close
فونٽ سائيز وڌايو فونٽ سائيز گهٽايو

پبلشر پاران


ٿر جي لوڪ ادب سلسلي جو هڪ اهم ڪتاب ”ڌرتي ڳائي ٿي“ اوهان جي هٿن ۾ آهي، ٿر، جو علائقو صدين کان وٺي، پنهنجي خاص ڪلچر، راڳ ۽ شاعريءَ جي ڪري مشهور آهي- ٿر جي لوڪ گيتن، راسوڙن ۽ دوهن جو هڪ پنهنجو انداز آهي. اصل ۾ هتي انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪونهي، لوڪ شاعري ٻڌندڙ جي دل تي هڪ اڻ وسرندڙ احساس جاڳائي ڇڏيندي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته لوڪ شاعري اڀرندي ماڻهن جي پاڙن مان آهي. اها لوڪ شاعري، ٿر جي لوڪ گيتن جي پڙلاءِ ۾، ٿر جي ڀٽن، چونئرن، دڙن، ڏهرن، ترائين، ڳوٺن، مڙهين ۽ ڪکائين اوطاقن مان اُسرندي آهي، ۽ اتي ئي ٿر جي وسڪاري جي مند ايندي آهي، ته ٿر جي آسمان تي ٻڪرال، گهنگهور گهٽائن جي وچ مان وڄ جي وراڪن ۾، ڪارونجهر جي ڀڪ مان اٿندي ڏسبي آهي- وقت ڀلي ڪيڏو به ڇو نه گذري وڃي، پر لوڪ شاعريءَ جو اثر ڪڏهن به ختم نه ٿيڻو آهي. ڇاڪاڻ ته لوڪ گيتن ۾ خود وڏي حُسناڪي، جماليت، فراق ۽ وصال موجود هوندو آهي- سچ پچ ته ٿر جي لوڪ گيتن ۾ صدين جو سفر شامل آهي. هن خوبصورت ڪائنات جي حُسن جو مظهر آهي- اوهان ٿر ۽ ڪڏهن وسڪاري ۾ وڃي ڏسو. اوهان کي ٿر سمورو، ملڪوتي حُسن ۽ ساوڪ جي بيپناهه حُسن سان ڍڪيل نظر ايندو، جنهن ۾ تاڙي جي تنوار، ڪونج جو ڪرلائڻ، مورن جا دل کي ڇُهندڙ ٽهوڪا دل کي جهوري وجهندا آهن. سنڌ جي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه، جي اها پراڻي خواهش هئي، ته ٿر جي لوڪ ادب کي هڪ هنڌ سهيڙڻ گهرجي. ان ڳالهه کي مد نظر رکندي، شاهه صاحب، ٿر جي نوجوان اديب ۽ شاعر، ڀاڙومل سوٽهڙ کي همٿايو، ته هو صاحب، ٿر جي لوڪ گيتن کي ويهي گڏ ڪري. سيد سردار علي شاهه صاحبجي هدايتن موجب ٿر جي لوڪ ادب بابت ڪتابن شايع ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. ٿر جي لوڪ گيتن، راسوڙن ۽ دوهن مان، سيد سردار علي شاهه کان وڌيڪ ڪهڙو ٻيو ماڻهو واقف هوندو. شاهه صاحب ڪيترا ڀيرا ٻڌايو آهي ته ٿر جا راسوڙا، سانوڻ رت ۾ ڪانهوڙي ۽ ٿڌڙيءَ جي ڏڻ تي ڳايا ويندا آهن- ۽ ٿر ۾ وري ڪولهي قبيلي جا راسوڙا ڏينهان به ڏيهه مشهور آهن. جنهن کي ڳائيندي هڪ خاص قسم جو ناچ به ڪيو ويندو آهي. ان ناچ کي گرٻي، پڻ چيو ويندو آهي- صدين جي قديم هن لوڪ ورثي جو، ڪتابي شڪل ۾ اچڻ تمام لازمي هو، ۽ اهو ڪم سنڌ جو ثقافت کاتو، دل سان ڪري رهيو آهي. ماضيءَ ۾ سموري سنڌ جي لوڪ گيتن کي ڪنهن حد تائين ڪتابن ۾ آندو ويو آهي، پر هن ڪم تي اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي.سنڌ اندر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ان سلسلي ۾ وڏو ڪم ڪيو. اهوئي سبب آهي، جو سنڌ جي مشهور شاعرن به لوڪ گيت سرجيا آهن. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ٿر، جيڪو قدرتي سونهن سوڀيا، حُسناڪي، ۽ گيتن جي آماجگاهه رهيو آهي. ان جو لوڪ ادب، ڪتابي صورت ۾ سنڌ جي باشعور پڙهندڙن تائين پهچي رهيو آهي-ڪنهن به ادب جي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ ڪتابن جي اشاعت هڪ اهڙو سلسلو هوندو آهي، جنهن سان اها ٻولي وڌندي ۽ ويجهندي رهندي آهي. سنڌ جي ثقافت کاتي پنهنجي اها ذميواري محسوس ڪندي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. اداري طرفان اهڙيون ڪوششون جاري رهنديون. مون کي اميد آهي لوڪ شاعري بابت سنڌ جا پڙهندڙ هنن ڪتابن مان ضرور لاڀ حاصل ڪندا- هن ڪتاب ۾ اوهان کي ڪيترائي دل کي ڇُهندڙ گيت نظر ايندا: گيت وانگر: چنڊ ڪارونجهر جي ڪور تي چڙهيو آهي. آخري رات لڙي آهي- پيا!هاڻي ته گهر ڏانهن اچ، منهنجو جيءُ تو بن آنڌ مانڌ ۾ آهي! سدائين ساٿ سلامت: غلام اڪبر لغاري سيڪريٽري ثقافت، حڪومت سنڌ، ڪراچي 6 اپريل 2018ع

سهڙيندڙ پاران


ڌرتيءَ جي روح جي ٻوليءَ

مون ٿر جي لوڪ گيتن، راسوڙن ۽ دوهن تي 2001ع کان ڪم شروع ڪيو هو. ۽ اڄ ڏينهن تائين ڪري رهيو آهيان. لوڪ شاعري منهنجي لاءِ هڪ  ترنم، هڪ آغوش آهي. مون ڌرتيءَ جي روح جي ٻوليءَ جي لولي تي ڪڏهن مٺي ننڍ ڪئي آهي. ته ڪڏهن ڪچي ننڍ ڦٽائي آهي. نوجواني جا حسين ڏهاڙا  ٿر جي لوڪ گيتن جي گونج ۾ چونئرن، چونڪين، مندرن، مڙهن، ڀٽن، دڙن، ڏهرن، ترائين، ٽوڀن، ڳوٺن ۽ شهرن جي اوتارن، اوطاقن ۽ چونڪن تي سگهڙ سياڻن، لوڪ ڳائڪن، مڱڻهارن ڀاٽن، ڀانن، چارڻن، شاعرن، اديبن، عالمن، استادن، صحافين ۽ سماجي ورڪرن سان گڏ ويهي لوڪ شاعري تي ويچار ونڊيندي  ڪٽيا آهن. مون لوڪ شاعري جي سرور ۾ ٻڪرال وڄ جي وراڪن ۾ گنگهور گهٽائن کي اڀرندي ڏٺو آهي ته مورن جي مٽڪو تي ڪارونجهر جي ڏونگر کي ڏيئي وانگر ڏيپندي محسوس  ڪيو آهي. ٿر جي لوڪ شاعري ۾ جذبن جي معصوميت، اظهار جي نماڻائي، بي پناهه جماليت، فراق ۽ وصال جون وارتائون  آهن. جن جي عمر  ڪئلاش تي  رهندڙ  ديو مالائي  ڪردارن کان وڏي آهي. لوڪ شاعري جو سرڳ  ديوتائن جي سرڳ کان سهڻو آهي. ٿر ۾  لوڪ گيتن جي شروعات مينهن جي وسڻ، مورن جي مٽڪو، تارن جي جڳ مڳ، تاڙي جي تنوار،  هرڻن جي ڇال، ٻاٻيهي جي اڃ سان شروعات ٿي آهي. لوڪ گيتن جو آهنگ ۽ ردم فطري آهي. ان ڪري جڙتو پابندين کان آجي شاعري  هميشه ڪشش جو ڪارڻ رهي آهي.

منهنجي انتهائي پياري دوست دليپ ڪوٺاري نينهن پبليڪشن پاران 2004ع منهنجو  هڪ ننڍڙو سانوڻ رت ۾ ڳائجندڙ لوڪ گيتن تي مشتمل ڪتابڙو ڇپرايو جنهن جي منڊ ۾ مون سهيڙيندڙ پاران نوٽ لکندي لکيو هو ته؛ ٿر ڪائناتِي حُسن جو اُهو مظهر آهي، جنهن ۾ تاڙي جِي تنوار، ڪُونج جي ڪُرلائڻ، مور جي ٽهُوڪي ۽ ڪنهن سُندرِيءَ جِي سوز ڀرِي صدا جهڙا ميٺاج سان پُر توڙي دل کي ڇُهندڙ ۽ ڪُهندڙ آواز ٻُرندا آهن، جن تي صدين جي سفر ۾ هرڻ هٺيلن جهڙا ڪيئِي اَرڏا انسان اَڪن ڇڪن ٿي تاريخ جو حصو ٿي ويا. رڳو رڻمل راٺوڙ نه هو، جنهن کي گهاگهرو پاتل گوريءَ جي وينڊلين واري وجود ۽ ٻولاس (ڳالهاءَ) موهيو هو، پرسڪندر اعظم جهڙي عظيم فاتح جِي دل تي پڻ هڪ نيري پنک واري مور جي رُوپ سَرُوپ ۽ آواز ديرو ڄمايو هو. ٿر ۾ انهن آوازن جي ابتدا “ڪلهه ۽ اڄ” نه ٿي آهي پر اهي نسل در نسل کان صدين جو سرمايو آهن، جن جو ماضي ازل جي اهڃاڻ سان ملي ٿو.

گِيت لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ “گيه” مان نڪتل آهي، جنهن جِي معنيٰ آهي ڳائڻ، ٻاٻِيهي جي ٻولن کان وٺِي هنسلِي واري نوخيلِي نار جي آواز تائين سمُورو “ڳائڻ” آهي، جنهن کي پَدُ ۽ ماترائُون ڏيڻ وارا گوَيا ۽ انهن جا نقاد ڪهڙو به کڻي نانءُ ڏين، اها سندن مرضِي، پر دنيا جي اڍائي جادُوئن ۾ لوڪ گِيتن جِي سحر انگيزِي به شامل آهي.

لفظ راسُو يا راسُوڙا بُنيادِي طور لفظ رَسُ ۽ نرتيه مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ناچ، اهڙو گِيت، جيڪو ڳائيندي مخصُوص انداز سان ڪو ناچ ڪيو وڃي اُن کي راسُوڙو يا راسُو چئبو آهي. مارواڙي، ڍاٽڪي، پارڪري لوڪ راسُوڙن سان گڏ چندر بردائي کان وٺي آشانند چارڻ تائين ننڍي کنڊ  جي مشهور شاعرن راسُو لکيا آهن. چندر بردائي جو “پِرٿوِي راج راسُو” ڪتاب مشهور آهي. ٿر ۾ راسُوڙا خاص طور سانوڻ رت ۾ ڪانهُوڙي  ۽ ٿڌڙي  جي ڏڻ تي ڳائبا آهن، ٿر ۾ ڪولهين قبيلي جا راسُوڙا مشهُور آهن. راسُوڙو ڳائڻ مهل عورتُون گول دائري ۾ نچنديُون هڪ ٻي سان تاڙيُون ملائِينديُون آهن ۽ مرد  ڏانڊيا راند ڪندا آهن. ڪولهي قبيلي ۾ راسوڙو ڳائيندي  هڪ مخصوص قسم جي ناچ ڪئي ويندي آهي، جنهن کي  گرٻي يا ‘ڍول رموا/ رمت ‘چئبو آهي. ٿر جي گلوڪارن به راسوڙا ڳائي مقبوليت ماڻي آهي.

جڏهن بادل ڀرجِي گرجِي وسڻ جا ويس ڪن ٿا ته وسڪاري جو وجُود جنم وٺي ٿو، جنهن کي سانوڻ رُت سڏيو وڃي ٿو. جيڪا جُون کان سيپٽمبر تائين هلندي آهي. سانوڻ لفظ  جو بُڻ بُنياد “شروڻ” ڏنو وڃي ٿو، جنهن جو مطلب آهي سُڻڻ يا ٻُڌڻ. ڪَتِيءَ جا ڪاڙها نڪرڻ کان اڳ ۾ وسڪاري جي انهيءَ مُند ۾ ٿَرِيءَ زندگيءَ جي هر وجُود جِي ڪُوڪَ آوازن جي دنيا جو اتساهڪ پهلُو بڻيل هُوندِي آهي. صدين جي لوڪ ورثي جا سمُورا رواج، تهذيب ۽ ثقافت جا رنگ سمايل آهن. شادي وهانءَ جون رسمُون، فراق جا ڦٽ، سخاوت جو جذبو، قُربانيءَ جو حوصلو، حُسن ۽  عشق جا داستان، ٽِيجُ تهوار، ساوڻ جا سانگ ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع انهن لوڪ گيتن ۾ ذڪر هيٺ آندل آهن. سُرن ۽ سازن جي آهنگ سان ملِي اِهي لوڪ گيت امرتا جي پد کي ڇُهي چُڪا آهن. صدين جي اِنهيءَ اَمُلهه سرمايي کي سهيڙڻ لاءِ سؤ جنم گُهرجن. مون ٿر ۾ ڳائجندڙ  لوڪ شاعري کي ميڙڻ جي هڪ ننڍڙِي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ٿر ۾ ٿيندڙ راڳ رهاڻيون ۽ مُحبتِي ميلا هن ڌرتيءَ جو اَصلُ رُوح آهن، جيڪي وقت جي وهڪرن ۾ پنهنجو وجُود بچائِيندا پيا اَچن.

موسيقي جي مانڊاڻ ۾ لوڪ شاعري جون ڌُنون ڌڙڪندڙ دل جهڙي حيثيت رکن ٿيون. ننڍي کنڊ جا ڪيترائي مهان راڳيءَ ۽ گويا لوڪ گيتن جي امر ڌُنن کي ورِي ورِي ڳائڻ کان رهِي نه سگهيا. مُون سنڌِي ادب ۾ لِکت جِي صُورت نه وٺِي سگهيل هِي چند لوڪ گِيت ۽ لوڪ ٻول گڏ ڪيا آهن. لوڪ شاعريءَ جِي هڪڙِي صُورتخطِي ۽ هڪڙو لهجو ملڻ مُشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته چوندا آهن ته “ٻارنهن ڪوهَن ٻولي ٻِي”، ان چوڻِيءَ جِي روشنيءَ ۾ انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿيڻو پوندو ته هر علائقي ۾ ٿورِي گهڻِي لهجائِي تبديليءَ سان هي لوڪ شاعري ڳائجي ٿي”.

اڄ به منهنجا لوڪ گيتن، راسوڙن، دوهن، لوڪ موسيقي ۽ ميڙا چونڊي  بابت احساس اهي آهن. ان ڪري هن ڪتاب ۾ گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا گيت ۽ دوها شامل ڪرڻ سان گڏ سهيڙيندڙ جو نوٽ به شامل ڪيو آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ٿر جي لوڪ ادب تي تمام وڏو احسان آهي ڊاڪٽرصاحب سائين رائچند هريجن، منگهارام اوجها،معمور يوسفاڻي  ۽ ٻين جي مدد سان لوڪ گيتن جي ڪتاب ۾ 42 گيت ٿر جا شامل ڪيا. ڊاڪٽرصاحب جي سهيڙيل گيتن کي پڙهي، ٿر ۾ مختلف وقتن ۾ ٿري ڳائڻن کان لوڪ گيت ٻڌي سنڌي ٻولي جي سگهارن شاعرن شيخ اياز، تاجل  بيوس، استاد بخاري، نياز همايوني ۽ ٻين ٿر جي لوڪ گيتن جي ردم ۾ لوڪ گيت سرجيا. داڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب  شادي مرادي جي گيتن کي ‘ڳيچ’ طور ڌار آندو آهي. پر مون انهن کي گيتن ۾ شامل ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ٿر ۾ انهن کي گيت ئي چئبو آهي.

ننڍي کنڊ ۾ لوڪ گيتن کي ميڙڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. زيور چند ميگهاڻي، ديويندر ستيارٿي، رام شرڻ داس، رام نريش ترياٺي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، باغ علي شوق، لالجي همٿوجي سوٽهڙ، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارٿي کان وٺي پيرڏان سنگهه سوڍا، ڪلاڌرمتوا،  ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري، نور احمد جنجهي، حاجي محمد ڪنڀار، شنڪر ساگر تائين ڪيترن ئي عالمن محققن، اديبن لوڪ گيتن کي ميڙيو آهي. پر پوءِ به ڪيترائي لوڪ گيت اڃان لکت جي صورت اختيار ڪري نه سگهيا آهن. لوڪ گيتن تي ڪم ڪندڙن محققن مجموعي طور تي لوڪ گيتن کي هيٺين چئن قسمن ۾ ورهايو آهي؛

  1. پرمپرا لوڪ گيت،
  2. چارڻي لوڪ گيت،
  3. وڪرت لوڪ گيت
  4. ساهيتڪ لوڪ گيت

 ٿر ۾ چئن ئي قسمن جا گيت ملن ٿا. جن جي ٻولي سنڌي، ڍاٽڪي، پارڪري ۽ مارواڙي جي سنگم ۾ جڙيل ٿري ٻولي آهي. ڪنهن گيت تي سنڌي ٻولي جو اثر وڌيڪ آهي ته ڪو گيت ڍاٽڪي ۾ رچيل آهي. ڪو گيت پارڪري ۾ پُر ٿيل آهي ته ڪو گيت مارواڙي ۾ ملبوس.

مون 150کان مٿي لوڪ راسوڙا ميڙي راسوڙن جي ڏکين لفظن جي معنيٰ درست ڪرڻ جي لاءِ اسلام ڪوٽ جي واسي پياري دوست استاد ڪرشن ڪولهي  جي حوالي ڪيا. پر اوچتو ڪرشن نوجواني ۾ گذاري ويو.  ڪرشن جي وفات کان پوءِ  اهو مسودو ٻيهر واپس هٿ نه چڙهي سگهيو. پيارن ساٿين انور خميساڻي ۽ فقير منور ساگر مسودي جون پڇائون ڪيون پر ملي نه سگهيو. هن ڪتاب جي اڻت ڪندي ڪرشن ڏاڍو ياد اچي رهيو آهي.

آئون سنڌ جي سگهاري شاعر، ليکڪ ۽ سنڌ ثقافت، سياحت ۽ نواردات کاتي جي وزير سائين سردار علي شاهه جو نهايت ٿورائتو آهيان جو سائين  جي نوازش نظر سان هي ڪتاب پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچي رهيو آهي.  آئون مانواري سائين تاج جويو، پيارو شيواڻي، تِيرٿ ڪُمار راٺوڙ ، نواز باغي، دليپ ڪوٺاري، شهاب نهڙيو، ناشاد سمون، ساگر خاصخيلي، ڪريم فقير، ڪئلاش رتناڻي، شنڪر باغي، ڊاڪٽر ناٿو سنگهه، ڊاڪٽر عزيز، رجب فقير، ڪشور ڪنول، ڀگوان داس لهاڻو، نظام سمون. نند لال لهاڻو، خالد چانڊيو. منور هاليپوٽو، اي بي آريسر، مرتضيٰ راهمون، جان محمد سمون، پرديپ ڀاناڻي، حاجي محمد ڪنڀار، گل گوماڻي، اياز رضوي، قربان شاهه، ڀورو خان خاصخيلي، انيل ڪمار، گمانو مل ميانداد سميجو، محمد عظيم ڪنڀار، ٽائيم ڪمار، غلام محمد ڪنڀار، سخي محمد نهڙي، غازي نهڙي، الماس نهڙيو ۽ ٻين دوستن جا وڙ ڪيئن ٿو وساري سگهان، جن جو ساٿ هن  ڪتاب جي اڻت  ۾ وڏِي وٿ رهيو آهي.منهجو ننڍڙو  ڀاڻيج اميت ڪمار اڳ جيئن منهنجو ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو.

سٻاجهو شاعر ايوب گل مون کي وارياسي جي ان گل وانگر پيارو آهي. جنهن کي نه صرف اتر جي اوتن ۾ شفق چميون ڏيندي آهي پر واهوندي جي ولهه ۾ ماڪ پسائيندي آهي. سانوڻ جا وڏڦڙا واس ڏيندا آهن. ايوب گل منهنجي سنڀاليندڙ دوستن مان آهي. ڪتابن جي ڪم دوران هن مون کي سنڀاليو آهي. منهنجي بي ترتيبي ۽ رولاڪي تي  رنج ٿيڻ جي بدران  مون کي پيار ڏنو آهي.

لوڪ ادب کي ميڙڻ ۽ ان تي  تحقيق ڪرڻ هڪ ڪٺن ڪم آهي. آئون ان سان ڪيترو  نڀاهي سگهيو آهيان. ڪا وڏي دعويٰ نه آهي. آئون فقير تن ۽ من وارو ماڻهو آهيان. مون کي  مکڻ  مان وار ڪڍڻ وارن نقادن جي راءِ کان وڌيڪ پڙهندڙن جي پرخلوص راءِ جو اوسيئڙو رهندو.  

 

ڀارُو امراڻِي سُوٽهڙ

چيلهار، ٿرپارڪر، سنڌ



ٿري لوڪ ادب ۽ ڀارو مل امراڻي


ٻارس آوِي ري سهيليان، ٻاٻيها ٻولنت،

نيني سِرامڻ پاڌرو، هونٽي ٻيج کِونت.

[ٻارس آئي آهي ڙي سهيليو! ٻاٻيهو ٻولي پيو، نيڻن ۾ سانوڻ ۽ بڊو سمايو آهي ۽ چپن مان وڄ پئي چمڪي.]

ٿرُ، گيتن جي سرزمين آهي. هتي گيتَ، ماءُ جي ٿڃ جيان ڌرتيءَ مان گُوها گُوها ڦُٽي نڪرندا آهن. مون هڪ هنڌ لکيو هو ته، “اهو خبر ناهي ڪهڙو بدذوق شخص هو، جنهن چيو هو ته: ‘راڳُ، پنجابَ ۾ ڄائو ۽ ٿر ۾ اچي مئو.’ پر حقيقت اُن جي ابتڙ آهي. ٿر، گيتن جي جنم ڌرتي آهي، ۽ سنگيت، هن سرزمين جي نَس نَس ۾ موجود آهي.

‘گيت’، ڳائڻ جي شيءِ آهن. گيت ۽ راڳ (سنگيت) پاڻ ۾ لازم ملزوم آهن. دنيا جي گولي تي ڪو اهڙو گيت سِرجيو ئي نه ويو آهي، جيڪو ڳاتو نه ويو هجي؛ جنهن جي موسيقي ۽ جنهن جا سُر فضا ۾ پکين ۽ بادلن جيان اُڏريا ۽ وکريا نه هجن؛ جنهن تي نِرتڪين ۽ نِرتڪارن ناچ نه ڪيو هجي. ان حوالي سان، ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، جيڪڏهن آءٌ چوان ته: ڪائنات جا حسين ترين گيت، ٿر جي سرزمين تي سرجيا ويا آهن. آءٌ جڏهن هتي ‘ٿر’ جو لفظ ڪم آڻيان ٿو ته منهنجي اڳيان ڍٽ، پٽ، پائر، کاهڙ، پارڪر، اڇڙو ٿر، ڪڇ، گجرات، مارواڙ، سوراشٽر، جيسلمير، چولستان ۽ اُهي سمورا علائقا اچي وڃن ٿا، جن جي ٻولي، ٿوريءَ ڦير گهير ۽ لهجي- مَٽ سان ذري گهٽ ساڳيو پسمنظر رکي ٿي.

گيتَ، ڪائنات جي پهرين شاعري آهن، ۽ گيت فطرت جي حسين ۽ جميل ڳُجهه ۽ راز (Myth & Mystery) جي مجسم صورت آهن. چون ٿا ته جڏهن مهاديو کان پارپتيءَ پُڇيو هو ته: “آءٌ تو کي ڪيئن لڳان ٿي؟” ته هن وراڻيو هو، “ڄڻ گيت جي ڪا لڙي!” ٻئي طرف اوم پرڪاش، ‘گيت کي اُن پلَ، گهڙيءَ ۽ لمحي سان لاڳاپيل سمجهي ٿو، جڏهن حوا ۽ آدم هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيا هئا ۽ سندن گفتگو لفظن يا اشارن بدران چپن سان ٿي هئي.’

“ٻار جا ڳوڙها، ٿڃُ جو ميٺاڄ ۽ اهڙي آسيس، جيڪا رڳو مامتا جي پيارَ ۽ ٿپڪيءَ مان ملي سگهي ٿي”، ميرا جيءَ جي نظر ۾: “اهو سڀڪجهه گيتن جي تاثر ۾ موجود آهي.”

گيت، انساني من کي اهڙو سُڪون ۽ بيخودي بخشين ٿا، جيڪا اڄوڪي مهذب معاشري ۽ باشعور ثقافت جي بيجا وزن ۽ بوجهه کان ڇوٽڪارو ڏياري، ماڻهوءَ کي فطري زندگيءَ (Natural Life) سان ويجهو ڪري ٿي.

گيت، ڌرتيءَ مان اوٻاڪون ڏئي ڦُٽي نڪرندا آهن، ۽ اُهي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڄاون سادن سودن، معصوم ۽ ٻالن ڀولن انسانن جي جذبن ۽ امنگن مان جنم ورتل هوندا آهن. تڏهن ته دنيا جا اوائلي گيت، ‘لوڪ گيت’ (Folk lyrics) ئي سمجهيا ويا آهن، جن جو ڪو هڪڙو شخص گيتڪار يا تخليقڪار نه هوندو آهي.

مشرقي شاعري، خاص ڪري ننڍي کنڊ جي شاعريءَ تي نظر وجهبي ته اُن جي مختلف صنفن جي پيڙهه ڌار ڌار ‘رسن’ تي رکي وئي آهي، جيڪي ‘رس’ مختلف احساسن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندا آهن. گيت لاءِ خاص رس، ‘شرنگار رس’ ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو رس، محبت  ۽ پيار لاءِ مخصوص سڏيو ويو آهي؛ جنهن ۾ جنسي ڇِڪَ (Sexual attraction) کان وٺي، ماءُ، پيءُ، ڀيڻن ۽ ڀائرن جي محبت، زال ۽ مڙس جي پريمَ، محبوب جي وڇوڙي ۽ اوسيئڙي، پهاڄ سان نفرت، سَس نڻاڻ جي کِٽ پٽ، ديوتائن ۽ ديوين ۾ ويساهه، پِيرن ۽ وَلين ۾ اعتقاد، ڌرتي ماتا سان پيارَ، موسمن جي تبديليءَ ۽ تهذيبي تهوارن جي اهميت ۽ حسناڪي وغيره جا موضوع اچي وڃن ٿا.

