلسل ٽي ڏينهن ڌرڻو رهيو. آخري ڏينهن تي”ساهو چارڻياڻي” راڻي خلاف احتجاج طور ستي چڙهي. عام عقيدي مطابق ساهو چکيا تي چڙهڻ کان اڳ ۾ راڻي کي سراپ ڏنو. ساهوءَ جي ستي چڙهڻ جي واقعي سان چارڻ “کاروڙو” جو ڳوٺ خالي ڪري ويا. کاروڙي جي چارڻن اُن واقعي سبب عمرڪوٽ جي سوڍن جو “اپيو”[4] وٺي کاروڙو خالي ڪيو. راڻو ٽئڪس ملڻ بدران هڪ نئين مصيبت ۾ ڦاسي ويو. عام لوڪ ۾ به راڻي جي نندا ٿيڻ لڳي. روايتن مطابق ساهو ستي جي سراپ سان سوڍن ۾ راڻپ واري گهر روڳ ۽ راڙ جو اچي واسو ٿيو، جنهن سان سوڍن جو تمام گھڻو نقصان ٿيو. آڻند سوڍي منٿ ميڙ سان مٺڙيو چارڻ جي چارڻن کي راضي ڪري آڻي سوڍن  سان”اپيو” ختم ڪرايو. آڻند سوڍي جي محنتن سان کاروڙي جا رُسي ويل چارڻ واپس ڳوٺ آيا.

ساهو ستيءَ  جو ڪرادر اڄ به لوڪ ۾ زندهه جاويد آهي ۽ نالو انتهائي احترام سان پڪاري”چارڻي ڪوتا” ۾ هن ريت ڳايو ويندو آهي:

هڙويچي سنڀڙي حيلو، ساڏ سنڀڙي ساهُو،
شيوڪان نا شرڻي راکي، تون وهلي آئي ماءُ.

]هڙ ويچار ڳوٺ جي ڄائي امان ساهو! تون پنهنجي عقيدتمندن جو سڏ سڻي، پنهنجي شيوڪن کي شرڻ ۾ رکڻ لاءِ تُرت اچ.[

جومان ستي

جومان ستي ڳوٺ هڙوي جي رهواسي، سُڌرو جِي چارڻ جي ڄائي هئي. سندس ور جو نالو امرو جِي هو. هُوءَ مٺڙيو چارڻ ۾ پرڻايل هئي. ڪوي”جوجھان ڏان” جا ڪيترائي ڇنڊ جومان ستيءَ جي مان ۾ چيل آهن. ڇاڇري جا اکيراج سوڍا ۽ ڪوي هيمڏان چارڻ وارا جومان جا عقيدتمند آهن.

جومان، ڳوٺ ڪيتاريءَ ڀرسان چارڻن جي کوهه تي رند قبيلي جي ڪجهه ماڻهن پاران قبضو ڪرڻ خلاف احتجاج طور ستي چڙهي. چارڻي ٻوليءَ ۾ اهڙي احتجاجي چکيا چڙهڻ واري عمل کي “جھمر ٻرڻ” چيو ويندو آهي. چون ٿا ته جومان ستي چڙهڻ کان اڳ ۾ قبضاگير خلاف سراپ ڏنو ته، تنهنجي پيڙهي ناس ٿي ويندي ۽ هي کوهه چارڻن جو هلندو رهندو. اڄ به چارڻن جو اهو کوهه آباد آهي ۽ ڪيترا ماڻهو پاڻي پي اڃ اجھائين ٿا.

جومان جي ستي چڙهڻ وارو زمانو ٽالپرن جي دور جي پڄاڻي وارو آهي. جومان جي ستي چڙهڻ واري جاءِ تي يادگار ٺهيل آهي، جنهن کي”ستيءَ جو پاڙيو” چئبو آهي. جتي هر سال چارڻ ۽ ٻيا عقيدتمند گڏ ٿي مارچ ۾ ميلو لڳائيندا آهن.

ڏيمان ستي

“ڏيمان ستيءَ” جي به وڏي ناماچاري رهي آهي. گُوڙهي جي راڻي باکرا جي درٻار ۾ مکيه حيثيت رکندڙ سميجي پنهنجي جاتيءَ جي هڪ غريب ڳوٺاڻي کان سڱ گھريو. غريب سميجي جي انڪار ڪرڻ تي هن وڃي راڻي باکرجِي سان ڳالهه ڪئي ۽ راڻو ڏمرجي اُٿيو ته اهو سميجو ڪير ٿيندو آهي، جو منهنجي درٻار جي سميجي کي انڪار ٿو ڪري. غريب سميجو اڳيان، راڻو پٺيان...غريب سميجو، ڀاٽي راجپوتن سميت مختلف قبيلن وٽ پناهه لاءِ ويو، پر ڪٿي به کيس پناهه نه ملي، آخر ۾ جھرڪلي جي چارڻ وٽ پهتو، جتي “ڏيمان چارڻياڻي” هن کي پناهه ڏني. جڏهڻ راڻو جھرڪلي پهتو ته”ڏيمان” پناهه ۾ آيل سميجو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. راڻي چارڻن کي ڌمڪيون ڏنيون، پرچارڻن وٽ نه کي نوَ ڪوٽ، آڏا رهيا. آخر ۾ ڏيمان، راڻي جي خلاف “جھمر ٻرڻ” جو اعلان ڪيو. ستي چڙهندي، ڏيمان راڻي کي پاراتو ڏنو ته:”اي راڻا ! منهنجي ٻارهين ڏينهن تي خيراتي ماني ٿيندي ۽ تنهنجي تيرهين ڏينهن تي”چون ٿا ته ائين ئي ٿيو. ڏيمان جي ستي چڙهڻ مهل سندس پوٽي لڇان به مچ ۾ ڪاهي پئي ۽ هوءَ به ستي چڙهي وئي. اڄ به لوڪ جي ڪٿائن ۾ ڏيما ۽ لڇان امر آهن. واهر ۾ آيل هڪ سميجي عثمان جي گھوڙيءَ کي داڻا ڏنا ويا ته عثمان گھوڙي سان مخاطب ٿي چيو ته: “ گھوڙي! چارڻن جي گھر جا مفت  ۾ مليل داڻا نه کائجانءِ !” چون ٿا ته: گھوڙي مفت ۾ مليل چارڻ جا داڻا نه کاڌا. پوءِ هن ناڻي جا دانا خريد ڪري گھوڙيءَ کي کارايا. جھرڪلي جي چارڻ ڪوي”انوپ ڏان” جي والد ڪوي هيمڏان، 120رنگ جي دوهن ۾ 60هين دوهي ۾ عثمان کي رنگ(جس) ڏيندي چيو آهي ته:

سڙسٽ رنگ سميجا، اُس نه چري اَن،
اکر رهيا عثمان را، ڏيمان ٻڙي اُڻ ڏن.

]60 رنگ (شابسون) سميجي کي، جنهن جي منع ڪرڻ تي گھوڙيءَ چارڻن جي گھر جو داڻو نه کاڌو. عثمان جا هي اکر سچا ٿيا. ان ڏينهن ڏيمان ستي چڙهي.[

انهيءَ واقعي تي چارڻن، گوڙهي جي راڻي باکر جي 80 ڳوٺن” جو اپيو” ورتو(بائيڪاٽ ڪيو). اڄ به آسپاس جا چارڻ انهن ڳوٺن جو پاڻي نه پيئندا آهن. هڪ لوڪ دوهي ۾ آهي ته:

مارڻ گيو تو مار، چارڻ وهنتا چونٿيا،
اي واتان اوناڙ، ڀلي نهين ڪي ٿي باکرا.

] تون مارڻ ڪنهن کي نڪتو هئين، پر هلندي چارڻن کي چيڀاٽيو. اي باکرجي ! اهي ڳالهيون بيوقوفن جون آهن، تو ڀلي نه ڪئي آهي.[

چارڻن جا چارڻ موتيسرا

موتيسرا، چارڻن جا چارڻ آهن، جن جي ذمي چارڻن کي پنهنجو فرض ياد ڏيارڻ، چارڻن جي تاريخ لکڻ ۽ سنڀالي رکڻ، چارڻي سماج ۾ وقت به وقت سڌاري آڻڻ وغيره جا ڪم شامل آهن.

چون ٿا ته سڌاجيءَ جو پٽ ماڻڪ راءِ، انجار جي ڀرسان 600 ڳوٺن جو ڌڻي ۽ جھالار جي ٺاڪر سڌرائو سولنڪيءَ جون ڀاڻيجو هو. ماڻڪ راءِ جي چترائيءَ جي راڄن ۾ هاڪ ٻڌي”آوڙ ديوي” هڪ ڀيري هن کي پاڻ وٽ گھرايو. پرک وٺڻ کان پوءِ آوڙ ديويءَ ماڻڪ کي راءِ کي چيو ته، تون پنهنجي صحبت جا ڏاها دوست وٺي  اچ. ديويءَ جي چوڻ تي  ماڻڪ راءِ ويو ۽ ڏاها راجپوت دوست وٺي آيو. آوڙ ديويءَ ماڻڪ راءِ سميت اٺن ڄڻن، هر هڪ: (1) ٻالڻ، (2) کيلا، (3) پڙهيار، (4) چاندڻ، (5) وجيملان، (6) منگڙيا ۽ (7) راميهيا-کي موتين جون ملهائون پارائي چيو ته، اوهين هاڻ راجپوت نه، پر چارڻن جا چارڻ آهيو. اوهان کي، چارڻن کي پنهنجو فرض ياد ڏيارڻو آهي. چارڻ جاتيءَ ۾ سڌارا آڻڻا آهن. آءُ اوهان لاءِ دعا گھُران ٿي، اوهان انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب رهندا.

انهيءَ ڏينهن کان وٺي چارڻن جي موتيسرا ڪڙم جو بنياد پيو. هڪ لوڪ دوهي ۾ ماڻڪ راءِ ۽ سندس ساٿين جو ذڪر هن ريت ڪيو ويو آهي.

ٻالڻ، کيلا، وجيملان منگڙيا،  پڙهيار،
رامهيا ني چاندڻ، مڪواڻا سردار

انهن جو  اولاد، ان وقت کان وٺي پنهنجون ذميواريون نڀائيندو پيو اچي. موتيسرا  چارڻن جي ڳلي ۾ موتين جا مالها يا سِر تي موتيءَ جي نشاني اڄ به ٻڌل هوندي آهي.

___

[1]  آوڙ ٽوٺي ڀاٽيان، گانئي گوڙان

[2]  Asian folkore Studies, volume 59,200:p42

 وڙوڙي جي عقيدت ۾ آکا ٽيج ملهائي ويندي آهي. [3]

[4]  اپيو: بنيادي طور سماجي بائيڪاٽ جو نالو آهي، جنهن ۾ ان گهر/ڪڙم/قبيلي جو کائڻ پيئڻ بند ڪيو ويندو  آهي.



باب ٽيون


چارڻ ڪوِين جي شاعري

(مختصر جائزو)

 ٿرپارڪر جي ڌرتي،  تاريخ اعتبار کان قديم زماني کان وٺي عظيم ثقافتي ورثي جي مالڪ رهي آهي. چارڻن جي چتر ٻولي، راجپوتن جي ريتن رسمن ۽ آدي واسين جي رمت(ناچ) ۾ رَتل هتان جو منفرد ماحول، سماج، رنگين نظارا، راڳ، موسيقي ۽ ڪوتا جا مڌر آلاپ، چانڊوڪيءَ جهڙو حسن رکن ٿا. ان سڄي پسمنظر بابت هزارين لوڪ دوها ۽ گيت جُڙي، صدين جي سونهن بڻيا آهن. پرڀات جو ڳائجندڙ گيت”لاکو ڦلاڻي “ ٻه پهر ڏينهن چڙهڻ تي ڳائجندڙ “واگهو ڪوٽڙيوُ، ٽپهريءَ جو آلاپجندڙ گيت “ سومرو ۽ رڻمل” ۽ رات جي مڌر گيتن: “ميهان جل ڄايو “۽ “ راڻي مهندري “کان وٺي ‘جهالريي’ ناگوڌر ۽ چرميءَ جي ٻولن جون ڪٿائون پنهنجو مٽ پاڻ آهن، جن تي هيٺلن هرڻن جيان هرِکجي، گلابي بدن وارين گورين سدائين ائين پئي چاهيو آهي ته :

ماءِ، ماڻسيا مِلائي، جُوني ڍاٽ را!

(اي منهنجي جيجل!مون کي جهوني ڍٽ جو ڍاٽي وَرُ ڏجانءِ.)

 اهڙيءَ ريت لوڪ گيتن، ڪامڻين جي هار سينگار، سنگيت جي سُرن، پريم ڀاونائن ۽ واريءَ جي ڀِٽن جو پسمنظر رکندڙ هن ٿر کي “نندن بَن” جهڙو سرڳ_ باغ بڻايو آهي. تڏهن ته ڪنهن ڪويءَ چيو آهي ته:

آؤ نانگوڌر سومرا، ڍاٽ تڻي ڌَوري،
 رهو اجوڻي راتڙي، سَيڻان ري ٿوري!

(اي نانگوڌر جا سومرا! ڍاٽ جي دڙن ڏي اچو. اڄوڪي رات سڄڻن  جي ٿوري سان اسان وٽ رهي پئو.)

ان ئي پسمنظر ۾ ٿر ۾ ان ڪهاوت جنم ورتو آهي ته:

 ناوڻ ڌووڻ ناگران، آسڻ ٻيسڻ آدُوتان،
چتر ٻولي چارڻان، ريتي رجپوتان!

جهڙيءَ ريت صفائي سٿرائي رکڻ، وڻجارن (واپارين) جو ۽ آسڻ تي ويهڻ انگ ڀڀوتين/ آڌوتين جو ڪم آهي. اهڙيءَ ريت ڏاهپ ۽ فهم واري ٻولي چارڻن جِي ۽ ريت نڀائڻ راجپوتن جو وڙ آهي.)

چارڻن جي انهيءَ چتر ٻوليءَ ۾، ٿر جي تاريخ تهذيب ۽ تمدن جو عڪس سمايو پيو آهي. ريگستاني پٽيءَ جي تاريخ لکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ، چارڻن جي شاعري وڏو ذريعو ۽ ماخذ آهي. اُن شاعريءَ ۾ نه رڳو اُن دور جون حالتن بيان ٿيل آهن، پر انساني سڀاءُ موجب مرد ۽ عورت جي حُسن ۽ پيار جو اظهار به ملي ٿو. چارڻن جو ڪوبه ٻول تصوير ڪشيءَ جي جمال کان وانجهيل نه هوندو آهي. چارڻن، زمان ۽ مڪان جا مامرا، تصوف ۽ ويدانت جا ڳُوڙها نڪتا، انساني آزاديءَ جا جذبا، تهذيب ۽ تاريخ جا نازڪ ۽ حسين رُخ، بيحد حسناڪيءَ سان بيان ڪيان آهن. اهڙن شاعرن جي شاهڪار تخليق ۾ اعلي درجي جو آدرشي سنيهو سمايل آهي ۽ اهڙي شاعري مستقل قدرن جي عظمت سان ڀرپور آهي. ان جي اظهار جو نمونو ڪجهه هن ريت آهي:

سادُولو اَپي سُومو، ٻِيجو وکڻ ڪرنت،
هاڪ ٻڻياري ڪم سَهي، گهن گاجي مرنت!

     (ايسرداس)

(شينهن پاڻ ئي سورمو آهي، جيڪو مقابلي وقت ٻئي کي ليکيندو ئي ناهي. اهو ٻئي جي للڪار ڪيئن برداشت ڪري سگهي ٿو؟ جيڪو ڪڪرن جي گهن گرج تي مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي!)

چند تون ڪڻ کانڏيو، مين کانڏي ڪرتار،
پونم پُورو آوسَي، هون اوتي اوتار .

    (ڪلول)

(چنڊ توکي ڪنهن گهايو آهي، جو اڌ ٿيو پيو آهين، مون کي ته ڪرتار ٽوڙيو آهي. تون ته پونم رات ۾ مڪمل ٿيندين، پر آءُ اڀاڳڻ (شايد) ڪنهن ايندڙ جنم ۾ ئي مڪمل ٿينديس.)

سروَر لانَٻي سنچري، پڻگهَٽ پدمڻيان،
ڪَرَ گُڻوان ڪُماريان، وَڀو  سوڀاوڻيان!

   (بانڪيداس)

(امرڪوٽ جون پدمڻيون لانٻي تلاءِ جي پڻگهٽ تي پاڻي ڀرڻ لاءِ اچن پيون گُڻوان ڪمارين جا هٿَ ۽ ويس ڪيڏا نه سوڀياوان آهن.)

باڀي! ديور نيند بس، ٻولِيجَي نه اُتال،
جَوتان گهاوان چونڪسَي، جَي سُڻي تُرتبال.

    (سورج مل)

(ڀاڀي! تنهنجي ساجن (منهنجي ڏير) جي اک لڳي ويئي آهي، وڏي آواز نه ڳالهاءِ، هو جنگ تان گهائجي موٽيو آهي، هن جي ننڊ ڦِٽي پئي ۽ جنگ جي طبل جو آواز سندس ڪَن تي پيو ته گهاوَن جي پرواهه نه ڪندي اُٿي پوندو. کيس ننڊ ڪرڻ ڏي.)

رَي بندا، چيت منکان چيتن رو جمانو آويو!
اِڻ ماٽي مين سوَ سوَ پيڙهي، مر گئي بوکي  پياسي،
ڀاڳ ڀروسو رئيو بابلا، پريت ڪِري آڪاسي،
ڪڏي ته پڙ گيو ڪال اڀاگو گڻ گڻ ڪاڍيو ڏور
ڪڏي ته ٺاڪر لاڏو لاڏيو، ڪڏي لاٽ گيو چور
ڪڏي بيري داو پڪڙ گيو ڪڏي آئي گئي  رولي،
ڪترا ڏن تڪ صبر ڪريلا، ماٽي هنس ڪر ٻولي..

   (ريوَت ڏان چارڻ جي ڪوتا)

( اي بندا احساس پيدا ڪر، انسان جي پاڻ سڃاڻڻ جو دور اچي ويو آهي. هن مٽيءَ ۾ ڪيئي پيڙهيون بک ۽ اُڃ ۾ مري ويون. (تقدير تي ڀروسو ڪندي ڪڏهن آڪاش رسي ٿو، ڏڪار جا ڏينهن آڱرين تي ڳڻي ڪاٽيا آهن، ڪڏهن جاگيردار اُن کڻي وڃي ٿو، ڪڏهن چور ڦري وڃن ٿا. ڪڏهن دشمن جي گهيري  ۾ آيا آهيون، ڪڏهن ٻيءَ ڪنهن مشڪلات روليو آهي، مٽي مسڪرائيندو پڇي ٿي ته ائين ڪيترا ڏينهن سور سهندي خاموش رهندين؟)

هيءَ لوڪ ڪوتا ڪيڏي نه ترقي پسند سوچ جو اظهار آهي، شاعر جي فطر ت ۾ آهي، ته مظلومن جو ساٿ ڏي. ڀٽائيءَ مظلومن جو ساٿ ڏيندي چيو  هو ته:

 متو آهين مڇ، ٿُلها ٿو ٿونها هڻين،
تو جا ڀانئين اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا  ڏينهنڙا،

 “آدرشي پيغام” ان کان وڌيڪ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ هي عالم انسانيءَ جو بي بدل فڪر آهي. هر سٽ ۾ تخليقي حسن جي وسعت، هم گيريءَ ۽ جادوگريءَ سان ٽمٽار سرمايو سمايل آهي، جنهن ۾ ويررس ۽ شرنگار رس کان وٺي ادڀت ( اچرج) رس ۽ ٻيڀتس (ڪراهت) رس تائين نوَ (9) ئي رس موجود آهن. ساڳئي وقت هن شاعري ۾ ٻوليءَ جي ويجنا به قائم آهي. هي شاعري پڙهڻ سان انساني وجود کي عجيب سُڪون ملي ٿو. رڻ گجي راڙو ٿئي يا امن جي ڪبوترن جون اُڏارون هجن، ٻنهي رخن ۾ چارڻن دلين کي تراشيو آهي، چارڻن جي شاعريءَ ۾ سهپ، ايثار، محبت ، ڀائپي، اتحاد، امن، ۽ حب الوطنيءَ جا عظيم قدر موجود آهن. هن ڪوتا ۾ مذهبي تعصب ۽ نظرياتي ڪٽرپڻي جو ذرو به نه ٿو ملي، ان صورتگريءَ کي داد ڏيڻ لاءِ  دل بي چين  ٿيو پوي، چارڻ شاعرن کي ستارا ڪڏهن پوڙها نه لڳا آهن، نه ڪڏهن چارڻ ڪوين چنڊ کي رڻ کيتر ۾ لاوارث جوڌي جي پيل کوپڙيءَ وانگر ڏٺو آهي، پوهه جي ٿڌيءَ رات ۾ چارڻ شاعرن ڪوتائون  ۽ دوها سرجي ريگستان جي روح ۾ محبت جا شعلا ٻاريا آهن. جڏهن سندرتا چڳن مان چيڙه ڪڍي، پريتم لاءِ تيل ڦليل ڪيو آهي، تڏهن چارڻن جي ڪوتا سونهن جي ساکي بڻي آهي. چارڻن چيٽ جي چاندوڪيءَ ۾ چڪور جو پرواز بيان ڪري زندگيءَ جي اٿاهه حسن جو تصور ڏنو آهي. ڪارونجهر جي ڪور تي ڪڪرن جي ڇانءُ ۾ مورن جو ناچ شاعريءَ جي حسين سٽن ۾ سمايو آهي.

چارڻن جي ڪوتا جي هر سِٽ، وقت جي ڪاري ٻاٽ ۾ چڻنگ وانگر چمڪي رهي آهي. سندن هر سٽ چٽي ۽ بيخوف آهي. هر دور جي چارڻ جي شاعريءَ ۾ فڪري ارتقا، وسيع مطالعي ۽ مشاهدي سان گڏ تخيل ۽ تصور  ۾ جذبن ۽ امنگن جي اوچائي نظر اچي ٿي چارڻ پنهنجي ثقافت، پنهنجين روايتن ۽ قدرن جا ترجمان رهيا آهن. چارڻن جي شاعريءَ ۾ انساني زندگيءَ جون چار اهم سڃاڻپون: عقل، آزادي، پيار ۽ ڪهلَ واضع نموني سان چٽيل آهن. انساني معاشري ۽ نفسيات بابت وسيع ۽ گهرا ويچار ڏنل آهن. ناٿ پنٿي، بجراڻي سڌن جي اثر سان گڏ ڀڳتي تحريڪ پريم مارڳ ۽ ريتي ڪال جي سوچ به چارڻي ادب تي پنهنجو اثر ڇڏيو آهي. چارڻن ۾ مجذوب شاعر به ٿيا آهن. چارڻ شاعر ڪڏهن به نئين دور کان لاتعلق نه رهيا آهن هنن ادب جا اڀرندڙ لاڙا سمجهي، شاعريءَ جا نوان محرڪ هٿ ڪيا آهن. چارڻن جي شاعري، ڪلاسيڪل سان گڏ جديد فڪر سان هن آهنگ آهي.ريگستاني لوڪ ادب تي ڪم ڪندڙ زيور چند ميگهاڻيءَ پنهنجي ڪتاب “ چارڻ ۽ چارڻي ساهتيه” ۾ چارڻي ادب جو اڀياس ڪندي، چارڻن جي شاعريءَ کي موضوع جي لحاظ کان هن ريت ورهايو آهي:

  1. ديوي ۽ ديوتائن جي تعريف ۾ چيل شعر (ستوان)
  2. اهي شعر جيڪي سورمن، بزرگن، ۽ سرپرستن جي شان ۾ چيا وڃن (برداولو)
  3. جنگ ۾ سورمن جي سورهيائي تي چيل (ويراڻو وراڻو)
  4. راجا يا راجا جي ماڻهن طرفان ڪنهن کي بدگماني ڏيکارڻ يا تڙي ڏيڻ وارا شعر (اپلامڀو)
  5. سورمن تي دغا سان ٺٺولين وارا شعر تخليق ڪرڻ (ٿڪاڊي)
  6. پنهنجن پيارن، سرپرستن ۽ دوستن جي مرتيئي تي چيل شعر (مرثيو يا ورلاپ ڪوتا)
  7. فطري حسناڪي، موسمياتي خوبصورتي، ۽ تهوارن تي لکيل شعر
  8. هٿيارن کي بيان ڪرڻ وارا شعر
  9. شينهن گهوڙي، اٺ، هاٿي ۽ مينهن وغيره جي اهميت/واکاڻ ۾ چيل شعر
  • نصيحت، بهادريءَ ۽ هوشياريءَ جي باري ۾ چيل شعر
  • ڏڪار، ڏک ۽ تڪليف جي حالت بيان ڪرڻ وارا شعر (ڏولاوا ڪوتا)

زيور چند جي هن جائزي جي آڌار تي چارڻي شاعريءَ جو نئين سر اڀياس ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪيترائي نوان رخ، رنگ ۽ موضوع چارڻي ادب ۾ ملي سگهن ٿا.

چارڻي شاعريءَ جي موضوعن ۾ مالڪ حقيقيءَ جي ساراهه پڻ ملي ٿي. ان سلسلي ۾ ڪوي چمن چارڻ، ڪوي جمن چارڻ، ڪوي ايسر داس، ڪوي جو جهاڏان ۽ ٻين جي ڪوتا قابل ذڪر آهي.

 

چارڻن جي شاعريءَ جي ٻولي

سمنگ چارڻ، جمن چارڻ حسين چارڻ، سهراب چارڻ، سليمان چارن ۽ صدرالدين چارڻ جي شاعريءَ جي ٻولي نج سنڌيءَ سان ملندڙ جلندڙ آهي، جڏهن ته ريگستاني پٽيءَ جي شاعرن جي شاعري، ڍاٽڪي، مارواڙي، ميواتي، مالوي ، ڊونڊاري ۽ پارڪري لهجن ۾ موجود آهي، ۽ ان تي هندي پنگل ۽ راجسٿاني ڊنگل جو چٽو اثر آهي.

هيٺ، چارڻڻ جي ڪوتا کي مزاحمت، بغاوت ، رزم، رومان، سبق آميزي وغيره جي موضوعن ۾ ورهائي، تفصيل سان بيان ڪريان ٿو.

 

چارڻن جي مزاحمتي ڪوتا

چارڻن جي ادب ۾ انقلابي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جو اهم حصو شامل آهي، چارڻ ڪوين ننڍي کنڊ جا ڪيترائي جنگي داستان “رزميه شاعري” ۾ سرجي مزاحمتي شاعريءَ جي تاريخ ۾ پنهنجي ڏات جي امٽ ڇاپ ڇڏي آهي لفظ “رزم” جي معنيٰ “جنگ جي ميدان جو نقشو چٽڻ” آهي. چارڻن رزميه شاعريءَ ۾ نه صرف جنگ جا چٽا نقشا چٽيا آهن، پر خود جنگ جي ميدان ۾ تلوارون کڻي لٿا آهن. چارڻن جي مزاحمتي ۽ رزميه شاعريءَ جو ايترو اثر رهيو آهي. جو نوجوان ليکڪ ۽ علم  بشريات جي ڄاڻو، ذوالفقار ڪلهوڙي، پنهنجي هڪ انگريزي ۾ لکيل  مضمون[1] ۾  لکيو آهي ته ڪنهن به بهادر لاءِ اهو ممڪن ئي ڪو نه هو ته چارڻ شاعر جي تعريفي نظم کان سواءِ هُو پنهنجو ڌاڪو ڄمائي سگهي.” هي چارڻن جي شاعري جي ڪماليت آهي ته ويڙهه جي ميدان ۾ هاريندڙ کي به هيرو ڪري پيش ڪيو آهي.

 چارڻ ڪوين، انساني آزاديءَ جي حسن، صداقت ۽ نيڪيءَ جي حمايت ۾ جان جي بازي لڳائي، ڪوي ۽ ڪلاڪار لاءِ سماج ۾ حقيقي مان  مرتبو حاصل ڪيو. تاريخ ۾ اهڙا چارڻ ڪوي پيدا ٿيا آهن، جن انسان ذات جي پيڙا رڳ رڳ ۾ محسوس ڪندي، حاڪمن جون  آڇيل جاگيرون ۽ انعام “ٿوکٽا” ڪري ڇڏيا. هنن عام ماڻهوءَ جي ڏکن جي صليب سان ڳل لائي گونگن ڳوڙهن کي گيتن جي گونج ڏني. انڌير ۽ انياءُ جا اڀماني ڳاٽ اڏائڻ لاءِ عام ماڻهوءَ ۾ اتساهه پيدا ڪيو. هو ڌرتي ديول جا پروهت چارڻ ڪوي هئا، جن جي زبان تي پهرو لڳو، قلم تي بندش پئي. پر هنن پنهنجي شاعري کي ڌڪار جي نعري ۾ سوڙهي ڪرڻ بدران پنهنجي مٽيءَ ۽ ماڻهن سان پيار ۾ وسعت ڏيئي ۽ فن تي مهارت حاصل ڪري، آرٽ کي اوليت ڏني.

اچو ته چارڻن جي مزاحمتي ڪوتا جي دوهن جو لطف وٺون:

ڀاگي مت ري صائبا، تين ڀاگان “مو”[2] کوڙ [3]
ساهيڙين هاسا ڪرين ڏي تاڙي مُک موڙ

هڪ جنگجُو جي زال جنگ جي ميدان ڏانهن ويندڙ پنهنجي مڙس کي چوي ٿي ته “اي منهنجا صاحب! تون (جنگ جي ميدان مان) واپس ڀڄي نه اچجانءِ، تنهنجي ڀڄڻ سان منهنجو ڪنڌ هيٺ ٿي ويندو. منهنجون ساهيڙيون مون کي طعنا ڏئي تاڙيون وڄائي کلنديون)

ڪنتا رڻ جاءِ ڪي، ڀاگي ني مت آءِ،
ڀاگيو تو مون بڻي ٻهنڙي، تو مارو ڀاءِ.

(منهنجا بالم! رڻ کيتر ۾ وڃي واپس ڀڄي نه اچجان، جيڪڏهن تون ڀڄي آئين ته تون منهنجو ڀاءُ، آءُ تنهنجي ڀيڻ جي برابر آهيان)[4]

ڍول وجتا اي سکي! پتي آيو مهه ليڻ،
واگا ڍول مين چلي، پتي ڪو بدلو ڏيڻ.

(اي سکي! منهنجو ور شاديءَ وقت دهل وڄائي (ريت رسم موجب) مون کي ڪوٺڻ آيو هو. اڄ آءُ رڻ کيتر ۾ ويرگتي پائيندڙ پنهنجي ور جو مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ دهل جي وڄت ۾ وڃي رهي آهيان ۽ سندس مڙهه وصول ڪري ستي چڙهندس.)

ٻالا چالا ۾ بسارئي، مُو ٿڻ[5] جهر سماڻ
ريت مرتا ڌيل رکي، اُٿ ٿميو گهمساڻ

(اي منهنجا پٽ پنهنجيءَ روايت کي نه وسار، پنهنجو ٻالپڻ ياد ڪر، منهنجي ٿڃ (تو لاءِ اڄ) وِههَ برابر آهي، اُٿ گهمسان جي جنگ شروع ٿي چڪي آهي. تون مرڻ مارڻ جي ريت ۾ دير نه ڪر.)

نه پڙوس[6] ڪانئر ڪران، هيلي واس سون آئي
ٻيلهاڙي اُن ڏيس ري، ماٿا مُول بڪائي

(هڪ بهادر عورت پنهنجي سهيليءَ کي چوي ٿي ته، اي سکي! مون کي ڪانئرن جو پاڙو به سٺو نه ٿو لڳي،آءُ انهيءَ ديس تان ٻلهار وڃان، جتي جا متوالا پنهنجي سرن جو سودو ڪن ٿا.)

 باڀي هون ڏيوڙي کڙي، ليوان کيوٽ روڪ،
ٿهين پڌارو پاوڻان، نيڙي جهال بندوڪ.

(اي ڀاڀي! اوٽي (گهر جي اڱڻ) جي پيڊل تي بيٺي آهيان ته جيئن دشمن کي روڪي سگهان، تون مورچي وٽ هلي بندوق سنڀالي بيهه)

گهوڙو چڙهڻو سيکيو، باڀي ڪسڙي ڪام،
تنٻ سڻي ٻيجي پار رو، ليجي هاٿ لگام.

(اي ڀاڀي! گهوڙي سواري ڪهڙي ڏينهن جي لاءِ سکي هئي؟ ويري جي پار کان (دشمن جا) نغارا ٻڌي، گهوڙي جو لغام هٿ ۾ وٺڻ گهرجي)

پنڇي هيڪ سنديسرو،[7] بلبل ني ڪهيا هو،
جنمال ٿال نه باجيا، آج ڍول بجيا هو.

(اي پنڇي (پکي) منهنجو هي نياپو بابي کي پهچائجان ته منهنجي جنم ڏينهن تي ٿالهي نه وڳي هئي (راجپوتن ۽ ٻين قبيلن ۾ رواج آهي ته جڏهن ڇوڪرو ڄمندو آهي ته ٿالهي وڄائي ويندي آهي پر ڇوڪريءَ جي جنم تي نه وڄندي آهي)  پر آءُ اڄ ور جي ويرگتي پائڻ کان پوءِ سَتي[8] ٿيڻ لاءِ وڃي  رهي آهيان، ته منهنجي اڳيان دهل وڄي رهيا آهن.)

ويرا ليوڻ آويو، پيو رڻ هوا اوهير،
اب تو بلَوا جاون سيان، اب نهين آؤ پير

(منهنجو ڀاءُ مون کي وٺڻ آيو آهي ، پر منهنجو  ور ميدان جنگ ڏانهن وڃي رهيو آهي، منهنجون جيڏيون! آءُ ته هاڻي ستي چڙهڻ لاءِ ويندس، مائٽن ڪٿي ٿي اچي سگهان)

اري نيڙو پرين ونڪڙو سائيڌڻ وچن سڌ،
هالو نڻڌل هيڙوان هالان ٻالڪ اجيا ڏڌ

(دشمن ويجهو آهي، پرين اڙٻنگ آهي، آئون وچن پاليندڙ (پتي ورتا ناري) آهيان، (پتي جي ويرگتي پائڻ تي آئون ستي چڙهندس) اي منهنجي نڻڌل! هل هلي (هن وقت ئي) منهنجي ننڍڙي ٻالڪ کي ٻڪري جي کير تي هيرايان

 سنگ مر جاوسين ناريان، نر مر جاوسين رڻوٽ،
سوني گهر ٻالڪ روئي، او گهر جاڻجو ري رجوٽ.

(مردن جي رڻ کيتر ۾ ويرگتي پائڻ سان ناريون گڏ ستي چڙهنديون، سڃي گهر ۾ ٻالڪ روئي اهو گهر (پڪ) ڄاڻجو (ڪنهن) راجپوت جو آهي)

اهڙا ڪيترائي مزاحمتي، جنگي ۽ وطن تان قربان ٿيڻ واري سوچ جا دوها ملن ٿا، جيڪي جونجهارن جي جنگ ۽ سندسن مٽيءَ سان محبت جي ڪارنامن سان معمور آهن. “ڀاڱي” مت ري صائٻا” واري روايت کي سنڌ جي آفاقي شاعر شاه لطيف هيئن بيان ڪيو آهي:

ڀڳو آءُ نه چوان، ماريو ته وِسهان،
ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پُٺ ۾!

هي سڀ دوها عورت جي واتان چيا ويا آهن، چارڻي ادب ۾ عورت جو ڪردار هميشه عظيم ڏيکاريو ويو آهي.

 

انگريزن خلاف پارڪرين جي بغاوت  ۽ چارڻن جي رزميه ڪوتا

ٿرپارڪر ۾ رزميه شاعريءَ جي حوالي سان “ننگر جو معرڪو اهم رهيو آهي. چارڻ ڪوين، پارڪرين جي بغاوت کي صدين جو ساز ۽ آواز بنائي گونجايو آهي. ڪارونجهر جي ڪور لاءِ مري جي ماهو ٿيا، تن جا ڪنڌ نه صرف تاريخ ۾ تڙڦي رهيا آهن، پر وطن جي سورمن لاءِ مقدس رت ڦڙن جي مهانتا سان نئين ڏينهن نئون ويساهه اُڻي رهيا آهن. چارڻ ڪوين ڪارونجهر جي ڪوپن جي واکاڻ جون ڳالهيون ڪندي نيڻن مان نير وهائي جو جهار سوڍن ۽ ڪولهين کي سرخ سلام پيش ڪيو آهي.

 ٿر جي ناليواري تاريخدان منگهارام اوجها، پنهنجي ڪتاب پراڻو پارڪر ۽ ليکڪ پارومل پارڪريءَ پنهنجي ڪتاب “لوڪ ساگر جا موتي” ۾ چارڻ ڪوين جا  ڪجهه دوها ڏنا آهن، پر ٿر جي ناليواري ڪهاڻيڪار حاجي محمد ڪنڀر، هفتيوار مئگزين “ڪاوش دنيا” ۾ مخلتف قسمن ۾ چارڻن  جي شاعريءَ جي آڌار، پارڪر جي بغاوت تي ڀرپور مضمون لکيو آهي.پر ان باوجود پارڪر جي رزميه شاعريءَ جي، تخليقڪار چارڻ ڪوين جي نالن تي پردو پيل رهيو آهي. لوڪ روايتن مطابق چارڻ ڪوين ۾ ستيڏان ۽ نارائڻ ڏان جا نالا ملن ٿا پر اڃان انهن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

سنڌ جي پهاڙي سلسلي ۾ ڪارونجهر جي ٽڪري، پٿرن جي وجود کان وڌيڪ اڏولتا جو اهڃاڻ، جستجو ۽ جدوجهد جي علامت رهي آهي، جنهن کي پارڪر جي سوڍن ۽ ڪولهين پنهنجي رت سان رنگي امر ڪري ڇڏيو آهي. تاريخ جي ورقن توڙي لوڪ ڪٿائن ۾ سوڍن جي صاحبيءَ دوران ڪارونجهر جي ڪونڌرن: امر راڻي ڪرڻجي، امر لاڌو سنگهه ، امر اُڌيسنگهه، امر روپلي ڪولهي، امر ڏجي ڪولهيءَ ۽ امر مَڏي ڪولهيءَ جا نالا مٿانهان نظر اچن ٿا. امر راڻي ڪرڻجي ۽ امر روپلي ڪولهيءَ جو نالو وٺڻ سان چندن گڍ جي چاوي ٿيڻ جي پوري تحريڪ اکين اڳيان ڦري اچي ٿي. تصور جي اکين آڏو سرڪش سوڍن جي تلوارن جو تجلو اُڀري اچي ٿو. ڪولهين جي ڪاترن جا سوساٽ ڪنن ۾ گونجن ٿا. پارڪر جي پٽ کان هزارين ڪلوميٽر پري دفن ٿيل گوري تروٽ ۽ سندس ساٿين جون هڏيون، قبرن ۾ ڪڙڪاٽ ڪندي ٻڌجن ٿيون.

انگريز سامراج ننڍي کنڊ تي غلاميءَ جا ڄار وڇائيندي، 1843ع ۾ سنڌ جو وڏو حصو مياڻيءَ ۽ دٻي جي معرڪن ۾، ميرن کي شڪست ڏيئي، کسي ورتو، پر سنڌ جي ڏکڻ ۽ اوڀر ڪنڊ تي عمر ڪوٽ ۽ پارڪر جي  پٽ کي مڪمل طور هٿ وس ڪرڻ لاءِ کين 16 سال رُڪ جا چڻا چٻڻا پيا. عمرڪوٽ واري علائقي ۾ رتن سنگهه سرطاڻ ۽ ڀڳو سنگراسيءَ، ڍل جي اوڳاڙيءَ جي بهاني انگريزن خلاف ڀڙڌڪ مچايو. اهڙيءَ طرح راجپوتن جا ننڍا ننڍا رجواڙا به وقفي وقفي سان بغاوت جي باهه بڻجي گوري کي ڳوٺن مان تڙيندا رهيا، بغاوت جو وڏو ڀنڀٽ 15 اپريل 1869ع تي ڪارونجهر جي اوٽ ۾ ڀڙڪيو، جنهن جي شعلن جو تاءُ صدين تائين وطن جا ويري محسوس ڪندا رهندا.

ان وچ ۾ انگريز سامراج “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو”، “خريديو ۽ کارايو”، “لقب ڏيو ۽ لاچار بڻايو” جي پاليسيءَ هيٺ هزارين حربا هلايا، پر مارئيءَ جي مٽيءَ جي ماڻهن” ايءُ نه مارن ريت، جو سَيڻ مَٽائين سونَ تي” واري  روايت تي رهندي، وطن ۽ ويڙهيچن سان مرڻ جيئڻ جو وچن ڪري ورتو هو. جنهن جي موٽ ۾ ويري سامراج نئين حڪمت عملي جوڙي، ننگر جي راڻي ڪرڻجي ۽ سندس پرڌان ويرا واهه جي سوڍي لاڌو سنگهه سميت پارڪر جي مکيه ڪوٽڙين جي ڌڻين کي ڌرتي ڌڪاڻا ڪرڻ لاءِ روينيو جو پورو سرشتو بدلائي، ٿر ۽ پارڪر جا ٻئي ڀاڱا حيدرآباد جي ڪشمنر جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا. سوڍن جي مخلتف معاشي ذريعن تي انڪوائري ڪاميٽيون ويهاري، سڌو سنئون للڪارڻ شروع ڪيو هو. ان وقت راجپوتي رت جي ٽهڪڻ ۾ شدت اچي ويئي. ڪارونجهر ۾ ڪوڪرا پئجي ويا. رڻ گجي راڙو ٿيو. راجپوت گهر ويهي رهي، اهو مهڻو سهڻ لاءِ ڪو به تيار نه هو، ڪارونجهر جي  آسپاس سوڍن جا ڳوٺ گڏ ٿيڻ لڳا. اوچتو هڪ ڏينهن ننگر شهر ۾ ٽيليگراف کاتي جي ڪن ڪارندن جي ڪول سنٿال قبيلي سان اڻ وڻندڙ حرڪت تي سوڍن ۽ ڪولهين جي اندر جي ڪروڌ “وڏي ويڙهه” جي صورت اختيار ڪري ورتي، راڻي ڪرڻجيءَ جي هڪل تي سندس ڀاءُ ڀوپت سنگهه، ويرا واهه جو راڻو لاڌو سنگه، ٻهراڻي جو راڻو ڪلجي، ٺاڪر مانسنگهه،  ٺاڪر پونجو  ۽ ٻيا اچي راڻي جي ڪئمپ ۾ گڏ ٿيا، ڪونڀاريءَ جو گوئيل روپلو ڪولهي پنهنجن بهادر ساٿين ڏجي ۽ مڏيجي اڳواڻيءَ ۾ پنج هزار ساٿين سميت اچي شامل ٿيو.

پارڪر ۾ ڪونڀاري ڳوٺ لاءِ مشهور آهي ته:

اونچو ڍورو ڪونڀاري رو، هينئون نه ڀري هام،
ڪري مانرو رام ڪام نا پڙي ڪونڀاري ۾.

(ڪنڀاري جو ڳوٺ اونچي ڀت تي آهي، جنهن ڏي وڃڻ جي لاءِ ڪڏهن هينئون هام نه ڀريندو آهي. منهنجو مالڪ ڪري ڪڏهن ڪنڀاري ۾ ڪم نه پوي)

پارڪر جي رڻ کيتر ۾ ڪجهه راين مطابق ٻين قبيلن جا به ماڻهو شامل هئا، جن تي اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وقت تائين ننگر پارڪر جي معرڪي تي جيڪو ڪم ٿيو آهي. انهيءَ ۾ صرف راجپوتن ۽ ڪولهين جو ئي تذڪرو آيو آهي. پارڪر جي سڀني جوڌن گڏجي انگريز سامراج خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪندي 15  اپريل 1859 تي ننگر پارڪر جي پوليس ٿاڻي تي حملو ڪيو، ڪاردار جي ڪچهريءَ کي باهه ڏني وئي. مواصلاتي نظام جون تارون ڪٽڻ سان گڏ زميني رستن جا لنگهه بند ڪيا ويا. خزانو لٽي جشن ملهايو ويو، پر  اُن وقت جو مختيارڪار مُنشي ڏيئو مل ڪنهن طريقي انهيءَ معرڪي ۾ پاڻ بچائڻ سان گڏ ويڙهه جي اها خبر حيدرآباد موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڪرنل ايونس حيدرآباد جو  اسٽيشن ڪمانڊر هو، تنهن 18 اپريل تي بغاوت جي اهڙي خبر ملڻ سان ترت “ٿرڊ بلوچ رجمينٽ” جي هڪ ونگ کي ننگر پارڪر وڃڻ جو حڪم ڏنو. ڪجهه توبخانو ڪراچيءَ مان گهرائي روانو ڪيو ويو. ساڳئي هفتي ۾ ڪرنل ايونس کي حڪم مليو ته هو پاڻ ننگر پارڪر وڃي حيدرآباد ۽ ڪڇ کان ايندڙ مخلتف فوجن جي ڪمانڊ سنڀالي. انهيءَ حڪم نامي جي پوئواري ڪندي ڪرنل ايونس پنهنجن سپاهين سان گڏ 30  اپريل تي اسلام ڪوٽ ويجهو اچي رسيو. ٿرپارڪر جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ به اچي ڪرنل ايونس سان مليا، جن کان ضروري معلومات وٺن کان پوءِ ڪرنل ايونس جو قافلو اڳتي وڌيو. سوڍن اهڙا سماچار سڻندي، وطن جي ويرين کي تڙپائي تڙپائي مارڻ لاءِ رستي جي کوهن ۾ زهر وجهرائي ڇڏيو. ڏيسا کان ايندڙ فوج ميجر ڪُئلي جي اڳواڻيءَ ۾ سڀ کان پهرين اچي ننگر پارڪر پهتي. جنهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ سوڍن جي هٿن ۾ تلوارون ۽ ڪولهين وٽ ڪاترون ۽ گوڦڻيون  ( کانڀاڻيون) تيار هيون، رڳو راڻي جي حڪم جي دير هئي. راڻي پنهجن ساٿين سان گڏجي ڏيسا جي فوج تي مئي 1859 تي حملو ڪيو، سوڍن جي حملي جي جواب ۾ گورن جي فوج گولن جا جيڪي ٺڪاء ڪيا، تن جو آواز ڪرنل ايونس 50 ميلن جي مفاصلي تي ٻڌو، ڪارونجهر جي محب وطن سپاهين انهن جي پرواهه ڪرڻ بدران پڙ ۾ پهلوان ٿي ويڙهه ڪئي. 2 مئي تي ڪرنل ايونس کي ويراواهه شهر ۾ فقط هڪ سامي نظر آيو. سڄو شهر سنسان هو. ڀوڏيسر جا ٺڪر، سمٿجي ۽ هٻجي، پنهنجي وڏڙن جي ريت روايت کي پٺي ڏئي “ مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ “ واري ڪلڇڻائيءَ ۾ ڪردار جا ڪنا ٿي، پنهنجن چنڊ ماڻهن سان گڏجي، ٻئي ڏينهن تي رستي ڪرنل ايونس سان وڃي مليا ۽ گوري سان وفاداري ڪندي، کين راڻي ڪرڻجيءَ جي ساٿين پاران کوهن ۾ زهر وجهرائڻ جي عمل کان آگاه ڪيو. ڪرنل ايونس کي اهڙن غدارن جي ضرورت هئي. هن مختصر لفظن ۾ مهرباني مڃيندي، سمٿجي ۽ ساٿين کي ننگر پارڪر پهچڻ جو حڪم ڏنو 3 مئي تي وطن جي سورمن سان ننگر پارڪر ۾ انگريز فوج جو سخت مُقابلو ٿيو. ننگر پارڪر ۾ سوڍن ۽ ڪولهين جي ويڙهه جي ڪئمپ جو مرڪز ڪارونجهر جي پهاڙيءَ تي راڻي چندن سنگهه جو اڏايل ‘چندن گڍ’ هو چارڻ ڪوي هلندي، ويڙهه ۾ سر تريءَ تي رکي مٽيءَ جي مهانتا وڌائيندي چندن گڍ جي چاوي کي ڳائڻ ۽ ڌرتيءَ جي ڪونڌر پٽن کي جس ڏيڻ ۽ ويڙهه جو اتساه وڌائڻ لاءِ وڌي اڳتي آيا. جنگ جي نغاري تي ديس جا دوها گونجڻ لڳا ته:

ڪارونجهر اوراڻو مت ڪر، ڏيکي فرنگي فوجاڻ،
جب لگ اوڀو ڪرڻجي تب لگ ڪر اونچو  تاڻ.

(اي ڪارونجهر! انگريز فوجن جي لشڪرن کي ڏسي پريشان نه ٿيءُ، جيستائين راڻو ڪرڻجي بيٺو آهي، تيسين تون فخر سان پنهنجي ڪَر (ڳاٽ) کي اوچو رک)

 چندن گڍ چاوو ڪيو، جوڌي مچائي جنگ،
 لڙِيو ساٿ ڪرڻ رو، اوئان رجپوتان نان رنگ

(چندن گڊ چاوو (گوڙ) ڪيو، جوڌن جنگ مچائي، راڻي ڪرڻجي جي ساٿ ۾ جيڪي راجپوت هئا، تن سورمن کي جس آهي)

وجو ڏاڍو وير ور، ڀوجل ننڍو ڀوپ،
ڪٽڪا سان رٽڪا ڪريا، رنگ ڪلا ڪل  روپ

(وجو وڏو بهادر ۽ ننڍو ڀوجل به سورهيائي جو شهزادو آهي (انگريز سامراج جي) ڪٽڪن سان رٽڪن ۾ وجي ۽ ڀوجل سان گڏ سوروير ڪلي جو روپ جوجهارڪي جهيڙي ۾ ساراه لائق آهي.)

ڪلو چڙهي هوڪو ڪري، باجي هاڪ ويراڻ،
گلي ئي پر تروٽ گيو، ميل رنگي ماڻ

(گهوڙي تي چڙهي ڪلو دشمن کي للڪاري رهيو آهي. سورهيه جي هاڪ وڄي رهي آهي، تروٽ هن بهادر سان وڙهڻ بدران ڀڄي ويو. هر پاسي کان چوٻول اٿيو اي فرنگي تون پنهنجي شڪست قبول ڪر.)

ڪولهي ڪلياڻ سنگهه ري، ڪٿرڻ آيا ڪام،
رنگ وڏا ڌڻ رانگڙ، نج سر ڏي ڪرنام

(سور وير ڪولهي ڏکي وقت ۾ ڪلياڻ سنگهه جا ساٿي بڻجي بيٺا، رڻ کيتر ۾ جوجهارڪي ويڙهه ۾ ڪم آيا، جس آهي انهن ڪولهين کي جن سر ڏئي، مٽيءَ لاءِ مهل ملهائي.)

ڪارونجهر ري ڪونگري گهرا واجي ڍول،
راوتان ۾ ڪوڙي روپلو، ونڪا ٻولي تو ٻول.

(ڪارونجهر جي ڪونگرن ( ٽڪرين) تي ڏاڍيان دهل وڄي رهيا آهن، بهادرن ۾  ڪولهي روپلو  ويرين کي للڪاري رهيو آهي.)

چڙهو چڙهو موري ٻيليان، چرهتا مُ لگائو وار،
ايئي ڀوري نا ڀجاوتي آپان نا ڪي لاگسي وار.

(روپلو پنهنجن ساٿين کي چوڻ لڳو ته ساٿيو! جلد جلد گهوڙي سوار ٿيو، گهوڙڻ تي چڙهڻ ( سوار ٿيڻ) ۾ دير نه ڪريو، هن گوري کي ڀڄائڻ ۾ پاڻ کي ڪيترو وقت لڳندو.)

روپو ٻوليا ٻيليان پاڇا ميهلو مُ پاءِ،
هالي هافيسون اوپرا، ڏوڍا ڏيشون گهاءِ

(روپلي پنهنجن ساٿين کي چيو ته؛ دوستو! ويڙه ۾ پويان پير نه رکو، آفيسن تي حملو ڪري گوري کي گهاء ڏينداسين)

وڏي ويڙهاند ۾ سامراجي لشڪر نيٺ چندن گڍ جو گهيرو ڪري ورتو. توبن جي گولاباريءَ ۾ گڍ کي اُڏايو ويو. پر ڪارونجهر پنهنجي سپاهين لاءِ ٻانهون کولي ڇڏيون. مقامي جوڌن جي وڏي حصي ڪاورنجهر جي ڪوڇن (غارن) ۾ پناه ورتي. راڻو ڪرڻ جي، لاڌو سنگهه ۽ ڪجهه ٻيا سوڍا ۽ ڪولهي گرفتار ٿي ويا، انگريز سامراج، ماحول ۾ ائين ٺاپر آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪجهه باغي سوڍن جون ڪارروايون رڪيون، پر ڪرنل ايوانس کي چين نه آيو. هو ڀوڏيسر جي ٺڪرن جي ساٿ سان باغي سوڍن جي هڪ ٻئي ٺڪاڻي ڪيجراڙليءَ جي ڪئمپ تي 18 مئي جو ڪٽڪ سان ڪڙڪي پيو. سامراج جي انهيءَ حملي ۾ ڪيترن ئي مقامي ماڻهن جو قتلام ڪيو ويو. جيڪي گرفتار ٿيا تن کي قيد ڪري سزائن لاءِ ‘ڪاري پاڻيءَ’[9] لاءِ موڪليو ويو ۽ ڪي جوان روپوش ٿي ويا. جن کي ڳولڻ ۾ سامراجي ٽولي وڏي ڪوشش ڪئي، پر هٿ نه اچي سگهيا، ڪرنل ايوانس وڏي وٺ پڪڙ کان پوءِ نيٺ واپس ننگر موٽيو.

ننگرپارڪر جي انهيءَ سڄي جنگي مانڊاڻ دوران ويراواه جي وير لاڌو سنگهه جو پُٽ اُڌيسنگه ٻاهر ويل هو. واپس ماڳ اچي رهيو هو ته رستي ۾ جڏهن “راڻي واِڙي “ ڳوٺ وٽ پهتو ته ڳوٺ ۾ ڪنهن شڀ موقعي جي مناسبت سان وڄندڙ دهل جي ٿاپ تي سندس ڀلوڙ گهوڙو نچڻ لڳو. انهيءَ مهل ننگر پارڪر کان ايندڙ هڪ ڪولهيءَ کيس طعنو ڏيندي چيو ته: ‘ اُتيسنگهه هتي پيو گهوڙو نچائي سندس پيءُ ويراواهه جو ٺاڪر جيل ۾ پيو آهي، اهِي لفظ اڌيسنگهه جي ڪنن تي ڇا پيا! جوش ۾ اچي، تپي باه ٿي ويو. گهوڙي کي مينهن واءُ  ڪري اچي ننگر پارڪر پهتو ۽ هڪل تي پنهنجا ساٿي گڏ ڪري، ترم جا در دريون ٽوڙي، وطن جي سمورن قيدين کي آزاد ڪرايائين، ۽ پوءِ انهيءَ ساڳي جوش سان بندوق  ڀري تروٽ جي تنبوءَ ڏانهن ڪاهي ويو. اڃا تنبوءَ جي ويجهو ئي مس پهتو ته ڪاوڙ جي جوش مان بندوق جو ٺڪاءُ ڪيائين، تنهن تي تروٽ تنبوءَ مان ڦاٽ کائي ڀڄي وڃي لاڌو ميگهواڙ جي گهر ۾ چم جي ڇوڙن ۾ لِڪو. ڊپ وچان تروٽ جو سارو بدن چم جي هيٺان  ڏڪي رهيو هو. تنهن تي چارڻ ڪويءَ چيو ته:

آويو اُتيسنگهه اوچتو، ڀورو ڀڄايو،
ڪر ڀوري را ڪنپيا، موچي بچايو.

ايڪ نا  اڌيسنگهه جيسا، پارڪر جڻيا پوت لاک،
ڪر ڀوري را جڏ ڪنپيا، سورج اگتي ڀري ساک.

(پارڪر لکين پٽ ڄڻيا، پر اڌيسنگهه جهڙو هڪ نه ٿيو،  اڌيسنگه جي حملي تي) ڀوري جو جڏهن بدن ڏڪيو، تڏهن بهادر اڌيسنگهه جي سورهيائيء جي اڀرندڙ سج شاهدي ڀري)

تاريخ جي ڪتابن ۽ لوڪ ڪٿائن ۾ اڌيسنگهه جي بندوق جو احوال اچي ٿو، جڏهن ته چارڻ ڪوين جي شاعري ۾ اڌيسنگهه جي تلوار جو ذڪر ملي ٿو:

تلوار اڌيسنگهه ري، ثابڪ ويج سڙاڪ،
ٻگتر وار واڍي ٻيوڙا، ڏاڪڻ بڙڪي ڏڙاڪ.

(اڌيسنگهه جي تلوار جا تجلا هوبهو وڄ وراڪن جهڙا آهن. هر وار تي ٻيڻا وڍي ڏائڻ جيان ويرين کي کپائي رهي آهي.)

ڪارونجهر ري ڪارڻي، آيو اڌيسنگهه آپ،
سوڍي آگڙ ڪوڻ لڙي، ويري ڪيڌا ورلاپ،

(ڪارونجهر جي ڪارڻ اڌيسنگهه پاڻ جنگ جي ميدان ۾ آيو  ويرين اچي ورلاپ ڪيو ته هن سوروير سوڍي سامهون ڪير وڙهي!؟)

ننگراڻ پالي نيم، ويري ڪوئي وسي ناهين،
ڏونگران ڏيکي ايم، پاراڻي پت اڌي راکي.

 (ننگر پارڪر سدائين اهو اصول پاليو آهي ته هتي ڪنهن ويري کي وسڻ نه ڏنو ويو آهي، (اڄ) ڪارونجهر جو ٽڪريون ڏسي رهيون آهن ته پاراڻي جي پت ائين ( ويڙهي ) اڌي رکي .)

مقامي سورمن، اڌيسنگهه جي اڳواڻيءَ ۾ تروت کي ڳوليو، پر نه ملڻ تي مارجي ويل سمجهي وري بقايا گورن ۽ انهن جي ساٿين جي لاءِ ننگر پارڪر ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڏنو، تروٽ جا سپاهي ماريا ويا، تروٽ جي ڪچهريءَ (درٻار) تي حملو ڪيو ويو. پارڪر جا سورما هر پاسي جيت جا جلوا پائي رهيا هئا. وطن واسين جي اندر ۾ اتساه پيدا ٿيو، ڪارونجهر جي مايوس مورن کي حوصلو ملي ويو.  جين مندرن ۾ ڏيئا ۽ ڏياٽيون ٻرن لڳيون. ڳوٺن جا ماڻهو ننگر پارڪر جي راڻي ڪرڻ جي، وبرا واهه جي ٺاڪر لاڌو سنگهه، اُسنگهه، ڪلجي، پونجو، مهانسنگهه، رامجي ورڻ، روپلو ڪولهي، ڏجو ڪولهي، مڏو ڪولهيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ گڏجي وڏي دليريءَ سان ڌرتيءَ جي رکواليءَ لاءِ ويڙهه ۾ جنبي ويا. رڻ گجيو راڙو ٿيو. انهيءَ ويڙهه جو اطلاع ڪرنل ايوانس کي ڳوٺ ڏيڻسيءَ وٽ مليو. اهڙو  اطلاع ملندي ئي فوج موٽي آئي، انگريز جي سامراجي فوج 18 جولاءِ 1859 تي ننگر پارڪر شهر جو گهيرو ڪيو. اميدن جي فصل جي موريل سلن کي ساڙڻ شروع ڪيو، مشڪل حالتن ۾  راڻي ڪرڻجي ۽ سندس پرڌان وغيره جو وري ڪاورنجهر جو پهاڙ پناهه گاهه ٿيو . راڻي جا ٽي انتهائي با اعتماد ۽ ويجها ساٿي سيٺ مهاوجي لهاڻو، هنس پوري ٻاوو ۽ روپلو ڪولهي جبل ۾ راڻي کي رسد وغيره پهچائڻ سان گڏ شهر جا سماچار پڻ ڏيندا هئا. انهيءَ ڳالهه جو پتو ڪنهن مقامي کريل انسان ذريعي تروٽ کي جيئن ئي پيو هن چڪاس شروع ڪئي. مهاوجي لهاڻي ۽ هنس پُري ٻاوي ’زور اڳيان زاريءَ’ واري اصول تي غداري ڪئي. لهاڻي ۽  پُري جي ڏس تي هڪ ڏينهن روپلو ڪارونجهر ۾ راڻي ڏانهن ويندي ساڙڌري جي رستي وٽ پڪڙجي پيو. هن ڪاورنجهر جي قيدي کي تروٽ هر طرح  جي لالچ ڏني، وڏيون آڇون ڪيون ته تون رڳو راڻي جو  اسان کي ڏس ڏي، اسان  جو مددگار ٿي، پر روپلو نه کي ‘نو’  ڪوٽ آڏا ڏئي ويهي رهيو. روپلي جي ماءُ ڪيسر چوهاڻ کي گهرايو ويو ته هو روپلي کي سمجهائي، پر هن ڪولهڻ جيجل روپلي کي پنهنجي ٿڃ جو واسطي ڏئي پڪو ڪيو ته، “روپلا! وطن جي لاءِ ويڙهه ۾ منهنجي ٿڃ نه لڄائجان! راڻي جو ڪڏهن  ڏس نه ڏج” پوءِ روپلي جي گهر واري ميڻاوتيءَ کي به گهرايو ويو هُن روپلي جي نرڙ کي چمي ڏيندي چيو ته:

 “روپلا! تنهنجو نئون روپلو منهنجي پيٽ ۾ پلجي رهيو آهي . تون گهٻرائجان نه! هيءُ هڪ سِر آهي، اهڙا سؤ سِر ڪارونجهر تان قربان، تون منهنجو ۽ ڪارونجهر جو ڪنڌ ڪڏهن نه جهڪائجان!”