نقادن، گيتن جي فڪري پهلوءَ کان وڌيڪ اُنهن جي سادگيءَ، معصوميت، بيساختگيءَ، مڌر ۽ سرل ٻوليءَ، سادي ترنم ۽ فطري لئه کي اهميت ڏني آهي. سندن چوڻ آهي ته گيتن ۾ گهري فڪر جي پرٽ، گيت کي گيت نه، پر فلسفو بنائي ڇڏي ٿي. گيت جي سادي هيئت ۾ گهرو فڪري پسمنظر ڏيڻ سان ان جي معصوميت متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ پوءِ اهو گيت نه پر ‘نظم’ بنجي پوي ٿو. گيت ۾ ڪيفيت ڪهڙي به هجي، پر ان جو اظهار سادو، سلوڻو ۽ سُريلو (Lyrical) هئڻ کپي ۽ ان ۾ صرف احساساتي پهلو نمايان هجي ته اهڙو گيت من تي گهرو اثر ڪندو آهي.

اسان جي سرزمين سنڌ پڻ دنيا جي هر فطري ڌرتيءَ وانگر ‘گيتن جي ماءُ ڌرتي’ آهي. هن ڌرتيءَ جي هر ڀاڱي: ڪچي، ڪاڇي، لاڙ، وچولي، اتر، ڪوهستان، ڪڇ ۽ ٿر ۾ لوڪ گيتن جا ڀنڊار موجود آهن؛ جن ۾ ماءُ جي ممتا سان ڀرپور ڪوڏاڻن، لاڏن ۽ لولين کان وٺي اوسارن ۽ پارن تائين، جمالي، گامڻ ۽ ٻيلڻ کان وٺي، همرچي ۽ راسوڙن تائين، بادليئي، موريي ۽ ورساڙي کان وٺي وڻجاري، ڍولي ۽ مڻهياري تائين؛ لئيڪي، جلالي، ڪانگلڙي کان وٺي چوماسي ۽ سانوڻ ٽيج تائين، هچڪي ۽ پڻياريءَ کان وٺي اوڏڻ، جوڌيي ۽ ڏهُوڪي تائين، ڪجليي کان وٺي موڏي ۽ موري تائين سوين گيت جون جنسون ۽ وَڙَ موجود آهن.

سنڌي لوڪ گيتَ، سنڌ جي تهذيب، تاريخ، روايتن ۽ عوامي ادب جو آئينو آهن. دنيا جي ادب ۾ سنڌ جا لوڪ گيت، موضوعن ۽ عنوانن جي حوالي سان هڪ منفرد رنگارنگي ۽ حسناڪي پيش ڪن ٿا، جنهن تي تحقيق ۽ کوجنا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ گيتن تي رائچند راٺوڙ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، منگهارام اوجها، نارائڻ ڀارتيءَ، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ، ڄيٺي لالواڻيءَ ۽ ڪشني ڦلواڻيءَ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. رائچند، ‘تاريخ ريگستان’ ۽ ٽه ماهي ‘مهراڻ’ ۾ ٿر جا ڪجهه گيت ۽ انهن جو پسمنظر لکي، ٿر خطي جي گيتن ڏانهن محققن کي متوجهه ڪيو. منگهارام اوجها ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ پڻ لوڪ گيتن جي اهميت کي محسوس ڪري، ڪجهه گيت گڏ ڪيا هئا.

جڏهن سائين جي. ايم. سيد، ميران محمد شاهه ۽ ٻين عالمن، سنڌي ادبي بورڊ جي، 1951ع ۾ نئين سر تشڪيل ڪئي ته انهن سنڌ جي تاريخ، لغت، ڪلاسيڪي ادب ۽ ترجمي وغيره جي اسڪيمن سان گڏ هڪ اسڪيم ‘لوڪ ادب’ کي گڏ ڪرڻ جي به اڳيان رکي هئي؛ جنهن کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي ڪيو ويو هو، جنهن صاحب 40 کان مٿي لوڪ ادب سيريز جا ڪتاب تيار ڪيا ۽ ڪرايا. لوڪ ادب سلسلي جو سترهون نمبر ڪتاب ‘لوڪ گيت’ هن 1963ع ۾ مڪمل ڪيو هو، جنهن جو پهريون ڇاپو، آڪٽوبر 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو هو، ۽ ان جو ٻيو ڇاپو 2006ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ 57 قسمن جا لوڪ گيت گڏ ڪيا ويا هئا. انهن ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ مقبول لوڪ گيتن جا پنج قسم، اُتر سنڌ جي لوڪ گيتن جا اَٺ قسم ۽ ڪوهستاني لوڪ گيتن جا ٻه قسم ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ٿرپارڪر جي مقبول عام 42 گيتن جا قسم بيان ڪيا ويا آهن. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سڄيءَ سنڌ مان ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي لوڪ گيتن جا صرف 15 قسم ملي سگهيا هئا، جڏهن ته رڳو ٿرپارڪر مان 42 قسمن ۽ عنوانن جا گيت دريافت ٿيا هئا. ان مان ثابت ٿيو ته سڄيءَ سنڌ ۾ ٿر جو خطو گيتن جي حوالي کان وڌيڪ شاهوڪار (rich) خطو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب اتر سنڌ، ڪوهستان ۽ عام سنڌ ۾ مقبول عام گيتن تي جنهن تفصيل سان لکيو آهي، اهڙو تفصيلي ذڪر ۽ بيان هُو ٿرپارڪر جي گيتن جو نه ڪري سگهيو آهي. خبر ناهي اُن جو ڪارڻ ڪهڙو هو، جڏهن ته انهن گيتن گڏ ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي وڏي ۾ وڏي مدد رائچند راٺوڙ جهڙي ڄاڻو ماڻهوءَ ڪئي هئي، جيڪو انهن گيتن جي پسمنظر کان بخوبي آگاهه هو. بهرحال ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هيءَ تحقيق هڪ لافاني ڪارنامو آهي.

لوڪ گيتن ۽ لوڪ ادب تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان پوءِ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن ‘لوڪ ادب جو ارتقائي جائزو’ جهڙي تحقيقي ٿيسز لکي آهي، جيڪا سندس Ph.D جو مقالو آهي، پر سنديلي صاحب جي تحقيق ۾ به ٿرپارڪر جي گيتن جو تفصيل نه هئڻ جي برابر آهي. شاباس آهي ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ، ڄيٺي لالواڻيءَ ۽ ڊاڪٽر ڪشني ڦلواڻيءَ کي، جن ٻنيءَ ۽ ڪڇ جي لوڪ گيتن کي گڏ ڪرڻ جو ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. پرسي گدواڻيءَ، ‘ڳيچ/ ڳيجهه’، ‘لوڪ ساهت’، ‘سنڌي ٻوليءَ جي زيارت’، ‘ٻنيءَ جا گيت’، ‘ڳجهارتون’ ۽ ٻيا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. پنڊت ڪشنچند جيٽلي پڻ سنڌي ڏڻن/ تهوارن جي گيتن تي مشتمل هڪ ننڍڙو ڪتابڙو انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور (ڪڇ) مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ديوندر ستيارٿيءَ واري دڳ تي قدم ڌري، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ ‘سنڌي لوڪ گيتن ۾ سماجڪ پسمنظر’ جي عنوان سان Ph.D جو مقالو لکي ڇپارايو. هن گهرو گيتن، خاص ڪري ڏاڏين ۽ نانين ۽ پوڙهين عورتن کان ٻُڌل گيتن کي گڏ ڪري مختلف ڪتابڙا ڇپايا، جن ۾ ‘مينديءَ رتا هٿڙا’، ‘لوڪ تان’، ‘جمالو’ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب اچي وڃن ٿا. ڄيٺي لالواڻيءَ، ‘ٻنيءَ جا لوڪ گيت’ عنوان سان Ph.D جي ٿيسز لکي آهي، اهڙيءَ طرح نوجوان اديب ڪلاڌر متوا، ‘متون جا گيت’ نالي هڪ ننڍڙو ڪتاب لکي ڇپايو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر ڪشني ڦلواڻيءَ جي ٿيسز جو سنڌي روپ محترم نور احمد جنجهيءَ ‘ٿر ۾ ڳائجندڙ سنڌي داستان’ (2007ع) عنوان سان ڇپايو آهي، جنهن ۾ خاص ڪري لوڪ ڪلاسيڪي داستانن وارا گيت شامل آهن. هند ۾ لوڪ ادب ۽ لوڪ گيتن تي هيري ٺڪر به هڪ تفصيلي تحقيقي مقالو لکيو آهي، جيڪو پڙهڻ جوڳو آهي. تازو لوڪ گيتن بابت، سنڌ جي نوجوان اديب، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ‘سنڌوءَ جا گيت’ (2008ع)، پڻ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، ڇپائي پڌري ڪئي آهي.جنهن ۾ سنڌ جي سمورن علائقن جا لوڪ گيت شامل آهن.

لوڪ گيت جا موضوع سوين نه پر هزارين آهن، ۽ سمورا موضوع، عورتَ، ڌرتيءَ، سماج ۽ عوامي پيشن سان لاڳاپيل آهن. عام ماڻهوءَ جا ڏک سک، جذبا، خوشيون ۽ غميون، احساس، لوڪ گيتن ۾ موجود آهن.

 ‘هي گيت شروعاتي انسان جو خوشيءَ ڀريو سنگيت آهن’، اها راءِ، شيام پرڪاش ‘ڀارتيه لوڪ ساهتيه’ ۾ ڏني آهي. انسان جو هنن گيتن سان ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين ناتو نه ٿو ٽُٽي. ٻار جي ڇٺيءَ جي خوشيءَ واري لمحي کان وٺي مرڻ جي ڏُک جا گيتَ، پارَ ۽ اوسارا سڀ گيتن جي پيٽي ۾ اچي وڃن ٿا. اها به خاطري آهي ته لوڪ گيتن جي اها روايت ان وقت تائين قائم رهڻي آهي، جيستائين انسان هن ڌرتيءَ تي موجود رهڻو آهي. آمريڪي فوڪ لورسٽ رچرڊ ڊارسن جي راءِ موجب: “لوڪ گيت وقت جي حدبنديءَ ۾ اچي نه ٿا سگهن. اهي نديءَ جي وهڪري وانگر آهن، جن ۾ اڳيون پاڻي به آهي ته نئون پاڻي به اچي وڃي ٿو.”

لوڪ گيت ڪنهن قوم جي فردن جي ‘ذهني تاريخ’ جو آئينو آهن، گيتن جي ٻولن ۾ ڪڏهن ڪڏهن تاريخي واقعا ۽ اهڃاڻ به ملن ٿا، جن تي تحقيق ڪري تاريخ جو سچو ۽ حقيقي چهرو ڏسي سگهجي ٿو. سنڌي لوڪ گيتن تي (جن ۾ اتر جا سرائيڪي ۽ ٿر جا ڍاٽڪي ۽ مارواڙي گيت به اچي وڃن ٿا). اسان گهري نظر وجهنداسون ته اُنهن مان اسان جي تاريخ ۽ تاريخي واقعن بابت ڪيترا اُهڃاڻ لڀندا:

مثال:

تـَتـِــي نــــي ٿـوٻـِــي، مـَـل گهـتـيـم جـــو پـيـڙا،

‘ڦلنگي’ دي صاحبي، رَنان ڪرينديان جهيڙ!

---

ڇلا رنگ برنگي اي، سُنگي هيٺ ‘ڦُلنگي’ اي،

جنهن دي ٽوپي ڏنگي اي!

هنن لوڪ گيتن ۾ انگريزن/ فرنگين جي سنڌ ۾ آمد جو ذڪر اچي ٿو. هي لفظ ‘ڦلنگي’، سورهين صديءَ ۾ پورچوگيزن جي آمد وقت رائج هو ۽ بعد ۾ انگريز واپارين لاءِ پڻ ڪم آندو ويو، ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ به موجود آهي.

اُڏريان ني ڪُونجان، وڃ لٿڙيان ني کيل اي،

‘جيسلمير دي قيدي ڇُٽي’، آؤندي ني ريل اي.

هن گيت ۾ برصغير اندر انگريز دور دوران ‘ريل’ جي موجودگيءَ جي ڄاڻ پوي ٿي ۽ گڏوگڏ سنڌ جي ڪن سورهين جي ‘جيسلمير جي قيد’ مان آزاد ٿي اچڻ جي خبر پوي ٿي.

مَهري جو والا تيڏي مَهري ڪون تنگ اي،

اڳتي نه وڃ، اڳون ‘جرمن دي جنگ’ اي.

هي لوڪ گيت 1914ع جي پهرين مهاڀاري لڙائي ۽ ‘جرمن جي جنگ’ جا اهڃاڻ، پنهنجي وجود ۾ سمائي آيو آهي.

ڪارا! ڪجليو ٿي گان، ڙي ڪارا! ڪجليو ٿي گان!

جاني مانجو ‘جيل’ ۾، هُون ‘ريل’ ڏي ٿي جان،

جاني مان جو جوڌو جوان، ڪارو اُوئي رو نان!

تارياڻيءَ مان تار موڪلي، عمرڪوٽ ٿي جان!

ڪارا! ڪجليو تِي گان!

[ڪارا! تو لاءِ ڪجليو پئي ڳايان!

منهنجوجاني جيل ۾ آهي، آءُ ريل (ڏسڻ) ٿي وڃان،

منهنجو جاني جوڌو جوان آهي، جنهن جو نالو ڪارو آهي!

تار گهر مان تار موڪلڻ لاءِ عمرڪوٽ ٿي وڃان!

اي ڪارا! آءٌ تو لاءِ ڪجليو ٿي ڳايان!]

هن ‘ڪجليي’ گيت ۾، ‘جيل’، ‘ريل’ ۽ ‘تار’ جو ذڪر آهي، جن ٽنهي جي ابتدا انگريزن جي صاحبيءَ ۾ ٿي هئي. تار گهر لاءِ ‘تارياڻي’ جو لفظ ڪيڏو ته تز ۽ سهڻو عوامي نالو آهي.

ائين سنڌ ڌرتيءَ جي سمورن خطن جا گيت گڏ ڪري، جيڪڏهن تحقيق ڪئي وڃي ته هوند وڏو تحقيقي ۽ تاريخي دستاويز ۽ خزانو مرتب ٿي سگهي ٿو.

موجوده دور ۾ لوڪ گيتن جي سهيڙ جي سلسلي ۾، ٿرپارڪر ضلعي جي تاريخي شهر چيلهار جي نوجوان محقق، ڀارو مل امراڻي، ٿر جي لوڪ گيتن بابت ڪتاب ‘گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا’ کان پوءِ ‘لوڪ گيتن جو اهڙو ڪتاب تحقيقي ڪتاب لکي رائچند راٺوڙ، منگهارام اوجها، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد عثمان اديب ۽ مشتاق مٺواڻيءَ جا پير کڻي هڪ تاريخي ڪم سرانجام ڏنو آهي.

ٿر جي نسبت سان، ‘وسي ته ٿر، نه ته آهي بر’- واري چوڻيءَ کي آڏو رکي ڏسبو ته ٿر جي گيتن جي گهڻائي ‘برسات’ بابت ملندي. ‘راڻو’، ‘بادليئو’، ‘رائڌڻ ور’، ‘ورسارو’، ‘چوماسو’، ‘سانوڻ ٽيج’، ‘لمڪيان ڙي لو’، ‘خيالي گومند’، پهرئين وسڪاري کان پوءِ ڳائجندڙ لوڪ گيت آهن. اهڙيءَ طرح ‘همرچو’ گُڏ/ ليڏاڻ ڪڍڻ يا لاباري وقت ڳائبو آهي. ‘پاڻياري’ ۽ ‘هينڊامڻي’ گيت ناريون پاڻي ڀرڻ وقت ڳائينديون آهن. ‘لمڪيان ڙي لو’ گيت ڏُٿ چونڊڻ وقت ڳائبو آهي. ‘ولارو’، ‘ڍاٽيئڙو’ وغيره لوڪ گيت مال چارڻ وقت ڳنوار ۽ ڌراڙ ڳائيندا آهن. اهڙيءَ طرح ‘ڍولو’، ‘رومال’، ‘جلالو’، ‘ڪانگڙو’ ۽ ‘اوڏڻ’ خوشيءَ جي موقعن تي کل ڀوڳ جو منظر پيش ڪندڙ گيت آهن. ‘مڻهيارو’ گيت محفلن ۾ اڪيلي توڙي گڏيل طور ڳايو ويندو آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل ‘لوڪ گيت’ ڪتاب ۾ 42 قسمن جا ٿري لوڪ گيت موجود آهن، پر اسان جي هن نوجوان محقق ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ پنهنجي  ڪتاب ‘گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا’ جي  لوڪ گيتن ۽  لوڪ دوهن سميت  70  کان وڌيڪ لوڪ گيت ۽ لوڪ دوها  جمع ڪري، اسان جي آڏو پيش ڪيا آهن ۽ ائين ڀاروءَ لوڪ گيتن گڏ ڪرڻ واري رستي تي ٻيو قدم  وڌائي، هڪ ساراهه ۽ تحسين جوڳو ڪم ڪيو آهي. ڀارو  جي ڏات جي ٻيجڙيءَ جي تجلي جو پهريون اُهاءُ، ‘گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا’ ڪتاب آهي.  اهڙيءَ طرح هن نوجوان محقق ڀارو امراڻيءَ ٻه ٻيا ڪتاب: هڪ ‘چتر ٻولي چارڻان’ ۽ ٻيو بانڪيداس جي دوهن تي مشتمل ‘همروٿ ڇيتسي’ لکي، سچ پچ اهو مقام حاصل ڪري ورتو آهي، جيڪو ‘قاضي قادن جو ڪلام’ دريافت ڪري، هيري ٺڪر مقام ماڻيو آهي. بانڪيداس جي هڪ ٻن خوبصورت دوهن کي، جن ۾  عمرڪوٽ جي ‘لانٻي’ سَر جو ذڪر آهي، جڏهن عبدالواحد آريسر پنهنجي ڪنهن تحرير ۾ ڪم آندو هو ته ٿري لوڪ شاعريءَ جو حسن اسان جي آڏو سورنهن ئي سينگار ڪري اچي سامهون بيٺو هو. ‘لانٻي’ تلاءَ بابت اُنهن هڪ ٻن بيتن دوهن جي آڌار تي ڊاڪٽر غلام محمد لاکي هڪ تحقيقي مقالو ‘تالاب عمرڪوٽ’ لکي شايع ڪرايو هو، پر هو اُن ۾ اهي دوها شامل نه ڪري سگهيو هو، جيڪي هاڻي ڀارو امراڻيءَ ‘همروٽ ڇيتسيءَ’ ۾ شامل ڪيا آهن؛ جن ذريعي عمرڪوٽ جي تاريخ جا نوان گوشا ظاهر ٿيا آهن.

ڀارو امراڻي، پنهنجي تحقيق ۾ جتي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪتاب ‘لوڪ گيت’ ۾ موجود گيتن جي قسمن مان ‘پڻهياري’ (پڻياري)، ‘ڍولي’ ۽ ‘ٽيج’- جا نوان مثال/ گيت پيش ڪيا آهن، اتي هن گيتن جا ڪجهه نوان قسم به ڏنا آهن، جن ۾: ‘راسوڙو’، ‘پڌارو’، ‘مهندي’، ‘امراڻو’، ‘گهنگهور’، ‘ڪيوڙو’، ‘سانڀو’، ‘موريو’’چرمي’، ‘پيوجي’، ‘مانڌو’، ‘رومال’، ‘موران ٻائي’، ‘ڪلريو’، ‘رائچند جي’، جوڀنيو’پئيو’ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. گيتن جو هڪ قسم ‘ڀئيو’ بلوچ صاحب واري ‘لوڪ گيت’ ڪتاب ۾ به موجود آهي، ۽ ڀارومل جو پيش ڪيل ‘پئيو’ ساڳيو آهي يا نه، ان تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، ڇو ته ‘ڀئيو’ ڀاءُ کي مخاطب ٿيل گيت آهي، جڏهن ته ‘پئيو’ پريتم کي مخاطب ٿيل گيت آهي.

هيٺ ‘جوڌيي’، ‘وڻجاري’، ‘ڏهوڪي’ ۽ ‘مڻهياري’ گيتن جون ڪجهه سٽون ٿري لوڪ گيتن جي حُسن ۽ انهن ۾ سمايل مقصد ۽ معنيٰ جي سونهن محسوس ڪرڻ لاءِ پيش ڪجن ٿيون:

جوڌيو:  جوڌيا مارو ڙي، مين امراڻي ري مارگي

(اي جوڌيا مارو! آءٌ امرڪوٽ جي واٽ تي آهيان.)

جوڌيا، مين مروئو روپيو ڙي!

(جوڌيا! مون (تنهنجي آجيان لاءِ) نازبوءِ جا ٻوٽا پوکي ڇڏيا آهن.)

وڻجارو:  ٿلهي مٿي پپر ڙي، جڪي رِي ڇايا ۾ ٻيٺا مور،

هاءِ! وڻجارو بالم ري!

(گهر جي ٿلهي تي پپر جو وڻ آهي، جنهن جي ڇانوَ ۾ مور بيٺا آهن،

افسوس! منهنجو بالم وڻجارو آهي.)

ڏهوڪو: ڏهوڪي مارو ڏو، جي ٿي ڀاجان ته ڪُر ٿي لاجان.

(مارو ڏهوڪو ڏي، جي آءٌ ڀَڄان ٿي ته ڄڻ ڪُر لڄايان.)

مڻهيارو: سنڌڙي ري مارگي، اُڏتي جائي کيهه

(سنڌڙيءَ جي واٽ تي، کيهه اُڏامندي وڃي.)

ڀارو امراڻيءَ جي ڪتاب ‘گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا’ ۾ شامل گيتن جو مطالعو ڪندي، اسان جي سنڌ جي وڏي اديب ۽ مٺيءَ جي مڻهيار، سائين ولي رام ولڀ، ‘ڀارومل امراڻيءَ’ کي سنڌ جو ‘دويندر ستيارٿي’ سڏيو آهي، جنهن لوڪ گيتن گڏ ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو آهي. ڀارو مل امراڻيءَ جو هي ڪتاب ‘ڌرتي ٿي ڳائي’ پنهنجي وجود ۾ هڪ وسيع ڪائنات ۽ نهايت ڪشادو پسمنظر رکي ٿو.

مثال طور: ‘ڪيوڙي’ لوڪ گيت جي هڪ سٽ آهي ته:

هُون واهيو ري ڪيوڙو، لاگو ڦڙيان سون چُور

(مون ڪيوڙو پوکيو آهي، جيڪو ڦرين ساڻ ڀرپور آهي).

هن لوڪ گيت جي سٽ کي آڏو رکي، ڀارو امراڻيءَ ڄاڻايو آهي ته ‘ٿر ۾ ڪيلي جي پوک جي حوالي سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جنهن وقت هاڪڙو درياهه پنهنجي موج مستيءَ سان وهندو هو، ان وقت هتي ڪيلي جي پوک به ٿيندي هئي.’ ان ڪري هن لوڪ گيت جي اها هڪ سٽ کڻي اسان “ٿر ۾ ڪيلي جي پوک” جي حوالي سان تحقيق جو ميدان کولي سگهون ٿا.

اهڙيءَ طرح سندس ڪتاب ۾ شامل ‘راسوڙي’ گيت جون هيٺيون سٽون جتي مبالغي آرائيءَ جو ڪمال پيش ڪن ٿيون، اُتي ان ۾ محبوب کان ‘پاوا گڍ’ جي چُنريءَ جي گُهر ۽ حجت جي معصوميت به حد درجي جي بيان ڪن ٿيون:

هُون تو چنري اوڍان، بن چُنري ڪڙيان لاج کاوي، پاوا گڍ ري چُنري،
هُون تو چُنري ڌوئان، دريا اُلٽ جاوي، پاوا گڍ ري چُنري،
هُون تو چُنري سُڪاوان، ڀاڏي ڏرتي ڍاڪ جاوي، پاوا گڍ ري چُنري.

(آءٌ چنري اوڍڻ گهُران ٿي، ڇو ته چنريءَ سواءِ منهنجي پيرن جون ڪڙيون لڄائبيون، ان ڪري مون کي پاوا گڍ جي چنري آڻي ڏي.

آءٌ پاواگڍ جي چُنري ڌوئڻ درياهه تي وڃان ته درياهه به هوند اُبتو وهڻ شروع ڪري،

آءٌ جڏهن چُنري سُڪايان ته سڄي ڌرتي ڍڪجي وڃي ٿي، منهنجي پياري جي پاواگڍ کان آندل چنري،)

دوها:    ڀارومل جي گڏ ڪيل دوهن ۾ به عام ٿري گيتن جيان وسڪاري جو ذڪر آهي، پر موسم جي حوالي سان اهڙا ته انڪشاف ۽ اهڙيون ته نيون تشبيهون ڪم آندل آهن، جن مان ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو ڪمال پڌرو ٿي پيو آهي:

سِرامڻ را سترهن ڏينهن، آوِي نويلي ٽيج،

تون برسين پرديس پِريا، مين اوپر ٻِيج.

(سانوڻ جو سترهون ڏينهن آهي، نئين نويلي ٽيج آئي آهي،

پرين تون پرديس پيو رهين، ۽ منهنجي مٿان وِڄ پئي کنوي.)

ـــــــ

بيجليان بي لجيان، آڀا ٿاني لج،

سُوني سيج، پرديس پِريا، مَڌرو مڌرو گرج

(وِڄون بي لڄيون آهن، اي اُڀ تو کي لڄ اچڻ گهرجي،

منهنجي سيج سُڃي آهي ۽ پرين پرديس ۾، تون آهستي آهستي گرج.)

ـــــــ

او گميو اُتر ڏِسان، ڪالِي ڪانٿل ميهه،

هون ڀڄون گهر آنگني، پيو ڀڃي پرڏيهه.

(اُتر ڏِس کان ڪارو ڪارونڀار مينهن اچي آگميو آهي،

آءٌ پنهنجي اڱڻ تي پئي پُسان ۽ پرين پرڏيهه ۾ پيو ڀِڄي!)

 

تاج جويو

حيدرآباد ،سنڌ



ڀٽائي جي سُر سامونڊي وارو ساءُ


ڀارو جي هن ڪتاب جي لوڪ  گيتن کي گُنگنائڻ ۽ منجهائن گَهرو اثر وٺڻ لاءِ “وارياسِيءِ  ڀُونءِ ۽ ميگها رُت” جو سنگم سگهارا بنياد آڇين ٿا. هُونئن هيءَ ٻول ڪڏهِين به ۽ ڪٿي به ڳائي سگهجن ٿا، ڇو ته اظهار واري ڪنهن به گُفتي ۾، ڪنهن به گيت ۾ جيڪڏهن ڪو اثر، ڪاوَڻتَ، ڪا نغمگِي ، ڪو تخيل ۽ تخليقِي حساسيت موجُود آهي ته اُن جي مڃتا ۽ اُن جو فروغ بي ڌڙڪ ٿيڻ گُهرجي. هن ڪتاب کي سهيڙڻ، سُونهائڻ ۽ پڌري ڪرڻ ۾ اها ئي سوچ ڪار فرما رهِي آهي.

جيڪڏهن حقيقت پسند ٿي ڏسبو ته هن ڪتاب جي هر لوڪ ڪَوُتا ۾ وارياسين وجُودن جِي اندر اور، آنڌ مانڌ، آتر ويلا ۽ ارپنا ئِي نظر ايندي. ڪِن سِٽن مان اوهان کي ڀٽائيءَ سرڪار جي “سُر سامونڊِي” وارو ساءُ ڀِي ملندو. بي ساخته ۽ سچي شعرِي اظهار جو هر عاشق، پيار ۽ پرِيت جِي اسِير بڻيل هر پدمڻِي، قُرب ۾ قابُو ٿيل هرڪا ڪامڻِي ۽ وڇوڙي جا وَڍُ سهندڙ ڪوبه وجُود هن ڪتاب جي لوڪ گيتن تان گهور وڃي سگهي ٿو. نابينائِي جِي مخصُوص ڪيفيت مان نِڪري؛ هنن گيتن ۽ دوهن جو جُادو جَهٽڻ جي ڪوشش ڪبِي ته نه صرف اسان سان پارڪر جِي پوپريءَ کي ٻَڌل پايل جا آواز ڪَنائيندا پر ٿر جي  سمورن طبعي ڀاڱن جي گسن گامن کي به تصور جِي اَکُ ڏسِي وٺندِي.

هن ڪتاب جو سهيڙِيندڙ ڀارُو امراڻِي ٿر جو هڪ جاکوڙِي نوجوان آهي. هُو لوڪ شاعريءَ، لوڪ ڏاهپ ۽ لوڪ ڪردارن سان انتها درجي جِي رُغبت رکي ٿو. اِن ڏس ۾ هن کي جتي به ڪنهن سُگهڙ سياڻي، ميگهواڙ مڱڻهار، سوڍي سُوٽهڙ، چارڻ ڀاٽ يا ورِي ڪنهن چَتُر نار (ڏاهِي ۽ سُگهڙ عورت) يا عام گهريلُو عورت کان معنيٰ جا چار موتي ملن ٿا ته هُو پلئه ۾ پائي ٿو وٺي. لوڪ شاعري ۽ اُن جي سِرجيندڙ تان گُمناميءَ جِي دز هٽائڻ لاءِ ڀارُو سدائِين ٿر جي ڳوٺن جِي خاڪ ڇاڻيندو رهي ٿو. هِي پنهنجي جنُون کي تسڪِين ڏيڻ لاءِ، لوڪ شاعري سهيڙڻ ۽ لوڪ اُتساهڪ ڪهاڻيون هٿ ڪرڻ تي مِڙوئي سرس ڌيان ڏئي ٿو.

آسان سنڌِي ترجمُو ۽ ٿرِي، پارڪرِي، گُجراتِي ۽ مارواڙِي لهجن جي مُشڪل لفظن جُون مُوزون ۽ هٿ اِيندڙ معنائُون به ڏنيُون آهن پر ڪنهن شعر جو سڄي جو سڄو نج ساءُ؛ ترجمي مان ملي، اِها اَڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. گهٽ ۾ گهٽ لوڪ شاعريءَ جي معاملي ۾ اهو بلڪل ئِي ناممڪن آهي.

 

دليپ ڪوٺارِي

مٺي،ضلعو ٿرپارڪر،سنڌ

 



ڀارو شاعر کان لوڪ ادب جي سهيڙيندڙ تائين


هي فقير منش ماڻھو! ڀاروامراڻي جنهن کي البرٽي واري اداسي اصل ناهي وڻندي! مونکي اهو پتو ناهي ته البرٽي واري اداسي ۾ اهي ڪهڙيون انگون آھن جيڪي اسان جي هن فقير سنگتي جي دل جا ڪپڙا ڦاڙيو ٿيون وجهن! (هونء به اداسي سان عشق ڪرڻ به ڪير چاهيندو) هي اداسيون ته اهي آڙيون آھن جيڪي دل جي سانگاھ تي ريءَ ڪوٺيون اچي ڪڙڪنديون آھن! اها اڻ ڪوٺي اداسي ڀارو جي دل جي اوتاري تي به ضرور مزمان ٿي هوندي.بلڪ ٿي آھي! هنن ناچيز نيڻن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا هن فقير کي انهي اڻ ڪوٺي اداسي جي گپ ۾ گوڏن تائين گتل ڏٺو آھي!.پوءِ اها اداسي البرٽي واري اداسي کان شايد ان ڪري الڳ هوندي جو چيلهار تي چنڊ کڙيو هوندو ۽ راڻا سر جي سينڌ ۾ چانڊوڪي سندور جيئن وکري وئي هوندي ۽ ھن فقير جي نيڻن مان ننڊ ڀڙڪو کائي اڏري وئي هوندي!. هن بي ترتيب ماڻھو سان منهنجي باترتيب ملاقات شايد 2009 ۾ سرد مند جي ڪنهن سانجهه ويلا پياري دوست ناشاد سمون جي معرفت ٿي هئي! ان کان پوءِ ملاقاتن ۽ ڪچهرين جو سلسلو وڌندوئي ويو بلڪه قربتن جو هڪڙو ڳوٺ آباد ٿي پيو! جنهن کي شڪر آھي جو اڃا تائين ڪو وقت جو ظالم زلزلو برباد ڪري ناهي سگهيو! هن فقير سان اها رس ڀري رهاڻ مونکي سندس ئي هنن سٽن جيئن اڄ به ياد آھي

هڪڙو ويلو ياد اچي ٿو،

هن سان ميلو ياد اچي  ٿو.

آئون اهو پيو سوچيان ته هن ٿڌي رات ۾ آئون ان ماڻھو تي ڪيئن لکان ۽ ڇا لکان جيڪو سندس اوطاق تي ايندڙ دوستن کي ڀليڪارڻ خاطر ڌوم ڪاڙھي ۾ به مک دروازي تائين اڀراڻي پيرين ڊوڙندو ايندو آھي! ڀارو جي شخصيت جا ٻيا موتي پهلو به ضرور هوندا! پر مونکي سندس شخصيت هڪ پاسي هميشه موهيو آھي! اهو آھي سندس عاجزي ۽ هن نيم ڪلاسيڪل دور ۾ سندس ڪلاسيڪل پاسو!

ڀارو سان رفاقتن ۽ ياراڻي جو سلسلو ايترو طويل ضرور آھي جو ان تي لکڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ھڪڙي اونهاري جي وئڪيشن جيترو وقت گهرجي! باقي محدود وقت ۾ ڀارو جي شاعري ۾ سانگوري کان وٺي ڏُوڏي جي وانڍئي تائين جي پس منظر جا ئي گس اوهاڙي سگهجن ٿا يا رتي جي جي وانڍئي کان آڌيگام تائين جا ڪجهه رت ۾ ريٽا ٿيل رستا ڏسي سگهجن ٿا! ۽ اڃا جي سُوجاويري کان ڪيرٽي تائين جو ڪٺن پنڌ ڪبو ته ڀارو جي ڪوتا ۾ انهن اجڙي ويل ماڳن جا آثار ڪنهن ڪامڻ جي کنج جو اوهاءُ محسوس ٿيندا! ڀارو جي ڪوتا جا هونء ته سڀ وڻندڙ آھن پر سندس شاعري ۾ مڪامي منظر نگاري ڪمال جي آھي! هي ڪوي چيلهار ۾ ويهي چلِي جون ڳالهيون نٿو ڪري ۽ نه ئي مهراڻي جي تصوير ۾ مليشيا جا رنگ ٿو ڀري! هن تحرير ۾ مون هڪڙي بي ترتيب ماڻھو کي جيڪو باترتيب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ان ڪري براء ڪرم پنهنجي ذھن جي ترازو کي ڪنهن به تڪ تور جي اجائي تڪليف نه ڏجو! ڇاڪاڻ ته هن ناچيز ڀارو سان گڏ سارڌڙي کان وٺي صابوسڻ تائين ۽ نرياسر کان وٺي نوهٽي تائين جا جيڪي به سفر ڪيا آھن انهن جي ڪا به ڊيلي ڊائري مون وٽ موجود ناهي! انهن سڀن حقن ۽ واسطن جي ڪنجي گوڙڌري جي گودي ۾ آھي! ان ڪري ذھن جي جهروڪن مان جيڪي ڀارو سان ڪچهرين جا پراڻا پنا ڳولي هٿ ڪيا اٿم انهن جي ڪنڌ ۾ ڪوبه تاريخ جو تعويذ ٻڌل ناهي.

مهيني ماس جڏھن مٺي وڃڻ ٿيندو هو ته سڀ کان پهرين ڀارو جو (گرين ٽي) سبز چانهه جي فائدن بابت ڀاشڻ ٻڌڻ لاءِ ڪنن مان ميل ڪڍي وڃبو هو! بس پوءِ ٿيندي هئي تقرير شروع ،ناشاد ۽ شھاب اڪثر کسڪي وڃڻ جا وجھه ڳوليندا هئا پر ڀارو مجال آھي جو ڀڄڻ بُل ڏي! سبز چانھه جا سڀ فائدا ڳڻائي ڳالھ پوري ڪندو هو تڏھن آئون چوندو هئس! ٻيلي اسان آھيون جو “کير پئي سو وِير ٿئي “واري ڌرم جا پوئلڳ سو اسان کي کير واري چانھه پيئڻ جو صحت لاءِ نقصان ڪار ڪم ڪرڻ ڏي پوءِ تون ڀلي سبز چانھه پيئڻ جا فائدا حاصل ڪر! پوءِ هي فقير اهڙو ٽھڪ جو ٽاٽ وڄائيندو هو جو جسم ۽ ذھن جي کيٽ مان ٿڪ جي جي سموري جهار اڏامي ويندي هئي! انهن ڪچهرين جي بند صندوق جو ڪلف کوليان ٿو ته الائي ڪيترن ٽھڪن جا پوپٽ اڏاميو ٿا وڃن

تو کان جيئن ٽريا آھيون.

دردن ڏي ئي وريا آھيون

ڪڏھن ڪڏھن ڪچهري هلندي مون جهڙا ڪوتاھ ذھن همراه  خاص ڪري شاعري جي ڳالھه تي ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪندي اپي مان نڪري ويندا هئا ۽ ذري گهٽ ڪپڙن کان آجا ٿي بيهي رهندا هئا. تڏھن هي فقير کين نصيحت واري انداز ۾ چوندو هو ٻيلي چار ڀونگيون آھيون ڀيڙا رهو ، ڀيڙپ ۾ ڀرم آھي! حقيقت ۾ ھن فقير پنهنجي جيون ۾ جن محرومين ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏنو آھي سندس عام زندگي ۾ ان جي هڪ صفا ننڍڙي جهلڪ نظر اچي ٿي! اهوئي سندس وڏ ماڻھپو ۽ دريا دلي آھي. هن فقير بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي ٿر جي لوڪ ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آھي اها ڪنهن کان به لڪل ناهي! سچ ته اهو ته ٿر جي لوڪ ادب  جا سالن کان ٿڌا ٿيل چُلھه ڀارو وري ٻاريا آھن جيڪو انتهائي وڏو ڪم آھي.   

ڀارو جو هي لوڪ گيتن، راسوڙن ۽ دوهن وارو  ڪتاب  لوڪ ادب تي هن جي پورهئي جي اهم ڪڙي آهي.  ڀارو جن لوڪ گيتن، رسوڙن ۽ دوهن جي چونڊ ڪئي آهي. هي سڀ پڙهندي روح ۾ اتري وڃن ٿا. اچو ته فطري ردم ۽ سادگي سان ٽمٽار هن لوڪ شاعري کي پڙهي پورهيت  قلمڪار جو پورهيو سجايو ڪريون.    

 

ساگر خاصخيلي

ڄام  خان  جو وانڊيو ،

ضلعو ٿرپارڪر،سنڌ



ٿر واسين کي وڌايون


ٿر جي باوقار سڃاڻپ ۾ ريگستان جي ماحولياتي حسناڪي، منفرد ريتن رسمن ۽ روايتن سان گڏ لوڪ شاعري ۽ موسيقي جو اهم ڪردار آهي . هتان جي ماڻهن جي لاءِ ڪارونجهر جي جبل جي سرڪشي، مورن جا ٽهوڪا، ڏهر ڀٽون، ناياب وڻ، ٻوٽا، ڏڪار سڪار سڀ اتساهه جو ذريعو آهن. ٿر جي ماڻهن وٽ محرومي ۽ پيڙا سنڌ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. ان ڪري احساسن ۽ جذبن جي شدت تخليق جا تجلا ٿي اهاءُ ڪري ٿي. ٿر جي لوڪ شاعري ۾ بيوسي وڇوڙا، انتظار ۽ وصل جي لاءِ ورلاپ اڪثر ملن ٿا. ٿر جي لوڪ شاعري جو گهڻو حصو ڪتابي شڪل ۾ نه ميڙڻ جي ڪري وقت جي ويرن جي ور چڙهي گم ٿي ويو آهي. جس آهي اسان جي هن کاهوڙي دوست ڀارومل امراڻي کي، جنهن لوڪ شاعري کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ جتن ڪيا آهن. ڀارو جي اها تحقيق ساراهه لائق آهي. هن ڪتاب ۾ ڪافي اهڙا شعر آهن جيڪي شايد ٿر جي پڙهيل لکيل نوجوانن اڳ ۾ نه ٻڌا نه هجن. ٿر جي ماواڙي، ڍاٽڪي ۽ پارڪري رنگ رکندڙ لوڪ گيتن کي سهيڙڻ ۽ انهن کي آسان سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري پڙهندڙ تائين پهچائڻ انتهائي محنت طلب ڪم آهي. اهو ڀارو ڪري ڏيکاريو آهي. ڀارو سان گڏ سڀني ٿر واسين کي هن ڪتاب جون وڌايون ڏيان ٿو. رجب فقير مٺي،ضلعو ٿرپارڪ.

لوڪ گيت


  • لوڪ گِيت نڙين مان اِئين ئي ڦُٽِي نڪرندو آهي، جيئن ڌرتِيءَ مان ٻاجهر ڦُٽِي نڪرندِي آهي، جنهن جي سنگن کي ٻِليءَ جهڙا نرم ۽ نازڪ گهاٽا وار هُوندا آهن.
  • لوڪ گِيت جا ٻول ڪنهن هڪ ڪلاڪار جا نه هُوندا آهن. اِن ۾ سَوَن ماڻهن جي صدين جو پورهيو شامل هُوندو آهي

-  شيخ اياز

(ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر-1)



پيوَجي


پس منظر:

لفظ ‘پيو جي’ جي معنيٰ  محبوب آهي. ٿري لوڪ شاعري ۾ ناري جو پيار پنهنجي ‘ور’ سان ملي ٿو. ‘ور’ کي بالم، ساجن ۽ پيوَجي به سڏيو ويندو آهي. هن لوڪ گيت ۾  پرديس ويل پرين کي ورڻ جي منٿ ڪيل آهي.  

چندر چڙهيو ڪارونجهر ڪور،

ڍڙي آڌي رات پيو جي،

همين تو گهران نا پڌارو،

مانهنجو جي ولکي جي ولکي،

گوري تانهنجي ولکي جي ولکي جي...

ترجمُو:

چنڊ ڪارونجهر جي ڪور تي چڙهيو آهي،  آڌي رات لڙي آهي، پيا! هاڻي ته گهر ڏانهن اچ، منهنجو جيءُ  تو بن آنڌ مانڌ ۾ آهي، تنهنجي گوري آنڌ مانڌ ۾ آهي.

جُون جُون تيل ٻڙي ڏيولي ۾،

  ڌڻ ڀاتي ڌڙڪاوي جي،

نهين آويو مانرو رسيو،

  ڏيولو لاٽ هلاوي جي،

ڏيولي نا جوجهلاوي گوري،

ڏيولي نا ٻُوجهاوي گوري،

گوري تانهنجي ولکي جي ولکي جي...

جيئن جيئن ڏيئي ۾ تيل ٻري رهيو آهي، تيئن تيئن تنهنجي پياري پرڻيل ناري پنهنجو جيءُ ڌڙڪائي رهي آهي ته منهنجو رسيو (اڃان) نه آيو. ڏيئو لاٽ  هلائي ٿو ته گوري  ڏيئي تي خار کائي ڏيئي کي اجهائي ٿي. تنهنجي گوري آنڌ مانڌ ۾ آهي.

سيڪ سيڪ ڪر گوري روئي،

اوسيجو  ڀنوڙو ڪريو جي،

اوگتي چندر رسيو نا آويو،

هاٿ آنکيان پر ڌريو جي،

آنکيان بتائي ساري رات،

وٺي گوري سرامڻ ورسات،

گوري ٿانري ولکي جي ولکي جي..

گوري سڏڪا ڀري روئي رهي آهي، وهاڻو لڙڪن سان پسائي ڇڏيو آهي، چنڊ اڀُرڻ سان منهنجو رسيلو نه آيو، (ڏک ۾ ) گوري هٿ اکين تي رکي ٿي. اکيون ٻڌائين ٿيون ته ساري رات اکين مان سانوڻ جي برسات وٺي آهي. تنهنجي گوري آنڌ مانڌ ۾ آهي.



جوگيڙو ٿي جوئيس


پس منظر :

ٿر جي  لوڪ گيتن ۾ ‘جوڳيڙو ٿي جوئيس’ سڪ جو سهڻو گيت آهي. هن گيت جي ڌن وڻندڙ آهي. هي گيت ڳائيندي ڳائيندڙ جون نهارون ڪاري رات ۾ چڻنگن وانگر ڦهلجي وينديون آهن.محبت جا شعلا من ۾ ٻرندي محسوس ٿيندا آهن.  

جوگيڙو ٿي تنان جوئيس، چتوڙو ٿي پجري هون رهيس،

  پرديسي پيا،

ساميڙو  ٿي تنان جوئيس،

ترجمُو:

تو کي جوڳيڙو ٿي نهاريندس، چتون پکي ٿي پڃري ۾ رهندس، اي منهنجا پرديسي پيا! (تنهنجي تلاش ۾ ) ساميڙو ٿي نڪرندس.

چاران ڏسان را ماڻسيا منگائي، ڪريس منڙي ري بات،

          پرديسي پيا،

   ساميڙو  ٿي تنان جوئيس،

چئني پاسن جا چڱا ماڻهو گهرائي انهن کي پنهنجي من جي ڳالهه ٻڌائيندس (جيئن هُو ڳولها ۾ مدد ڪري سگهن) منهنجا پرديسي پيا! ساميڙو ٿي تو کي ڳوليندس.

ٿانري ڪارڻي ٿيروڙي روپاڙان، ڏاتڻئي ري مس آئو، 

  پرديسي پيا،

ساميڙو  ٿي تنان جوئيس،

تنهنجي واسطي ٿيروڙي ( هڪ قسم جو ٻوٽو/وڻ ) لڳايان تون ڏندڻ ڪرڻ جي بهاني اچ. اي منهنجا پرديسي پيا! (تنهنجي تلاش ۾ ) ساميڙو ٿي نڪرندس.

ٿانري ڪارڻي باگيو پوکاڙان، گهمڻئي ري مس آئو، 

پرديسي پيا،

ساميڙو  ٿي تنان جوئيس،

تنهنجي ڪارڻ باغ پوکايان. تون گهمڻ جي بهاني اچ. اي منهنجا پرديسي پيا! (تنهنجي تلاش ۾ ) ساميڙو ٿي نڪرندس.



ٻاجهري ري روٽي


پس منظر

 وسڪاري جي مند گذري رهي هئي. پيهرئي مان ڪير ڌيئاري کي نهارڻ نه آيو. هڪ ڏينهن ٻاجهر جي ماني گوار جي ڦرين  جي ڀاڄي سان کائيندي ناري کي پنهنجي  ڀاءُ جي ياد ڏاڍو ستايو. سار جي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ کي ڪانگ جي ٻولي روئاري ڇڏيو. هن روئندي هي گيت ڳايو. سڪ جي سڳي ۾ اڻيل هن گيت ۾  وسڪاري  جو  منظر آهي.  .

ٻاجهري ري روٽي، ڦڙيان رو ساگ ري،

 جيمڻ ٻيٺي گوري، تڏ ٻوليو ڪانگ ري

 بالم جي !  برساڙي  رو  پيهرئي مان ڪوڻ آوسي...

ترجمُو:

 گوري  جڏهن ٻاجهر جي ماني (گوار جي ) ڦرين جي ڀاجي سان کائڻ ويٺي، تڏهن ڪانگ ٻولڻ لڳو.  (گوري اُتاولي ٿي پنهنجي ورکي چوڻ لڳي ته) بالم جي!  وسڪاري جي مند ۾ ته  منهجي مائٽن مان ڪير ايندو!؟

کيڙيوڙا  کيتريان، ڪم  ري  اپوار ري،

 ٻاجهري  نا کُونٽي، تو سمهو  گوار ري

 بالم جي !  برساڙي  رو  پيهرئي مان ڪوڻ آوسي...

ترجمُو:

 (هر ڪنهن جون) ٻنيون کيڙيل آهن. ٻنين ۾ ڪم جي گهڻائي آهي، ٻاجهر لڻي دنگ ڪيو آهي ته سامهون  گوار بيٺل آهي. بالم جي!  وسڪاري جي مند ۾ ته  منهجي مائٽن مان ڪير ايندو!؟

جيجل  هوئي جيتي، تو ٻانڌو مهلي

باڀلڙي نا  هيليو آوي ري،  نا آوي

 بالم جي !  برساڙي  رو  پيهرئي مان ڪوڻ آوسي...

ترجمو:

منهنجي جيجل ماءُ جيئري هجي ها ته منهنجي ڀاءُ کي موڪلي، هاڻي  بابي کي  مون تي قياس پوي، يا نه !؟ (ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي.)بالم جي  وسڪاري  جي مند ۾ ته  منهجي مائٽن مان ڪير ايندو!؟



اداسڻ ٻائي


پس منظر

پرديس ۾ پرڻايل  ڀيڻ وسڪاري جي مند ۾ ڀاءُ  پاران  ڪوٺڻ  نه اچڻ تي اداس ٿي ‘ٻاجهري ري روٽي’ واري گيت ۾ ميار موڪلي ته جواب ۾ ڀاءَ ‘اداسڻ ٻائي’  کي هي گيت ڳائي اماڻيو. هي گيت ٿر ۾ مشهور آهي. وسڪاري جي رت ۾ ڀائر ڀيڻن کي ساري ڳائيندا آهن.  

ٻيجان واهي ٻاجهرڪي، تانهنجي ويري واهي جوار،

متان روئي  ري مانهنجي ولاتڻ ٻائي ري،

ورساڙو آيو ڙي،

وڻجارو آيو ڙي،

ترجمُو:

 ٻين ٻاجهر کيڙي، پرتنهنجي ڀاءُ جوار پوکي آهي. اي منهنجي ولاتڻ ٻائي تون نه روئجان، وسڪارو  آيو ڙي، وڻجارو آيو ڙي.

گهيري گهيري  ٻاجهرڪي، گهيريئي گهيريئي جوار،

متان روئي  ري مانهنجي اداسڻ ٻائي ري،

ورساڙو آيو ڙي،

وڻجارو آيو ڙي،

ترجمو:

جهڳٽي جهڳٽي ٻاجهر آهي،گهيري گهيري جوار آهي. اي منهنجي اداسڻ ٻائي تون نه روئجان. وسڪارو آيو ڙي، وڻجارو آيو ڙي.

بيرو تيڙڻ آوسي، ساڙو ٻينهوئي ڪرسين رهاڻ،

متان روئي  ري مانهنجي اداسڻ ٻائي ري،

ورساڙو آيو ڙي،

وڻجارو آيو ڙي،

ترجمو:

( ادي تون کي) ڀاءُ وٺڻ ايندو، سالو ڀيڻوئي گڏ ويهي رهاڻ ڪندا. اي منهنجي اداسڻ ٻائي تون نه روئجان. وسڪارو آيو ڙي، وڻجارو آيو ڙي.



پٺيو


پس منظر

 هاڻي ٿر ۾ پٺيو  ( لباس جو نمونو ) پائڻ گهٽجي ويو آهي. اڳ ۾ ‘پٺيو ‘ پائڻ جو وڏو رواج هوندو هو. ان وقت ‘پٺيو ‘ روايتي لباس کان مهانگو  ٺهندو هو. ان ڪري  سڪ ۽ شوق مان ٻه روپيا ملڻ تي پٺيو سبائبو هو. ٿر ۾ اڄ به اهو گيت ڳائجي ٿو. 

مانهنجي جيجل مان، سيڙايو پُٺيو،

مانهنجو بابو جي لي آويو پٺيو،

ماءُ! منان پٺيو لگي ڦٽرو،

ماءُ! منا ڪوڏ پٺئي رو ....

ترجمُو:

 منهنجي جيجل ماءُ منهنجي لاءِ پٺيو سيبائو، منهنجو بابو سائين پٺيو وٺي آيو.ماءُ! مون کي  پٺيو سهڻو لڳي ٿو. ماءُ! مون کي پٺيو پهرڻ جو شوق آهي.

مانهنجي باڀل  جي سيڙايو پٺيو،

مانهنجو بيرو جي لي آويو پٺيو،

ماءُ! منان پٺيو لگي ڦٽرو،....

ترجمو:

باڀيءَ منهنجي لاءِ پٺيو سيبائو، منهنجو ڀاءُ پٺيو وٺي آيو. ماءُ! مون کي  پٺيو سهڻو لڳي ٿو. مون کي پٺيو پائڻ جو شوق آهي.

مانهنجي ڪاڪل سيڙايو پٺيو،

مانهنجو ڪاڪو جي لي آويو پٺيو،

ماءُ! منان پٺيو لگي ڦٽرو،....

ترجمو:

منهنجي چاچيءَ منهنجي لاءِ پٺيو سيبائو، منهنجو چاچو جي پٺيو وٺي آيو.  ماءُ! مون کي  پٺيو سهڻو لڳي ٿو. ماءُ!  مون کي پٺيو پائڻ جو شوق آهي.

مانهنجي مامي سيڙايو پٺيو،

مانهنجو مامو جي لي آويو پٺيو،

ماءُ! منان پٺيو لگي ڦٽرو،.....

ترجمو:

منهنجي ماميءَ منهنجي لاءِ پٺيو سيبائو، منهنجو مامو جي پٺيو وٺي آيو.  ماءُ مون کي  پٺيو سهڻو لڳي ٿو. ماءُ مون کي پٺيو جو شوق آهي.



چرمي-1


پس منظر:

چرمي ٿر جو مشهور ۽ مقبول لوڪ گيت آهي. وسڪاري ورڻ سين جڏهن  روح ۾ راحت جا ريلا  پلٽا کائيندا آهن. مند جي موج من کي مهڪائيندي آهي. تڏهن چرمي جو لوڪ گيت ٿرين جي چت تي چڙهي ايندو آهي. پيار پنهنجائپ جا ڏوراپا  چرمي جي اهڃاڻن آڌار  وٿاڻن ۾ ڌنارن جي منڊليءَ کان وٺي ڳوٺن جي ريل ۾  متل رهاڻين تائين  سر ۾ گونجندا آهن. چرمي جي آلاپ ۾ ڪچهري جي  ڪوڏيلن جو  اندر اڌ ٿي پوندو آهي. 