گوري ڏٺو ته هي سڀ روپلي کي سرڪار جو ساٿ ڏيڻ لاءِ  سمجهائڻ بدران راڻي جي وفاداريءَ لاءِ سندرو ٻڌرائي رهيا آهن. گورو اهڙين ڳاليهن تي ڪاوڙجي پيو ۽ روپلي کي طرح طرح جي سزا ڏيڻ تي لهي آيو. روپلي جي هٿ ترين ۾ تيل وجهي وٽين کي ڏيئا بنائي جلايا ويا، پر روپلي وطن سان وفا جي ريت ۾ ڪسي نه ڪئي. تمام گهڻي تشدد کان پوءِ هن سورمي کي ڦاسيءَ چارهيو ويو.

 هٿاڙيان ۾ ڏيولا ڪيا، انگڙيان ني واٽ
ڦاسي تڻو حڪم آپيو، توئي روپلو نه ٻوليو ساچ،

(آڱرين کي وٽ بڻائي روپلي جي هٿ ترين کي ڏيئا ڪري جلائي ڦاسي  جو حڪم  ٻڌايو، پر تڏهن به هن گوري سان سچ نه ٻوليو ۽ پنهنجن ساٿين جو ڏس نه ڏنو.)

سوڍا وتاڙون لاج جائي، مارو لاجي پاراڻو ديش،
ڪارونجهر ري ڪاراڻي هون سو سو ڪپائون سيس،
جان جان پران پنجري، تان تان اوپاڙون ڌنيش،
تروٽ ڏاکي ديس وديش، ڪوڙي مڙياتا ڪارونجهر نون

    (پارو مل پريمي)

(اي تروٽ! آءُ سوڍن جو ڏس ڏيان ته منهنجي پت وڃي، منهنجو پاراڻو ديس لڄيارو ٿئي، ڪارونجهر جي لاءِ هي هڪ سر آهي، پر اهڙا سوَ سر ڪپائي سگهان ٿو. جان جان جسم ۾ ساهه موجود آهي تان تان ڳرا ڌنٽ کڻندس (امتحان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان،) تون ديس پريس وڃي، اها ڳالهه ڪجان ته مون کي ڪارونجهر جو ڪولهي مليو هو.)

 سامتاڻي سمت ونڪو، سوراڻي سورو،
جواب ڏيڌو  گوئيل روپي، تلواري پورو.

(گوئيل ڪولهين جي سوراڻي پاڙي جو سامتي ڪولهيءَ جو ڄايل روپلو ڪولهي، تمام گهڻو بهادر هو، جنهن اڀين تلوارن جي وچان (تروت کي) کُتو جواب ڏنو.)

جوت آگول جلاوا هويا، ڌن ڌن ڇڏي نا دير،
 رنگ اڌڪا ڏون روپلا، سوامي ڌرم سڌير،

(روپلي جي هٿ ترين ۽ آڱرين کي ڏيئن جيان جلايو ويو پر هن هڪ گهڙي به صبر جو دامن نه ڇڏيو، جس آهي اي سوروير روپلا! ڌرم ( عشق جي اصول ) کي  سنڀالي امر ٿي وئين)

غصي ۾ ڀريل ڪارونجهر غمگين ٿيو. پر روپلي جي ماءُ ۽ گهر واري فخر ۾ ڪنڌ اوچو ڪري اٿيون. روپلي جي پيءُ سامتي ڪولهيءَ پنهنجي امر پٽ روپلي جي آخري آرامگاه گهر جي اڱڻ جي ڀر سان ٺاهي سوروير ڇاپ جي لورٺي لڳائي.

گڊان سريکو گام، راهسي ڪونڀاري راج ۾،
امر روپي تڻو نام، ڪوڙيا ڪُڙ اجواڙي گيو.

(گڍن (قلعن) جي برابر ڪونڀاري جو ڳوٺ راڄ ۾ رهندو، روپلي جو نالو امر آهي ( روپلو پنهنجي قرباني سان) ڪولهي قبيلي کي اجاري ويو.)

تروت جي حرفتي ٽولي سيٺ مهارجيءَ ۽ ٻاوي هنس پوريءَ کي لالچن ۾ ڪچو ڪري وڌو هو. وطن جي ويرين وٽ هي ٻئي ڄڻا چغلخور ٿي پيا هئا. دوستن جي دغا تي راڻو ڪرڻجي پنهنجي ساٿين سميت گرفتار ٿيو، راڻي ڪرڻ جي ۽ ان جي پرڌان لاڌو سنگهه، اڙبنگ سوڍي  اڌيسنگهه تي بغاوت جو ڪيس هلايو ويو.  جنهن تحت 1860 ۾ راڻي ڪرڻجي کي انڊمان جي ٻيٽ واري پاسي 14 سال ‘ڪاري پاڻي’ جي سزا  ۽ سندس وزير کي 10 سال قيد ڏنو ويو. ڪارونجهر جي غدارن سان گڏ آڻ مڃيندڙ ماڻهن کي انگريز سامراج پاران انعام ۾ جاگيرون ڏنيون ويون. مزاحمت جي تحريڪ جي سرواڻي ڪندڙ سوڍن ۽ پارڪر جي ڪولهين جو خون وطن جي ويڙهه وڙهندي مٽيءَ ۾ ملي خوشبوءِ ٿيو هو، تن کي ڌرتي جي شاعرن ۽ انقلابي اديبن جي هر نسل پنهنجو معشوق بڻائي ڇڏيو، لوڪ جي رهاڻ  رس ۾ پهرين وطن جي سورمن کي شاعريءَ جي سٽن ۾ جس ڏيئي، پوءِ ريت رسم ادا ڪرڻ جو رواج وڌو ويو.

رنگ ڪلا، رنگ مهاسينگا، رنگ سگهلي رهاڻ،
رنگ ڪارونجهر را ڪونگرا، رنگ سوڍا راڻ،

(جس ڪلي کي هجي، جس مهاسينگي کي هجي، جس سوڀاويڪ رهاڻ کي هجي، جس ڪارونجهر جي ڪونگرن کي  هجي، جس سوڍن راڻن کي هجي.)

ڀورا ڏر ڀانجي، گانجي پرتشڻا جيت،
مهيتپ کڙنگ مانجهي، پارڪر رڻ پريت،

     (گورن جي سمورن ٺڪاڻن کي ٽوڙي جوڌن جنگ جي ميدان ۾ جس پاتو، مانجهي مڙسن جي لاءِ  پارڪر جي رڻ ڀومي پريت جو پنٿ آهي.)

گوري گرور گجيو، جهيڪ مچائي رڻ جنگ،
لڙيو ساٿ ڪلياڻ رو، اوئان راجپوتان رنگ،

(گورا آڪڙ سان اچي ميدان جنگ ۾ لٿا، تن جي غرور کي ٽوڙڻ جي لاءِ ڪلياڻ سوڍي سان گڏجي جيڪي وڙهيا، انهن راجپوتن کي جس آهي.)

 ڪارونجهر انجس ڪري، انجسي گڍ امراڻ،
آپ تڻي ڌرا  اوجلي، ڪيڌي تين ڪلياڻ

(ڪارونجهر جي انجس کي گڍ امراڻ به سلام ڪندو، اي سوڍا ڪلياڻ! تو پنهنجي مٽيءَ جو مان مٿانهون ڪيو آهي)

 جو نجهاران جگ جيوڻو، پرٿوي ڪري پرنام،
رڻ کيتر ۾ سوڍان راکيو پارڪرتڻو نام.

(جونجهار جڳ جيوڻا (امر) آهن، پرٿوي تن کي پرڻام ڪري ٿي، رڻ کيتر ۾ سوڍن پارڪر جو نالو قائم رکيو.)

 



بابت ٽيون 2


چارڻ ڪوين جي رومانوي شاعري

ٿر جي چارڻن جي رومانوي شاعري به ڏاڍي دل لڀائيندڙ پئي رهي آهي. رومانوي شاعريءَ ۾ چارڻ شاعرن پيار، محبت جي تصور کي سگهه ڏيئي من جي معصوميت سان امن جو هٿ پڪڙيو آهي. ڪويتا جي ڪنٺي تي بيهي، سرسوتيءَ  ديويءَ  کي سرچائي، چاهتن جي چانڊوڪيءَ ۾ انساني عشق جو امرت پيتو آهي. چارڻ ڪوين، ڪوتا ۾ ڪاڪ محل جا رنگ رچايا به آهن ته ڪاڪ محل کي ڪاڙهيو به آهي. ڪوتا ۾ مومل ڏاگهه تان موٽائي به آهي ته مومل کي ڏاگهه تي چاڙهيو به آهي.

 رومانوي شاعريءَ ۾ چارڻ شاعرن جو ذاتي عشق ڪائناتي عشق ٿي وڃي ٿو. هنن عاشقيءَ جو تاج پائي هلندڙ سندر نار جي ڳهڻي جهڙي حسين  شاعري جي تصوراتي ڳلين ۾، احساسن ۽ جذبن جي تنبوري جون تارون عشق جي آڱرين ۾ الجهايون نه آهن، سدائين پريت جو پتو پاٻوهه سان پڇائي ٻاجهه ڀريل ٻولن سان سڪ کي سُلجهائي. جيوَن جو سشيل ۽ سريلو گيت گونجايو آهي. جنهن جي گونج تي قرب جون ڪتيون ڪر موڙي اُٿيون آهن، روح رقصان ٿيو آهي. اهڙا ڪجهه دوها هيٺ ڏجن ٿا:

هون ٻلهاري سجڻان، سجڻ مين ٻلهار،
هون سجڻ پگ ڌوڙ، سجڻ مين گڙءِ هار.

(آءُ سڄڻ تان ٻلهار وڃان، سڄڻ مون تان گهور وڃي ٿو، آءُ سڄڻ جي پير جي ڌوڙ آهيان، سڄڻ منهنجي ڳلي جو هار آهي.)

نالا نديان سون مڙي، نديان سرور جاءِ،
بڇڙي سون بڇري مڙي، ايسي سهي نه جاءِ،

(ننڍا ننڍا وهڪرا ( برساتي پاڻيءَ جا) نئن سان ملي رهيا آهن، ۽ نئيون ڍنڍن ۽ سمنڊن طرف روان دوران آهن، ڏسو ته وڇڙيلن سان وڇڙيل ڪيئن ملي رهيا آهن، اي منهنجا محبوب توبن مون کان هي (مينهوڳيءَ جا) نظارا سَٺا نه ٿا ٿين.)

نه مڙوا ڀلو نه بڇروا ڀلو، تج دونو ڪو سنگ،
بڇڙتي مئي مڇلي، ملتي مريو پتنگ.

(نه ملڻ ڀلو آهي  نه وڇڙڻ، ٻِئي ڪم  ڏکيا آهن، وڇڙڻ سان مڇي مري ويندي آهي ، شمع سان ملندي پتنگ پساهه پورو ڪريو ڇڏن.)

انگ انگ منجهه اوڦڻي، جوون آٺون جام،
توين ڍاٽي تصوير رو، قلم هوي نهين ڪام.

(ڪامڻين جي انگ انگ مان جوڀن جو جام (شراب) ڏينهن رات جهلڪا کائي رهيو  آهي، انهيءَ ڍاٽيءَ حسن جي تصوير نگاري ڪرڻ لاءِ قلم کي سگهه ئي نه آهي.)

 جاتان سمهو مت جو، جين جوئيس تين جاسين گهڻو
ڀر ڀر نيڻ مت رو، جي گڻ هوسين تو آوسين وڙي

(ويندڙن ڏي نه نهار، جيئن نهاريندين تيئن گهڻو پري ويندا، انهن جي لاءِ ڀر ڀر نيڻ نه روءِ، جي ڳڻ هوندو ته ٻيهر موٽي ايندا.)

اديتا هُون اوجلو، ماروئل مُک ٻران،
جهيڻا ڪپڙا پهرڻا، جُون جهاکي شوبران

(جهڙو سج اڀرڻ وقت اجرو هوندو  آهي، اهڙو  ماروئل جو مک چمڪندڙ اجرو آهي، ماروئل جهيڻو  ڪپڙو پائي ٿي ته ان مان سارو بدن صبح جي پلن وانگر چمڪي ٿو.)

 

ڪٺڪ ڪهاڻي پريم، ري، ڪهي سون ڪهي نه جاءِ،
 گونگي ڪا سپنا ڀيا، سمر سمر پڇتاءِ.

 (محبت جي ڪهاڻي ڏاڍي ڏکي آهي، چوڻ سان چئي نه  ٿي سگهجي، اها ڄڻ ته گونگي جو سپنو آهي، جنهن تي سوچي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، پر چئي نه ٿو سگهجي.)

جل ٿوڙو نيهه گهڻو، لگا پريم را ٻاڻ،
تون پي تون پي ڪر رهيا، نڪل گيا پراڻ.

(هرڻن جي اُڃايل جوڙي کي پلر جو پاڻي هٿ چڙهيو جيڪو ٿورو هو، جوڙي جي پاڻ ۾ محبت وڌيڪ هئي هڪ ٻئي کي پاڻي پيئڻ جون  آڇون ڪندا رهيا، پاڻي ڪنهن به نه پيتو، تان جو اڃ ۾ سندس ساهه نڪري ويو.)

چوٿ آوي ري سهليان، چمڪڻ لاڳي کاٽ،
آوسي گوري رو بالمو، ڏيئي چاڙسي واٽ

(چوٿينءَ جو چند اُڀريو آهي، منهنجي کٽ چمڪڻ لڳي آهي، اڄ مون گوريءَ جو بالم ايندو ۽ اچي منهنجي من جي اُجهامندڙ ڏيئي جي وٽ روشن ڪندو)

پريتم پريت لگا ڪي، ڏيسان ڏُور نه جاءِ،
رهو مانري ننگري، مين مانگون، تم کاءِ.

(پريتم! مون سان پريت ڪري دور ديس نه وڃ، ڪمائيءَ جو بهانو نه ڏي، تون منهنجي ڳوٺ ۾ مون سان گڏ رهه، آءُ پني اينديس ۽ تون کائجانءِ.)

تيرس آوي ري سهليان، تريا مانڏي هيس،
نر بنان، ناري ڪيسي، اُرلي ڀاگي ايس.

(تيرهينءَ جو چنڊ ڇا اڀريو!؟ هر ناريءَ جي اندر ۾ آنڌ مانڌ جاڳي پئي آهي، پنهجي پريتم بنا ناري ڪيئن ٿي رهي سگهي، جوڀن جي سگهه جسم مان ڇلڪي ٿي پوي، ارهه سان کٽ جي ايس ٽُٽي ٿي پوي،)

ڪونجان رات ڪريڙيو، ٽولي ٽولي بيس،
مين ستي ساجن ساريو، اُرلي ڀاگي ايس.

(رات ڪونجون ڪرلائينديون ويون، ٽوليءَ ٽوليءَ ۾ ويهه هيون، ڪونجن جي آواز تي مون ستي ساجن کي ساريو ۽ ارهه سان کٽ جي ايس ڀڄي پئي.)

راتي سارس ٻوليا، دريا پيهلي دنگ،
مين ستي ساجن ساريو، ارگت  بهه گئي انگ.

(رات سارس پکي درياهه جي ڪنڌيءَ تي اچي ٻوليو، سارس جي مٺي ٻولي تي مون کي ستي ساجن ياد پيو، جسم تي ڄڻ ته ارگت (ڪارائي) وهي وئي.)

آنکڙيان ڇائين پڙي، پنٿ نهار نهار،
جيبلڙي ڇالا پڙيا، پيا تجهه پڪار پڪار.

(پريتم ! تنهنجي واٽ نهاري نهاري اکين ۾ ڇائيون پئجي ويون آهن، توکي پڪاري پڪاري زبان تي ڇالا (ڦلوڪڻا) ٿي پيا آهن.)

باٽڙيان ٿانري جووتي، مانري انکڙيان دن رات،
آئون مانرا صاحبا، تو هي ڪرليان مٺڙي ري بات،

(منهنجون اکيون ڏينهن رات تنهنجون واٽون نهارين ٿيون، اي منهنجا صاحب، اچ ته تو سان من جون ڳالهيون ڪري وٺان.)

ساجن ساجن ڪر رهي، ساجن مانري جي ري جڙي،
ساجن لکاوان ڪانچوڙي، او باچان گهڙي گهڙي.

(آءُ ساجن ساجن ڪري رهي آهيان، ساجن منهنجي جيءُ سان جڙيل آهي، آءُ ساجن جو نالو پنهنجي ڪانچوري تي لکايان ۽ پل پل ان کي ويٺي پڙهان.)

ساجن ايسا ڪريئي جيسا، اڪان مهيلان ڏڌ،
اوگڻ سين گڻ ڪري او ساجن اهين سڌ

(ساجن اهڙو، ڪجي جهڙو اڪ[10] جو کير آهي، بي ڳڻي سان ڳڻ ڪري (ڀلائي ڪري)، اهو ساجن سهڻو ( ۽ لائق) آهي.)

انکيان لال ڀئي، نور گمايا روءِ،
ڍول پرديس ۾، پرايا ٻنڌن هوءِ.

(مون تنهنجي وڇوڙي ۾ روئي روئي اکيون لال ڪري ڇڏيون آهن، ڍولا! تون پرديس ۾ پرايو ٻنڌن ٿيو ويٺو آهين.)

ڌُججڻ ويڻ نان سانڀڙيئي، منان مَ وساريهه،
ڪونجان لال ٻچان جون، کڻ کڻ چيتاريهه

(اي ڍولا ! برن ماڻهن جون ڳالهيون ڪن ڪري، مون کي نه وسارجان، (ان ڪري انهن جون ڳالهيون نه ٻڌ) ڪونجن جي ننڍڙن لال ٻچڙن جيان گهڙي گهڙيءَ مون کي چت ۾ رکجاءِ!)

ساجن ايسا ڪريئي جيسا، ڪنوي مهلان ڪوس،
 پگ ڏي پڇو مهلان، تو پڻ رتي نا آڻي روس.

(ساجن اهڙو ڪجي، جهڙو کوهه جو ڪوس آهي، جيئن ڪوس کي کوهه ۾ وجهڻ (وارڻ) مهل پير سان ٿڏو ڏئي ورابو آهي، پر هو رتيءَ برابر به ناراض نه ٿيندوآهي، تئين ساجن سهپ وارو هجڻ گهرجي.)

ساجن ايسا ڪيجئي، جيسا سارس هوءِ،
ايڪلڙا جيوي نهين، ساٿ مرتا دوءِ

(ساجن اهڙو ڪجي، جهڙو سارس (پکي) آهي، هو هيڪلو ڪڏهن جي نه ٿو سگهي، پنهنجي جوڙي سان گڏ مرندو آهي.)

ساجن ايسا ڪريئي، جيسا ريشم رنگ،
سر سوري ساس پنجري، تو ڀي نا ڇوڙي سنگ

(ساجن اهڙو ڪجي جهڙو ريشم جو رنگ آهي، اهڙي ساجن جو سر سوريءَ تي هجي يا ساهه پنڃري ۾ قيد هجي، تڏهن به ساٿ ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿئي.)

ساجن ايسا ڪريئي، جس ڪا، گهر سمها گهر هوءِ.
انگ ميڙاپو مقدر ڪرسي، ميٽ ميلاپو تو هوءِ.

(ساجن اهو ڪجي، جنهن جو گهر سامهون گهر هجي، جسمن جو ميلاپ مقدر جو لکيو آهي، پر نيڻن جو ميلاپ ٿي سگهي ٿو.)

ساجن هون ٿانري ٿڪي، وسان سمهلي واس،
ڪم ڪران گهر آپري، جيءُ تمهاري پاس

(ساجن آءُ تنهنجي نالي ٿيل (ٿڪي مخصوص ٿري لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي نالي ٿيل) سامهين ڏس ۾ رهان ٿي، ڪم ڪار پنهنجي گهر ڪندي آهيان، پر منهنجو جيءُ تو وٽ ئي هوندوآهي.)

اتر ڏس اوجيس ڀيو، چمڪي ويجڙيان،
ماروئل پاسو ڦوريو، چمڪين پاسڙيان.

(اتر طرف روشنيءَ جو اهاءُ ٿيو، مون ڀانيو ٿر تي مينهن وٺو آهي، وڄ جا وارڪا آهن، پر پڇا ڪرڻ تي پتو پيو ته ماروئل سُتي پاسو ڦيريو ته هُن جون پاسڙيون (پاسراٽيون) چمڪيون هيون.)

اکر سڀ سکر هي، ڪڇ ڪهڻي ڪا بيڻ،
اوئي ڪاجل ٺڪري، اوئي ڪاجل نيڻ،

(لفط سڀ سهڻا آهن، پر ڪجهه چوڻ جو فرق آهي. جيڪو ڪجل (ٺڪريءَ) تي ڪم اچي ٿو (ڪنڀر مٽيءَ برتن تي  ڪجل کي مس ٺاهي چٽ ڪڍندو آهي.) اهو ئي ڪجل سهڻين اکين جي حسن جو حصو به ٿئي ٿو.

ڀلا ڀو نه وسرين، نگڻ نه آوي چت،
اوگڻ مٿي گڻ ڪري، او ساجن ڪٿ!

(ڀلا ماڻهو ڪڏهن نه وسرندا آهن، بي گڻا ڪڏهن چت تي نه ايندا آهن، بي گڻي (ڪردار جي ڪچي) سان گڻ ڪن منهنجا اهڙا ساجن ڪٿي آهن.!؟)

ڀلا ڀو نه وسرين، نگڻ نه آوي چِت،
اڻ لوڀي نينهن گهڻو، او ساجن اه ڪِٿ!

(ڀلا ماڻهو ڪڏهن نه وسرندا آهن، بي گڻ ڪڏهن چت تي نه ايندا آهن، بنا جن وٽ لوڀ لالچ کان سواءِ نينهن گهڻو آهي منهنجا ساجن ڪٿي آهن؟)

ڀلا ڀو نه وسرين، نگڻ نه آوي  چت،
جن ڏٺي جيءَ ٺري او ساجن ڪٿ!

(ڀلا ماڻهو ڪڏهن نه وسرندا  آهن، بي گڻ ڪڏهن چت تي نه ايندا آهن، جن کي ڏ سي جيءُ ٺري، اُهي منهنجا ساجن ڪٿي آهن.)

ڀلا ڀو نه وسرين نگڻ نه آوي چيت،
هاڏي هنس نا جنمي، ڪُڙ ري نه ڇڏي ريت.

(ڀلا ماڻهو ڪڏهن نه وسرندا آهن، بي گڻ ڪڏهن چت تي نه ايندا آهن، ڪانگ ڪڏهن هنج کي جنم نه ڏيندو آهي، هُو نسل جي ريت نه ڇڏيندو آهي ڪانگ جو ڄاول ڪانگ ئي رهندو.)

ڀلا ڀو نه وسرين، نگڻ نه آوي چت،
ٽانٽي ٽوٽي جاسي، ڀار جهلسي ڀت.

(ڀلا ماڻهو ڪڏهن نه وسرندا آهن، بي گڻ ڪڏهن چت تي نه ايندا آهن، ٽانٽي (کپ جي ڪکن/ ڪندن جي ديوار /لوڙهو وغيره جنهن تي اڪ / ڄار وغيره جي سنهين ڪاٺين سان نوڙي جي سلائي ڪئي ويندي آهي ) وزن اچڻ سان ٽٽي ويندي آهي، پر ڀت وزن جهليندي آهي.)

جوڙي ڏوئي هاٿ، تريا، آگڙ انمي ڪيسو؟
نميا ترلوڪي رو ناٿ، راڌا آگڙ راجيا

(اهو مرد ڪهڙو، جيڪو ٻئي هٿ جوڙي ناري جي اڳيان نميو (جهڪيو) نه هجي!؟ (ديو مالائي ڪهاڻين موجب) ٽن لوڪن جو ناٿ شري ڪرشن راڌا جي اڳيان نميو هو.)

راگان  ميٺي سورٺي، چوپڙ ميٺي سار،
سيجان ميٺي سندري، رڻ ميٺي تلوار.

(راڳڻين ۾ سورٺ مٺي راڳڻي آهي، چوپڙ راند ۾ رانديگر کي ساري مٺي لڳندي آهي. سيج تي سُندري مٺي (وڻندڙ) لڳندي آهي، رڻ کيتر ُ( ويڙه) ۾ تلوار مٺي (ڀلي) لڳندي آهي.)

فوج گهٽا کگ دامني، ٻوند لاگي سُر جيم،
پاوس پيو بنا اٻلا، ڪيتي جيو جي ڪيم.

(بادلن جي فوج، تلوارن جي تجلي جهڙي وڄ، تير وانگر بوندون سر تي لڳي رهيون آهن. مينهن وسڻ جي اهڙي منظر ۾ اي سکي! بالم کان سواءِ اٻلاء ڪيئن جيئي سگهي ٿي.)

جُون سالوران سروران، جُون ڌرتي سون ميهه،
چمپڪ ورڻ، بالهئه، چند مکي سون نيهه

(جنهن نموني ڏيڏر جو پريم تلاءُ سان، مينهن جو پريم ڌرتي سان هوندو آهي، اهڙي نموني چنبيلي جي رنگ واري پريتم (ڍولا ڪمار) جي چنڊ جهڙي ماروئل سان آهي)

هيم ورڻ، ٻالڪ بدن، جيهڻ لنڪ مرگهه اک
او سوندر ڪَم وسري، جي روهيڪ گڻ جُون  لک

(سونو رنگ، ٻار جي ڪومل بدن جهڙو بدن، سنهڙي چيلهه ۽ مرگهه نيڻي اها سوندري ڪيئن وسري سگهندي، جنهن جو هڪ گڻ لک جهڙو آهي)

 

چارڻ ڪوين جي سبق آميز شاعري

چارڻن جي شاعريءَ ۾ سمجهاڻين جو وڏو مواد ملي ٿو، جن سماجي قدرن کي هٿي ڏئي سماجي سڌاري ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڌرمي رهنمائن  ۽ سماجي مفڪرن جي تعليمات وانگر چارڻن جي شاعري جي سرهاڻ هن ڌرتيءَ جي ماڻهن جي دلين کي مهڪايو آهي، ٿر جي صحرا ۾ گلاب جا گل نه ٿيندا آهن، پر لوڪ شاعريءَ جي سرجڻهار چارڻ شاعرن جي دل تازي تواني گلاب جي گل جيان رهي آهي، جنهن جي ون ۽ واس ۾ رچيل سٽون سوين سڳنڌيون ٿي، لوڪن جي روح ۾ لٿيون آهن:

گِر موران، بن ڪونجران ،آنٻا رَس سُوئان،
سيڻَ، ڪُوچن، جنم ڀوم، وِسرسين موئان.

(جهڙيءَ ريت مورن کي پهاڙ، هاٿين کي بن، طوطن کي انب جو رس نه ٿا وسرن، ائين ماڻهوءَ کي سڄڻ جا ويڻ (ڪُو وچن/اڻ وڻندڙ  ڳالهه /طعنو) ۽ جنم ڀومي مرڻ کان پوءِ ئي وسرندا.)

ڪيهر مڇ، ڀوئينگ مڻ، سرڻا گت سوران،
ڪرپڻ ڌن، ستي پنور، هاٿ ڏيوڻ ڏي موئان.

(شينهن مڇ تي، نانگ مڻ[11] تي، ڪنجوس ماڻهو ڌن تي ۽ ستي ناري پنهنجي ارهن تي جيئري هٿ ڏيڻ ڪڏهن نه ڏيندا آهن.)

راجا ڪس ڪو گوٺيو، جوگي ڪسڪو ميت”
پاتر  ڪس ڪي استري، تينو ميت ڪُميت.

(راجا ۽ جوڳي ڪنهن جا به ميت نه ٿيندا آهن. اهڙيءَ ريت وئشيا ( ڪڃري ) ڪنهن جي زال ناهي ٿيندي، هي ٽئي ڪنهن جا ميت ( دوست) ناهن ٿيندا.)

مينهان سڌارڻ ٻيجيلي، سرور سڌارڻ پار،
ٻاپ سڌارڻ  ڏيڪرو، گهر سڌارڻ نار.

(مينهن جي سونهن کنوڻ آهي، سَر (تلاء) جي خوبصورتي چوڏس ڏنل ديوار آهي، اهڙي ريت پيءُ جي وڏائي جو ڪارڻ سپوٽ پٽ هوندو آهي ۽ گهر جو سُونهن ناري هوندي آهي.)

بڙا پرس ري ٻاڻ، اناڙي نا آڌر  ڪري،
اوچئوئان رو  اپلاڻ، چٻتا ٻولي چڪريا.

(وڏي ماڻهوءَ جي سڃاڻپ اها آهي  ته هو اجنبي يا عام شخص سان به عزت سان پيش ايندو، پر ڪم ظرف جو رويو ان جي ابتڙ هوندو آهي. اي چڪريا! هُو ٻولڻ وقت هميشه ڇپندڙ لفظ چوندو آهي.)

دولت سون ڌن بڙي، دولت آوي ڊوڙ،
پئسو هوئي جڳت ۾، جوڀن آوي جور.

(روپي ) کي روپيو ڇڪيندو آهي. دولت سان مال ملڪيت ۾ اضافو ٿيندو آهي. دنيا ۾ پئسو هٿ ۾ آهي ته ماڻهوءَ ۾ جوڀن جو رنگ روپ ڏيکاريندو آهي.)

ڪوري بن قيمت نهين، سگاني راکي ساٿ،
هاجر ناڻو هاٿ ۾، ويري پوجي هاٿ.

(ڪوريءَ (پئسي) کان سواءِ هن مطلبي دنيا ۾ ماڻهوءُ جي اهيمت نه آهي، پنهنجا عزيز به رشتو  ٽوڙي ويندا آهن. جيڪڏهن هٿ ۾ ناڻو آهي ته ويري به هٿ پيو چمندو آهي.)

ڏن سيڌو جگ جس ڏي، ڏن ڦر دوس ڏهنت،
سدا سُڌي ماڻسان، ڪٻڌ لوڪ ڪهنت،

(مقدر جا ڏينهن ڀلا آهن ته سڄو جڳ جس ( واکاڻ) پيو ڪندو آهي، پر جي ڀاڳ ۾ ڦيرو آهي ته الزام تراشين تيرن وانگر وسنديون آهن، هن مطلبي دنيا ۾ سياڻي ماڻهوءَ تي فسادي ماڻهن جي الزامن جي بوڇاڙ هوندي آهي.)

نگڻ پوت، ناري نلهه، ڪونٻي کارو نير
نگر ميت جسراج ڪهي، چارون ڏهت سرير،

(نافرمانبردار پٽ، بي حيا ناري، کوٽيل کوهه جو کارو پاڻي، نه گڻ دوست ، ڪوي جسراج چوي ٿو ته اهي چارئي ڏيل ڏکوئيندڙ آهن.)

سونو، سيسو، سگهڙ  نر، گُڻ ڌيرا بولنت،
ڪونسي ڪُتي، ڪُٻران، ڪر لاگان ڪوڪنت.

(سون ۽ شيشي کي هٿ هڻبو ته هلڪو آواز ٿيندو، ائين سگهڙ مرد پنهنجي ڳالهه ڌيرج سان ڪندو آهي.  ٽنهي جو گڻ ڌيمو ٻولڻ آهي. پر ڪانسيءَ جي برتن، ڪُتي ۽ گهٽيا ذهن واري ماڻهوءَ جي ريت الٽي آهي. ٿورو هٿ لڳڻ تي ڪانسي جو ٿانوَ ۽ ڪُتي گونجي پوندا آهن، نيچ سڀاءُ وارو ماڻهو به ٿوري ڳالهه تي وڏو آواز ڪندو.)

آئي نا آڌار ڏيجئي، ميٺا ٻولجين ويڻ،
اونچا اس ڪو جاڻيئي، لاج ڀريا جس ڪا نيڻ،

(ايندڙ جو آڌرڀاءُ ڪجي، هر ڪنهن سان مٺو ڳالهائجي ، پر وڏو ماڻهو (مها پُرش) اهو آهي، جنهن جي نيڻن ۾ ديد هجي، جنهن جا لڄيارا نيڻ هجن.

 سڪاڙي ڀلا سيڻ، ڏڪاڙي ڀلا ڏاڻيان،
ڏونگر تو ڏور ڀلا، نيڙان نا تو پهاڻيان

(وسڪاري ۾ دوست/  عزيز ڀلا لڳندا آهن، پر ڏڪار ۾ داڻا ڀلا لڳندا آهن(لپ پچائي ٽاڻي کي ٽارجي) ڏونگرن جو ڏيک پري کان پيارو لڳندو آهي، ويجهو وڃ ته ڏونگر سخت پٿرن جو ميڙ آهي.)

چارڻ ڪوين جي نصيحت واري شاعريءَ ۾ ڪرپارام (جنهن جي شاعري راجيا نالي سان ملي ٿي،) “چڪريا”، “ڪرشنا” جا نالا وڏي اهميت رکن ٿا، ٿر جي سگهڙ مرحوم ممون فقير کي چڪريا جي ڪيتري ئي شاعري ياد هوندي هئي.

چارڻن جي ان قسم جي شاعريءَ دوها ڇند، ٻه اکريا، چو اکريا، سورٺا وغيره مطالعي هيٺ آڻجن ٿا.

ٻڍاپڻ انت برو، نرپٽ برو نري،
نه ڪو مان ڪوٽڙي، نه ڪو مان گهري.

(پوڙهپڻ! تمام خراب آهي، خاص طور مرد لاءِ پوڙهڻ ۾ ڏکيائيون آهن. سندن پوڙهو ٿيڻ کان پوءِ سندس لاءِ مانُ نه ڪوٽري     ( اوطاق) ۾ رهندو آهي، نه گهر ۾.)[12]

ٻڍا ٿيا ٻڙ هٽيا، ڪوڙي لاگي کوڙ،
مڻ مڻ لوه موڙتي، تڻو نه سگها توڙ.

(پوڙهپڻ ڇا آيو، سگهه گهٽجي ويئي، جنهن سان ڏيل ۾ ڪڙو عيب اچي پيو، آءُ مڻ مڻ لوهه موڙي وٺندي هئس، ( هاڻي) هڪ ڌاڳو  به نه ٿو ٽٽي.)

ٻڍا ٿيا ٻڙ هٽيا، نيڻي نير جهرنت،
شينهان آگڙ مرگهلا، ڍوڙي ڍُوڙي چرنت.

(پوڙهپڻ سان طاقت گهٽجي وئي، نيڻن مان نير (پاڻي) جهري رهيو آهي. تڏهن ته پوڙهي شينهن آڏو هرڻ ٽوليون ڪري چري رهيا آهن.)

انکيان سمان رتن نهين، پتر سمان نهين پيار،
مهلي سمان متر نهين، گهوڙي سمان نهين يار.

(اکين جي برابر ڪو رتن نه آهي. پٽ جهڙو ڪو پيار نه آهي، زال جهڙو ڪوئي رازدان دوست نه آهي، (رڻ جي راهيءَ لاءِ) گهوڙي جهڙو ڪو ساٿي نه آهي.)

ڪڙهي مت ڪر ڪامڻي، گهوڙان گيهه ڏيتي،
ڪبوئي آڏو اوسي، رڻ واٽڙيان وهنتي،

(اي ڪامڻي گهوڙن کي گيهه پيارڻ تي ڪروڌ نه ڪر، هي گيهه رڻ واٽڙين تي هلندي ڪڏهن ڪم ايندو. سفر ۾ گهوڙا ٿڪجڻ بدران منزل تي پڄائيندا يا رڻ کيتر ۾ تلوارن جي گهاءُ کان بچائيندا.)

ڌاني ڌن بنٽيو، ساحير بانٽيو نير،
ساپرس ري کٽي  ۾ جگ ٻانڌي سير.

(شاهوڪار سخي ڌن ورهائيندو آهي، جيئن نديون، سمنڊ پاڻي ورهائيندا آهن، داناءُ شخص جي عقل جي آڌر جڳ سمنڊ تي پُل ٻڌندو آهي.)

مينهان ساکي واٽڙين، سيان ساکي اڪ،
ڏاتاران ساکي منگتان، سورمان ساکي ڌڪ.

(مينهن جو ساکي واٽون هونديون آهن. ( جتي پلر هوندو آهي) سيءَ جا شاهد اڪ هوندا آهن. (سيءُ ۾ اڪ جا پن سڙي ويندا آهن)، سخين جا ساکي مڱتا هوندا آهن، سورمن جي سورهيائيءَ جا ساکي زخم / ڌڪ هوندا آهن.)

سر سورمي نا  واهيو، سامهون جهولتو آئي،
ڪائنر ڪي واهسي، جڪي مئي مهاتم جائي.

(ويڙه سورهيه کي سونهي ٿي، جيڪو تيرن سامهون نچندو ايندو آهي. ڪانئر کي هڻي  ڇا ڪندين، جو تير کي پٺ ڏيندو آهي ۽ جنهن جي مرڻ سان گلائون  شروع ٿينديون آهن.)

اپ بنٽڻ، سام جهلڻ، سوارن نران ڪا سان.
گاڏر  جايو هڙ وهي، تو ٻڙڌي ڪيسو مانَ،

(بهادريءَ جو ڀرم رکڻ، سام جهلڻ اهو سورهيه مردن جو ڪم آهي جيئن هر ۾ وهڻ ڍڳڻ جو ڪم آهي، جيڪڏهن رڍ جو ڦر (گهيٽو) هرن ۾ وهيو ته ڍڳن جو ڪهڙو مان رهندو.)

بنيادي چڪت نهين، ڏک پڙنت انيڪ،
شينهان ڪي چال گدڙ چلي، ڪيا راکي ٽيڪ

(بڻيائتو (خانداني) ڪڏهن به ڪردار جو ڪچو نه ٿيندو آهي. ( ويساهه گهاتي نه ڪندو آهي)، پوءِ مٿس کڻي ڪيترا به ڏک اچن. گدڙ، شينهن جي چال هلي، پر ٽيڪ (هلڻيءَ جو ڀرم ) رکي نه سگهندو.)

شينها موٽي اَکري، پرماري مت کائي،
ٽيجهي لاهه نه آپڙي، تو ڀاگان پٺيان نهين جائي.[13]

(شينهن اصول وارا ٿيندا آهن. هو پَرماري (ٻئي جو شڪار ڪيل) نه کائيندا آهن. شينهن شڪار لاءِ ٽي ڇلان ڏيندو آهي. ٽن ڇلانگن ۾ کيس شڪار هٿ نه آيو ته ڀڄندڙ پويان نه ويندو آهي.)

همٿ بن قيمت نهين، قيمت بنا نهين ڪاج،
ڏوئي پنجا سرڻ ڪا، ڏوئي پنجا باج

(همت کان سواءِ ڪا به ئي قيمت نه آهي، همت کان سواءِ ڪو ڪارج سڌ نه ٿو ٿئي، ٻه چنبا سرن کي ٿين ٿا، (ساڳيءَ ريت) ٻه چنبا باز کي ٿيندا آهن، پر باز جي همت سرڻ کان وڌيڪ آهي.)

تو ڪِيا جاڻي ڪيسري، آڏو ڪُڙ ڪي ريت،
مان جنميو گهڙي هوئي، اٺيو چالڻ هاٿي جيت [14]

( تون ڇا ڄاڻين ته ڪيهر شينهن ڪهڙا ٿيندا آهن؟ (اُن جي بنياد جي نشاني اها آهي ته ) ماءُ پيٽان ڄمندي ئي ننڍڙي ٻچي کي گهڙي به نه گذرندي آهي ته وڏي هاٿيءَ جو شڪار ڪرڻ لاءِ اُٿي هلندو آهي.)

شينهڻي شينهن جنميو، جي ري ڪُڙ ڪو اي سڀاو
گٽ مروڙيو گينڊ تڻو، ٽٽو لنڪ پساو

(شينهڻ شينهن کي جنم ڏنو، جنهن جي خاندان ( نسل ) جو هي سڀاو آهي ته (جنم سان ماءُ جي ڀرسان اجنبي جانور گينڊ کي ڏسي) گينڊ جي ڳٽ کي مروڙ ڏني، پاڻ چيلهه ۾ ٽٽي پيو پر پنهنجو سڀاءُ نه ڇڏيو.)

ناناڻو جيرو ابڏو ڀيو، ڏاڏاڻو راڌو راڻ،
او گهر سدا سوهامڻو، ٻئي پک پوراڻ

(جنهن شخص جا ناناڻ بهادر ۽ ڏاڏاڻا رهاڻن جا راڻا (سگهڙ سياڻا) آهن، ان جو گهر سدائين سکيو ۽ سهڻو هوندو آهي، ڇو ته سندس ٻئي رشتا مڪمل ( سندر) هوندا آهن

جاڻي نهين اجاڻ، سيڻ، دشمن سريکا،
پڙهيا نهين ويد پراڻ، رڏي مڏي رهيو راجيا

(جيڪو شخص دوست، دشمن جي پرک نه ٿو رکي. اهو مورک، اڻ ڄاڻ دوست دشمن کي برابر سمجهي ٿو. اڻ ڄاڻ ماڻهو ڪڏهن ويد پراڻ نه پڙهيو آهي، راجيا اهڙو ماڻهو جهالت ۾ عمر گذاري ٿو.)

 جڻڻي تو ايسا جڻيئي، ڪا ڏاتار، ڪا سور،
نه تو ري واجهڻي، مت گماوي نور،

(امان تنهنجي پيٽان جيڪو ٻار پيدا ٿئي، سو ڏاتار(سخي) ٿئي يا سورهيه، (ٻيءَ صورت ۾) اي جيجل سنڍ رهجان ۽ پنهنجو  نور نه وڃائجان.)

ڏو مت ماري ڏوجهڻا، هيڪ سورهيه ٻيجو ڏاتار،
او بانڪا ڇيڙ ڀاجي نهين، او نرڌن رو آڌار.

(اي مالڪ! ٻه ماڻهو ڪڏهن (بي موت وقت کان اڳ ۾) نه مارجان، هڪ سورهيه، ٻيو ڏاتار، سورهيه شينهن کي ڇيڙي ڀڄندو نه آهي ۽ ڏاتار بيواهن محتاجن جو آڌار ٿيندو آهي.)

جس آوي چاندڻو بڻي، اُٺئي تو انڌاري هو،
او نر ڪڀوئي نا جهانڪيو، ٻيجاجهانڪيو سو.

(جنهن (شخص) جي اچڻ سان روشني ٿئي  ۽ اُٿي وڃڻ سان اونداهه ٿئي، اهڙي شخص کي ٻولڻ کان روڪڻ جو رويو اختيار نه ڪجي، اهڙي شخص کي سدائين مان مريادا ڏيڻ کپي. ڪچهري ءَ ۾ ٻيا سَوَ ماٺ ڪرائجن، پر هُن کي ڳالهائڻ لاءِ موقعو ڏجي.)

گايان جوڀن گاس هي، تريان جوڀن ان،
ماهيلي جوڀن مرد هي، مردي جوڀن ڌن.

(ڍڳين جي جواني جي خوشي گاهه آهي، گهوڙين جي خوشي ان آهي. ناري جو جو ڀن مرد سان آهي، پتي ورتا ناري جو مرد حياتي آهي ته سدائين خوش هوندي آهي، مرد جي جواني ملڪيت سان آهي، ڌن کانسواءِ  ڳڻتين ۾ هوندو آهي.)

 لاجي ڪپڙ پهريئي، لاجي ليجيئي مان،
لاجي رڻ ۾ جوجهيئي، لاجي ڏيجيئي ڏان.

(هر ڪم جو وقت هوندو آهي، مهل موقعي سان سٺو لڳندو آهي . من ۾ مرم رکي ڪپڙا پائجن، پنهنجي آپي ۾ رهي مان مرتبو وٺجي. (ڪڏهن غرور نه ڪجي). اهڙي ريت رڻ ۾ وڙهڻ توڙي ڪنهن کي ڏان ڏيڻ وقت ۽ مريادا کي نه ڇڏجي.)

ڀنور جي ڀلا بانگي ٻڙي نا باهه،
سپوتر هيڪ هوتي، ڍڪ پوري آڪهه.

(ڀنور ڀلو آهي ته سٺي ڳالهه آهي پر باهه جو مچ ڀانگهن (ڪکن ڪانن) وجهڻ سان نه ٿيندو آهي. هڪ سپوٽ پوري ڪٽب (جي ڪچائين) کي ڍڪي ڇڏيندو آهي.)[15]

ايڪا ڀلي بيسلڙي، ايڪا ئي ڀلو سپوت،
ڪا گهڻيرا ڪانگيرا، ڪا گهڻا ئي ڪپوت

(هڪ ئي ڀلي مينهن سٺي آهي، هڪ ئي ڀلو سپوت پٽ آهي، گهڻا ڪانگيرا هوندا آهن يا گهڻائي ڪپوت هوندا آهن.)

پاڻي ڀتر پاهڻ، ڀيجي تو ڀيڏي نهين،
مورک مت اجاڻ، سڻي تو سمجهي نهين،

(پاڻيءَ ۾ پٿر، پهڻ ته پُسي ويندو آهي، پورو رجندو نه آهي. اهڙيءَ ريت مورک ڳالهه ٻڌندو آهي، پر سمجهندو  نه آهي.)

مجهه سي جل مانگ ڪر، اوپر سکر چڙهنت،
لاج نه آئي تو هي شاه پرش، مجهه پر هي گاجنت

(سمنڊ تي بادل جڏهن گجگوڙ ڪري وسڻ لڳو، (تڏهن ڪوي سمنڊ جي واتان بادل کي ميار ڏيندي چوي ٿو ته ) مون کان پاڻي گهُري اُڀ تي چڙهيو آهين. اي چڱا مڙس ( بادل )! توکي ديد نٿي پوي، (لڄ نه ٿي اچي) جو مون تي ئي گوڙيون ٿو ڪرين.)

تو جل سمندر کارو مدهم ڀيو، پنڇي نهين پيونت،
امرت ڪري ورکا ڪران، جي را گڻ ڀريا گرجنت،

(ڪوي بادل جي واتان سمنڊ کي جواب ڏيندي چيو ٿو ته: (اي سمنڊ! تنهنجو پاڻي اهڙو ته کارو آهي، جو ان مان پکي به چهنب نه ٿو ٻوڙي، آءُ ان کي امرت کي وسايان ٿو، منهنجي گجگوڙ گڻن ڀري  آهي.)

هيڪ متر، ٻيجا متروليا، تاڙ متر  انيڪ،
جن ڏٺي نيڻ ٺرين، او لاکان ۾ هيڪ [16]

( سچو دوست هڪ هوندو آهي، ٻيا مڙئي دوست هوندا آهن. تاڙي ملائڻ وارا ساٿي انيڪ ملي ويندا، پر جنهن کي ڏسي نيڻ ٺرن، اهڙو دوست لکن ۾ هڪ هوندو آهي.)

سک اپجي، ڏک گڙي، نڪنلڪ ڀيو نماڻ،
انگ انگ آنند ڀيو، پرگهٽ راڳ ڪلياڻ.

(جڏهن ڪلياڻ راڳ پڌرو ٿيو، تڏهن سک پيدا ٿيو، ڏک ختم ٿيا، ۽ ڪنهن به قسم جي من ۾ تلخي نه رهي، انگ انگ ۾ راحت اچي وئي.)

ڪوئل ڪيا دينت هي، ڪانگا ڪس ڪا هيرنت،
چپا رس ري ڪارڻي، جگ اپنا ڪرنت،

(ڪوئل ڪنهن کي ڇا ڏي  ٿي، ڪانگ ڪنهن جو ڇا وڃائي ٿو ؟ چپن جي مٺي رس (ٻوليءَ) سان ڪوئل جڳ کي پنهنجو ڪري ٿي.)

ٻارهي گائوئي ٻولي بدلي، ورک بدلي ساکا[17]
ٻڍاپڻ ۾ ڪيس بدليا لکڻ نه بدليا لاکا.

(ٻارنهن ڪوهن تي ٻولي (لهجو) تبديل ٿيندي آهي. وڻ ٽارين ۾ بدلجندو آهي. پوڙهپڻ ۾ مٿي جا وار مٽجي ويا، پر اي لاکا! ماڻهو جا لڇڻ ڪڏهن نه بدليا.)

ڪڙه واڻي سون ڪام، هر ڪوئي ڏوهرو ڪري،
ڪام هوئي بن دام، جهٽ نرمي چڪريا،

(رعب تاب سان (پئسا ڏيندي به) ڪم وٺڻ ڏکيو آهي. چڪريا! نوڙت سان بنا پئسن جي آسانيءَ سان ٿي ويندو.)

ٻولي ميٺا ويڻ، مطلب ري ڪارڻ مڙي،
سمجهو ڪڏي نا سيڻ، ڪپتي نر ڪاليا.

(جيڪو پنهنجي مطلب ( غرض) سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري ٿو، اهڙو ماڻهو ڪڏهن به دوست ٿي نه ٿو سگهي، اي ڪاليا! اهو ماڻهو ڪُپتيو آهي.)

مڌ وديا مان، اڇو سو اڪڙي اوس
آڌن ري ان مان، ريوي ورلا راجيا

(مڌ، علم ۽ ڌن اوڇي (هلڪي) ماڻهوءَ کي جلد ئي آڪڙ ۾ وجهي ڇڏيندا آهن، پر سپوٽ انسان مان اي راجيا! ڪو ورلي ٿڙندو آهي.)

ڪرڻو هي سو ڪر جائو، بکت وهاتي جو مڙي
بيتا بکت پڇتائو، چت ۾ رهسي چڪريا.

(اي چڪريا! جيڪو ڪرڻو اٿئي،اهو مهل سان ڪري وٺ. وقت گذري وڃڻ کان پوءِ پڇتاءُ  ئي دل ۾ رهجي ويندو.)

لاوان تتريان لار، هر ڪوئي هاڪا ڪري،
پڻ سنگهان تڻي سڪار، ڪرڻو مسڪل ڪشنيا!

 (جهنگ ۾ تترن پويان هر ڪوئي ‘هاڪا’ (آواز ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي، پر جڏهن شينهن جي شڪار جي ڳالهه ايندي آهي ته، اي ڪشنيا! تمام گهٽ ماڻهو سنڀرندا آهن.)

جس ڪي سوڀا جڳ ۾، اوئي جيوڻ نا ڌن،
ايڪ جيوڻ موت سريکو، ڪسوٻا سڻي ڪن.

(جنهن جي جڳ ۾ سوڀيا آهي. ان جي جيئڻ کي جس آهي، اهڙو جيئڻ موت برابر آهي، جنهن جون ڪچايون ڪن سڻن.)

مردان مرڻ حق هي، اُٻرسي گلان،
ساپُر را جيوڻا، ٿوڙان هي ڀلان.

مردن جو (بهاديءَ سان وڙهي) مرڻ حق آهي، (انهن جي سورهيائيءَ جون) ڳالهيون رهنديون. سپوٽن جو ٿورو ئي جيئڻ ڀلو آهي.)

سپوتر سخن سهي، جوُن وڍ سهي وڻڪار،
ڌرڻي ڪني ڌپ سهي، جوُن دريا سهي آر.

(سپوٽ ماڻهن ماڻهن جا ڪڙا ٻول به سهندا آهن. جيئن وَڍَ (ڪهاڙي جا)وڻڪار سهندي آهي. ڌرتي هر ڪني ڌپ ائين سهندي آهي، جيئن درياههُ پاڻيءَ جو آر سهندو آهي.)

سدا نه سنگ سهليان، سدا نه راجا ديس،
سدا نه جگ جيوڻو سدا نه ٻالڪ ويس.[18]

(سدائين  سهلين سرتين جو ساٿ  نه رهندو آهي، سدائين ملڪ جو راجا ساڳيو  نه هوندو آهي، سدائين جڳ ۾ جيئڻو  نه آهي. (نيٺ ته موت به ايندو ) سدائين ماڻهو ٻالڪ ويس ۾ نه رهندو آهي.)

رڻ بن ۾ رونکڙو، ڪوڻ ڪري سنڀار،
ڪا جوئي ڪُڙ آپ رو، ڪا راکي ڪلتار.

(جھنگل ۾ هڪ ٻوٽو اڀريو، جنهن جي ڪير سنڀال ڪري !؟ ان کي پنهنجو نسل (خاندان) تاري (سنڀال ڪري) يا ڪلتار پار پهچائي.)

 

چارڻن جي مزاحيه شاعري

چارڻ ڪوين جي شاعريءَ ۾  مزاحيه رنگ به ملي ٿو. هتي ڪجهه مثال  پيش ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو.

پيو سمر ۾ جاوتا، پاڇا گيا پرهار،

مانڏيو ڏيٺ ڀيت پر، ڀالا سهت سوار

( هڪ ڊڄڻي ( بزدل) جي زال چوي ٿي ته منهنجو مڙس وڙهڻ جو سوچي، ۾  جنگ جي ميدان ڏانهن ويو، پر موٽي آيو آهي. هن  واٽ ۾ ديوار تي  ڀالو کنيل هڪ جنگجوءَ جي تصوير ڏٺي ته ڊڄي ويو.)

پيو اِسَارَڻ چڙهيا،  هاٿ ليڌي تلوار

ڏيٺي تن ري ڇانهلي ، اُوڀا او پاڙي پار

( منهنجي مڙس تلوار هٿ ۾  کڻي  ميدان جنگ  جي راهه اختيار ڪئي، پر وچ رستي ۾ پنهنجو پاڇو ڏسي  (ڊڄي)رڙيون ڪرڻ لڳو)

 ٻي به ڪيتري مزاحيه شاعري موجود آهي، ۽ زماني ۾ سهپ ختم ٿي وئي آهي ۽ مزاح سهڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. انڪري مزاحيه دوهن جو سرجڻ گهٽجي ويو آهي. چارڻن جي ڪو همت افزائي ڪرڻ وارو نه آهي

 

چارڻن جي شاعري ۾ ‘سچ گو’ جا مثال

چارڻ مزاجاََ بي ڊپا ۽ سچ گو رهيا آهن، اُهي چڱن ڀلن کي منهن تي سچ چئي ڏيندا آهن.

وهه هي بکتا، وهه هي بکت، وهه هي بکت کي تلوار،
ٻاپ ني ماريو ڏيڪرو، لگي ڪي پاڏي رو ڀار.

(اي بختا! تون اهو ئي بختو، اها ئي(تنهنجي) بخت جي تلوار،اهو ئي وقت (ٽاڻو) جنهن ٽاڻي(تو) پنهنجي پيءُ کي ماريو،(پيءُ کي ماريندي تو کي احساس نه ٿيو ته پوءِ) تنهنجي تلوار کي پاڏي جي ڪنڌ جو ڀار ڇا ڪندو!؟)

چارڻي ساهتيه ۾ ڀونڏا (برائي/نندڻ جا) شعر اڪثر طور واهڻ(سواري) ۾ آهن:

مين جاڻيو، ڀواني ڪو واهڻ سيتل واهڻ مين ڏساريو
سنڀا ڀئي شو واهڻ ڪي، شني ڪي واهڻ سيس هلايو
آساري وڌڪو شٻڌ ڪهيو، جاچڪ ڪو پگ توڙکايو
جي ڪوئي جاچڪ جاچڻ آوي ڀيرو ڪو واهڻ ڀڀڪايو

(مون ڀانيو ڀواني جي سواري شينهن آهين پر تون سيتل ديوتا جي سواري گڏهه جھڙو نڪتين، تنهنجي ڪچهري جا ساٿي شو جي سواري ڍڳي جھڙا جن مون کي ايندو ڏسي شني جي سواري پاڏي جيان ڪنڌ هلايو، مون آس اميد سان سلام ڪري ٻول چيو ته سڀ منهنجي پويان چئجي ويا. جيڪڏهن وري به مون جھڙو جاچڪ (سوالي) اچي تنهن کي ڀيرو ديوتا جي سواري ڪتا بڇ ڪجان)

چارڻي سماجي ۾ ڪوئي ڪوي به جڏهن ڪردار جو ڪچو ٿيو آهي، تڏهن ان جي ڪردار کي سچن چارڻ ڪوين هميشه ننديو آهي.

پارڪر جي راڄ ڌڻي ڊريل مڪواڻي کي مارڻ لاءِ جڏهن سينڌل سوڍا وس ڪري رهيا هئا، تڏهن ذاتي مفاد لاءِ گونگڙي جي ڌنراج ڪويءَ، ڊريل سان دوکو ڪري، سينڌل جو ساٿ ڏنو ته هُن جي اهڙي ڪچائيءَ جي نندا ڪندي، ڪنهن سچي چارڻ چئي ڏنو:

ڪارونجھر تنَان ڪَ جَسَ ڪجسي ميڙيو ڪاج،
ڊريل مڪواڻو مارواتان، ڌوڙ کاڌي ڌنراج.

(اي ڪارونجھر ! توتي ميار آهي، جو ڪُجسو ڪاڄ کڻي گڏ ڪيو اٿئي.(راڄ ڌڻي) ڊريل مڪواڻي کي (دوکي سان)ماريو ويو آهي، ڌنراج جي منهن ۾ ڌوڙ پئي آهي.)

ٻاوليان ٻارڻيئي، تون رتنو مت راکي،
چڪوڙي چارڻيئي، مارايو گر مان تڻو

(اي ساميڙا! تون ڪڏهن رتنو(چارڻن جي نک جو نالو) ڪڏهن در تي نه رکجان، چڪيل چارڻ (لالچ ۾ اچي) راجا مان جي گرو (مشهور سخي ڪردار سوامي لاڏوو ناٿ) کي ماريو.)

 

چارڻن جي شاعريءَ ۾ دعا ۽ پِٽ جو ذڪر

تاريخ جي ڪتابن ۽ لوڪ ڪٿائن ۾ چارڻن جي دعا ۽ پٽ جا ڪيترائي واقعاملن ٿا، چارڻن جو شمار فقير قبيلن ۾ ٿئي ٿو. ان ڪري عام عقيدو آهي ته:

چارڻ تارڻ راجپوتان، ڀڳتان تارڻ رام،
هيڪ تاري سرگاپُري، ٻيجو راکي نو کنڊ نام.

ڪتاب”پراڻي پارڪر” ۾ منگھارام اوجها، جھونا ڳڙهه جي راءِ منڊلڪ کي هڪ چارڻياڻيءَ پاران ڏنل وچنن جي وارتا کي خاص اهميت سان بيان ڪيو آهي.

ڪتاب “سوڍائڻ”(هندي) ۾ پروفيسر شڪتيڏان، راڻي همير جي صغير پٽ ويسي کان راڄ دوکي سان کسيندڙ ڏوڍا کي ديول چارڻياڻيءَ جي ڏنل بد دعا ۽ راڻي ويسي کي ڏنل دعا کي هيٺين سٽن ۾ درج ڪيو آهي ته:

ڪروڌ ڪييو مها مايا ڪڙڪي
ٻوجي ڀوم گھڻي ڀوم دڙڪي،
ڪهيو ديول راج نه ڪرسي،
مورک گھر پهونچتو مرسي.