چرمي هڪ قسم جي ول آهي. جيڪا  ڪارونجهر جي پهاڙي سلسلي ۾ ٿيندي آهي. چرمي جي ٻج جي پراڻي دور ۾ وڏي اهميت هوندي هئي. سون جي تور جي لاءِ سونارا ماسا ۽ تولا چرمي جي داڻن کي وٽ طور  ڪتب آڻيندا هئا. چرميءَ جو داڻو ڳاڙهسرو  ۽ ان جو منهن ڪارو ٿئي ٿو. اهو داڻو چونرن جي داڻن جهڙو ٿيندو آهي. چرميءَ کي ‘چيڻوٺي’ يا ‘ڪانگڙي’ به چيو ويندو آهي. حڪمت ۾ به چرميءَ جو استعمال ٿيندو آهي چرميءَ لوڪ  گيت جا ٿوري گهڻي ڦير سان مختلف نمونا ملن ٿا.  هڪ روايت ۾  چرمي ۽ سون جو پاڻ ۾ مقابلو ٿيل آهي. [1]

چرمي؛   سڻ سونا چرمي ڪهي باتان تڻا بميڪ،

جي تون سونو سورمو، رنگ مانهنجو ڏيک،

ترجمُو ؛

چرمي چوي ٿي ته؛ ٻڌ اي سونا! ڳالهين جو حاصل مطلب هي آهي ته، تون سون سورمو آهين ته، منهنجو به رنگ ڏس.

سون؛ ڪالي مک ڪي ڪامڻي، تون موٽا ٻول م ٻول،

ترڻ هماري سماهي، نهين همارا مول،

ترجمُو ؛

سون ورندي ۾ چوي ٿو ته؛ اي ڪاري مک واري ڪامڻي! تون وڏيون ڳالهيون نه ڪر، تنهنجو ترڻ مون سان گڏ آهي. پر  منهنجي ملهه جي برابر نه آهين.

چرمي؛ نيلا همارا جهاڙ هي، لال همارا رنگ،

ڪالي مک ڪي تڏ ڀئي، تڙي سوم ڪي سنگ

ترجمُو ؛

(چرمي جواب ڏي ٿي ته:) اي سون! اسان جي ٻوٽي سائي ( سائي ول ) ۽ رنگ اسان جو ڳاڙهو آهي. منهنجو مک ڪاري رنگ جو تڏهن ٿيو جڏهن تو شوم سان گڏ ترڻ لڳي آهيان .

سون؛ ڪهي ري سوناري نا، اتم مانهنجو رنگ،

ڪالي مک ڪي ڪامڻي، ڪي تڙين هماري سنگ

ترجمُو؛

 سون چوي ٿو سوناري کي اي سونارا! منهنجو اعليٰ  رنگ آهي. تون مون کي ڪاري  مک واري ڪامڻي سان گڏ ڇو ٿو تورين؟

ايئي چرمي رو بلالي سين ڪوڏ،
ايئي چرمي رو بلالي سين هيت،
ايئي چرمي نا پلريو پياڙ،
گهوري جاوان چرمي نا،

ترجمُو ؛

چرمي جو بلالي سان ڪوڏ آهي. چرمي جي بلالي سان  محبت آهي.  چرمي کي مينهن جو پاڻي (پلر ) پيار. چرميءَ تان آئون گهور وڃان.

چرمي بابي جي ري لاڏلي،
جينا نت نت پلريو پياڙ،
گهوري جاوان چرمي نا،
جينا نت نت پيهرئي پرهي مهيل
گهوري جاوان  چرمي نا،

ترجمو:

چرمي بابي جي لاڏلي آهي، جنهن کي نت نت  پلريو پيار.  چرميءَ تان آئون گهور وڃان. ان کي (چرمي) نت نت پنهنجن مائٽن ڏي موڪل. چرميءَ تان آئون گهور وڃان.

ندي ڪناري ري پيپڙي،
ايئي پيپڙي، ڏاڙا ڏوڙي چار،
گهوري جاوان چرمي نا
جينا نت نت پهرئي پرهي مهيل
گهوري جاوان  چرمي نا.

ترجمو:

ندي ڪناري  پپر جو وڻ آهي. جنهن جا چار ٽار  پکڙيل آهن. چرميءَ تان آئون گهور وڃان. جنهن کي  نت نت مائٽن ڏي موڪل. چرميءَ تان آئون گهور وڃان. 

هيڪي ڏاڙي، جيٺ جيٺاڻي،
اي تو ٻيجي ڪوڏاڻي گورل آپ،
گهوري جاوان چرمي نا
جينا نت نت پهرئي پرهي مهيل
گهوري جاوان  چرمي نا.

ترجمو:

هڪ ٽاري تي منهنجو جيٺ ( مڙس جو وڏو ڀاءُ ) ۽ جيڻاڻي (جيٺ جي گهر واريءَ) ويٺل آهن. ٻي ٽاري تي گورل پاڻ آهي. چرميءَ تان آئون گهور وڃان. ان کي (چرمي) نت نت پنهنجن مائٽن ڏي موڪل. چرميءَ تان آئون گهور وڃان.

 بابي جي واهي ٻورڙي،
ايئي ٻورڙي را رتا مٺا ٻور،
گهوري جاوان چرمي نا،
جينا نت نت پهرئي پرهي مهيل،
گهوري جاوان  چرمي نا.

ترجمو:

بابي جي ٻير پوکي.ان ٻير جا گاڙها مٺا ٻير آهن.. چرميءَ تان آئون گهور وڃان. ان کي (چرمي) نت نت پنهنجن مائٽن ڏي موڪل. چرميءَ تان آئون گهور وڃان.

 

[1]  ٿر جي ڪهاڻيڪار ۽ محقق حاجي محمد ڪنڀار  چرميءَ تي  هڪ تفصيليءَ مضمون لکيو آهي. اديب ۽ شاعر نور احمد جنجهي چرمي گيت جو ثقافتي جائزو  لکيو آهي. ٿر جي نامور ڳائڪ مراد فقير ۽ مائي ڀاڳي چرمي کي خوبصورت انداز ۾ ڳايو آهي. ؛



چرمي-2


چرمي مانري چرملي،
چرمي را ڏاڙا چار
گهوري جائون مانري چرمي نا،
  واري جائون مانري چرمي نا

ترجمُو

چرمي منهنجي چرملي (پياري ) آهي. چرمي جا چار ٽار آهن. چرمي تان آئون گهور وڃان.

چرمي بابي جي ري لاڏلي،
سچ موتيان وچلي لال،
چرمي ماتا جي ري لاڏلي،
ماتا ري ڪاڙجيئي ري ڪور
گهوري جائون مانري چرمي نا،

ترجمو:

چرمي منهنجي بابا سائين جي لاڏلي آهي. چرمي سچن موتين جي اندروني  لال آهي. چرمي ماتا جي لاڏلي آهي. جيجل جي جگر جو ٽڪرو آهي.  چرمي تان آئون گهور وڃان.

اونچلي ڏاڙي مين چڙهان
مانري نيچلي ڏاڙهي جيٺ
اُترو جيٺ جي مين چڙهان
جوئي مانرو بابو جي ٿانري واٽ
گهوري جائون چرمي نا

ترجمو:

آئون مٿئين ٽار تي چڙهڻ چاهيان ٿي، پر هيٺئين ٽار تي  جيٺ ويٺو آهي.  اي منهنجا جيٺ جي! توهان هيٺ لهي اچو، منهنجو بابو اوهان جي واٽ نهاري رهيو آهي(اوهان بابا سان وڃي ڪچهري ڪريو). چرمي تان آئون گهور وڃان.

چڙهتي نا ڏيکي پاراڻو،
اترتي نا ڏيکي امراڻو
چڙهتي رو چوڙلو چمڪي،
اترتي رو  چمڪي نو سر هار
گهوري جائون چرمي نا....

ترجمو:

مون کي وڻ جي ٽاري تي چڙهندي پاراڻو ڏسي ٿو، وڻ تان لهندي منهنجو امراڻو (عمرڪوٽ) ڏسي رهيو آهي. چڙهندي منهنجو چوڙلو چمڪي ٿو. لهندي نو سر هار  چمڪي  ٿو. چرمي تان آئون گهور وڃان.

بابي جي ري چڙهي رو گهوڙلو
بيري جي ري چڙهي رو  اٺڙلو
گهوڙي نا ٻڌل گُگهرا ري
اٺڙلي را ٻانڌيوڙا  جهوڙا ري
گهوري جائون چرمي ....

ترجمو:

بابا سائين جي چڙهي جو گهوڙو آهي. ڀاءُ وٽ چڙهڻ جي لاءِ اٺ آهي.  گهوڙي جي ڪنڌ ۾ گهنگهرو ٻڌل آهن. اٺ جي ڪنڌ ۾ جهوڙا آهن. چرمي تان آئون گهور وڃان.



چرمي-3


ڌوري پيڇاڙي ڍولا پيپڙي

اڻ پيپڙي را ڏاڙا چار ري

گهوري جائون چرمي نا،....

ترجمُو

اي ڍولا! دڙي جي پويان پاسي پپر ( پپر جو ننڍو وڻ) آهي.ان پپر جا چار ٽار آهن. چرميءَ تان آئون گهور وڃان

چرمي بابا جي ٿانري لاڏلي،

آتو نت اٺ پيهريئي آءُ،

گهوري جائون چرمي نا...

ترجمو:

اي بابا سائين! تنهنجي چرمي لاڏليءَ آهي. ان وٽ سدائين( نت نت ) اٺ ئي پهر ايندو ڪر. چرميءَ تان آئون گهور وڃان.

مانري گهر اگڻئي ايلچي

باگان ۾ واهون چرمي رو رونک

گهوري جائون چرمي نا

ترجمو:

منهنجي گهر اڱڻ ۾ ايلچي جو ٻوٽو آهي. آئون باغن ۾  چرمي جي پوک ڪرايان. چرميءَ تان آئون گهور وڃان.

او پرلي ڏاڙي مين چڙهان

هان جي نيچلي ڏاڙي ڇيل

گهوري جائون چرمي نا

ترجمو:

(وڻ) جي مٿئين ٽار تي آئون چڙهان. هيٺئين ٽاري تي منهنجو پريتم چڙهي. چرميءَ تان آئون گهور وڃان.



بالم


پس منظر:

ٿري ٻوليءَ ۾ ‘بالم’  جي معنيٰ پيارو، محبوب ۽ منٺار آهي. لوڪ شاعري ۾ بالم ناري جي ‘ور’ کي سڏيو ويندو آهي. ٿري لوڪ گيتن ۾  ناري پنهنجي  ور سان مخاطب ٿيڻ جي لاءِ ‘ور’  کي پيار مان بالم  سڏيندي آهي.  ٿري لوڪ گيت اڪثر عورت جي واتان ملن ٿا. ٿري لوڪ گيتن ۾  عورت عاشق ۽  مرد معشوق آهي. هي گيت بالم  جي پريت  ۾ ڳايل آهي. 

پي آو پي آو ٻولي پيا موريو،

هون کيترئي ۾ هيڪلي ري هيڪلي،
بالم تون کيترئي ۾ آ جا ري...

 

ترجمُو:

اي پيا! مور پي آو پي آو  ٻولي رهيو آهي،آئون ٻني ۾ (تو بن) اڪيلي اڪيلي آهيان . منهنجا بالم تون ٻني ۾ اچ. 

آنٻي ري ٽاڙي ٻولي ڪوئل،
تانهنجا پيا ميٺا ميٺا گيت سڻاوي،
هون باگ ۾ هيڪلي ري هيڪلي،
بالم تون باگ ۾ آ جا ري...

ترجمو:

اي پيا! انب جي ٽاريءَ تي ڪوئل تنهنجا مٺڙا مٺڙا گيت سڻائي رهي آهي.  آئون باغ ۾ (تو بن) اڪيلي اڪيلي آهيان . منهنجا بالم تون باغ ۾ اچ. 

اڌ پاساڙي ۾ پيا آمڻ ٻيرڙي،

ٻيرڙي پڪا لال  ميٺا ميٺا ٻير،

هون ڌوريئي ماٿي هيڪلي ري هيڪلي،

بالم تون ماٿاري ماٿي آ جا ري...

ترجمو:

اي منهنجا پيا! اڌ پاساڙي ۾  آمڻ ٻير آهي، جنهن ۾  لال  مٺا مٺا ٻير پڪا آهن. آئون دڙي تي (تو بن) اڪيلي اڪيلي آهيان . منهنجا بالم تون مٿاري[1] تي اچ.

 آڀي ۾ چندر سنگ چاندڻي، 
آو پيا ڍڙتي جاوي ٿڊي ٿڊي رات، 
هون گهر آگڻ ۾ هيڪلي ري هيڪلي
بالم تون ساٿ ڏيوڻ آ جا ري ...

ترجمو:

اڀ ۾ چنڊ سان گڏ چانڊوڪي آهي، اي پيا اچ ٿڌي ٿڌي رات گذري رهي آهي، آئون گهر جي اڱڻ ۾ اڪيلي اڪيلي آهيان، منهنجا بالم تون ساٿ ڏيڻ جي لاءِ هليو اچ.

 مانهنجي ڪاڙجيئي ري ڪور،

آو پيا هون تانهنجي گهڻگهور

تون هينئڙي لگا لي پيا،

بالم تون هينئڙي لگاوڻ آ جا ري...

ترجمو:

اي منهنجا پيا! تون منهنجي دلڙي جو حصو آهين، آئون تنهنجي گهڻگهور آهيان، تون مون کي هينئڙي سان لڳائي وٺ. بالم تون هينئڙي  سان لڳائڻ جي لاءِ هليو اچ.

 

[1]  مٿاري: ڀٽ جي مٿان ڪجهه مفاصلي ۾ سڌي زمين جتان ماڻهو ۽ وهٽ هلي سگهن.



بالما


پس منظر

هي پيار محبت جو گيت آهي. بالم کي لاڏ ڪوڏ ۾ بالما به چئبو آهي. سڪ جي سڏ واري هن گيت جي ڌن ڏاڍي پياري آهي. ٿري راڳي رهاڻ رس جي ڪچهرين ۾ ڳائيندا آهن.

آئو  ني آئو ني  مانرا بالما، هون تان جوئان ٿانري واٽ ري..،

آئو  ني  آئو ني مانرا بالما.....،

ترجمُو:

منهنجا بالما! اچو ڙي اچو، آئون تنهنجي واٽ نهاري رهي آهيان.

آئو  ني مانري آگڻيئي، ڪران تين سين منڙي ري بات ري....،

        آئو ني آئو ني مانرا بالما ري..،

ترجمو:

تون منهنجي اڳڻ اچ، آئون تو سان پنهنجي منڙي جي ڳالهه ڪريان.اي منهنجا بالم اچو  ڙي اچو.  

ٿانرا ري سپنا ڏن را ڏيکان، اونگ نا آوي ساري رات ري،

آئو ني آئو ني مانرا بالما ري......

ترجمو:

آئون تنهنجا سپنا ڏينهن جو ڏسان ٿي. ساري رات ننڍ نه ٿي اچي، اي منهنجا بالم اچو  ڙي اچو. 

گهٽا گاج رين انڌاري، رم جهم پڙي  برسات ري،

آئو ني آئو ني مانرا بالما ري

ترجمو:

ڪاري مينهوگي رات ۾ گجگوڙ سان برسات وسي رهي آهي. اي منهنجا بالم اچو  ڙي اچو. 



سانوڻ


پس منظر:

سانوڻ ٿر ۾ هڪ مهيني سان گڏ هڪ رت جو به نالو آهي، جنهن کي وسڪارو به سڏيو ويندو آهي. سانوڻ جي موسم ۾ ڪيترائي لوڪ گيت ڳايا ويندا آهن. هي به انهن مان هڪ لوڪ گيت آهي. هن گيت جو نالو به سانوڻ جي موسم سان منسوب آهي.

گهن گهن ۾ گاج، پاڻي نا ڌرتي ترسي،

امڙ گهمڙ بادليا آوين ري،

سانوڻ آيو، رم جهم بادليا لايو،

سانوڻ آيو، ڀادرو آيو ري...

ترجمُو:

پاڻي جي لاءِ (ريگستان جي) ڌرتي تڙپي رهي آهي، ڪڪر ڪارونڀار ڪري وريا آهن، سانوڻ جي رت  بادلن جي رم جهم  وٺي آئي آهي. سانوڻ جو مهينو آيو آهي، بڊي جو مهينو آيو آهي.

همين  پيا جي، گهران نا پڌارو ري ،

ٿاني پڪاري ڍاٽ ري ڌرتي،

ٿاني پڪاري ڍاٽ ري سرتي.

رم جهم برسات ۾  جيوڙو جهولا کائي
 سانوڻ آيو، ڀادرو آيو ري..
 

ترجمو:

اي پيا! گهرڏي واپس موٽي اچ، تو کي ڍاٽ جي ڌرتي ۽ تنهنجي ڍاٽي سرتي پڪاري رهي آهي. برسات جي رم جهم ۾ منهنجو جيئڙو جهولا کائي رهيو آهي، سانوڻ جو مهينو آيو آهي، بڊي جو مهينو آيو آهي.

ٿاڊي هير لاگي،

رم جهم پڙي ڦونهار،

گهڙي نا ٿان بن آوڙي،

من رسيا مانرا ڀرتار،

تن من ڀنو، ڀني مانري چنڙي،

 پي آو پي آو ٻولين ميٺا موريا،

همين پيا جي گهران نا پڌارو ري...

ترجمو:

ٿڌي هير ۾ سانوڻ جي رم جهم ڦونهار وسي رهي آهي، اي منهنجا مٺڙا (محبوب ور) تو بن هڪ گهڙي به مون کان  برداشت نٿي ٿئي. مينهن ۾ منهنجو تن من پسيو آهي. منهنجي چنڙي  به پسي پئي آهي. مور مٺڙي ٽهوڪي ۾ پي آو پي آو ڪري رهيا آهن. منهنجا پيارا  هاڻي گهر ڏانهن واپس موٽي اچ.

پيا بن مانري سيج سولي،

برکا نا ڪوڻ سمجهاوي،

پيا بن برکا ري بوند،

تن ۾ آگ لگاوي،

جائي برسيا پيا ڪڻ نگري،
 همين پيا جي گهران نا پڌارو ري..

ترجمو:

پيا کان سواءِ منهنجي لاءِ سيج سوري آهي. پر برکا کي ڪير سمجهائي!؟ پيا کان سواءِ برکا جي بوند تن ۾ آڳ لڳائي ٿي. اي پيا! وڃي ڪهڙي نگري وسائي آهي؟ هاڻي گهر ڏانهن واپس موٽي اچ،

ڪُوڪُو ٻولي ڪوئل،

همين پيا جي گهران نا پڌارو ري،

رم جهم برستي برسات ۾،

هون جيوڻ مانگون ٿانري ساٿ ۾،       همين پيا جي گهران نا  پڌارو ري...

ترجمو:

ڪوئل مٺڙي آواز ۾ڪوڪو  ٻولي رهي آهي، هاڻي پيا ( هي آواز سڻي ) واپس گهر موٽي اچ، وسندڙ برسات جي رم جهم ۾ آئون تنهنجي  ساٿ سان زندگي جيئڻ گهران ٿي. هاڻي پيا جي گهر ڏانهن واپس موٽي اچ. 



سانوريا


پس منظر:

ننڍي کنڊ جي شاعري ۾ لوڪ لفظ ‘سانوريو’ گهڻو ملي ٿو. سانوري صورت واري کي پيار پاٻوهه ۾ سانوريو سڏيو ويندو آهي. ٿري لوڪ شاعري ۾  سانوريو محبوب ڪردار آهي. هي گيت ڳائيندي  مور جا پر کڻي  هڪ مخصوص قسم جي ناچ ڪئي ويندي آهي جنهن کي مور ناچ چيو ويندو آهي.

سرامڻ ۾ مور ري پنک لي،

مين ڇم ڇم ناچون ري،

سانوريا ٿانري ياد ۾،

ٿانري چٺيان رو رو باچون ري...

ترجمُو:

اي سانوريا! تنهنجي ياد اچڻ سان سانوڻ رت ۾ مور جي پک کڻي آئون ڇم ڇم  ناچ ( مور ناچ) ڪري رهي آهيان. تنهنجون چٺيون روئي روئي پڙهي رهي آهيان.

سرامڻ رين اي پلر بوندان،

اي ميهه وستي را ڏيک،

مانرين اڏاڙين ري اونگان.

جوڀن جاڻان ري هون ڀار،

ٿان بن هر گهڙي ري ڪٽار

ترجمو:

اي منهنجا سانوريا سائين! سانوڻ جي رت ۾ مينهن وسڻ جا ڏيک ۽  پلر جون بوندون منهنجي اکڙين جي ننڍ اڏاري رهيون آهن. تو بن مون کي پنهنجو جوڀن بار لڳي ٿو. هر گهڙي منهنجي لاءِ ڪٽار آهي. 

سرامڻ رت ۾ انگڙا ڪانپين،

آئو وستي ۾ ڀنجان ڀيڙا آپين،

آوڻ ٿانرو هيڪ سپنو لاگي،

ٿي آوسو مانري دلڙي جاگي،

سرامڻ ۾ ...

ترجمو:

سانوڻ رت ۾ منهنجا انگڙا ڌُٻي رهيا آهن. اچ وسندي مينهن ۾  پاڻ گڏجي پسون. تنهنجو اچڻ مون کي هڪ سپنو لڳي ٿو. تون ايندين انهي آس تي منهنجي دلڙي جاڳي پوي ٿي.



ڀرتار


پس منظر:

ٿري لوڪ گيتن ۾ ‘ڀرتار ‘  ناري پنهنجي ور کي چوندي آهي. هي خوشي جو گيت آهي. خوشي جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي.

ڀنور سا ڀرتار، ٿانري ڪارڻي،

مانرو اي سڻگار ٿانري ڪارڻي 

ترجمُو

اي منهنجا ڀنور جهڙا ڀرتار! منهنجو وجود تو سان آهي.منهنجا سارا هار سينگار تنهنجي لاءِ آهن.

مانرا نيڻ موٽا ڪجراري،
سهڻا سرميدار ٿانري ڪارڻي،
 ڀنور سا ڀرتار، ٿانري ڪارڻي.....

ترجمو:

مٺڙا منهنجا وڏا سهڻا سرمي دار ڪجراري نيڻ منهنجا، تنهنجي لاءِ آهن.، اي ڀنورا جهڙا ڀرتار تنهنجي واسطي آهن.

لهريو لهراوي، صاحبا بلاوي،

هون گهونگهٽ دار ٿانري ڪارڻي.

 ڀنور سا ڀرتار، ٿانري ڪارڻي...

ترجمو:

منهنجي سنهڙي چنڙي  (لهريو چني جو هڪ قسم ) تنهنجي لاءِ  لهرائي  تو کي صاحب سڏي رهي آهي، آئون گهونگهٽ دار  منهنجا ڀرتار تنهنجي لاءِ آهيان

      ٻولان تو  ٿانري آسا ۾، 

هون بڻي گيتار، ٿانري ڪارڻي،

ڀنور سا ڀرتار، ٿانري ڪارڻي.....

ترجمو:

آئون تنهنجي آسا ۾ڳالهايان ٿي، آئون گيتار منهنجا ڀرتار تنهنجي لاءِ بڻي آهيان.



ريساڙو


پس منظر:

‘ريساڙو’ جي معنيٰ رسندڙ  آهي.پيار، پنهنجائپ جي پنڌ ۾  ‘رُسامي’ جي ريت ضرور ٿيندي آهي. هن ٿري لوڪ گيت ۾ ناري پنهنجي ريساڙو بالم کي پرچائڻ جي لاءِ  منٿ ڪري ٿي.

مانرو ري بالم مين سين، ريساڙو جائي ري        ايئي ري بالمئي نا ڪوڻ سمجهائي ري..

ترجمُو

منهنجو بالم مون کان رٺل رٺل وڃي رهيو آهي. هن منهنجي بالم کي ڪير سمجهائي.مون کان رٺو وڃي رهيو آهي.

رم جهم ميهولا برسين، مور پپهيا ميٺا ٻولين، 

ايئي رت ڙي رو ڪوئل شور مچاوي ...

ايئي ري بالمئي نا ڪوڻ سمجهائي ري...

ترجمو:

رم جهم مينهن وسي رهيا آهن، مور، پپهيا مٺا ٻولي رهيا آهن، هن رت ۾ ڪوئل شور مچائي رهي آهي. هن منهنجي بالم ئي ڪير سمجهائي.مون کان رٺو وڃي رهيو آهي.



ڪيسريا بالما-1


پس منظر:

ٿر جو هي لوڪ گيت  پوري ننڍي کنڊ ۾ مشهور ۽ مقبول آهي. ڍاٽ جي دڙن تي پيار پريت جا پانڌيڙا ‘ڪيسريا بالما’ گيت ڳائي نينهن جا مينهن وسائيندا آهن.  ٻڌندڙن جو من مور جيان رقص ڪندو آهي. لفظ ‘ڪيسريو’ هڪ پٽڪي جي قسم وارو لفظ آهي يا ‘ڪسير’ مان نڪتل آهي. اڪثر راءِ  پٽڪي جي  قسم  جي نالي مان ورتل ملي ٿي. هن گيت جون ٿوري گهڻي ڦير سان مختلف روايتون ملن ٿيون.

 

ڪيسريا بالما، آئو ري، پڌارو ري مانري ڏيس،

مانري من را ساچا، آئو ري مانري ڏيس...

ترجمُو

(منهنجا) ڪيسريا بالما! اچو ڙي، پڌارو ڙي منهنجي ڏيهه، منهنجي من جا سچ اچو ڙي مينهنجي ديس. 

آوڻ جاوڻ ڪهي گيو ڪري  گيو قول انيڪ،

گڻتي گڻتي گٺ گئي، مانري انگڙيان ري ريک،

ڪيسريا بالما، آئو ري، پڌارو ري مانري ڏيس

ترجمو:

اچڻ وڃڻ جو چئي ڪيترائي قول ڪري ويو، جن کي ڳڻندي، ڳڻندي منهنجي آڱرين جون لڪيرن (ريکون) گسجي ويون. (منهنجا) ڪيسريا بالما! اچو ڙي، پڌارو ڙي منهنجي ڏيهه. 

سورج ٿاني پوجسان، ڀر موتيڙان ڪو ٿال،

آج موڙا اوگجو، مانرو بالم رمي شڪار،

ڪيسريا بالما، آئو ري، پڌارو ري مانري ڏيس.

ترجمو:

اي سورج تنهنجي موتيڙن جو ٿال ڀري پوڄا ڪنديس، تون  اڄ دير سان اڀرجان منهنجو بالم شڪار کيڏي رهيو آهي. ڪيسريا بالما! اچو ڙي، پڌارو ڙي منهنجي ڏيهه.



ڪيسريا بالما-2


ڪيسريا بالما، آئو ري، مانري ڏيس..

ترجمُو

(منهنجا) ڪيسريا بالما! اچو ڙي منهنجي ڏيهه.

تجهه بن موهي چين نه آوي، ڪيون ٻيٺ رهيو پرديس

ڪيسريا بالما، آئو ري، مانري ڏيس......................

ترجمو:

تو کان سواءِ مون کي چين نٿو اچي، تون ڇو پرديس ۾ ويهي رهيو آهين. (منهنجا) ڪيسريا بالما! اچو ڙي، پڌارو ڙي منهنجي ڏيهه. 

سانوڻ آيا ڀول گيو تون نه آيو ٿانرو سنديس،

ڪيسريا بالما، آئو ري مانري ڏيس...

ترجمو:

سانوڻ  آيو آهي پر تو وساري ڇڏيو آهي.نه تنهنجو نياپو آيو آهي. ڪيسريا بالما! اچو ڙي، پڌارو ڙي منهنجي ڏيهه.



ڪيسريا بالما-3


پڌارو مانري ديس،ڪيسريا بالم آئو مانري ديس،

ڪيسريا بالم، آئو جي، پڌارو مانري ديس.

ترجمُو

پڌارو منهنجي ڏيهه، اي ڪيسريا بالم! اچو ڙي، پڌارو ڙي منهنجي ديس،  ڪيسريا بالم، اچو ڙي،  پڌارو ڙي  منهنجي ديس. 

ساجن تم  مت جاڻيو، موهي تم بڇرت هي چين،

جيسي بن ڪي لاڪڙي، سلگت هوي دن رين،

ڪيسريا بالم، آئو جي، پڌارو مانري ديس.

ترجمو:

(منهنجا) ساجن! تون اهو مت ڄاڻجان، ته آئون تنهنجي وڇوڙي کان پوءِ چين سان آهيان. آئون بن جي ان ڪاٺي جيان آهيان جيڪا ڏينهن رات جلندي آهي.پڌارو منهنجي ڏيهه، اي ڪيسريا بالم! اچو ڙي، پڌارو منهنجي ديس،  ڪيسريا بالم، اچو ڙي  پڌارو منهنجي ديس. 

سانوڻ آوڻ ڪهي گيو، ار ڪر  گيو قول انيڪ،

گڻتان گڻتان گٺ گئي، مانري انگڙيان ري ريک،

ڪيسريا بالما، آئو جي، پڌارو مانري ڏيس،

ترجمو:

سانوڻ ۾ اچڻ جو چئي ڪيترائي قول ڪري ويو، جن کي ڳڻندي منهنجي آڱرين جون ريکون (لڪيرن)گسجي ويون آهن. پڌارو منهنجي ڏيهه، اي ڪيسريا بالم! اچو ڙي، پڌارو منهنجي ديس،  ڪيسريا بالم، اچو ڙي  پڌارو منهنجي ديس. 

سورج ٿاني پوجسان، ڀر موتيڙان ڪو ٿال،

آج موڙا اوگجو، مانرو بالم رمي شڪار

ڪيسريا بالم، آئو جي، پڌارو مانري ڏيس

ترجمو:

اي سورج تنهنجي موتيڙن جو ٿال ڀري پوڄا ڪنديس، تون  اڄ دير سان اڀرجان، منهنجو شڪار کيڏي رهيو آهي. پڌارو منهنجي ڏيهه، اي ڪيسريا بالم! اچو ڙي، پڌارو منهنجي ديس،  ڪيسريا بالم، اچو ڙي  پڌارو منهنجي ديس. 



رسيو


پس منظر:

لفظ ‘رسيو’ ٿري لوڪ گيتن ۾ مٺڙي محبوب کي سڏيو ويندو آهي. اصل ۾ لفظ رسيلو آهي. لاڏ ڪوڏ ۾ رسيو سڏيو وڃي ٿو. هن گيت جو موضوع  پريت جو اظهار آهي.

ٿاني ڪاجلڙيو بڻا لون،

ٿاني نيڻان ۾ رما لون،

پنبڻيان ۾ لڪائي رکان،

مانري من را رسيا............

ترجمُو:

اي منهنجا پيارا! منهنجي من جا رسيلا! تو کي ڪاجل بڻائي وٺان، تو کي نيڻن ۾ رمائي  پلڪن ۾ لڪائي رکي ڇڏيان.

ٿاني اجرو موتي بڻا لون،

ٿاني نٿڙي ۾ جڙا لون،

گهونگهٽئي ۾ لڪائي رکان

مانري من را رسيا...........

ترجمو:

اي منهنجي من جا رسيا! تون کي اجرو موتي بڻائي وٺان، پنهنجي نٿڙي ۾ جڙائي گهونگهٽئي ۾ لڪائي رکي ڇڏيان، منهنجي من جا رسيلا...

ٿاني چندن هار بڻا لون،

ٿاني هينئڙي لگا لون،

چنڙي ۾ لڪائي رکان

مانري من را رسيا...

ترجمو:

تون کي منهنجا پيارا! چندن هار بڻائي وٺان، پنهنجي هينئڙي سان لڳائي چنڙي ۾ لڪائي رکي ڇڏيان منهنجي من جا رسيلا...



راڻي ري رهاڻ


پس منظر:

هي گيت  مشهور لوڪ داستان  ‘مومل راڻي  جو حصو  آهي.  راڻي جي رهاڻ کي  سنڌي شاعري  ڪلاسيڪل توڙي جديد  ۾ تمام گهڻو ڳايو  ويو آهي.  هن گيت ۾ مومل راڻي جي رهاڻ منفرد انداز ۾ پيش ڪري ٿي.

راڻا تانهنجي رهاڻ، منا ميٺي لاگي مينڌرا،  

سونهن ڀريوڙا سوندرا .[1]

ترجمُو:

راڻا تنهنجي رهاڻ مون کي مٺڙي لڳي، رهاڻ جا سڀ سوندرا سونهن ڀريوڙا آهن.

ستوڙي پئي هان سيج  مٿي، مني اونگ نه آوي مينڌرا،

راڻا تانهنجي رهاڻ، منا ميٺي لاگي مينڌرا،

سونهن ڀريوڙا سوندرا،

ترجمو:

سيج تي ستي پئي آهيان، مينڌرا مون کي ننڍ نٿي اچي. راڻا تنهنجي رهاڻ مون کي مٺڙي لڳي، رهاڻ جا سڀ سوندرا سونهن ڀريوڙا (ڀريل) آهن.

     تين بنان ڪاڪ ۾، منان ڪي نه ڀاوي مينڌرا،

راڻا تانهنجي رهاڻ، منا ميٺي لاگي مينڌرا،    

سونهن ڀريوڙا سوندرا،

ترجمو:

توکان سواءِ مينڌرا مون کي ڪاڪ ۾  ڪجهه به  نه وڻي ٿو. راڻا تنهنجي رهاڻ مون کي مٺڙي لڳي، رهاڻ جا سڀ سوندرا سونهن ڀريوڙا آهن.

مانري دل را پريتم من ۾ لگن لاگي مينڌرا،             

راڻا تانهنجي رهاڻ، منا ميٺي لاگي مينڌرا،    

سونهن ڀريوڙا سوندرا،

ترجمو:

تون منهنجي  دل جو پريتم آهين، منهنجي من ۾ تنهنجي مينڌرا  لگن لڳي آهي. راڻا تنهنجي رهاڻ مون کي مٺڙي لڳي، رهاڻ جا سڀ سوندرا سونهن ڀريوڙا آهن..

 

2-  سوندرا؛ راجپوتي رهاڻ ۾  هڪ خاص قسم جو ڊش جي نموني جو برتن هوندو هو. جنهن ۾ رهاڻ جو سامان رکيو ويندو هو.



رڻمل جي


پس منظر:

کاهوڙ جي رڻمل راٺوڙ تي سرجيل لوڪ گيت مٺڙي ڌن ۾ ڳايو ويندو آهي. هن کاهوڙ جي لوڪ ڪردار رڻمل راٺوڙ تي سرجيل لوڪ گيت مٺڙي ڌن ۾ ڳايو ويندو آهي. هن گيت ۾ پريم پنٿ جي پانڌي  سوڍي نارنگ ديهه  جي واتان رڻمل راٺوڙ  کي  واپس گهر اچڻ جي پڪار  آهي. 

گهر آئو ني، پڌارو ني، مانري ڏسڙي را ڏيولا،

مانري گهري پاوڙي وڙي ڪريا...

ترجمُو:

 گهر اچو ڙي، پڌارو ڙي، اي منهنجي ڏس جا ڏيئا.منهنجي گهر پير گهمائڻ ٻيهر اچجان 

ٿانرا مارگيا ٻوهاران، مانري ٻاجهوڙان ري لونٻ سُون،

مانري گهري پاوڙي وڙي ڪريا..

ترجمو:

آئون تنهنجي اچڻ جا مارڳ، پنهنجي چوڙن جي جهوڙن سان ٻهاريان، تون موٽي اچ.

هان جي  ٿانران تڙهان سينچائون، ريشميان ري ڏور سون،

مانري گهري پاوڙي وڙي ڪريا...

ترجمو:

( اي روح جا رڻمل) آئون تنهنجي لاءِ ريشم جي ڏورن  جي رسي سان کوهن تان پاڻي ڀري اچان تون  منهنجي اڱڻ ٻيهر پير ڌرڻ جي لاءِ ورجان

هان جي ٿاني اوڙڀيان  لکائي مهلون، مانري جاجهوڙي ري هيت را

مانري گهري پاوڙي وڙي ڪريا...

ترجمو:

(اي منهنجا پيارا) تو کي پنهنجي گهڻي محبت (۽ سڪ جون) جون چٺيون لکي موڪليان، تون منهنجي گهر ٻيهر اچڻ جي ڪجان.

هان جي ٿانران ڪرهليا ڪروڪي، ڪوڪي ساري  ڪوٽڙي،

مانري گهري پاوڙي وڙي ڪريا...

ترجمو:

(اي منهنجا مٺڙا) تنهنجا ڪرها رڙي رهيا آهن، تنهنجي پوري ڪوٽڙي (اوطاق ) ڪوڪي ٿي.  تون منهنجي گهر ٻيهر اچڻ جي ڪجان.



رتن راڻو


پس منظر:

هي لوڪ گيت راڻي  عمرڪوٽ  جي  سرڪش سوڍي  رتن سنگهه تي سرجيل آهي. 

مانرا ساهير سوڍا، مانرا رتن راڻا،    

همڪو گهوڙو امراڻي نا ڦير.....    

ترجمُو:

منهنجا بهادر سوڍا، منهنجا راڻا رتن، پنهنجو ڀلو گهوڙو امراڻي (عمرڪوٽ ) ڏانهن ڦير.

ڀٽيل راڻي ڇاجڙيا ري ڇائڙي مان،

اوڀوڙا آنسوڙا  ڇٽڪاوت،

ڪينا ري ڀڙاوا امراڻي ري ڪوٽڙي،

ڪينا ري ڀڙاوا امراڻي ري باجار ري،

مانرا رتن همڪو گهوڙو امراڻي نا  ڦير.. 

ترجمُو:

ڀٽيل راڻي (راڻي ڀٽياڻي )ڇپرن جي ڇانو ۾ بيهي ۾  ٻٽا ٻٽا آنسو هاري رهي آهي، اي منهنجا راڻا رتن! ڪنهن کي امراڻي جي ڪوٽڙي سونپيان، ڪنهن جي حوالي امراڻي جي بازار ڪريان؟ منهنجا رتن ! پنهنجو  ڀلو گهوڙو امراڻي (عمرڪوٽ ) ڏانهن ڦير.

ٿانري ڪاڪي جي نا ڀڙاوو  امراڻي ري ڪوٽڙي،

ٿانري ڀائيڙان نا ڀڙاوو امراڻي ري باجار،

مانرا رتن همڪو گهوڙو امراڻي نا  ڦير...

ترجمُو:

تنهنجي چاچي کي امراڻي جي ڪوٽڙي ۽ تنهنجي ڀائرن کي  امراڻي جي بازار سونپ (حوالي ڪر) منهنجا بهادر سوڍا، منهنجا (راڻا )رتن. پنهنجو  ڀلو گهوڙو امراڻي (عمرڪوٽ ) ڏانهن ڦير.

هاٽڙلي ڇُرڪي ٻانڀڻ واڻيان،

چووڙئي ڇرڪي چارڻ ڀاٽ،

مانرا رتن همڪو گهوڙو امراڻي نا  ڦير...

ترجمُو:

دڪانن تي تنهنجي لاءِ ٻانڀڻ واڻيا اداس آهن، چووڙين (چؤواٽن) تي  چارڻ، ڀاٽ سڏڪي رهيا آهن.اي منهنجا (راڻا)رتن! پنهنجو ڀلو گهوڙو امراڻي (عمرڪوٽ ) ڏانهن ڦير.

باگڙلان مانهه ٻولي ميٺي ڪوئل،

مگرئي ٻوليا جهيڻوڙا مور،

مانرا رتن همڪو گهوڙو امراڻي نا  ڦير..

ترجمُو:

باغن ۾ ڪوئل مٺي ٻولي رهي آهي. دڙن ۽ ڍيٻن تي مور جهيڻا ٽهوڪيا آهن. اي منهنجا راڻا رتن! پنهنجو  ڀلو گهوڙو امراڻي (عمرڪوٽ ) ڏانهن ڦير.



امرائو


پس منظر:

امرائو هڪ راجپوت جو نالو آهي. جيڪي پاڻ پرديس ويو ته هن جي زال پويان سندس سار ۾ فراق جا ڦٽ ڏسي گيت ڳايو، هي گيت ساوڻ رت ۾ ڳائبو آهي.

سارن پڙي ٺيڪري، گس گس پتلي هوئي

پرڏيسي ري گور ري جهر جهر پنجهر هوئي،

اي ڀرٿار ماني هيڪ وار صورت ڏيکائو مهاراج

امرائو جي هو رسيا...........

ترجمُو:

منهنجا محبوب آئون تنهنجي جدائي ۾ تڙپي تڙپي کوهه جي سارڻ (جتي ورت ڇڪجي) جي ٺڪري (دلي جي ٽٽل ٽڪري) جيان پتلي ٿي وئي آهيان، پرديسين جي راهه تڪيندڙن جا جسم اهڙا ئي ٿيندا آهن، منهنجا سرتاج! هڪ ڀيرو پنهنجو درشن ڪرائي وڃ، منهنجا ساجن بس هڪ ڀيرو ملي وڃ.

بيگڻ تو ڪاچا ڀلا، پاڪي ڀلي انار،

پريتم تو پتلا ڀلا، موٽا جاٽ گنوار،

سورج ساکيا ٿانري چال پياري پيارو لاگي مهاراج

امرائو جي هو رسيا.............

ترجمو:

بالم جيئن واڱڻ ڪچا ۽ ڏاڙهو پڪا ڀلا ٿيندا آهن، تيئن پريتم پتلو ڀلو، موٽا (ٿلها) جاٽ گنوار ٿيندا آهن، سورج جيان چمڪندڙ محبوب تنهنجي چال ڏاڍي پياري آهي.

جڏ آيا پرڏيس سُون جاجم ديو بڇائي،

تن من ڪي پوڇيان، هينئڙي لو لڳائي،

اوماڻيگر ٿانري مورت پياري، نيارو لاگي مهاراج،

امرائو جي هو رسيا..............

ترجمو:

تون جڏهن پرديس مان واپس موٽيندين ته تنهنجي راهن ۾ آئون غاليچا ۽ ريشم جا پٽپٽيهر وڇائيندس، منهنجا سخي محبوب تنهنجي مورت پياري آهي، تو سڀن کان نيارو راجا آهين، منهنجي دل جا امرائو رنگ ۽ روپ تو سان آهن .

چار ڪونت وائوڙي، جي ۾ سيتل نير،

آپان ريلمل جهليان لال نڻڌر را بير،

رائي بنا ٿي حڪم ڪرو، ڌڻ هو هاجر مهاراج،

امرائو جي هورسيا.....

ترجمو:

چئني طرفن کان ديوار ڏنل تلاءِ ۾ شفاف پاڻي موجود آهي، پاڻ گڏجي سنان ڪنداسين، منهنجي نڻڌر جا ڀاءُ! منهنجا پرين! آئون تنهنجي هر حڪم کي مڃڻ لاءِ تيار آهيان. امرائو جي منهنجي دل جا رسيلا! تون حڪم ڪر آئون ( تنهنجي پرڻي ) حاضر آهيان. تون هڪ ڀيرو اچ.



موريو-1


پس منظر:

مينهن، مور ۽ محبوب ٿرين جي ڪمزوري آهن. مينهن وسڻ جي مند ۾ مور پوري مستي ۾ ٽُٻ ٿي نچندوآهي. انهي ويلي مور جي ٻوليءَ ۽ ان جو رنگ روپ صدين جي سونهن بابت سوالن جو جواب لڳندو آهي ۽ بي اختيار دل مان موريا ري موريا جا لفظ نڪرندا آهن. هي گيت ٿاريلا مور سان محبت جو اظهار ڪندي لاڏ ڪوڏ ۾ ڳائيندا آهن. هن گيت جا مختلف نمونا ملن ٿا. هتي ٻه نمونا ڏجن ٿا. 

اري موريا ري موريا، ميٺو تون ٻوليو گڙتِي رات نُون،

آڇو تُون ٻوليو گڙتِي رات نُون

ترجمُو :

اري موريا (مور)! تون مينهوگي گجندڙ رات جو مٺو ٻوليو آهين. سهڻو ٻوليو آهين.[1]

ٿاني پرڻاوان آکاٽِيج رو چوٿ رو،

ٿانرا پانچم را ڦيرا ڪهجين چار ري،

مِيٺو تون ٻوليو گڙتِي رات نُون،

اري موريا موريا ري...................

ترجمو:

اي موريا! توکي پرڻايان (شادي ڪرايان) اکڻ ٽيج (آکاٽيج ) جو، چوٿ جو، تنهنجا پنچم جا ڦيرا پُورا چار چئجن. تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻوليو آهين، (مينهوگي رات تنهنجي آواز ۾ انوکي لڳي ٿي.)

ٿاني پرڻاوان پِيلي پومچي ري پومچي،

ٿانري چُوڙلِئي لگاڙان لال مڃِيٺ ري،

مِيٺو تون ٻوليو گڙتِي رات نُون،

اري موريا موريا ري ...................

اي موريا! توکي پيلي رنگ جو پومچو پارائي پرڻايُون، تُنهنجي چُوڙي کي لال مڃِيٺ لڳايُون، تو وڏڦري واري رات ۾ مٺو ڳالهاء ڪيو آهي.

ٿانري باگان ۾ ڪانهين ڪانهين نپجي،

نپجي ڏاڙم پهلي ڊاک ري،

مِيٺو تون ٻوليو گڙتِي رات نُون،

اري موريا موريا ري...........................

ترجمُو :

اري موريا! تنهنجي باغن ۾ ڪٿي ڪٿي ڏاڙهُون ۽ ڊاکُون اُڀرن ٿيون .تُون وِڄُ کِوَندِي رات ۾ مٺو ٻولين ٿو.

محلي چڙهتي پايل باجڻِي ري باجڻِي،

ٿانرِي اڏاڙتي انکيان رِي نيند ري،

ميٺو تون ٻوليو گڙتِي رات نُون..........

آڇو تُون ٻوليو گڙتِي رات نُون..............

محل ۾ چڙهندي منهنجي پايل جي وڄت (آواز) تنهنجي اکين جي ننڊ اڏائي ٿي، بادلن ڀري رات ۾ پيارو ٻولين ٿو.

3- گڙتي رات؛. هڪ راءِ آهي ته؛ گڙتي رات معنيٰ گذرندڙ رات/لڙندڙ رات آهي. گذرندڙ رات ۾ مور عام طور ٽهوڪندو نه آهي. مور هڪ حساس پکي آهي،ڪو خوفناڪ آواز ٻڌڻ تي آواز ڏيندو آهي. برسات ۾ گج گوڙ تي مور وڏي آواز ‘پي آئو’ جو آواز ڪندو آهي. مينهوڳي رات ۾ مور جو‘ پي آئو’ جو ٽهوڪو روح ۾ ڪان وانگر کپي ويندو آهي. مون ڪتاب‘ گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا’ ۾ گڙتي جي معنيٰ مينهوگي گج گوڙ واري رات لکي آهي.



موريو-2


اري موريا ري موريا. ٿاني ري پرڻاوان پيڙي پومچي پومچي،پومچي،

مانرا پنچم واڙا ڦيرا کائيجي آج موريا،

مانري پنچم واڙا ڦيرا کائيجي آج موريا،

ميٺو تون ٻولي گڙتي رات رو رات رو......

ترجمو:

اي موريا! توکي پيلي رنگ جو پومچو پارائي پرڻايُون، منهنجا پنچم جا ڦيرا اڄ کائجن. تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻولجان.

اري موريا ري موريا. آيو ڙي سرامڻئي پهلي ٽيج ري ٽيج ري ٽيج ري،

مانري بڙلي ٻڌاڙان هينڏ ري موريا، مانري بڙلي ٻڌاڙان هينڏ ري موريا،

ميٺو تون ٻوليو گڙتي رات رو رات رو......

مانرو بالم وسي پرديس موريا،

مانرو بلالو وسي پرديس موريا،

ميٺو تون ٻوليو گڙتي رات رو رات رو......

ترجمو:

اي موريا! ري موريا! سانوڻ جي پهرين ٽيج آئي آهي، منهنجي بڙلي (بڙ جي وڻ) ۾ لوڏ ٻڌايان، منهنجو پتي پرديس ويل آهي،منهنجو بلالو پرديس وسي ٿو، تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻوليو آهين.

اري موريا ري موريا. ٿانري باگان ۾ ڪهين ڪهين نپجي نپچي، نپجي،

مانري امراڻي ۾ پلجي ڏاڙم ڊاک موريا،

مانري امراڻي ۾ پلجي ڏاڙم ڊاک موريا،

ميٺو ري تون ٻولي گڙتي رات رو رات رو......

ترجمو:

اي موريا! ري موريا! تنهنجي باغن ۾ ڪٿي ڪٿي نپجي ۽ منهنجي امراڻي ۾ (سدائين ) ڏاڙهون ۽ ڊاکون ٿين ٿا. تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻولجان.

اري موريا ري موريا، تون ڪي ٻوليو ڙي آڌي رات رو رات رو،

مانري اڏ گئي انکيان واڙي اونگ موريا،

آڇو تون ٻوليو گڙتي رات رو رات رو......

مانرو بالم وسي پرديس موريا،

مانرو بلالو وسي پرديس موريا،

ميٺو ري ٻوليو گڙتي رات رو رات رو......

ترجمو:

اي موريا!ري موريا! تون آڌي رات جو ڇو ٻوليو (آهين)؟ تنهنجي ٻوليءَ تي منهنجي نيڻن جي ننڊ اڏامي ويئي. تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻوليو آهين. منهنجو پتي پرديس ويل آهي،منهنجو بلالو پرديس وسي ٿو، تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻوليو آهين.

موريا ري موريا، ٿانري ري باگان ري کڙڪي کولي ري کولي ري کول ري،

مانري اڏ گئي اکڙين ري نيند ري موريا،

آڇو تون ٻولي گڙتي رات رو ري رات رو......

ميٺو ري ٻولي گڙتي رات رو ري رات رو......

ترجمو:

اي مورياري موريا! تنهنجي باغن جي کڙڪي کوليءَ َ کولي ري کولي، کڙڪي کول.منهنجي نيڻن جي ننڊ اڏامي ويئي. تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻولجان. 

اري موريا ري موريا، ٿانري پگان ري پايل باجڻي ري باجڻي، باجڻي.

ٿانري رم جهم واجي گگهريان ري هور،

ميٺو ري تون ٻوليو گڙتي رات رو رات رو......

مانرو بلالو وسي پرديس موريا،

ميٺو ري ٻوليو گڙتي رات رو رات رو......

ترجمو:

اي موريا! ري موريا! تنهنجي پيرن جي پايل وڄت واري آهي، تنهنجي گنگهرون جي هور لڙي رم جهم وڄي. منهنجو بلالو پرديس وسي ٿو، تون گجندڙ رات ۾ مٺو ٻوليو آهين.



سائٻو


پس منظر

سائٻو ٿري ٻوليءَ ۾ عورت ‘ور’ کي چوندي آهي، هڪ ٿري عورت پرديس ويل پنهنجي ڀتار کي ايلاز ٿي ڪري ته هُو موٽي اچي، هن گيت ۾ فراق جي انتها واري ڪيفيت موجود آهي. هي گيت پڻ سانوڻ جي مند ۾ ڳائبو آهي.

هُون جي سائٻه مت ترسائو جي،

ساسو نڻدر را ٻولڻا ري، مين سُون پيو بن سوَيا ني جائي،

سائٻه پيو بن سَويا ني جائي،

ترجمُو:

منهنجا محبوب منهنجي دل کي نه ترساءِ يعني انتظار نه ڪراءِ، مون کان سس ۽ نڻان جا مهڻا ۽ طعنا توبن برداشت نٿا ٿين، منهنجا سڄڻ مون کان تو سواءِ برداشت نٿو ٿئي.

پريت هوئي توهُون ٽوڙلُون، مين سُون پرڻيو ڇاڏيو ني جائي،

سائٻه مين سُون پرڻيو ڇاڏيو ني جائي،

ترجمو:

جيڪڏهن توسان رُڳي محبت هجي ته آئون اهو ناتو ٽوڙي وجهان پر تنهنجي زال آهيان، توسان پرڻيل هئڻ جي ڪري توسان محبت ڪيئن ٽوڙي سگهان ٿي!؟

ٽاٻر هوئي تو هُون راک لُون، مين سُون جوڀن سونڀيو ني جائي،

سائٻه جوڀن سونڀيو ني جائي،

ترجمو:

جيڪڏهن مون وٽ ٻار هجي ته ان کي سنڀالي وٺان، هي جواني آهي جوڀن آهي، جيڪو سنڀالجي نٿو، توکانسواءِ ڪيئن سنڀاليان.

تڙهو هو ئي تو هُون ڏاک لُون، مين سُون سمندر ڏاکيو ني جائي،

سائٻه مين سون سمندر ڏاکيو ني جائي،

ترجمو:

جيڪڏهن رستي ۾ کوهه هجي ته آئون ان تان ٽپي اچان پر سمنڊ نٿو پار ٿئي محبوب (ڏکن جو )سمنڊ نٿو اڪرجي.

پاٺي هوئي تو هُون باچ لُون، مين سوُن ڪرم باچيو ني جائي،

سائٻه مين سوُن ڪرم باچيو ئي جائي،

هُون جي سائٻه مت ترسائو جي.

ترجمو:

خط (چٺي) هجي ته پڙهي وٺان، مون کان ڪرم (قسمت) نٿو پڙهيو ٿئي. هاڻي منهنجا ساجن وڌيڪ نه انتظار ڪراءِ.