ڪر استوتي پرڻام ڪر، ويسي ليئو وردان،
ديول ريجھي ديت هئه، امر ڪوٽ انعام،
لاگي پگي ور شڌ لي امر نا آسيس،
قائم راجس ڪري، سڌ گت ڪرپا سيس.

(معنيٰ: مها شڪتي ڏيول ڏوڍا تي ايتري غصي ۾ اچي ڪڙڪي، جو ڌرتي ڌٻندي محسوس ٿي، ديوي ڪاوڙ ۾ چيو ته ڏوڍو هاڻي راج نه ڪندو، موک گھر پهچندي مري ويندو. ديوي جي استوتي پرڻام ڪري ويسي وردان ورتو، ديول راضي ٿي ويسي کي امرڪوٽ انعام طور ڏنو. ويسي ديوي جو شڪرانو ادا ڪندي پيرن تي هٿ رکي دعا ورتي. ديوي دعا ڏيندي چيو ته تون پنهنجو راج قائم ڪري سک سان وسندين.)

ٿر جي عام لوڪ وٽ ٻيا اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن، ڪلهوڙن جي ديوان خاص ٽيڪراءِ سان ٿيل جهيڙي  ۾  نهڙي قبيلي کي مليل دعا کان وٺي، چيلهار جي آجپي جي لاءِ چيلي چارڻ جي جھليل جھولي”آيل جڳ چار، چيلهاڻو اڀو رکي[19]  تائيڻ دعا ۽ بد دعا جو وڏو سفر آهي. ٿر جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ محقق حاجي محمد ڪنڀر موجب ڀاڻ ٻائي چارڻياڻي جي دعا سان ويرو ٻائي مالهڻ جو کوهه پارڪر ۾ وسيو. ڀاڻ ٻائي جي بد دعا سان هڙٻنگ راجپوت ۽ سندس ساٿين جا 104 کوهه کارا ٿي غير آباد ٿي ويا. هڙٻنگ جي ڪوٽڙي وٽ مساڻ ٺهيو. ويرو ٻائي جي نالي پويان اڄ به ويراهه واهه شهر سڏجي ٿو. ونگي جي نهڙين ۽ ڄام تماچيءَ جي حوالي سان دعائي دوهن جو رنگ هن ريت آهي:

تر آنٻو تماچي، ونگو ٻاون وير،
ڄڻ مُک نا نه اُچري، سياڙو سمير.[20]

(ڄام تماچي نياز نوڙت ۾ انب (وڻ) وانگر جھُڪيل نهٺو نماڻو ۽ عقل جو وير آهي، جنهن جي منهن ۾ “نه” لفظ ڪڏهن به نه اچي ٿو، ڪهڙي به حالت هجي، هو سخاوت ۾ اٽل آهي، ايئن جيئن سمير جبل تي سورج سياري ۾ پنهنجو طرف نه بدلائيندو آهي.)

ونگو چگو سدا سخي، سُرونگو ڏيس،
ڀڙ ونڪا تاتا تري، نهڙِي اڀئه نريش.

(ونگي جو علائقو واکاڻ لائق سدا سرهو سخين جو پٽ آهي جتي بهادر گهوڙي سوار نهڙي رهن ٿا.)

ساموئي نه سنجھورو، ڀليج ٿانري ڀيت،
ايوو ڏي ڄام تماچي، چڙهي راج اجيت.

(ڄام تماچي تنهنجي واکاڻ ڪهڙي ڪجي، تنهنجو خاندان نسل در نسل اعليٰ رهيو آهي. ساموئي ۽ سنجھوري جي رڳي ڳالهه نه آهي. اي ڄام تماچي مونکي اهڙو گھوڙو ڏي جنهن تي راجا اجيت چڙهي)

توڳل سين ميگھل تلي، جاونگي جا ڏيتاڻ،
اُنٺ سيمپي ايدوئان، ڪرهيا ڏي ڪيڪاڻ

(ونگي جو توڳل خاندان(ارباب توڳاچي جو خاندان) ۽ ڏيتاڻ جو ميگھل خاندان پنهنجي ڪردار ۾ برابر آهن، اهي چارڻن جاچڪن ۽ ٻين فقير خاندان کي سخاوت ۾ روزانو اُٺ ۽ گھوڙا ارپن ٿا.)

چارڻ، راڳ ۽ ساز جا ڄاڻو

چارڻ راڳ ۽ ساز جا ڄاڻو رهيا آهن. ٻيجل چارڻ چنگ، سُرندي، ڪماچ ۽ ڪينرو جو شهنشاهه وڄتڪار هو. پوري ننڍي کنڊ ۾ ٻيجل جي چنگ، ڪماچ، ڪينري ۽ سُرندي جي وڄت جو ڪير مقابلو نه ڪري سگھيو آهي. هن چارڻ جي تند تي سخي ڏياج پنهنجو سِر ڪوري ڏنو هو. شاهه لطيف ٻيجل جي سازن ۽ موسيقيءَ جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪيو آهي.

محلين آيو، مڱتو، ساز کڻي سُرندو،
سِر جي صدا سُر ۾، گھور هڻي گھُرندو،
مٿي ريءَ ملوڪ جي، چارڻ نه چُرندو،
جھوناڳڙهه جھُرندو، پوندي جھانءِ جھروڪ ۾
چارڻ تنهنجي چنگ جو، عجب آهم هيءُ
هڻي آيو هٿن سين، جيئرو رکيو جيءُ،
رات منهنجو ريءَ ڪاٽيو تو ڪُماج سين.

سمنگ چارڻ سنڌي موسيقيءَ ۾ ڪِيرت جو بنياد وڌو، جنهن مان سُر آسا ۽ پرڀاتي جنم ورتو.

سيڻل جي پريم ڪهاڻي سان لاڳاپيل وينجھو چارڻ جنتر وڄائڻ جو ماهر هو. چارڻ شاعر، سگھڙ ۽ ڳائڪ سخي ۽ سور وير ڪردارن جو ڪهاڻيون شعرن ۾ سرجي اسر ويل ڳائيندا آهن. چارڻن جي شعر پڙهڻ توڙي ڳائڻ جو منفرد انداز آهي.

چارڻ ٻيا ساز به وڄائيندا آهن. جن ۾ تنبورو، يڪتارو، جانجھه، کڙتال، هارمونيم، سُرتال ۽ ٻيا شامل آهن. چارڻي شاعري ۾ مختلف راڳن ۽ راڳڻين جو ذڪر ملي ٿو.

راڳان ميٺي سورٺي، چوپڙ ميٺي سار،
سيجان ميٺي سندري، رڻ ميٺي تلوار.

(راڳڻين ۾ سورٺ مٺي راڳڻي آهي، چوپڙ راند ۾ رانديگر کي ساري مٺي لڳندي آهي. سيج تي سُندري مٺي(وڻندڙ) لڳندي آهي، رڻ کيتر(ويڙه جي ميدان) ۾ تلوار مٺي(ڀلي) لڳندي آهي.)

سک اپجي، ڏک گڙي، نڪلنڪ ڀيو نماڻ،
انگ انگ آنند ڀيو، پرگھٽ راڳ ڪلياڻ.

(جڏهن ڪلياڻ راڳ پڌرو ٿيو، تڏهن سک پيدا ٿيو، ڏک ختم ٿيا، ۽ ڪنهن به قسم جي من ۾ تلخي نه رهي، انگ انگ ۾ راحت اچي وئي.)

 

چارڻن جي شاعري جون صنفون

چارڻ شاعرن مختلف صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. خاص طور تي چارڻي شاعريءَ ۾ ڇند، ڇند پدري، ڇند ڀجنگ، ڇند تروٽڪ، ڇند ٻجنگي، ڇند ٻه اکري، ڇند چوپئي، ڇند موتيرام، ڇند پاون، ڇند مڪرند، ڇند روم ڪند، ڇند ريڻڪي، ڇند سارسي، ڇند ماترڪ، ترڀنگي ڇند، سارسو ڇند، سندر ڇند، گاٿا، گورو گاٿا، سُک پنکرو گيت، اڌارڻ، ورڻ گيت، ڪوَت، پريات، ڇاپيا، وسرام، ڀڳت، ويل، واچ، نيڻاڻي، دوهو، سورٺو، سورٺا، ويلاس، راسُو، پرڪاس، روپڪ، بڙو، پيڇولي، گيت تون وري، کوڙو، جھولڻا، ڀڄن وغيره شامل آهن.

ننڍي کنڊ ۾ چارڻن جي شاعريءَ جي صنفن ۾ راسو، ڇند ۽ دوها تمام گھڻا مشهور آهن. راسو، جيڪي پنگل ۽ ڊنگل جي اثر ۾ ليکل آهن. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ راسوءَ کي راسوڙا سڏيو ويندو آهي. چارڻي راسو صنف ۾ کمان راسو، همير راسو مشهور رهيا آهن. رزميه شاعريءَ جو وڏو حصو ڊنگل ۾ سرجيل آهي.

دوهن کي ڏوها پڻ چيو ويندو آهي. دوهي جا پنج قسم ملن ٿا. دوهو، سورٺيو، بڙو، تون وري، کوڙو شامل آهن. لوڪ ڏهپ[21] ۾ ڏوهي کي ڏهون ويد سڏيو ويندو آهي.

 

سورٺيي جو مثال:

گھڻي بري هي بات، سدا ستاوڻو سيڻ نون،
انت اگن اُٺ جات، چندن رگڙيا چڪريا.

(سدائين پنهنجي دوست/واسطي واري کي ستائڻ (تڪليف ڏيڻ/ستائڻ) تمام بري ڳالهه آهي. چڪريا ڪوي چوي ٿو ته  گهڻو چندن کي رگڙڻ سان نيٺ انهي ۾ باهه پيدا ٿي پوندي آهي.)

تُون وري:

تينو ري مت ايڪ، مکي، مڇر، ڌشت نر،
آپ ري جيڻو ڪو تياگ ڪر، اوران ڪو دک ديت.

(مکي، مڇر ۽ فسادي ماڻهو ٽئي هڪ سوچ جا آهن پنهنجي جيئڻ کي تياڳ ڪري ٻين کي ڏک ڏيندا آهن)

کوڙو:

ناري ڀريو نير، ٽاٻريو جهولڻ گيو
تري نه پوگو تير، او ڏوٻو

(ناري پاڻي ڀريو، ٻارڙو جھُولڻ ويو، تري واپس نه پهتو، پريشاني ٿيڻ لڳي.)

ڪوت جي لفظي معنيٰ پرک يا اندازو آهي. ان جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

نپت گھُلاوري نيڻ” انگ واسينگ جُون موڙي
ٻولي بڙڪا ٻول، پريت پريتم سُون ٽوڙي
سرور ڌوئي پاوء نير ٻپارا  لاوي
چالي اڌڪي چال، گيت رسيالو گاوي
نر ڏيکي نخرو ڪري گهر گهر ۾ ڏولي  گهڻي
ڪوگد ڪهي ٺڪران، او نپچي نار ڪلڇڻي،

(جيڪا هرٽاڻي جسم کي نانگ جيان موڙي، وڏي آواز سان ڳالهه ڪري ۽ پنهنجي بالم ( محبوب) سان محبت ٽوڙي تلاءُ تي پنهنجن پيرن کي ڌوئي، ٻنپهرن جو پاڻي ڀرڻ وڃي، هلڻي ۾ نرالا انداز اختيار ڪري، محبت جاگيت ڳائي، مرد ڏسي نخرا ڪري، بي مطلب گهر گهر وڃي، ڪوي ڪو گد چوي ٿو ته اي ٺاڪرو اهڙي نار جا لڇڻ سٺا ناهن هوندا.)

 چارڻي شاعريءَ جي سمورين صنفن ۾ تشبيهون ۽ استعارا روز مره جي زندگيءَ مان کنيا ويا آهن. انهن کي مقامي زمين، رنگ روپ ۽ سندرتا آهي.

____

[1] Singing praises Daily Dawan February 25, 2007

[2]  مون:مون

[3]  کوڙ: کوٽ ٽڪو/داغ

[4]  هن دوهي جو ترجمو يا وسعت ( Extension  ) سنڌي ۽ ڍاتڪي ٻوليءَ تي هڪجهڙي مهارت رکندڙ خليفي نبي بخش ”قاسم“ ڪهڙي نه خوبصورت ٻوليءَ ۾ ڪئي اهي:

جي ڀڄي آئين ڀڄڻا، ته آءُ تنهنجي ڀيڻ،

نٿ تنهنجي نڪ ۾ ، وجهان ڏيئي ويڻ،

[5]  ٿڻ: ٿڃ

[6]  پڙوس: پاڙيسري

[7]  سنديسرو: نياپو

[8]  (ستي راجپوتن جو مشهور رواج آهي مڙس جي ويرگتي پائڻ تي ناري لاش کي پنهنجي گوڏي تي سمهاري چکيا تي چڙهندي هئي، بهادري ۽ سخاوت وارن ڪارنامن واري مرد پويان سندس ڀاڄائي، ماءُ ۽ ڀيڻون به ستيون چڙهيون آهن، چکيا چڙهندڙ عورت پنهنجي هٿن سان تياري ڪندي هئي . ستي ٿيڻ کان اڳ ۾ ڳوٺ جي ماڻهن کي سيرو رڌي کارئيندي هئي، تپندڙ ديڳ ۾ روايت موجب ڪڻڇي (ڏوهي) طور  هٿ استعمال ڪندي هئي، انگريز دور ۾ انهيءَ رواج تي پابندي وڌي وئي، ٿر ۾ به ڪيتريون ئي ناريون چکيا چڙهي ستيون ٿيون آهن جن جي قبرن کي ٿلهو ۽ پائوڙيو سڏيو وڄي ٿو،)

 انڊمان جي ٻيٽن ڏانهن [9]

[10]  اڪ جو کير چمار چمڙي کي استعمال لائق بنائڻ ۾ ڪم آڻيندا هئا. چوپائي مال جي لٿل کل رنگائيءَ جي مرحلي دوران جڏهن بدبوءَ ڪري ويندي هئي، تڏهن اڪ جو کير لڳائڻ سان بدبوءِ ختم ٿي ويندي هئي

[11]  لوڪ روايت آهي ته نانگ جي مڻ بلور وانگر سندس مٿي ۾ هوندي آهي نانگ وات ذريعي ٻاهر ڪڍندو آهي، مڻ روشني ڪندي آهي، جنهن جي روشني ۾ رات جو نانگ شڪار ڪندو آهي. اها مڻ ڏنگيل ماڻهوءَ  جي ڏنگ واريءَ جاءِ تي رکڻ سان زهر ختم ٿي ويندو آهي.

[12]  ڪوٽڙي (اوطاق) ۾ ويٺل نوجوان چوندا آهن ته چاچا، هتي ڇوڪرا ڪچهري ڪن پيا، توهان گهر وڃو، گهر ۾ وري ٻار چوندا آهن ته چاچا! توهان ڪوٽري ( اوطاق) وڃو.

[13]  هن دوهي جي ٻي سٽ ٿر ۾ هينئن به ملندي آهي.

ٽيجي لاهه نه آپڙي، تو پگ ڏي پڇو آئي.

[14]  (شينهن جيڪڏهن ٽن ڇلانگن ۾ شڪار هٿ نه ڪيو ته پوئين پيرن واپس ايندو آهي.)

آدو مان ڪي اُڏر ۾، آڏو هاٿي ڪي سيس

[15]  راڻي يا راجا جي پٽ کي ڪنور۽ ڪنور جي پٽ کي ڀنور چئبو آهي

[16]      ايس متر سوئيس متر تاڙي انيڪ،
        وپت پڙي ڌک وانٽي او لاکان  ۾ هيڪ

[17]      ٻارهي گائوئي ٻولي بدلي سرور بدلي ساکا

سدا نه سنگ سهليان سدا نه ڪاڙا ڪيس[18]

[19]  آيل جُگ چار، چيلهاڻو اُڀو رکي،

آوڙ تانهنجي آڌار، سک وسين سانگيڙا

[20]  سمير: جبل جو نالو، سرونگو: خوشبودار، تاتاتري: گھوڙي سوار. ايڍوئان: چارڻ جاچڪ فقير ۽ ٻيا

[21]   ڏوهو  ڏسمو ويد، سگھڙ نا سالي گھڻو

     (دوهو ڏهون ويد آهي، سگھڙ ماڻهو کي گهڻو سيکاريندو آهي)



باب چوٿون


مُکيہ چارڻ شاعر

سمنگ چارڻ

سنڌ جي ناليواري محقق الياس عشقي هڪ هنڌ لکيو آهي ته: سمن ۽ سومرن جو دور ڊگهن بيانه داستانن جو دور هو. اهي داستان چارڻ، ڀٽ ۽ ڀان نظم ۾ چوندا هئا. انهي عرصي ۾ سمنگ چارڻ ٿيو، جنهن کي پرٿويراج راسوجي مصنف[1]چندر بردائي سان ڀيٽيو وڃي ٿو.

سنڌي ادب ۾ سمنگ چارڻ جو نالو مشهور آهي. سمنگ چارڻ ڄام لاکي جو چارڻ ۽ ڪيراڪوٽ جو رهواسي هو. سنڌ جي دنگ سان لڳندڙ پاڙيسري علائقي ڪڪرالي جا ڪهر سما ڪنهن به چارڻ کي دان نه ڏيندا هئا. ڪيترن ئي چارڻن وڏا وس ڪيا پر ڪڪرالي جا ڪهر سما نه ريجهيا، ڪيراڪوٽ ۾ هڪ دفعو چارڻڻ جي وڏي پنچات ٿي، جنهن ۾ اعلان ڪيو ويو ته جيڪو ڪڪرالي جي ڪيهر سمن کان ڏان وٺي ايندو، ان کي ڪڇ جي چارڻن جو اڳواڻ تسليم ڪيو ويندو نامياري محقق محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب “ڪڇ جو رڻ”[2] ۾ ڄاڻايو آهي ته؛‘ ڪڪرالي جي علائقي تي ان وقت اوڍو ۽ ٻڍو ڀائر راڄ ڪندا هئا، سمنگ چارڻ ڪڪرالي وڃي سمن جي محل اڳيان ڏان جي صدا هڻڻ لڳو. سمن طرفان روايتي طور تي انڪار جو جواب ٻڌي، چارڻ جو چت چري پيو ۽ ڳائڻ لڳو ته:

 مينهون موٽا ٿام، ڏيڻ گهڻيون ڏهليون،
ڪڪرالي جا ڄام، ڪه ڀانئين ڪڪيون.

انهي بيت سمن جي نوجوانن کي چيڙائي وڌو پر اوڍي نوجوانن کي روڪي ڇڏيو. پاڻ اچي چارڻ کي چيائين ته اهو بيت واپس وٺ! پر راجا ئي هٺ اڳيان چارڻ جو هٺ به هار قبول ڪرڻ جهڙو نه هو. چارڻ چيو ته سما سائين ڏان ڏني کانسواءِ شعر واپس نه ٿيندو/ ان ۾ تبديلي نه ايندي. نيٺ مجبور ٿي اوڍي چيو ته چارڻ گهُر ڇا کپي؟ سمنگ وراڻيو ته سائين منهنجي صدا مينهون آهن. اوڍي 50 مينهون کيس ڏان طور ڏنيون. ڏان ملڻ تي چارڻ شعر ۾ تبديلي آڻيندي چيو ته:

 مينهون موٽا ٿام، ڏيڻ گهڻيون ڏهليون،
پر ڪڪرالي ڄام، ڪه ڀانئين ڪوڏيون

سمنگ چارڻ ان ريت پنچائت جو شرط کٽي آيو، شرط کٽي اچڻ تي سمنگ چارڻ کي ڪڇ جي چارڻن جو اڳواڻ تسليم ڪيو ويو.’ چارڻن جي اڳواڻي ملڻ تي سمنگ جي ذميواري اڃان وڌيڪ وڌي ويئي. ڪڇ توڙي آسپاس جا سماٽ قبيلا سمنگ جي وڌيڪ عزت ڪرڻ لڳا. سمنگ ذميواري جو احساس رکندي ڌرتي جي دادلن ۽ دلاور ڪردارن مان “ڏهه ڏاتار ۽ ست سورمن جا داستان پنهنجي انوکي ڏات جي ڏانءُ سان منظوم سرجي لوڪ جي زبان ۾ عوامي امنگن جا آدرش  بڻائي ڇڏيا. ننڍي کنڊ ۾ سخاوت ۽ سورهيائي جي ڪارنامن جو جڏهن به ذڪر  نڪتو ته عوامي اڪير ۽ اڪنڍ ۾ اڻيل سمنگ جي ڪردان جون ڪٿائون مانائتي روپ ۾ پيش ڪيون ويون. سمن جي راڄ مان سمنگ جي متعارف ڪرايل ڪردان ۾ پروفيسر محرم خان وگهامل ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار ڪلهوڙي مطابق (1) سخي سپڙ ڄام چوٽاڻي، (2) راءِ ڏياچ چاوڙو، (3) جکرو اوڍاڻي، (4) اوڍو جکراڻي ،(5) لاکو ڦلاڻي، (6) ڄام ڪرن، (7) ڄام هڻند (هوند) ٿڌاڻي، (8) جسوڌڻ آڳڙو،(9) وڪيو ڏاتار جاڙيجو، (10) سخي ساهڙ رونجهو آهن. اهڙيءَ ريت سورمن ۾ (1) ڄام انڙ وير، (2) ابڙو اڙٻنگ، (3) پونئرو پاونگ، (4) بانڪو بڊاماڻي، (5) ڪارائڙو ڪونڌر، (6) هوٿي وريام ۽ (7) لاکو ڦلاڻي شامل آهن.[3]

سمنگ ڄارڻ جي شعرن ريگستان جي دڙن تي تارن جي رم جهم ۾ واريءَ جي ڪڻ ڪڻ کي مهڪائي جهنگل ۾ منگل پيدا ڪيو.

 نه صرف سگهڙ سياڻن رهاڻ رس جي شروعات سمنگ جي ڪوتا سان ڪئي آهي، پر ڌنارن بانسرين ۽ چنگ جي سُرن تي پگهر جي واس ۾ دل کي گرم گوڙهن جو سيڪ ڏيئي ڳايو آهي ته:

لاکي ڄام پڇايا، ميڙي مڱڻهار،
ٻيلڙا ٻيو ڏٺو ڏيهه ۾ ڪو ڏاتار.
--

مٿو مڱج مڱڻار، ڪا پيرون مڱج وات،
اڄ اسان جي راڄ  ۾  چارڻ مَ رهج رات.
--

ڦلاڻي لاکي وٽ، مون وڏو ڪيو ٿي وات،
گهيٽن پٽيون جو ٻڌي، سو ڏيندو ڪهڙي ڏات.
--

 انبن لڳي ڪيري، ڄارين لڳي ڇٽ،
ويهه چارڻ ماٺ ڪر، جيسين اچي وٽ.
--

وٽ اچي تيسين ويهان، تنهن کي لڳي دير،
جيءُ چارڻي جو وڃي، سو واري ڏيندو ڪير.
--

پورا ڏيان پنج سو ٻيا ان جا اُٺ ڀراءِ،
چارڻي چترائي سان مرتري پچائي کاءِ.
--

ان کي اوڏي نه ٿئي، پڪو ماس نه کاءِ،
چارڻي چترائي سان پيرون ويٺي پڇاءِ.
--

وڪيي جا ڏات ڪئي، تنهن سان ڏند جهرن،
چارڻ پيرون او مڱي جي ڄارين منجهه پچن.
--

 مينهن  ڇُٽي هئي ماڻڪي، ستن سمونڊين پار،
 پائي آندا ها پور ۾ ، ڪچا پڪا ٽار.
--

ٻيٽو ويرم راءِ، پوٽو رانگڙ جکري،
ڏنو راءِ ڏياچ، مٿو مڱڻهار کي.
--

 مٿو ڌوئي ميٽ، اُڀي سورج سامهين،
سمو اڇريو پيٽ، سونل ڦل سونگهيو.
--

هٿن هٿيريون، لاکي ڪن لورئيان،
اندر اپسريون، لاکو لوڏڻ آيون
  --

در آئي مڱڻي، دان سڀڪو ڏي،
سپڙ سو ساري، جو جهوپڙين ۾ جهپڪيو.
  --

اڄ گهرجين هت، بڊاماڻي پنرا،
مٿان ڀڳي ڀت، ويرين واٽون لائيون.

لوڪ ڪهاڻين مطابق وڪيي ڌاتار اڻ مندائتا/ ڪمندا  پيرون گهرڻ تي سمنگ  کي پاراتي ۾ ڪوڙهيو چيو هو. هن جي پيشانيءَ تي ڪوڙهه جو ٽڪو ٿي پيو. اهو ٽڪي جو نشان، سمنگ جي اولاد ۾ ٿيندو آيو.

روايتن موجب سمنگ چارڻ راڄ گهمندو همير  سومري جي صاحبيءَ ۾ پهتو. سمنگ سان راڄن مان ڏان ۾ مليل مال متاع گڏ هو. سومرن کي سمنگ چارڻ جي سما پرستي معلوم هئي، ان ڪري سومرن سمنگ کي تنگ ڪرڻ جو اهڙو نادر موقعو وڃائڻ نٿي گهريو. سمنگ جي مهماني ڪرڻ بدران سومرن ساڙ وچان سندس مال ڦرائي ورتو. سمنگ فريادي ٿي، ڦورو سومرن خلاف همير کي دانهن ڏني، همير کيس شعر ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو ته سمنگ سمن جي ڪردارن تي شعر سڻائڻ شروع ڪيو. همير کان پنهنجن حريفن جي ساراه وارو شعر هضم نه ٿيو. هن شعر تي چڙي، سمنگ سان انصاف ڪرڻ بدران کيس ترم ۾ بند ڪرائي ڇڏيو. هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ چئن چڱن جي وچ ۾ پوڻ سان سمنگ آزاد ٿيو، پرترم مان  نڪرڻ سان هن جي اندر جي آڳ شعرن ۾ ٻري پئي ۽ چارڻ چوڻ لڳو ته:

همير کان پيئي، سومرن کان ويئي،
هميراڻان پوراهه، راڄ نه ڪندا سومرا.[4]
  --

ستينءَ  هو  سوجهرو، اٺينءَ  ٿي  اونداهه،
هميراڻي باهه، وسائي ورهين کي.
  --

ستاويهين سهاءُ، ڪئي اڻٽيهين اونداه،
هميراڻي باهه، ٻري نه ٻري جهڙي
  --

ڍري ڍوري راءُ، جنهين چارڻ سان کاههُ،
پتڻ پٽي جو ٿيو، سيج وتايو ساههُ،
هميران پو راههُ، راڄ نه ڪندا سومرا.
  --

 سڄو ڦسي پيا سومرا، اڌ ڦسي پيو لوڪ،
جهيڻي ٻارڻ جهوڪ، نه ته پيئي ليڙپيائي لاٽون ڪري.
--

 سٻر ٿيا سومرا، ڏٻر تن پرجا،
همير جس ماتا، چارڻ چوندو ايترو.

سومرن جي صاحبيءَ ۾ رعيت کي بادشاهه خلاف مُٺ مُٺ سور هئا، پر اظهارڻ جو حوصلو نه هو، “پٿر پرايو سور پنهنجا” واري ڪار چارڻ جي انهن شعرن سان، راڄن ۾ همير جي نندا ڪر موڙي اٿي. همير جي ساٿين ۾ به اوچتو گهوٽالو پيو. راڻي مينڌري جي رُسڻ سان سوڍن جو ساٿ همير کان ويو ته، ڄام هالي جا پُٽَ به ڪنهن ڳالهه تان ڏمرجي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. چارڻ انهن کي چتاريندو چوڻ لڳو ته:

پلي پاڻي نه پيءُ، علي ان نه کاءِ،
هميراڻي ڪوٽ سان، جان جان جنگ نه ڪياءِ.
   --

ويڻن جهليو نه رهي، هوٿي سندو گهاءُ،
ڪو نه پرائيندو ڀاءُ، تنهن سان وجهي مامرو.
   --

کڳمار کلندي جهليا، نو سو ۽ نو گهاءُ،
پلي به پلٽيو پڙ ۾، ڀيڙو هوٿي ڀاءُ.
   --

هوٿيءَ سنديءَ ڦڻيءَ کي هو گيور  گيور گُل،
سڀ مرن سومرا، تو ڪونهي ڦڻي مُل.

محقق احمد سومرو پنهنجي ليک “سومرا دور ۾ سنڌي شاعريءَ”[5] ۾ لکيو آهي ته، “سمنگ چارڻ جي دور ۽ واقعن بابت لکيل ڳاهن ۾ تضاد نظر اچي ٿو، سڀ کان وڏو تضاد اهو  آهي ته چارڻ کي لاکي ڦلاڻيءَ جي دور جو ٻڌايو وڃي ٿو. حالانڪ لاکي ڦلاڻي جي وقت ۾ همير حاڪم نه هو. همير سومرن جو آخري حاڪم ٿي گذريو آهي، جنهن کي ڄام انڙ شڪست ڏني،” مهتا نيڻسي[6] موجب ڄام انڙ لاکي ڦلاڻي جو همعصر هو. محقق معمور يوسفاڻيءَ پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي، “ تاريخ  ۾ سمنگ نالي ٻه شاعر ٿي گذريا آهن.”

اهي سڀ ڳالهيون تحقيق طلب آهن. جيستائين تحقيق جي ڇند ڇاڻ ۾ ڇڻي سامهون اچن، تيستائين حتمي طو رتي ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. هڪ ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ته چيو وڃي ٿو ته سمنگ وڏي ڄمار ماڻي هئي. همير سومري جي حڪومت جي خاتمي سان سمن جي صاحبي قائم ٿي. سمنگ چارڻ، عمر جي آخري ڏهاڪي ۾ سمانگر جي رهاڻ جو رتن بڻيو هو. سمو حاڪم انڙ ڄام سمنگ کي درٻار اچڻ جي لاءِ ڏولي موڪليندو هو. ڀٽ ڌڻي جي لفظن ۾:

 چارڻ چاڙهي چوڏول ۾، تهان پوءِ نيو،
اچي رات ڪيو، سرفراز سيد چئي.

سمنگ جي شاعريءَ ۾ بيت، سورٺا ۽ دوها شامل آهن، جن کي “سمنگ جون ڳاهون” سڏيو وڃي ٿو لفظ ڳاهه بابت پروفيسر محرم خان پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته، “ ڳاهه اصل ۾ اپڀرنش (پراڪرت) لفظ گاٿا آهي. ان جي معنيٰ آهي “ڳائڻ” (اسم) يعني جيڪو ڳايو وڃي “يا” جو سُر سان چئجي.[7]

ڳاهه ڳائڻ يا چوڻ جو هڪ مخصوص نمونو آهي. ڪنهن ڪٿا/ڪهاڻي/ آکاڻي ۽ قصي ۾ ايندڙ شعر کي داستان گو ڳائيندو آهي. سمنگ جي ڳاهن جا ڳيرا ٻڌندڙ جي دلين ۾ آکيرا جوڙن ٿا.

سمنگ جي ڳاهن لاءِ چيو وڃي ٿو، اهي ڇند وڌيا جي ماترائن بدران موسيقيت جي لئي ۾ رچيل آهن، پر سمنگ جي شاعري پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته” سمنگ جا سورٺا ۽ بيت، ڪردار نگاري ۽ منظر ڪشيءَ جي ڪماليت توڙي ڇند وديا جي فن جي سانچي ۾ پرکڻ جهڙا آهن.

ٿڌي ٿڃ ڏنياس، سمون ساهڙ پٺ ۾، 
پڌرو پرکنداس، هڻند ٿڌياڻي ٿيو.
  --

اوٺي جي ڏانن، کيهون ابر لڳيون،
رج پئي راڻن، ڏاتار ڏٽجي ويا.
  --

جا مٿو مڱڻن ناهه ڪو، تان سمي نه سوڙ،
ڪرن ڄام ڪرور، ڇٽي ڦلن مُٺ جيئن
  --

ڪارايل جي ڪوڏ، مون ننگر سڀ نهاريان.
پينگهي پائي لوڏ، سر سمي ڄام جو.

سمنگ راڳ جو ڄاڻو هو. سنڌي موسيقي ۾ سمنگ ڪيرت جو موجد آهي. سورمن ۽ سخي ڏاتارن جي ساراهه ۾چيل شعر کي پرڀات ٽاڻي مخصوص انداز ۾ ڳائڻ کي ڪيرت چئبو آهي.

وقت گذرڻ سان ڪيرت جي نموني مان وهاگ ۽ پرڀاتي راڳ پيدا ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي موسيقي جي تاريخ ۾ لکيو آهي ته،” سومنگ هن چارڻ جو لقب هو. سومنگ معنيٰ پوري سو جي صدا هڻندڙ. “هتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن هي چارڻ جو لقب آهي ته پوءِ نالو ڪهڙو؟ سمنگ جي والدين جي نالن تي تاريخ جا ورق خاموش آهن.

منهنجي نظر ۾ سمنگ لقب نه اصلي نالو آهي. سمنگ سنڌ ۾ ذات به آهي، جيئن سومرو نالو به آهي، ۽ ذات يا قبيلو به آهي سنڌي زبان جو مشهور شاعر، خيرپور جو شاهنگ سمنگ ان ڳالهه جو شاهد آهي ته سمنگ نالي سان گڏ هاڻي ذات جو نالو به آهي.

سمنگ کي مينهون ڏان ڏيندڙ اهو ئي اوڍو هوٿل پري جي مشهور عشقيه داستان جو ڪردار آهي هوٿل پري ۽ ڪيهر اوڍي جي عشقيه داستان جون ڳاهون به ٻولي ۽ سٽاءُ جي بنياد تي چئي سگهجن ٿيون ته مشهور ڳاهن ۾ ڪجهه ڳاهون سمنگ جون تخليق ڪيل آهن.

اتر سيڙهون ڪڍيون، ڏونگر ڏمريا،
هينئڙو تڙڦي مڇ جان ساجن سنڀريا.
  --

 چڙهي چڪاسر پار، اوڍو هوٿل آهوڙي،
وڇائي ويٺي وار، پاڻي مٿي پدمڻي.
  --

چرهي چڪاسر پار، هوٿل نهارئي هيڪلي،
سينڌ کيلي وار، تري ۽ تڙڳون ڏي.
  --

چاهي مار جيار، مرڻ چڱو محبوب سان.
جيو جيوارڻهار، نيڻان تنهنجي نگامري.
  --
ججها ڏج جهار، ويسلڏي واگهيلي کي،
جت جوان اُڀيار، اُت اوڍو اوٿليو
  --

رڻ ۾ ڪريو مانڏورو وڇائي ڏاڙهون ڊاک،
اوڍو هوٿل پرڻيان، سورج ڀرجانءِ ساک
  --

ماريس تو کي مور، سڄڻ جا وڙاوا ڪري،
آهين چت جو چور، اوڍو تو اداس ڪيو.
  --

اسين گر جا مورلا ڪانڪر پيٽ ڀران،
رت آئي نه ٻولان، هينئون ڦاٽ مران.
  --

ريل مچيلا ڏونگرا، چارو لڳي چڪور،
وساريا سنڀاري ڏئي اي نه مارجي مور.
  --

چٺيون لکيون چار، هوٿل جي هٿڙي،
اوڍا وانچي نهار، اسان اچڻ ايترو.

هن ڳاهن/ بيتن مان ڪيترا سمنگ چاڻ جا چيل آهن. هوٿل پري ۽ ڪيهر اوڍي جي داستان تي ٻين شاعرن به شاعري ڪئي آهي. ننگر پارڪر جي ڪوي چنديرام ڀاٽ به هن قصي کي ڪوتا ۾ سرجيو آهي. داستان گو سگهڙن مخلتف شاعرن جي شاعري ملائي ڇڏي آهي. جنهن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ناميارو نقاد ۽ ڏاهو رسول بخش پليجو، سمنگ چارڻ جي ڳاهن سان ڳالهين واري شاعريءَ کي ابتدائي سنڌي شاعريءَ جي خوبصورتي سڏي ٿو.

سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن، سمنگ جي شاعريءَ جي شخص ۽ سوروير ڪردارن کي ڳائڻ سان گڏ چارڻن جي ڪِرت ۾ سمنگ کي به ساريو آهي. مختصر لفطن ۾ ائين چئجي ته، سمنگ پنهنجو پاڻ شاعريءَ جو ڪردار بڻجي ويو. لطيف سائين چوي ٿو ته:

ٻاجهاڻو ٻيلي ڌڻي، ٻجهان ٻاجهه پئي،
سپڙ سا سئي، جيڪا چارڻ چت ۾،

(سُر پرڀاتي)

سڀ سوالي سُمنگيا، داتا ڏيئي دان،
ٻاجهه ٻيلاتي ڀانيان!

(وائي :سر سريراگ)

شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري سپڙ جي ساراه ڪندي سمنگ جو ذڪر ڪيو آهي:

جهوڙيرا جهڻڪن، مٿي ميين مڱڻا،
سپڙ رات سُمنگيا، ڏکيا ڏان ڏسن،
گهر ٿا گهوٽ اچن، چنتا لٿي چارڻين.

هتي معلوم ٿئي ٿو ته، سمنگ چارڻ، اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن، شاه عبدالڪريم ۽ شاه لطيف وٽ اهڃاڻ جي صورت اختيار ڪري ويو، سمنگيا!” لفط اُن جو ساکي آهي.

 

لال ٻارٽ

 چيو وڃي ٿو ته ڪوي لال ٻارٽ پاري نگر جي مشهور عشقيه داستان سڏونت سارنگا جو سرجڻهار آهي، لوڪ روايتن ۾ رنگيل سڏونت سارنگ جي قصي ۾ به لال ٻارٽ جو ذڪر ملي ٿو پر ادبي تاريخن جا ڪتاب “ لال ٻارٽ جي جيون خاڪي جي حوالي سان خاموش آهن.

ننڍي کند جي وڏي ريگستان جي ٻين ٻولين ۾ هن قصي جو تذڪرو گهٽ ملي ٿو سڏونت سارنگا جو قصو نج ٿري داستان آهي.[8]

پاري نگر جي عروج واري زماني ۾ پارڪر جي پٽن ۾ ٻيا به شهر وسيل هوندا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سڏونت سارنگا جي ڪهاڻي ۾ آيل اجين/ اجيڻ ٿرپارڪر جي ڪنهن ماڳ (شهر ڳوٺ جو نالو هجي، اسان تحقيق جي گهاڙو تي هلي سڏونت سانگا جي داستان، اجيڻ ۽ هن سهڻي سرجڻهار جي جيون خاڪي بابت پتو پائي سگهنداسين. ڇاڇري جي ڪوي رڻڇوڙ جي هڪ دوهي ۾ به اجيڻ/ اجين جو ذڪر آهي. هڪڙي راءِ آهي ته سڏونت سارنگا جي داستان جي شعرن جي بناوٽ سورمن جي دور جي شعرن  جهڙي آهي. هڪ شعر ۾ سوڍن جي صاحبي جو ذڪر ملي ٿو[9] جڏهن ته پاري نگر جي عروج وارو دور سوڍي جي جنم کان اڳ ۾ هو . سڏونت سارنگا جي قصي کي ٻين شاعرن به ڳايو آهي. لال ٻارٽ جي شاعري ڪارونجهر جي پهاڙي سلسلي ۽ واري جي دڙن تي گونجندي رهي آهي. هن پنهنجي شاعري جي ڳوٺڙي ۾ محبت کي مجبوري ۽ عشق کي عيب قرار نه ڏنو آهي. اچو ته ڪجهه شعرن جي حسناڪي روح ۾ اتاريندا هلون:

آگ لگي بن ڪو، جل رهيو وڻراهه،
هم جلي پنک بنا، پنڇي تون اڙ جاءِ. [10]

(جهنگل کي باهه لڳي جنهن ۾ وڻ ٽڻ ٻرڻ لڳا آهن، اسان جا ته پر نه آهن انهيءَ ڪري جلي رهيا آهيون. اي پکي تون ته اڏري وڃ)

پان مروڙيا رس چکيا، ٻيٺا ٿانري ڏال ڏال،
تون جلي مين اڏ چلون، هي جيڻو ڪٿڪ ڪال.

(اي وڻ تنهنجي ٽاري ٽاري تي ويهي مون تنهنجا پن مروڙيا،تنهنجو رس چکيو (ڦل فروٽ کاڌو) هاڻي تون باهه ۾ ٻري رهيو آهين، ته آءُ اڏري وڃان!؟ اهو جيئڻ ڪهڙي ڪم جو...!)

کڙو ڏيکان نا پاڙڌي، لاگو ڏيکان نا تير،
مين پوڇان راجوي، ڪس وڌ تجيا سرير.

(پاسي ۾ نه ڪو کڙو (گهوٻاٽو وغيره) نه ڪٿي تير لڳل ڏسان ٿي، اي راجوي! مون کي ٻڌا ته هرڻن جي جوڙي) ڪيئن پراڻ ڏنو...’)

 جل ٿورو نيهه گهڻو، لگا پريم را ٻاڻ،
تون پي تون پي ڪر رهيا نڪل گيا پراڻ.

(هرڻن جي اُڃايل جوڙي کي پلر جو پاڻي هٿ چڙهيو، جيڪو ٿورو هو، جوڙي جي پاڻ ۾ محبت وڌيڪ هئي هڪ ٻئي کي پاڻي پيئڻ جو آڇون ڪندا رهيا، پاڻي ڪنهن به نه پيتو، تان جو اڃ ۾ سندن ساهه نڪري ويو.)

هيم ورڻ، ٻالڪ بدن، جهيڻ لنڪ مرگهه اک،
او سوندر ڪَم وسري، جي روهيڪ گڻ  جيو لک.

(سونو رنگ، ٻار جي ڪومل بدن جهڙو بدن، سنهڙي چيلهه ۽ مرگهه نيڻي اها سوندري ڪيئن وسري سگهندي، جنهن جو هڪ گڻ لک جهڙو آهي)

تو ني ماريا همين سندري نجر ڪيرا ٻاڻ،
ڪڻ ڪبو ئي نه ليجئي، ٻاوو مانگي جوڀن ڏاڻ.

(اي سندري! تو مون کي نظرن جو اهڙو ٻاڻ هنيو آهي، جو هاڻي ڪڻ (اناج) جي دان ( خيرات) ڪڏهن نه وٺبي، سامي تون کان  جوڀن جو دان گهري رهيو آهي”

ٿان پوجيان ڏيو آن، ٿان پوجي ڏيوي،
تون اتيت جوگي ٿانري لي نار ڪيوي.

(اي سامي !تو سدائين ديوي ۽ ديوتائين کي پوڄيو، تون اتيت (انگ ڀڀوت) جوگي آهين، تنهن جي نار ڪهڙي ڇا آهي، ڪهڙي اهميت رکي ٿي!!؟)

ٻاوا ري مانرا ٻاوليا، نظر راک آپري ٺيڪ
ڦوڙي ناکيس ٿانرا تارا ڪي مانگيس بيک

(اي سامي! منهنجا ساميڙا! تون پنهنجي نظر بهتر رک، آءُ تنهنجي اکين جا تارا ٽوري وجهندس تون ڪيئن بيک گهرندين)

مين ماريو تو هون مران، نا تو  مري ٿانرو وير،
مانري ڏاوي آنک ڦڙوڪي تڏ ڦڙ ڦڙ پڙيو فقير.

(اي منهنجي باڀي!(تون مون تي ڪوڙا الزام نه هڻ) جيڪڏهن فقير کي مون ماريو آهي ته آءُ مران نه ته تنهنجو ڀاءُ مري. منهنجي ڏائي اک ڦرڪي ، جنهن کي ڏسندي فقير پاڻهي تڙپي تڙپي مري ويو.)

سکي هيڪ اچبو ڏيکيو، هون ڪي جاڻا شڀ،
وڇ آن وڇيو وهه گيا، تون ڏوهين پئي اُڀ.

(اي سکي !آءُ هڪ اچرج جهڙي ڳالهه ڏسي رهي آهيان، آءُ انهيءَ مان ڪيئن خير سمجهان؟ ڳئون ۽ گابو هليا ويا تون اڃان تائين هٿ ڏوهڻ جيان هلائي ڄڻ اڀ ڏوهي رهي آهي.)

سکي هيڪ اچبو ڀيو، نر ڪيان سيس ڦيرنت،
ڪا املان رو چانڪيو، ڪا مڌ گهڻي پيونت،

(اي سکي! مون کي هڪ حيرت ٿي ته (ناري سان نيڻ ملائيندي) نر ڪيئن ڪنڌ ڦيرايو!؟ يا آفيم جو موالي هو( آفيم گهٽ پيتل هو) يا دارون گهڻو پيتل هو)

نيڻ پدارٿ، نيڻ رس، نيڻا نيڻ ملنت،
اڻ مليا ري پريتڙي سيس ڌوڻي ڦيرنت،

(نيڻ نيڻن سان مليا، نيڻن نيڻن جو رس چکيو، پر اڳ ۾ نه مليل/اجنبي نيڻن جي پريتڙي جي ڪري حجاب ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڦيريو)

نيڻ پدارٿ نيڻ رس ايوو جاڻي جي ڪوءِ،
نيڻان ميٺو ڦل نهين، واتيان مٺو نه هوءِ.

 (نيڻن جو نيڻن سان ملڻ، نيڻن جو رس چکڻ وڏي وٿ آهي، ائين جيڪڏهن ڪوئي ڄاڻي ته نيڻن جهڙو مٺو ڦل (ميوو) نه آهي، پر نينهن ۾ ڳاليهن/ قرب جي ڪچهري جهڙي ڪا مٺي شيءِ نه آهي)

اجين نگري اڏبو ڀيو، مين نگر جويو اج،
ناڪو ڏيول ۾ پوتلي، نه ڪو تميڻي رج.

(اجين جي نگري حيرت جهڙي لڳي، اڄ مون پورو نگر نهاريو نه ڪوئي ڏيول ۾ اهڙي ( تو جهڙي) مورتي آهي، نه  ڪا تنهنجي راڄ ۾ اهڙو روپ آهي)

ڪاتڪ  نيڻ تمهين وار جو، آن هينئڙو راکو هاٿ،
چنچل نيڻ اي تو سوان گتي، نفٽ بکاري ني ذات،

(پنهجن قاتلن نيڻن کي روڪي هانءُ کي پنهنجي هٿ وس رک، چنچل نيڻ سوين گهاٽ نهاريندا آهن ، جيئن بکاري جي ذات ڀٽڪندي آهي)

پاري نگر پڌارجو والما، ڪر جو ڀگوئا ويس،
جس گهر ناريل رونکڙو، اسن گهر ڏيجو آديس

(اي منهنجا بالم! ڳيڙو ويس ڪري پاري نگر اچجان جنهن گهر ۾ ناريل بيٺل ڏسين انهي گهر جي در تي الک جو هوڪو ڏجان)

تن پر تو ڀسم لگايا، هاٿ ۾ ليا ڪير،
سارنگا ٿانري ڪارڻي، ڪريو ويس فقير.

(تن تي ڦلهيار لڳائي هٿ ۾ مرلي ورتي آهي، اي سارنگا! تنهنجي لاءِ مون فقير جو ويس ڪيو آهي.)

پاراڻي را رائيڪا، ٿانرو ڏوڌ ڍوڙاڻو جائي،
سڌونت آئي تو ايم ڪهي، سارنگا روتي جائي.

(اي پارڪر جا ڏوجهارا! (مون کي ايترو  نه ڏس ماٺ ڪري ڍڳي جي ڏُهائي ڪر) تنهنجي هٿن مان کير هارجي رهيو آهي، (پاڻ سنڀال) سڏونت هتان لنگهي ته چئجان ته سارنگا هتان روئندي پئي وڃي)

آنٻو جهري آنٻلي، ڀجي نو سريو هار،
رس چس تو سڀ چکيا ڪيون روئين گينوار

(انب جي وڻ هيٺ انب جو رس ٽمي رهيو آهي، جنهن سان منهنجو نو سر (نو لڙين وارو )هار پسي رهيو آهي، اي ڳهيلا! تو رس چس چکيا سڀ پوءِ ڇو روئي رهيو آهين.)

ڪانچوئو ڪس ڀيو، سارو ڀراڻو سري،
ويرا مين تنا برجيئو، باڀي ناهه ڪسري

(ڪانچوئي (پولڪي) ۾ ڪس پئجي ويا آهن، چُني سرن سان ڀرجي ويئي آهي، اي ڀاءُ! مون توکي اڳ به چيو ته باڀي جي چلت ۾ ڦيرو آهي)

ٻودو ڪپڙو ٻهو رنگو، سيڻڻ واڙو اڍنگ
ٽڙ ٽڙ ٽانڪا ٽت گيا، آرس موڙتي انگ.

(پراڻو سڙيل ڪپڙو بدرنگو آهي ، جنهن کي اڍنگ درزي سبيو آهي، مون جيئن آرس موڙيو،  ٽانڪا ٽڙ ٽڙ جو  آواز ڪندي ٽُٽي پيا.)

اس ننگري ۾ مورک وسي، چتر وسي نا ڪو،
ڪانگا موتي چگ گيا، ڪوڪ نه ڪري ڪو.

(انهي ننگري ۾ مورک وسن ٿا، ڪوئي ڏاهو نه ٿو رهي، ڪانگ موتي چڳي رهيا آهن پر ڪوئي آواز ڏيئي اُڏاري نه ٿو )

اس ننگري ۾ چتري وسي، مورک وسي نا ڪو،
ٻالاپڻ ري پريتڙي آج ميٽ ميلاپو هو.

 (انهيءَ ننگري ۾ چتر وسن ٿا، ڪوئي مورک نه ٿو رهي، ننڍپڻ جي پريتڙي آهي. اڄ ميل ميلاپو ٿيو آهي)

پاري ننگر پنٿ گهڻو، سوڍانڪي رو ڏيس
وهيلو وڙجو والما، جوگيان سندي ويس.

(پاري ننگر سوڍي جو ڏيهه پنڌ گهڻو آهي، اي منهنجا بالم! تون جوڳي جي ويس جلد اچجان)

اجلي چارڻياڻي:

 ريگستان جي ريت تي اجلي جي پريم ڪهاڻي ۽ ڪوتا لوڪ ڪهاڻي جو حصو ٿي نسل در نسل سفر ڪري رهي آهي. سونهن جي سورج مکي تي ڪڏهن شام جا پاڇا لڙي نه آيا اهن. هن جي شاعري ۽ شصيت سدائين اڇي اجري ٿي سامهون آئي آهي.

 ڳالهين جا ڳوهر چون ٿا ته يارنهن  ٻارنهن صدي ۾ هالا جي راجا ڀاڻ جي نگري ۾ امارا نالي چارڻ رهندو هو جنهن جي اجلي نالي هڪ نياڻي هئي. هڪ ڏينهن ڀاڻ جيٺوا جو پٽ ميها جيٺوا شڪار جي لاءِ نڪتو، رستي ۾ ڌومالي ڳوٺ وٽ نوجوان ناري اجلي تي نگاهه پئي. حسن جي سراپا مجسمي اجلي جي نيڻن جو ٻاڻ کپي ويو. اجلي کي به ميها جي مورت موهي ڇڏيو. محبت جي مايا روپي ندي ۾ ڪنول جيان ترڻ جي تمنا ڪر موڙي اٿي. پريم واس ۾ اجلي ميران ٻائي کان گهڻو وقت اڳ ۾ جيٺوا کي سانوريي جي صورت ڏني پر هن عقيدت جا گل ارپڻ ڪرڻ جي بدارن الفت جا گل پيش ڪيا.

 وقت گذرڻ سان شادي جو ڳالهيون هليون پر ريت جي راڻي نوجوان جيٺوا اهو چئي جواب ڏيئي ڇڏيو ته راجپوت ۽ چارڻ گهراڻن جو تعلق ڀائرن جهرو آهي. آءُ انهي مرياده کي ڪڏهن ٽوڙي نه ٿو سگهان. جيٺوا جي انهي جواب سان اجلي جو جيءُ جهوري پيو. روايتن جو پوئلڳ راجپوت به پاڻ سنڀالي نه سگهيو. جرمني جي مفڪر فريڊرڪ نٽشي هڪ هنڌ لکيو آهي ته:؛” هڪ عورت جي سچي محبت اهڙي وحشت ڀري باهه آهي جنهن کي ڪو به مرد برداشت نه ٿو ڪري سگهي.”

من جي مرم ۽ محبت جي لڳل ٻاڻ جي درد ۾ جيٺوا ڪجهه ڏينهن اندر تڙپي تڙپي پراڻ تياڳي ويو. پريتم جي  پر لوڪ پڌارڻ تي کليل اکين سان جيون جو خواب ڏسڻ جي اجلي جي تمنا جلي رک ٿي ويئي. جيٺوا جي وڇوري ۾ وياڪل اجلي ننڍ ستل پوپٽن جي اکين جي سپني ۾ به سمائجي نه سگهي هن شاعري جي ٻيلي ۾ گهايل پکي جيان پناهه ورتي، پوري زندگي ميها جيٺوا جي لاءِ ورلاپ ڪري شاعري جي روپ ۾ ڏکاري جيون جو ڪرب ڪونج جيان ڪرلائيندي رهي. هن جي شاعري ۾ وڇوڙي جا وڍ ۽ پريت جي پيڙا آهي ته من جون محروميون ۽ زندگي جون شڪستون به شامل آهن. هن عشق جي ساز تي لوڪ لڄا کان بلند ٿي هر لفط لهو ۾ ريٽو ڪري ڳايو آهي. هن جي شاعري ڪنهن ديوي ديوتا جي مورتي ۾ گم نه ٿي ٿئي. هن جي شاعري انساني عشق جو آئينو آهي. جنهن ۾ الفت جا جذبا جرڪن ٿا. هن پيار جون ڳالهيون رڳو چپن سان نه چيون آهن پر اکين جي اپڪار سان ڪيون آهن. ڳوڙهن جي پاڻي ۾ چاهت جو چند ڳوليو آهي. مون کي اجلي جي شاعري پڙهندي فيض احمد فيض ياد آيو ته:

وه تو وه هي، تجهي مجهه سي هو جائيگي الفت،
تم ايڪ نظر ميرا محبوب نظر تو ديکو،

هن جيڪي سورٺا شعر چيا آهن تن کي ريگستاني ادب ۾ “پيڇولي” جو نمونو سڏيو ويو آهي. اجلي جي پيڇوليءَ ۾ جذبي جي انوکي ڌارا سان گڏ فني پختگي به موجود آهي. لوڪ گيتن جي ردم جهڙي روانيءَ ۾ ترنم جو تاثر  بي اختياريءَ سان ٻولن کي جهونگارڻ جي لاءِ من کي اتساهي ٿو هن جون تشبيهون، استعارا ۽ ترڪيبون سادگي سان ٽمٽار ۽ منفرد آهن. هن جو ڪو به لفط اجائي ڀرتي نه آهي.

لوڪ ادب جي ميڙڻ دوران مون ڪافي ڪوشش ڪئي ته پيڇولي جي شعرن کان سواءِ  اجلي جي ٻي شاعري ملي؟ اجلي جي جيون چريترن بابت حتمي راءِ ملي وڃي پر ريگستاني ادب جون تاريخون اجلي جهڙي سگهاري شاعره جي باري ۾ خاموش آهن. جيستائين ڪا نئين تحقيق سامهون اچي تيستائين حاصل ۽ لاحاصل جي وچ ۾ اداس ٿي بيهڻ جي بدران پيڇولي جي شعرن کي پڙهي اجلي جي شاعراڻي سگهه کي پرڻام پيش ڪريون ته ڪيئن هن درد جي موتين جي پوچ ڪوتا ۾ ڪئي آهي.

ڄيٺ گهڙي نا جائي، (مانرو) جمارو ڪانڪر جاوسي،
(مو) بلاکتڙي گهائي، (تون) جوگڻ ڪرگيو جيٺوا!

(جنهن کان سواءِ هڪ گهڙي نه گذري، ان بن منهنجي زندگي ڪيئن گذريندي!؟ مون نماڻي ناري کي وڇوري جا وڍ ڏيئي جيٺوا تو جو ڳڻ ڪري وئين....!)

“جوڳڻ ڪر گيو جيٺوا” واري پڪار ۾ ڪيڏي پيڙا آهي! هڪ نماڻي نار انهيءَ کان وڌ ڪهڙي ميار ڏيئي سگهي ٿي،:

جيٺا ٿانري لار، (مهي) ڍولا وستر پهريا
(لي) مالا چنري هاٿ، جپتي ڦرون ري جيٺوا.

 (جيٺا منهنجا رنگ برنگي ڪپڙا ۽ هار سنيگار سڀ تو سان هئا تنهنجي پويان گيڙو ويس پائي چنري هٿ ۾ کڻي چندن جي مالها جو جاپ ڪندي ڦري رهي آهيان.)

جوڳڻ جي ويس ۾ اجلي پوري سرشٽي کي ڄيٺوا جي جدائيءَ  ۾ روئندي محسوس ڪيو. رات جا ستارا آسمان جي اکين جا ڳوڙها لڳا، چنڊ  جي روشني ۾ اجلي جي من جا گهاوَ گل وانگر ٽڙيا،اجلي جو من دنيا جي رنگن روپن کان ڇا رٺو!؟ سج به ڪڏهن هن کي پرچائي نه سگهيو..! هرڻي جهڙو هن جو هانءُ رڃ ۾ رلندو رهيو:

ٽولي سوُن ٽلتانهه، هرڻ من ماٺو  هوئي،
بالم بڇڙتانهه، جيوي ڪِن وڌ جيٺوا!

(ٽُولي مان ٽرڻ کان پوءِ هرڻ جو من گهايل ٿي پوندو آهي. ان جي ڪهڙي حالت هوندي آهي. ائين منهنجا محبوب جيٺوا تنهنجي وڇوڙي ۾ آءُ وياڪل آهيان. سڄڻ جي جدائي ۾ ڪيئن جي سگهجي ٿو.)

 اجلي کي يقين هو ته سنسار ۾ چڪوي ۽ سارس کان پوءِ ٽي جوڙي جيٺوا ۽ هن جي ٿيڻي آهي. پر ائين نه ٿيڻ تي درد  اجلي جي دل جي  درين جا سمورا تاڪ ٽوڙي داخل ٿي ويا، جيون ۾ ڪو دم دلاسو نه رهيو هن جو سارو وجود وهم ٿي پيو ته:

جگ ۾ جوڙي دوئي، چڪوي ني سارس تڻي،
 تيجي ملي نه ڪوئي جوتي هاري جيٺوا .

(جڳ  ۾ چڪور ۽ سارس جون ٻه جوڙيون مشهور رهيون آهن، هڪ ٻي کان ڌار تڙپي تڙپي مري ويندا آهن، هن سنسار ۾ ٽي جوڙي اهڙي ڪنهن جي به نه ملي، جيٺوا ! آءُ ٽي جوري جي تلاش ڪندي ڪندي هارجي ويس.)

چڪوا، سارس واڻ، ناري نيهه تينون نرک،
جيوڻو مسڪل جاڻ، جوڙي بڇڙيان جيٺوا!

(چڪور، سارس ۽ ناري ٽنهي جو نيهن ڏاڍو ڏکيو آهي. جيٺوا جوڙي جي وڇوڙي سان ٽنهي جو جيئڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو.)

پنهنجي پريت کان وڇڙي پريمي جو جيئڻ موت کان به بدتر هوندو آهي. اجلي “جيوَڻو مشڪل ڄاڻ” چئي پنهنجي دکي جيون جي عڪاسي ڪئي آهي. جيٺوا کانسواءِ اجلي جو سنسار سڃو ٿي پيو. جيٺوا بن جڳ هن کي ٻگهن جو ميڙ لڳي ٿو، جهنگ جي ڪٽيا ۾ رهي اجلي چوي ٿي ته :

پاٻاسر پيسهه، هنسا ڀيڙا نا هُويا،
ٻگلا سنگ ٻيسهه، جوڻ گماوي جيٺوا.

(سنسار روپي مانسرور ۾ رهڻ باوجود جيٺوا جهڙن هنجن جو ساٿ پراپت ٿي نه سگهيو. ٻگلن ( ٻگهن) سان گڏ رهي جيٺوا مون پنهنجو جيون وڃائي ڇڏيو.)

 جن جي دل ٽٽي ويندي آهي تن جي لاءِ آباد دنيا ويران نظر ايندي آهي. گهوڙي سوار ته ڪيئي اچن وڃن ٿا پر اجلي جون اکيون جيٺوا جي لاءِ تڙپن ٿيون،

وڌيسي اسوار، گهوڙلان ري گهومر ڪرين،
اٻلا رو آڌار، جڪو نا ڏيکان ري جيٺوا

(گهوڙن کي گهمائيندي ڪيئي پرديسي سوار نظر اچن ٿا، پر مون نماڻي نار جو آڌار جيٺوا تون نظر نه ٿو اچين).