پڻيارِي (پاڻيارِي)-1


پس منظر:

پڻياري پاڻي ڀرڻ لاءِ ويندڙ عورت کي چئبو آهي. هي گيت ٿر جي مشهور لوڪ گيتن مان آهي. هي گيت ساوڻ جي مند شروع ٿيڻ سان مينهن لاءِ مانديون ماريون ڳائينديون آهن، لُڪن جي لڳڻ سان تڙن (کوهن ) جو پاڻي سڪي ويندو آهي، ڌوڙ جي ڌڙن تي چڙهندي پري پنڌ پاڻي لاءِ ويندڙ پاڻياريون مينهن کي وسڻ جي منٿ ڪندي هي گيت ڳائينديون هلنديون آهن.

پڻياري هالي ري

مرگا نيڻي روپ نياري چالي ري

ترجمو:

پڻياري پاڻي ڀرڻ نڪتي آهي. جنهن جا نيڻ هرڻ جهڙا آهن، هُو روپ نياري آهي.

تپين ڍاٽ را ڍيٻا ڌوڙيا، ڌرتي ڌونڌالي ري،

ٻڙتي جاون پگي اُڀراڻي، هون سيان مرڌر والي ري

مرگا نيڻي روپ نياري چالي ري

ترجمو:

ڍاٽ جا دڙا ۽ ڀٽون تپي ٽانڊو ٿي ويا آهن ۽ ڌرتي تي ڌنڌ ئي ڌنڌ ٿي وئي آهي، واءُ هڪڙي وک اڳتي کڻڻ نه ٿو ڏي. لُڪ ۽ تپيل لڪ تان پيرين اڀراڻي سهيليان آئون مرڌر (ٿر) جي پڻياري نڪتي آهيان.

تُون آئو ري بيگو ميهولا، تڪ تڪ نيڻ ٿيوين نيلا،

بُوکي تِرسي نا سرامڻ لاگي، رت گڙهه ري ڇالي ري.

مرگا نيڻي روپ نياري چالي ري

ترجمو:

مينهن تون جلدي اچ؛ تنهنجي لاءِ (راهه) تڪي تڪي منهنجا نيڻ نيلا ٿيڻ لڳا آهن، بک ۽ اڃ جي ماري کي ساوڻ جي رُت مينهن بنا رت ڳڙهه (ڦوڙهي) جي ڇالي جيان لڳي ٿي.

سُوڪ گيا سهي تڙها تڙائين مڙي نا نيڙو پاڻي،

پاڻي سارون منک تڙپي، آوِي ايسِي جوڻ اڀالي ري،

مرگا نيڻي روپ نياري چالِي ري

ترجمو:

سڀ کوهه ۽ ترايون سڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن. ويجهڙ ۾ ڪٿي پاڻي ناهي، پاڻي لاءِ ماڻهو تڙپي رهيو آهي، هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي اڀاڳي جُوڻ ٿي سگهي ٿي.

اوڍڻيون اڏ اڏ جاوي، هيڪلي نا لاج آوي ري،

ڍيٻي ڍيٻي آنسو ڍڙڪين، پنڌ اڙگو پالي ري،

مرگا نيڻي روپ نياري چالي ري

ترجمو:

واءُ ۾ اوڍڻو (چُني)اڏامي ٿو وڃي، هيڪل هلندي مُنهن اگهاڙي کي لڄ ٿي اچي، دڙي دڙي تي لڙڪ وهن ٿا، پري پنڌ تي پاڻي ڀرڻ لاءِ پيادي نڪتي آهيان.



پڻيارِي (پاڻيارِي)-2


پس منظر:

ٿر دنيا جو اهو خطو آهي، جتي مينهن جو پاڻي جياپي جي وڏي وٿ سمجهيو ويندو آهي، اڪثر طور کوهن ۽ تراين تي عورتون ئي پاڻي ڀرڻ وينديون آهن. هن گيت ۾ پاڻيارين جي پيار پريت، حجابن، نازن ۽ ادائن جي عڪس سان گڏ سماجي پيڙائن جا پهلو نمايان ملن ٿا.

(2) اٺ ري تڙها نو وائوڙين سوڙهان سوڙهان پاڻي ري پڻيار،

سوناري سينڍوڻي، روپا ٻيڙلو گئي ٿي هون سرامڻي ري پار،

پاڻي ري پڻيار......................

ترجمو:

اُٺ کوهه ۽ نو وائوڙين ( تلاءِ جي نموني ترائي ) آهن. جتي سورنهن سورنهن پاڻي جون پاڻياري اچن ٿيون. آئون پنهنجا چاندي جا دلا سونيلي (سون جڙي) سِينڍوڻي تي کڻي تلاءُ تي پهتس.

پاڻي ڀرتي مانرو گهڙو ٻوڏي نا، مانري گهاگهر تِر تِر جاوي،

پاڙ ري اوڀا نيڻان را لوڀي، پاڙ ري اوڀا تليا اسوار،

سورج را ساکيا ماني ٻيڙلو کڻائو هون پاڻي ري پڻيار،

پاڻي ري پڻيار......................

ترجمو:

پاڻي ڀريندي منهنجو گهڙو ٻڏي نٿو، منهنجي گهاگهر ترندي وڃي ٿي، آخر پاڻي ڀري ڪپ تي بيٺل نيڻن جي لالچي، سورج جيان چمڪندڙ سنهڙي سپڪڙي نوجوان کي دلي کڻائڻ لاءِ چيو، آئون پاڻي ڀرڻ واري پڻياري آهيان.

نهين ري کڻاوان گورل ٻيڙلو تون ڇي مانري گهر ري نار،

ايئان اکريان لاج ماري ماني،ڪر ري موڙي کڻيو ٻيڙلو

ٽوٽي مانري ڪانچوڙي ري ڪس ڌار هون پاڻي ري پڻيار

پاڻي ري پڻيار......................

ترجمو:

نوکيلي جي ناڪار ته تون منهنجي گهر جي ناري آهين، آئون گهڙو نه کڻائيندس انهن اکرن مون کي لڄ ماري .مون ڪر موڙيندي ٻيڙلو کنيو ،منهنجي پولڪي جي ڪس جا ٽانڪا ٽٽي پيا، آئون پاڻي جي پاڻياري آهيان.

ماتا ري بنا ڪهڙو پيهريو، باباجي بنا ڪهڙو هوسي لاڏ،

ساسوڙي بنا ڪهڙو ساسرو، سسري جي بنا ڪهڙي هوسي لاج،

بالمي بنا ڪهڙا هوسين ٽيج تهوار، هون پاڻي ري پڻيار.

ترجمو:

ماءُ بنا ڪهڙو مائٽاڻو وطن، بابا بنا ڪهڙو لاڏ ڪوڏ هوندو، سس بنا ساهرن جو گهر اڌورو، سُهوري بنا عورت جو پردو ڪهڙو هوندو، پرين بن ٽيج جو ڏڻ ڪهڙو ٿيندو!؟ آئون پاڻي جي پاڻياري آهيان.



پاڻياري-3


پس منظر:

پاڻياري جي هن لوڪ گيت ۾ ننڍي عمر ۾ پرڻايل نينگري جا احساس آهن، هن جو ور پرديس ويل آهي. اڪيلائي جو احساس هن جي اندر ۾ وڍ وجهي ٿو. ٿر ۾ ڳايو ويندڙ هن گيت جي ڌن سوز ڀري آهي.

گهڙلو لي هون پاڻي ڀرڻ هالي،

پڻگهٽ ماٿي هون هيڪلي ري هيڪلي،

تڙهي ماٿي هون هيڪلي ري هيڪلي،

ترجمُو:

گهڙو کڻي آئون پاڻي ڀرڻ جي لاءِ نڪتس، پڻگهٽ مٿي آئون اڪيلي ري اڪيلي آهيان. تڙ تي آئون اڪيلي ري اڪيلي آهيان.

جيجل گهڙلو تان ٻڏي نا ٽوڀي،

مانهنجي هينڊوڻي تر تر جاوي،

پڻگهٽ ماٿي هون هيڪلي ري هيڪلي، 

تڙهي ماٿي هون هيڪلي ري هيڪلي.

ترجمو:

جيجل منهنجو گهڙو ٽوڀي جي پاڻي ۾ ٻڏو نٿو رهي. ماءُ منهنجي هينڊوڻي پاڻي تي تري ٿي وڃي. پڻگهٽ مٿي آئون اڪيلي ري اڪيلي آهيان. تڙ تي آئون اڪيلي ري اڪيلي آهيان.

نڻدل ڀوجائي پاڻي ڀرڻ هالين.،

ڀوجائي پاڻي ڀري پاڇي وڙي،

نڻدل ٻائي نا مل گيو شام،

 پڻگهٽ ماٿي هون هيڪلي ري هيڪلي

تڙهي ماٿي هون هيڪلي ري هيڪلي،

ترجمو:

منهنجي نڻدل ۽ ڀاجائي پاڻي ڀرڻ هليون، ڀاجائي پاڻي ڀري واپس موٽي، نڻدل ٻائي کي ڪچهري جي لاءِ پنهنجو شام ملي ويو. پڻگهٽ مٿي آئون اڪيلي ري اڪيلي آهيان. تڙ تي آئون اڪيلي ري اڪيلي آهيان.

گهڙلو ڀريوڙو ڪوڻ کڻاوي،

پيا نا ايئي وات ڪوڻ سڻاوي،

 مانري آنکيان ڀر آويو پاڻي،

پڻگهٽ ماٿي هون هيڪلي ري هيڪلي،

تڙهي ماٿي هون هيڪلي ري هيڪلي،

ترجمو:

پاڻي ڀريل گهڙو مون کي ڪير کڻائي، منهنجي پيا کي اها ڳالهه ڪير ٻڌائي، منهنجي اکين مان پاڻي ڀرجي آيو آهي. پڻگهٽ مٿي آئون اڪيلي ري اڪيلي آهيان. تڙ تي آئون اڪيلي ري اڪيلي آهيان.

رات گهڻي، ڪاڙي اهه کاوڻي،

گوري ڇرڪ ڀر جاگي،

 مانرو پرڻيو وسي پرديس،

پڻگهٽ ماٿي هون هيڪلي ري هيڪلي،

تڙهي ماٿي هون هيڪلي ري هيڪلي،

ترجمو:

رات گهڻي ڪاري ڏائڻ آهي.گوري ڇرڪ ڀري جاڳي ٿي ته مانرو پرڻيو پرديس وسي ٿو. پڻگهٽ مٿي آئون اڪيلي ري اڪيلي آهيان. تڙ تي آئون اڪيلي ري اڪيلي آهيان.



ٽيجُ


پس منظر:

ٽيج ننڍي کنڊ جي وڏي ريگستان جو ڏڻ آهي جيڪو وسڪاري ورڻ سين ساوڻ جي رت ۾ ساوڻ مهيني جي ٽيج تٿ تي ملهايو ويندو آهي آهي، هن ڏڻ جي رنگ روپ جي رومانس ۾ خاص اهميت آهي، رتن جڙاءُ رکڙي ٻڌل ڀينرون پنهنجي ڀائرن کي ياد ڪنديون آهن، چوڙيلي جي چت ۾ پريت جي پياس ڪر موڙيندي آهي. هن ڏڻ کي ڌرمي رنگ ڏنو وڃي ٿو در حقيقت ان پويان زراعتي معاشري جو پس منظر آهي. سانوڻ رُت ۾ مينهن جي وسڻ سان ڀون آلي ٿي پوندي آهي. ساوڪ جي سونهن ۽ پلر جي پالوٽ جي خوشي ناريون پنهنجي انداز ۾ ملهائينديون آهن. ٽيج ڏهاڙي تي پينگهه جا لوڏا، ساتون (چڻن جي اٽي مان ٺهيل مٺائي) ۽ سندرين جا سورنهن سينگار دل لڀائيندڙ هوندا آهن. ٽيج جا گيت من تارن کي ڇيڙيندڙ آوازن سان ڳايا ويندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي جديد ۽ اهم شاعرن شيخ اياز ۽ تاجل بيوس پڻ ٽيج جا گيت لکيا آهن. ٽيج جي گيت جون مختلف روايتون ملن ٿيون.

 (1)

سرامڻ تو آيو سيان مين سڻيو، آيوڙو جيٺ اپار مينهان جهڙ مڙيو

آئون ويرا، ٻيسو آنگڻي پوڇو نا منڙي ري بات مينهن جڙمڙيو

ترجمُو:

سهيليون مون سانوڻ جي اچڻ جو ٻڌو آهي جيٺ جي آڳ ۾ مينهن جهڙ ڦڙ جهاٽي ٻڌي آهي، اي منهنجا ڀاءُ ! اهڙي رت ۾اچ، منهنجي اڱڻ ۾ ويهه .مينهن جي بوندن ۾ منهنجي من جي ڳالهه نه پڇو.

مٽي منگاوان ويرا چيڪڻي چلها گهتاوان چار آيوڙو جيٺ اپار

هيڪي رنڌوان لاپسي، ٻيجي تڙوان ڪسار آيوڙو جيٺ اپار

ترجمو:

اي ڀاءُ! آئون تنهنجي اچڻ تي چيڪي مٽي گهرائي چار چلها ٺهرايان، هڪ تي لاپسي رڌايان، ٻي تي دال ترائي کارايان.

ٽيجي رنڌوان کيچڙي، چوٿي چڀڙان رو ساگ آيوڙو جيٺ اپار

ساڙهو ٻينوهي جيمڻ ٻيسين ڪرو نا منڙي ري بات آيو جيٺ اپار

ترجمو:

ٽي تي کچڙي (چانورن جو ڀت) ۽ چوٿين تي چڀڙن جو ساڳ رڌي ڏيان. منهنجا ڀاءُ! اچ سالو ڀيڻويو گڏجي کائڻ لاءِ ويهو. جيٺ جي تپش ۾ گنگهور گهٽا وري آهي. مينهن جي موٽ ۾ مون کان من جي ڳالهه نه پڇو.

(2)

بيرا منان بيهگو، تيڙڻ آوي، آئي سرامڻ ٽيج ري..

آوي سرامڻ ٽيج ري، بيرا وڙلي ٻڌاڙان هينڏ ري.

بيرا منان بيهگو تيڙڻ آوي..

ترجمُو:

اي ڀاءُ ! مون کي سويرو وٺڻ اچجان، سانوڻ جي ٽيج آئي آهي، سانوڻ جي ٽيج آهي، بڙ ( يا ڪنهن ٻي وڻ ) ۾ لوڏ ٻڌايان. ڀاءُ ! مون کي سويرو وٺڻ اچجان.

ڌورئي چڙهي ٻائي جويو، بيرا ڏاڏاڻو رهي گيو ڏور..

آوي سرامڻ ٽيج ري، بيرا منان بيهگو تيڙڻ آوي ري...

ترجمو:

اي ڀاءُ ! تنهنجي ڀيڻ دڙي تي چڙهي نهاريو ته ڏاڏاڻو گهڻو رهجي ويو آهي. سانوڻ جي ٽيج آئي آهي، ڀاءُ ! مون کي سويرو وٺڻ اچجان.

هاٿ لاگي مينڌڙي بيرا چوڙلي لاگوڙي مجيٺ ري...

آوي سرامڻ ٽيج ري، بيرا منان بيهگو تيڙڻ آوي ري...

ترجمو:

اي ڀاءُ ! منهنجي هٿڙن تي مينڌي رتل آهي ته چوڙي تي مڃيٺ لڳل آهي، سانوڻ جي ٽيج آهي، ڀاءُ ! مون کي سويرو وٺڻ اچجان.

سرامڻ آيو ڀادرو آيو ري، بيرا آيو ڙو ميگهه ملهار ري...

آوي سرامڻ ٽيج ري، بيرا منان بيهگو تيڙڻ آوي ري...

ترجمو:

اي ڀاءُ ! سانوڻ آيو آهي، بڊو آهي، آيو ڙو ميگهه ملهار آهي. سانوڻ جي ٽيج آئي آهي، ڀاءُ ! مون کي سويرو وٺڻ اچجان.



بيرو ياد آوي


پس منظر:

بيرو جي معني ڀاءُ آهي. ٿر جي لوڪ شاعري ۾ بيري کي گهڻو ڳايو ويو آهي. بيري کي ‘ٻانڌو’ ۽ ‘ڀائيو’ پڻ چيو ويندو آهي. ڳوٺ کان پري پرڻايل ناريون سانوڻ رت ۾ بيري کي ساري اکيون اشڪبار ڪنديون آهن.

مانري جيجل ماء منان بيرو ياد آوي،

بيرو ياد آوي، منان ڌانڙو نا ڀاوي،

ترجمُو:

اي منهنجي جيجل ماءُ ! مون کي منهنجو ڀاءُ ياد اچي ٿو، ڀاءُ ياد اچي ٿو، مون کي اناج نه وڻي ٿو.

ساتم آن پنچم رو منان ٻانڌو ياد آوي،

گهونگهٽئي ۾ لڪي هون آنسو لوئان ري،

ترجمو:

(چنڊ جي )پنجين ۽ ستين (تاريخ )جو مون کي منهنجو ڀاءُ ياد اچي ٿو، آئون گهونگهٽئي ۾ لڪي آنسو اگهان ٿي..

چوڏس رو پونم رو، منان ٻانڌو ياد آوي.

لڪيان مٿي جوئي هون هيڪلي روئان ري

ترجمو:

(چنڊ جي )چوڏهين ۽ پندرهين (تاريخ )جو مون کي منهنجو ڀاءُ ياد اچي ٿو، آئون ڀٽن مٿان بيهي واٽ نهاري اڪيلي روئان ٿي.

سرامڻ ٽيجڙي رو، منان ٻانڌو ياد آوي ري،

لوڏ ۾ لڏتي منان هيلو آوي هون روئان ري... 

ترجمو:

سانوڻ ٽيج جو مون کي منهنجو ڀاءُ ياد اچي ٿو، لوڏ ۾ لڏندي منهنجو من ڀرجي پوي ٿو آئون روئان ٿي.



ڪيوَڙو


پس منظر:

ڪيوڙو ڪيلي جي وڻ کي چيو ويندو آهي، هن گيت جو شمار ٽيج جي گيتن ۾ ٿئي ٿو، هي گيت مائرون پنهنجي لکيو ليک وٺي ويل ڌيئرن کي ساري ڳائينديون آهن.[1]

آساڙ سُون بيجليان چمڪين، آڀيو هيڪي گهور

گاجڙلو هيڪي گهور...........

سائي ري پلاڻي سيڻل گاسيڙو ڪسُونٻل ري ڏور

گاجڙلو هيڪي گهور..............

آيو ڙِي سرامڻ ري ٽيج ري آيو ڙي گجوان گور

گاجڙلو هيڪي گهور ..........

سويل جائي مانهنجي ٻايل ري ڏيس پنکيان اُوٺي مهور

گاجڙلو هيڪي گهور...........

واهيو ري ڪيوڙو، ڪيوڙو لاگو ڦڙيا سُون چُور

گاجڙلو هيڪي گهور...........

هُون جوئان باٽ البيلي ري آوڻ رو ڪهي هور

گاجڙلو هيڪي گهور...........

ترجمُو:

آکاڙ مهيني کان ئي کِنوڻن چمڪو ٻڌو آهي آڪاش هڪ گهور (هڪ آواز)  ٿي پيو آهي، گاج جو آواز گجي رهيو آهي، سانوڻ جي ٽيج  اچي وئي آهي. گجوا (ڪڻڪ جا سلا) پوکڻ واري کي وٺڻ لاءِ سائي رنگ واري اُٺ تي گاسيو (پاکڙي جو نمونو) ريشمي ڏور سان ٻڌي پکين جي اُٿڻ کان اڳ وڃجان. مون ڪيوڙو واهيو (پوکيو) آهي. ڪيوڙي جي ڦرين کي چونڊڻ واري البيلي ڌي جي آئون واٽ نهاري رهي آهيان . اي ڦال ! تون هُن جي اچڻ جو چئجان

 

4- ٿر ۾ ڪيلي جي پوک جي حوالي سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جنهن وقت هاڪڙو  درياءُ پنهنجي موج مستي سان وهندو هو ان وقت شايد ڪيلي جي پوک ٿيندي هئي.



گڻگور (گهڻگهور)


پس منظر:

ڳڻڳور عورتن جو تهوار آهي. انهي ڏڻ تي (سناتن ڌرم سان تعلق رکندڙ) عورتون ورت رکنديون آهن، هي ڏڻ ويساک مهيني جي آخر ۾ سانوڻ جي رُت شروع ٿيڻ وقت ايندو آهي. هن ڏڻ ۾ 16 عورتون ۽ 4 مرد ورت رکندا آهن. عورتن کي ڳڻڳور ۽ 4 مردن کي ساکيا چئبو آهي. هي گيت ٿر جو مشهور ناچ گهومر (مٽڪو جو قسم) ڪندي ڳايو ويندو آهي.

کيلڻ ڏيو گڻگور ڀنور ماني پُوجڻ ڏيو گڻگور،

هان جي مانري سهليان، جوئين باٽ بلالا،

ماني کيلڻ ڏيو گڻگور.

ترجمُو

منهنجا بالم مون کي ڳڻڳور کيڏڻ ڏيو، منهنجا محبوب مون کي ڳڻڳور پوڄڻ ڏيو. منهنجو سهيليون منهنجو انتظار ڪندي منهنجي واٽ نهاري رهيون آهن، مون کي ڳڻڳور کيڏڻ ڏيو.

ڪانون نا گهڙائي لايا ڀنور مانرا ڪانون را گهڙائي لايا،

هان جي مائرا جهونٻريا هيري جڙائي ڀنور،

ماني کيلڻ ڏيو گڻگور.

ترجمو:

منهنجا ساجن ڪنن جا زيور جوهمر وٺي اچجان، جنهن تي هيرا موتي جڙائجان.مون کي ڳڻڳور کيڏڻ ڏيو.

نيڻا رو سوهيرو لائو، سورج را ساکيا ري ،

سورج را ساکيا مانرا رسيلي را رنگ ري رنگ،

ماني کيلڻ ڏيو گڻگور.

ترجمو:

سورج جيان چمڪندڙ ساجن منهنجي اکين جو سرمو وٺي اچ، منهنجي سورنهن سينگارن جو رنگ تون آهين. مون کي گڻگور کيڏڻ ڏيو.

ڀل کيلو گڻگور سندر گوري ڀل پوجو ڳڻڳور،

او جي ٿاني ڏيوي لاڏن پوت انتس پياري

ڀل کيلو گڻگور

ترجمو:

منهنجي پياري تون ڀل ڳڻڳور کيڏڻ وڃ، سندر گوري تون ڀل ڳڻگور پوڃڻ وڃ توکي مالڪ لاڏلو پٽ ڏي. (تنهنجي منهنجي اندر ۾ سرهائي ٿئي) تو ڀل ڳڻگور کيڏڻ وڃ.



پِيئو


پس منظر:

پيئو لفظ پرين لاءِ استعمال ٿيندو آهي، هي گيت وسڪاري ورڻ سين ناريون پنهنجي پياري کي ساري ڳائينديون آهن جيڪو اونهاري جي آڳ ڀريل ڏهاڙن ۾ پيٽ جي باهه اُجهائڻ لاءِ پنهنجي پتني کي پويان ڇڏي، بئراج ايريا ڏانهن ويل هوندو آهي، مينهن ڪڻيون ڪِرڻ سان ساجن کي ساري چوڙيليون آتيون ٿي وينديون آهن، هي گيت ان ٿاريلي جي جذبن جي ترجماني آهي، جنهن جي عڪاسي ڪندي سنڌي ٻولي جي ڪنهن شاعر چيو ته:

وسڪاري ورڻ سين سڀني ور وريا.

تو ريءَ ٿريا، ڪيئن ڪندي ٿاريلي،

گهڻ چوڏسان گهمساري، مور مست هوئي ڪوڪاري.

سُجل اٿاهه ڦهليو ساري، پڻ آلي ڪڏ پيئو پڌاري،

پڻ آلي ڪڏ پيئو پڌاري.

ترجمُو:

چو طرف گهنگهور گهٽا ڇانئي آهي ۽ مور مستي ۾ ٽهوڪِي رهيا آهن، چئني طرفن جل ٿل ٿي ويو آهي، ڀني رُت ۾ منهنجو پريتم ڪڏهن ايندو.

اُجهٽ جيو لگ ري اداسي، دياپ انت اُر چاڙهه وٿياسي،

پڻ آلي ڪڏ پيئو پڌاري

ترجمو:

منهنجو من اوچتو اُجهامي ويو آهي، اداسي گهيري ورتو آهي، دل جي بيقراري جيئن تيئن وڌي رهي آهي. هن ڀيج ڀني ۾ ساجن ڪڏهن ايندو.

ديکو باٽ اُُئي ري سڻ ساکي، آ ڪهي ري بالم ڪڏ آسي،

پڻ آلِي ڪڏ پيئو پڌاري

ترجمو:

اي سکي! آئون جنهن جي راهه تڪي رهي آهيان، اچي ٻڌا! هُو ڪڏهن ايندو؟ هن ڀني خوشبو ۾ منهنجو پرين ڪڏهن پڌاريندو.

نِرک وهَوهيڪ تڪ نيڻان سون اوهو منوار ڪرون اپٽيان سُون،

پڻ آلِي ڪڏ پيئو پڌاري.

ترجمو:

جڏهن هُو آيو ته، آئون هڪ نگاهه سان اک ڇنڀڻ کانسواءِ اُپٽيل اکين سان آجيان ڪندس. برکا رت ۾ منهنجو پريتم ڪڏهن ايندو.



ڍولو


پس منظر:

ڍولو محبوب کي چيو ويندو آهي. هي سانوڻ جو گيت آهي ٻه چار عورتون گڏجي ڳائينديون آهن

ڍولو گاجان مهيلو گاج ري

گورل آڀي مَهيلي بيج ري......... ڍولو..

گرجڻ لاگيو گاج ري گاج

چمڪڻ لاگيان ٻيجلڙيان........... ڍولو...

ڍولو سرامڻ رو ميگهه ري

گورل سرامڻ ري ٽيج ري.......... ڍولو...

برسڻ لاگيوري ميگهه ري

رمڻ لاگي ري ٽيج ري ٽيج ..........ڍولو...

ڍولو نديان مهيلو نير ري نير

گورل نديان مهيلي مڇلي ري....... ڍولو...

کڙڪڻ لاگيو نير ري نير

ترڪڻ لاگي مڇلي ري مڇلي ........ ڍولو ...

ڍولو مگران رو موريو ري

گورل مگران ري ڊيل ري.............ڍولو...

ڍولو واڙيان مهيلو ڦول ري

گورل واڙيان مهيلي ڦلڙي ري .......ڍولو...

ڍولو هينيئڙي رو هار ري

گورل هار مهيلي لال ري............ڍولو...