آنگوٺي ري آگ، لوڀي لگواڙي گيو،
رني ساري رات، جمپ نا پري ري جٺيوا.

 (اي لوڀي تون آگوٺي جي آڳ لڳائي هليو وئين، آءُ ساري رات رني آهيان جيٺوا هڪ پل به ننڊ نه آئي آهي.)

هينئي وهائي هڙ، کيڙي گيو کيتر جُون،
پريتم پاڇو وڙ، جمپ نا پڙي ري جيٺوا.

(هينئين تي هر هلائي ٻني جيان کيڙي ويو  آهين، اي پريتم جيٺوا! تون واپس موٽي اچ، تو بن چين نه ٿو اچي.)

اجلي پنهنجي سلجهيل سار ۾ انهن ڏينهن کي به ساري ٿي، جڏهن موسم سان مشورو ڪري پيار جي مانسرور جو نرمل جل پيتو هو پر هاڻي هن جي الجهيل اکڙين آڏو ننڍڙ ا ننڍڙا ٽوڀا آهن. جتي هن جي اندر جي اڃ اجهي نه ٿي، هڪ شعر ۾ ماضي ۽ حال ٻنهي جي ڪيفيتن جا رنگ ميڙي چوي ٿي ته:

جل پيڌو جاڊيهه، پاٻاسري ري پاوٽ
نَنِڪيِئي ناڊيهه، جي نا ڌاپي جيٺوا!

(مون پاٻاسر ( مانسرور) جي ڪونگرن / گهاٽن تي سڪون سان ويهي نرمل پاڻي پيتو هو،هاڻي ننڍن ننڍن / ٽوڀن جو پاڻي پيئڻ سان من جي اڃ ختم نه ٿي ٿئي.)

اجلي جيٺوا کان وڇڙي پاڻ تنها پکي ۽ اداس آکيرو ٿي ميارن جي ٻولي ۾ چوي ٿي ته:

 اينڏا انل تڻانهه، وڻ مالَي ( ماڙيهه) موڪِي (ناکي) گيو،
اُر اَن پانک وِڻانهه، پاڪي ڪِن وڌ جيٺوا

(جيٺوا (آءُ ڄڻ پکي جو آنو هوس) تون آني وانگر (جهنگل) جي آکيرن ۾ اڇلائي هليو وئين (پر اهو سوچ) آنو سيني ۽ پکن جي گرميءَ کان سواء واڌ ويجهه ڪري سگهي ٿو!؟

ڇا ماڻهو محبت جو ائين انڪاري ٿيندو.؟ جيئن جيٺوا ٿيو! وڻ مالي موڪي گيو”واري سٽ ۾ ڪيڏي تڙپ آهي!! انهي  تڙپ ۾ اجلي جيون جي انڌاري رات ۾ جلندڙ جاڳ ٿي پوي ٿي.

جَنجر جڙيا جائي، آڌي جائي ار مانهين،
ڪونچي ڪوڻ لگائي، جڙيا جاتي جيٺوا.

(جيٺوا تو منهنجي اندر پيهي منهنجي دل کي زنجيرن سان ويڙهي امنگن جي دروازي تي تالو لڳائي ويو آهين! ( تنهنجي پريت جي چاٻي ڪٿان آڻيان) جنهن کي تون ويندي ويندي ڪلف ڏيئي ويو آهين ان کي کولڻ لاءِ چاٻي ڪير لڳائيندو!؟

اجلي ڄاڻي ٿي ته جيٺوا ڪيڏانهن ويو آهي، پر پوءِ به من جي اداس ڏهري  ۾ يادن جو ڏيئو ٻاري چوي ٿي ته دل جي تالي جي ڄاٻي کڻي تون ڪيڏانهن هليو ويو آهين!؟

تالا سجڙ جڙي، ڪونچي لي ڪيڻي گيو.
کُلسي تو آئي، (نا) جڙيا رهاسي جيٺوا.

(وڏو (۽ مضبوط) تالو لڳائي چاٻي کڻي تون ڪيڏانهن هليو ويو آهين؟ هي جيٺوا تنهنجي آئي کلندو نه ته اُتي ئي بند رهندو.)

“ڪيڻ گيو” ۾ ڪيڏو درد آهي!

 آوين اور انيڪ، جڻ پر من جاوي نهين،
ڏيسي بن هيڪ جاگا سوني جيٺوا.

 (ٻيا ڪيترائي اچن ٿا، پر منهنجي دل انهن ڏي وڃي ئي نه ٿي (مون کي محسوس ئي نه ٿو ٿئي ته ڪير آيو آهي)، منهنجا ڏيهي جيٺوا! تو هڪ بنان منهنجي دل جي جاءِ سڃي آهي.)

آنٻو اونچي ڏار، هُلسي پڻ  پگي نهين،
ڪچي ڦل ري لار، جي ڏگايو ري جيٺوا

(انب جي وڻ  جا ڏار اونچا هئا، مون انهن تائين پهچڻ (چڙهڻ جي) ڪوشش ڪئي، پر ڦل واري ٽار تائين نه پهتس، جيٺوا! مون ( تنهنجي محبت جي) ڪچي ڦل جي لاءِ) پنهنجو جيءُ سڪڻو ڪيو.)

بهتا جل ڇوريا، پُسلي ڀرا پيا نهين،
نانڪڙي ناڙيان، جيءُ نا ڍاپي جيـٺوا.

(جيٺوا! آءُ تنهنجي پريت جي ڀرپور دريا مان چاهت جا چرون ( هٿڙيون) ڀري پي نه سگهيس ( تو پياريو نه) انهن ننڍڙين ندين مان (هاڻي ) اڃايل اندر جي اڃ اُجهي نه ٿي.)

 

ڪوي پينگڙ

 ڪوي پينگڙ چارڻي ساهتيه جو تمام وڏو نالو آهي ڪوي پينگڙ شاعري جي فن جو تمام وڏو ڄاڻو هو. هن ڇند وديا ۾ نوان تجربا پڻ ڪيا. ڪوي پينگڙ جي نالي پويان پينگڙسي ڪاليج کليو، جنهن ۾ چارڻ شاعرن کي شاعري جي جي فن جو نصاب پڙهايو ويندو هو. ٿر جي رهاڻ رس ۾ ڪوي پينگڙ جي ڪوتا پڙهي ويندي آهي.هڪ مشهور نظم آهي. جنهن ۾ زمين جي ماپ، جيوت، فطري نظارن جو ذڪر ٿيل آهي.

جنف چارڻ

 جنف چارڻ پنهنجي دور جو مشهور ڪوي ٿي گذريو آهي، عمر ڪوٽ جي سوڍن کاروڙو  چارڻ جي جاگير جنف چارڻ کي ڏان ۾ ڏني هئي. جنف جي زندگيءَ متعلق ڪوي هيمڏان چارڻ (اصل ڳوٺ مٺڙيو چارڻ هاڻوڪو پتو پاٻوهر) ۽ ڪجهه ٻين سگهڙن جي ٻڌايل روايت مطابق صديون اڳ ڏڪار ورهيه ۾ چارڻن جو قافلو کاهوڙ جي ڳوٺن مان لڏي ساڪي گڍ ۾ آسو جي ڳهيلڙو وٽ اچي رهيو. آسي چارڻن جي وڏي خدمت ڪئي. ڪجهه ڏينهن ترسڻ کان پوءِ قافلو بئراج ڏانهن وڌڻ جي لاءِ روانو ٿيو پر ننڍڙي جنف جي ماءُ چارڻياڻي اهو چئي آسي جي گهر ترسي پئي ته: منهنجو ننڍڙو ناچاڪ آهي سفر جي پيڙا هن کان برداشت نه ٿي سگهندي ، آءُ اوهان جي ڌيءَ آهيان. مون کي اجهو ڏيو ته ڏکيو وقت ڪٽيان. آسي چارڻياڻي کي ڌي جو رتبو ڏيئي ترسايو وقت گذرندو ويو ننڍڙو جنف اچي وڏي ٿيو. آسي پنهنجي اولاد جي شادي ڪرائي، پر جنف جي شادي نه ڪرائي سگهيو. آسي جو ساهه سڪرات ۾ اچي ڏولچا ۾ پيو. هن کي ارمان ٿيو ته آءُ جنف جي شادي نه ڪرائي سگهيس. راڻو جئه برهم آسي جو ماسات هو. هُن اچي آسي کي وچن ڏنو ته “آءُ جنف جي شادي ڪرائي ڌان وغيره ڏيئي سکيو رکندس، تون سڪون حاصل ڪر. اهڙي تسلي ملڻ سان سڪرات ۾ ستل آسي پراڻ تياڳيو . راڻو جئه برهم جنف کي پاڻ سان گڏ سوڍن جي صاحبي ۾ وٺي آيو. وقت گذرڻ سان راڻي جئه برهم کي آسي سان ڪيل وچن وسري ويو.هڪ ڀيرو وسڪاري جي رت ۾ گهنگهور گهٽاءُ ڏسي جنف جو جيءُ جهري پيو. آسو ياد آيو. هن شاعريءَ ۾ ورلاپن جون اچي وڄڙيون چمڪايون. شاعريءَ ۾ آسي جي سار ۽ راڻي جئه برهم کي ميارون هيون. راڻي جئه برهم جي گهر واريءَ جي ڪنن تي چارڻ جو سوز ڀريو سُر پيو. راڻي روئي پئي. جئه برهم کي چيائين ته، “تو ظلم ڪري ڇڏيو آهي، چارڻ جي سار لهو. “ راڻي جئه برهم کي آسي سان ڪيل پنهنجو وچن ياد پيو، پوءِ راڻي جئه برهم جنف جي شادي ڪرائي. ڪجهه رايا راڻي جئه برهم ۽ آسي ڳهليڙي جي ماسات هجڻ کي رد ڪن ٿا. انهن راين مطابق آسو ۽ جئه برهم جي دوستي هئي.

 چيو وڃي ٿو ته :سوڍي راڻي راج ديو عمر ڪوٽ کي هٿ ڪرڻ وقت جنف چارڻ کان مدد ورتي هئي. انهيءَ  آڌار چئي سگهجي ٿو ته، آسي وٽان جنف کي وٺي اچڻ وقت جئه برهم کي راڻپ مليل نه هئي ان وقت جئه برهم جو پيءُ سوڍو راج ديو راڻو هو. چارڻي ادب جي هڪ ڇند موجب جنف کي راڻي جئه برهم جي پٽ جسول سنبت 1291 تي کاروڙي جو ڳوٺ جاگير طو رتي ڏنو . جتي اڄ به چارڻ رهن ٿا. پروفيسر شڪتيڏان ڪويا چوي ٿو ته:

مارو تڻو ڀوان  مهه، تڻ را ٻيٽا آٺ،
اوئان ۾ ڏيٿو پاٽوي، ٿيا چارڻ ٿاٽ،

(مارو جو ڀوان مهه پٽ هو، جنهن جا اٺ پٽ ٿيا، جن ۾ ڏيٿو پاٽوي /موڀي هو، جنهن جو اولاد ڏيٿا چارڻ سڏجي ٿو.)

ڏيٿي هندو ڏيڪرو، نڏر جنف نام،
پايو ڪروڙ پساو ۾ گڻ کاروڙو گام

(ڏيٿي جو پٽ جنف نالي ٿيو، جنهن ڪروڙ پساو ۾ گڻن ڀريو ڳوٺ کاروڙو پايو)

تاريخ جي ڪجهه ڪتابن ۾ عمر ڪوٽ کي هٿ ڪرڻ ۾ چاچڪ ديو جو نالو آيل آهي، راڻي چاچڪ ديو جنف چارڻ کي کاروڙو ڪروڙ پساو ۾ ڏنو هو. هن وقت تائين ملندڙ روايتن ۽ تاريخ جي حوالن ۾ ڪا به ڳالهه  حتمي نه آهي جنف جي شاعري وقت جي وير ۾ محفوظ رهي نه سگهي آهي.

 

جمن چارڻ:

 هي ضلعي خيرپور ميرس جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ “کهڙن” جو ويٺل هو وفات کانپوءِ پير ڪٽپير جي قبرستان ۾ دفنايو ويو، سندس پيءُ جو نالو محمد بخش چارڻ هو جمن چارڻ جي جنم جي تاريخ تي سنڌي ادب جي لکت ۾ گهڻي وقت تائين پردو پيل رهيو آهي، جمن جي وفات جي تاريخ ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ جي صفحي 126 تي 115هه ڄاڻائي آهي، سگهڙ لوڪ هن جو زمانو 1668 کان 1738 ٻڌائين ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جمن جي آخري آرامگاهه جي ڪتبي تي لکيل وفات جي سال 1193هه ڄاڻائي آهي. جمن چارڻ ۽ جلال کٽيءَ ۾ قلات جي خان جي شهادت تي بيتن جي ڏي وٺ ٿي. سندس اها شاعري ‘جنگ نامه’ ۽ ‘ٻيلاين جا ٻول’ ۾ شامل آهي. جمن سنڌي شاعري ۾ مداح جو بنيادي عروضي شاعر آهي. هن مسڪين ۽ نابين چارڻ شاعر جو نرينا اولاد نه هو، سير مٽي جي لاءِ سڪندي هن حضرت پيران پير عليه الرحمت جي مداح چئي، جيڪا تمام گهڻي مشهور آهي.

جمن چوي جاهل آهيان، ڪرتين ڪچو ڪاهل آهيان،
تو در سندو سائل آهيان، يا پير پيران بادشاهه!

چون ٿا ته جمن جي دعا اگهجي ويئي کيس نور ملڻ سان گڏ نرينو اولاد پڻ ٿيو. سنڌ ۾ “جمن وارو سوال” پهاڪي طو رمشهور آهي . هن هڪ سوال “ماڙيءَ تي ننهن ڏڌ ولوڙيندي  ڏسان” ۾ ٽي ڳالهيون گهريون هيون. مالڪ هن جي من جي مراد پوري ڪئي.

 ڪچهرين جا ڪويسر چون ٿا ته جمن چارڻ تمام مسڪين ماڻهو هو. سخت بيماري ۾ سڄو جسم ڦٽ ڦٽ ٿي پيو هو، ڪجهه ماڻهو جمن کي جهولي ۾ کڻي اچي سپڙ ڄام جي اوتاري ۾ ڇڏي ويا جتي هن کي اهري حالت ۾ ڏسي ڄام سپڙ جي گهر واري بيبي گنجانه ڄام کي چيو ته هن فقير جي واسطي پاڻ گڏجي ڌڻي در دعاڳو ٿيون. من  ڪا مالڪ جي هن تي مهر ٿي پوي. سخي خاندان جي دعا گهرڻ جي دير هئي. جمن صحتياب ٿي  پيو پر ڳوٺ وڃڻ کان اهو چئي انڪاري ڪري ڇڏيو ته “ڳوٺ ۾ منهنجو ڪجهه نه آهي” سخي ڄام چيو ته دل نه لاهه چارڻ! پرڀات جو آءُ ايترو دان ڏيندس جو گهر وڃي موجون ڪجان. اسر جو سخي ڄام چيو ته چارڻ ٻنهي هٿن سان کڻي سگهين اهو کڻ. جمن گهوڙن جي طنبيلي ۾ وڃي هڪ هٿ اڀرندي، هڪ اولهندي ڪِليءَ ۾ وڌو . ڄام سپڙ طنبيلي جا ٽي سو گهوڙا سينگاري جمن جي حوالي ڪيا پوءِ اتان چارڻ  نڪتو، رستي ۾ ڄام سپڙ جي ساهرن وٽ به ويو جتي به هن کي لاک پساهه ڪيو ويو. ائين هن جي زندگي تبديل ٿي. پوءِ هن شادي ڪئي، کين اولاد به ٿيو.

جمن چارڻ سگهڙائي جي ٻولن ۾ ؛‘نادانن جا قسم’ ‘پنجئي بدنام’، ‘پنجئي مئي مت’، ‘پنجئي گهوچائي’ ، ‘پنجئي سهنجي’ جي عنوانن سان به شعر چيو آهي. هن جو هڪ شعر جو عنوان “شعر گلن بابت” اهي. اهو ڪافي مشهور ۽ مقبول آهي جنهن ۾ ڪلهوڙن جو ذڪر آهي. مون ڪافي ڪوشش ڪئي ته جمن جي شعر ۾ سمن جي صاحبي متعلق شعر ملي سگهي پر نه ملي سگهيو. جڏهن هن جي زندگي ۾ ڄام سپڙ جو اهم  ڪردار آهي. ڇا هن ڄام جي سخاوت بابت شعر نه چيو هوندو؟ اتهاس جا ورق انهيِ سوال تي خاموش آهن!

ناليواري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ هنڌ لکيو اهي ته : “تاريخ ۾ ٽي جمن چارڻ ٿيا آهن، “ڄام سپڙ جي درٻار مان دان وٺندڙ جمن چارڻ ڪهڙوهو؟ ڪا به حتمي راءِ نه آهي .

اول نام الله جو آهي عالم خلق اپائڻ وارو،
دين دنيا دوران ڪل دائم، هيءَ سڀ نور نبيءَ  جي ڏنهن نظارو،
نران پٽ نور محمد، پس پاتشاهين ٿيو پيد وارو،
ميان صاحب! جڙ جڳ جيوين درس چڙهيو دستار تمهارو،
محمد خان ملوڪ مصاحب پرور سرور صحي سڌارو،
غلام حسين ڳڙهان پت گياني بانڪا تنهنجو باغ بهارو
دائود خان دليون پت دولهه بير سڌير بسنت بهارو
الف انجير  انگور، انارو، آمو، املداس، اچار اڪارو
بي بدهر بهم بادامي، بانڪو بخمل بسنت بهارو

(ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا ص40)

جمن چارڻ (ننڍو)

 جمن چارڻ ( ننڍي) جي والد جو نالو جان محمد هو. جيڪو پڻ پنهنجي دور جو  نامور شاعر هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مطابق جمن چارڻ ننڍي  جمن چارڻ وڏي کان 43 سال پوءِ يعني 1193هه ۾ وفات ڪئي. جمن چارڻ (ننڍي) نبي پاڪ جي شان ۾  ‘مداح’ چيون آهن. ٽيون جمن هن جي اولاد مان هو. دادو جي ڳوٺ ڦڪن جو رهواسي هو.

 

ميان حسين چارڻ:

 سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ خاص طور  جنگ نامن جي شاعري ۾ ميان حسين چارڻ مشهور شاعر رهيو آهي.سنڌ تي راڄ ڪندڙ مخلتف ڪڙم، قبيلن جي ارڏن جوڌن پاران معرڪا مچائڻ ۽ سنڌ تي ڌارين جي لوڌ وقت سنڌي سرويچن پاران وطن جو ويڙهو بچائڻ جي لاءِ ويڙهه ڏيڻ کي مانائتي انداز  ۾هن بيتن ۾ آندو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتاب جنگ نامه ۾ ميان حسين چارڻ جي اها شاعري آندي آهي. هن سٻاجهي شاعر جي ٻي پڻ شاعري هوندي. پر اها ميان حسين  چارڻ جي زندگي جي خاڪي جيان گمنامي جي ورچڙهيل آهي.

 

ڪوي ڪلول چارڻ:

 ڪوي ڪلول مٺڙو ڪوي آهي جنهن جو لوڪ ادب ۾ تمام ذڪر ٿيندو رهيو آهي پر هن جي جيون خاڪي تي پردو پيل آهي . هڪ راءِ مطابق ڪلول ٿر جي ڳوٺ مٺڙيو چارڻ ۾ جنم ورتو، پر ڪي رايا انهي هنڌ کي رد ڪن ٿا، هن جي جنم هنڌ، تاريخ ۽ وفات بابت صحيح معلومات نه ملي سگهي آهي ڊاڪٽر موتي لال[11] ميناريه مطابق ڪلول ڍولا مارو جي داستان ۾ دوها تخليق ڪيا آهن . محترم باغ علي شوق انهيءَ تصنيف جي ثابتيءِ لاءِ ڪلول جي هيءَ سِٽ ڏي ٿو ته:

“پندري سو تيس برس ڪٿا ڪهي گڻ جاڻ”

(پندرنهن سو ٽيهه  ۾ اها ڪهاڻي چئي وئي)

ڪلول جي دوهن ۾ مقامي استعارا ۽ تشبيهون سهڻي نموني ڪم آندل آهن:

جَوَ جڏي جڏي، تل جڏي ٿڻي،
ڍولا ٿانري ماروئل وڌيڪ چڙهي وڻي.

(ڍولا تو مون کي جَو جي ڪڻ جيڏي ڇڏي هئي، ان وقت منهنجي ڇاتي تي ٻه تر جا نشان هئا، هاڻي آءُ وڌي وڻ جيڏي ٿي وئي آهيان.)

باب پيوني وَرهنِي، دونون ايڪ سَوَهاؤ
مارو آنٻي ٻورجم، ڪر نڪيه ڪُملاءِ.

(ڍولا تنهنجي مارل جي ڪهڙِي سونهن ٻُڌائجي، عاج جا اڇا چُوڙا، چاندي جهڙو بدن، سهڻو ۽ سرهو، سونهن جي ول وانگر آهي، نفاست ۽ نزاڪت ۾ وري اهڙي جو انب جي ٻور جهڙي، هٿ لائڻ سان ڪُومائجي وڃي.)

اَهر پَيُو هَر زءِ نيڻ، ميٺا جيها سَک،

ڍولا ايسي ماروئل، جاڻي مٺي ڊک.

(ڍولا ماروئل جي حسن جي اُهڃاڻن ۾ اڃان هي به آهي ته هُن  جون اکيون سدائين خماريل، چپ پريم رس ۾  ڀريل، زبان  ماکي جهڙِي مٺي، سارو بدن انگور جي ول وانگر آهي.)

ڍولا هالوا ڪري ڌن هالو! نه ڏي،
جهٻ جهٻ جوئي پاگران، ٽٻ ٽٻ نيڻ ڀري.

(جڏهن ڍولي ماروئل جي اهڙي سونهن ٻُڌي اُٿي تيار ٿيو، ماروئل ڏانهن ڍولي کي ويندو ڏسي ڍولي جي گهر واري ( مالوڻ) سندس راه روڪي بيهه رهي، ٿڌن ساهن سان ڍولي جي پيرن ڏانهن نهاري، مينهن ڪڻين وانگر اکيون وسائڻ لڳي)

هَنس چَلڻ ڪَد ليههَ جنگهه، ڪَٽ ڪيهر جم کيڻ،
مُک سهر، کنجر نيڻ، ڪڇ شري ڦل، ڪنٺ ويڻ.

(ماروئل جو هلڻ هنس جهڙو، ڄنگهون ڪيوڙي جهڙيون چيلهه ڪيهر جي چيلهه جهڙي سنهڙي، مک چندرما جهڙو، نيڻ کنجر جهڙا،  ڇاتي شري ڦل ( ناريل) جهڙي، ڪنٺ  جهڙو بيڻ(پاوا) جو مڌر آواز آهي.

اُتر آج سون اُتريئه، پڙسي واهليان،

اُر اوري پِري راکيئه، مندا ڪاهليان.

(اڄ کان اتر هوا جي اوتن ۾ سيءُ جا واهه پيا وهن. اهڙي سمي ۾ منهنجا پرين (اي ڍولا) نازڪ نماڻي نار کي سيني جي ويجهڙي رکجي.)

نرور نل راجا  تڻو، ڍوليو ڪنور انوپ،

راڻي راءِ پنگل تڻي، ريجهي ڏيکي روپ،

 (نرور جي راجا نل جو پٽ (شهزادو) ڍولو حسين هو. جنهن جي سونهن کي پنگل جي راءِ جي راڻي ڏسي ريجهي پئي.)

پنگل پتري  پدمڻي ماروئل تين نام،

جوڙي جوئي ويچاريو، ڌن وڌاتا ڪام

(ماروئل جا ٽي نالا ماروئل، پنگل پتري ۽ پدمڻي آهن، ڍولي سان ماروئل جي جوڙي ڏسي( هر ڪنهن ) ائين چيو ته لکي جي ليک کي جس آهي.)

ڍولو مارو  پرڻيا، هر دل هوءِ  اڇل”

او پنگل ري پدمڻي او نرور  رو اٽل.

(ڍولا مارو جي شادي تي هر دل خوشي ۾ نچڻ لڳي، مارو پنگل جي پدمڻي ۽ ڍولو نرور جو شهزادو . )

ڏيڊ ورس ري ماروئل ، تين ورسان رو ڪنت،
ٻالپڻ پرڻيان پٺيان انتر پڙياءِ انت.

(ڏيڍ ورهيه جي ماروئل ۽ ٽن سالن جو ڍولو هو،  ٻالپڻ ۾ پرڻيا، پوءِ وڇوڙي جا وڏا ڏينهن آيا.)

سندر چلي ڌرن پر جل تريو جهاج،
وارون چال مُرار ڪي، سيت پات گجراج.

(سندر ڌرتي تي ائين هلي رهي آهي. جيئن پاڻي تي جهاز ترندو آهي . هُن جي اهڙي هلڻي تان هنج ۽ هاٿي جي هلڻي گهوري ڇڏجي.)

پٽاڌر ڇُوتي پنجري ، سونڪل توڙي سار.

سينهڻ نڪلي سيل نا لپٽ سٽا ڪر نار،

(جيئن شينهن پنجري کي ٽوري شڪار جي لاءِ نڪرندو آهي، تيئين شينهڻ نار سنڀري نڪتي آهي)

هي هتياري پاپڻي، ڏيا نه آوي توءِ،
مين ڪڇون نه بگاڙيو، مونٺ چلائي موءِ.

 (اي هچاري! تون پاپڻ آهي، تون کي مون تي ترس نه آيو، مون ته تنهنجو ڪجهه نه وڃايو هو  تو (پنهنجي سونهن جي) وير مٺ مون تي هلائي آهي.)

سر سڪو، هسو چٻگي، اڏي نهين مت هيڻ،
ڪا تو سرور گڻ آڳرو، ڪا هنسو هي سُڪلٻڻ.

(تلاءِ سڪي ويو هنجي پٿر کائي ويٺو آهي، مت هيڻ اڏري  نه ٿو !؟ يا تلاءِ جا ڳڻ گهڻيرا آهن يا هنجهه بنيادي آهي.)

تڙ گڏڙو اوپر اڇو ليو ساهر ڪو منجهه،
پانک سُهاري پهه ڪران اج  اڏڻ واڙو هنجهه

(هن مانسرور جي اندر جو انت وٺي ڇڏيو آهي، مٿي اڇو آهي، هيٺ ميرو آهي، پنهنجن پکن کي سنواري پهه ڪري رهيو آهيان، اڄ هي هنج اڏامڻ وارو آهي.)

هنسا سرور نا ڇوڙيئي جي جل ڪڙوو هوءِ
ڇيلرڇيلر ڀٽڪتان، ڀلا نا ڪهسي ڪوءِ

(اي هنس! ڪڏهن سر ( مانسرور) نه ڇڏجان، ڀلين کارو پاڻي آهي، مٺي پاڻي جي ننڍن ٽوڀن تي ڀٽڪندي ( ٻگهن وانگر ) تو کي ڪير ڀلو نه چوندو)

سجن هم هيڪ هين، اور ملايا همين ليک،
آپڻو هينئڙو هيڪ هيءَ ڀلين ڪاڍي ڏيک

(ساجن هڪ آهيون ۽ پاڻ کي پنهنجي قسمت ملايو آهي.  پنهنجو هينئ?



باب چوٿون 2


ڪوي ڪلول چارڻ:

 ڪوي ڪلول مٺڙو ڪوي آهي جنهن جو لوڪ ادب ۾ تمام ذڪر ٿيندو رهيو آهي پر هن جي جيون خاڪي تي پردو پيل آهي . هڪ راءِ مطابق ڪلول ٿر جي ڳوٺ مٺڙيو چارڻ ۾ جنم ورتو، پر ڪي رايا انهي هنڌ کي رد ڪن ٿا، هن جي جنم هنڌ، تاريخ ۽ وفات بابت صحيح معلومات نه ملي سگهي آهي ڊاڪٽر موتي لال[11] ميناريه مطابق ڪلول ڍولا مارو جي داستان ۾ دوها تخليق ڪيا آهن . محترم باغ علي شوق انهيءَ تصنيف جي ثابتيءِ لاءِ ڪلول جي هيءَ سِٽ ڏي ٿو ته:

“پندري سو تيس برس ڪٿا ڪهي گڻ جاڻ”

(پندرنهن سو ٽيهه  ۾ اها ڪهاڻي چئي وئي)

ڪلول جي دوهن ۾ مقامي استعارا ۽ تشبيهون سهڻي نموني ڪم آندل آهن:

جَوَ جڏي جڏي، تل جڏي ٿڻي،
ڍولا ٿانري ماروئل وڌيڪ چڙهي وڻي.

(ڍولا تو مون کي جَو جي ڪڻ جيڏي ڇڏي هئي، ان وقت منهنجي ڇاتي تي ٻه تر جا نشان هئا، هاڻي آءُ وڌي وڻ جيڏي ٿي وئي آهيان.)

باب پيوني وَرهنِي، دونون ايڪ سَوَهاؤ
مارو آنٻي ٻورجم، ڪر نڪيه ڪُملاءِ.

(ڍولا تنهنجي مارل جي ڪهڙِي سونهن ٻُڌائجي، عاج جا اڇا چُوڙا، چاندي جهڙو بدن، سهڻو ۽ سرهو، سونهن جي ول وانگر آهي، نفاست ۽ نزاڪت ۾ وري اهڙي جو انب جي ٻور جهڙي، هٿ لائڻ سان ڪُومائجي وڃي.)

اَهر پَيُو هَر زءِ نيڻ، ميٺا جيها سَک،

ڍولا ايسي ماروئل، جاڻي مٺي ڊک.

(ڍولا ماروئل جي حسن جي اُهڃاڻن ۾ اڃان هي به آهي ته هُن  جون اکيون سدائين خماريل، چپ پريم رس ۾  ڀريل، زبان  ماکي جهڙِي مٺي، سارو بدن انگور جي ول وانگر آهي.)

ڍولا هالوا ڪري ڌن هالو! نه ڏي،
جهٻ جهٻ جوئي پاگران، ٽٻ ٽٻ نيڻ ڀري.

(جڏهن ڍولي ماروئل جي اهڙي سونهن ٻُڌي اُٿي تيار ٿيو، ماروئل ڏانهن ڍولي کي ويندو ڏسي ڍولي جي گهر واري ( مالوڻ) سندس راه روڪي بيهه رهي، ٿڌن ساهن سان ڍولي جي پيرن ڏانهن نهاري، مينهن ڪڻين وانگر اکيون وسائڻ لڳي)

هَنس چَلڻ ڪَد ليههَ جنگهه، ڪَٽ ڪيهر جم کيڻ،
مُک سهر، کنجر نيڻ، ڪڇ شري ڦل، ڪنٺ ويڻ.

(ماروئل جو هلڻ هنس جهڙو، ڄنگهون ڪيوڙي جهڙيون چيلهه ڪيهر جي چيلهه جهڙي سنهڙي، مک چندرما جهڙو، نيڻ کنجر جهڙا،  ڇاتي شري ڦل ( ناريل) جهڙي، ڪنٺ  جهڙو بيڻ(پاوا) جو مڌر آواز آهي.

اُتر آج سون اُتريئه، پڙسي واهليان،

اُر اوري پِري راکيئه، مندا ڪاهليان.

(اڄ کان اتر هوا جي اوتن ۾ سيءُ جا واهه پيا وهن. اهڙي سمي ۾ منهنجا پرين (اي ڍولا) نازڪ نماڻي نار کي سيني جي ويجهڙي رکجي.)

نرور نل راجا  تڻو، ڍوليو ڪنور انوپ،

راڻي راءِ پنگل تڻي، ريجهي ڏيکي روپ،

 (نرور جي راجا نل جو پٽ (شهزادو) ڍولو حسين هو. جنهن جي سونهن کي پنگل جي راءِ جي راڻي ڏسي ريجهي پئي.)

پنگل پتري  پدمڻي ماروئل تين نام،

جوڙي جوئي ويچاريو، ڌن وڌاتا ڪام

(ماروئل جا ٽي نالا ماروئل، پنگل پتري ۽ پدمڻي آهن، ڍولي سان ماروئل جي جوڙي ڏسي( هر ڪنهن ) ائين چيو ته لکي جي ليک کي جس آهي.)

ڍولو مارو  پرڻيا، هر دل هوءِ  اڇل”

او پنگل ري پدمڻي او نرور  رو اٽل.

(ڍولا مارو جي شادي تي هر دل خوشي ۾ نچڻ لڳي، مارو پنگل جي پدمڻي ۽ ڍولو نرور جو شهزادو . )

ڏيڊ ورس ري ماروئل ، تين ورسان رو ڪنت،
ٻالپڻ پرڻيان پٺيان انتر پڙياءِ انت.

(ڏيڍ ورهيه جي ماروئل ۽ ٽن سالن جو ڍولو هو،  ٻالپڻ ۾ پرڻيا، پوءِ وڇوڙي جا وڏا ڏينهن آيا.)

سندر چلي ڌرن پر جل تريو جهاج،
وارون چال مُرار ڪي، سيت پات گجراج.

(سندر ڌرتي تي ائين هلي رهي آهي. جيئن پاڻي تي جهاز ترندو آهي . هُن جي اهڙي هلڻي تان هنج ۽ هاٿي جي هلڻي گهوري ڇڏجي.)

پٽاڌر ڇُوتي پنجري ، سونڪل توڙي سار.

سينهڻ نڪلي سيل نا لپٽ سٽا ڪر نار،

(جيئن شينهن پنجري کي ٽوري شڪار جي لاءِ نڪرندو آهي، تيئين شينهڻ نار سنڀري نڪتي آهي)

هي هتياري پاپڻي، ڏيا نه آوي توءِ،
مين ڪڇون نه بگاڙيو، مونٺ چلائي موءِ.

 (اي هچاري! تون پاپڻ آهي، تون کي مون تي ترس نه آيو، مون ته تنهنجو ڪجهه نه وڃايو هو  تو (پنهنجي سونهن جي) وير مٺ مون تي هلائي آهي.)

سر سڪو، هسو چٻگي، اڏي نهين مت هيڻ،
ڪا تو سرور گڻ آڳرو، ڪا هنسو هي سُڪلٻڻ.

(تلاءِ سڪي ويو هنجي پٿر کائي ويٺو آهي، مت هيڻ اڏري  نه ٿو !؟ يا تلاءِ جا ڳڻ گهڻيرا آهن يا هنجهه بنيادي آهي.)

تڙ گڏڙو اوپر اڇو ليو ساهر ڪو منجهه،
پانک سُهاري پهه ڪران اج  اڏڻ واڙو هنجهه

(هن مانسرور جي اندر جو انت وٺي ڇڏيو آهي، مٿي اڇو آهي، هيٺ ميرو آهي، پنهنجن پکن کي سنواري پهه ڪري رهيو آهيان، اڄ هي هنج اڏامڻ وارو آهي.)

هنسا سرور نا ڇوڙيئي جي جل ڪڙوو هوءِ
ڇيلرڇيلر ڀٽڪتان، ڀلا نا ڪهسي ڪوءِ

(اي هنس! ڪڏهن سر ( مانسرور) نه ڇڏجان، ڀلين کارو پاڻي آهي، مٺي پاڻي جي ننڍن ٽوڀن تي ڀٽڪندي ( ٻگهن وانگر ) تو کي ڪير ڀلو نه چوندو)

سجن هم هيڪ هين، اور ملايا همين ليک،
آپڻو هينئڙو هيڪ هيءَ ڀلين ڪاڍي ڏيک

(ساجن هڪ آهيون ۽ پاڻ کي پنهنجي قسمت ملايو آهي.  پنهنجو هينئرو هڪ آهي، ڀلين ڪڍي ڏس.)

هنسلو هيڻي ذات، ڪاتو ڪڻ رو نا سهان،
ڀڻڪيا ڀيني رات، موڙيا موتي چگان،

(هنج تمام حساس ذات، آهي، ڪنهن جو زرو به برداشت نه ڪري، ڀني رات جو هنجن ڀڻڪندي چيو ته اسين مرندي به موتي چڳندا آهيون.)

سرور هنس منايلئي، نيڙان ٿڪان ٻهوڙ،
جڪان پيٺان رڙياوڻو، جان سي تاڻ نا توڙ.

(اي سرور! هنجن کي پرچائي وٺي آءُ، هي اڃان اتيئي ويجها هوندا، هنجن سان ئي تون سهڻو ٿو لڳين، انهن سان ناتو نه ٽوڙ.)

اوڏي تو برچون نهين، ٻيسي تو ٻهوڙ،
هنسان نا سرور گهڻا، سرور نا هنس ڪروڙ.

(مانسرور چوڻ لڳو ته، هنج اڏامي وڃن ته روڪيا نه/ ناراض نه ٿيان، ويهن ته ويٺا هجن، ڪا روڪ نه آهي، هنجن کي سرور گهڻا آهن، ته سرور کي هنج گهڻا آهن.)

پانکه سُهاري پهه ڪران، ڏاڙا رنگ ڀري،
اوڏڻ وارو هنسلو، وڻ وڻ ڏهان ڪري.

(پک (پر) سنواري اڏامڻ جي ارادي سان تياري ڪئي اٿم، اڏامڻ وارو هنج وڻ وڻ ياد ڪري رهيو آهي.)

هنس ڪهي ري ڏيڏرا، ساهر لاهر نه سُڌ،

جڪان جتو پاڻي تانگيو، اوئان ۾ اتي ٻڌ.

(هنس چوڻ لڳو ته: اي ڏيڏر!  تو کي سمنڊ جي لهرن جي ڪهڙِي خبر؟ جن جيترو پاڻي تانگهيو آهي، انهن کي اوتري سڌ آهي.)

هنس ڪهي ري ڏيڏرا ساهر لهرا نا ڏٺ،
جڪان ناريلائي نا چکيا، جاڻي چڀڙيانهه مٺ،

(هنس چوڻ لڳو ته اي ڏيڏرا! تو سمند جي لهرن کي ڪڏهن ڏٺو  ئي نه آهي، جن ناريلن کي ڏٺو نه آهي انهن ناريلن کي مٺ ڇڀر سمجهي نه چکيو.)

نل راجا بکو پڙيو، ڪري گهوڙان پر زين،

نل راجا مجرو ڪيو، جڏ نويا ڪنگرا تين.

(جڏهن نل راجا کي مصيبت (ڏڪار) ۾ وڇوڙو پيو، تڏهن گهوڙي تي سنج رکي هلڻ جي تياري ڪري قلعي کي مجرو ڪيائين ته قلعي جي ٽن ڪنگرن جهڪي مجرو ڪيو)

نل راجا بکو پڙيو، گهاتيو گهوران پر ڀار،

ٻارهي برسي ملسان، نا تو نر هر گڍ جهار[12]

(جڏهن نل راجا کي مصيبت ( ڏڪار) ۾وڇوڙو پيو ته گهوڙن تي بار وجهي پنهنجي قلعي سان مخاطب ٿيڻ لڳو ته اي نرهر ڪوٽ! ٻارنهن سالن تي ملنداسين نه ته نرهر منهنجو توکي جهار آهي.)

پپهيا پيهي پيهي ڪري پيا نيڙو پرديس،

آپري پيا سين جڏ ملان، جاوان اپڻي  ڏيس.

 (اي پپهيا! تون پيا پيا ڪرين ٿو، منهنجو پيا ويجهو هوندي پرديس آهي، آءُ پنهنجي پيا سان تڏهن ملندس جڏهن پنهنجي ديس وڃين)

پپهيا چڙهه ڏونگري، وات وهنتا جوءِ،
اوئا ميهان اپڻا ساجڻا، مانجا ڪڏان ميڙا هوءِ

(اي پپهيا! ڏونگر تي چڙهي منهنجي وطن جي مارڳ ڏانهن ڏس ته هن طرف مينهن آهي؟ مينهن جي هن موسم منهنجو ميلاپ پرين سان ڪڏهن ٿيندو!)

سک دک سمپت بي بسو، نر ڪاهر مت هوءِ،
مرڻ جيئڻ وجوگتا، ڪلتار ڪري سوءِ

(سک ڏک ۾ بيوس ٿي مرد کي ڪڏهن ڪاهل نه ٿيڻ گهرجي. مرڻ جيئڻ ، وڇوڙو مالڪ جي وس ۾ آهي، جيئن مالڪ ڪندو تيئن ٿيندو)

نل پنگل ڀيڙا هوئا، پارس پيپل هيٺ،

جڏهن ڪا ٻنڌڻ ٻوليا، ڍولا مارو پيت،

(راجا نل ۽ راجا پنگل پپر جي وڻ هيٺيان اچي ڀيڙا ٿيا، تڏهن (هڪ ٻي کي رشتو ڏيڻ جو ) پاڻ ۾ وچن ڪيو، ڍولو مارو پيٽ هئا)

ٻاٻل تال ڀنجائي ڏي، ڪا ڪونجهان ڏي مراءِ،
جب سُوئان هيڪلي، تو منان اٺانڙءِ ڪرلاءِ

(اي بابل! تلاءِ ٽوڙائي ڏي يا ڪونجن کي مارائي ڏي، جڏهن آءُ اڪيلي سمهان ٿي ته ڪونجون ڪرلاءُ ڪري مون کي اٿارين ٿيون.)”

مارو مين ماڻس نهين، مين هان ڪونجڙيان،

ڍولي تڻا سُنديسڙا، لک ڏي مانري پنکڙيان..

(اي مارو! اسين ماڻهو نه پر پکي ڪونجڙيون آهيون، ڍولي جا سنديسڙا ( نياپا) اسان جي پرن تي لکي ڏي ته پهچايون.)

کيجڙ رُونک ڀُرٽ کڙ، ٿڙيان پيڙا تُوس،

ڍولا! تمڻي ماروي هٿ اوهڻي مريو اوس

(اي ڍولا جتي ڪنڊن جا وڻ ڀرٽ جو گاهه، ۽ ڀٽن تي پکڙيل پيلا ٽوهه آهن، اتي تنهنجي مارو (هاڻي ) ساماڻي آهي.)

مارو ڌڻ مُرڪو ڪيو، ٿي سڻجو  ڍولا ڪنت،

چهون ڏس ۾ چمڪو ڀيو، ٻيج نهين اي ڏنت.

(اي ڍولا! مارو مرڪي آهي، چوڏس چمڪاٽ ٿيو آهي، اها وڄ نه آهي، مارو جا ڏند چمڪيا آهن.)

مارو ڌن رمتي رو، پلو کِس گيو پيٽ مٿا،

نو سو ماريا ٻاٻلا، ڍولا هنسلا ڪروڙ ڪتا.

(اي ڍولا’! (هڪ دفعي) مارو (ويچاري) کيڏي رهي هئي، رمندي چني جو پلوءَ پيٽ تا کڄي ويس، ان جي اهاءِ سان نوَ سو تپسشي مري ويا، هنج ته ڪروڙ کان به وڌيڪ مئا.)

ٿڻ سينگي، نک سيپلي ڏنت گلابي ڦل،

جگ سارو ڦر جوئيو، ڍولا تِريا نا مارو تُل.

(ٿڻ سڱن جيان چهنبيارا،  ننهن سپين جهڙا، ڏند گلابي اهڙا جهڙا گل، اي ڍولا! مون سارو جڳ گهمي نهاريو پر مارو جو مٽ ڪا نار نه آهي.)

ڪرهيا مانري ٻاپ را، مانرو وچن سڻي،

ڍولا سنڀري ساسري، تون کوڙو پاو ڌري.

(ڍولي جي گهر واري مالوڻ ڪرهي کي چوڻ لڳي ته: تون منهنجي پيءُ جو ڪرهو آهين، تون (مون سان همدردي ڪر) منهنجي ڳالهه ٻڌ! ڍولو (مارو ڏي) ساهرن سنڀريو آهي، تون منڊو ٿي پير جهل)

کوڙو ٿيوان تو ڏنڀسي، ٻاڌو بوک مران،
جاوان ڍولي ري ساسري، سڦران مونگ چران

(ڪرهي ورندي ڏني ته آءُ منڊو ٿيندس ته ڏنڀ ڏيندو ۽ ٻڌل بک مرندس (انهيءَ کان بهتر آهي ته ) ڍولي جي ساهرن ڏي وڃان جتي منڱن سان ڀريل ڦريون چران.)

سون سرائي ڏنڀسان، چانپان تيل چنبيل،

ٻانڌان بڙ ري ڇانهڙي، چراوان ناگر ويل.

(اي ڪرها! تون کي سون جي سرائي سان ڏنڀ ڏيندس ۽ چنبيلي جي تيل سان مالش ڪندس. بڙ جي ڇانو  ۾  ٻڌي ناگر ويل چاريندس.)

سون سرائي ڏنڀسيو کارو تيل چنبيل،

ٺاڍي بڙ  ري ڇانهڙي ڪڙوي ناگر ويل.

(اي مالوي! سون سرائي سان به ڏنڀ هوندو!؟ چنبيلي جو تيل کارو آهي، بڙ جي ڇانو تمام گهڻي ٿڌي ۽ ناگر ويل ڪڙي لڳي ٿي.)

ڪڻ گڙءِ گهتان گهوگهران، ڪِڻ نڪ گهتان مهار،
ايئان ڪرهان ۾ ڪرهيو ڪُوڻ، هون پنگل ڪران جهار.

(ڍولو اٺن ۾ اچي چوڻ لڳو ته، ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ ڳاني ۽ نڪ ۾ مهار وجها، انهن ڪرهن ۾ ڪرهيو ڪهڙو آهي، جنهن تي چڙهي آءُ پنگل ۾ وڃي جهار ڪريان.)

مانري گڙءِ گهاتو گهوگهوا، مانري نڪ ۾ گهاتو مهار،
 ايئان ڪرهيان مين هون ڪرهيو، پنگل ڪراوان جهار.

(ڪرهيو ٻولڻ لڳو ته: منهنجي ڳچي ۾ ڳاني ٻڌ، منهنجي نڪ ۾ مهار وجهه، انهن ڪرهن ۾ آءُ ڪرهيو آهيان، هلي تو کي پنگل ۾ جهار ڪرايان.)

ٻيجا ڪرهيا ٻوليا نهين، تو ڪيان ٻوليو توڏ،
پاسڙ ڀيري ڀانج ڏيان پڙيا چڻسين دوڏ..

(ڪنواٽڙا! ٻين اٺن اڃان ورندي نه ڏني تو وچ ۾ اچي ڪاهي پيو آهين تو ۾ ايترو دم آهي!؟ مون سٿرون ڀيڙي زور ڏنو ته پاسراٽيون ڀڄي پونديون .واٽ تي پيا ڪانگ (دوڏا ) کائيندا.

جوڌاڻي ۾ جنميو، اينڏر مانرو کيت،
پاڙان پنگل را ڪونگرا، ٻيسان اِيڏر ٽيڪ.

(جوڌاڻي ۾ جنم ورتو آهي. اينڏر منهنجو کيتر ( ٻني) آهي پير جي ٿڌي سان ڪوٽ جا ڪونگرا ڊاهي مٿان ارهه ڏيئي ويهندس.)

ڍولا! تميڻي ڏيس ۾ هيڪ بات ڪِي هوئي،

ٿان ڏنو پگ پاگوڙي، مالوڻ اوئي ٽاڻي مئي

(ڍولا! تنهنجي ديس ۾ هڪڙي ڳالهه ڇا ٿي؟ تو رڪاب ۾ پير وڌو، پويان انهيءَ ٽاڻي مالوڻ مري ويئي،)

ناڪ ۾ نٿ نهين ڪا گڙئي اڏوڙي هوءِ،
ڪنت وڇوڙي ڪامڻي، ڍولا موئي نا سڻي ڪوءِ.

(ڍولا! سهاڳڻ نار جو ور جي وڇوڙي ۾ نڪ نٿ کان خالي هوندو آهي يا ڳلي جو هار سنيگار نه ڪندي آهي، پر ڪڏهن ائين نه ٻڌو ته مڙس جي وڇوڙي ۾ عورت مري ويئي.)

هُڙڪ ماٿي، گهاگهر پيٽي، ڪُنج ورڻي نار،
اي مارو ري ڪارڻي ڍولا ڪرهيي ڪانٻ نه مار،

(ڍولا ! هاٿي جي رنگ جهڙي ماروئل جنهن جو مٿو ڀوڻ جهڙو ۽ پيٽ گهاگهر جهڙو آهي، انهي ماروئل جي لاءِ ڪرهيي کي ڪانٻ (لٺ) نه هڻ،)

ايوڙ ۾ ٻيوڙ چري، ٻيوڙ ۾ اسن،
ڍولو چلاوي ساسري، مورک ڀاگو من.

(ڌنار ويچارا مال چاري جهنگ ۾ پيا ڦرندا آهن (تن کي ڪهڙي خبر ته ماروئل ڪهڙي آهي؟) ڍولو پيو ساسري (ساهرن) وڃي، مورک ڌنار ڍولي کي (ماروئل متعلق اڻ وڻندڙ ڳالهيون  ٻڌائي) اداس ڪري وڌو آهي.)

ڪاجل ٽيٻي، ناڪ سل، خنجر نيڻ ختگ،
ڍولا! تميڻي ماروئل، جاڻي چڙهيو پتنگ.

(ڍولا’! تنهنجي  ماروئل جنهن جي پيشاني تي ٽيلڙي، نڪ تي سَر ۽ ڪجل وڌل ڪاريون خنجر جهڙيون ڪهندڙ اکيون آهن. انهن اوصافن سان ماروئل ائين آهي. ڄاڻ پتنگ ( اڀ ڏي) اڏريو آهي.)

ڪاجل ٽيٻي، ناڪ سل، ڏنت ٻتيسي ٻاڻ،
ڍولا! تميڻي ماروئل، روٺو ٻيٽو پٺاڻ.

(اکين جي ڪجل، پيشاني جي ٽيلڙي، نڪ جي سرن ۽ ڏندن جي ٻٽيهه ٻاڻن ( تيرن) سان ماروئل  ائين ٿي لڳي ڄڻ ته پٺاڻ ڪاوڙيو بيٺو آهي.)

ڏن گيو ڏري ڏونگري، وهيا، گيا وڻين،
ڪاڙو کاوي ڪرهيا، ٻوليو ڪٻيهي گڻين.

(سج ڏونگرن جي جهولن پويان لهي ويو، وهيا پکي وڻن ڏي موٽي، ويا. ڪرهيا! تو کي ڪارو (نانگ) کائي  تو گڻن ڀريون گهڻيون ڳالهيون ٿي ڪيون!)

ڪاٺي ٻانڌءِ پاگڙي، ڍيلي ڇڏ مهار،
ڪاڍ پگان را تاڪڙا، پنگل ڪران جهار.

(ڍولا! پنهنجي پٽڪي کي ڇڪي مضبوطي سان ٻڌ، مهار ڍلي ڇڏ، منهنجي پيرن مان سوئا ڪڍ ته هلي پنگل ۾ تنهنجو جهار ڪرايان.)

کيجڙيو ڊر ڍنکرو، ڪُونٽ ڪاچي لوءِ،
هُون کاتي ري ڌيوڙي “ ڍولا مارو محلي هوءِ.

(ڪنڊي جي ننڍي وڻ هيٺيان، ٻني ۾ جهار هڪلي رهي آهيان، ڍولا! آءُ کاتي جي ڌيءُ  آهيان، مارو ته محلاتن ۾ رهي ٿي،)

جي تون نه آويو صاحبا، سرامڻ پهلي ٽيج،
 بيجل تني جهٻو ڪڙي، منڌ مارسي کيج.

(اي منهنجا صاحب! تون سانوڻ جي پهرين  ٽيج جو نه آئين ته وڄ جا ورا ڪا منڌ ويچاري کي کينچي ماري وجهندا،)

ڍولا تم آوجو، سرامڻ پهلي ماس،
ماهي ري ولوڙ سان، لارين رهاسي ڇاس.

(اي ڍولا تون سانوڻ جي پهرين مهيني تي اچجان، جي نه آئين ته (ڏکن ۾ جوڀن جو) ڌيڻو (ڏهي) ولوڙجي ويندو پويان لسي رهجي ويندي.)

نماڻي، کماڻي، ٻهوگڻي ،سُڪو ملي سڪچڇ،
گوري گنگا نير جون، من گروي تن اچڇ.

(مارو گهڻن ڳڻن واري نماڻي  ۽ کمياڻي (ٻاجهه ڀري) روح جي راحت ڏيندڙ آهي، گنگا جي پاڻي جهڙي شفاف گوري جو من ۽ تن وڻندڙ آهن.)

اڪ پن سين پتلي، ڌوٻو ڌان نه کائي،
ڍولا ايسي ماروئل، ڪيم وساري جائي.

(اي ڍولا ! ماروئل اڪ جي پن کان پتلي (سنهڙي)، لپ ڀريو اناج مس کائي ٿي. اهڙي ماروئل کي تو ڪيئن وساري آهي، اهڙي پدمڻي کي وساريو نه ويندو آهي.)

متان مهلي ٻاڀنڻ واڻيان، متان مهلي چارڻ ڀاٽ،
مهلي گهر رو منگتو، جاگوڙي ڍولي نا اڌ رات،

(اي ماروئل! ڍولي ڏانهن ٻانڀڻ واڻيان نه موڪلجان نه چارڻ ڀاٽ، گهر جو منڱڻهار موڪلجان جيڪو ڍولي کي آڌي رات جو اٿاري.)

پاوَ پدم، اڏي لسڻ، ڏند گلابي ڄاڻ،
ڍولا تميڻي ماروئل ڪسوڙو ڪيڪاڻ.

(پير ۾ پدم، ٿوم جي ڳڙي جيڏي کڙي، گلابي ڏند، ڍلا تنهنجي ماروئل ته سنجيل گهوڙو آهي.)

آيا سجن البيلا، ڪرپا ڌڻ پر ڪيڏ،
ايڪ سهيلي اوڙکيا، ڊوڙ، وڌائي ڏيڌ

(سجن البيلو مارو تي مهرباني ڪري آيو آهي، هڪڙي سهيلي ڍولي کي سڃاتو هن ڊوڙي وڃي مارو کي وڌائي ڏني.)

مارو ڌن پتلي، جيسي ڏيئي ڪي لوءِ،
ڪانچوي ڪي ڪس کولتا، ڍولو رهيو جوءِ.

(مارو اهڙي پتلي آهي، جهڙي ڏيئي جي لاٽ آهي ڪانچوي جي ڪس کولي ڍولو اچرج ۾ ڏسي رهيو آهي.)

مارو ڌڻ پتلي سيپ ڀريو ان کاءِ.
ڍولو ام ٻيهي رهيو، متي لنڪ ڪڙڪو کاءِ.

(مارُو تمام گهڻي سنهڙي آهي، سِپ جيترو اناج کائي ٿي، ڍولو ( ماروئل کي ڏسي سيج تي) ائين ويهي رهيو آهي، جو متان ( مارو) جي چيلهه (رنگ ليلا ۾ ) ٽٽي پوي.)

ڪڏهان باسنگ بيساسيو، ڪڏ نين ليا مرگهه جهل،
مانسرور ڪڏ هان گئي هتي، مارو! هنسان  سکڻ هل.

(اي مارو! تو ڪڏهن واسينڱن کي وس ڪيو؟ ۽ ڪڏهن هرڻ کان اکيون کسيون؟ ڪڏهن مانسرور ويئي هُئين؟ اتان هنجهه کان هلڻ سکي آئي آهين؟”

ٻار هي باسينگ بيساسيو، تيرهي نين ليا مرگهه جهل،
پنڌرهي مانسرور هون گئي، ڍولا! هنسان سکڻ هل.

(اي ڍولا! ٻارنهن سالن جي عمر ۾ مون واسينگ قبضي ۾ ڪيو، تيرنهن ورهن ۾ هرڻ کان اکيون  کسيون ۽ پندرنهن سالن جي ڄمار ۾ مون مانسرور وڃي هنجن کان هلڻ سکيو.)

ٻانڌڻ پچرنگ موڙيو، کنوين ڍڙڪنتي ڍل،
ڍولو پڌاريا آنگڻي، هُون همين نه سيکان هل.

(اي ڍولا! تون پنجن رنگن وارو ڦيٿو ٻڌي ڪلهن کان ڍال  لٽڪائي منهنجي گهر پڌاريو آهين، آءُ اڃان به (هنجن واري ) هلڻي نه سکان؟)

کيجڙ روُنک ڀُرٽ کڙ، ڪونڀٽ ڪير ڪٽا،
ڍولو پُڇي ڌڻ مارو ني، تين ۾ اتو روپ ڪٿا.

(ڍولو مارو کان حيرت مان پڇي ٿو ته اي مارو! هي ٿر جتي ڪنڊي، ڪونڀٽ ، ڪرڙ جا وڻ ۽ ڀرٽ گاهه آهي، اتي تو ۾ اهو روپ ڪٿان آيو!؟)

پاتر پهرڻ، ڀل چڙهڻ، ڀوم تريان اتم ڪل،
لالچ ڪيڻي نه لڀڻا، ڍولا لکيا لاڀيا ول.

(اي ڍولا’! نازڪ نفيس ڪپڙا پهرڻ ۽ چڙهي جي لاءِ ڀليون گهوڙيون جن جو بڻ روءِ زمين تي بڻن ۾ اُتم آهي، اُهي سڀ لالچ ڪندي نه ملن، پر هي ته لکئي جو نصيب آهن.)

مانري ديس ري ٻيجڙي، نيڙي کِنوي نهل،
ڪا پنگل گڍ پاکيڙ ۾ ڪا ماروتڻي مهل

(منهنجي ديس جي کنوڻ ! تون هن وقت تمام ويجهي چمڪي رهي آهين، پنگل گڍ جي آسپاس ۾ آهي يا مارو جي محل تي آهي.”

مارو مانگا آويا، ڍولي را پرڌاڻ،
ڌڻ ڀٽياڻي ماروئل پرماڻي ڍولو چهواڻ.

(ڀٽياڻي ڪڙم جي ماروئل جو پرڻو ڍولي چوهاڻ سان ڪرڻ جي لاءِ ڍولي جا عزيز رشتو گهرڻ آيا آهن.)

ڍولا! مهيئڙ تو ماٺا چلي، توڏڪ  ڇيڪا چالي پگ،
ايئان ناگر ويل نا چکي، چکي سڻيئي ري ٻودي چگ.

(ڍولا! وڏا ۽ متارا  اٺ ته هلڻ ۾ ماٺا آهن، انهن ڪڏهن ناگر ويل چکي نه آهي، انهن ته سڙيل سڻ جون چڳون کاڌيون آهن، توڏ  ئي تکا پير کڻندا آهن.)

دوجا دو_وڙ،چو_وڙ، اونٺ ڪٽالئه کاڻ،
جڻ مک ناگر بيليان، سو ڪرهئه ڪيڪاڻ.

(ٻيا اٺ ٻه_ ورا چئه_ ورا، گڊا يا گڏيل سڏيل ذات) جيڪي اونٺ ڪٽالي (هڪ قسم جو ٻوٽي جنهن کي وڏي ڪانڊيري به چئبو آهي) کائين ٿا. پر جن جي وات ۾ ناگر ويل آهي اهي اٺ گهوڙن جهڙا آهن.)

ديس ورنگئه ڍولڻا، دکي هُيا اِهان آءِ
من گمتا پاميا نهين، اونٺڪٽاليئه کاءِ

(ڍولڻاٰ! هيءَ ديس ڏاڍو اڻانگو آهي، هتي اچي ڏاڍو دکي ٿيو آهيان، دل گهريو کاڄ ملي ئي نه ٿو، رڳو اوٺڪٽاليءِ ويٺو کايان)

ڍولئه چاليئه هي سکي! واجيا ورهه نساڻ
پالنڪي وِسهر ڀئي، مندر ڀيا مساڻ.

(سکيون! ڍولو هليو ويو، برهه نعارا پيا وڄن، پلنگ زهر ٿي پيو آهي ۽ مندر محل ئي مساڻ ٿي ڀانيان)

ڪرهيا! نيِروُ جئه چرءِ، ڪنٽالئه نئه ڦوگ،
ناگر ويل ڪهان لهئه، ٿانرا ٿوبڙ جوگ.

(ڍوولو: اي ڪرهيا! تون جيڪڏهن چرين ته تو کي ڪانڊيري ۽ ڦوڳ چرڻ جي لاءِ ڏيان باقي تنهنجي توبري لائق ناگر ويل ڪٿان آڻيان)

سڻ ڍولا! ڪرهيو ڪهئه، مون من موٽي آس،
ڪئرا ڪونپل نا چران، لنگهڻ پڙءِ پچاس.

(ڪرهو:ٻڌ ڍولا! منهنجي من ۾ وڏي آس آهي، آءُ ڪرڙ جا گونچ ڪڏهن نه چرندس پوءِ چاهي پنجاهه لنگهڻ ڪڍڻا پون.)

ڪرها! ديس سهامڻئه، جي مون ساسرواڙ،
انب سريکئه اڪ گڻ، جال ڪيران جهاڙ.

(ڍولوـ اي ڪرها! منهنجو ساهراڻو ديس ڏاڍو وڻندڙ اٿئي، اتي جي اڪن کي تون انب ڪري سمجهه ۽ ڪرڙ جي وڻن کي ڄار جا جهاڙ سمجهه)

مارو گونگهٽ، دِٺ تئن، ايتا سهت پڻند،
ڪير، ڀمر، ڪوڪل، ڪمل، چندر، گيند، ميند.

(اي ڍولا! مارو کي تون گهونگهٽ  ۾ به جي ڏسين ته به ايترا گڻ مارو ۾ پسين چتون جي چهنب جهڙو نڪ، ڀونرن جهڙا ڪارا ڀرون، ڪوئل جهڙو مٺو آواز، ڪنور گل جهڙيون سهڻيون اکيون، چنڊ جهڙو چهرو، شينهن جي چيلهه جهڙي سنهڙي چيلهه، هاٿي جهڙي هلڻي آهي.)

مَرو ٽرو سهليانٰ ڪارڻ آپري ري ڪج،
ڍولو سنڀريو ساسري، ريڻ بالم ري اج.

(اي منهنجون سهليون! مرو هاڻي  هتان ٽرو، پنهنجو ڪم ڪار وڃي ڪريو. ڍولو ساهرن ڏي سنڀريو آهي، ( مون کي اڄ ڇڏيو) اڄ رات مون کي منهنجي بالم  سان رهڻ ڏيو.)

جا تو ڏن گهر آپري، سانجهه اُرهيري آو،
بالا سجڻ گهر پراوڻا، مانري ڌر سچنگا پاو.

(اي سج تون پنهنجي گهر وڃ (لهي وڃ) اي سانجهه تون ويجهي اچ، منهنجو مٺڙو ڍولو ٻين جي گهر ترسيل آهي. منهنجي ڌر (محلات) محبت جا پير گهمائڻ جي لاءِ اچي.)

ڪاڙي ماٿي ور مانوي، ڌوڙي ماٿي رو اونٺ،
نگڻي سين گڻ ڪريا، تو تاڻي ٻڌيا ٺونٺ.

(اي ڍولا! تون ڪاري مٿي جو ماڻهو آهين، آءُ ڌونري مٿي وارو اٺ آهيان، تو نگڻي ( اوگڻ واري) سان مون گڻ ڪيا تڏهن تو اچي منهنجا ٺونٺ ٻڌيا آهن.)

ايهي ڀلي نه ڪرهلا، ڪُلهيا ڪئڪاڻ،
ڪا پري راگان پراڻ ڪر، ڪا نئه اچنتي هاڻ

(اڙي ڪرها! هي ڀلي ڳالهه نه ٿي، پٺيان گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ جو آواز پيو اچي، يا ته انهن کي پنهنجي پراڻن جو موهه آهي يا ته اسان کي ڪا وڏي هاڃي ٿيڻي آهي.)

ڍولاماروئل[13] جي داستان تي ٻين شاعرن به شاعري ڪئي آهي. ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان ڪلول جي شاعري کي سمجهي سگهنداسين.

ڪلول جي شاعريءَ تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

سارنگ ڌر:

 سارنگ ڌر جو نالو[14] راسو لکندر شاعرن ۾ اهم نالو آهي هن چوڏهين صدي عيسوي ۾ جنم ورتو، هن امراڻي جي راڻي همير جي حوالي سان ٻه ڪتاب “همير راسو” ۽ همير ڪاويه لکيا. اديب باغ علي شوق مطابق انهن جا ڪجھه ورق ورکريل ملن ٿا.

سيڻل چارڻياڻي:

سيڻل ڪهڙي دور جي شاعره آهي ؟ ڪا به حتمي راءِ نٿي ملي پر ٿر جي لوڪ قصن ۽ ڪهاڻين ۾ سيڻل جي شاعري ۽ عشقيه داستان جا ٻول سرد راتين جي مچ ڪچهرين جو موضوع ٿي حاصل ۽ لا حاصل جي وچ ۾ ٻرندا رهيا آهن. ويڏي چارڻ جي ڌي سيڻل سونهن سوڀيا ۾ سندر روپ هئي، هن جو معصوم مکڙو ڄڻ ٿر ۾ روهيڙو ڦٽو هو. وينجھڻاڏ عرف وينجھو پنهنجو جوڙيل ساز جنتر وڄائيندڙ نوجوان آرٽسٽ ۽ شاعر هو، جنهن سيڻل جي سانوڻ گھٽائڻ جھڙن وارن ۾ پاڻ کي ونگڻ چاهيو ٿي پر وقت جي ستم ظريفي هن کان چانڊوڪي جھڙي مرڪ کسي ورتي.

وينجھڻاڌ عرف وينجھو چارڻ ميگھڻاڌ چارڻ جو پٽ هو. سخاوت ۽ سورهيائي ۾ ميگھڻاڌ جو چارڻي سماج ۾ وڏو نالو هو. گوراويلي جو ويڏو چارڻ ڏڪارن ۾ ڏلي جڏهن ڀيرون ٻنڌ[15] ۾ ميگھڻاڌ وٽ آيو هو ته هن اناج جا ڍير کولي هئا. ڏک ڏولاوو ڏور ڪرڻ جي لاءِ هن هر طرح مدد ڪئي. گڏ راند رمندڙ ننڍڙي ويجھڻاڌ ۽ سيڻل وٽ عشق تڏهن آيو جڏهن هي ڄاڻن نه پيا ته عشق ڪهڙي شيءَ آهي! چون ٿا ته ٻارن ۾ ايڏو هڪ ٻي جي لاءِ پيار ڏسي سيڻل جي پيءُ ويڏي چارڻ ميگھڻاڌ کي وچن ڏنو؛ته ” پاڻ نياتي آهيون، آءُ سيڻل جو رشتو تنهنجي پٽ وينجھي کي ڏيندس” ورهيه ورڻ سان ويڏي وارا پنهنجي ڪکن ڀيڙا ٿيا. پر پنهنجون سارون سنڀارون ڇڏي ويا. وقت گذرڻ سان ويڏي جو بخت اهڙو وريو، جو ويڏو چارڻ علائقي جو وڏو ڀاڳيو بڻجي ويو. هوڏانهن ميگھڻاڌ ۽ سندس گھر واري ڪنهن وبا ۾ مري ويا. ويجھڻاڌ ڇورو ڇنو ٿي ڀٽڪندو رهيو. هن وٽ جيئڻ جي جستجو ۾ ٻاروتڻ جي پريتڙي سيڻل جي تڙپ کان سواءِ ڪجھه نه هو. ڳوٺ جو مال چاري ڪڏهن ڪنهن جي در تان، ڪڏهن ڪنهن جي در تان مانيءَ ڳڀو ماڻيندو هو.

جھنگ ۾ مال چاريندي  وينجهڻاڌ سڪل ٻن ڪاٺين، گھوڙي جي پڇ جي وارن، هڪ تار ۽ ڪجهه ٻين شين کي پاڻ ۾ ملائي هڪ ساز جوڙيو. جنهن وقت فرصت ملندي هئي تڏهن ويجھڻاڌ ويهي پنهنجي ساز کي وڄائيندو هو. هن جي ساز جي وڄت اهڙي هئي، جو ماڻهو ته ٺهيو، پر پکي پکڻ ۽ پسو موهت ٿي پوندا هئا. چوپايي مال کان به چرڻ وسري ويندو هو. وينجهڻاڌ جي ساز تي ريجهي مال چرڻ ڇڏي ڏنو هو. ڳوٺ وارن پنهنجي مال جي اهڙي حالت ڏسي هن کي پنهنجو چوپايو مال چارڻ جي لاءِ ڏيڻ ڇڏيو. ويجھڻاڌ کي ڄڻ بهانو مليو. هن جنتر ڪلهي تي رکي سيڻل جي ڳولا ۾ گوراويلي جي واٽ ورتي. جنتر جي تار تي درد جا دوها ڳائيندو اچي ڳوٺ گوراويلي پهتو،  جتي اڃ اجھائڻ جي لاءِ کوهه ڏانهن ويو،کوهه تي پاڻيارين ۾ موجود سيڻل ميرانجھڙي روپ ۾ وينجھي کي نه سڃاتو، پر وينجھي جي وجود ۾ سيڻل وسي رهي هئي. سيڻل سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين ته سيڻل وينجھي کي ڌڪو ڏئي، هن جي داڻن سان ڀريل ناريڙي ٽوڙي وڌائين. وينجھو پنهنجا ڳوڙها اگهي کوهه تان روانو ٿيو. ڪنهن وڻ جي هيٺ اچي ويهي رهيو. شام ويلي ڳوٺ جي ريل ۾ ويهي جنتر تي ڳائڻ لڳو. ماڻهن جو ميڙو مچي ويو. ڳوٺ جي چڱي مڙس ويڏي چارڻ کي ڪنهن وڃي ٻڌايو ته اڄ ڳوٺ جي ريل ۾ هڪ اهڙو ڪلاڪار آيو آهي،جنهن کي ٻڌي اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو ته، سرسوتيءَ  (علم ۽ فن جي ديويءَ) جو واسو هن جي جنتر جي وڄت ۾ آهي يا هن جي ڪنٺ ۾ سوز هن جي سُر ۾ آهي يا ساز ۾. ويڏي چارڻ سماچار ڏيندڙ کي چيو ته اهڙي ڪلونت کي منهنجي ڪچهريءَ ۾ آندو وڃي. ويڏي رات جي ٽاڻي وينجھڻاڌ جي محفل جو بندوبست ڪيو. ويجھڻاڌ پنهنجو ساز کڻي ويڏي جي گھر پهتو. محفل شروع ٿي. جنتر جو جادو جاڳائي، هن ڳائڻ شروع ڪيو ٿوري دير ۾ احساس جي اظهار جي قوت معمولي کان غير معمولي پهچ ڏانهن پنڌ ڪري، عروج جي آڪاش کي ڇهي رهي هئي. سيڻل جون اکيون وينجھي جو آواز سڻي آبشار ٿي پيون. وينجهي شاعريءَ ۾ پنهنجو پورو داستان سڻايو. وينجھي جي شاعري ۽ ساز سڻي، ويڏي بي اختيار چيو ته، “نوجوان جيڪو گھرڻو هجي، اهو گھر، تنهنجي سُر ۽ ساز تان سر صدقو ڪري سگھجي ٿو” وينجھي ورندي ڏني ته “سائين ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، اوهان انهيءَ ڳالهه کي ڇڏيو منهنجي ساز ۽ آواز سان توهان جي روح کي راحت ملي، اهو ئي منهنجي لاءِ ڪافي آهي.” پر ويڏي جي گھڻي زور تي وينجهي چيو ته؛”سائين توهان مون کي ڏيڻ چاهيو ٿا ته سيڻل جو هٿ ڏيو” ويڏي جون اکيون ڦاٽي پيون. ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳو ته،”تنهنجي اهڙي اوقات ڪيئن ٿي، جو تون مون کي ائين چيو . تو  وٽ آهي ڇا؟ تو وٽ نه ٻني ٻارو آهي، نه چوپايو مال آهي. آءُ لاڏ ڪوڏ ۾ پاليل پنهنجي ڌيءَ  توکي ڪيئن ٿو ڏئي سگھان؟ وينجھي هٿ جوڙي چيو ته”سائين ياد ڪر اُهو وقت، تون جڏهن ڏڪار ورهيه ۾ ڏلي نڪتيو هئين، تڏهن تو وٽ ڇا هو؟ اتي تون پاڻ منهنجي پيءُ کي وچن ڏنو هو ته، آءُ پنهنجي سيڻل جو وينجھي کي رشتو ڏيندس. اڄ به تو پاڻ گھرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ٺيڪ آهي، تون پنهنجي وچن کي پاڻي نه ڏي! مون وٽ منهنجو فن ۽ ڏات آهي. هڪ چارڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي، ته هُن تي سرسوتي راضي هجي. سيڻل جي سار کي آءُ ڳائيندو رهندس. وڄائيندو رهندس.” ايئن چئي وينجھو اٿي روانو ٿيو.

ويڏي کي سندس ساٿين سمجهايو، ويڏا! تو هي ڇا ڪيو!؟ وينجھو غريب ضرور آهي، پر پنهنجو نياتي آهي. هڪ چارڻ وٽ ڪلا هجڻ گھرجي، اها هن وٽ آهي. ويڏي، وينجھي کي وري سڏايو. هن سڱ لاءِ ڏکيو شرط رکڻ جي اٽڪل سوچي. وينجھي کي چيائين ته”تون 101 نو چندريون مينهون(نو چندي ڀلي مينهن جو قسم جنهن جي جسم تي نو اڇا نشان هجن). ڏان ۾ گھري اچ، ٻارنهن مهينا توکي اجازت آهي. هڪ ڏينهن به مٿي لڳو ته سڱ نه ملندءِ. وينجھڻاڌ کي شرط ٻڌڻ جي دير هئي. شرط ٻڌڻ سان اٿي مينهن جي لاءِ روانو ٿيو. ڳوٺ ڳوٺ ساز وڄائيندو، ڳائيندو نو چندري مينهون گھرندو ويو، پر 101 نوچندري مينهون ڪٿان ملن!؟ وقت گذرندو ويو. سيڻل کي پنهنجي پيءُ جي اهڙي شرط تي ڏاڍو ڏک ٿيو. وينجھڻاڌ جي درد فراق ۾ ڳرندي وئي. پيار پيڙا ۽ آس نراس جي ترشنا ۾ سندس من جي تند شاعريءَ جي سٽن ۾ وڄڻ لڳي. انتظار جي اونداهه راتين جو درد دل ۾ تڙپندڙ تمنا سان بيان ڪندي چيائين ته:

سيڻل او ڏن چتار، تين والم پٽڪيو واڙ مين،
نريڙي ٽڪرا چار، چڙڪلين ڏاڻا چُگ رهين

(سيڻل! تون اهو ڏينهن ياد ڪر، جڏهن تو پنهنجي محبوب (وينجھي) جو ڪشتو ڪاوڙ مان کَسي ڪنڊن ۾ اُڇليو هو ۽ ڪشتي جا چار ٽڪر ٿيا هئا ۽ ڪشتي مان ڪريل ڪڻ (داڻا) هيٺ زمين تي جھرڪين ويهي چڳيا هيا.)

سيڻل هنڊي ڪاٺ ڪي، چڙهي نه ڏوجهي وار،
ڏسي گيو ڪاڙي نانگ جئن، وڙي نه ڀُوڇي سار

(سيڻل(چارڻي روايتن ۾) ! پرڻي جي ريت ۾ ناري چوڙو صرف هڪ ڀيرو پائي سگھندي آهي. سهاڳ جو چُوڙو ٻيو دفعو نه پائي سگھبو آهي. منهنجو محبوب نانگ جيان مون کي ڏنگي ويو آهي، هن ٻيهر سار نه لڌي آهي !!)

من ڪهوي ٻاوڙ هُوئان، ٻيڙنت ري ٿڙيان،
وينجھو پاڻي سنچري، پگ ڏي پاوڙيان.

(من چوي ٿو ته ٻيڙنت جي ڀٽن جي وچ ۾ پڳ واهه(کوهه جو هڪ قسم) ٿيان، (منهنجو پريمي) وينجھو پيڊلين(چاڙهين) تي پير رکي پاڻي ڀري.)

من ڪهوي وڙلو هُوئان. ٻاپڻ ري ٿڙيان،
وينجھو ڍاڙي ڍوليو، ٻڙتي ڇانهڙيان.

(من چوي ٿو ته ٻاپڻ جي ڀٽن تي بڙ جو وڻ ٿيان، ڏينهن تتي جو وينجھو منهنجي ڇانءُ هيٺان کٽ رکي آرام ڪري.)

من ڪهوي ٻاوڙ هوئان ٻيپڻ ري  ٿڙپان،
وينجھو واڍي ڪانٻڙي، ڇٻتي انگڙيان

(من چوي ٿو ته ٻيپڻ جي ڀٽن جي ٻائوري ٿيان، وينجھو ان مان ڪانٻڙي (لٺ) وڍي، ته هُن جي آڱرين جو ڇهاءُ ملندو.)

سيڻل ٻيٽي لاڏڪي، ڇيلر ڏيکي ڏران،
ڪو ٻتاوي وينجھڻاڌ، سامهين تير تران.

(آءُ سيڻل پنهنجي والدين جي لاڏلي آهيان، پاڻي جو ڇلر(چڪ) ڏسي ڊجندي آهيان، پر ڪوئي مون کي اهو ٻڌائي ته وينجھو اچي رهيو آهي. ته سمنڊ مان ترندي سامهون وڃان.)

سيڻل ٻيٽي لاڏڪي، سنجي سي مران،
ڪو ٻتاوي ويجھڻاڌ، هون ساڙُون سوئيران.

(آءُ سيڻل پنهنجي والدين جي لاڏلي آهيان، سنجھي سيءُ مرندي آهيان، پر ڪوئي مون کي اهو ٻڌائي ته وينجھو اچي رهيو آهي ته، آءُ نفيس اوڍڻ سلجھائي انتظار ڪريان.)

برس(وڙس) وڙيا بادل(وادل) وڙيا، ڌرتي لاڻي،
ورنجھڻاڌ ري ڪارڻي، سيڻل سوڪاڻي.

(ورهيه ورڻ تي بادل موٽيا آهن، ڌرتي سائي ٿي آهي، پر اي وينجھڻاڌ تنهنجي ڪارڻ سيڻل سڪي آهي.)[16]

سنڌڙي جي سارين جا سنگ ساري سيڻل جو نيهنڙو اکين ۾ ڦسي پيو، پنهنجي پرتيم وينجهي کي واهوندي وڻ ڦوٽ ۾ ورڻ جا نياپا اماڻي آڌر ڀاو جي لاءِ جندڙي ٻارهوئي ڏيئي وانگر ٻار رکي. هن سواس سُڳنڌ ۾ وسيل وينجھي جو وشواس کي ڏوراپا بڻائي سنڌڙي جي سوداگرن کي چيو ته:

سنڌڙي ري سوداگران سيڻل ري سيڻان،
وينجھي آگڙ وانچجو وڌ وڌ ني ويڻيان.

(اي سنڌڙي جا سوداگرو! سڻيل جي سڄڻ وينجهي کي تمام گهڻا ويڻ ڏيئي هو هن جي اڳيان منهنجين چٺين کي پڙهجو.)

سيڻل امير بخسرو جي گيت”نه نيند نيتان نه انگ چيئنان، نه آپ آوي نه بيجي پتيان” جھڙي گھايل ڪيفيت ۾ چوڻ لڳي ته:

ڪينڪُو ورڻ ڪڙايان، چوڙيان راتڙيان،
وينجھڻاڌ گڙءِ لاگي نهين، باهه ٻانهڙيان.

(گلابي ٻانهن ۾ ڳاڙهيون چوڙيون پاتل آهن، پر جيڪي ٻانهون وينجھي جي ڳلي  جو هار نه ٿيون انهن کي باهه ڏيان ڇا ڪريان !)

ويڏي چارڻ سيڻل کي سمجھائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ته چار لک چارڻن ۾ جنهن گھر چئين ان گھر رشتيداري ڪريان. پر سيڻل کي  وينجھڻاڌ ڪٿي ٿو وسري!؟

وينجھڻاڌ ري وڙماڙ، اوران گڙءِ اوپي نهين.
چارڻيان لک چار، ٻانڌو ڪهي ٻولايا.[17]

(وينجھي جي ڳلي جي ور مالها ٻين جي ڳلي ۾ ڪو نه سونهندي، هي چارڻيا چار لک مون سڀ ڀاءُ چئي سڏيا آهن، انهن مان ڪو منهنجو ور ٿي نٿو سگھي.)

وينجھي جي اوسيئڙي ۾ ٻارنهن مهينا پورا ٿيا پر وينجھو نه آيو. وينجھي بنان سيڻل کي هڪ ئي واٽ سُجھي ته هُو هماليه جي برف جي ڇپن ۽ پهاڙن ۾ پنهنجن هڏن کي ڳاري پراڻ تياڳي وڃي. انهي قدم واسطي هن پنهنجي اباڻي گھر کان روئي موڪلائي هماليه ڏي رستو اختيار ڪيو. پويان ٻي ڏينهن وينجھو به نو چندري مينهن سميت پهچي آيو. پر سيڻل جا اهڙا سماچار سڻي هن جي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويئي. ڪجهه دير کان پوءِ پاڻ سنڀالي سيڻل پويان نڪتو، پڇائون ڪندي  ڪندي هماليه کي رسيو.،”سيڻل سيڻل” جي پڪار هن جي وائي وات هئي. سيڻل کي اوچتو محسوس ٿيو ته مون کي ڪوئي سڏي رهيو آهي پر وري چيائين هتي ڪير هوندو! ڳچ دير پوءِ هن کي اهو آواز ويجھو ٻڌڻ ۾ آيو. هن پنهنجي پيار جي سڏ جو پڙاڏو ٿي آواز ڏنو. او وينجھڻاڌ...او وينجھڻاڌ.. جڏهن هڪ ٻئي جون نظرون مليون تڏهن خوشي جي حد نه رهي. پر سيڻل جا هڏا پهاڙن ۾ جھري ڳري رهيا هئا. هن وينجھي کي چيو ته آءُ هاڻي معذور ٿي چڪي آهيان. تو سان گڏ هلي نٿي سگھان. چڱو ٿيو ته آخري وقت م تنهنجو منهن ڏسڻ نصيب ٿيو. وينجھي جنتر جي تار ڇيڙي جيءُ جھورڻ واري آلاپ ۾ چيو ته:

سيڻل او گھري، ميهي پنگڙا ئي پاڙسان،
ڪاوڙ ڪانڌ ڪري، جونا ديو جوئار سان

(سيڻل گھر اچ، آءُ تو معذور کي سنڀاليندس، آءُ پنهنجي ڪلهي جي ڪائوٺي (ڏولي جو قسم) ۾ چاڙهي تيرٿ ياترا ڪرائيندس رڳو تون واپس موٽي هل.)

پر سيڻل روئي چوڻ لڳي ته:

گڙيو آڌو گاٿ، آڌي ۾ پڻ آڌو رهيو،
همي مشڙتان هاٿ، وينجھڻاڌ پاڇا وڙو.

(منهنجو اڌ جسم ڳري ويو، اڌ ۾ به ثابت اڌ رهيو آهي، هاڻي ويجھڻاڌ! هٿ مهٽيندو واپس موٽي وڃ.)

پر ائين وينجھڻاڌ ڪٿي ٿو مڃي. هن ڪا بيوفائي جي تهمت پاڻ تي نٿي کڻڻ چاهي. پيار جي پنڌ ۾ پوئتي موٽڻ هن جي لاءِ مهڻو هو. هن سيڻل کي جواب ڏيندي چيو ته منهنجو جيئڻ مرڻ توسان گڏ آهي. آئون انهي وچن کي ڪيئن ٽوڙي ٿو سگھان. جڏهن سيڻل وينجھڻاڌ کي بضد ڏٺو ته هن وينجھڻاڌ کي عرض ڪيو ته منهنجي آخري خواهش آهي ته تنهنجو ساز ۽ راڳ ٻڌندي پنهنجو پراڻ نڪري

وينجھڻاڌ بيڻ  وجاڙ، هيماجل هيلا ڏي.

(وينجھڻاڌ بين کي اهڙ وڄاءِ، جو هيماجل(هماليه جو پاڻي) اڇلون کائي)

ويجھڻا کي رڳ سيڻل جي چوڻ جي دير هئي. سيڻل جي سامهون ٻي ٽڪري تي ويهي هن اهڙو ساز ۽ آواز ڇيڙيو. جو چئي طرف منڊ منڊجي ويو. پريمين جي اکين مان رڳو لڙڪ وهي رهيا هئا. ڪنهن ٽاڻي راڳ تي ائين روئيندي سيڻل جو ساهه نڪري ويو. وينجھڻاڌ جي جنتر جي تند ٽٽي پئي. پاڻ به آخري هچڪي ڀريندي پرلوڪ پڌاري ويو. وينجھڻاڌ ۽ سيڻل پيار جي پنٿ ۾ پوجارين جي لاءِ پهاڙي پنڌ ٿي ويا.

سيڻل جي شاعري جي شرميلن سچاين ۽ وينجھڻاڌ جي ساز ۽ آواز جي سار تي پيار ڪندڙ دليون اڄ به ڌڙڪنديون آهن. وڇوڙي جي وڍ ۾ سرجيل سيڻل ۽ وينجھڻاڌ جي شاعري پڙهندي مون کي ايراني لوڪ شاعر جو شعر ياد ايندو آهي ته:

اين هم رفت و آن هم رفت،
از پَئي جانان جان هم رفت،
رفت رفت رفت رفت....

ويجھڻاڌ جي به شاعري تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هتي آءُ صرف هڪ دوهو ڏيئي سگھيو آهيان. سيڻل ۽ ويجھڻاڌ عرف وينجھي جو عشقيه داستان ٻين شاعرن به شاعري ۾ سرجي محبت جي ڀيٽا ارپي آهي. تنهن کي به ميڙڻ جي ضرورت آهي.

 

شيو داس چارڻ:

 امراڻي سان تعلق رکندڙ شيوداس ريگستاني ادب جي پهرين دور جو شاعر آهي، ماهرن اهو دور 1504ع کان 1640ع تائين مقرر ڪيو آهي هن جي حالت زندگي تي پردو پيل آهي زماني جي گردش ۾ هن جون اڪثر لکڻيون دٻجي ويون، هن جي هڪ ٻن نظمن هن کي زنده رکيو آهي. جن ۾ هڪ “اچل داس کيچي ري   وچينڪا” آهي. ڊاڪٽر”ٽيسي ٽري” پنهنجي تحقيق ۾ اهو نظم ڏنو آهي. شيوداس جي هڪ چوپائي ريگستاني ادب ۾ تمام گھڻي مشهور آهي، جنهن ۾ هن آزاديءَ جي پيغام کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي، چوپائي جي هڪ شعر جي هتي ترجمو پيش ڪجي ٿو:

شينهن ۽ هاٿي هڪ ئي جھنگ جا رهواسي آهن.

هاٿيءَ جو مُلهه لکن ۾ آهي، شينهن جي ڪا قيمت نه آهي.

هاٿي ڳچيءَ ۾ وڌل رسِيءَ جي اشاري تي هلندو آهي، پر جي شينهن به ائين ڪيو، ته سندس مُلهه به مقرر ٿيندو  ۽ پر سندس آزادي کسجي ويندي ! 

 

آشانند عرف آسو جي:

 آشانند مشهور شاعر ايسر داس جو چاچو هو، هن جي پيءُ جو نالو گيڌاجي هو، هي پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا: هرسيور، سوجو ۽ آشانند سوجي جو پٽ ايسر داس ٿيو، آشانند 1517ع ۾ بار ديس (ڀدريچ) نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. آشانند راو مالديو جي ويجھو رهيو. هن ڇهه ڪتاب لکيا. سندس ٻولي مٺي آهي، ‘واگھو ڪوٽڙيي’ جي ڪردار تي لکيل سندس دوها غم ۽ ڪرب سان ڀريل آهن، جن کي ٻڌي متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگھجي. ريگستان جي مشهور لوڪ داستان ‘رٺل راڻي’ جي اهم ڪردار راڻي اماديهه کي ڪوي ايسرداس سرچائي، راءِ مالديو جي ماڳ وٺي آيو، ته ڪوي آشانند حيرت ۾ پئجي ويو هو ته”راڻي ڪيئن آئي!؟” آشانند، راڻيءَ کي چيو ته:

مان راکي، تو پيوَ تج، پيوَ راکي تو تج مانَ،
دو دو گياند نه ٻانڌيي، هيڪو کنڀو ٿانَ.

( اي راڻي! جيڪڏهن تون پنهنجو مان رکڻ چاهين ٿي ته: پنهنجي محبوب(وَر) کي ڇڏ، جيڪڏهن پنهنجو محبوب (ور) رکڻ چاهين ٿي ته مان کي قربان ڪر، ڇو ته هڪڙي مياڻ ۾ ٻه تلوارون نه رکبيون آهن. اهڙيءَ ريت عملي زندگيءَ ۾ هڪڙو فيصلو ڪر.”).

 

ايسرداس:

 برصغير جي ريگستاني شاعريءَ ۾ ايسرداس چارڻ جو نالو اهم آهي. ٿر ۾ به سندس شاعريءَ جي وڏي مهانتا آهي. هن جي شاعري ميراثي مڱڻهار ۽ سُگھڙ سياڻا، راجواڙن جا راڻا ۽ ڀڳت گُنگُنائيندا رهندا آهن. هن ڳوٺ ڀدريچ ۾ سوجو جي چارڻ جي گھر ۾ 1538ع تي جنم ورتو. سندس ماءُ جو نالو امر ٻائي هو. ايسرداس جي شرواعاتي تربيت سندس چاچي آشانند ڪئي، پر هن روحاني فيض پيتا مبرڀات کان ورتو. ايسرداس جڏهن 18سالن جو ٿيو ته سندس پيءُ سوجو جي پرلوڪ پڌاري ويو. ايسرداس 14 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ شادي ڪئي. سندس گھر واري جو نالو ڏيول ٻائي هو. ايسرداس جو پنهنجي پتني سان ڏاڍو پيار هو. جنهن مان ٻه پٽ جاڳو ۽ چوڙو ڄاوا. چون ٿا ته ايسرداس 21 سالن جو ٿيو ته سندس ڌرم پتي ڏيول زهريلي وڇون جي  ڏنگ سبب وفات ڪري ويئي. جنهن جي وڇوڙي ايسرداس کي ملول ڪري ڇڏيو. ايسرداس 12 ڪتاب لکيا آهن. ايسرداس جي شاعريءَ ۾ رواني، پختگي ۽ تشبيهن جي سندرتا سمايل آهي. هي لفظن جو وينجهار ۽ سونارو شاعر هو. هن جي شاعري ۾ آزاديءَ جا اُهڃاڻ، پاڻ سڃاڻڻ، رومانوي راحتون، سونهن جون صورت گيريون ۽ ويدانت جون وايون شامل آهن.

ايسرداس کي سندس چاچو آشانند عرف آسو جي 20 سالن جي عمر ۾ ڄام نگر ڇڏي آيو، جتي هن جي ڏات، ڏانءُ ۽ محنت رنگ لاٿو. ڄام راول لاک پساؤ ڪندي کيس سَچارنو، رنگ پور سميت 10 ڳوٺ جاگير طور ڏئي ڇڏيا. ايسرداس جا ڪتاب”هري رس”۽” هالان جھالان ري ڪنڊليا” ريگستاني پٽيءَ ۾ ڏاڍا مقبول رهيا آهن. سندس ڏات توڙِي شخصيت جو وڏو ڌاڪو رهيو آهي. عام ماڻهن پيار منجھان ساڻس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون جوڙي رکيون آهن، جن ۾ ايسرادس ديومالائي ڪردارا بڻجي وڃي ٿو. هري رس جو سنڌي ترجمو ڪندڙ مهراج شنڪر منسکاڻي لکي ٿو ته ايسرداس ڏيول جي وڇوڙي ۾ ڀڳتي مارڳ جو رستو ورتو. پر لوڪ روايتون چون ٿيون ته ايسرداس جڏهن ڄام راول جي درٻار ۾ پهتو ۽ اتي شعر پڙهيو، جنهن تي ٻيا سڀ متاثر پيا، پر پيتامبر ڀاٽ ڪنڌ ناڪار ۾ لوڏيندو رهيو، ايسرداس کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته هي ڪير آهي، جو منهنجي شعر تي ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي رهيو آهي؟ منهنجي شعر ۾ هن کي ڪهڙي اوڻائي نظر آئي آهي؟ ڪاوڙ ۾ ايسرداس تلوار کڻي، رات جو پيتامبر کي مارڻ لاءِ سندس گھر وٽ پهتو. پيتامبر جي گھر جي ديوار سان ڪن لائي ٻڌائين ته پيتامبر پنهنجي زال کي چئي رهيو هو ته”اڄ هڪ چارڻ شاعر درٻار ۾ آيو آهي، ڇا ته هن وٽ ڏات آهي! پنهنجي ڏات جو ڏيئو مالڪ حقيقيءَ جي ساراهه ۾ ٻاري ته تمام وڏي روحاني درجي تي پهچي سگھي ٿو”ايسرداس اهو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو، جنهن شخص کي آءُ مارڻ آيو آهيان، سو منهنجي لاءِ ايئن سوچي رهيو آهي.

پوءِ ايسرداس، پيتامبر کي سڏي سندس پيرن تي هٿ رکيا. پيتامبر کي پنهنجو گرو تسليم ڪري، ايسرداس روحانيت جي واٽ اختيار ڪئي ۽ پنهنجو مشهور ڪتاب”هري رس” لکيو.

لاگون هون پهلي لڙي، پيتامبر گرو پاءِ

پيد مهارس ڀگونت پراميو جڻ پساءِ،

(آئون پهرين ڊوڙي وڃي گرو پيتامبر جي پيرن تي هٿ رکي پرڻام ڪريان، جنهن مون کي مالڪ جي ڀڳتي جو گس ڏيکاريو.)

ڄام نگرجي ڄام راول ۽ ايسرداس جو گڏيل دوست ٺاڪر ڪرن سنگھه هو. هُن پنهنجي شاديءَ جي موقعي تي ڄام راول ۽ ايسرداس کي چيو ته جيڪڏهن”توهان دعوت تي نه آيا ته آءُ مري ويندس” ٺاڪر ڪرن جي دعوت کان ٻه ڏينهن اڳ ڄام راول ايسرداس کي چيو ته تون وڃ حاضري لڳائي اچ، آءُ ڪنهن مجبوريءَ سبب هلي نٿو سگھان. ايسرداس روانو ٿيو. وچ رستي ۾ ساهي پٽڻ لاءِ هڪ ڳوٺ ۾ اوتاري جي پڇا ڪيائين. ڳوٺ جي ريل ۾ موجود ڪجهه اڻ سمجھه نوجوانن مذاق طور کيس ڳوٺ جي انتهائي غريب سانگي ٺاڪر جي اوتاري جو ڏس ڏنو. ايسرداس، سانگي جي گھر وٽ پهچي سڏ ڪيو ته سانگو ٻاهر نڪري آيو. چارڻ چار پل اوتاري ۾ ٿڪ ڀڃڻ جي ڳالهه ڪئي. سانگو سمجھي ويو ته ڪنهن مون تي ٺٺول ڪندي، چارڻ مون ڏانهن موڪليو آهي، مون وٽ ته اوتارو ئي نه آهي. سانگي هانءُ نه هاريو. چارڻ کي چيائين”توهان اسان جي گھر جا ڀاتي آهيو، هلي منهنجي گھر رهو” پوءِ گھر جي ڪکائين چونئري ۾ ايسرداس جو آڌر مان ٿيو. ايسرداس جي موڪلائڻ وقت سانگي چيو ته”سائين آءُ غريب ڌنار آهيان. مون وٽ توهان کي محبت جي سوکڙي طور ڏيڻ لاءِ هن وقت ڪا قميتي شيءِ نه آهي. منهنجي امڙ اُنَ کٿي اڻڻ جي لاءِ ڏني آهي، کٿو ٻن ڏينهن ۾تيار ٿي ويندو، مهرباني ڪري واپسيءَ ۾ مون کان کٿي اوڍاڻيءَ طور ضرور وٺي وڃجان” ايسرداس واپسيءَ مهل اوڍاڻي وٺڻ جو واعدو ڪري اڳتي روانو ٿيو. ٺاڪر ڪرن جي ڳوٺ وٽ پهتو ته ڏٺائين ته، سوين ماڻهو روئيندا هڪ لاش مساڻ ڏانهن کڻي وڃي رهيا آهن. پڇا ڪرڻ تي ايسرداس کي معلوم ٿيو ته، ٺاڪر ڪرن موڪلائي ويو آهي. هن کي ڏاڍو صدمو پهتو ته،جنهن جي پرڻي جي رسم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چارڻ آيو هو. هُن جي مرڻي جي رسم اچي ويئي. چارڻ جي چت جھُري پئي.

ايڪي من اچات، مانوَ نه راک ردي ۾،
وکمي ٽاڙي وات، سولي ڪري سانولا.

(اي سانوارا سائين! جيڪي چئي نه سگھن، تن جي اندر جي پڪار کي تون محسوس ڪندي، کين رستي لڳاءِ.)

ٻڙتا راکيا ٻاهر، ٻيجي ٻلاڙي تڻان،
ساچاڏي ساڏ، ساچان رو ٻيلي سانولا.

(منهنجا مالڪ سائين! رتني ڪنڀارڻ جڏهن نِهائينءَ کي باهه لڳائي، ته هن هڪ ٻليءَ اچي دانهون ڪيون، ته منهنجا پونگڙا نهائينءَ ۾ رهجي ويا آهن. ڪنڀارڻ دعا گھر هئي ته”منهنجا ڌڻي! انهن کي سلامت رکجان، تو انهن کي سلامت رکيو. تون سچن جو ساٿي آهين اڄ مون کي سڏڏي.”)

ٽاڻي راکي ٽيڪ، تين تيجي پنچاڙي تڻي
آپت مانهه هيڪ، ساچان رو ٻيلي سانولا.

(اي سانورا سائين ! تنهنجي پار لنگھائڻ جو ٽيون مثال تنهنجي ان ڀڳت جو آهي. جنهن جو گاڏو رڻ ۾ ڦاٿو هو، تو هن جي پڪار ٻڌي. تنهنجيءَ مهر سان پڃاري جوٽي هو رڻ مان ٻاهر نڪتو هو.)

گرهه ليوڙو گجراج، چوٿي تين ڇوڙاويو،
لٽڪاڙا تين لاج، شيوڪ راکي سانولا.

(سانوارا سائين! تون سدائين پنهنجي شيوڪن جي سار لڌي آهي. هاٿي گھوڙا به جتي ڦاٿا، اتي تو انهن کي مصيبت مان ڪڍيو آهي.)

پانچما پهلاج، ٿنڀ ڏيکي جھڪو ٿيو،
سڻي ڀڳت نو ساڏ، چلاوي ڪيڙي سانولا.

(منهنجا مالڪ سائين ! هرڻاڪشپ جڏهن پهلاج ڀڳت لاءِ ٿنڀ تپايو هو، ٿنڀ باهه ۾ ڳاڙهو ٿيل ڏسي پهلاج جو من هِيڻو ٿي پيو هو، تڏهن تو ڀڳت جو سڏ سُڻي انهيءَ تپندڙ ٿنڀ تي ڪيڙي(ماڪوڙي) هلائي هئي. جنهن سان پهلاج کي حوصلو مليو هو ته، ٿنڀ تي ماڪوڙي هلي سگھي ٿي ته آءُ به ڀاڪر وجھي سگھان ٿو.)

هري وڌاري هاٿ، ڇٺي هرڻاڪس چيريو،
هري وڌاري ناک، سنهاريو تين سانولا.

(ڇهين شعر ۾ ايسرداس چوي ٿو ته اي هري ! تنهنجي طاقت سان نرسنگهه پنهنجا هٿن جا نُهن وڌائي هرڻاڪش کي چيريو هو)

پٿري ٻاڌي پاج، سمندر اوپر ساتمي،
راوڻ والو راج، سگھڙو روليو سانولا.

(منهنجا سانورا سائين! رام ۽ راوڻ جي معرڪي ۾ نل ۽ نيل کي تو همت ڏني، انهن سمنڊ تي پٿرن سان پل ٻڌي هئي. ۽ جنهن سان راوڻ سان جنگ جوٽڻ ۾ آساني ٿي هئي.)

لاکا گھر ٿي لاج، اڀنگ راکي اٺمي.
ڪيڌا اتم ڪاج سهي پانڊو نا سانولا.

(لاک جي ڪوٽ ۾ پانڊوئن کي باهه کان بچائڻ وارو تون آهين. اي منهنجا سانورا سائين ! پنهنجن پيارن جي پڪار تي تو ڪيترا وڏا ڪارج سنواريا آهن.)

ناگر ليتا لاج، نوَ ۾ نرسنگهه تڻي،
ماميرو تين مهراج، سگھڙو پوريو سانولا.

(اي منهنجا سانورا سائين ! نرسنگھه مهتي[18] پنهنجي ڀاڻيجي جي شادي جي موقعي تي ماميري جي ڪپڙن جي لاءِ تنبورو کڻي گيتن ۾ عرض ڪيو هو، تڏهن هن جي مدد واري تنهنجي طاقت هئي.)

ڏسمي ٿانري دئار، ڪري



باب چوٿون 3


ايسرداس:

 برصغير جي ريگستاني شاعريءَ ۾ ايسرداس چارڻ جو نالو اهم آهي. ٿر ۾ به سندس شاعريءَ جي وڏي مهانتا آهي. هن جي شاعري ميراثي مڱڻهار ۽ سُگھڙ سياڻا، راجواڙن جا راڻا ۽ ڀڳت گُنگُنائيندا رهندا آهن. هن ڳوٺ ڀدريچ ۾ سوجو جي چارڻ جي گھر ۾ 1538ع تي جنم ورتو. سندس ماءُ جو نالو امر ٻائي هو. ايسرداس جي شرواعاتي تربيت سندس چاچي آشانند ڪئي، پر هن روحاني فيض پيتا مبرڀات کان ورتو. ايسرداس جڏهن 18سالن جو ٿيو ته سندس پيءُ سوجو جي پرلوڪ پڌاري ويو. ايسرداس 14 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ شادي ڪئي. سندس گھر واري جو نالو ڏيول ٻائي هو. ايسرداس جو پنهنجي پتني سان ڏاڍو پيار هو. جنهن مان ٻه پٽ جاڳو ۽ چوڙو ڄاوا. چون ٿا ته ايسرداس 21 سالن جو ٿيو ته سندس ڌرم پتي ڏيول زهريلي وڇون جي  ڏنگ سبب وفات ڪري ويئي. جنهن جي وڇوڙي ايسرداس کي ملول ڪري ڇڏيو. ايسرداس 12 ڪتاب لکيا آهن. ايسرداس جي شاعريءَ ۾ رواني، پختگي ۽ تشبيهن جي سندرتا سمايل آهي. هي لفظن جو وينجهار ۽ سونارو شاعر هو. هن جي شاعري ۾ آزاديءَ جا اُهڃاڻ، پاڻ سڃاڻڻ، رومانوي راحتون، سونهن جون صورت گيريون ۽ ويدانت جون وايون شامل آهن.

ايسرداس کي سندس چاچو آشانند عرف آسو جي 20 سالن جي عمر ۾ ڄام نگر ڇڏي آيو، جتي هن جي ڏات، ڏانءُ ۽ محنت رنگ لاٿو. ڄام راول لاک پساؤ ڪندي کيس سَچارنو، رنگ پور سميت 10 ڳوٺ جاگير طور ڏئي ڇڏيا. ايسرداس جا ڪتاب”هري رس”۽” هالان جھالان ري ڪنڊليا” ريگستاني پٽيءَ ۾ ڏاڍا مقبول رهيا آهن. سندس ڏات توڙِي شخصيت جو وڏو ڌاڪو رهيو آهي. عام ماڻهن پيار منجھان ساڻس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون جوڙي رکيون آهن، جن ۾ ايسرادس ديومالائي ڪردارا بڻجي وڃي ٿو. هري رس جو سنڌي ترجمو ڪندڙ مهراج شنڪر منسکاڻي لکي ٿو ته ايسرداس ڏيول جي وڇوڙي ۾ ڀڳتي مارڳ جو رستو ورتو. پر لوڪ روايتون چون ٿيون ته ايسرداس جڏهن ڄام راول جي درٻار ۾ پهتو ۽ اتي شعر پڙهيو، جنهن تي ٻيا سڀ متاثر پيا، پر پيتامبر ڀاٽ ڪنڌ ناڪار ۾ لوڏيندو رهيو، ايسرداس کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته هي ڪير آهي، جو منهنجي شعر تي ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي رهيو آهي؟ منهنجي شعر ۾ هن کي ڪهڙي اوڻائي نظر آئي آهي؟ ڪاوڙ ۾ ايسرداس تلوار کڻي، رات جو پيتامبر کي مارڻ لاءِ سندس گھر وٽ پهتو. پيتامبر جي گھر جي ديوار سان ڪن لائي ٻڌائين ته پيتامبر پنهنجي زال کي چئي رهيو هو ته”اڄ هڪ چارڻ شاعر درٻار ۾ آيو آهي، ڇا ته هن وٽ ڏات آهي! پنهنجي ڏات جو ڏيئو مالڪ حقيقيءَ جي ساراهه ۾ ٻاري ته تمام وڏي روحاني درجي تي پهچي سگھي ٿو”ايسرداس اهو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو، جنهن شخص کي آءُ مارڻ آيو آهيان، سو منهنجي لاءِ ايئن سوچي رهيو آهي.

پوءِ ايسرداس، پيتامبر کي سڏي سندس پيرن تي هٿ رکيا. پيتامبر کي پنهنجو گرو تسليم ڪري، ايسرداس روحانيت جي واٽ اختيار ڪئي ۽ پنهنجو مشهور ڪتاب”هري رس” لکيو.

لاگون هون پهلي لڙي، پيتامبر گرو پاءِ

پيد مهارس ڀگونت پراميو جڻ پساءِ،

(آئون پهرين ڊوڙي وڃي گرو پيتامبر جي پيرن تي هٿ رکي پرڻام ڪريان، جنهن مون کي مالڪ جي ڀڳتي جو گس ڏيکاريو.)

ڄام نگرجي ڄام راول ۽ ايسرداس جو گڏيل دوست ٺاڪر ڪرن سنگھه هو. هُن پنهنجي شاديءَ جي موقعي تي ڄام راول ۽ ايسرداس کي چيو ته جيڪڏهن”توهان دعوت تي نه آيا ته آءُ مري ويندس” ٺاڪر ڪرن جي دعوت کان ٻه ڏينهن اڳ ڄام راول ايسرداس کي چيو ته تون وڃ حاضري لڳائي اچ، آءُ ڪنهن مجبوريءَ سبب هلي نٿو سگھان. ايسرداس روانو ٿيو. وچ رستي ۾ ساهي پٽڻ لاءِ هڪ ڳوٺ ۾ اوتاري جي پڇا ڪيائين. ڳوٺ جي ريل ۾ موجود ڪجهه اڻ سمجھه نوجوانن مذاق طور کيس ڳوٺ جي انتهائي غريب سانگي ٺاڪر جي اوتاري جو ڏس ڏنو. ايسرداس، سانگي جي گھر وٽ پهچي سڏ ڪيو ته سانگو ٻاهر نڪري آيو. چارڻ چار پل اوتاري ۾ ٿڪ ڀڃڻ جي ڳالهه ڪئي. سانگو سمجھي ويو ته ڪنهن مون تي ٺٺول ڪندي، چارڻ مون ڏانهن موڪليو آهي، مون وٽ ته اوتارو ئي نه آهي. سانگي هانءُ نه هاريو. چارڻ کي چيائين”توهان اسان جي گھر جا ڀاتي آهيو، هلي منهنجي گھر رهو” پوءِ گھر جي ڪکائين چونئري ۾ ايسرداس جو آڌر مان ٿيو. ايسرداس جي موڪلائڻ وقت سانگي چيو ته”سائين آءُ غريب ڌنار آهيان. مون وٽ توهان کي محبت جي سوکڙي طور ڏيڻ لاءِ هن وقت ڪا قميتي شيءِ نه آهي. منهنجي امڙ اُنَ کٿي اڻڻ جي لاءِ ڏني آهي، کٿو ٻن ڏينهن ۾تيار ٿي ويندو، مهرباني ڪري واپسيءَ ۾ مون کان کٿي اوڍاڻيءَ طور ضرور وٺي وڃجان” ايسرداس واپسيءَ مهل اوڍاڻي وٺڻ جو واعدو ڪري اڳتي روانو ٿيو. ٺاڪر ڪرن جي ڳوٺ وٽ پهتو ته ڏٺائين ته، سوين ماڻهو روئيندا هڪ لاش مساڻ ڏانهن کڻي وڃي رهيا آهن. پڇا ڪرڻ تي ايسرداس کي معلوم ٿيو ته، ٺاڪر ڪرن موڪلائي ويو آهي. هن کي ڏاڍو صدمو پهتو ته،جنهن جي پرڻي جي رسم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چارڻ آيو هو. هُن جي مرڻي جي رسم اچي ويئي. چارڻ جي چت جھُري پئي.

ايڪي من اچات، مانوَ نه راک ردي ۾،
وکمي ٽاڙي وات، سولي ڪري سانولا.

(اي سانوارا سائين! جيڪي چئي نه سگھن، تن جي اندر جي پڪار کي تون محسوس ڪندي، کين رستي لڳاءِ.)

ٻڙتا راکيا ٻاهر، ٻيجي ٻلاڙي تڻان،
ساچاڏي ساڏ، ساچان رو ٻيلي سانولا.

(منهنجا مالڪ سائين! رتني ڪنڀارڻ جڏهن نِهائينءَ کي باهه لڳائي، ته هن هڪ ٻليءَ اچي دانهون ڪيون، ته منهنجا پونگڙا نهائينءَ ۾ رهجي ويا آهن. ڪنڀارڻ دعا گھر هئي ته”منهنجا ڌڻي! انهن کي سلامت رکجان، تو انهن کي سلامت رکيو. تون سچن جو ساٿي آهين اڄ مون کي سڏڏي.”)

ٽاڻي راکي ٽيڪ، تين تيجي پنچاڙي تڻي
آپت مانهه هيڪ، ساچان رو ٻيلي سانولا.

(اي سانورا سائين ! تنهنجي پار لنگھائڻ جو ٽيون مثال تنهنجي ان ڀڳت جو آهي. جنهن جو گاڏو رڻ ۾ ڦاٿو هو، تو هن جي پڪار ٻڌي. تنهنجيءَ مهر سان پڃاري جوٽي هو رڻ مان ٻاهر نڪتو هو.)

گرهه ليوڙو گجراج، چوٿي تين ڇوڙاويو،
لٽڪاڙا تين لاج، شيوڪ راکي سانولا.

(سانوارا سائين! تون سدائين پنهنجي شيوڪن جي سار لڌي آهي. هاٿي گھوڙا به جتي ڦاٿا، اتي تو انهن کي مصيبت مان ڪڍيو آهي.)

پانچما پهلاج، ٿنڀ ڏيکي جھڪو ٿيو،
سڻي ڀڳت نو ساڏ، چلاوي ڪيڙي سانولا.

(منهنجا مالڪ سائين ! هرڻاڪشپ جڏهن پهلاج ڀڳت لاءِ ٿنڀ تپايو هو، ٿنڀ باهه ۾ ڳاڙهو ٿيل ڏسي پهلاج جو من هِيڻو ٿي پيو هو، تڏهن تو ڀڳت جو سڏ سُڻي انهيءَ تپندڙ ٿنڀ تي ڪيڙي(ماڪوڙي) هلائي هئي. جنهن سان پهلاج کي حوصلو مليو هو ته، ٿنڀ تي ماڪوڙي هلي سگھي ٿي ته آءُ به ڀاڪر وجھي سگھان ٿو.)

هري وڌاري هاٿ، ڇٺي هرڻاڪس چيريو،
هري وڌاري ناک، سنهاريو تين سانولا.

(ڇهين شعر ۾ ايسرداس چوي ٿو ته اي هري ! تنهنجي طاقت سان نرسنگهه پنهنجا هٿن جا نُهن وڌائي هرڻاڪش کي چيريو هو)

پٿري ٻاڌي پاج، سمندر اوپر ساتمي،
راوڻ والو راج، سگھڙو روليو سانولا.

(منهنجا سانورا سائين! رام ۽ راوڻ جي معرڪي ۾ نل ۽ نيل کي تو همت ڏني، انهن سمنڊ تي پٿرن سان پل ٻڌي هئي. ۽ جنهن سان راوڻ سان جنگ جوٽڻ ۾ آساني ٿي هئي.)

لاکا گھر ٿي لاج، اڀنگ راکي اٺمي.
ڪيڌا اتم ڪاج سهي پانڊو نا سانولا.

(لاک جي ڪوٽ ۾ پانڊوئن کي باهه کان بچائڻ وارو تون آهين. اي منهنجا سانورا سائين ! پنهنجن پيارن جي پڪار تي تو ڪيترا وڏا ڪارج سنواريا آهن.)

ناگر ليتا لاج، نوَ ۾ نرسنگهه تڻي،
ماميرو تين مهراج، سگھڙو پوريو سانولا.

(اي منهنجا سانورا سائين ! نرسنگھه مهتي[18] پنهنجي ڀاڻيجي جي شادي جي موقعي تي ماميري جي ڪپڙن جي لاءِ تنبورو کڻي گيتن ۾ عرض ڪيو هو، تڏهن هن جي مدد واري تنهنجي طاقت هئي.)

ڏسمي ٿانري دئار، ڪري هٺ ٻيٺو ڪوڙيو،
ٻڙيي ڦيري ٻاهر، سنمگ ڪيڏو سانولا.

(ڏهين شعر ۾ چارڻ چوي ٿو ته اي منهنجا سانورا صاحب ! تنهنجي در تي ڪوڙيو درويش ضد ڪري ويٺو، تڏهن هُن کي سنڀالڻ وارو تون هُئين.)

نامو پالي نيم اگيارس، راکتو اچل،
اڻ نيما ٿي ايم، ڇاجا ڇانئيا سانولا.

(اي منهنجا سانورا ! نامو ڀڳت چنڊ جي يارهين تاريخ واري ڏينهن اچل ورت رکي تنهنجي تپشيا ڪندو هو، ڇانءَ جي لاءِ وڻ وڍندي هن کي قياس آيو هو ته آءُ وڻ جو رت وهائي رهيو آهيان.  هن تي ڇانءُ ڪرڻ وارو تون هئين.)  

آتيان ٿِي اجاڻ، وس هڙا هڙ ٻارهمي،
پوتان والا پراڻ، چوسي ليڌو سانولا.

(ٻارنهن شعر ۾ ايسرداس چوي ٿو ته اي منهنجا سانورا ! اتيان اڻ ڄاڻ هئي، ڀٽڪندڙن کي سڌي رستي تي آڻيندڙ تون آهين. ڏک رسائيندڙن جو پراڻ تو چوسي ورتو هو.)

دريدري ڪيڌي دور، چوڏسمي ساڌامي تڻي،
هوتو تو حجور، سنڪٽ سمي سانولا.

(اي منهنجا سانورا سائين! ساڌامي جي غربت تو دور ڪئي. هن جي هر مصيبت ۾ اچي حاضر ٿيندو هُئين.)

ائين ايسر داس 16 دوها ۽ سورٺا چيا آهن.سورنهن دوهي ۾ مالڪ سائين کي ڪرڻ جي عرض ڪري ٿو. واپسيءَ ۾ ايسرداس، سانگيءَ جو ڳوٺ آيو ته اتي به ڪلتار جي ڪرڻي اها هئي، جو سانگو، ويڻي نديءَ جو اوچتو پاڻي اچڻ سبب گابا چاريندي ٻڏي ويو. پوءِ هن سانگي جي ورلاپ ۾ شعر چيو ته:

وهتي جل ويڻو تڻي، سانگا ڏي ساڏ،
مَمَ راکڻ مرجاد، واڇان سهيتو ويرائوت.

(ويڻي نديءَ جي تيز وهڪري مان سانگا سڏي ڏي! منهنجي آڌر مان ۾ ڪيل ڳالهين جو ڀرم رکڻ لاءِ پنهنجن گابن سوڌو موٽي اچ.)

وڇڙا ڌينو واڙتا، جم راڻا لي جائي،
تو ڌرم پنٿ ڪوڻ ڌائي، واهر ڪري ويرائوت

(سانگو روزانو گابا چاري گھر موٽندو هو. هُن کي اڻ وقتائتو جمراج (هندو ميٿالاجي ۾ موت جو ديوتا/يمراج) ماري وڃي. ته پوءِ نيڪيءَ جي راهه ڪير اختيار ڪندو. منهنجا مالڪ مهر ڪري سانگي کي موٽائي ڏي.)

ڪاٻڙ هيڪي ڪارڻي، سانگو ستائي،
تو ڏوڙينڏ نهين ڏيکائي ويرائوت واهاڻا سمي.

(سانگا! هڪ کٿي ڪارڻ توکي سڏي(ستائي) رهيو آهيان، پر تنهنجي ڪٿان صورت به نظر نٿي اچي ! منهنجا مالڪ هڪ گھڙيءَ لاءِ ڪٿان سانگو ملاءِ، آءُ رڳو ايترو چوان سانگا! تنهنجو واعدو ڪهڙو هو).

سانگا جڙ ٿڙ سانڀڙي، ايسر تڻو آواج،
ويگو وڙي سڌ ڪر وچن ڪاٻڙ بخشڻ ڪاج

(سانگا! جر ٿر ايسرداس جو آواز ٻڌي، کٿو اوڍائڻ (اوڍاڻي اوڍائڻ) لاءِ جلد اچي پنهنجي وچن کي پاڻي ڏي.)

سانگا ني وڇڙان سهيت ڏيو رجا جدو راج،
شيوڪ ايسرداس ري راکو پت مهاراج.

(مالڪ سائين! (تون اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي ڪري سگھين ٿو. سانگي کي گابن سميت موڪل ڏئي پنهنجي شيوڪ(خادم) ايسرداس جي پت رک.)

ايسرداس پنهنجي شاعريءَ جي ڪجهه موضوعن ۾ ديومالائي ڪردار بڻجي وڃي ٿو. چيلهار جي مهراج شنڪر منسکاڻي، ايسرداس جو ڪتاب”هري رس” سنڌيءَ ۾ خوبصورت ترجمو ڪيو آهي. 1968 ۾ ڇپيل “هري رس” جي ڪاپي اڻ لڀ ٿي ويئي آهي.

نارائڻ ري نام ري، موڙي پڙي پڇاڻ،
ڪي ڏن گيا ٻالپڻ، ڪي ڏن گيا اجاڻ.

(نارائڻ جي نالي جي دير سان سڃاڻپ پئي، ڪي ڏينهن ٻارپڻ ۾ ويا ته ڪي ڏينهن جھالت ۾ ڪٽيا.)

هر هر ڪرتو هرک ڪر آڙس مَ ڪر  اجاڻ
جڻ پاڻي سين پڏ رچيو، پون ولنڀيو پراڻ

(اي جيو ! جنهن هڪ پاڻي جي بوند مان هي سرير پون روپي ساهه رجهي بڻايو آهي، ان هري جي نالي وٺڻ ۾ سستي نه ڪر، خوشي سان وٺندو رهه.)

شري نارائڻ تو سمران، اڻ ڪارڻ آج
جڻ ڏن اي جنگ ڇڏڻو، تڻ ڏڻ توسين ڪاج.

(اي نارائڻ ! تنهنجي نالي کي آئون اڄ انهي جي لاءِ سمري رهيو آهيان، جنهن ڏينهن مون کي هي جڳ ڇڏڻو آهي، ان ڏينهن تنهنجو ئي نالو سهارو ٿيندو)

ڄام راول جي گھڻي زور ڀرڻ تي ايسرداس ٻي شادي اٻسورا نک جي چارڻ جي ڪنيا راڄٻائي سان ڪئي. جنهن مان ٽي پٽ ڪانهو، جيسو ۽ گوپال نالي ٿيا. 80 سالن جي عمر ۾ هي  سگھارو ڪوي پرلوڪ پڌاري ويو.

 

گرڌر:

ميواڙ گڍ جي مهاراڻي پرتاب سنگهه جي ڀاءُ شَڪسَت جي بهادريءَ جي ڪارنامن کي اجاگر ڪرڻ وارو گرڌر چارڻ، آسيه گوتر(نُک) سان تعلق رکندو هو. هن جو زمانو 1664 جو آهي. هن 500 شعرن تي مشتمل “شَڪسَت سنگهه راسو” لکيو هو. هي مارواڙي ادب جي ٻئي دور سان تعلق رکندو هو.