ترجمُو:

ڍولو گجگوڙ ڪندڙ گاجن مان هڪڙو گاج آهي ته گوري آسمان ۾ چمڪندڙ کِنوڻن مان هڪ کنوڻ آهي. گاج جي گرجڻ سان بجلي (وڄ) تجلا شروع ڪري ڏنا آهن. ڍولو سانوڻ جو مينهن آهي ته گوري سانوڻ جي “ٽيج” آهي. مينهن برسڻ شروع ٿيو آهي گوري ٽيج جي راند کيڏي رهي آهي. ڍولو ندين جو پاڻي آهي ته گوري ندين جي مڇي آهي. پاڻي گڙگاٽ ڪري وهڻ شروع ڪري ڏنو آهي ته مڇي ترڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ڍولو ڏونگر/واري جي دڙن جو مور آهي ته سندري ڏونگر/ واري جي دڙن جي ڊيل آهي ڍولو واڙين وارو ڦول آهي ته گوري واڙين جي ڦلڙي آهي. ڍولو هينئڙي جو هار آهي ته گوري ان هار جي لال (موتي) آهي.



صاحب جي


پس منظر:

هي سانوڻ رت جو لوڪ گيت آهي. هن گيت ۾ پيار پريت ۽ محبت جو سڏ آهي، ‘صاحب جي’ ٿري ٻولي ۾ عورت پنهنجي ور کي سڏيندي آهي. هن گيت جي ڌن سان گڏ دل ڌڙڪي پوندي آهي. ٻڌڻ سان ماڻهو جو من پڪار بڻجي ويندو آهي. 

ميندي رچي مانهنجي هٿيان ۾

ڍُڙهه رهيو ڪاجل انکيان ۾

چنڙي رنگي روپاڙي، مانهنجا صاحب جي..

ترجمُو

منهنجي هٿڙن تي ميندي رنگ روپ ڪيا آهن، منهنجي اکڙين مان ڪجل هارجي رهيو آهي، منهنجا صاحب جي مون روپ واري رنگيل چنڙي اوڍي آهي.

آيو مڌرو سرامڻ ري،

راسو برسي ميهولو،

هيت سين هينئڙي لگائو،

هون تانهنجي جي ري جڙي، مانهنجا صاحب جي...

ترجمو:

مڌرو سانوڻ آيو آهي، راسو مينهن وسي رهيو آهي. اي منهنجا صاحب جي ! اهڙي رت ۾ مون کي سڪ سان هينئڙي لڳا. آئون تنهنجي جيءُ جي جڙي آهيان.

 او مانهنجا مٺڙا ڀرتار،

هون ناجڪ نويلي نار،

مينهوگي ۾ هيڪلي رو،.

ڪر ڪر ڪانپي مانهنجو جي، مانهنجا صاحب جي...

ترجمو:

منهنجا مٺڙا ڀرتار! آئون نازڪ نفيس نار آهيان، مينهوڳي مون هيڪلي جو جيءُ ڌڙڪائي کائي رهيو آهي.



پَڌارو


پس منظر:

پڌارو لفظ جي لفظي معنيٰ “اچو” آهي. هي گيت ساوڻ جي رُت ۾ گوريون پنهنجي بالم کي سڏيندي ڳائينديون آهن.

اَنکڙلِي ڦڙُوڪي، مانرِي گهران نا پَڌارو،

ٿانان جوئي جوئي جيان هان جي ري بلالا......

ترجمُو

منهنجي اک ڦڙڪي ٿي، منهنجا محبوب گهر ڏانهن اچ، توکي نهاريندي آئون جيئان .

      ٿانري ڪارڻي ڀوجنيان بناڙا،

جيمڻيءَ ري مس گهران نا پڌارو هان جي ري بلالا...........

ترجمو:

منهنجا محبوب موٽ، تنهنجي واسطي کاڌو تيار ڪرايان، کائڻ جي بهاني اچ ملي وڃ.

ٿانري ڪارڻي ڍوليڙو  ڍڙاڙان،

ٻيسڻيءَ ري مس گهران نا پڌارو هان جي ري بلالا..........

ترجمو:

تنهنجي ڪارڻ کٽ وڇايان، چار پل ويهڻ جي بهاني مون ڏانهن اچ،

      ٿانري ڪارڻي ايلچي پوکاڙان،

ڏانتڻيءَ ري مس گهران نا پڌارو هان جي ري بلالا...............

ترجمو:

تنهنجي لاءِ ايلچي پوکايان، ڏندڻ ڪرڻ جي بهاني گهرن ڏانهن اچ.

     ٿانري ڪارڻي نيڻان نون برساڙان، [1]

جهلڻيءَ ري مِس گهران نا پڌارو هان جي ري بلالا..............

ترجمو:

تنهنجي واسطي نيڻن مان لڙڪن جو مينهن وسايان وهنجڻ جي بهاني اچي ملي وڃ منهنجا محبوب.

 

[1]  هي سٽ ائين به ملي ٿي ته؛ ٿانري ڪارڻي تڙها، سينچاڙان.



پريت رنگ


پس منظر:

هي پيار محبت جي مارڳ جو گيت آهي. سانوڻ جي رت ۾ ڳايو ويندو آهي.

گل گلابي گونگهٽئي ۾، هون تو لڪائون ري،

گل ڦل ڏيکي ڀمرا، گهڙي گهڙي شرمائون ري، بالم جي، پريت رنگ برساوڻ آئو ري

ترجمُو

گل ڦل تي ڀونئر ڏسي پنهنجا گلابي ڳل گونگهٽ ۾ لڪائي گهڙي گهڙي شرمايان ٿي. اي منهنجا بالم! تون پريت جو رنگ وسائڻ جي لاءِ اچ.

پريت ري رنگ ۾ رنگي، جيون ري ويلڙي ري

رمين جهمين موريو، ڍاٽاڻي ري ڍيلڙي ري،

بالم جي، پريت رنگ برساوڻ آئو ري.

ترجمو:

پريت جي رنگ ۾ جيون جي ويل رنگي ڍاٽ جي ڊيل ۽ مور مستي ۾ نچي رهيا آهن. اي منهنجا بالم! تون پريت جو رنگ وسائڻ جي لاءِ اچ. 

مانجهم گڙتي رات ۾ ڦٽي مانهنجي اونگ ري،

ڀري رومال ڀرت سين، مهليو ٻڌي لونگ ري

بالم جي، پريت رنگ برساوڻ آئو ري

ترجمو:

مينهوگي مٺڙي رات ۾ منهنجي ننڍ ڦٽي آهي. مون توکي ڀرت سان ڀريل رومال ۾ لونگ ٻڌي سوکڙي موڪليو آهي. اي منهنجا بالم! تون پريت جو رنگ وسائڻ جي لاءِ اچ.



رائچند جي


پس منظر:

هي ٿر جو پيارو لوڪ گيت آهي، جنهن جا مختلف نمونا ملن ٿا ڀيڄ ڀنيءءَ جي سُهاوڻي سمي ۾ ڳايو ويندڙ هن لوڪ جو محبوب ڪردار ‘رائچند جي’ ڍاٽ جي ڌرتي جو رهواسي سوڍو هو. راڻي مينڌري جي ريت ۾ پنهنجي پريت کان رائچندجي رسي روانو ٿيو ته سندس محبت فراق ۾ جيڪي ٻول چيا، اهي رائچند لوڪ گيت جو روح آهن. هن گيت جي سر زمين ٿر جو طبعي ڀاڱو ڍاٽ آهي. ڍاٽڻيون وسڪاري جي رُت ۾ تيل ڦليل ڪري ڏهاڻي آلاپ ۾ جڏهن رائچند جي لوڪ گيت ڳائينديون آهن ته ڀنوڙي ڌرتيءَ تي لڙڪن جا ٽوڀا ٺهي پوندا آهن.

1

رائچند جي ري، جهيڻا اڏاڻان ڪانگ ري،

ڀنوڙي ڌرتي پلر پاڌرو ري الا.....

رائچند جي ري.....

ترجمُو:

اي رائچند جي! آئون تنهنجي لاءِ جهيڻا ڪانگ اڏاري رهي آهيان، ڀيج ڀني جو ڌرتي تي پلر پڌرو آهي)

رائچند جي ري، ڀنو کيلي ٽنگيو هار ري

ڀنوڙي ڌرتي پلر پاڌرو ري الا.....

رائچند جي ري....

ترجمو:

اي رائچند جي ! ڪليءَ ۾ ٽنگيل هار پسي ويو آهي،(تو بنان ڪنهن کي پارائجي) ڀيج ڀني جوڌرتي تي پلر پڌرو آهي.

رائچند جي ري، ميٺا لگا ٿانرا ٻول ري

ڀنوڙي ڌرتي پلر پاڌرو ري الا.....

رائچند جي ري...

ترجمو:

اي رائچند جي! (مون کي )تنهنجا ٻول مٺڙا لڳا، ڀيج ڀني جو ڌرتي تي پلر پڌرو آهي

رائچند جي ري، ڀولي ڦران بنواس ري

ڀنوڙي ڌرتي پلر پاڌرو ري الا.....

رائچند جي ري،

ترجمو:

اي رائچند جي! (آئون تنهنجي ڳولا ۾ ) بن ۾ اوجهڙ ڀٽڪي رهي آهيان، ڀيج ڀني جو ڌرتي تي پلر پڌرو آهي.

2

رائچند جي ري، وٺو ٿانري ڏاڏاڻي رو ڏيس،

بيهگي وڙاڻي ري ڪريا...

ترجمُو:

اي رائچند جي تنهنجي ڏاڏاڻي جو ديس وٺو آهي، تون جلد ورڻ جي ڪجان.

ديسان پرديسان سين موٽران ڇوٽين، ڌڌڪي ڇٽي ريل

مانرا رائچند جي ري بيهگي وڙاڻي ري ڪريا...

ترجمو:

ديس پرديس کان موٽرگاڏيون روانيون ٿيون آهن، ڌڌڪا ڪندي ريل به رواني ٿي آهي، اي منهنجا رائچند تون ورڻ جي ڪجان.

آج اتريئي ۾ هان جي دونڌڙيو، ندئي بهئي جڙ نير،

مانرا رائچند جي ري بيهگي وڙاڻي ري ڪريا..

ترجمو:

اڄ اتر کان ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسڻ لڳا آهن، برساتي نديون تار وهي رهيون آهن، اهڙي رت ۾ اي منهنجا رائچند تون جلد ورڻ جي ڪجان

گاج گهڙوڪي ميهولا برسين، کيلي ڀيجي ٿانرو هار،

مانرا رائچند جي ري بيهگي وڙاڻي ري ڪريا...

ترجمو:

گاج جي گهمسان ۾ مينهڙا وسي رهيا آهن، ڪليءَ ٽنگيل تنهنجو هار پسي رهيو آهي. اي منهنجا رائچند تون جلد ورڻ جي ڪجان.

گڊ ري چڙهي مين تو جوئو، جوئان مانري رائچند ري واٽ،

مانرا رائچند جي ري بيهگي وڙاڻي ري ڪريا..

ترجمو:

گڍ تي چڙهي مون نهاريو، نهاريان پنهنجي پياري رائچند جي واٽ، اي منهنجا رائچند! تون جلد ورڻ جي ڪجان .

رائچند جي جهالان ٿانري، هيمريئي ري واگ

مانرا رائچند جي ري بيهگي وڙاڻي ري ڪريا...

ترجمو:

منهنجا پيارا رائچند! تنهنجي گهوڙي جي واڳ جهلان. منهنجا رائچند تون جلد ورڻ جي ڪجان .

3

ساهر سوڍا مانري سنڌڙي را سورج، مانري من را ميٺا ري

 رائچند جي ري، من را ميڙوُ ري ...................................

تمين آئو جي ري رائچند جي .....................................

ترجمُو:

اي ساهر سوڍا رائچندجي، منهنجي سنڌڙي جا سورج، منهنجي من جا مٺڙا، منهنجي من جا محبوب رائچند جي تون اچ.

ٻوليا چاليا،ڪرو منان معاف، مانري من را ميٺا ري،

تمين آئو جي ري رائچند جي .....................................

ترجمو:

منهنجي ٻول چال جي غلطي مون کي معاف ڪري، منهنجي من جا مٺڙا رائچند جي تون اچ.

ڀليوڙي نا مارگيو بتاڙو، مانري من را ميٺا ري،

تمين آئو جي ري رائچند جي .....................................

ترجمو:

ڀليل کي رستي لڳايو، منهنجي من جا مٺڙا رائچند جي تون اچ

اوگو اوگو پونم واڙو چاند، مانري من را ميٺا ري،

تمين آئو جي ري رائچند جي .....................................

ترجمو:

پونم جو چنڊ اڀريو آهي، منهنجي من جا مٺڙا رائچند جي تون اچ.

مرگها نيڻي را بالم، مانري من را ميٺا ري،

تمين آئو جي ري رائچند جي ...

ترجمو:

هرڻ اکي جا بالم منهنجي من جا مٺڙا رائچند جي تون اچ.



ڍولا مارو


پس منظر:

‘ڍولا مارو’ ريگستان جو مشهور عشقيه داستان آهي. جنهن جي سرجڻ جي سرزمين ڍاٽ آهي. ڍولا مارو جي قصي تي ريگستان ۾ ڪوتا گهڻي سرجي ويئي آهي. ڍولا مارو جو گيت به محبت جي ڪهاڻي ۾ ڪٿيل آهي.

1

لوڪ وکاڻي لکيو، گايو ڏيسا ڏيس،

ڍولو ڇٿري راجيو، مارو پريان ويس.

ترجمُو:

ڍولا مارو جو قصو لوڪ ساراهي لکيو ۽ ملڪن جي ملڪ ان کي ڳايو آهي، ڍولو ڇتري شهزادو آهي، مارو پرين جو ويس آهي.

ڍولو نرور مورت، مارو سرنگي ڍاٽ،

ڍولو ڌڻ وساري، مارو جوئي واٽ.

ترجمُو:

ڍولو نرور جي مورت ۽ مارو ڍاٽ جي سهڻي صورت آهي. ڍولو پنهنجي پرڻي کي وساري ويٺو آهي، مارو هُن جي واٽ نهاري رهي آهي.

مارو نيڻي ڪاجليو، ڍولي نيڻي تيج،

ڍولو ڌڙڪاوي جي نا، مارو رماوي سيج

ترجمو:

مارو جي نيڻن ۾ ڪجل آهي، ڍولي جي نيڻن ۾ تيج آهي، ڍولو نيڻن جي تپش سان دل ڌڙڪائي ٿو، مارو سيج رمڻ جي لاءِ ڪشش پيدا ڪري ٿي.

ڍولو ڌڻ وساري، مارو مانڏي ريت،

ڍولو ٻولي ويڻ، مارو گاوي گيت،

ترجمو:

ڍولي پنهنجي پرڻيل نار وساري ويٺو آهي، مارو (پرڻي مهل ڪيل وچن جي ريت (نڀائڻ )جا جتن ڪري رهي آهي، ڍولو (مالوڻ جي موهه ۾) مارو کي ڪڙا ٻول ٻولي رهيو آهي، مارو گيت ڳائي رهي آهي.

2

آئو ڍولا ڍاٽ ڌڻي، پريت وساري نا جائي،

ترجمُو:

اي ڍولا ڍاٽ جا ڌڻي!، پنهنجي پريت ائين وساري نه ويندي آهي.

اڪ پن سين پاتلي مارو ڌوٻو ڌان نا کائي

 آئو ڍولا ڍاٽ ڌڻي، ڌڻ وساري نا جائي،

ترجمو:

(ڍولا تنهنجي پرڻي نار) مارو اڪ جي پڙي (پن) کان به پتلي (سنهڙي ) آهي. هُو لپ ڀريو اناج به نه کائيندي آهي. اي ڍولا ڍاٽ جا دڙن ڏي اچ. پنهنجي ناري وساري نه ويندي آهي.

مارو سُتي پاسو ڦيريو، پاسڙيان ويج ٿائي

آئو ڍولا ڍاٽ ڌڻي، پرڻي وساري نا جائي،

ترجمو:

مارو سُتي سُتي پاسو ڦيري ٿي ته پاسڙين جي چمڪاٽ کنوڻ وانگر ٿئي ٿي. اي ڍولا ڍاٽ جا ڌڻي اچ، پنهنجي ناري وساري نه ويندي آهي.

مارو ٻولي ميٺي جاڻي ڪوئل گيت گائي

آئو ڍولا ڍاٽ ڌڻي، ڌڻ وساري نا جائي،

ترجمو:

مارو اهڙو مٺو ڳالهائي ٿي، ڄڻ ڪوئل گيت ڳائي رهي آهي. اي ڍولا ڍاٽ جا ڌڻي، پنهنجي ناري وساري نه ويندي آهي.

3

ڍولا پريت ۾ ايس ريت نه ڪريئي، جو لوڪ ڪري هنسي...

ترجمُو:

اي ڍولا پريت ۾ اهڙي ريت نه ڪجي جو لوڪ انهي تي کلي.

جڻ رتُ موتي نپجي، سيپ سمندر مانهه،

تڻ رتُ ڍولو سنڀريو، ام ڪو ماڻس جاء،

ترجمو:

جنهن رتُ ۾ سمنڊ ۾ رهندڙ سيپ جي اندر موتي.پيدا ٿين ٿا، ان رت ۾ ڍولو پرديس پڌارڻ جي لاءِ سنڀريو آهي. ائين ڪو ماڻهو ويندو آهي.

ڏن ڇوٽا، موٽي ريڻ، ٿاڍا نير پون،

تڻ رت ڌڻ نا ڇڏيئي، هي بالم جگ ٻڌن

ترجمو:

جڏهن ڏينهن ننڍا ۽ رات وڏي ٿئي، ٿڌو واءُ لڳي، اهڙي رت ۾ ڍولا پنهنجي پرڻي نار کي ڇڏي نه وڃبو آهي، اهو جڳ جو ٻڌن (رواج ) آهي.

اتر آج سون اتريو، سيءُ پڙسي ٿاٽ،

سهاگڻ گهر آنگڻيئي، ڏهاگڻئي گوگهاٽ،

ترجمو:

اڄ اتر جون هوائون تيز ٿيون آهن، اڄ سيءُ پنهنجا وڄٽ ڪندو، سهاڳڻ جي گهر جي اڱڻ ۾ سيءُ هوندو پر ڏهاڳڻ جي پوري گهر ۾ سيءُ سوساٽ ڪندو.



مانڌو


پس منظر:

هي درد فراق جو گيت آهي، هن گيت جو ڪردار مانڌل نهڙي پنهنجي دور جو بهادر ۽ مان مرياده وارو شخص هو، هاڻي گاڏين جو زمانو آهي. جڏهن اٺن ۽ گهوڙن جي سواري هئي، تڏهن مانڌل اٺ پلاڻي ڀاڙي تي ماڻهو کڻندو هو. هڪ دفعي ڀاڙي تي سواري کڻي نڪتو ته وري واپس نه آيو. ڏاڍيون پڇائون ٿيون پر مانڌل نه مليو .[1]

ٿر جي ڳوٺن ۾ اهو گيت وڇوڙي جي وڍ ۾ ڳايو ويندو آهي.

1

مانڌو تنهنجو وطن وٺو، اڄ ڏاڏاڻو اچي ڀيٽ،

ڏاڏاڻو اچي ڀيٽ، لونگين جي لپيٽ،

چٺيون لکايم چيلهار مان، پهتيون عمرڪوٽ ٺيٺ،

مانڌو تنهنجو وطن وٺو، اڄ ڏاڏاڻو اچي ڀيٽ،

ڏاڏاڻو اچي ڀيٽ، لونگين جي لپيٽ،

ڇاڇري منجهان ڇتو ڪون ٿيو، پڇايوم ننگر جا سيٺ،

مانڌو تنهنجو وطن وٺو، اڄ ڏاڏاڻو اچي ڀيٽ،

ڏاڏاڻو اچي ڀيٽ، لونگين جي لپيٽ،

صورت تنهنجي سهڻي، منڙو ماکي ميٺ،

مانڌو تنهنجو وطن وٺو، اڄ ڏاڏاڻو اچي ڀيٽ،

ڏاڏاڻو اچي ڀيٽ، لونگين جي لپيٽ،

رهڻو ناهي هتي ڪوئي، مرندو سڀڪو نيٺ،

مانڌو تنهنجو وطن وٺو، اڄ ڏاڏاڻو اچي ڀيٽ،

ڏاڏاڻو اچي ڀيٽ، لونگين جي لپيٽ،

[1] ڀوريلي جي استاد سخي محمد مانڌل متعلق ڄاڻ ڏني. سخي محمد مطابق ماڻهو چون ٿا ته اهو گيت مانڌل جي دوست ڪاڇٻي گرڙي چيو هو. هڪ روايت آهي ته هن گيت جي آخري سٽ ائين آهي ته ؛ هٿ ٻڌي گرو ڪاڇٻو چوي، مرندو سڀڪو نيٺ.



ڦاگڻ


پس منظر:

هونئن ته ڦڳڻ هڪ مهيني جو نالو آهي، پر سانوڻ جي مهيني جيان هڪ پوري رت جي به نمائندگي ڪري ٿو، بنست جي رت ڦڳڻ ۾ شروع ٿيندي آهي. جنهن کي ٿر ۾ ‘وڻ ڦوٽ’ جي رت چئبو آهي صحرا جا وڻ ٻوٽا به ڦڳڻ ۾ گل ڦل جهليندا آهن. ڦڳڻ جي رت ۾ وڻ ڦوٽ جي واس تي پريت جو من پريم رس ۾ ڦٽندو آهي. تڏهن هي گيت ڳايو ويندو آهي. بسنت جي رنگن روپن ۽ واس تي اندر ۾ اٿندڙ احساسن کي گيتن ۾ سمائي سوز ۾ ڳايو ويو آهي.

ڦاگڻ آيو ري هٺيلا،

ڦاگڻ آيو ري................................

ترجمُو:

ڦڳڻ آيو آهي اي هٺيلا! ڦڳڻ آيو آهي.

ڌرتي را وڻ ڦولي،

ناجڪ ڌڻ سُڌ ٻڌ ٻولي،

واگان ۾ ڀنڀوران ڍولي

رسيا رسيا موريا ٻولي،

ڦاگڻ آيو ري هٺيلا

ڦاگڻ آيو ري...

ترجمو:

ڌرتي جا وڻ گل ڦل جهلي رهيا آهن، اهڙي رت ۾ تنهنجي پرڻي پريتم تڙپ جا ٻول ٻولي رهي آهي. باغن ۾ ڀنڀوريون کينچليون ڪري رهيون آهن. مور مٺڙا مٺڙا ٽهوڪي رهيا آهن. ڦڳڻ آيوآهي اي منهجا هٺيلا محبوب ڦڳڻ آيو آهي.

ڦولان تو ڦلڙان جهڙڪي

نانو ڪاڙجيو ڌڙڪي،

پگ ري پايل ڇڻڪاري،

ٿاني پڪاري او پڪاري،

ڦاگڻ آيو ري هٺيلا

ڦاگڻ آيو ري.................................

ترجمو:

ڦلن جون ڦلڙيون مهڪي ۽چهڪي رهيون آهن. منهنجو ننڍڙو جيءُ ڌڙڪي رهيو آهي پيرن جي پايل ڇم ڇم ڪري تو کي پڪاري وري پڪاري ٿي.

مانري جي ري تون جڙي،

باٽ جوئان گهڙي گهڙي،

ڪٿ ٻيٺ رهيو لگا ڪڙي،

آنکيان آنسو موتان لڙي،

ڦاگڻ آيو ري هٺيلا

ڦاگڻ آيو ري.................................

ترجمو:

تون منهنجي جيءُ جي جڙي آهين، گهڙي گهڙي تنهنجي واٽ نهاري رهي آهيان، تون ڪٿي ويهي رهيو آهين، ڪٿي تو کي ڪڙي (زنجير ) لڳي آهي. تنهنجي لاءِ وهندڙ لڙڪ موتين لڙي جيان چمڪي رهيا آهن. ڦڳڻ آيو آهي اي هٺيلا! ڦڳڻ آيو آهي.



رومال


پس منظر:

رومال ٿري لوڪ گيت آهي، عشق جي نشاني ۾ محبوب کي ڀرت ڀريل رومال ڏنو ويندو هو، هن گيت ۾ ٿري ناري پنهنجي محبوب ور کي گهر مان نڪرڻ وقت پريت جي نشاني رومال کڻي وڃڻ جو چئي ٿي. هي لوڪ گيت نوجواني جي نبور عشق ۾ ٻڏل جوانيون ڳائينديون آهن.

رومال ليتا جائجو، دل ڏيتا جائجو، مانري ڇوٽي نڻدل را بيرا،

مانري سگي نڻدل ٻائي را بيرا رومال مانرو ليتا جائجو،.

ترجمُو:

اي منهنجي ننڍڙي نڻدل جا ڀاءُ! رومال وٺندو وڃان مون کي پنهنجي دل ڏيندو وڃجان، منهنجي نڻدل جا ويرا منهنجو رومال کڻندو وڃجان

آپ ري ڪارڻي مين باگ لگايون، گهڻيئي ري مس آئيجو،

 رومال لي جائجو، مانري سگي نڻدل را بيرا، رومال لي جائجو، 

ترجمو:

تنهنجي واسطي باغ لڳايان، گهمڻ جي بهاني اچجان، منهنجي سڳي نڻدل جا ويرا رومال کڻي وڃجان .

آپ ري ڪارڻي ٿال پروسان، جيمڻ ري مس آوجو، مانرو ڀريوڙو رومال لي جائجو، دل ڏي جائجو،

ترجمو:

تنهنجي ڪارڻ سٺن طعامن سان ٿال ڀري رکان، کائڻ جي بهاني اچجان، منهنجي هٿن جو ڀرت ڀريوڙو وٺي وڃجان مون کي دل ڏيئي وڃجان.



موران ٻائي


پس منظر:

موران ٻائي ٿر جو مشهور لوڪ گيت آهي. چون ٿا ته موران ٻائي عمرڪوٽ جي ڌيئاري هئي. جنهن کي مارواڙ ۾ پرڻايو ويو. ماواڙ جي علائقي ۾  هن کي محسوس ٿيو ته وطن جا سک پوئتي رهجي ويا. اتي سهڻي ڍاٽ جي ڌرتي ساري سڪ ۾ گيت ڳايو. اهو گيت ‘موران ٻائي’ سڏجي ٿو. ٿل ۾ به موران ٻائي جي گيت جي روايت ملي ٿي. . 

 

اري تلريا تو مگريا، مورُو ٻائي لاري رهيا، ;

اڳ ۾ تو ڌوريان رو ڏيس، ويرو وڻجارو ري.....  

ترجمُو:

 اي مورُو ٻائي! ڏهرن ۽ ننڍين مٿارين ڍيٻن جو  علائقو پوئتي رهجي ويو آهي، اڳ ۾ ڌورن (دڙن ) جي  ڌرتي آهي. ڀاءُ وڻجارو آهي. [1]

جائي مت ڪهجو موران ٻائي ري ويرئي نا، 

ويريو چڙهي پيو گاڏي ريل، ويرو وڻجارو ري............  

ترجمو:

وڃي موران ٻائي جي ڀاءُ کي نه ٻڌائجو (ته موران ٻائي ڏکي آهي ) موران ٻائي جو ڀاءُ ريل گاڏي ۾ چڙهي  پيو. ڀاءُ وڻجارو آهي.

ماڙين تو بنگلا ري موران ٻائي لارين رهيا،;  ;;

اگ ۾ تو جهوپڙان رو ڏيس، ويرو وڻجارو ري..........  