 

ڏونگري سِي:

 هي بوندي جو “ملڪ الشعراءَ” هو. سندس قادر الڪلاميءَ شاعريءَ ۾ جھلڪا کائي ٿي. هن “ستيه پال راسو” لکيو. هن جو تعلق ٻئي دور سان آهي، جنهن جو زمانو 1640ع کان 1846ع تائين مڃيو وڃي ٿو.

 

ڪوي پرڌان:

 پرڌان ليلاس جو زمانو 1663 کان 1736 جو آهي. ڪوي پرڌان سنت ساڌو طبيعت جو شخص هو. سندس شاعريءَ ۾ لوڪ دوها ۽ ڇند ملن ٿا. سندس شعر تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

 

ڪرپارام:

ڪوتا جي رنگين چمن ۾ پنهنجي انوکي رنگ ۽ خوشبوءِ سان انفراديت رکندڙ ڪرپارام وارياسي جو گل آهي. نينهن جي نياپن، سرت ۽ ساڃاهه جي ٻولن سان ڀرپور شاعري، ٿر جي رهاڻ رس ۽ روزمره جي زندگيءَ جي واقعن ۾ گونجندي رهندي آهي.

ڪرپارام جو جنم 1865ع ۾ ڳوٺ کاراڌي ۾ ٿيو. ڪرپارام جي پيءُ جاگارام کي ٺاڪر جالم سنگهه جا سوڙي جو ڳوٺ جاگير طور ڏنو. ڪرپارام جوانيءَ کان وٺي آخر تائين راجا لڇمڻ سنگهه وٽ رهيو. هن پنهنجو ڳوٺ آباد ڪيو. جنهن جو نالو”ڪرپارام جي ڍاڻي” رکيو.

ڪرپارام جي سُڃاڻپ سندس شاعري آهي. پر هن هڪ “ٻالڪ ناٽڪ” به لکيو هو. ڪرپارام پنهنجي ملازم راجيان سان مخاطب ٿي شعر چيو آهي. سورٺي جي گھاڙيٽي ۾ سندس شعرن جو تعداد 140 آهي. پر هن وقت ريگستاني ماهرن موجب سندس 127 سورٺا ملن ٿا.

ڪرپارام تمام ڏاهو ۽ سنسڪرت جو عالم هو. هن جي ڪوتا ۽ سنسڪرت ۾ مهارت کان متاثر ٿي، راجا لڇمڻ سنگهه مهاراج پور ۽ لڇمڻ پور جون جاگيرون ڏنيون. ڪرپارام جي سورٺن ۾ راجيا جو نالو ملڻ ڪري ڪن محققن راجيا نالي ڪنهن ٻئي شاعر جي شاعري سمجهي آهي. پر باغ علي شوق موجب راجيا نالي ڪو به شاعر نه ٿيو آهي.

ڪاري گھڻي ڪروپ، ڪستوري ڪانٽي تُلي،
ساڪر گھڻي سروپ، روڙا تلي راجيا.

(خوبي ظاهري رنگ روپ سان لاڳاپيل نه هوندي آهي. ڪاري رنگ جي ڪستوري نفيس ۽ ننڍن ڪانٽن ۾ احتياط سان توري ويندي آهي. ساڪر (مصري) سهڻي رنگ جي آهي، پر وڏن ڪانٽن ۾ بنان احتياط جي  توري ويندي آهي.)

پل پل ۾ ڪر پيار، پل پل ۾ پلٽين پرا،
وي مطلب را يار، رهي نه ڇانا راجيا.

(هڪ پل ۾ پيار ڪري، ٻئي پل ۾ اجنبي بڻجي وڃي، اهڙي مطلبي يار کان پاسو ڪجي، اهڙو مطلبي ۽ منافق دوست ڪڏهن به پنهنجي فطرت کان لڪائي نٿو سگھي.)

گڙ کڙ هيڪ ڀاءُ، گُڻ اوگڻ جاڻي نهين،
اَڻ مورک سون چت چاؤُ راکي ڪڏ مت راجيا.

(جيڪو ماڻهو ڳُڙ ۽ کڙ هڪ ملهه ۾ وڪرو ڪري، جنهن وٽ خوبيءَ ۽ خاميءَ جي تميز نه هجي، ان مورک ماڻهوءَ سان ڪڏهن واسطو نه رکجان.)

روگ، آگ اُر راڙ، ڄاڻ ليا ڪيجي جتن،
وريا پڇي بگاڙ، روڪيا رهي نه راجيا.

(بيماري، باهه ۽ روڄ راڙي (گھر جي کِٽ پِٽ) معلوم ٿيڻ سان هڪدم اُن جو بچاءُ ڳولجي، انهن شين جي وڌڻ سان نقصان ٿئي ٿو، ۽ پوءِ ان تي قابو پائڻ ڏاڍو ڏُکيو هوندو آهي.)

نڀ چڙهه ڪئي راس، بن همت لاکان بَهي،
باج ترپت ڪري واس، راجپوتي سُون راجيا.

(ڪيترا پکي صبح کان شام تائين اُڏري اُڏري ساڻا ٿي ڪجهه حاصلات کانسواءِ واپس پنهنجي آکيري ڏانهن موٽندا آهن، پر باز ائين نٿو ڪري، پنهنجي طاقت ۽ همٿ سان پنهنجي چهنب تازي ڪري موٽندو آهي.)

همت قيمت هوءِ بنا هميت قيمت ناهين،
ڪري نه آڌر ڪوءِ، رد ڪاگد جيُون راجيا.

(پنهنجي همٿ کانسواءِ ماڻهو رديءَ جي ڪاغذ جيان آهي. ماڻهو جڏهن باهمت ٿي بيهندو آهي، تڏهن چار ٻيا به اچي گڏ ٿيندا آهن. همت جو قدر آهي، همت جو مُلهه آهي، انهيءَ ڳالهه کي ڪڏهن وسارڻ نه گھرجي.)

پاتا پير اُپاءُ، تن لاگان تلواريان
هوئي نه جيب روگھاءُ، رتي اوکد راجيان.

(جسم تي لڳندڙ تلوارن جي گھاون جو علاج مڪمن آهي پٽيون ٻُڌڻ سان ڦٽ ڀرجي ويندا آهن پر زبان جي زخم جو ڪو علاج نه آهي. هڪ ننڍڙو زخم به سدائين ڏُکندو رهندو آهي.)

گڻ او گڻ جڻ گاؤن، سڻي نه ڪوئي سانڀڙي،
اُن نگري چت ناؤن، روهي آڇي راجيا.

(جنهن ڳوٺ ۾ ڳڻ ۽ اوڳڻ(ڀلي ۽ بري)، دوست ۽ دشمن جي پرک نه هجي، جتي ڪوئي حق ۽ سچ جي ڳالهه نه ٻُڌي. اُن نگريءَ تان راجيا دل کڻجي، ان کان روهي (رڃ) سٺي آهي.)

سانچو متر سُچيت، ڪهيوڪام نه ڪري ڪوسو،
هر ارجن ري هيت، رٿ ڪَر هانڪيو راجيا.

(هر سچو دوست سدائين سٺو سوچيندو آهي، ڪڏهن به چاپلوسي نه ڪندو آهي، غلط ڳالهه جي حمايت نه ڪندو آهي، اختلاف راءِ رکڻ جي هُن وٽ وڏي سگهه هوندي آهي، مشُڪل گھڙي ۾ ڇڏي نه ويندو آهي، جيئن شري ڪرشن ڪروکيترجي ميدان ۾ رٿ هلائڻ لاءِ پاڻ تيار ٿي بيٺو.)

مد وڌيا ڌن مان، اُڇو سو آڪڙي اوس،
اَڌن رکي اُن مَان، ريوي ورلا ڪي راجيا.

(دولت ۽ علم هلڪي طبيعت واري کي ويهڻ نه ڏيندا آهن، هُو راڄن ۾ آڪڙيو هلندو آهي. ڪي ورلي ماڻهو صابر ٿيندي آهن، اُهي بردبار ٿيندا آهن، ڇو ته اهي علم ۽ دولت جي هوندي به طاقت ۾ نماڻپ سان هلن ٿا.)

مُک پر ميٺاس، اندر ۾ کوٽي گھڙي،
اهڙا سُون اخلاص، ڪڏ رکجي نا راجيا.

(جيڪي ظاهري طرح مٺا هوندا آهن، پر اندر ۾ هر وقت برو سوچيندا آهن، اهڙن سان راجيا! ڪڏهن دوستي ۽ پنهنجائپ جو تعلق نه رکجي.)

مطلب ري منوار، روج کوڙاوي چورمو،
بن مطلب منوار، راٻ نا پاوي راجيا

(مطلبي ماڻهو پنهنجي مطلب جي ڪارڻ منوار ۾ روز چورمو (حلوو وغيره) کارائيندو آهي، مطلب کان سواءِ اي راجيا ساڳيو ماڻهو منوار ۾ رٻ نه پياري.)[19]

ڪوي هيمڏان چارڻ مطابق راجيو ڪرپارام جو ملازم نه پر هڪ بهادر ڪردار راجسنگهه چوهاڻ هو، جنهن هنگوڙ جي مشهور ڌاڙيل حيلوجت سان مقابلو ڪيو هو. راجسنگھه دربار جو لقب مليل هو. هڪ دفعي چارڻ آيو جنهن اچي پڇا ڪئي ته هي ڳوٺ ڪنهن جو آهي؟ ڳوٺ جي هارين ٻڌايو ته سائين هي راجسنگهه چوهاڻ جو آهي. چارڻ پنهنجي موج ۾ چيو ته راجيو گھر آهي. هارين حيران ٿي چيو ته اوهان راجيو چئي رهيا آهيو؟ چارڻ ورندي ڏني ته آئون راجيو منهن تي به چوڻ جي لاءِ تيار آهيان پوءِ اچي هن شعرن ۾ راجو ۽ راجيو طور ڳايو.

جا جا ڏاڙڌ ٻاپڙي، تين ڪيا ڪمٺاڻ،
اي جاگيو مارسي اي راجو ڌر چوهاڻ.

(وڃ وڃ  ! منهنجي نڀاڳي بک وڃ، تو مون کي هتي آندو آهي، هي(ستل شينهن) جيئن جاڳيو تو کي ماريندو، هي راجو ڌر چوهاڻ آهي)

هاريو وار هزار، حيلو جت هنگوڙ را
تين سامهين تلوار، ڪو راوَ نه جھلي راجيا

 

(اي راجيا ! تو هنگوڙ جي حيلو جت کي هزار ڀيرا هارايو، تو سامهون ڪوئي راءِ به تلوار نٿو جھلي سگھي)

راجو ڌر هنگوڙ رو، اوئي ايئج موٽو آچار،
پرهه جيماڙي پنج سو، سانجھه جيماوي هزار

(هنگوڙ جي راجوڌر جو هي وڏو اهڃاڻ آهي، پرهه جو پنج سو ڄڻن کي کارائيندو آهي، سانجھي جو راجوڌر جي اوطاري هزار ماني کائي آسودا ٿيندا آهن.)

راجيا جي تخلص سان سنڌي شعر پڻ ملن ٿا.

جن اوتارا اڏيا، ڌرم ٻڌي پاڙ
انهن سندو پريوار، راج ڪندو راجيا
جنين مور ماريا، چڙهي چونٿيا چڪار،
انهن سندو پريوار، راج نه ڪندو راجيا.

 

سورج مل چارڻ:

 چارڻ ڪوين ۾ سورج مل جو مقام بُلند آهي. سورج مل جو واسطو ريگستاني ادب جي ٽئين دور سان آهي، جيڪو 1844ع کان شروع ٿئي ٿو. سورج مل 1826ع ۾ چاند ڏان چارڻ جي گھر ۾ جنم ورتو. هن ڇهه شاديون ڪيون، پر سندس گھر جو اڱڻ پٽ کان محروم رهيو. هن پنهنجي هڪ عزيز کان مُراري ڏان نالي هڪ ٻار گود ورتو هو.

سورج مل وٽ حاضريءَ جا نوڪر هوندا هئا، پر ڪو ملازم مستقبل بنيادن تي نه رهندو هو. سورج مل مزاج ۾کرو ۽ رُکو انسان هو. وٽس اڪثر شاعراڻي ديوانگي هئي. هن پنج ڪتاب لکيا: (1) “ونش ڀاسڪر”، (2) “ويرسُت سئي”، (3) “بلاولاس”، (4) “ڇند و ميو” ۽ (5) رام رنجات، شامل آهن.

سورج مل جي شهرت جو ڪارڻ “ويرست سئي” آهي. هن جا خيال اڇوتا ۽ انداز منفرد آهي. سورج مل ريگستاني شاعريءَ ۾ مزاحمت جو وڏو حصو آهي.

گھوڙا گھر ڊالا ڀالا ٿنڀ بڻائي
جو ٺاڪر ڀوڳي جمين اورڪينون اپڻائي.

(جيڪو راجپوت گھر ۾ گھوڙا رکي ٿو، ڍالن کي ڇت ۽ ڀالن کي ٿنڀ بڻائي ٿو، اهو زمين جي حفاظت ڪري سگھي ٿو، ۽ ٻين کي به پنهنجو ڪري سگھي ٿو.

ست ڌاران رج رج ٿيو، بهو ٻلواجائي
لِکيا ڏونگر لاج را ساسُو ارني سمائي.

(ڪونڌر پٽ تلوارن سان ٽڪر ٽڪر ٿي ويو. مڙس جي ويرگتيءَ تي زال ستي چڙهڻ لاءِ وڃي رهي آهي، پُٽ کان پوءِ منهنجي ننهن به پنهنجو فرض پورو ڪرڻ لاءِ وڃي رهي آهي، مون کي لڄ جا ڏونگر گھيري رهيا آهن. آءُ اڃان ڏسان ويٺي.)

ليلي مُون پهلي پڙي ڪِيڏ اُتاون کائي،
وَالها ڪولا پاليو، پڙ تو مُوجهه پوگائي.

(جنگ جي ميدان ۾فاتح ٿي موٽندڙ سُور وِير جي گھوڙي زخمن جا تاب نه سهندي وچ رستي ۾ مري وئي. مرندڙ گھوڙيءَ سان مخاطب ٿي بهادر چوي ٿو ته”اي منهنجي پياري گھوڙي! مون اڃا ويرگتيءَ جو جام نه پيتو آهي، تون ان کان اڳ ڌرتيءَ تي ڪِري پئين، ڪجهه گھڙيون صبر ڪرين ها، مون کي ڪنهن ٻي جنگ جي ميدان تي پهچائين ها. مون توکي انهن ڏينهن لاءِ وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو هو.”

پهر ڇوٿي پوڊيو گھڻتو فوج گريب،
دوئي گهڙي جيب نون، بيري آڻ تڪليب.

(جنگ جي ميدان ۾ دهل وڄائيندڙ!ٻه پهر پنهنجي دهل ۽ زبان کي جهل، رات جي آخري پهر ۾ منهنجو سوروير (بهادر) ويرين کي ڪيرائي اچي ستو آهي، کيس ٻه گهڙيون ٿڪ ڀڃڻ ته ڏي.)

 

سروپ ڏان

 لوڪ شاعريءَ جي سج سان ٻهڪندڙ ۽ جڳ مڳ جرڪندڙ ريگستان جي پٽيءَ ۾ عمرڪوٽ جي ڪوي سروپ ڏان جو وڏو پورهيو آهي. سروپ ڏان 1801ع ۾ مصري ڏان جي گهر ۾ جنم ورتو هو ۽ 1863ع ۾ پر لوڪ پڌاري ويو.

“انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين لٽريچر” جي جلد پنجين (انگريزي ڇاپي) ۾ ڄاڻايل آهي ته، سروپ ڏان جو ننڍپڻ جو نالو شنڪر ڏان هو، مصري ڏان، عمرڪوٽ مان لڏي اچي اجمير جي ڳوٺ بادلي ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي جوانيءَ جي ڏاڪڻ تي پهچندي سروپ ڏان دادوَ پنٿي ساڌُو ٿي ويو. لوڪ روايتن مطابق سروپ ڏان پنهنجي تعليم پنهنجي چاچي امرڏان کان ورتي. تاريخ جي ڪتابن ۾ سندس چاچي جو نالو پريمانند ڏنل آهي. اُستاد ۽ چاچي پريمانند کي سروپ ڏان جي دادوَ پنٿي ٿيڻ تي ڏاڍو ڏک پهتو سروپ ڏان کي علم ۽ ادب جي وڏي مقام تي پهچائڻ تي چاهيو.

 ريگستاني لهجن سان گڏ سنسڪرت جو وڏو ڄاڻو هو، پر ساڌو بڻجڻ کان پوءِ اڪثر “مون ورت” رکي ڌيان ۾ گم رهندو هو. باغ علي شوق مطابق رتلا ۽ سيتا ماؤ جي راج درٻارن ۾ هن جي وڏي عزت هوندي هئي، اجمير جو ڪنور رتن سنگهه (ستياماؤ جو فرزند) هن جو مريد هو، رتن سنگهه جي عقيدت جو  عالم اهو هو ته رتن سنگهه پنهنجي ڪتاب “نٽ ساگرونود” جي شروعات سروپ ڏان جي ساراه سان ڪري ٿو. سروپ (6) ڪتاب لکيا، جن ۾: راسو رتنا ڪر، ويريٺي ٻُوڌ، کارڪا پربادنڌا پالنڊ ڪنڊن، پانڊو وشينر وجدرڪار مشهور آهن. پانڊو وشينر وجدرڪار جو وڏي وقت تائين ذڪر ٿيندو رهيو. سروپ ڏان ڪوتا ۾ فلسفي ۽ عقيدي تي  خيال آرائي ڪئي آهي.

 

بانڪيداس آسيه:

ڪوي بانڪيداس چارڻي اتهاس جو اوچ ڪوٽي شاعر آهي. جنهن جو جنم ڳوٺ ڀاريه واس/ ڀانڏيا وس ۾ آسيه نک جي چارڻ فتح سنگهه چارڻ جي گهر ۾ ٿيو. بانڪيداس ننڍي کنڊ جي وڏي ريگستان جو وڏو عالم تاريخدان ۽ شاعر هو بانڪيداس ڪل 28 ڪتاب لکيا. تن ۾ عمرڪوٽ جي پسمنظر ۾ لکيل ڇٽيهه دوهن وارو مختصر مجموعو ‘همروٽ ڇتيسي’ ڪلاسڪ درجي حيثيت رکندڙ آهي.

امراڻو امرا پُري ڌرُا سرنگي ڍاٽ،
رهي جو سوڍو راجوي، پهه پنوارن پاٽ،

(امراڻو ڌرتيءَ تي امراپُري (دلڪش ماڳ) آهي. ڍاٽ جا هي دڙا، جتي پرمار سوڍن جي صاحبي آهي، ڏسندين ته اتي جي ريت سرڳ سمان آهي.)[20]

ڪيهر لنڪي گوريا، ڍولا چتر سُڄاڻ،
بڙ جهڪيا لانٻي سران، آيو گڊ امراڻ.

(جتي چيتي جي سنهڙي چيلهه واريون سُندر ناريون هجن، جتي مرد سياڻا ۽ بهادر هجن، جتي لانٻي جي تلاءَ تي بڙ جي وڻن جا جهڳٽا هجن، ته پڪ ڄاڻجان اهي آثار امراڻي گڍ (قلعي) جا آهن.)

اُر چوڙي ڪر پاتلي، جيءَ ڪاري ري ٻاڻ.
جي سک چاهي جي رو تو ڌن ڍٽ ري آڻ.

(جنهن جي ڇاتي ويڪري، چيلهه سنهڙي، جنهن جي وات ۾ جيءُ جيءُ جي ٻولي آهي. جيڪڏهن جيون ۾ پنهنجي من جو سک چاهين ٿو ته ڍاٽ جي نار ي سان شادي ڪري اچ

ڪوي بانڪيداس پنهجي شاعري ۾ سچل سائين جيان ريگستان جي عوام کي انگريز جي ننڍي کنڊ تي قابض ٿيڻ خلاف پنهنجي مشهور ڇند ‘آيو انگريز ملڪ ۾’ اتساهيو آهي.

پروفيسر شڪتيڏان پنهنجي ڪتاب رنگ ڀني ۾ قابل ذڪر چاڻ ڪوين جو ذڪر ڪندي بانڪيداس جو نالو اهم شاعرن ۾ لکيو آهي. سنسڪرت جي ڪوي ڪاليداس جي خوش نصيبي هئي ته جو هن کي ميليناٿ جهڙو نقاد مليو هو پر ريگستاني ٻولي جي هن مهان شاعر بانڪيداس کي اهڙو نقاد نه ملي سگهيو آهي.

 

مهوڙ جي چارڻ:

بانڪيداس جي وڏي ڀاءُ ٻُڌاجيءَ جي پُٽ مهوڙ جيءَ جو نالو ريگستاني شاعرن ۾ اهم آهي. ڊنگل جي  بهترين ڪوين ۾ شمار ٿيندڙ مهوڙ جي سور وير ۽ ساڌو پاٻو جي راٺوڙ جي ڪردارن تي ڪوتا سرجي آهي. پاٻو پراڪس ۾ 3000 کان مٿي دوها موجود آهن. جيڪي مهوڙ جي چارڻ جي پڙپوٽي شنڪر سنگهه چارڻ جي ڪوشش سان ويهين صديءَ ۾ ڪتابي شڪل ۾ ڇپيا آهي. “ڇند روپا” ۽ “ديپ مالا” ڪتاب سندس مشهور تخليق ۾ شامل آهن. اهڙيءَ طرح سندس شاعريءَ جي مجموعن ۾ “مهڪي پنچسي” ٺوٺ پچيسي” “سنڌل اتهاسڪ گيت” “جهولا پرتاب راءِ، آئينو آدم”،” بات سنگرام جي “.” تخت ونود”،” ڀڀوت سنگهه ورلاپ” به شامل آهن.

 

آدو ڏراسو اوڌا:

هن چارڻ ڳوٺ چئتران ۾ 1538ع ڌاري  جنم ورتو ۽ 1651ع ڌاري وفات ڪئي. آدو راسو چارڻ جو پيءُ اوڌا جي چارڻ سڏبو هو. آدو خوبصورت ڪوي هو، هن جي من جي ڪوتا ڦلواري سدائين سرهي رهندي هئي. راجا اڪبر جي درٻار ۾ هن جي وڏي عزت هوندي هئي. هن جي مشهور تخليق ۾ “ويردُ ڇاهتر” آهي” ۽ ٻين ڪتابن ۾ “جهولڻا را سُرطان را، “مرثيا راءِ سرطان را” جهولڻا راءِ مانسنگهه را، جهولڻا روات ميگهارا”۽” ماتا جي را ڇند “شامل آهن.

آدوجي پنهنجي طبيعت ۾ سچو ۽ کرو هجڻ جي ڪري اڪثر اڪيلائيءَ م گهاريندو هو. راجائن مهاراجن کي سچ چئي ڏيندو هو آخري ڏينهن ۾ پنهنجي پُٽ” اوڌا ڪنسائو”جي گهر ۾ رهيو ۽ اُتي ئي 1651ع ۾ وفات ڪيائين.

پگي ٻڙ  نهين پاتشاه، جيوي ٻڙ جاچڪ تڻو،
سڻ او اڪبر شاه، مين ٻيٺا ٻيٺا ٻولسان.

(اي شنهشاهه! (منهنجي) پيرن ۾ طاقت نه آهي، (ان ڪري بيهي نه ٿو سگهان) تون جاچڪ جي جيءُ جي ٻل کي ڏس، اي اڪبر بادشاه ٻڌ! آئون ويٺي ويٺي ڳالهائيندس.)

بن ڦل چرڻ، چندن اگسڻ، پاٻاسر پيونت
او ڏن چتاري کونجل ڪيون جيونت

(بن جو ڦل (گاهه وغيره) چرڻ، چندن سان پاسا گسائڻ ( بدن مهٽڻ وغير) ۽ پاٻاسر جي تلاءِ جو پاڻي پيئڻ جا ڏينهن ساري اڃان هاٿي ڪيئن جيئي ٿو!.)

کونجليا ريوا نڏي، سپني سرڪ ڀري
 ڪجلي بن را چسڙڪا، ڪجلي بن ۾ لي

 (اي هاٿي!ريوا ندي مان پاڻي جي آس سپني ۾ سرڪ ڀري پوري ڪجان، ڪلجي بن جا مزا ڪجلي بن ۾ رهيا، اهي ڪجلي بن مان (ڪڏهن) وٺجان.

 

ڪرشن جي چارڻ:

ڪرشن جي چارڻ ننگرپارڪر جي ڳوٺ ويڪاسر جو رهواسي هو. هن جي زندگيءَ جو پورو احوال نه ٿو ملي. پراڻي پارڪر ۾ منگهارام اوجها رو جي سوڍي ۽ ڦول ستي متعلق سند س دوها ڏنا آهن:

ارڪ جانکو ڪيئن اوگيو، ڪيئن جانکو  ڪرڻال،
مرد گجاوت موندري، پڙ پڙيو ڀُوپال.

(ڪهڙي نه نڀاڳو ڏينهن اڀريو آهي، سج جي ڪرڻن ۾ ڪو شعاع نه آهي، ڇو ته هيءُ موندري جو رهاڪو، شينهن جيان گجندڙ مجاهد ميدان جنگ ۾ سمهي رهيو آهي. اڄ سج ۽ چند ۾ تيج ان ڪري نه آهي، جو موندري جا ٻه روش تارا وسامڻ وارا آهن.)

آوَ ڪانٽي ڏل اوهسڙيا، ڀوم ڌڙڪ سرپار،
روسي وچن ڪهيا روي، پاڙيا سو پرمار

(لڙائيءَ ۾ اهڙيءَ طرح سوروير گرجڻ لڳا، جو ڌرتي به ڌڙڪڻ لڳي ۽ جيڪي وچن رويءَ چيا، سي برابر پرمار پاڙيائين.)

ڀٽياڻي آگم باکيو، جلني اُما جيم،
ڪوپ وچن ڪلياڻ ري، نشچيه ليڌا نيم.

(هن ڪلياڻ جي ڪنيا ڦول ٻائيءَ چارڻ کي جيڪي وچن چيا، سي ان ڏينهن کان نيم رکي، سچا ڪيائين.)

شام سڌارڻ مهاستي، جگت ڀلي ڪئي جوڙ،
ارڌنگا ڦلان اُجِلي، ڪهي تيترس ڪروڙ.

(پنهنجي پتيءَ کي سڌارڻ وارو مهاستي، ڦلان جي ڌڻيءَ بهتر جوڙ بڻائي هئي. ٽيٽيهه ڪروڙ ديوتا ائين چون لڳا ته “ڦولان” رويجيءَ جي ارڌانگني، موندري جو ملهائتو موتي هئي.)

 

ڪيسري سنگهه ٻارٽ:

 ڪيسري سنگهه ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ انقلابي ڪويءَ طور مشهور آهي. هن 21 نومبر 1872ع ۾ ديپورا جي رهواسي ڪرشن سنگهه جي گهر جي جنم ورتو. سنسڪرت بنگالي، مراٺي، گجراتي ۽ ڍاٽڪي ( سنڌيءَ جي لهجي) جي ڄاڻو هن ڪويءَ وٽ علم فلڪيات ۽ علم جوتش جي پڻ وڏي ڄاڻ هئي. هن 1903ع ۾ چيتاوڻي چُگيٽيا ڪتاب لکيو. جنهن تي راجا فتح سنگه ڪاوڙ جي پيو. پر هن پرواهه ڪونه ڪئي. پنهنجي شاعري ۾ بغاوت جون ڳالهيون اڳي کان اڳريون ڪرڻ لڳو. هن جي هر شعر جي تاڃي پيٽي ۾ سونهن، سرهاڻ ڌرتي جي خوشحالي ۽ آجپي جو  رنگين ڌاڳو هو. هن جي اندر آس ۽ تمنا هئي ته ننڍي کنڊ جي ڌرتيءَ تي آزاديءَ جون هوائون گهلن  2 مارچ 1914ع تي پنهنجي ارڏي ڪردار ۽ باغي شاعريءَ جي ڪري 20 سالن لاءِ جيل ۾ واڙيو ويو. هن معافي نامو نه لکيو. زندان جي ديوارن جي اوٽ ۾ لوهي زنجيرن جي ڇم ڇم تي روح جي رقص سان مٽي ماتا جا گيت ڳائيندو رهيو. 14 آگسٽ 1941ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

 

ٻُڌاجي:

ٻُڌاجي نامور ڪوي بانڪيداس جو ڀاءُ هو سندس تخليق “ديوي چريتا” نالي مشهور آهي، جيڪا نامور محقق ايڇ سي. چتر ويديءَ ٻن جلدن ۾ 1968 ۽ 1969 ۾ سهيڙي آهي.

 

ڪوي رڻ ڇوڙ ڏان:

 ڍاٽ جي ڪوين ۾ ڪوي رڻڇوڙ ڏان جو نالو اهم آهي. ڳوٺ ڏاهڪڻ جو رهواسي ڪوي رڻڇوڙ ڏان وٽ اٺن جو وڏو وڳ هو، جهنگ ۾ اٺ چاريندي فطرت جي رنگن جا شعر چوندو هو. هن کي فطرت سُر ڏاڍا وڻندا هئا، راڳ جو ڄاڻو هو.

ڏيسان پت مرڌر، شهران پت اجيڻ،
راگان پت سورٺي، واجا پت بيڻ

(ڏيهن/علائقن ۾ مرڌر سهڻو آهي، شهرن ۾ اجين وڻندڙ آهي، راڳن ۾ سورٺي راڳ ۽ سازن ۾ پاوي جي وڄت پياري آهي.)

ڌڻ ٻڪري، ڪڻ ٻاجهري، اونٺي موٽي آس،
جي چاهين رهان ٿر ڌوري تو تينو رک پاس.

(چوپائي مال ۾ ڌارڻ جي لاءِ ٻڪري، کائڻ جي لاءِ ٻاجهري ۽ چڙهي جي لاءِ اٺ، ۽ اهي ٽئي ٿر ۾ رهڻ واري جي لاءِ ڪارائتيون شيون آهن، جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته ٿر جي ڀٽن تي رهان ته اهي پاڻ سان گڏ رک.)

بابليا اِڻ گهر ڏيجو، جڻ گهر هوئين سانڍڙيان،
اڙگان نا نيڙا ڪرين جڪان رين لاٻين وکڙيان.

(هڪ ڇوڪري پنهنجي پيءُ کي چوڻ لڳي ته ؛بابا سائين! مون کي ان گهر ۾ ڏجان جنهن گهر ۾ اٺڙيون هجن، اٺڙين جون ڊگهيون وکون آهن. پري رهندڙن کي ويجهو ڪنديون آهن.)

حقي سين جتو  هيت، اتو جي هوئي هڙسين،
تو کيڙي جاجها کيت، ٻيٺو کائين ٻاجهري.

(حقي سين جيترو  هيت آهي، ايترو جي هر سان هجي، ته گهڻيون ٻنيون کيڙي ويٺو ٻاجهري کائين).

ڍاٽ نپجي ٻاجهري، موٺ مرڌر هوئي جوار.
ڪنٺي هووين تل مولڪا، مرڌر هوئي جوار.

(ڍاٽ جي علائقي ۾ ٻاجهري، موٺ، مڱ ۽ گوار سٺا ٿيندا آهن. ڪنٺي جي علائقي ۾ تر گهڻا ٿيندا آهن، مرڌر ۾ جوار به ٿيندي آهي)

ڀر پي ڀروا پي، ڀر ڀر پي باٽڪيان،
ٿانرو پور و هُون ڪريس، ڪر ڪر ڪاتڻيان

(اوتارو/ اوطاق هلائيندڙ سخيءَ جي زال پورهائپ ۾ مڙس کي مايوس ڏسي، سندس حوصلو وڌائيندي چوي ٿي، اڳ جيئن تون اوتارو هلا، ڪاري غنودي ڪڻڪي جون وٽيون ڀري پيءُ. ساٿيءَ کان ڀرائي پيءُ، الڪو نه ڪر، (تنهنجي خرچ جو پورائو) آءُ مزدوريءَ تي ارٽ ڪتي به ڪنديس.)

شاميري ڪهيان ڏوٻري، ڪيون چنتا ڪري،
ڪا پرديس والمو، ڪا سنپت نهين گهري

(اي شاميري تون ڏٻري ڇو آهي، تو کي ڪهڙي ڳڻتي اچي ڳاريو آهي، تنهنجو بالم پرديس آهي يا تهنجي گهر ۾ سنپت (زال مڙس جي هم آهنگي / سڪون) نه آهي)

سنپت جاجهي، کپت موٽي، موٽو پريا ڪو نام،
اس ڪارڻ هون ڏوٻڙي، مانهنجو گهلي اوپر گام

(منهنجي گهر سنپت گهڻي آهي، پر ڪمائي گهٽ خرچو وڌيڪ آهي، منهنجي بالم جو نالو وڏو اهي، انهي ڪري آئون ملول آهيان، رستي تي اسان جو ڳوٺ آهي، مهمانن جي اچ وڃ وڌيڪ رهي ٿي.)

ٻارهي ٻڌ نه اپجي، تيرهي تيج نه هوء،
بيسي برسي نا بجيو، بات رو مجو نه ڪوء،

(ٻانهن سالن جي ڄمار ۾ جنهن وٽ  عقل نه آيو،  جنهن جو تيرنهن سالن جو تيج نه ٿيو.  ويهه سالن جي ڄمار ۾ جنهن جو نالو نه وڳو. هُن جي ڳالهه جو مزو نه آهي.)

 

چمن جي چارڻ:

ٿر جي لوڪ ادب کي مالا مال ڪندڙ صدين جي سرجڻهارن ۾ ڪوي چمن جي هڪ آهي. ڪوي چمن چارڻ ڳوٺ ٻرائي ( باراني) ۾ شو ڏان چارڻ جي گوتر ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو لوڌر ڏان هو. ڪوي چمن چارڻ جي شاعري، ٿر جي تاريخ جو ماخذ آهي. ڪوي پنهنجي پيڙهيءَ جي حوالي سان هڪ شعر ۾ چوي ٿو:

شوڏان ڪُڙ ڪويون سُڄاڻ، واچيا ڄڻ ايسا وکاڻ،
 جڻ پتا لوڌر ڏان، نام، دادا نام، پر ڀٽيو ڪرڻي ڏاڻ،

چمن جيءَ ، مئو اکيراج جي سوڍن وٽ رهڻ دوران ڪوتا سرجي، جنهن کي “سوڍائڻ” جي نالي سان ڪتاب ۾ پروفيسر شڪتيڏان چارڻ سوڍن بابت تحقيقي مواد سان گڏ ڇپائي آهي. پروفيسر شڪتيڏان جي ڪتاب جو ڪجهه حصو پروفيسر شيام داس جوشيءَ سوڍن جي تاريخ جي هڪ جهلڪ “جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڪوي چمن جِي سنبت 1633 ۾ “سوڍاڻ” جي ڪوتا سرجي ان کانسواءِ “سمارا جهولڻا” پڻ ڪوي چمن جي تخليق جو اڻ مٽ نمونو آهي.

داتا ني ڪوي ڪو ديا، ڪوي گيا سوکائي،
ڪوي ني داتا ڪو ديا، جاتي جُگ نه جائي.

(ڏاتار جيڪو ڪويءَ (چارڻ) کي دان ڏنو، اهو ڪويءَ کائي کپائي ڇڏيو، پر ان جي بدلي ۾ ڏات جي واهڙ مان ونڊ، جيڪا ڪويءَ ڏاتار کي ارپي، سا جُڳن تئين جيئري رهندي،)

سانڀر ڪيرت ڏيس ۾، آوي ڪوي اپار،
سوڍي جالم سريکو، ڏوجهو نهين ڏاتار.

(ٿر جي سخي ڪردار جالم سنگهه (نانگڙ) جي علائقي ۾ سخاوت جي هاڪ ٻڌي ڪيترائي ڪيرتيا (ڀانَ ڀاٽ ۽ چارڻ) روز اچن ٿا، سوڍي جالم جهڙو ڏاتار علائقي ۾ ڪو به نه آهي.)

سگڙي واتان ساوَ، جڻ ملتان آتو جرور،
اڻند واتاري آوَ، مينگهاڻي ڏيوا مونگهٽ.

(اي آنند! رهاڻ رس جي ڪچهري ساري، مهمانن سان اوس ملڻ وارا، تون اوتاري اچ، مينگهاڻي پريوار جا مور! تنهنجون ڳالهيون هينئڙي منجهه هُرن ٿيون.)[21]

هن جي هڪ طويل ڪويتا هيٺ ڏجي ٿي:

راج سما کت، سامي نج ٿڙ نگر،
جي ڪُل انُڙ جهڙا پڇماڻ انپر،
ننگر ٺٽو نيپڻا ساسڻ دي صدر،
اٺ ڪروڙ دت آپيا، چڙهت ڏن پهر،
جي ڪل وڪئي جهڙا جنمين جورا ور،
پيلو ڏان سماپيا، ويرت پيران ور،
سما سپڙ سريکا، پريت پال پرٿوي پر،
چاڙهي پنگا چارڻ، سکپال ڪويسر ،
جي ڪل راءِ کنگهار، سا گرنار تڻي گر،
راوَ ڏياچ سريکا جهونا گڍ شهر،
مٿا ڏينا منگيا، نهين ڪينا اُتر،
جي ڪُل گاهي جام سا سنڌو پت جبر...

(سمن جو ٿر نگر تي راڄ هو، سمن جي راجائي خاندان ۾ ڄام انڙ جهڙو داناءِ ۽ سخي پيدا ٿيو، ننگر ٺٽي ۾ مکيه راڄڌاني جوڙي، ڄام انڙ سج اڀرڻ ٽاڻي اٺ ڪروڙ جو سوالين کي دان ڏنو، سمي جي ڪڙ م ۾ ڄام وڪيئي جهڙي اڙبنگ مڙس جنم ورتو. جنهن چارڻ جي گهرڻ تي اڻ منڌائتا پيرون دان ڪيا. هن ڌرتي تي پريت پال جهڙو سخي ڄام سپڙ ٿيو، سمي سپڙ ڄام چارڻن کي ڪلهي تي چارهي محلات ۾ وٺي اچي دان ڪيو. جنهن قبيلي ۾ گرنار گڍ جو ڌڻي راءِ کنگهار ٿيو، انهي ساڳي آڪهه ۾ جهونا گڍ شهر جو سورمو راءِ ڏياچ پيدا ٿيو، جنهن سر جي سوالي منڱڻي کي جواب ڏيڻ جي بدران سُر جي  صدا ۾ سر وڍي ڏنو.جنهن خاندان ۾ ڄام ڳاهي جهڙا سنڌو جا سپوٽ پيدا ٿا...)

پڙجاسي پاکاڻ، حويلي ساٿ نه هالي،
ڪايا رو ڪمٺاڻ، چار دن جُگ ۾ چالي.

(سڀ ڪجه هتي رهجي ويندو، حويلي ساٿ نه هلندي، ڪايا  جون هي مالهائون چار ڏينهن جڳ ۾ چمڪن ٿيون.)

ڀاگونت مت سين ڀنو، نڙي سِڌ ڪي وات.
ڪوي چمن سڀ تياگ ڪر، نرڀيه سمرو ناٿ،

(سچ جي ڳالهه (واڻي) ڪري پنهنجي ڳلي کي ڀاڳونت مت سان پساءِ، اي ڪوي چمن! سڀ تياڳ ڪري بي خوف ٿي مالڪ جي نالي جو ذڪر ڪر.)

ڪايا ڪاچو ڪوٽ، موج مستي تج من ڪي،
چلو سٻڌ ڪي چوٽ، توٽ پڙ جاسي تن ڪي.

(ڪايا ڪچو ڪوٽ آهي، من جي موج مستي دور ڪري هر ڪنهن سان سٻنڌ سان هل، تن ۾ ڪنهن وقت به ٽوٽ پئجي ويندي.)

 ڌياوي سوئي اُڌري نيچ ڪل ناهين،
ڪهان آس اڻ ديهه ڪي، ملو ويگ ست ماهين.

(جيڪو ڌيان ڪري سوئي پائي” اونچ نيچ جو ڪو فرق نه آهي، (اي انسان!) ڪڏهن آس ان ديهه جي رک. جتي سچ سان ميلاپ ٿيڻو آهي.)

ڪِتائي بيت گيا ڪلپ ۾ چيتن نه ڀيو سُچيت،
اوهون شٻڌ اُت پت ڪيو، ٻڙ گيا پاپ سر بيت.

(ڪيترين ڳالهين ۾ وقت گذري ويو، پر چيتن من سچيت نه ٿيو، پرجڏهن  اهو هڪ شٻڌ (نام) ذڪر ۾ آندو، تڏهن سڀ (ويچار) ٻري ختم ٿي ويا.)

ڪرتا جگت ۾ شڀ ڪِريا، ڀجت ايڪ ڀگوان،
او نر پاوت هئه اوس، امر لوڪ اسٿان.

(جيڪو جڳ ۾سٺا ڪم ڪري ٿو  ۽ صرف هڪ ڀڳوان جو ڀڄن ڪري ٿو، اهو ماڻهو ضرور امر لوڪ اسٿان کي پائي ٿو.)

 

ريوت ڏان:

 ترقي پسند شاعرن ۾ ريوت ڏان چارڻ جو نالو نمايان آهي. سندس شاعريءَ جو رنگ روپ پنهنجو آهي. هن جاگيردار طبقي سان نفرت ڏيکاري مسڪين ماڻهن جي دکن کي ڪوتا ۾ سرجيو آهي. ريوت ڏان کي ريگستان جو نياز همايوني چئي سگهجي ٿو. “چيت منکان “ ۽ ڌرتي راگيت” جهڙا مجموعا ڏيندڙ هن ڪويءَ ڳوٺ متٿانيا ۾ 1901ع ۾ جنم ورتو. ريوت ڏان ڊراما پڻ کليا آهن، پر هن جي سُڃاڻپ ڪوتا آهي، جنهن ۾ مظلوميت جي پڪار ۽ پرماريت خلاف مواد آهي، هن جي ٻولي عوامي ۽ مٺاس ڀري آهي. هن گيتن ۽ دوهن سان گڏ پابند نظم پڻ چيا آهن.

 

شري ورجمل چارڻ:

 شري ورجمل مهروجي، عمرڪوٽ لڳ کاروڙي چارڻ جو رهواسي هو. عمر ڪوٽ جي سوڍي حاڪم سان گڏجي جاڙيجا راجپوتن جي علائقي ۾ ڄام نگر ويو. جتي هن جاڙيجن راجپوتن جي تاريخ تي ڄام وڀو جي اعزاز ۾ “وڀو ولاس” ڪتاب لکيو ڄام وڀو شري ورجمل کي جاگير ڏيڻ سان گڏ”ڄام نگر جي ڪويراج جو لقب پڻ ڏنو هن کي پنهنجي علائقي جا سوڍا ۽ جنم ڀوميءَ جو ماڳ کاروڙو ڪڏهن به نه وسريا.

ڪڇوا جهالا ڪم ڌج، جگ سسوڏيا جو،
مڇري ڪو جادم ملي، سوڍي سمهو نا ڪو.

(ڪڇ جا جهالا، ڪم ڌج (هجن) يا جڳ جا( واکاڻيل) سسوڏيا نهار، مڇري جا جادم ملن، پر انهن مان ڪو به (منهنجي عمرڪوٽ جي) سوڍن جو ڪڏهن ڪو مٽ نه ٿو ٿي سگهي.)

کاروڙي بابت گيت جا ٻول، ڪيسو ڏان چارڻ هن ريت ٻڌائي ٿو:

کوکو کارڪ سريکو، پيلو ڏاڙهم ڊاک،
هيڪ متيرو چاکيو، آنٻا ٻاون لاک،
ڪڇ را ڪانهيا سيک ڏي، مني کاروڙو چت آيو

(ڪنڊيءَ جو کوکو، کارڪ ۽ ڄار جا پِيلُو، ڏاڙهون ۽ ڊاکن برابر آهن، هڪ چپڙ چکيو ڄڻ ٻاونجاهه لک انب کاڌا. اي ڪڇ جا ڪانهيا! مون کي موڪل ڏي، مون کي منهنجو کاروڙو ياد آيو آهي.

جڏهن ته هاشم فقير (اصل ڳوٺ مٺڙيو چارڻ، حال مٺي) وٽ هن گيت جا ٻول آهن:

گران ڏيڏران، مور سر گيهڪيا،
گڻين اڻي راڳ ملهار گايو،
ابن مان مال ڏي آج ڏي سيک،
ڪانيا جي کاروڙو چيت آيو.

 

ڏرس ڏان چارڻ:

 ڪوي ڏرس ڏان، ڳوٺ جهرڪلي جو چارڻ هو. هن جي شاعريءَ ۾ راجا نوگهڻ جي ڀيڻ جاسل کي همير سومري پاران سنڌ ۾ روڪڻ بابت دوها ملن ٿا.

ڪوئي ڪادو آويا، ندئي کٽيا نير،
سورٺ سڙتالو پڙيو، ورتوا آويا وير،

(سورٺ (جي علائقي) ۾ اهڙو ڀيانڪ ڏڪار پيو، جنهن ۾ ندين ۾ پاڻي کٽي ويو، اي منهنجا ڀاءُ! اسين اهڙي مشڪل گهڙي ۾ لڏي اچي (سنڌ) آياسين.)

نهين موساڙي ماوڙو، نهين ماوڙي جايو وير
سنڌ ۾ روڪي سومري هالوا ڏي نا همير[22]

(مون وٽ نه مال ملڪيت آهي، نه وري پنهنجي جيجل ڄايو ڀاءُ آهي، مون کي سنڌ ۾ سومري حاڪم روڪي آهي، همير سومرو هلڻ نٿو ڏي.)

قابليان نجرون ڪري، مغل ني ميان،

آهيرڻ اُر پيان، نوگهڻ نڪلا هي نهين.

(همير سومري جي قيد ۾ مغل ميان ۽ قابليا (قابل مان آيل) پهريدار مون کي بري نظرن سان ڏسي رهيا آهن. آهيرڻ جي ٿڃ پيئندڙ اي نوگهڻ! تون (اڃان منهنجي سار لهڻ جي لاءِ) نڪتو ئي نه آهين!!؟)

تون آڏو مين آپيو، واهڻ مانهيلو وير،
سمجهيو مانهين سرير، نو گهڻ نو سورٺ ڌڻي.

(تو مون سان گڏ (منهنجي جيجل جي) ٿڃ پيتي، مون تون کي پنهنجو (سدائين جاڙو ڀاءُ) ڀانيو آهي. اي سورٺ جا ڌڻي! منهنجي جيجل  توکي پنهنجي وجود جو حصو سمجهيو هو.)

تون نو، تون جي نوئي، تون تو هيت هوئي،
ويرماسي جوئي، نوگهڻ نو سورٺ ڌڻي.

(اي منهنجا ڀاءُ نوگهڻ سورٺ جا ڌڻي! تون ٿورو ويچار ڪر، تو جهڙي بهادر ڀاءُ هوندي به اهڙي مشڪلات مان گذري رهي آهيان. ڏک اهو آهي تو اڃان تائين نه پهتو آهين.)

ماڏوَ اماري مالتو، ٻڌوا ڏيڌل ٻول،
ڪرڪاپڙ ري ڪور، جاهل نا جونا ني ڌڻي.[23]

(اي جهونا ڳڙه جا ڌڻي! چونري جي منڊپ ۾ (منهنجي شادي وقت) ڀاءُ جي حيثيت ۾ مون کي جيڪو رکوالي جو وچن ڏنو هو، اهو ياد ڪري ان وقت پنهنجي ڀيڻ جاسل کي اوڍايل چني جي لڄ رک. جلد اچي جاسل جي واهر ڪر.)

چس ڌاري پاڻي چالي، نيڻ نا جهالي نير،
سڻج راءِ سڌير، جاسل ڪهي جوني نا ڌڻي

(اي جهونا ڳڙهه جا ڌڻي! منهنجي نيڻن مان ٽٻ ٽٻ لڙڪن جو پاڻي وهي رهيو  آهي، هڪ پل به نيڻ پاڻي نه ٿا جهلن، تون راءِ سڌير آهين منهنجي پڪار ٻڌ اچ ۽ جلد اچي جاسل جي واهر ڪر.)

 

سورو  چارڻ:

 پارڪر جي پٽن تي ڪوي سوري چارڻ جي نالي پويان ڳوٺ سوراچند ۽ ڳوٺ جي ڀرسان سوريي جو تلاءُ آهي. چون ٿا ته سينڌل سوڍن پارڪر تي پنهنجي صاحبيءَ دوران مختلف ڪاهن کان بچڻ جي لاءِ اعلان ڪيو ته ماڻهو پنهنجا گهر ڪارونجهر جي اندر ٺاهين، ته جيئن ڪوئي ويري حملو نه ڪري سگهي. سمورن ماڻهن حڪم جي پوئواري  ڪئي، پر سوري چارڻ جواب ڏيئي ڇڏيو مون وٽ گهڻو مال آهي آءُ اتي ويٺو آهيان. هن جي ذهن ۾ هڪ ڳالهه اها به هئي ته آءُ چارڻ آهيان، منهنجو ڪير نالو نه وٺندو ليکڪ مگهارام اوجها پنهنجي ڪتاب پراڻو پارڪر ۾ لکيو آهي ته، پنراج سينڌل ساڙڌري جي مٿئين پاسي ڪارونجهر ۾ پنهنجو گڍ ٺهرايو. ان زماني ۾ گجرات جو حاڪم احمد شاه پارڪر تي چڙهائي ڪري آيو. پارڪر جي پٽن تي سوُري جي وانڍئي کان سواءِ ڪو ڳوٺ نظر نه آيو. احمد شاه جي لشڪر سوري جي وانڍئي جو گهيرو ڪندي چيو ته، اوهان جو راڄ ڌڻي ڏيکار يا مرڻ لاءِ تيار ٿي. سُرو، لشڪر کان اجازت وٺي پنراج وٽ آيو ۽ چيائن ته راجپوت آهيو، مون کي بچايو، مون سان گڏ هلي بادشاه احمد شاه وٽ حاضر ٿيو. پنراج چيو ته چارڻ! ٿڌو ٿي هيٺ ويهه، بادشاه وٽ پيش پوڻ منهنجو شان نه آهي. تنهنجي سر جي بچاءَ ۾ پنهنجو سِر ڪپي ٿو ڏيان وڃي بادشاهه کي ڏي جڏهن پنراج سوري کي سر وڍي ڏنو، تڏهن چارڻ جو چت چُري پيو ته:

ڦگڻ ماس ورس اٺانو تٿ تيرس ٻڌ وار،
سينڌل سر سماپيو، پُج ڌاري پنراج.

(سال اٺانوي ڦڳڻ مهيني جي تٿ تيرهين ۽ اربع جي ڏينهن سينڌل چارڻ کي سر وڍي ڏنو، پنراج وڏو پُڃ ڌاري ( رحم دل) آهي.

سينڌل نه هوي ڀجڻا، وانڍي گام رو وير،
جنهن نمايو نيلوئو، کتيو کند کڙ هير.

(وانڍي ڳوٺ جو وير سينڌل ڪڏهن ڀڄڻو نه آهي، جنهن اڇل سان سر وڍي ڏئي گهڻن کي مات ڏئي ڇڏي، هن کنڊ کڙ هير (جس) کٽيو،)

هن وقت تائين سوري چارڻ جا صرف ٻه شعر ملن ٿا سوري تي تحقيق جي اشد ضرورت آهي.

 

جڳاجي چارڻ:

 ڪوي جڳاجي چارڻ پنهنجي دور جو نمايان شاعر آهي. هن ٻه ڪتاب لکيا، جن مان “رتن راسو، هن جي شهرت جو ڪارڻ رهيو آهي. “رتن راس” پهريون دفعو  ديوناگري لپيءَ ۾ 1809ع ۾ ڇپيو. جڳا جي شاعريءَ ۾ نصيت آميز قول به آهن.

مايا جل اِتي وَمل، تاس ڪوئي پار نا پاوي،
لهر لوڀ اوٿڻ، منن جهاج چلاوي
جگ ٻوڍو جم هنسي، پاون ڪرڪهنو نا لگي لاگي،
پيٺ پار نا ڪوئي، پار نه ڪوئي آگي

(دولت نهايت نرمل پاڻي آهي، جنهن جو پار ڪوئي پائي نه سگهيو آهي، لالچ جي اٿندڙ لهرن ۾ غور ۽ فڪر سان جهاز هلايو، جڳ پوڙهن جيان کلي رهيو آهي، ڪٿي هٿ پير نٿو لڳي، پشت تي نه ڪوئي ڪنارو آهي، نه اڳيان ڪوئي ساحل آهي.)

 

پرڀو ڏان چارڻ:

 پرڀوڏان چارڻ، تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ٻگهنو جو رهواسي هو. هن جي شاعري ۾ به ٺپا گفتا به شامل آهن، جن ۾ مزاح ۽ طز ملي ٿي. هن سورٺا ۽ دوها به چيا آهن. هن ڏٺ جا شعر به ڏنا آهن. ٿر جي رهاڻ رس جي ڪچهريءَ ۾ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ پرڀي جا دوها چيا ويندا آهن، جيڪي ڳوٺن جي بيهڪ ۽ ماڻهن جي سڀاءِ بابت جڙيل آهن. ٿر ۾ پاڻيءَ جي تڪليف جي حوالي سان مشهور دوهو پر ڀي چارڻ جو آهي ته:

ساڪي رو سوڪان ڪري، بيڏمي رو وِس،
گلو سوڪو ٻاپڙا، تو جاسو ڪهي ڏِس[24]

(ساڪي جو پاڻي اهڙو کارو آهي، جو هڪ ڍڪ به شوڪارا ڀرائي ڇڏي، بيڏميءَ جو پاڻي صفا زهر آهي، گلو اُڃ ۾ ?



باب چوٿون 4


پرڀو ڏان چارڻ:

 پرڀوڏان چارڻ، تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ٻگهنو جو رهواسي هو. هن جي شاعري ۾ به ٺپا گفتا به شامل آهن، جن ۾ مزاح ۽ طز ملي ٿي. هن سورٺا ۽ دوها به چيا آهن. هن ڏٺ جا شعر به ڏنا آهن. ٿر جي رهاڻ رس جي ڪچهريءَ ۾ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ پرڀي جا دوها چيا ويندا آهن، جيڪي ڳوٺن جي بيهڪ ۽ ماڻهن جي سڀاءِ بابت جڙيل آهن. ٿر ۾ پاڻيءَ جي تڪليف جي حوالي سان مشهور دوهو پر ڀي چارڻ جو آهي ته:

ساڪي رو سوڪان ڪري، بيڏمي رو وِس،
گلو سوڪو ٻاپڙا، تو جاسو ڪهي ڏِس[24]

(ساڪي جو پاڻي اهڙو کارو آهي، جو هڪ ڍڪ به شوڪارا ڀرائي ڇڏي، بيڏميءَ جو پاڻي صفا زهر آهي، گلو اُڃ ۾ سڪي ويو ته ڪيڏانهن ويندو!؟)

هن  دوهي ۾ ٿوري تبديلي پڻ ملي ٿي جنهن ۾ ساڪي جي جاءِ تي روهڙ ڳوٺ جو نالو آهي، شاهر چوي ٿو ته روهڙ جو پاڻي ڍڪ ڳلي ۾ هيٺ لهڻ جهڙو نه آهي. ٿر ۾ خاص طور تي ڍاٽ واري علائقي ۾ اونهاري جي ڏينهن  پاڻي جي وسيلن تي پهرا ڏنا ويندا آهن، پرڀو انهيءَ درد جي عڪاسي ڪندي چوي ٿو ته:

جاڏا کيجڙ جوا گهڻا، ڪتا ڪرين ڪوڪاٽ،
پاڻي مٿي پوهورا ڏين، ڌن تنا جهوني ڍاٽ.

(ڪنڊيءَ جا ٿلها وڻ، جن هيٺيان چوپائي مال جي ويهڻ ڪري ڄور گهڻيون (جَوئا وغيره) آهن، ڪتن جو ن رڙيون آهن. ماڻهو پاڻيءَ تي پهرا ڏيئي رهيا آهن، پاڻيءَ جي پيڙا هتان جي ماڻهن جي حياتي مشڪل ڪري ڇڏي آهي، انهن تڪليفن باوجود منهنجي جهوني ڍاٽ سدائين واکاڻ لائق آهي.)

ستي هتي جتي، هاراڙا ٻولي ڪوڙ،
پڪي روٽي پالي، ڌني کوڙاوي ڌوڙ،

(سَتي سچ ورتا هئي، پر هاڻي صفا ڪوڙ ڳالهائي رهي  آهي، پڪل ماني مون کان لڪائي رهي آهي اها ڌني ڌوڙ کارائيندي؟)

هن شعر ۾ ڌوڙ جو لفظ چئي ماني کارائڻ جي انڪار جي حد کي بيان ڪري رهيو آهي.[25]

مٺي ري ٻائي، روٽي ڏي آڇي.
ساڪڙي پرڀو ڏيسي پاڇي.

(مٺي جي ٻائي (ڌيئاري) سٺي ماني ڏي، سڀاڻي پرڀو اهڙي ماني واپس ڪري ڇڏيندو.)

ڌنجياڻيان ڏنو ڌامو، کاسو ڪريو کوٽي،
پرڀيا ايها اُٺي، ايٿ راٻ نه ڪو روٽي

(ڌنجياڻان دعوت ڏيئي چڱو کوٽي ڪيو آهي . اي پرڀا هتان اٿي هتي رٻ جو آسرو آهي نه روٽي (ماني) جو.)

هڪ دفعو پرڀو کاروڙي آيل هو، هن اتي مڏي جي پٽ پرتاب کتري سان مخاطب ٿي شعر چيو ته:

کتري جس کاٽ، پارس مڻي پرتابا،
تانهنجا سهج هوسين ٺاٺ، پڙج رمائيس پوترا.

(اي پارس مڻي پرتاب کتري جس کٽ، هي تنهجو جس کٽڻ جو وقت آهي، تون پنهنجا پڙپوٽا رمائي(وندرائي) سمورا سک ماڻيندين)

 

جو جهاڏان چارڻ:

ڪوي جوجهاڏان چارڻ، اصل تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڪيسرار مڪان جو آهي. جو جهاڏان جا مٺڙيو چارڻ ۾ ناناڻا هئا. جو جهاڏان جي ماءُ ڪوي هيميڏان چارڻ جي جنم کان پوءِ ترت ئي مٺڙيي چارڻ ۾ اچي رهيو. جوجهاڏان جي پرورش مٺڙئي چارڻ ۾ ٿي ان ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳوٺ مٺڙي چارڻ کي ڳايو آهي.

مٺو ڪوي مٺڙيئي رو، ڏيٿو جوجهاڏان،
پريما ستن ٻڌاپرگهٽو، جينا راڻا ماني راوَ.

(پريمڏان چارڻ جو پٽ جو جهاڏان ڏيٿو چارڻ، مٺڙي چارڻ جو مٺڙو ڪوي  آهي، جنهن جي سگهاري ڏاهپ ۽ منفرد ڏات کي راجا توڙي راڻا سڀ مڃن ٿا.

 جو جهاڏان جي پيرن ۾ ترائين جو پلر پاڻي واپرائڻ سبب پيدا ٿيندڙ خطرناڪ بيماري “وارو” جا ڪيڙا (جراثيم) نڪتا هئا “وارو” جي پيڙا هن کي ڏاڍو تنگ ڪيو. ان وقت هن موذي مرض جي علاج جي لاءِ ويجهڙائيءَ ۾ ڪا سهولت ميسر نه هئي. ماڻهو جڙي ٻوٽين جي مقامي ڏَس واري علاج سان گڏ پنهنجي عقيدي مطابق باسون باسيندا هئا. جوجهاڏان به حڪمت وارو علاج ڪرڻ سان پنهنجي عقيدي تحت سَتي جُو مان جي آستان تي “واري” کان ڇوٽڪاري جي باس باسي هئي.

ڏگتا وهي ڏانگڙيان، پگي وهي پاڙا،
جومان تون اي جاڻي، آئي ميٽي واڙا.

(اي جو مان! پيرن سان منڊڪائيندو، لٺ جي آڌار تڪليف  سان هلان ٿو. ستي تون پنهنجي دعا سان منهنجا وارا (واڙا) ختم ڪر.)

کنگهار ڏان جي پنهنجي ڀاءُ جوجهاڏان سان تمام گهڻي محبت هئي. بيماريءَ واري عرصي ۾ هن جو جهاڏان جي وڏي چاڪري ڪئي. جو جهاڏان جڏهن صحتمند ٿيو ته هن جي اندر ۾ شوق جاڳيو ته هو پنگڙ  ڪاليج مان شاعريءَ جي فن جو ڪورس ڪري. هن هِتان هُتان ڪري وڃي پنگڙ ڪاليج ۾ داخل ورتي. هڪ ٻه مهينا مس گذريا. کنگهار ڏان کي جو. جهاڏان کان سواءِ سک نه اچي. کنگهار ڏان بيماريءَ جو بهانو بڻائي ڪوي جو جهاڏان کي خط لکايو ته، منهنجي طبيعت گهڻي ٺيڪ نه آهي. آءُ مرڻ ۾ آهيان، تون اچ ڏسي وڃ. جو جهاڏان پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي موٽي آيو. پوءِ کنگهار ڏان جي پريم ۾ واپس وڃي نه سگهيو.

چارڻي عقيدي ۾ جنهن تي ڏات جي ديوي مهربان هوندي آهي، تنهن کي ‘وردائي ڪوي’ سڏيو ويندو آهي. جو جهاڏان ‘وردائي ڪوي’ هو. جوجهاڏان جي شاعريءَ جي موضوعن ۾ مالڪ حقيقي جي ساراهه، چارڻي ديوين جا گيت، ٿر جا سخي ۽ سور وير ڪردار شامل آهن. هن جي روح جي رامڪليءَ جي راه تي هلي شاعراڻي گودڙيءَ ۾ اهڙا ته هنگلاجي هيرا هٿ ڪيا آهن، جن جي ڪن ڦاڙ ڪاپڙين کي سدائين تلاش رهي آهي.

جوجهاڏان سوڍن جي صاحبيءَ تي ڪيترا دوها، ڇند ۽ سورٺا چئي تاريخ کي قلمبند ڪيو آهي. خاص طور تي امراڻ، ڇاڇراڻ ۽ کائڙ جي ڪردان جون ڪٿائون سندس شاعريءَ جي سونهن آهن. ڌرتيءَ جي نوَ کنڊن ۾ ڇاڇري کي ڇمر ڇايا وانگر محسوس ڪري ٿو.

جوجهاڏان پرٿويءَ تي رهندڙ ماڻهو جي پر ۾ پنهنجي علائقي جي ماڻهن کي معتبر ڏسي ٿو. تاريخ جي طوفان ۾ هن جي شاعري جا پنا گم نه ٿيا آهن. ديوناگري لپيءَ  ۾ مختلف قلمي نسخن جي صورت۾ هن جي شاعري ملي ٿي. هن جي شاعريءَ جو هڪ اڻ ڇپيل مجموعو کاروڙي جي ڪيسوڏان چارڻ کان اڀياس ڪرڻ لاءِ مون کي مليو، جيڪو چيلهار جي مهراج گوتم چند (رٽائرڊ پرائمري استاد) مون کي سنڌي ويس ۾ اتاري ڏنو آهي. جنهن ۾ ڪوي جوجهي جي ڪوتا جا موضوع “هنگولاج ديوي،” “ڏيول ديوي،” “ڀهوچرا  ديوي”، “ڌني جي وڏائي”، “نرسي مهتو” ،“عمرڪوٽ جو راڻو پيرڏان سنگهه سوڍو”، “سوڍو اکيراج”، “ڪوي جا سوال جواب”، ”سوڍا رتن سنگهه”، “سوڍا سونسنگهه”،  “ عقل چيتاوڻي”  ۽ ٻيا موضوع شامل آهن.

 رهاڻ رس جا ڪوڏيا پنهنجي محفلن ۾ هن سگهاري شاعر جي شاعري  سڻائي هڪ ٻئي کي داد ڏيڻ سان گڏ سبق آميز سکيا حاصل ڪن ٿا. هن جي شاعريءَ ۾ انوکي لئي ۽ ترنم آهي پروفيسر شڪتيڏان ڪويا، ڪوي جو جهاڏان کي ڀيٽا ڏيندي لکيو آهي ته :

موٽو تاڪو مٺڙيو، جوجهو ڏيٿو جاڻ،
ڀُج پڙيو ڪائب ڀلي، پرگهٽ ڍاٽ پهچاڻ

 

ڪوي کنگهار ڏان:

ڪوي کنگهارڏان، ڪوي جوجهاڏان جو ننڍو ڀاءُ هو، ڪوي جوجهاڏان وانگر کنگهار ڏان کي به واري جي بيماري ٿي. ڪوي کنگهار ڏان کي واري جي بيماري پير سان معذور ڪري ڇڏيو هو. مٺڙيو چارڻ جي سوٽهڙ برادريءَ جي هڪڙي مسئلي ۾ چارڻن، ڏاهليءَ جي سوڍن جي گهرن اڳيان احتجاج ( ڌرڻو ڏيڻ) ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن کنگهار ڏان به پنهنجي معذوريءَ باجود سنڀري تيار ٿيو ۽ احتجاجي ڌرڻي ۾ شعر چوندي شينهن وانگر گونجي اٿيو هو. چون ٿا ته کنگهار ڏان ان موقعي تي سراپ وارا دوها چيا هئا.

جنهن وقت چارڻ ۽ سوٽهڙ مٺڙي چارڻ مان ڏاهلي وڃي رهيا هئا، ان وقت هن کي گڏ وٺي اچڻ لاءِ تيار نه هئا، ڇاڪاڻ ته هيءُ هڪ پير سان  معذور هو، پر هن پاڻ کي حوصلو ڏيندي ان قافلي جو پاڻ کي رڪن بڻايو ۽ چيو ته:

منڊا ٽنڊا ڪر مهل، تون ريڻو ڀائي  رامسنگهه رو،
او هاٿي ڏي حمل،[26] اي چارڻ پهچي ڏاهلي!

(منڊا ٽنڊا تون مهل ڪر، تون رامسنگهه جو سڳو ڀاءُ آهن، اي منهنجا مالڪ! مون کي هاٿيءَ واري طاقت عطا ڪر، ته هيءُ چارڻ ڏاهلي پهچي.)

کنگهار ڏان مختصر دوها(چَو اکريا) چوندو هو. لوڪ ڪردارن جي تعريف ۾ سندس ٻه دوها مثال طور تي ڏجن ٿا:

مڏوا گهر منر هويو، چاندان گهر سلطاڻ،
ڏيٿا گهر پونجل هويو، چاندان گهر سلطان
ڏيٿا گهر پونجل هويو، اٿي ڪڙوو مت جاڻ.

(مڏوا(راجپوتن) جي گهر منر، چاندن (نهڙين) جي گهر سلطان ۽ ڏيٿن ( چارڻن) جي گهر پونجل جنم ورتو، اهڙن نيڪ انسانن جي موجودگيءَ ۾ جڳ کي ڪڙو (کارو ) نه سمجهه.)

 انڌاري هيلو آيو، ڪرچي نا راکي پلي ڪوءِ،
 پونجو نت ڪا پيڇو لا ڪري، جو نا امل جوءِ

(انڌاري ۾ سڏ ٿيو، پلي ۾ ڪرچي ڪير نٿو رکي، پونجو روز جي رهاڻ ڪري ڪاري غنودي ڪڻڪي ڏي ٿو.)

ڪوي کمڏان چارڻ:

 ڪوي کمان چارڻ پنهنجي دور جو ناميارو ڪوي رهيو آهي. سندس ڪيترائي شعر ٿر جي سگهڙ سياڻن کي ياد آهن. ڪوي کمڏان چارڻ پنهنجي هٿ اکرن سان ڪوتا جا گجراتي  لپيءَ ۾ قلمي نسخا تيار ڪري ڀڏيلي جي سوڍن سورپ سنگهه وارن کي ڏنا هئا. پر سندس ڪو به ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ اچي نه سگهيو. سروپ سنگهه اهي قلمي نسخا گڊڙي چارڻ جي رهواسي هرڏان چارڻ جي پٽن گڻيس ڏان ۽ ڪرشن ڏان جي حوالي ڪيا. جتان مطالعو ڪرڻ جي لاءِ مون کي مليا.

ڪوي کمڏان چارڻي ڪوتا جو فن سکڻ جي حوالي سان منفرد حيثيت رکندڙ مشهور پنگڙ ڪاليج جو پڙهيل هو. هن شاعري جي ڇند/ ماترا وغيره جي فن بابت هڪ ڪتاب پڻ لکيو هو، جيڪو اڻ ڇپيل آهي.

ڪوي کمڏان تعلقي ننگر پارڪر جي ڳوٺ ڀيماويريءَ جو رهواسي هو. ڪوي کمڏان جي والد جو نالو لانگي ڏان هو ڪوي کمڏان جو هڪ ڇند ڏاڍو مشهور ٿيو جنهن ۾ هو چوي ٿو ته:

ڏيس ڏيوڌر ڏور رهيو، آوڻ جاوڻ نهين هويو،
ٿڙ ٿونٻڙ ميگهه بنا مرجهاڻي رهيو.

(ڏيوڌر جو ڏيهه دور رهيو ، اچڻ وڃڻ نه آهي، ٿر ٿوهر جو علائقو مينهن بنا مرجهائي رهيو آهي.) [27]

سماج تني رچنا ڪري، وهي پرش ٻڌوان،
ڀگج ستيه تاهِي، ڀڻان، ڀاشت سڀ ڀڳوان

(جيڪي سماج جي شيوا ڪن ٿا، جيڪي علم وارن جي صحبت ۾ رهن ٿا، جيڪي سچ جو ساٿ ڏين ٿا ، جيڪي ڀڳوان جو نالو سمرن ٿا ، اهي سڀ اتم انسان آهن.)

بنا رُت برسات هوءِ، بنا سميه ڪي وات،
بنا پاتر ڏيج ڏيوي، ڪاج وئرت ڪهي وات

(بنا رت جي برسات ايتري فائديمند نه آهي، بنا وقت جي ڳالهه اجائي آهي، بنا پاتر جي ڏيج ڏيڻ جو ڪاج وئرت آهي)

 

ڪوي ستيڏان چارڻ:

 سگهڙ فقير هاشم (اصل ڳوٺ مٺڙيو، حال مٺي) مطابق ڪوي ستيڏان مٺڙيي چارڻ جو رهواسي هو. جڏهن ته ڪوي هيمڏان چارڻ چوي ٿو ته، ستيڌان مٺڙيو جو نه پر تعلق ننگر پارڪر جو رهواسي آهي. چون ٿا ته صدين پڄاڻان هي جاجڪ ٻيجل جي ريت روايت ۾ صدا هڻي ۾ سر وٺڻ جي جذبي سان پنهنجي ڳوٺان نڪتو هو. ٿر ۾ واري جا دڙا پٽي، جڏهن پارڪر جي پوٺن تي پوڙهي پد ماسر وٽ پهتو ته تيجمل ويري  جي رامجي ورڻ هن جي آس پوري ڪئي.

چارڻ آيو چيتوي، سوئي جويا سردار،
ڪوئي ايسو ڪڙ جگ مان، ڏي سيس ڏاتار

(چارڻ گهران اهو چت ۾ چيتاري نڪتو ته هن ڪلجڳ ۾ ڪو اهڙو سخي ڏاتار آهي جيڪو ڏان ۾ سر ڏي. ان آس ۾ هن سوين سردار نهاريا.)

 نک ورڻ نيلي نکٽ، پتا ڀاوَ پرمار،
جائي چارڻ جاچوا ڏي سيس ڏاتار.

(راجپوتن جي نامياري نک ورڻ جي سپوٽ گهراڻي ۾ سخي ڏاتار (رامجي) جنهن جو پتا ڀاوَ پرمار آهي، چارڻ اهو پڇائي رهيو آهي، جيڪو سر ڏيندو.) [28]

آوي پاٽ اوپرا ڪڏو تلڪ ڪيو.
ماتا ٿاڙ مانڏيو، ڏاتا سيس ڏيو

(چارڻ جي صدا تي سخي ڏاتار رامجي ڏان ڏيڻ جي ريت رسم پوري ڪري تلڪ وغيره هڻي بيٺو، رامجي جي ماتا ٿال سينگاري اڳيان جهليو ته اي سخي هن ۾ ڏان جو سيس رک.)

رامجي سيس سماپيو، ڀاڙي ڪوڪت ڀاڻ،
ڪيرت را ڪمٺاڻ، راکيا امر جگ رامجي.

(سخي رامجي ڏان ۾ سرڪپي چارڻ جي حوالي ڪيو، ڪانئر ماڻهن ۾ ڪوڪارو پئجي ويو ته سر ڪيئن وڍي ڏنو !؟، رامجي پنهنجي اهڙي سخاوت سان ناموس ڀريو نالو جڳ ۾ امر ڪيو)

وانڪا ڪاڍڻ وانڪ، ڪي ڪي نر ڇايا ڪري.
آوڙا ميٽي آنڪ، رانڪا پاڙگ رامجي.

(شهرت جي اُڀ تي چمڪڻ جي لاءِ هر ماڻهو تمنا ڪندو آهي، پر جستجو ڪو ڪو ماڻهو ڪندو آهي، اي رامجي! تون روايتن مان نڪري پنهنجي منفرد سخاوت سان زندهه رهندين.) [29]

 

ڪوي روپ ڏان:

 موسم جي ادائن تي شعر چوندڙ ڪوي روپ ڏان تعلقي ڇاڇري جي هڪ ڳوٺ ڏاهڪڻ جو رهواسي ۽ مشهور ڪوي رڻڇوڙ ڏان جو پوٽو اهي. راڻيڏان جي پٽ روپ ڏان جو من ڀاوڪ شعر چوڻ جو انداز ساري کاهوڙ جا سگهڙ سياڻا اڄ به يادگيرين جا ريشمي تاڪيا کولي اکيون اشڪبار ڪندا آهن.

آيو چو ماسو چت رنگ هُو ئا،

انجس رنگ رنگ رڙليامڻو

ڌن ڌن ٿيو ڏن

ون ساوا پن

ليلا لاگي لهر

شهر ڏيڊي ساپڙيان

ڇم ڇم وسي ڇنٽڙيان

چم چم ويجا چمڪت

ڪرت کنوڙ کيل

مور پپهيا ٻولي پيارا

ساٿ ڍڙڪنت ڊيل

گهم گهم گاج گهر اندر

آوي ڌر امبر ساڏو سر

هم هم ڪرتو مڪر

ڏم ڏم ڪرتو ڏاڪ وڄت،

تجت ڪيهر ميهر

جهڙ منڏڙ  اکنڊ نو اکنڊ

اندر چڙهي واڄ

حڪم هاٿ ۾ لي مينهان ور ساڙو

(چاماسي جي اچڻ سان من مهڪي پيو آهي، هر طرف وسڪاري جا رنگ روپ پڌرا ٿي پيا آهن، هر ڏينهن سڀاويڪ اڀري ٿو، سارو جهنگ سائو ٿي پيو آهي، هر ڏس ساوڪ جي لهر آهي. شهر جي رونق وڌي پئي آهي، ڇم ڇم ڪري مينهن جون ڦڙيون وسن ٿيون، چمڪندڙ وڄ جي وراڪن م نوان کيل آهن، مور پپهيا پيارا ٻولن ٿا، ڊيلون به ڊوڙي رمت ۾ گڏ ٿين ٿيون، اندر ديوتا جي گهر مان گاج گجگوڙ ڪري ڌرتي تي پڙاڏو پيدا ڪري رهيو آهي، گجگوڙ جو آواز ائين ٿي رهيو آهي، جيئن ڏاڪ وڄندي آهي، ڪيهر شينهن  جي گجگوڙ جي آواز تي ڌرتي گونجي اٿي آهي، وڏ ڦڙي جي وسڪار ۾ ڌرتي جي نو کنڊن تي برسات جو ديوتا اندر مينهن وسڪاري جو حڪم هٿ ۾ کڻي نڪتو آهي.)

 

ڪوي جوو ۽ جالم ڏان:

ڪوي جوو پارڪر جي پٽ جو رهواسي ۽ نيهڙ جي ڪوي جالم ڏان جو ڀاڻيجو هو. هڪ ڀيري ڏڪار ورهيه ۾ ڪوي جوو چوپايو مال لوڌي پنهنجي ناناڻن جي ڳوٺ ويو. ٻي سال جڏهن چوماسي جا ڏينهن آيا تڏهن جوو سنڀرڻ لڳو ته ان وقت مامي جالم ۽ جوو جي وچ ۾ شعرن ۾ ڳالهه ٻولهه تي جيڪا هن ريت آهي؛

ڪوي جالم:

واجڻ لاگا واهيرا، کيتي نه رکيا هڙ
جووا تون ڪٺي جيواڙاس، ٻه ڏوگا هيڪ ڌوڙ

(تيز هوائون لڳڻ شروع ٿيون آهن، ٻنين ۾ هر نه رکيا آهن، اي جووا! اهڙي موسم ۾ تون ٻه ڍڳا ۽ هڪ ڍڳي ڪٿي چاريندين!؟

ڪوي جوو:

ٿڙ ڌورا، سرنگي ڌرا، ماٿي جو وٺا ميهه،
مين جائون مانري والمي ٿان ڪرو ٿيهه.

(ٿر جي دڙي واري خوبصورت ڌرتي ۽ ان جي مٿان پلر جي پالوٽ ٿي آهي، آءُ پنهنجي اهڙي محبوب وطن ڏي ويندس تون پنهنجو الڪو ڪر.)

ڪيو جالم:

گامون گام سداورتا، مندر گامان مانهه،
نيهڙ ماٿي وٺو نهين، ٿڙ مان ڪيسو ٿانهه

(هتي ڳوٺ ڳوٺ ۾ مندر ۽ سوامي ڀڳت آهن، نيهڙ تي اڃان وٺو ناهي، ٿر ۾ ڪيئن وٺو هوندو!؟)

اٺ قطاري آدمي، ڏياڙي رو نه جائي ڏک،
جوا مين ميهڙو پاڙي، جڏ ٿڙ ۾ ڏٺي بک.

(ٿر جا ماڻهو اناج جي لاءِ اٺ قطاريندا آهن ڏياري جي ڏن تي به انهن جو ڏک نه ٿو وڃي. اي جوا! جڏهن آءُ ميهڙو چارڻن ۾  (راٺي جي ڳوٺ) پرڻجڻ آيس تڏهن به مون ٿر ۾ بک ڏٺي هئي!)

ڪوي جوو:

گهڻ ڌيڻا، گهڻ ڌاوا، گهڻو اهه ٿڙ سک
ماڻسان ٿي منيا متي، جالمو ماري تو جک

(گهڻو ڌيڻو آهي، (ماڻهو) گهڻا ڀاڳيا آهن، ٿر گهڻو سک آهي. اي ماڻهوئان!اوهان نه مڃجو، جالمو جک ماري (بڪواس ڪري) رهيو آهي.)

ڪوي جالم:

مات وکاڻي ڏيڪرو، پُرک وکاڻي نار،
جوو وکاڻي ٿڙ نا، منان پوچا لگين پار.

(ماءُ پنهنجو پٽ واکاڻي، مڙس زال واکاڻي، (ائين) جوو ٿر کي واکاڻي ٿو، مون کي پوچا پار لڳن ٿا.)

 

ڪوي  ڏيارام چارڻ:

 ڪوي ڏيارام چارڻ نصيت ۽ سبق آميز شاعريءَ جي حوالي سان مشهور آهي. ٿر جا سگهڙ، سياڻا ڪچهرين ۾ ڏيارام جا دوها ٻڌائيندا آهن. ڪيترائي دوها لوڪ چوڻين جو حصو ٿي چڪا آهن.

 آڦي ڪوڻ آوي، پاڙو بهي پنٿيو،
لاٺان پهل لاوي ڏاڻو پاڻي ڏيارما.

(پاڻهي پنڌ ڪري ڪير پانڌيئڙو ٿي اچي ٿو، لٺ جو زور ڀرڻ کان اڳ ۾ داڻو پاڻي ڏيارام ڇڪيو اچي ٿو.)

کيتي، پاتي، وينتي، چوٿا هري ڪا نام،
آپو آپ ڪريجيئي ڏوجهو نهين ڏيارما.

(اي ڏياراما! (چار ڪم) کيتي، استري جي چاڪري، وينتي ۽ هري جو نالو وٺڻ هي ڪم ماڻهو کي پنهنجو پاڻ ڪرڻ گهرجن ،ٻي جي ڪرڻ جو فائدو نه آهي.)

گهر ۾ جاجهو هيم، بنا ٻيٽي لاگي برو،
پتران جيسو پريم، ڏوجهو نهين ڏيارما.

(گهر ۾ گهڻو سون (هجي) پر پٽ (اولاد) کان سواءِ برو لڳندو آهي اي ڏيارام! پٽن جهڙ و پريم ٻيو ڪو به نه آهي)

ڪوڏي را سهي ڪام پئسي چاڪر پرٿوي
روپيا تين ۾ رام ، هون ڏيو ڪري پوجان ڏيارما،

(ڪوڏي ( سڪي) جا سارا ڪم آهن، هن ڌرتي تي پئسي جو ڦيٿو ڦري ٿو. روپيا تو ۾ رام طاقت رکي آهي، ڪوي ڏيارمون چوي ٿو ته آئون ( دنياوي دستور  ۾ ) ديو ڪري پوجان ٿو.)

 

ڪيو انچل ڏان:

 تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڪيسراڙ جو رهواسي ڪوي انچل ڏان پنهنجي دور جو نامور ڪوي هو، پر هن جي گهڻي شاعري محفوط نه رهي سگهي آهي. ڪوي انچل ڏان نظر سان ٿورو جهڪو هو. کانهاڻي جي مهوڙ چارڻن مان ٻه ڀيرا پرڻيو هو. ڍاٽ جا سگهڙ چون ٿا ته انچل ڏان رهاڻ رس جو ڪو ڏيو هو. انچل ڏان وٽ سدائين ميڙو متل رهندو هو. ڏات هن تي گهنگهور گهٽا جيئن برسندي هئي.

کانهاڻو ندي کير ڪي، ساهر هنڌ سير،
ڪروڙ ڌج ڪوي وسي، وهي آٺو هير.

(کانهاڻو کير جي ندي ۽ جادو ڪندڙ حسن جو ماڳ آهي، ڪروڙين ڳڻن وارا ڪوي وسن ٿا، جتي اٺ ئي پهر (ڏينهن رات) هير ڳهلي ٿي.)

ڏيٿا مهوڙ مڙتي هينئي ٻهوڙو هيت،
جس کٽڻ جيوڻهارا، کانهاڻو رهاڻان کيت.

(ڏيٿن ۽ مهوڙن (چارڻن جي نکن) سان ملندي هانءُ ۾ وڏو هيت ( پريم پيدا ٿئي ٿو. جيوڻهارا ( جيوڻاڻي ڏيٿا) سپوٽ جس کٽڻ وارا آهن. کانهاڻو رهاڻ جي ٻني آهي.)

مين چاهت هون ملڻ ڪو، ڪر ڪر ٻمڻ هيت
اشو چرڻ، مين گهر سو ملنت ڪو نهين ڏينت

(اي ساجن !تو سان ملڻ جي لاءِ آئون ٻيڻو هيت ڪري ويٺو آهيان پر ڇا ڪريان؟ ( مقدر جو ) داڻو پاڻي ملڻ نه ٿا ڏين.)

بيجڙيا هڙ وڙا هوي، وُسودا ڪيو وڻراهه
ڌر منڏڙ ڌر آيو، گهر منڏر گهر آوهه

(وڄ وراڪا ٻڌا آهن، وڻڪار نئون ويس پهريو آهي، ڌرتيءَ جو سينگاريندڙ ڌرتي تي آيو آهي، اي منهنجي گهر جا سينگار گهر اچ.)

هاءِ ڏيهي ڪيسي ڀئي ، اڻ چاهت ڪي سنگ،
ديپڪ ڪي من ۾ نهين جلي مريو  پتنگ

(هاءِ منهنجي هي ڏيهي ڳري ڪهڙي ٿي آهي، هڪ طرفي عشق جي واٽ تي هلندي چاهت نه ڪندڙ جي ساٿ جي لاءِ سُڪي آهي، جيئن ديپڪ جي من ۾ (محبت جو جذبو ) نه آهي پر پتنگ ويچارو هُن جي لاءِ سڙي مري ٿو.)

ڌرتي تون سڀاگڻي ٿانرو اندر جيسو ڀرتار،
پيهروا ليلو ڪانچورو، گلي ڦولن ڪيسا هار

 (اي ڌرتي تون ڀاڳ واري آهين، تون ڀلن ڳڻن وار سندر آهين، اندر جهڙو ڀرتار آهي، تنهنجي پهرڻ جي لاءِ سائو ويس ۽ ڳلي ۾ ڦلن جا هار آهن.)

 

ڪوي کيتي ڏان:

ڪوي کيتي ڏان جو نالو پوري ٿر ۾ مشهور آهي. کيتي ڏان پارڪر جي ڳوٺ ڏيڌرائي جو رهواسي هو، کيتي ڏان شڪل صورت ۾ ٿورو اڀرو هو. هڪ دفعي ڳوٺ ۾ شادي جي شڀ موقعي تي رهاڻ ۾ کيتي ڏان تي ٺٺول ڪندي ڪنهن هلڪي طبيعت جي ماڻهو چيو ته هي به سڀاڻي پنهنجي علائقي جو مها ڪوي ٿيندو. کيتي ڏان کي انهن لفظن وڍي ڇڏيو، پر هن پاڻ سنڀالي ورندي ۾ ڪو لفظ نه چيو ماٺ ڪري اٿيو. اتان ئي پنگڙ ڪاليج ڏانهن سنڀريو. کيتي ڏان جي معاشي  حالت ڪمزور هئي . پر اٽل ارادو ڪري نڪتو هو ته مون کي ڪوتا جو فن سکڻو آهي. پوءِ هتان هُتان ڪري هن پڙهائي پوري ڪئي. قدرت واري هن جي من جي پڪار ٻڌي ڏات جو تحفو عطا ڪيو. سرسوتي جي مهر جا مينهن هن ڪارونجهر جي ڪوي تي اوڙڪون ڪري وسيا نئين ڏينهن نئون شعر چوڻ لڳو. ڀني جي ّخوشبوءِ جيان هن جي شاعري جي سڳنڌ صديون سرهيون ڪيون آهن.

امل، اري، اُڌارڻ، وهڻ تپن، بڪواد
نرپ تريا، سيج آسنگو، اي ٿوڙا ٿورا سواد.

(آفيم/نشو، دسمني، اوڌر، سفر، گرمي/ڪروڌ/ ڪاوڙ، ٻولي (ڳالهائڻ راجا ( سان تعلق)، ناري (جو ساٿ)، سيج جي رمت وغيره سڀ ٿورا ٿورا سواد وارا آهن.)

ڌيري ڌيري موري ٺاڪران، ڌري سڀ ڪا هوئي
ماڙي واڙي سينچري، رت آئي ڦڙ هوئي

(آهستي آهستي منهنجا ٺاڪرو، ڌيرج سان سڀ جو ڪارج پورو ٿيندو آهي، مالهي روز واڙي جي وڻن ۽ ٻوٽن کي پاڻي ڏيندو آهي پر  رت اچڻ تي ڦل ٿيندو آهي.)

ساجن ايسا مُ جاڻيئي ، ٿان بڇڙي موهي چين
جيسي جل بن ماڇلي، تڙپ رهي ڏن رين

(ساجن ائين نه ڄاڻجان ته تنهنجي وڇڙڻ سان مون کي چين آهي. آئون آئين تڙپي رهيو آهيان جيئن پاڻي کان سواءِ مڇي ڏينهن رات تڙپندي آهي.)

ڏاڙهه کٽوڪي ڪاڪرو،  جم رجي کٽوڪي نيڻ
گيو کٽوڪي والمو، موئي وسري نا ويڻ

(ڏاندن/ڏاڙهن ۾ جيئن ڪڪرو/ پٿر کٽڪندو آهي، ائين اکين  ۾  رائي/ واري جو ڪڻ به ڏکيو لڳندو آهي، وڇڙي ويل پيارو انسان سدائين ياد رهندو آهي. اهڙي طرح  ڪنهن جو ڏنل ويڻ/طعنو /اوڇوو لفظ  مرڻ کان پوءِ به نه وسرندو آهي.)

ساجن پر گهر جاوتان،ڏک نا وانٽيو ڪو،
ڀرم گماوين آپرو ساٿ نا ڏيسي ڪو

(منهنجا پيارا ٻين جي گهر  وڃي  پنهنجي ڏک جي وارتا نه کڻ، پنهنجو ڀرم وڃائيندين ڪير ساٿي نه ٿيندو .)

 

صدر الدين چارڻ:

ٽلٽيءَ جي ڀرسان  رهندڙ وتڻائي چارڻن سان تعلق رکندڙ صدر الدين پنهنجي دور جو بهترين ڪوي ۽ سگهڙ سياڻو ٿي گذريو آهي. سنڌ جا ٽالپر حڪمران هن جي قابليت ۽ ذهانت جي ڪري کيس وظيفو ڏيندا هئا، هن جو حيدرآباد اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. عمر جي آخري ڏينهن ۾ ميرن سان محفل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد آيل هو، اُتي بيمار ٿي پيو، بيماريءَ سبب وفات ڪري ويو، کيس  حيدرآباد ۾ دفنايو ويو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي هڪ مضمون ۾ صدردين جو  سُٺن لفطن ۾ ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پنهنجي مشهور ڪتاب “وينجهار” ۾ صدر الدين جي شاعري ڏني آهي.[30] صدر الدين ڏهس[31]  جو سٺو شاعر هو.

پٻ پاريهر پدمڻيون، دل دامڻيون ڌوراس،
اڳ اليهر اوپسر مُک، مَر مَر موچاراس،
ترنيءَ جا تجلو ڪري، پيا ته پريان جي پاس،
اُهي سڀئي سينگارياس، هو ٿيا سوايا صدر الدين چوي.

(اهي پدمڻيون، جن جا پير پاريهر جهڙا سهڻا، جن جي نظر وڄ جيان گهائيندڙ، جن جا وار اليهر (نانگ) جيان ڊگها ۽ ڪارا ۽ منهن سنگ مرمر کان به وڌيڪ لسا، سي به محبوب جي حسن کي ڏسي، هڪدم (کنوڻ جيان) اچي پيش پيون صدر دين چوي هو ته انهن سمورن سينگارن کان سپرين سوايو آهي).

سليمان چارڻ:

 سليمان چارڻ دادو ضلعي جي ڳوٺ فتح پور جو رهواسي هو. سليمان چارڻ پنهنجي دو ر جو نامور ڪوي هو، هن جي شاعري سگهڙن، سياڻن جي ڪچهرين جو وڏو وکر رهي آهي. جلال دين کٽي، صدر الدين چارڻ ۽ سليمان چارڻ هڪ ٻي ڏي شعرن جون سوکڙيون موڪليندا هئا ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پنهنجي ڪتاب”سنڌ جو سينگار”، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب” سنڌي ۽ هندي شاعري جو لاڳاپو “ ۾ سيلمان چارڻ جو احوال ڏنو آهي.

سليمان چارڻ جي شاعريءَ ۾ تشبيهون سهڻيون ڏنل آهن.

جبهين گام گلال، ساجن کڻي سبيل مان
هنج هاٿي حيران ٿيا، دم تهين در حال
 ائنگي کان عجيب جو آ قابو ڪر ڪمال
لئون لئون سينڌ صفا گهڻو، لب لاکيءَ کان لال
اهو عينن کي ڏسي، پيا ڪُرمش منجهه ڪنگال
 روَ ڪينچن، ماه، ڪنگور ون، ناهي جوڙ جمال
اَهه ڪارو، اودي تُڳي ته ڪي موءِ مثال
قد قامت ڪهڙا پرين؟ صنوبر کان سوال
تن جي نام نهال، ڪيو هيءُ سر سليمان چئي
  --

تليهر ترنگ، اُڀي جهاري جهاڙ ڀر
ان جو ورن وساڙان وترو، الڊهه جهڙس انگ
ڪنگو ڪونئر ڪرايون ڀرون ڀونر ڀونگ
ڪيسر لڪي ڪامڻي، ڪي انيچا نين ڪُرنگ
تنهنجو جلوو جوڀن روپ ڄڻ ماهه کڙيو سر گنگ
سرتيون سليمان چئي جنهن سنواريا سارنگ
وڄون منجهه مهنگ، ڪنبي پيٺيون ڪڪريون
  --

هو جو پيتم سر پگهار تنهن ياقوتن کي ياف ڪيو،
نڪري رخسارن تي احمر ٿيا اظهار
آءُ جوڀن جا جوهري، تون نرتون ڪر نهار
طرح تماشو تان ڏس، ويهي تون وينجهار
هڪ اڳ ساجن سان سينگار، ٻي وڏي جوت  جڙاو کي

 

ڪوي ڪيلاش ڏان لاس:

ڪوي ڪيلاش ڏان وٽ ڪوتا جي روپ ۾ محبت جي ڪيتڪي گل جون ڪليون ۽ مگرن جون مکڙيون آهن. هن التجا ڀريل اکرن ۾ ڪڪوريل ڪڪرن جهڙي پريت کي ملاقات جي منٿ ڪئي آهي.

برس بيت گيا بات هوئي ني،
ٿان سُون ملاڪات هوئي ني.

(ورهيه گذري ويا آهن، بات نه ٿي آهي،

تو سان ملاقات نه ٿي آهي.)

ٿانرو او برسان رو وادو،
پورو هو پڻ ري گيو آڌو
هوتان ميڙ رو پورو ارادو
ڪئي بيت گيا ساوڻ ڀادو
ٿان سون ملاڪات هوئي ني

 (تنهنجو سالن جو واعدو هو

اهو اڌورو رهجي ويو،

ملڻ جو پورو  ارادو هو،

ڪيترائي سانوڻ بڊو گذري ويا

تو سان ملاقات نه ٿي آهي.)

لر لر روک بلاوي ٿان ني
ڦرتو چاند چتاوي ٿان ني
سپنا مان لڀاوي ٿان ني
اونچ نيچ ري اندياري ري
پڻ اڇي پرڀات هوئي ني

(وڻ ٽڻ هوا ۾ جهومندي تو کي سڏي رهيا آهن،

اڀ ۾ ڦرندڙ چنڊ توکي چتاري رهيو آهي

خوابن ۾ ڪوئي تو کي ڳولي رهيو  آهي،

اونچ نيچ جي انڌياري ۾

چٽي پرڀات نه ٿي آهي،

تو سان ملاقات نه ٿي آهي)

ليرا  ليوي سمندر هلوري
نديان نالا هيت گلوري
نڀ ڌن ۾ وائرو گهوري
مڙڻ ري ميٺي بات هوئي ني
ٿان سون ملاڪات هوئي ني

 (سمنڊ ۾ موجون لهرون هڻي رهيون آهن،

ندين نالن ۾ پيار پلٽي رهيو آهي،

گگن ۾ مست هوا گهلي رهي آهي،

پر ملڻ جي سهڻي بات ٿي نه آهي.

تو سان ملاقات ٿي نه آهي.

تو سان ملاقات ٿي نه آهي.)

پوٿيان لک اتهاس بنايا
ڪانون ڪائدا راج چلايا
ڪاري چڪر ري ڪيران لايا
اڍائي اکر  گٽڻ ري
گڙي ري اوڪات هوئي ني
ٿان سون ملاڪات هوئي ني

 (ڪتاب لکي اتهاس بنايو

دستور ٺاهي راڄ هلايو،

تاريڪي جو تحفو آندو

پر ڪجه لفظ

ڳلي مان اتارڻ جي اوڪات ٿي نه آهي،

تو سان ملاقات ٿي نه آهن.)

 

ڪوي اجت ڏان چارڻ:

ڪوي اجت ڏان چارڻ، تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ مٺڙيو چارڻ جو رهواسي ۽ ڪوي ڪوج ڏان جو  پٽ هو. تعلقي مٺيءَ جي ڳوٺ پاٻوهر مان پرڻيو هو، جڏهن تعلقي ڇاڇري ۾ چارڻن جا ڳوٺ خالي ٿي ويا ته اتان اچي پاٻوهر ۾ رهڻ لڳو. اجت ڏان راڳ جو وڏو ڄاڻو ۽ مٺڙي آواز جو مالڪ هو. ڳوٺ پاٻوهر ۾ راجپوتي رنگ ۾ رهاڻ رس متل رهندي هئي، شام جو ڳوٺ جي ريل ۾ ميڙو مچندو هو، اجت ڏان مهاسينگهه ، لڇو ڏان، هيمڏان ۽ ٻيا چارڻي ادب جا موتي وسائڻ شروع ڪندا هئا. هر ٻڌندڙ املهه هيرا ميڙي گهر ورندو هو. ڪوي اجت ڏان وٽ وڏي لوڪ ڏاهپ هوندي هئي، راڳ جو  ڄاڻو هو. سندس اَلاپ تمام مٺو هو.

کاهوڙ هيرا کاڻ، نت گرڙڻي امل گڙيئي
رنگ هو سُگلي رهاڻ، رنگ جانو هاشماڻي

(کاهوڙ هيرن جي کاڻ آهي، جتي روز رهاڻ رس رچي ٿي، جس اهڙي رهاڻ ۽ ان جي مک جانو هاشماڻي کي آهي.)

مالڪ ست مڻاڌاري، پهچ موٽو پروين،
چاندان گهر چندر اوگو، هاڪارو حسين.

(مالڪ جو اولاد مڻاڌاري ۽ وڏي پهچ وارو سپوٽ آهي، چاندن(نهڙي قبيلي جي هڪ نک ) جي گهر چنڊ اڀريو، هاڪارو حسين ٿيو)

سجڻاڻي شينهن نيپنا، کڏي  ۾ اه خان،
مٺڙيئي مڻاڌاري وسي، جو آيا ڏي آڌرمان

(سڄڻ جي ڳوٺ ۾ شينهن نپيا، تن مان هڪ کڏي ۾ خان آيو،  مٺڙيئي ۾ مڻاڌاري وسي ٿو، جو ايندڙ کي آڌر مان ڏي ٿو)

 

پروفيسر  شڪتيڏان ڪويا چارڻ:

پروفيسر شڪتيڏان ڪويا چارڻي ادب جو تمام وڏو نالو آهي، خاص طور تي چارڻي ادب تي تحقيق جي حوالي سان شڪتيڏان جون خدمتون وساري نٿيون سگهجن. ڪوي چمن چارڻ جي ڪوتا کي ميڙي واڌارن ۽ سڌارن سان سوڍن جي صاحبي تي مشهور ڪتاب “سوڍائڻ” جو علمي ۽ ادبي پورهيو پروفيسر شڪتيڏان ڪيو آهي. پروفيسر شڪتيڏان تاريخ جو ڄاڻو، سگهارو محقق، نرالو نقاد ۽ شاعر آهي. ديوناگري لپيءَ ۾ ڇپيل ڪويا جي پرڪاش گرنٿ  ۾ “ڌرا سرنگي ڍاٽ”، “لاکيڻي” “رنگ ڀني”، “سنسڪرت ري سورم”. “ ڏنگل ڪي اتهاس” ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.

17 جولائي 1940ع تي ڳوٺ ٻرائي ۾ جنم وٺندڙ پروفيسر شڪتيڏان جو ٿر ۽ عمر ڪوٽ سان خاص انس رهيو آهي، هن شادي به کاروڙي چارڻ جي ڏيٿن چارڻن مان ڪئي آهي. “ڌرا سرنگي ڍاٽ”  ٿر ۽ عمر ڪوٽ جي پسمنظر ۾ لکيل هن جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.

گور سريکي گوريان، مرد جٺي منموٽ،
پرهه نوڪوٽان ۾ پرٿم، ڪيهجي امرڪوٽ،

(جتي جون ناريون سونهن ۾ شو جي استري گور جهريون خوبصورت آهن، جتي جا مرد وڏا سخي ۽ چتر آهن. اهو نو ڪوٽن ۾ مکيه ( پهريون نمبر) امرڪوٽ ( عمر ڪوٽ) سڏجي ٿو.)

پروفيسر شڪتيڏان ڍاٽ جي درويش سوڍي بزرگ پير پٿوري کي ڪوتا جي ڀيٽا ڏني آهي، جنهن مان پٿوري جي ماءُ پيءُ ۽ جنم جي سال جو پتو پوي ٿو.

آيو سونل ري اُدر، سوڍان ونس سڌير،
مانڊڻ سُت ڌر  ڍاٽ، پرگهٽ پٿورو پير.

(ڍاٽ جي ڌرتيءَ تي سوڍاڻ ونس جي سلڇڻي خاندان ۾ سونل جي ڪُک مان مانڌڻ سوڍي جو پٽ پير پٿورو پرگهٽ ٿيو.)

پندري سو ڇپن پڻا، سُڌ مگسر  ساتم،
هويو سوم ني ڀاڻ هر، جاڻ پٿوري جنم،

(پندرنهن سو ڇاونجاهه تي مگسر نکتر جي ستم تٿ تي سومر جي ڏينهن ڀاڻ جي گهر پٿوري جو جنم ٿيو)

ڪويا جي ڪوتا ۾ لوڪ ڪردار پاٻو راٺوڙ کي به رنگ ( جس) ڏنل آهي:

امر ڪوٽ پرڻيا اڀئه مهه ٻانڌي موڙ،
ڪنور رامسا پير تيون، رنگ پاٻو راٺوڙ.

(اي پاٻو راٺوڙ! تو کي جس آهي، تون ڪنور راما پير جيان لاڏ ڪوڏ ڪري موڙ ٻڌي امر ڪوٽ (جي سوڍن جي گهر)  پرڻجڻ آئين.)

 

ڪوي هيمڏان چارڻ:

ڪوي هيمڏان چارڻن جي شاعريءَ جي اتهاس سان گڏ ماڻهپي، مرياده ۽ حب الوطني جو منفرد مثال آهي. هن جي دل ٿر  جي واريءَ جي دڙن سان گڏ ڌڙ ڪندي آهي. سندس خوابن ۽ خيالن ۾ وطن جو پورو ويڙهو مرڪندو آهي. سندس ڪچهرين مان معلوم ٿيندو آهي ته چارڻي شاعري ردم سان گڏ رمز پڻ آهي. هن جي ڳالهين جي ڳهر ۽ نينهن جي نيراڻ ۾ ٻڌندڙ زمان ۽ مڪان کان آجو ٿي احساسن ، جذبن، تصورن ۽ تخيلن جي ساگر ۾ ترندو آهي. هن ڪڏهن پنهنجن ٻڌندڙ جي نيڻن جا ٻيٽ لڙڪن سان ٻوڙيا نه آهن. هن سدائين حوصلي سان حالتن جا هماليه اڪرڻ لاءِ اتساهيو آهي. هيمڏان جو اصل ڳوٺ مٺڙيو چارڻ، تعلقو ڇاڇرو آهي، پر وڏي وقت کان ناناڻن سان گڏ تعلقي مٺيءَ جي ڳوٺ پاٻوهر ۾ رهي ٿو. 1955 ع تي جنم وٺندڙ هيمڏان پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مٺڙيو مان حاصل ٻه سال انگريزي جا ڇاڇرو هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو پوءِ گهرو مجبورين سبب پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڏني، هن کي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏڻ جو ارمان آهي.

هيما هينئون م هار، تين ڀيڙا شينهن سردار،
ڪيهر ناناڻا ڪارواڻي، مهاسينگهه مڻيادار.

(هيما هانءُ نه هار، تو سان شينهن سردار گڏ آهن، تنهنجا نانا ڻا ڪارواڻي ڪيهر ( شينهن ) آهن، ۽ مهاسنگهه تن ۾ مڻيادار آهي.)

سر گهڙو هاٿ ڊينگهڙي، هيءِ هيءِ ڪرتو آءِ،
او ڌر نا ڇڏين آپري، نا تو ڪُڙ ڪپوتران  ڪهاءِ.

(جبل  تي رهندڙ مٿي تي گهڙو پاڻيءَ سان ڀريل هٿ ۾ ڊينگهر سان جانورن کي هڪليندو اچي ٿو، اهو به پنهنجي ڌرتي نه ٿو ڇڏي، ڇاڪاڻ ته ڌرتي ڇڏيندڙ کي ڪپوٽ خاندان سڏيو وڃي ٿو.)

تاج ستن تيج گهڻو، جو سدا تمهارو شان،
الگ اوطاق امير وسي، موٽو ڏيسي مان.

(تاج محمد جا پٽ تون گهڻي تيج وارو آهين، سدائين تنهنجو شان مٿانهون رهيو آهي، تنهنجي (ونگي ۾) الڳ اوطاق وسي ٿي، تون آئي ماڻهو کي گهڻو مان ڏئين ٿو.)

هال هينئان هڙ سمها هال اوطاق ارباب تڻي،
ڪيڪاڻ ڏي ڪوڏ مان ونڪو ونگي ڌڻي

(اي منهنجا هانءُٰ وڏي شوق مان ارباب جي اوطاق ڏانهن هل، جتي ونگي جو ڌڻي ڪوڏ مان ڪيڪاڻ (گهوڙا) گهرندڙ کي ڏي ٿو.)

ٿڙ منڏڙ ٿانرو، سنڌ ۾ ٻهت شان،
رعيت تڻو راج ڌڻي، مانيو عربستان

(ٿر تنهنجو اباڻو ماڳ آهي، سنڌ ۾ گهڻو تنهنجو شان آهي، رعيت جا راڄ ڌڻي تو کي عربستان به مان ڏي ٿو.)

اڙسٽ رنگ امير حسن را، ميرل ڪُڙ موڙ،
سدا سوڀاڙو ونگو وسي، جو اريان سالي اروڙ،

(68 رنگ (جس) امير حسن کي جيڪو مير محمد جي خاندان جو شهزادو آهي، ونگو سدائين سوڀارو وسي ٿو. دشمن جي لاءِ اروڙ جي بند وانگر آهي)

ڪَوَ هيمو ڪيرت ڪري، هينئن جاجهي هام
سدا سخي امير حسن گڍ ونگي رو ڄام.

(ڪوي هيمون ڪيرت ڪري ٿو، هانءُ ۾ گهڻي هام آهي،  ارباب امير حسن سدا سخي ونگي گڍ جو ڄام آهي.)

محمد حسن موج مان، بڙو آپ مختيار،
آيو تو آسري آپ ري، آپ ڪيجو اُپڪار.

(محمد حسن موج سان ملڻ وارو وڏو مختيار آهي، آءُ توهان جي آسري آيو آهيان، اوهان مون تي مهر ڪجو،)

کيت ڏيسي کرا، ڏيسي ٻوهت اپار،
چارڻ چوڻ چگت هي، سدا وسي سردار

(سٺيون ٻنيون ڏيندو پر ڏيندو به گهڻيون، اي چارڻ تون( پکي وانگي) چوڻ چڳن وارو آهين. (تون الڪو نه ڪر) سردار سدائين تو تي مهربان آهي.)

گڊ ونگو واس ڪهيجي، ڀڪڙيو ڀوپت گام
سدا سخي حسن، جو نو ڪوٽي چاوو نام

(گڍ ونگو سرهاڻ سڏجي ٿو، ڀڪڙيو ڀوپت ڳوٺ آهي، (جنهن جو رهواسي) محمد حسن سدائين سخاوت ۾ نو ڪوٽن ۾ پنهنجو نالو گونجايو آهي.)

نهڙي سميجا، راهمان، چارڻ ڀائي چار،
سروري ڪي سريکي، مٺڙئي لالي مختيار

(مٺڙيو ۾ رهندڙ نهڙي، سميجا، راهمان ۽ چارڻ چئن ذاتين جا ڀائر آهن، سمورن جي ٻنين جي لالا محمد حسن بهتر نموني سان برابر سروي ڪئي. ڪنهن سان ريا نه ڪيو.)

مٺڙيئي ميگهواڙ، ڪاگيو موٽو ڌناڻي
تڙها کڻائي خاصا، ڍاٽ نا پايو پاڻي

(مٺڙيو جو ميگهواڙ ڪاڳيا نک جي موٽو ڌناڻي  آهي جنهن کوهه کوٽائي ڍاٽ کي پاڻي پياريو آهي.)

عاشق دادوي:

عبدالغفور ولد عبدالڪريم چارڻ تخلص عاشق دادوي، دادو شهر جو آهي. هن 2 مارچ 1958 ع تي جنم ورتو. عوامي شاعر هجڻ سان گڏ سماجي ادبي تنظيمن سان سرگرم رهيو آهي. هي قومي نظم چوندو آهي. سندس شاعريءَ تي استاد بخاريءَ جو اثر آهي

 

محمد اسماعيل چارڻ:

 محمد اسماعيل چارڻ 12 اپريل. 1950ع شاهاڻي محلي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو عباس چارڻ آهي. استاد جي پيشي سان لاڳاپيل محمد اسماعيل چارڻ ادبي تنظيمن سنڌ ادبي سنگت دادو ۽ انجمن آفتاب دادو ۾ پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن جي سگهاري ڪوتا جو عوامي لهجو آهي.

 

عبدالشڪور چارڻ:

عبدالشڪور چارڻ ولد عبدالڪريم 25 آگسٽ 1947 ۾، جنم ورتو، استادي جي پيشي سان وابسته رهيو آهي، شاعري ڪرڻ سان گڏ ڳائيندو آهي.

 

ڪوي ڀور ڏان چارڻ:

پارڪر ۾ هن وقت جي چارڻ ڪوين ۾ ڪوي ڀور ڏان چارڻ جي مک مان ڏات جي ديوي سرسوتي ٻولي ٿي مئيئن جي ڍائي جي رهواسي ڪوي ڀور ڏان پهريون شعر سروپ سنگهه جي سخاوت تي چيو. ڪوي ڀور ڏان  چارڻي ديوين جي مان ۾ به ڇند چيا آهن. 2001ع جي زلزلي تي چيل هن جو شعر ٻڌڻ وٽان آهي.

________

[1]  (چندر بردائي پرٿوي راج جو صلاحڪار هو، هن جي جنم هنڌ تي اختلاف ملن ٿا ڪن لاهور ۽ ڪن راجستان لکيو آهي، چندر جي پئدائش سال ۽ پرٿويراج جي سال ساڳي آهي پرٿويراج راسو راجستاني ادب جو شاهڪار آهي، ڪجهه تحيقين ۾ عربي ۽ فارسي جي لفظن جي موجودگي جي بنياد تي چندر بردائي جي تخليق کان انڪاري جا رايا اچي رهيا آهن اردو اديب حافظ محمود شيراني ۽ ڪجهه هندي جا اديب انهن راين جا حامي آهن. پر انهن کي رد ڪرڻ وارن وٽ به پنهنجا دليل آهن انهن مان هڪ اهو آهي ته سيد سليمان ندوي پنهنجي ڪتاب عرب وهند ڪي تعلقات ۾ لکيو آهي ته جوئي جو ڪوٽ جلڻ وقت شهديو پانڊو عربي ۾ ڳالهايو هو،“ انهيءَ کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. مهاڀارت جي زماني کان عربي ۽ فارسي جو ننڍي کنڊ ۾ واهپو رهيو آهي، پرٿويراج راسو ۾ ڪمال جي رومانس سمايل آهي؛

رين سين رتي مين سم، پرٿم سماگم وال نهادو دوا ريڪ هوا، پري پريتم رس جال

(ڪام ديو (عشق جي ديوتا) ٻن جسمن کي هڪ ڪري ڇڏيو ۽ هو محبت جي ڄار ۾ ڦاسي پيا)

[2]  ڪڇ جو رڻ ۽ محمد سومار  شيخ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2006ع،ص 249

 [3] روزاني ڊان 25 فيبروري 2007ع ،  سنڌي لوڪ ادب مضمون ۽ مقالا ص 75

 

[4]  سگهڙ سياڻڻ کان هي شعر ائين به مليو آهي:

   الا ائين هوءِ، سومرن وڃي صاحبي،

     همير کان پوءِ راڄ نه ماڻن سومرا

[5]  ڇهه ماهي تحقيقي جرنل ڪارونجهر جلد 8، شمارو 15 ڊسمبر 2016ع، ص97

[6]  سنڌ جي سوڍن راجپوتن جي اتهاس جي هڪ جهلڪ  ص17

[7]  سنڌي لوڪ ادب مضمون ۽ مقالا ص 75

[8]  ٿر جي ليکڪ عثمان اديب جو سڏونت سارنگا جي قصي تي ڪتاب ڇپيل آهي.

[9] پراڻو پارڪر، ليکڪ  منگهارام اوجها، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ، ص40

[10] آگ لگي بن ڪو جل رهي ساري پات،

ڀونڏا پکي تم ڪيون نا اڏي، پنک ٿانري ساٿ

[11]  مارواڙي ۽ هندي ادب جي وڏن دانشورن ۽ بولي جي ماهرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، هن پهريون ڀيرو پرٿويراج راسو جي صحيح آسان معنيٰ لکي. ڊاڪٽر جا 6 ڪتاب لکيل آهن.

[12]  ججها ڏج جهار، منهنجا مارو ڄام کي . (ڀٽائي)

[13]  (ڍولا مارو جي دستان تي 1539 تي جيسلمير جي جيني برهمڻ جي خاندان ۾ جنم وٺندڙ ڪشلاڀ جي شاعري پڻ لاجواب ملي ٿي، ڪشلاڀ جا ڍولا مارو سان گڏ ٻيا ڪتاب پارس ناٿ ڇند، اگروت را، ڀيم سين چوپائي پڻ شامل آهن. پر کيس شهرت ڍولا مارو تي ملي.

مارو سون من ري پريت،

ڍولو ڏيکي ڏيس ان ريت

[14]  راسو کي اسان وٽ سنڌي ۾ راسوڙا چيو وڃي ٿو، ٿر جا ڪولهي عام طور  ڳائيندا آهن، اياز چوي ٿو ته:  (بقايا نوٽ: 157 پيج تي پڙهندا)

ٿڌڙي جي رات، ٿر ۾ ڪيئي ڪولهڻيون،

تاڙيون وڳيون اوچتو، چيري چپ چپات،

آئي تنهنجي بات، راسوڙا رڪجي ويا.

لفظ راسو جي بڻ بنياد بابت ڪاشي جي ونڌيشوري پرشاد راج رس”لکيو آهي، راجستان ريسرچ انسٽيٽيوٽ بيڪانير سان لاڳاپيل نامياري محقق موهن لال پروهت راسو سنسڪرت جي لفط راسڪ مان نڪتل ڄاڻايو اهي راسڪ جي معنيٰ ناچ آهي).

[15]  ڀيرون ٻنڌ تعلقي اسلام ڪوٽ ۾ وٽ جي علائقي ۾ اڄ به هڪ ڳوٺ جو نالو آهي.

[16]  ٿري ٻولي ۾”ب” و” ۾ تبديل ٿيندي آهي.

[17]  هي دوهوائين به ملي ٿو ته

چارڻيا لک چار، مين ٻانڌو، ڪر ٻولايا،

گرو وينجي بن وار، اوران گر اوپي نهين
ڇارڻ رڻ چار، مين ٻانڏو ڪر ٻولايا،
وينجھا ٿانري ور ماڙ، اوران گر اوپي نهين

[18]  گجراتي ٻولي ۾ ڀڳتي تحريڪ جو ناميارو شاعر

[19]  سيرو ڀلو سکرو، کنڊ رو کاوڻ ۾ لگي آڪرو

[20]  شيخ اياز پنهنجي هڪ شعر ۾ ٿر جي فطري حسناڪي سرڳ سمان بيان ڪندي ائين چيو آهي ته :

ساٿي مون دنيا گهمي چونڊيو آهي ٿر،

ڄڻ ڪنهن سرڳ سمان آ واريءَ تي هي گهر،

سانجهيءَ وير امر، هي رتيءَ ريت تي

[21]  اڻند:اڻند سوڍو ڪيرٽيءَ جو سخي ڪردار هو.

[22]  هي دوهو مختلف پڙهڻي سان ائين به ملي ٿو ته:

1.سورٺ سٿر تالو پيو، ورتڻ آيا وير،

سنڌ ۾ روڪي سومري، هلڻ ڏي نه همير.

2.نا مامو، ناماماسار، ناهي مائوڙي جايو وير،

سنڌ ۾ روڪي سومري هالوا ڏي نه همير

[23]  هي دوهو ائين به ملي ٿو ته:

  ٻانڌو هتو هيڪ، ڏينو تمهاري ايوجي،

  ڪر ڪاپڻ ري ڪور، جاهل ني جوني نا ڌڻي.

[24]  اهو دوهو ائين به ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ ملي ٿو ته:

روهڙ رو رڙهي نهين، بيڏمي رووس،

ٻگهنو سڪو ٻاپڙا جاسوڪهي ڏس

[25] ڌني ڌوڙم اڏاڙ، اونو جاسي اميداڻيئي.

[26]  حمل: طاقت، بار کڻڻ وغيره

[27] ڪوي هيمڏي مطابق هي ڇند ڪوي کيتي ڏان جو آهي،

[28]    ذات ورڻ موٽي نکتر، پتا ڀاوَ پرمار

چارڻ آيو چيتوي، منان ڏنو سيس ڏاتار.

[29]    ڪي ڪي نر گايڙ ڪري، توگو سمپي تاگ

سرساتي سوڀاگ، راکيا امر جگ رامجي.

تيجل سون تڪرار آريان ٿي اڙگا بسو،

پاٿوان پاڌڙ، پاڙ ست ڏاتا رامجي ستن

وينجهار ص.171[30]

[31] ڏهس: لوڪ ادب جي صنف جنهن ۾ ڏهه تشبيهون، ڏهه استعارا، ڏهه ڪنايا وغيره ڏهه دفعا ڪم هايل هجن.



باب پنجون


چارڻ ڪوين جي شاعريءَ جا لوڪ ڪردار

ٿر جي هر لوڪ ڪردار ازل جي تازگي اندر  ۾ سمائي  حرس ۽ هوس کان مٿڀرو ٿي ماڻهپي کي برقرار رکيو آهي، اڻ ٿڪ ڪاتار جيان ويساهه اڻيو آهي، لوڪ ڪردارن جي رنگ روپ تي چارڻ ڪوين انوکي شاعري سرجي عام جي روح ۾ رچائي ريٽي ڪئي آهي. شاعري جي اهڙي ون واس تي ڪائنات جا نيڻ ننڍاکڙا ٿيا آهن. بي رنگ جيون جو روح رنگين ٿيو آهي. صحرا جي سڏ پڙاڏي ويڙهيل ۾ لوڪ شاعري تاريخ ۾ آئيني وانگر چٽي رهي آهي. تعصب ۽ تفريق بازي کان آجن لوڪ ڪردارن ذريعي  لوڪ ڪهاڻي، تمثيل، محاورن، استعارن ۽ تشبيهن ۾ بي پناهه تخليقي قوت سان صدين جا عڪس اُڀاريا آهن.

 

رڻمل جا دوها:

ٿر جي چارڻ ڪوين ۽ ڍاٽ سرنگي گورين جي مڌر اَلاپن سان جيڪي ڪردار امرتا پائي نسل در نسل دلين ۾ راحت جو جام بڻجي اُتريا آهن. انهن سون سريکن انسانن ۾ رڻمل راٺوڙ جو نالو نمايان آهي، رڻمل راٺوڙ تي جڙيل لوڪ ڪوتا رتن جڙوا رکڙي ٻڌل راڻين کي پيشانيءَ جي ٽيلڙي جيان پياري لڳندي آهي گهاگهرا ۽ پولڪا پاتل پدمڻيون هي ڪوتا حسرت ڀريل آسن سان ڳائينديون آهن. لوڪ ڪوتا رڻمل جي ڪردار  کي صدين سان ملائي رکيو آهي، پر تاريخ جي صفحن ۾ وڏا الجهيل رايا آهن، جن مان اهو پتو لڳائڻ مشڪل ٿي پوي ٿو ته روح جي ريلي جهڙو لوڪ ڪوتا جو ڪردار رڻمل ڪهڙو آهي؟ ڪهڙي دور ۾ هو؟ هڪڙو رڻمل هو يا هڪ کان وڌيڪ رڻمل ٿيا آهن؟

صحرا ٿر تي حاڪيمت جي حوالي سان سمن، سورمن ۽ سوڍن سان گڏ راٺوڙن جو به راڄ رهيو آهي، ڏيو ونس سان تعلق ڳنڍيندڙ راٺورن جون 24 نکون آهن، قنوج جي راٺوڙ قبيلي سان واسطي رکندر سياجي ۽ سيتارام جلاوطن بڻجي سنڌ آيا، جتي هنن ٿر جي کاهوڙ (کائڙ) واري علائقي ۾ ديرو ڄمايو، راٺوڙن جي اچڻ مهل عمرڪوٽ ۽ رتوڪوٽ سوڍن جي صاحبيءَ هيٺ هئا، راٺوڙن تعلقي کپري جي اڌ حصي کان وٺي منڊور تائين پنهنجو راڄ قائم ڪيو، کاهوڙ (کائڙ) ۾ راڄ ڪرڻ ڪري کين کاهوڙيا (کائڙيا) راٺوڙ سڏيو ويندو هو.

تاريخ جي صفحن ۾ هڪ رڻمل راٺوڙ راءِ چونڊاجيءَ جو فرزند هو، جنهن جا 13 ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي. رڻمل جي ڀائرن ۾ سيتو، رنڌر، ارنڪوال، پونجو، باکا، ڀيم، ڪانهو، راجو، رامديو ۽شيوارام شامل هئا. اهو رڻمل 1488ع ۾ گادي تي ويٺو.

هڪ رڻمل پٽنا جي صوبيدار جعفر خان سان جهيڙيو، انهيءَ واقعي کي مارواڙي ادب جي پهرين دور جي شاعر شري ڌر ڀاٽ (1401ع ۾ 70 دوهن تي مشتمل رڻمل ڇند ۾ ڪوتائي رنگ ۾ آندو آهي.

هڪ رڻمل جو ذڪر شاه لطيف جي آڳاٽن رسالن ۾ سُر  ڍول مارو ۾ ملي ٿو:

نگئو نرور سيرئين، راجا رڻمل مليو

_
ساچي ٿيان سيڱڙي، رڻمل هاٿ ڪري،
وڙهندي سر ويريين، ڪوڏ ڪسيسان ڏي.

هڪ رڻمل کاهوڙ (کائڙ) جي ڳوٺ ليلمي ۾ اچي رهندو هو، جتي تاريخ ريگستان جي مصنف رائچند هريجن مطابق رڻمل نئين ڏينهن نئون ڏندن کان استعمال ڪرڻ سان گڏ نئين کوهه جو پاڻي پيئندو هو. ليلمي ڳوٺ جي هڪ ٻنيءَ ۾ ڪافي کوهه آهن، جن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي رڻمل جا کوٽايل آهن، تعلقي ڇاڇري ۾ رڻمل ڪوٽ جا آثار به مليا آهن. رڻمل ڪوٽ اڏائيندڙ رڻمل کي لوڪ دوهن ۾ کاهوڙ جو روپ جڳمال جو پوٽو، ڀوپتراءِ جو پٽ، ڪونپجي جو ڀائيٽو ۽ ڀارمل جو ڀاءُ به چيو ويو آهي. هڪ رڻمل سوڍو اهو هو، جنهن مخدوم بلاول سان گڏ ٽلٽيءَ ارغونن سان جنگ جوٽي هئي.

 بهر حال تاريخ جي صفحن ۾ جيستائين رڻمل بابت ڇنڊ ڇاڻ ٿئي، ڪا حتمي راءِ اچي، تيستائين رڻمل راٺور ۽ نارنگ ديهه سوڍي جي پريم ڪهاڻيءَ متعلق سرجيل لوڪ ڪوتا جي حسناڪي روح اندر اتاريون ٿا. هي ڪوتا جيڪا صديون گذرڻ باجود نئين نڪور ڪوتا وانگر تازي تواني آهي. چارڻ ڪوي باڪمال فنڪار وانگر نارنگ ديهه جي من ۽ تن جي تونس چٽي آهي. ڪنهن سٽ ۾ سوڍي نارنگ ديهه سسئي وانگڙ کامان پچان پڄرا، لڇان ۽ لوچان” جي ڪيفيت  ۾ آهي، ڪنهن سٽ ۾ مومل وانگر کٽن تي کيهه ۽ پلنگ پراڻا ٿيندا ڏسي روئي ٿي. ڪنهن سٽ ۾ سوڍي، ريگستاني شاعره ميران ٻائيءَ وانگر پيا جي جوت کان سواءِ من جي مندر ۾ اوندهه ئي اونده محسوس ڪري ٿي. هي لوڪ ڪوتا عشق جي آڌوتين لاءِ جذبن جي گرمائش جهڙي جوت آهي.

اسان وٽ سنڌ ۾ لکت جي شڪل ۾ انهن دوهن تي تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي، پر ٿر جي رهاڻ رس جي ڪوڏيلن، سگهڙن ۽ چوڙيلين هن لوڪ ڪوتا کي ياد رکيو آهي.

مارواڙي ادب ۾ پدم شري لڪشمي ڪماري چونڊوات[1] ريگستاني پريم ڪهاڻين ۾ نارنگ ديهه، رڻمل جي قصي کي به قلم بند ڪيو آهي، دوهن جي شروعات روايتي قصن جي بيتن وانگر آهي، پر ٻن دوهن کان پوءِ هر سٽ روح جي پاتار ۾ پيهي وڃي ٿي. اهڙي ريت رڻمل تي جڙيل گيت به نفيس جذبن جي عڪاسي آهي.)

جاجم ڍاڙي چوواٽي، سائيڻا جوئين واٽ،
ايڪ رڻمل واهيرو، سهي سلوڻو ساٿ.

(کاهوڙ (کائڙ) جي راوت ڀارمل جي ڄڃ تيار ڪري ڳوٺ جي ريل ۾  چوواٽي تي پال ( گلم) وڇائي سڄو سٿ اچي گڏ ٿيو آهي، ڀارمل جي ننڍي ڀاءُ رڻمل جو انتظار آهي، نوجواني جي نينهن جهڙي شخص رڻمل جي اچڻ سان محفل ۾ چار چنڊ لڳي ويندا.)

کاهوڙيا (کائريا) راٺوڙن جو وڏو سٿ راوت راٺوڙ کي پرڻائڻ لاءِ امراڻي جي قلعي ۾ پهتل آهي، عمر ڪوٽ جي سوڍن پنهنجي روايت موجب چترائي ۽ سورهيائيءَ جو امتحان وٺڻ جي لاءِ انگ اڇليا، راوت ڀارمل جو وس نه پڳو، سندس ننڍو ڀاءُ سوڍن جي هر امتحان کي جيتي ويو.

سوڍي ماٿو ڌوئيو، گڙيان ماچيو ڪيچ،
ڀارمل پرڻيجي تروٽي، رڻمل محلان بيچ.

(راجڪور (شهزادي نارنگ ديهه سوڍي پنهنجا وار سنواري رهي آهي. سندس سهليون گيت ڳائي رهيون آهن. ڏاهپ ۽ بهادريءَ سبب راجڪور رڻمل کي پرڻائي وئي ۽ راوت ڀارمل سوڍن جي وچولي گهر ۾ پرڻيو،)

شهزاديءَ جو وهانءُ رڻمل سان ٿيڻ تي ڀارمل کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، پر هن اها ڪاوڙ عمر ڪوٽ ۾ محسوس ٿيڻ نه ڏني، جيئن واپس ڳوٺ پهتا، ته ڀارمل رڻمل کي اينڏر گڍ جي نوڪريءَ تي وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، رڻمل جي وڃڻ جو ٻڌي سوڍيءَ جو هانءُ هيرڻ پن جيان ڦُٽي پيو، چوڻ لڳي ته:

ڪيسريا واگا ڪيا، سُوڌن انگل گائي،
تڻهج واگي صاحبو، اُمنگان اوڙگ جائي.

(سؤڻن ساٺن سان هار سينگار ڪري، مندپ ( شادي جي رسم) لاءِ جيڪي ڪپڙا پاتا هئاسون، اُهي اسان ٻنهي ڄڻن اڃا لاٿا نه آهن. ساڳين ڪپڙن سان منهنجو رڻمل امنگن، آسن کي اڌ ۾ ڇڏي مون کان پري وڃي رهيو  آهي.)

گهر جي پيڊليءَ (چائنٺ) تي اکين جو کارو پاڻي پيئندي، سوڍي اينڏر گڍ ڏانهن ويندڙ رڻمل ڏانهن نهاري چوڻ لڳي ته؛

ڦرهر ڦوندو پاگڙي، رڻمل اوڙگ جائي،
ايڪ گهڙي نهين کوليو، اُر سين ار لگائي

(گهوڙي سوار  رڻمل جي رنگين پٽڪي جو تُرو هوا ۾ ڪيئن لُڏي رهيو آهي، کاهوڙ جي ڌڻيءَ پرڻي مهل جيئن پٽڪو ٻڌو هو، کيس اڃان تئين ٻڌل آهي، هڪ وراڪو به کليو نه آهي، مون پريت جي راند اڃان شروع به نه ڪئي سيني سان سينو به نه ملايو هو، منهنجو رڻمل گهوڙي جي کيهه اُڏائي مون کي ڇڏي وڃي رهيو آهي.)

رڻمل جي فراق ۾ ڳرندڙ نارنگ ديهه جي لاءِ وسڪارا وهه ٿي پيا، سانوڻ  سکن بدارن ڏُکن جا ڏنڀ کڻي آيو؛

ٽيجس کيلين ٽيجڻني، ڪهه ڪهه ليل ولاس،
جيان را صاحب گهر نهين، سا نت رهي اداس.

(پنهنجن پرين سان گڏ گهاريندڙ گوريون هار سينگار لاڏ ڪوڏ ڪري ٽهڪن سان ٽڙي ٽيج رمڻ لڳيون، پر سوڍيءَ کي وڇوڙي وڍي ڇڏيو، هر بار چپن مان ڀڻڪو اڀري رهيو آهي، ته جن جا بالم گهر نه هوندا آهن، تن جي مقدر ۾ اداسي لکيل هوندي آهي.)

ورسڻ لاگو بادليو، چمڪڻ لاگي بيج،
جيان را صاحب نوڪري،  وه ڪيون کيلي ٽيج.

(سانوڻ جي گهنگهور گهٽا ڇانئي آهي، ڪارن ڪارونڀارن سان کنوڻ رنگ لائي رهي آهي، اهڙيءَ مينهوڳيءَ رت ۾ سانون ٽيج جي ڏينهن به جن نارين جا محبوب گهر نه آهن، انهن ڪامڻين جي راند ۾ ڪهڙو رس هوندو، اهي ٽيج رمڻ جي لاءِ ڪهڙي دل سان وينديون.)

رڻمل لاءِ روح تڙپائيندي نارنگ ديهه جي اندر ۾ هڪڙي جلي ٻي اجهامي، من جي سَوَ ڪيفتين ۾ ڪنهن مهل هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته؛

سانئوڙي ڪيان نه سرجيان اوڀي اينڏر جان،
واٽ واهنتي صاحبي اوپر ڇانءِ ڪريان

(آءُ پکي هجان ها ته اڏامي پنهنجي پرينءَ وٽ پهچان ها. انهيءَ ڪيفيت ۾ چوڻ لڳي ته منهنجا مالڪ مون کي سوئنڙي ( پکيءَ جو هڪ قسم) ڇو نه پيدا ڪئي؟ آءُ پکي هجان ها ته پنهنجي پرن سان اينڏر گڍ جي واٽن تي محبوب تي ڇانوَ ڪريان ها.)

بادليان هي سرجيان، آڀي لاگ رهنت،
واٽ وهنتي صاحبي اوپر ڇانءِ ڪرنت.

(رڻمل جي ياد ۾ من کي ريجهائڻ جي ڪيفيت ۾ سوڍي چوڻ لڳي ته منهنجا خالق مون کي ڏور آڪاش جي بادلن جو وجود ڏين ها ته ڇا ٿئي ها؟ آڪاش تي رهان ها ۽ اينڏر جي رستن تي منهنجي بالم تي ڇانءُ ڪريان ها.)

سوڍي نارنگ ديهه اندر جي اولا ڪين ۾ وري ائين محسوس ڪرڻ لڳي ته:

مالهڻ ڪاهين نه سرجيان، اينڏر جائي رهنت،
باگان ميڙي ڦولڙا، حاضر جائي ڪرنت.

(اينڏر گڍ جي باغن جي رکوالي ڪندڙ مالهڻ هجان ها ته ڪيڏو بهتر ٿئي ها مالڪ! مون کي مالهڻ پيدا ڪرين ها ته اينڏر جي باغن مان ڦولڙا ميڙي، سون سريکي محبوب کي پيش ڪريان هان.)

رڻمل سان گڏ ويندڙ گهرو نوڪر نيلو جي گهر واري کي هار سينگار ۽ٽهڪن سان ٽرندڙ ڏسي نارنگ ديهه چوڻ لڳي ته آءُ روز ٿي ڳرندي وڃان ، تون ايتري خوش ڪيئن آهين؟

ڪڻ ڪڙي انجن ڪيو، ڪڻ ڪڙي سينگار،
اهر اکڙيان کنڏيان، ڪهين ڪهڙي ڀرتار.

(روز هار سينگار سان تنهنجون  ڪاريون ڪجريون اکيون تلوارن جهڙو گهاءُ  وجهن ٿيون، انهن ڪنهن واٽ ويندڙ مسافر کي وڍو آهي يا ٻيو ڪوئي را ز آهي!؟)

نيلو جي گهر واريءَ کان معلوم ٿيو ته نيلو رڻمل جي گهوڙي تي رات جو لڪيو گهر اچي ٿو ۽ پرهه جو واپس هليو وڃي ٿو تڏهن سوڍي نيلو جي ذريعي رڻمل جي لاءِ نياپو ڏيڻ لڳي ته:

نيلو رڻمل نا ڪهي سوڍي تڻو سنديس،
ٿي اينڏر گڍ ري نوڪري، سائيڌڻ ٻائي ويس.

(نيلو منهنجو هي نياپو رڻمل کي ڏجان ته منهنجا بالم تون اينڏر گڍ جي نوڪريءَ ۾ مصروف آهين پويان سوڍي تنهنجي فراق ۾ بيواهن جهڙا حال ڪري ڇڏيا آهن.)

سوڍي آخر ۾ نيلوءَ ذريعي اينڏر گڍ جي راڻين ڏانهن نياپا موڪلڻ لڳي ته:

اينڏر گڍ ري راڻيان آپا ڪُڙليانهه،
اوٿج رڻمل اوڙگي ويگهو موڪڙيانهه.

(اوهين ته منهنجو درد محسو ڪريو، اوهين ته مون وانگر عورت ذات آهي، منهنجي تڙپ کي سمجهو، منهنجو محبوب مون کان وڇڙي اينڏر گڍ آيل آهي، هن کي جلد مون ڏانهن موڪلڻ جي عنايت ڪريو.)

اينڏر گڍ جي راڻين  نارنگ ديهه لاءِ چوائي موڪيلو ته اي سوڍي هي اينڏر گڍ جي بادشاهي آهي، ڪنهن ننڍي رجواڙي جي ڳالهه نه آهي؛

اينڏر آنٻا انٻلي، اينڏر ڏارم ڊاک،
اينڏر گڍ ري نوڪري، رڻمل سو لاک.

(جيئن باغن ۾ انبن، انبڙيون، ڏاڙهون ۽ انهن جي داڻن کي ڳڻن ڏکيو آهي، تيئن هتي لکين رڻمل نوڪري ڪن ٿا، تون ڪهڙي رڻمل جي ڳالهه ٿي ڪرين.)

ڪاڪو جيرو ڪونپجي، ڀائي ڀارمل،
گهوڙو وانرو نوَ لکيو، راوتيو رڻمل.

(نارنگ ديهه جواب موڪليو ته اينڏر گڍ جي راڻي! منهنجو رڻمل سدا سهڻو، سورمو لکن ۾ پڌرو آهي، جنهن جو چاچو مشهور بهادر ڪونپجي آهي، جنهن جو ڀاءُ ڀارومل آهي. رڻمل (جنهن جو)  هوائن وانگر تيز هلندڙ نو لکو گهوڙو آهي، اهو منهنجو محبوب رواتيو رڻمل آهي.)

جڳ پتي جڳمال رو، ڀلو ٿيئڙو ڀوپ
تان ڪو ڏيٺو رڻمل، مانري کاهوڙي رو روپ،

(جڳ مشهور جڳمال جو پٽ ڀوپٽ راءِ ڀلو انسان ٿيو، اهڙي خاندان ۾ جنم وٺندڙ  منهنجو محبوب رڻمل توهان ڪو ڏٺو؟جيڪو منهنجي کائڙ جو روپ آهي.)

رت آئي بادل هويا، رت آئي برسنت،
اب رت آئي گورڙي پيو بن ڪيم رهنت.

(هر رُت پنهنجي مقرر وقت تي موٽي ٿي، وسڪاري جي  رُت ۾ بادل برسڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. هن مينهوگي رُت ۾ گوري پنهنجي محبوب بنا ڪيئن رهي؟

برس برس اي بادليا، برس ڀري جا مگ،
آج هي پوهنچي صاحبو، گوري ري لگ.

(ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسو! هر طرف جل ٿل ڪريو، سانوڻ من ڀانوڻ ڏسي اڄ منهنجو محبوب گهڙيءَ ۾ مون کي ڳل ڳراٽڙي پائڻ لاءِ پهچي وڃي.)

آج سُون بادليا اُمڙيا، واجڻ لاگو واءِ،
اينڏر گڍ را اوڙگو، ڀنجتو گهر آءِ.

(اڄ کان بادلن برج ڪڍيا آهن، هوائن به هوڏ ڪئي آهي، وڻ وڻ واڄو ٿي ويو آهي، مون کان وڇڙيل اينڏر گڍ جا مسافر تون پلر سان پسندو پنهنجي گهر اچ.)

آنک ڦڙوڪي اي سکي، ڪس ڪانچوڙي ڇوٽنت،
ناب منڏر جُون ڦونٽي سنجها ناهين ملنت،

(اي سکي! منهنجي اک ڦرڪي ٿي. منهنجي ڇاتي پريم رس ۾  ڀرجي آئي آهي، منهنجو پولڪو اهڙو ڪاٺو ٿيو آهي، جو انهي جي ڪس ٽٽي ٿي، منهنجي سونٽي (دُن) ائين ڦلهجي ڇڪجي ٿي ڄڻ سنجها ٿيڻي نه آهي.)

ڌن ڏهاڙي ڌن گهڙي، ويڙا ڌن واس،
نيڻا سائيڻا نهاريا، ويڙا ڌن واس،

(ڀلو هي ڏنهن اُڀريو، سهڻي هيءَ گهڙي آئي، هوائن ۾ هڳاءُ ٿي ويو آهي، منهنجن نيڻن پنهنجو پرين ڏٺو، منهنجي نيڻن جي آس پوري ٿي.)

صاحب آيا هي سکي، ڪجا سهي سريا،
پونم ڪي ري چندر جُون، دن چارون ڦريا.

(سکي منهجو بالم آيو آهي، منهنجا سڀ ڪاڄ ۽ پورا ٿيا آهن، ڏکن ڏينهن ڦري ويا، اڄ مون کي مقدر پونم جي چنڊ وانگر مڪمل ڪيو آهي.)

 

واگهجي جا دوها ۽ سوٺا:

ريگستاني شاعري جي دلبر ڪردارن ۾ واگهجي راٺوڙ به هڪ آهي. لوڪ شاعريءَ جي سهڻي صورت ۾ ريگستان جي قادر الڪلام شاعر آشانند عرف آسو جي چارڻ جا واگهجي بابت سرجيل لوڪ دوها من جي پيڙا جا مجسما آهن. ٿر جي رهاڻ رس ۾ ڪنهن سگهڙ سياڻي جي پرک وٺڻي هوندي آهي ته هُن کان واگهي جا دوها پڇيا ويندا آهن.

واگهجي واريءَ جي دڙن جو نه راجا هو، نه مهاراجا، نه راڻو هو نه راءِ، پر هڪ سادو سودو ڳوٺاڻو هو، جنهن جي ٻانهن جي ٻَل ۾  ڀرم هيو . راٺوڙڪي راڄ جي راءِ مالديو ، جادم ونس جي ڀاٽين ۾ راجڪماري اُماديهه ڀٽياڻي سان پرڻي مهل ريگستاني رعيت ۾  نينگري ڀارملي کي ڏٺو ته هُن جي حسن کيس حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، راءِ اڳتي وڌڻ جي بدران ٽڪ ٻڌي ڀارملي کي نهارڻ لڳو، راءِ جي اهڙن پارن تي راڻيءَ اماديهه انهيءَ ويلي رُسي وئي، هن پرڻي کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. راءِ مالديو ڄڃ واپس وٺي موٽيو، ڪجهه وقت رکي هنن ويچاريو ته کيس اُماديهه نه ملي ۽ ڀارملي جو پتو پيو ته هو واگهي جي ويڙهي وئي هلي، جتان ڀارملي کي ماڻڻ ۾ به وڏا جوکا آهن. راءِ ويڙهه جي راه اختيار ڪرڻ جي بدران وقت جي وڏي چارڻ ڪوي آسو جي چارڻ کي تيار ڪري موڪليو ته هُو دان ۾ واگهي کان ڀار ملي گهري وٺي اچي. چارڻ کي رڳو پاڳوڙي ۾ پير وجهڻ جي دير هئي. هن واگهي کي نياپو ڪيو ته آءُ تنهنجي اوتاري دان وٺڻ اچان ٿو. ڪوٽڙي پهچڻ تي ڀارملي ۽ واگهي کي سواگت ٽاڻي جوڙي ۾ ڏسي چارڻ جي زبان مان بي اختياري مان نڪري ويو ته اوهان جي جوڙي شال سلامت رهي. چارڻ نڪتو ڪهڙي نيت سان هو، پر چئي ڇا ويٺو!پوءِ راءِ مالديو اتي ئي رهيو آسو جي واگهي سان دوستيءَ جو وچن ڪري زندگيءَ جا باقي ڏهاڙا واگهي جي صحبت ۾ گذارڻ لاءِ رهي پيو. ڪلتار جي پنهنجي ڪرڻي آهي ڪجهه وقت اندر ڀارملي پرلوڪ پڌاري وئي، ڀارملي جي وڇوڙي واگهي جي وجود کي به ويڙهي ورتو. واگهي جي موت چارڻ جي چت کي چوري ڇڏيو، آسي جي رڳ رڳ جي آڳ ساري ريگستان ۾ صدين جا شعلي بڻجي ڀڙڪڻ لڳي، جنون جي بي انتها جوش سان آسو جي چارڻ واگهجي جي لاءِ اکين ۾ آس جا موتي ۽ پانڌ ۾ روهڙي جي گلن جون ٽاريون  کڻي گهمندو رهيو. واگهي جي وڇوڙي جي ورلاپن ۾ آسي چارڻ درد جا جيڪي دوها چيا، اهي “واگهي جا دوها” سڏجن ٿا. جن ۾ اندر جي آڳ آهي ته ڳوڙهن جي ڳوڙهائي به آهي. وڇوري جا وڍ آهن ته پريت جي پيڙا آهي. زر جي زماني ۾ دوستيءَ جو دڳ آهي ته محبت جو مثال به آهي.

جهان ترو تهان موريا، جهان سرور تهان هنس،
جهان واگهو تهان ڀارملي جهان دارون تهان مس.

(ريگستان ۾ جتي وڏا ۽ گهاٽا وڻ هوندا آهن اُتي مورن جا ٺڪاڻا هوندا آهن.  جتي گهرا ۽ نيرا سمونڊ هوندا آهن، اُتي هنجن جي رهائش هوندي آهي، جتي ڪباب اتي شباب جي محفل رچندي آهي، ائين جتي واگهجي وسي ٿو، اتي ڀارملي جي سونهن ڀلي لڳي ٿي.)

 واگهي جي وڇوڙي تي آسي چارڻ جو اندر اڌ ٿي  پيو، چارڻ جي دل وندرائڻ لاءِ وارث کيس سوداگرن وٽ وٺي ويا، پر سوداگرن کي ڏسي چارڻ جو چت چري پيو، چوڻ لڳو ته:

لاکان ٻڙد لائي ڪيرت رو سودو ڪريو،
ايڪر سوُن ڦر آئي، وڻجارو بڻ واگهجي.

(واگها تو لکين  ڍرو ڍڳا ورتا، سوداگر جي حيثيت ۾ به ڪو تنهنجي جوڙ جو نه آهي، واگها تون سوداگر بڻجي به هڪ ڀيرو ته اچ.)

واگهجي جي وڇوڙي تي چارڻ جي ملول من ۾ صبر جي ساعت پيدا ڪرڻ لاءِ چارڻ کي بازار وٺي ويا پر چارڻ کي واگهجي ڪٿي ٿو وسري!؟ بازار ۾ هن جي دل ڀرجي آئي، آسو جي دڪانن جي درن ڏانهن نهاري چوڻ لڳو ته:

هاٽان پڙي هڙتال، همين مڌ سون گهاءِ هوئا،
ڪوڪين گهڻا ڪلال ، وڪرو ڀگيو واگهجي.

(هي دڪان سڀ بند پيا آهن، ڇا اهڙو به ڪو ظلم ٿيندو آهي! ڪلالن جون رڙيون ڪير ٻڌي؟ سوم رس به روح کي زخمي ڪري رهيو آهي، واگهي کان پوءِ وڪري جي واٽ سُڃي ٿي وئي آهي.)

ڪستوري جهنڪي ڀئي، ڪيسر گهٽيو آگهه،
سڀ وستُو مونڏي ڀئي، گيو وٽاءُ واگهه.

(ڪستوري ۽ ڪيسر جا به ڪهڙا اگهه !؟ هر شيءِ لاٿ ۾ اچي وئي آهي، هُو وٺڻ وارو واگهجي هليو ويو آهي.)

ڪوڪي ڪوئليانهه، ميٺا ٻولين موريا،
راچي رنگ رڙليانهه، باگان وچ واگهجي،

(باغن جي رنگ روپ ۾ موهت ٿي وڃڻ بدران آسي جو اندر واگهري لاءِ اٿلي پيو؛ واگها او واگها! منهنجي دل جا واگها ڪٿي آهين؟ هي باغن جا رنگ روپ ڏس، گل ڦل، ڪوئل جي ڪُوڪُو ، مورن جون مٺيون ٻوليون ته آهن، پر تون ناهين...!)

مارگ مڙهي ڪريهه، سُڌ پڇون سياڻان تڻي،
نيلو نيساسيهه، بن سهه ڌاجيا واگهجي

(جهر جهنگ ۾ گهاڙو گهاٽ جهيلو هر ڪنهن کان ٿڌ ساه ڀري واگهي جو ڏس پڇي رهيو آهي، ان واگهي کان سواءِ هر گهڙي گهائي ٿي.)

هر راڄ ڀاڳ ۾ هي چوٻول ٿي ويو آهي ته” آسي جي چارڻ کي واگهجي نه ٿو وسري، ڪو اهڙو راجپوت نه آهي، جو سخاوت جو دان ڪري چارڻ جي چت تان واگهجي جو نالو کڻائي، اهڙن ٻولن جو پڙلاءُ آسي جي ڪنن تي پيو ته چوڻ لڳو:

نام رهندا ٺاڪران، ناڻا ناهين رهند،
ڪيرت انڌ ڪوٽڙا پڙيا ناهين پڙند،

(اي راجپوتو ! مايا ڇايا آهي، آئي وئي ٿي وڃڻي پر ناموس جو قلعو برقرار رهڻو آهي، تاجن وارا ڪيترائي مٽي ٿي ويا ، پر ڪي راڄن وارا صدين جي سونهن آهن.)

آسي چارڻ جي چت تان واگھو لاهڻ راجپوتي کي للڪار ٿي پيو، پرامرڪوٽ جي راڻي هام هڻندي چيو ته هي جس به امرڪوٽ جو راڻو ماڻي سگھي ٿو. هن  آسي جي پٽ کي تيار ڪيو ته پيءُ کي مڃاءِ ته هڪڙي رات واگھي کي وساري ته رات جي هڪ هڪ پهر جا لک رپيا ڏيندس. آسي جي پٽ وڏي ڪوشش ڪئي، پر رات جو پهريون پهر گذرڻ تي آيو ته آسو جي تڙپي اٿيو:

واگھا آ وڙي، ڌر ڪوٽڙي ٿُون ڌڻي،
جاسين ڦول ڇڻي، واس نه جاسي واگھجي.

(اي ڪوٽڙي جا ڌڻي واگھا تون ڪٿي آهين!؟ موٽي اچ، اي واگھجي هر گل ڦل ٽڙي ڇڻي وڃڻو آهي، پر تنهنجي خوشبوءِ ناهي وڃڻي، تو صديون سرهيون ڪيون آهن.)

ٻيو پهر پورو ٿيو ته آسي جي پٽ چيو ته بابا هاڻي خاموش رهجان پر آسي کي چين ڪٿي ٿو اچي؟ پنهنجي پٽ سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته؛

ٺوڙه ٺوڙه پگ ڊوڙ، ڪر ليسان پيٽج ڪارڻي،
رات دوس راٺوڙ، وسريا نهين واگھجي.

(تون لالچ ۾ اچي ويو آهين هن پيٽ لاءِ در در پنداسين ته پيٽ ڀرجي ويندو، پر واگھو ڪٿي ملندو !؟ رات ڏينهن جي ڪنهن به پهر ۾ واگھو نٿو وسري سگھي.)

رات جي ٽئين پهر ۾ واگھي جي اک لڳي پر ڪڪڙن جي آواز جاڳائي وڌو. بي اختياريءَ سان چوڻ لڳو ته؛

تون ڪوڪين ڪوڪڙا، گڙتي مانجھل جوڳ،
وهيگ تني وينٽيو، واگھي تڻو وجوگ[2]

(اي ڪڪڙ تون گذرندڙ رات جي پوئين پهر ۾ ڇو ڪوڪي رهيو آهين !؟ ڇا تو کي به مون وانگر واگھي جي وڇوڙي وڍيو آهي.

پرهه باکون ڪڍيون (آسو جي اٿي پنهنجي پٽڪي جا ور ٺاهيندي چوڻ لڳو ته؛

واگھي بن ڪوٽڙو، جاڻان ڏهاگڻ نار،
امل ڪسونٻا منگھا هويا، ڪا ملاوڻ گيو هار.

(واگھي کان سواءِ ڪوٽڙو ائين لڳي ٿو ڄن بيواهه نار جو روپ هجي ! منهنجو واگھو ڪيڏانهن ويو آهي؟ رهاڻ رس جو سيڌو (آفيم) مهانگو ٿي ويو آهي يا منهنجي لاءِ هار خريدڻ ويو آهي.)

عمر ڪوٽ جي راڻي صبح جو اٿي اچي پڇا ڪئي ته چارڻ جي چت تان رات جي ڪنهن پهر ۾ واگھو وسريو يا نه، آسي جي ڪنن تي اها پڇا پئي ته وڏي آواز سان چوڻ لڳو ته،

چوڌڻ چالويانهه، کيران ماهين کنکيريان،
راڻا راک ٿيانهه، وسريا جڏ نه واگھجي.

 (راڻا) ساهه جو پکيئڙو اڏري وڃي، منهنجي ارٿي چکيا تي چاڙهي، منهنجو وجود کي ساڙي رک ڪيو وڃي تڏهن به مون کان واگھو نه وسرندو.)

ٿڙي مساڻان ٿيانهه، آتم پد پگان الک،
گنگا هاڏ گيانهه، ويسريان جڏ نا واگھجي.

(منهنجا پراڻ ڌڻي در پهچن ۽ منهنجي ارٿي مساڻ ۾ چکيا تي چڙهي، وارث هڏيون گنگا ۾ لوڙهين تڏهن به واگھو نه وسرندو) [3]

چارڻ راڻي کي چيو ته راڻا هل ته تلاءَ تي وهنجي اچون، تلاءَ تي راڻو ۽ چارڻ ٻئي وهنجڻ لڳا، چارڻ وهنجندي جلدي ٻاهر نڪري آيو ۽ اچي راڻي جا ڪپڙا پائڻ لڳو ته راڻي هڪل ڪري چيس ته هي منهنجا آهن. چارڻ موقعي جي تلاش ۾ هو، موقعو ملڻ تي  ٿڌو ساهه ڀريندي چوڻ لڳو ته؛

ڪي ڪهي ڪي ڪهون، ڪي ڪهي ڪرون واکاڻ،
ٿانري مانري نا ڪري، او واگھي را اهناڻ.[4]

(راڻا ڇا چئي ڇا چوان، ڪهڙن لفظن ۾ واگھي جي تعريف ڪريان”تنهنجي منهنجي” نه ڪرڻ وارا واگھي جا اهڃاڻ آهن.)

چال منا ري ڪوٽڙي پگ ڏي پاوڙيان،
واگھان سون واتان ڪران، گل ڏي ٻانهڙيان.

(اي منهنجي دل ! واپس واگھي جي ڪوٽڙي ڏانهن هل، واگھي جي اوٽي جي پيڊلين تي ڌيري ڌيري پير رکي واگھي سان ڳل ڳراٽڙي پائي روح رهاڻ ڪريان.)

لوڪ ساگر جي ڏاهن وٽ هي دوهو هيئن به ورجايو ويندو آهي ته:

من ڪهي ميڙي چڙهان پگ ڏي پاوڙيان،
واگھل سون واتان ڪران ڳل ڏي ٻانهڙيان.

(منهنجي دل چوي ٿو پيڊيلين تان پير رکي ماڙيءَ چڙهي وڃان، اتي واگھي سان ڳل ڳراٽيون پائي هانءُ جون حال اوريان.)

ڏن ڏوهيلو ڏوڏا هرا، ريڻ ڏوهيلي راج،
واگھه بن ڪوٽرو، کارو لاگي آج

(ڏوڏي جي پٽ کانسواءِ ڏينهن ڏک ڏيئي گذري ٿو ته رات به پوري راج کي رنج ڏي ٿي، واگھي بن ڪوٽڙو مون کي اڄ کارو لڳو آهي)

واگھو واگھو ڪري رهي، واگھو ڇٽ نه ٻارهو ماس
آنکيئي ڪاجل ڇوڙيو، پر هينئون نه ڇوڙي آس

 (آئون واگھو واگھو ڪري رهيو آهيان، واگھو ڇهين، نه ٻارهين مهيني اچڻو آهي، اکين ته ڪاجل پائڻ ڇڏي ڏنو پر هينئون واگھي جي آس نٿو ڇڏي)

بڙ ٻاوڙي تڻانهه، نماڻا نيلو ٿيوه،
واگھا وڇڙتانهه، شاخ تڻو سڪو نهين.

(آسو جي چارڻ انهيءَ ترائيءَ جي بڙ هيٺيان اچي شوڪارا ڀري اچي ويٺو جتي واگھي سان روز  ڪچهري ڪندو هو، ورلاپ ڪرڻ لڳو ته، بڙ جا وڻ تون اسان جي ساٿ جو ساکي آهين، آءُ واگھي جي فرق ۾ ملول ٿي ويو آهيان، تون واگھي جي وڇوڙي ۾ هڪ ٽاري ۾ به سڪو نه آهين.)

 

لاکي ڦلاڻي جي جنم ڏينهن جو دوهو:

سخي ۽ سورهيه ڪردار لاکي ڦلاڻي کي چارڻ ڪوين وڏي چاهه سان ڳايو آهي، سمنگ چارڻ جي لاکي ڦلاڻي بابت شاعري اسان وٽ مشهور رهي آهي. ٻين چارڻن جي چت ۾ لاکو سدائين چرندو رهيو آهي، انهي شاعر کي ميڙڻ جي ضرورت آهي.

سنبت نوَ سؤ ڇاهتر، ٻيج تٿ ڪارڪت ماس
اِڻ ڏن لاکو جنميو، سورج جوت پرڪاش.

(سنبت نوسو ڇاهتر ڪتي مهيني جي ٻيج تٿ تي سج جي روشن ڪرڻن جهڙو لاکو ان ڏينهن ڄائو.)

لاڇان لاکو جنميا، ٻارس ٻڌ وار
لاکو پوت سمندر ڪو، ڦل گھر اوتار.

(لاڇان لاکي کي ٻارس تٿ جي اربع ڏينهن تي جنم ڏنو، لاکو سمنڊ جو اولاد آهي، ڦل جي گھر اوتار ٿيو آهي.)

 

جيسي قادواڻي جا دوها ۽ سورٺا:

جيس قادواڻي، راهمن جي ڌيڻا پاڙي سان تعلق رکندڙ سخي، سورهيه ۽ چترڪردار هو، جنهن جي نالي پويان کاهوڙ جو ڳوٺ جيسي جو پار سڏجي ٿو. جيسي جي اولاد ۾ ڇهين پيڙهي وڏيرو ابن راهمون پيدا ٿيو.

سهه باتان را ٺاٺ، اتري مک بانکيو نهين،
جيسا جس ري رات، قادواڻي جايو ڀلين.

(سمورين ڳالهين جا جنهن وٽ سک آهن، هُن ڪڏهن منهن سان ڪنهن کي جھڙپ نه ڏني، سواليءَ لاءِ ڪڏهن انڪار لفظ هن جي چپن تي نه آيو. اي جيسا ! تنهنجي جنم جي رات جس ڀري هئي، اهڙي سڀاڳي رات قادواڻي ! تو ڀلي جنم ورتو.)

گائي سگھان نه وجائي سگھان آڻي بيٺو هان ٺونٺ،
جي هوئين جيسو قادواڻي تو تاڻي ڏي رو اونٺ.

(هڪ چارڻ سوالي جيسي وٽ اچي چوڻ لڳو ته، آءُ ڳائي سگھان ٿو، نه، وڄائي سگھان ٿو. مون وٽ ڪو فن نه آهي، آءُ ڏڏ اچي بيٺو آهيان، جيڪڏهن تون جيسو قادواڻي آهين ته مون کي اُٺ مهار سميت سخاوت ۾ تاڻي ڏي.)

ٻيجا پوجين پير، هون تين لگ آويو جيسا،
هينئڙي آوي هير، ڪروڙ پوترا قادواڻي.

(ٻيا پيرن کي پوڄين ٿا، پر آئون وٽ جيسا آيو آهيان، منهنجي هينئڙي ۾ هير آهي ته اي قادواڻي تنهنجا ڪروڙ پوٽا ٿيندا)[5]

چندر راڻ جا دوها ۽ سورٺا:

راڻو چندن گووند راءِ جو پٽ هو. نامياري ليکڪ منگھارام اوجھا پنهنجي ڪتاب “پراڻو پارڪر” ۾ لکيو آهي ته : “راڻو چندن، مها اُپڪاري ۽ ملڪان ملڪ مشهور ٿي گذريو آهي.”[6]

هوڏ نه ڪئي هندن، سمو نمايو سيس،
ڪروڙ ڏيئي ڏندڻ ڪري چندن ورس چوويس.

(چندن جي سخاوت اڳيان ڪنهن هندوءَ هوڏ نه ڪئي، سمي به هُن جي مڃتا ۾ پنهنجو سيس نمايو. راڻو چندن چوويهه ورهيه روز اٿي ڪروڙ پساهه دان ڪري پوءِ ڏندڻ ڪندو هو.)

ايڪ چندر ڀاڻ، جانکو، ڏيسي جو وتوان،
ٻيجو چندر راڻ، اوگي اجوارو ڪريو.

(هڪ چنڊ، جنهن کي سج روشني ڏئي چمڪائي ٿو، ٻيو چندر راڻ ٿيو جنهن اڀرندي روشني ڪئي.)

 

ڏيسڙ جاڙيجي جا سورٺا:

اسپت را ڏڙ اپڙيا، ڌمڙ روپ ڌري،
مين ڏيکيو ڏيسڙا، او ڪاڇو سمندر ڪري.

(اميدن جا ڪڪر، گھنگھور گھٽا ٿي ڇانئيا آهن. ڏيسڙا ! مون (سخاوت ۾) ڪاڇو سمنڊ جو روپ ڏٺو.)

ساڪر روٽي سار، جاڙيجي پاسڙ جڙي،
او ڏيسڙ را ڏيڌار، ڪويڻ پرڀاتي ڪري.

(جاڙيجو وڏو مهمان نواز آهي هر آئي وئي کي مان مرتبي سان اوتاري ۾ مصريءَ جهڙي مٺي ماني ملندي اهي. ڏيسر جي ڀرجھلي جاڙيجي جي سخاوت جي ساراهه، پرڀاتيءَ ۾ ڪري ٿو.)

هل هينئان چڙهه پاکڙي ڏيکان ڪاڇو ڏيس،
ڪايون جيماڙي ڪيڪوئان نرمل ڀريو نريش.

(اي منهنجا من تيار ٿي! اٺ جي پاکڙي تي ويهي هلي ڪاڇي جو ڏيهه ڏسون، جتي ڪايون جاڙيجو وڏي نوڙت ۽ نهٺائيءَ سان گھرجائن کي کارائي ٿو.)

 

لڇي سوٽهڙ جا دوها ۽ سورٺا:

لڇو سوٽهڙ ٿر جي سخي ۽ سورهيه ڪردار ٿي گذريو آهي. جنهن جي رهاڻ رس مشهور رهي آهي. هنرمند قبيلي جي هن لاکيڻي لڇي کي ڳائيندي چارڻ ڪوين جي تخليق جو تجلو صدين کي روشن ڪري ٿو.

سوتراڙان سم وڙيان، مانڏي راجويان ني ريت،
پني راڻي پردي وسي، ڳائجي گڍ پتيان گيت.

(سوٽهڙ جي پرمپرا راجوي ريت آهي، پني راڻي ( گھرجي  استري) پردي ۾ وسي ٿي. انهن جا گڻ ڳائجن ٿا جيئن گڍ ڌڻين جا گيت ڳائجن ٿا.)

مهور ڪري منوار، ڪسڙات پڇي پوڇي،
سانفڙتي سُوتراڙ، ڪهان لاکو ڦلاڻي لڇا.

(پهرين منوار ڪري (کارائي، پياري) پوءِ ڪسٿرات (خوش خيرت) پڇي ٿو، اي لڇا تو کي “لاکو ڦلاڻي” چوان!؟)

بانڪا ٿي بنڪو، ڏنڪو ٿانرو ڏيس ۾
ساهوُ ماني سنڪو، وشوپتر ويس ۾.

(اي لڇا ! تون وڏو سورهيه آهي، ڏيهه ۾ تنهنجي نامياچاري آهي، اي وشوڪرما جا پٽ تنهنجي اڳيان ساهُو(جاگيردار) سنڪو (حجاب) محسوس ڪري ٿو.)

 

ڪاپڙي خان ۽ جلال خان جا دوها:

جلال خان کوسو ننگر پارڪر جي ڳوٺ ڪٻڙي جو رهواسي هو انگريزي دور جي اڏول انسان ڪاپڙي خان کوسي جو فرزند هو. ڪاپڙي خان کي تروٽ جون آڇون ۽ اٽڪلون جھڪائي نه سگھيون هيون. پارڪر جي پٽ ۾ ڪاپڙي خان جي بهادري ۽ جلال خان جي سخاوت مشهور رهي آهي.ڪاپڙي خان جر سخاوت ۽ بهادري تي چارڻ ڪوي چوي ٿو ته ؛

ڪوَ ورتايا ڪاپڙي، شولو  ڪيڌي سنڌ،
هاڪي کوسو هڙان، ڪانئران ڀانجي ڪنڌ!

(ڪپڙي خان ڪوي (چارڻن) جي اهڙي خدمت چاڪري ڪئي، جو شولي جو ڳوٺ سنڌ (بئراج) جو علائقو (سکيو ستابو ) ڪري ڇڏيو آهي، (اناج جا انبار ڪنهن به شيءِ جي کوٽ نه آهي) وڏي هاڪ وارو کوسو ڪانئرن جا ڪنڌ ڀڃي ٿو)[7].

 چارڻ ڪوين جلال خان جي سخاوت کي جس ڏيندي چيو آهي ته؛

نانو جي رو شيرسنگهه، ڏاڏو خان ڪمال،
موتي سيپان مانهلو، جس کٽڻ جلال.

(جنهن جو نانو شير سنگھه ڏاڏو ڪمال خان آهي، اهو سپن ۾ سرجيل موتين جھڙو مڻيادار ماڻهو جس کٽڻ وارو جلال آهي.)

اونچو ٻيسي ڪيهر جون، گينور چالي چال،
موتي سيپان مانهلو، جس کٽڻ جلال

(جيڪو مٿانهو ڪيهر جيان ويهي ٿو، هاٿي جھڙي جنهن جي هلڻي آهي، اهو سپن ۾ سرجيل موتين جھڙو مڻيادار ماڻهو جس کٽڻ وارو جلال آهي.)

 

جو جھار سنگھه جا دوها ۽ سورٺا:

چيلهار جي ساڏور سوڍن ۾ جھُوجھار سنگهه ناليوارو سخي ٿي گُذريو آهي، جنهن جو نالو پُوري صحرا ۾ ڳائجي ٿو. پروفيسر شڪتيڏان جي لکيل ڪتاب”سوڍائڻ” ۾ ان جو چڱو ذڪر ڪيل آهي. جُوجھار سنگهه جي پيءُ جو نالو مانسنگهه هو. جونجھار سنگهه جو پُٽ چهنسنگهه ٿيو، جنهن جو پٽ آٻنجِي هو.

جُوجھار سنگهه تي سِرجيل لوڪ ڪوتا مان ڪوي چمن چارڻ جِي شاعري لوڪ ۾ مقبول رهي آهي. اهڙيءَ ريت ٻين چارڻ ڪوين به جوجهار سنگهه کي ڳايو آهي:

جاچڪ پالتو، جوجھو، ام مڇ پالتو مهراڻ،
ڪوَ آيا ريجھان ڪرين، انجسي گڍ امراڻ.

(جوجھو، جاچڪ ائين پالي ٿو، جيئن مهراڻ دريا مڇ پالي ٿو، ڪوي(چارڻ) اچي ريجھي رهاڻيون ڪن ٿا. گڍ امراڻ(پنهنجي سپوت سوڍي تي) فخر ڪري ٿو) [8]

هل هنئان ڪر هام، هلي جوجھو جانچسان،
منگتا تڻو وسرام، موٽو سُت مهاسينگهه رو.

 (اي منهنجا جيءُ ! هلڻ جي ڪر، اُتي هلي صدا هڻ جتي جوجھي جِي جوُءِ آهي. اها جوءِ ڳولي جوجھي کي ڏسنداسين. جُونجھار سنگهه، ماسينگهه جو سَپُوت پُٽ، ڏاتار ۽ گھرندڙن جو وڏو آسرو آهي.)

ڪوٽان اوپر ڪوٽڙي، ڪوٽڙي اوپر جاڙ،
جوجھا ٿانري ذات، جايو نه جنمسي.

(ڪوٽن کان جونجھار سنگهه جي ڪوٽڙي (اوطارو) مٿي آهي، اوطاري کان وري اها ڄار مٿي آهي، جنهن جي هيٺيان جوجھار سنگهه سخاوت ڪري ٿو، جوجھا تنهنجي ذات مان اڳ نه اهڙو سخي جنميو آهي، نه وري اهڙو پيدا ٿيندو.)

ٿي ڏهي وڙ ٿاٽ، نت گرڻي امل گڙئي،
رنگ هو سگلي ڍاٽ، تنان رنگ جوجھا راجوي.

(جوجھار جي اوطاري ۾ ڏهي جون وٽين ڀري ماڻهو پيئن ٿا، روز ڪاري  غنودي ڪڻڪي ڳري ٿي. اي ڍاٽ تنهنجي سڀاڳي ڌرتي کي جس آهي، جس جوجھا راجوي توکي آهي.

 

رامي ٻوچيئي جو سورٺيو

چارنور جي رهواسي ٻوچيئي نک جي رامو مينگھواڙ سخت ڏڪار ۾ غريب ماڻهن کي رٻ پياري ورهيه ڪٽايو ويو. چارڻ ڪوي رامي جي مهمانوازي کي ساراهيندي چيو آهي ته؛

ٻيتاليهه ۾ ٻوچيئي رامي پياڙي رٻ
سيري ري سمتول، راٻ ٿانري راميا

(سخت ڏڪار ۾ رامي ٻوچيئي(ماڻهن کي) رٻ پياري، اي راميا! تنهنجي رٻ سيري (حلووي) جي برابر هئي)

 

جئهليو سمي جو دوهو

راءِ ڀارو سمو تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ کاروڙي مان پرڻيو، هو، هُن جو پٽ راءِ جئهليو وڏو سوروير ۽ سخي هو. چارڻ ڪوي ساک ڏيندي چوي ٿو ته ؛

جئهليان ڀاري تڻان، جگ ڦري جوئي،
ذات سموڙ سڀڪو، رات سموڙ نه ڪوئي

(سارو جڳ ڦري ڏسجان پر ڀاري سمي جي پٽ جھليئي جي جوڙ جو ڪوئي نه آهي، هن جي ذات جا سوين ملي ويندا پر هن جي جنم جي رات پنهنجي آهي. )

 

لاڌو ۽ لکمڻ ڪولهي جو دوهو

پارڪر جي پٽ جا رهواسي لاڌو ۽ لکمڻ وڏا بهادر ۽ اوطارو هلائيندڙ هئا. چارڻ ڪوي سخاوت ۽ مهمان نوازي ڳائيندي چيو ته ؛

مڪواڻي ني ڪوٽڙي، آئي ورڻ ٿانري آڌار
لاڌو لکمڻ ورچي نهين، ڪولهي ساک تڻا سردار

(مڪواڻي ڪولهي جي ڪوٽڙي (اوطارو) اي آئي (شڪتي) ورڻ تنهنجي آڌار آهي. (اوطاري ۾ مهمانن جي آڌر مان ڪندي) لاڌو ۽ لکمڻ ڪڏهن ورچيا نه آهن، هي ڪولهي ذات جا سردار آهن)

 

ڪيسر ڪولهڻ جو دوهو

پارڪري ڪولهين ۾ ڪيسر ٻائي جو نالو مهمان نوازي ۾ مشهور آهي، ٻائيتاليهه جي ڏڪار ۾ ڪيسر ٻائي چارڻ ڪوين جي سار لڌي هئي؛

ڪيسر ٻائي ڪويان ني پترو جيم پالي،
مامسال پيئر آن ساسرو، ترڻيئي اجالي

(ڪيسر ٻائي ڪوين(چارڻن) کي (ڏڪار ۾) پٽن جيان پالي رهي آهي، ناناڻا، ڏاڏاڻا ۽ ساهراڻو گھر ٽنهي کي هن (پنهنجي سخاوت سان) اجاري ڇڏيو آهي)

 

 

مدي ڪتاب ۽ ماڻهو:

  1. تاريخ ريگستان(سنڌي) رائچند هريجن، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1956ع
  2. راجسٿاني زبان و ادب (اردو) باغ علي شوق، ڇاپو پهريون، چوهاڻ پبلشرز چوهاڻ بلڊنگ گز درآباد، ڪراچي، 1992ع
  3. سوڍائڻ(هندي: ڪوي چمن چارڻ جي ڪوتا)، تحقيق ۽ ترتيب: پروفيسر شڪتي ڏان ڪويا.
  4. جُونجھڻو منڊل ڪا اتهاس”(هندي) ڪنور رگهناٿ سنگهه
  5. ويرونود(هندي) شيامداس
  6. چارڻون رين واتان (هندي) ٺاڪر نارسنگهه جسول
  7. پراڻو پارڪر ليکڪ مگھارام اوجھا سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2006ع
  8. تاريخ راجسٿان حالات مارواڙ ليکڪ ڪرنل جيمس ٽاڊ، انڊس پبليڪيشنز فريد چميبرز عبدالله هارون روڊ ڪراچي. 1991ع
  9. شاهه جو رسالو هوتچند مولچند گربخشاڻي، ثقافت کاتو حڪومت سنڏ، 2012ع
  10. رنگ ڀني (هندي)، پروفيسر شڪتي ڏان ڪويا.
  11. ڌر مجلان ڌر ڪوسان(هندي): ظهور خان مهر
  12. ڇهه ماهي تحقيقي جرنل ڪارونجھر ايڊيٽر ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري جلد 8، شمارو ؛ 15، ڊسمبر 2016ع سنڌي شعبو وفاقي اردو يوينورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، عبدالحق ڪيمپس، باباءِ اردو روڊ، ڪراچي.
  13. لوڪ ساگر جا موتي، پارومل “پريم” پارڪري، پارڪري آڊيوويزل، ميرپورخاص.2000ع
  14. سنڌي لوڪ ادب مضمون ۽ مقالا، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2013ع
  15. سنڌ جي سوڍن راجپوتن جي اتهاس جي هڪ جھلڪ، پروفيسر شيام داس جوشي. سندر رليجس بڪ ٽرسٽ مٺي، 2011ع.
  16. ڪڇ جو رڻ، محمد سومار شيخ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006ع
  17. هري رس، مهراج مولچند منسکداس، مفيد پرٽنگ پريس، رشي گھاٽ روڊ، ڦليلي حيدر آباد. 1968ع
  18. وينجھار، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، آزاد ڪميونيڪشز ڪراچي. 1992ع
  19. سڏونت سارنگاهه(سنڌي) محمد عثمان ميمڻ”اديب” سال 1978ع، پاپولر پرنٽر س، عبرت بلڊنگ گاڏي کاتو حيدرآباد سنڌ
  20. ڍولامارو/دهولا مارو(سنڌي/اردو) آغا سليم، اپريل 1985ع، لوڪ ورثا اشاعت گھر اسلام آباد.
  21. ‘In the praise of Death’ Writer Janet kamphorst Leiden University press 2008
  22. Asian Folklore Studies, Volume 59,2000
  23. مهراڻ رسالي جا مختلف پرچا، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
  24. ڪاوش دنيا مئگزين جا مختلف پرجا.
  25. هفتيوار ٿر نيوز مٺي(مضمون:”عمرڪوٽ” 10 فبروري 2003ع)، ليکڪ: حليم باغي
  26. هيمراج سوٽهڙ ۽ سترام داس سوٽهڙ ؛ هي لوڪ ڏاهپ جا وينجھار چيلهار جا رهواسي ۽ رقم الحروف جا چاچا آهن، هيمراج 2003 ۾، سترام داس 9 فيبروري 2016 ۾ وفات ڪري ڪيو آهي. هيمراج سگھڙ 7 سترام داس ڀڳتي راڳ ڳائيندو هو. خاص طور ڏونگر پري، ڪبير ڀڳت ۽ روحل فقير جو راڳي هو.
  27. نارائڻ ڏان چارڻ، گڻيس ڏان چارڻ ۽ ڪرشن ڏان چارڻ، گڊڙي چارڻ جا رهواسي آهن جن مون کي پنهنجن ڀائرن جيان ڀانيو، هر وقت منهنجي رهنمائي ڪئي.
  28. ڪيسو ڏان چارڻ کاروڙي چارڻ جو رهواسي آهي. عمرڪوٽ جي هن نامياري سگھڙ سان ڪڏهن ڏيول ديوي جي آستاني ته ڪڏهن سندس اوطاري تي ڪچهري ٿي. سائين ڪيسوڏان جو پٽ، ڀورڏان هر ويلي مون کي آڌر مان ڏيندو رهيو.
  29. جڳت ڏان چارڻ ڪوي ڏيسر جو فرزند آهي. هن وقت نيو ڇور رهي ٿو.
  30. منگل سنگهه ڌانڌل راٺوڙ؛ 16 مارچ 1955ع تي تعلقي مٺي جي ڳوٺ ڪڪراڙيو ۾ جنم ورتو ۽ ريگستان جي تاريخ، ثقافت ۽ لوڪ ادب جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي ميدان جو شهسوار آهي. چارڻ جي دوهن توڙي جيون خاڪن کي هندي، ڪتابن سان ڀيٽڻ ۽ انهن تان اُتار ڪري ڏيڻ ۾ هن پنهنجي اوتاري جا در منهنجي لاءِ کولي رکيا. منگل سنگهه جي تعليم ايم اي ۽ ايل ايل بي آهي. سماج سڌارڪ سرگرمين سان گڏ ڪتاب گڏ ڪرڻ سندس دل گھريو ڪم آهي.
  31. کيتو جو سوٽهڙ جي گھر ۾ 12 آگسٽ 1935ع تي جنم وٺندڙ سائين گرڌاري لال ٿر جو ناميارو استاد ۽ ترجمي نگار آهي. سائين گرڌاري لال 1950ع ۾ فائينل پاس ڪيو. 1مئي 1951ع تي پرائمري استاد طور پڙهائڻ شروع ڪيو. 12 آگسٽ 1982ع تي سرڪاري ماستر طور رٽائرمينٽ ڪئي پر ذاتي طور تي اڄ به هڪ استاد جي حيثيت ۾ پاڙي جي ٻارن کي پڙهائيندو رهي ٿو. هندي، مارواڙي، گجراتي مواد کي ترجمو ڪرڻ ۾ هر وقت منهنجي لاءِ پنهنجي اوتاري جو در کولي رکيو.
  32. ڪوي هيمڏان چارڻ جو هن ڪتاب ۾ ڪافي تذڪرو ٿي چڪو آهي، پاٻوهر وڃڻ کان پوءِ وڪيل راءِ سنگهه سوڍي جو اوطارو اسان جي آجيان ۾ رهيو. راتين جون راتيون هيمڏان سان ڪچهريون ڪيون آهن، رائسنگهه ۽ پريم سنگهه جو پيارو ساٿ وڏي وٿ رهيو.
  33. هاشم فقير، ٿر جو سگھڙ ۽ شاعر آهي، سندس اصل ڳوٺ مٺڙيو چارڻ آهي، پر هن وقت مٺي ۾ رهي ٿو. هن نوجوان سان منهنجي ملاقات نرسنگهه سوڍي ڪرائي.
  34. مهراج آتم چند ولد سروپ چند اوجھا چيلهار جو رهواسي آهي، هن مانائتي استاد هندي ۽ گجراتي مواد کي سنڌي ويس ۾ آڻڻ ۾ مدد ڪئي.
  35. ماستر جمال دين مڱڻهار، ٿر جو ناميارو سگھڙ ۽ استاد آهي. اصل ڳوٺ جيسي جو پار آهي. هن وقت عمرڪوٽ لڳ پنهنجي نالي سان”جمال دين جي ڍاڻي” نالي ڳوٺ آباد ڪري رهي ٿو. ملير جي مهڪ ۾ رچيل جمال دين سان ملڻ ۾ مون کي دير ٿي وئي. آئون جڏهن مليس فالج جي حملي سبب هن کي ڳالهائڻ ۾ تڪليف هئي. پر پوءِ ڊاڪٽر عبدالعزيز جي اوطاري ۾ هن سا ڀرپور ڪچهري ٿي. هر دوهي تي گوندر گنگھرو ٿي هن جي زبان تي وڄي رهيا هئا.

 

 

[1] لڪشمي ڪماريءَ جي قلم بند ٿيل دوهن کي سنڌي ويس ۾ آڻڻ توڙي سنوارڻ ۾ منگل سنگهه، ڌانڌل جو ساٿ وڏي وٿ وانگر رهيو..

[2]  هي دوهو ٿر ۾ ائين به چيو ويندو آهي:

ڪڪڙيان تم ڪيان ڪراگيو مانجھم گڙتي رات

مين لاگو ٿان  لاگسي، راڻي واگھل رو ويراگ.

(اي ڪڪڙ ! تون ڇو ٿڌي مٺي گذرندڙ رات جو ڪوڪي رهيو آهين، مون کي راڻي واگھل جو ويراگ لڳو آهي، پر هاڻي  توکي به لڳندو.)

[3]  هي دوهي جي پڙهڻي ائين به ملي آهي ته ؛

     مڙهه مساڻ گيانهه، الل لي پونچيا الک،

     (مانرا) گنگا هڏ گيانهه، (هون) تو ئي ڀوُلون واگھي نا

[4]  هي دوهو هن ريت به ٿر ۾ ملي ٿو ته:

واگھو نا واگھجي نه واگھل رو جوڙ،

ٿانري مانري نه ڪرتو، واگھجي راٺوڙ.

(عمرڪوٽ جا راڻا تنهنجي واگھي سان ڇا ڀيٽ ڪريان ! تون هن جي هوڏ ڇا ڪندين؟ هتي ڪو واگھو آهي نه واگھجي، نه وري واگھل جي جوڙ جو ماڻهو آهي. واگھجي راٺوڙ تنهنجي منهنجي نه ڪندو هو.)

[5]  هيڪي مان ايڪويس، ڪروڙ پوترا قادواڻي

پراڻو پارڪر ص 45[6]

[7] ڪاپڙي خان (پهرئين) جي ڪردار کي چِٽيندي استاد بخاري “ڪرنل ٽائر وِٽُ Colonel Tyrr Whit عرف عام ۾ تروٽُ سان مخاطب ٿي  چوي ٿو ته؛

تون ڀلين خيمن جا دَر هيٺ ڪر،
مان به کوسا ڪاپڙي ڳوليان پيو.

[8]  سوڍو سورج سريکو، انجسي گڍ امراڻ