ترجمو:

اي موران ٻائي! بنگلا ۽ ماڙيون پوئتي رهجي ويا، اڳ ۾ جهوپڙن جو علائقو آهي. ڀاءُ وڻجارو آهي.

آنٻا تو آنٻلي موران ٻائي لارين رهيا،

اگ ۾ تو اڪڙان  رو ڏيس، ويرو وڻجارو ري.......... 

ترجمو:

اي موران ٻائي! انب ۽ انبڙيون پوئتي رهجي ويا، اڳ ۾ اڪ جي وڻ ٻوٽن جو علائقو آهي. ڀاءُ وڻجارو آهي.

جائي مت ڪهجو موران ٻائي ري ماتا ڙي نا،; 

ماتاڙِي روئي پئي ڏن رات، ويرو وڻجارو ري.........    

ترجمو:

وڃي موران ٻائي جي ماءُ کي نه ٻڌائجو، ماءُ ڏينهن رات روئي  رهي آهي.ڀاءُ وڻجارو آهي.

مٿيو تو ڌوئو ري او موران ٻائي ميٽ سين،; 

چاپيو چنبيلي رو تيل، ويرو وڻجارو ري.........;

ترجمو:

موران ٻائي ميٽ سان مٿو ڌوتو آهي، وارن ۾ چنبيلي جو تيل لڳايو آهي.ڀاءُ وڻجارو آهي.

جائي مت ڪهجو موران ٻائي ري ويرئي نا،; 

ويريو آسي آڌي رات، ويرو وڻجارو ري.........;

ترجمو:

وڃي موران ٻائي جي ڀاءُ کي نه ٻڌائجو، ڀاءُ آڌي رات جو هليو ايندو. ڀاءُ وڻجارو آهي.

ڀائي آن ڀاتريجا موران ٻائي لاري رهيا،; 

اگ ۾ ڏيور ٻيجا جيٺ، ويرو وڻجارو ري.........;

ترجمو:

اي موران ٻائي! ڀائر ۽  ڀائيٽا پوئتي رهجي ويا،اڳيان هڪ ڏير ۽ ٻيا جيٺ آهن.  ڀاءُ وڻجارو آهي.

ڌوڙئي تان ڍڙيو مورو ٻائي تو جاڻيو،; 

هيڪ مانري هينئڙي رو هار، ويرو وڻجارو ري.........  

ترجمو:

ڀٽ تان لهندڙ  پانڌيئڙي کي  ڏسي موران ٻائي  سمجهيو  ته هڪ منهنجي هينئڙي جو هار آهي. ڀاءُ وڻجارو آهي.

 

 [1]  مگريا ننڍين پهاڙي ٽڪرين کي به چئبو آهي.



کمان


پس منظر:

لفظ ‘کمان’ جي معنيٰ صدقي وڃان آهي. هن ٿري لوڪ گيت ۾ وينگس پنهنجي ور تان نثار وڃڻ جو وچن ڪندي پريتم جا لاڏ ڪوڏ ڪري ٿي. هي خوشي جي موقعي جو گيت آهي.

مانري بالم نا کمان ري کمان،

مانري ڪيسريئي بني نا کمان،

ٿي تو ڌيرا ڌيرا چالو،

ٿي تو هڙيئي هڙيئي هالو،

ترجمُو:

منهنجي لاڏلي بالم تان صدقو وڃان، منهنجي ڪيسريئي گهوٽ تان صدقي وڃان، منهنجا پيارا تون آهستي آهستي هل، تون ڌيري ڌيري هل .

ٿي مانرو منڙي رو اجلو موتي،

ٿاني جهيڻي گهونٽئي ۾ جوتي،

ٿي تو ڌيرا ڌيرا چالو،

ٿي تو هڙيئي هڙيئي هالو،

ترجمو:

تون منهنجي منڙي جو اجرو موتي آهين، تو کي آئون جهيڻي گهونگهٽ ۾ نهاريندي هوس، منهنجا پيارا تون آهستي آهستي هل، تون ڌيري ڌيري هل.

ماتا ڙي ٿانري سک جيئي،

ٻينڙي ٿانري گهوريان پاڻي پيئي،

اوگتي چندر رسيو نا آويو،

ٿي تو ڌيرا ڌيرا چالو،

ٿي تو هڙيئي هڙيئي هالو،

ترجمو:

تنهنجي جيجل سدائين سکن ۾ جيئي، تنهنجي ڀيڻ تو گهوريا پاڻي پيئي، منهنجا پيارا تون آهستي آهستي هل، تون ڌيري ڌيري هل.



بابليا


پس منظر:

ٿر ۾ پيءُ کي بابا، بابو ۽ ابو چيو ويندو آهي. بابي کي پيار ۾ بابليو سڏيو وڃي ٿو. ٿر ۾ ننڍپڻ جي شادي جو رواج خاص نه آهي، پر ڪٿي ڪٿي ننڍپڻ جي شاديءَ جا واقعا پيش اچن ٿا. ننڍڙي عمر جي نينگري مائٽاڻو گهر ڇڏيندي جهري پوندي آهي. هُن جا احساس ان گيت ۾ سمايل آهن.

ننڍي ٿڪي نا پرڻائي بابليا،

مين ڪهڙو ڪريو ٿانرو قصور،

اترا ڏن لاڏ ڪوڏ ڪريا،

همين ڪانئين ڪرو بابليا دور،

ترجمُو:

اي منهنجا بابل تو مون کي ننڍڙي عمر ۾ پرڻائي، مون تنهنجو قصور ڪيو آهي.ايترا ڏينهن تو منهنجا لاڏ ڪوڏ ڪيا، هاڻي ڇو مون کي دور ڪري رهيو آهين.

ٿانري پينپڙيئي ري ڀوڙي هون چڙڪلي،

ٿي چاهو تو هون اڏ جائون ري بابليا،

هون بابليا ٿانري کونٽڙئي ري گاوڙي،

جٿ ٻاندو اٿ ٻيس جائون ري بابليا،

جي مهلو تو مهلو بابليا مرجي اهه ٿانري،

سرامڻ ۾ تو تيڙجو ضرور بابليا..............

ترجمو:

اي منهنجا بابل ! تنهنجي اڱڻ جي پپر جي آئون ڀوري جهرڪي آهيان تون چاهيندين ته آئون اڏري ويندس. بابل آئون تنهنجي گهر جي کونٽي تي ٻڌل ڍڳي جيان آهيان جتي ٻڌندين اتي ويهي رهندس. اي بابل! تون جي موڪلين ته موڪل، تنهنجي مرضي آهي. پر سانوڻ ۾ ضرور وٺڻ اچجو.

ٿان گهر جنمي. ٿان گهر رمي،

همين گهر مهلو ٻيجي بابليا

اگهي وڌان تو پگ پاڇا وڙين،

 ڪاڙجيو ڌڙ ڌڙ ڌڙڪي،بابليا

هون ڪي ٻولان مانرا آنسوُڙا ٻولين بابليا،

مانرو هينئڙو ڏکان ڀريوڙو ڀرپور بابليا،

ترجمو:

اي منهنجا بابل! مون تنهنجي گهر ۾ جنم ورتو، تنهنجي ۾ رمي آهيان. هاڻي ٻي گهر موڪلي رهيو آهين.اڳتي وڌان ٿي ته پير واپس ورن ٿا، منهنجي دل ڌڙ ڌڙ ڌڙڪي رهي آهي. آئون ڇا ڳالهايان؟ منهنجا لڙڪ ڳالهائي رهيا آهن. اي منهنجا بابل منهنجي دل ڏکن سان ڀرپور آهي. 

سنگ ري سهليان، آئو آپ گڙءِ مڙليان،

پڇي ڪڏي وڙي ملڻو ٿيسي بابليا،

باڀي مائوڙي جائون پئي هون بڇڙي،

روتي نا ڪوڻ ماٺ ڪراسي، بابليا

هوئي منان نڀاڻو پڙ گيو دنيا رو دستور بابليا،

ترجمو:

منهنجي ساٿ جون اي سهليون! اچو پاڻ ڳلي ملي وٺون ٻيهر ڪڏهن وري ملڻ ٿيندو !؟ اي منهنجي باڀي! اي منهنجي ماءُ! آئون وڇڙي پئي وڃان مون روئندڙ کي ڪير ماٺ ڪرائيندو؟ بابا سائين! هاڻي مون کي دنيا جو دستور نڀائڻو پئجي ويو .



ڪلريو


پس منظر:

هن لوڪ گيت ۾ ٿر ڀٽن جي رهواسي ناري جو درد آهي. جنهن کي بئراج جي پٽي ۾ ڪلر جي پوٺن واري علائقي ۾ پرڻايو ويو آهي. دک، درد وارو هي گيت ڏکن ۾ پرڻايل ناريون ڳائينديون آهن.

ماتاڙي منان ڪاهين، ڪلرئي ۾ رولي ري،

بيرو منان تيڙو مهلي ري، ....................

ترجمو:

اي منهنجي جيجل ماءُ! مون کي ڇو ڪلر واري مٽي ۾ رولي آهي، منهنجي ڀاءَ کي مون ڏانهن مونکي وٺڻ موڪلجان.

ماتاڙي تانهنجي هُون ننڍڪي لاڏڪي هوتي ري،

وسري نا تانهنجي لولي ري ....................

ترجمو:

منهنجي امان! آئون ننڍڙي ڌيءَ تنهنجي لاڏلي هوندي هوس، مون کي تنهنجي ڏنل لولي نه وسري آهي.

ماتاڙي هيڪلڙي نا روج منان هيلو آوي ري،

روئي اج هُون اداسڻ ٻولي ري .................. .

ترجمو:

جيجل امان! مون کي روز اڪيلائي ۾ حيلو اچي ٿو، اڄ روئي مون اظهار ڪيو آهي. 

ماتاڙي سرامڻ آيو، هون ڏاڏاڻي سين ڏور ري

انکيان ۾ آنسوڙان ري ڇولي ري ...................

ترجمو:

ماتا ڙي ! سانوڻ جو مهينو آيو آهي، آئون پنهنجي ڏاڏاڻي کان ڏور آهيان، اکين ۾ لڙڪن جي ڇولي آهي.

روپيڙان ري لالچ ۾ ماتاڙي ڏکڙان ۾ پرڻائي ري

مانهنجي هينئڙي اٺي هولي ري ...................

ترجمو:

ماتا ڙي ! روپين جي لالچ ۾ مون کي ڏکڙن ۾ پرڻائي، منهنجي هينئڙي ۾ هولي ( باهه جي هولي ) اٿي رهي آهي.



آسو جي


پس منظر:

هن لوڪ گيت جو ڪردار آسو هڪ راجپوت آهي. ٿر جي ڏڪاري حالتن ۾ بئراجي علائقن ڏي مزدوري جي لاءِ ويو. ٿر تي وسڪارو وري آيو، پر هن جي موٽڻ ۾ ديرٿي، آسي کي ساري سندس زال فراق جو گيت ڳايو. ٿر ۾ جڏهن ڪارونجهر هيٺيان وهندڙ چشمو چنڊ جو آئينو ٿي پوندو آهي. تڏهن هي گيت ڳايو ويندو آهي. ڏهاڻي ڌن ۾ رچيل هن گيت کي ڳائيندي ڳائيندڙ نارين جون اکيون اشڪبار ٿي پونديون آهن.

رائين سائين تڙ مٿي رنڀين،

آسا تون بيهگو آ وڙي.................

تانهنجي ڏوجهاري ڦري ولکي ري،

آسا تون بيهگو آ وڙي.................

ترجمُو:

رايون سايون (ڍڳيون ) تڙ مٿي رنڀي رهيون آهن . اي آسا !تون جلد وري اچ.

ٻيجين ڦرين سرتيان ڀيڙين،،

تانهنجي پرڻي اُڀي روئي،

آسا تون بيهگو آ وڙي.................

ترجمو:

ٻيون پنهنجين سرتين گڏ گهمي رهيون آهن، پر تنهنجي پرڻي روئي بيٺي، اي آسا! تون جلد وري اچ.

اج مانهنجو ويرو تيڙڻ آيو،

آپ بنان ڪوڻ موڪل ڏي،

آسا تون بيهگو آ وڙي.................

ترجمو:

اڄ منهنجو ڀاءُ مون کي وٺڻ آيو آهي پر تو بنان مون کي ڪير موڪل ڏي (ته آئون ڀاءُ گڏجي مائٽن وٽ وڃان) اي آسا تون جلدي وري اچ . 

ٽيجلڙيان تو سينگار ڪريا،

تانهنجي گورل ويس ميلي،

آسا تون بيهگو آ وڙي.................

ترجمو:

ٽيج رکندڙ نارين هار سينگار ڪيا آهن پر تنهنجي گوري ميري ويس ۾ ملبوس آهي.



چوماسو


پس منظر:

چوماسو سانوڻ رت ۾ مينهن جي موسم کي چئبو آهي، سانوڻي جي چئن مهينن ۾ چئني ڏسن کان هوائون لڳنديون آهن. چوسامي جي هن رت ۾ من موهيندڙ گيت ڳايا ويندا آهن. چوماسي گيت جا به مختلف نمونا ملن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب به چوماسي جو گيت ڏنو آهي پر هي اڻ ڇپي روايت آهي.

سرامڻ آيو، ڀاڌرو آيو جي،

برسڻ لاگيو ميگهه ملار رسيلا،

رنگ چوماسو لايو ري.............

ترجمُو:

سانوڻ آيو، بڊو آيو، اي رسيلا! ميگهه ملار برسڻ لڳا آهن، اي ريسلا! چوماسي رنگ لايا آهن.

اوگڻ لاگي مانري ٻاجهري،

اوگڻ لاگو مانرو گوار رسيلا،

رنگ چوماسو لايو ري........................

ترجمو:

منهنجي ٻاجهري اڀرڻ لڳي آهي، اي رسيلا ! منهنجو گوار پڻ اڀريو آهي. اي ريسلا! چوماسي رنگ لايا آهن. 

ليڏاڻ ڪڍڻ لاسيا آيا،

گونجي همرچي هونگار رسيلا،

رنگ چوماسو لايو ري.................

ترجمو:

ليڏڻ (ٻني جو گاهه ) ڪڍڻ جي لاءِ آٻٿ ( هڪ ٻي کي مدد جي ونگار ) جي لاءِ ماڻهو آيا، همرچي جي هونگار گونجي آهي، اي ريسلا! چوماسي رنگ لايا آهن.

ڏوجهه رو ڏڌ ڀيڙو ڪريو،

ٿي تڙايان کيرڻي تيار رسيلا،

رنگ چوماسو لايو ري.................

ترجمو:

ڏوجهه جو ڏهاڙو ملهائڻ جي لاءِ ڳوٺ جي سموري چوپائي مال جو کير گڏ ڪري ترائين تي کيرڻي تيار ڪئي ويئي آهي. اي ريسلا! چوماسي رنگ لايا آهن.

کونٽي ري مانري ٻاجهري،

اکوڙيو ري مانرو گوار رسيلا،

رنگ چوماسو لايو ري.................

ترجمو:

منهنجي ٻاجهر لڻي آهي، گوار (پاڙن کان) اکوڙي ڀيڙو ڪيو آهي، اي ريسلا! چوماسي رنگ لايا آهن.

ڪوٺلي ۾ راکي ٻاجهري

هاٽڙيو ويچيو گوار رسيلا،

رنگ چوماسو لايو ري.................

ترجمو:

ٻاجهر کي ڪوٺلي ۾ رکي آهي،.۽ گوار هٽن تي وڪيو آهي. اي ريسلا! چوماسي رنگ لايا آهن.

ٽيج ڪانهوڙو راسوڙي رمان،

ڏيولا رو ڏياڙي تهوار رسيلا،

رنگ چوماسو لايو ري.................

ترجمو:

ٽيج ڪانهوڙي جي ڏڻن راسوڙي جي راند ڪريان، ڏيئن وارو ڏياري تهوار آيو آهي. اي ريسلا! چوماسي رنگ لايا آهن.



جوڀنيو


پس منظر:

هن لوڪ گيت جو موضوع جوڀن آهي، جوڀن کي پيار مان ٿري ٻولي ۾ جوڀنيو چيو ويو آهي. هي گيت به ٿري لوڪ گيتن جي اهم ڪڙيءَ جو حصو آهي. هن جو هڪ بند دوهي طور ڏاڍو مشهور رهيو آهي. ٿر جي ڳوٺن ۾ نوجوانيون هن گيت کي ڳائينديون آهن.

ڪيسر ڪايا ڪستوري ۾ جوڀنيو ڀرپور

هينئڙي سون لگائو بالم ڪيون وسو دور

ترجمُو:

منهنجو جسم ڪيسر سان جڙيل آهي ۽ منهنجو جوڀن ڪستوري سان ڀرپور آهي، اي منهنجا بالم مون کي هينئڙي سان ملائي رک، مون کان ڇو پري وسي رهيو آهين.

ڪڏي ڪامڻ ڍاپي ڪنت سين، ڌرتي ڍاپي ميهه،

ڪڏي پريت ڍاپي پريم سين، نيڻ ڍاپيا نيهه،

ترجمو:

استري جو ڪڏهن پنهنجي ور مان جيءُ ڀريو آهي؟(هُن جي هُو جيون ساٿياڻي آهي) ڌرتي جو ڪڏهن مينهن مان ڍوء ٿيو آهي؟. اهڙي طرح ڪڏهن پريت پريم مان بس ڪيو آهي. نينهن مان ڪڏهن نيڻ ڍاپيا آهن.

مينهن موران منڊپ ڪريا، آشا انگ نه سمائي

ٿان بنان هون ايڪلڙي، مانرو بالم ساس تو جائي .

ترجمو:

مينهن جي وسڻ سان مورن رنگ ڪيا آهن (ٽهوڪن کان ناچ تائين) مورن جي منظرن تي منهنجي اندر ۾ آسون ڪر موڙي اٿيون آهن، هاڻي انگ ۾ نٿيون سمائين، اي منهنجا بالم ! تو بنان هيڪلڙي آهيان، منهنجو تنهائي ۾ ساهه وڃي ٿو.



ٿيمرو


پس منظر:

ٿيمرو هڪ ڪنڊيدار ٻوٽي جو نالو آهي. جنهن جو ڪنڊو لڳڻ سان سور ڪندو آهي. هن گيت ۾ ٿيمرو جي ڪنڊو لڳڻ کان پوءِ ناري سار لهڻ جي پنهنجي ور سان شڪايت ڪندي من جا هلراڻا ڪيا آهن.

مانا ٿيمرو ڪانٽو لگو، راجن امراڻي ۾

ترجمُو

اي منهنجا راجن! مون کي امراڻي ۾ ٿيمرو جو ڪنڊو لڳو آهي.

حيدراڻي جائي جائيجو، چوڙلو لائيجو،

چوڙلو گورل رو سينگار، راجن امراڻي ۾...

ترجمو:

حيدراباد وڃي منهنجي لاءِ چوڙو وٺي اچجو، چوڙو (تنهنجي ) گورل جو سينگار آهي.

ڪراچي جائي جو، ڦلڙا لائي جو،

ڦلڙا گورل رو سينگار، راجن امراڻي ۾ ........

ترجمو:

ڪراچي وڃي منهنجي لاءِ ڦلڙا وٺي اچجو، ڦلڙا (تنهنجي ) گورل جو سينگار آهن.

پارڻي جائي جو، چنڙي لائي جو،

چنڙي گورل رو سينگار، راجن امراڻي ۾ ...........

ترجمو:

پاراڻي وڃي منهنجي لاءِ چنري وٺي اچجو، چنري (تنهنجي ) گورل جو سينگار آهي.

چيلهاڻي جائي جو، جانجهر لائي جو،

جانجهر گورل رو سينگار، راجن امراڻي ۾ ...........

ترجمو:

چيلهار وڃي منهنجي لاءِ جانجهر وٺي اچجو، جانجهر (تنهنجي ) گورل جو سينگار آهي.

مٺاڻي جائي جو، ڪاچوڙو لائي جو،

ڪاچوڙو گورل رو سينگار، راجن امراڻي ۾ ..........

ترجمو:

مٺي وڃي منهنجي لاءِ ڪاچوو وٺي اچجو، ڪاچوو (تنهنجي ) گورل جو سينگار آهي.



ميندِي


پس منظر:

ميندِي ٿري لوڪ ڳيچ آهي، جيڪو سانوڻ جي رت ۽ شادي جي موقعي تي  ڳائبو آهي. ميندي جا ڪيترائي گيت/ڳيچ آهن پر هي ڳيچ  پنهنجي ڌن  ڳائڪي جي حوالي سان عورتن جو پسنديده ڳيچ آهي.ميندي ڳيچ جا مختلف نمونا ملن ٿا. شادي جي موقعي تي اڪثر ڳايا ويندا آهن. 

(1)

ميندِي ري نپجي ماڙٻي، آيو ڙِي امرڪوٽ

ميندِي ليسين ٻانڀڻ واڻيان

ميندِي مُلهاسي سورج رو ساکيو

ترجمُو:

ماڙٻي (مالوا) ۾ ٿيندڙ ميندِي عمرڪوٽ آندي وئي آهي، جتي دڪانن تي ٻانڀڻ واڻيا وٺندا. اتان منهنجو سورج جيان چمڪندڙ ساجن ميندِي خريد ڪندو.

ميندِي ڀِجوئان ڪوري ڪونڏلي، جهيڻي ڪپڙي ڇاڻيان

ميندِي ليسين ٻانڀڻ واڻيان

ميندِي مُلهاسي سورج رو ساکيو

ترجمو:

ميندِي ڪوري ڪونڊي ۾ پسايان، پوءِ نفيس ۽ سنهي ڪپڙي سان ڇاڻي رکان ميندِي ٻاڀنڻ واڻيا وٺندا، ميندِي منهنجو محبوب خريد ڪندو.

رائي ڌڻ ٽيٽوڙي انگوڙي، بالم ڏائي هاٿ هڻيان،

ميندِي ليسين ٻانڀڻ واڻيان

ميندِي مُلهاسي سورج رو ساکيو

ترجمو:

گوري پنهنجي ٽينٽوڙي (چينچ) سان بالم جي ڏائي هٿ تي ميندِي چٽيندي. ميندِي ٻانڀڻ واڻيان وٺي ايندا ۽ منهنجو پرين اُتي ميندِي جو ناڻو ڪرائيندو.

(2)

آج تو مانهنجو لاڏلو بنڙو گهوڙلا سينگاري،  

گهوڙليان رو مچيو گهمسان،

 مانهنجي ميندي لال مڃيٺ، تنان اٿ ڪوڻ لايو،

گهوڙليان رو مچيو گهمسان،

مانهنجي ميندي مڃيٺ ڪوڻ لايو..

ترجمُو:

اڄ منهنجو لاڏلو گهوٽ گهوڙا سينگاري رهيو آهي. گهوڙن جو  گهمسان مچيو آهي. اي منهنجي لال مڃيٽ ميندي تو کي هتي ڪير وٺي آيو آهي. گهوڙن جو گهمسان مچيو آهي. اي منهنجي ميندي لال مڃيٺ ڪير وٺي آيو آهي.

ڏاڙا ري روپاڙي ميندِي تو جهليا چار، 

    رنگي هاٿڙا  ڪريا ري لال

مانهنجي هينئڙي هاڪڙو ياد آيو ....

ترجمو:

روپن واري مينڌي  (جي وڻ ) جا چار ٽارا نڪتا، جن کي نائي مون هٿڙا رنگي لال ڪيا آهن. منهنجي هينئڙي کي هاڪڙو  ياد آيو [1]

ڦٽري تو مينڌي مانهنجي امرڪوٽ ري، 

   ميندي ملاوي راڻي مينڌري

مومل هٿيان رنگ امراڻو لکايو.......

ترجمو:

خوبصورت مينڌي منهنجي عمرڪوٽ جي آهي، جنهن کي راڻي مينڌري به ملاوي هئي.مومل جي هٿڙن عمرڪوٽ جو اهو رنگ لکايو هو.

 

3

اها ميندي جا ملير جي آهي،آءُ هتي ڪيئن لاهيان،   هتي ڪيئن لاهيان،منهنجا مارو آهن ڏور..........

آئون امانت انهن جي آهيان، هُو منهنجي اکڙين جو نور،

   منهنجا مارو آهن ڏور،

منهنجا مارو وساري ڪيئن ويٺا، ويڙهيچن جا پون وهلور،

   منهنجا مارو آهن ڏور،

هينئن اوڏا منهنجا سپرين، اوڀالا ٿا ڏين ويهي ڏور،

   منهنجا مارو آهن ڏور،

 

 

4

هاڪڙي جي ڪناري هلي ميندي پوکايو،

ميندي پوکايو، لاڏي جي مينڌي لاڏيءَ کي لايو.[2]

سوني جي ڏانٽي هلي ميندي لڻايو، 

مينڌي لڻايو، لاڏي جي ميندي هلي لاڏيءَ کي لايو.

 سوني جي جنڊڙي، هلي ميندي پيهايو، 

ميندي پيهايو، لاڏي جي ميندي هلي لاڏيءَ کي لايو.

ڪوري ڪونڊي ميندي پسايو،  

ميندي پسايو، لاڏي جي ميندي لاڏيءَ کي لايو.

سوني ڍاڪون هلي ميندي ڍڪايو،   

ميندي ڍڪايو، لاڏي جي مينڌي هلي لاڏيءَ کي لايو.

 

[1] هاڪڙي جي عروج واري زماني ۾ مينڌي جا گهڻا وڻ هوندا هئا

[2]  هي ڳيچ شادي جي موقعي تي مينڌي پسائڻ وقت ڳايو ويندو آهي.



ڪامڻ ڌجيو


پس منظر:

هي گيت شادي جي موقعي تي ‘گهڙيءَ ‘جي رسم ادا ڪرڻ وقت ڳايو ويندو آهي. هن گيت جي ڌن ڏاڍي پياري آهي. چار پنج عورتون گڏجي ڳائينديون آهن. گهڙيءَ جي رسم ادا ڪرڻ جو به منفرد رنگ هوندو آهي.

ڪامڻ ڌجيو هو راج،

ڪامڻ ڌجيو هو مورا راج

هرڻا ري کيهه سين،

آيو ڏيس ۾ مورا راج

ڀائيان ري جوڙي رو جڻسار،

آيو ڏيس ۾ مورا راج

سريکي جوڙي رو جڻسار،

آيو ڏيس ۾ مورا راج

ماما ري جوڙي رو جڻسار،

آيو ڏيس ۾ مورا راج



ڄڄ جي چڙهڻ جو گيت


پس منظر:

شادي جي موقعي تي ٻين رسمن جيان ڄڃ جي روانگي وقت ردم سان ڀرپور لوڪ گيت ڳايو ويندو آهي. اڳ ۾ ڄڃ اٺن ۽ گهوڙن تي ويندي هئي. هاڻي اٺن ۽ گهوڙن جي جاءِ تي گاڏيون آهن. پر گيتارين وٽ گيت گهوڙيءَ تي گهوٽ جي چڙهڻ جي ذڪر سان آهي.

گهوڙي ري گڙءِ گوگهرا، گهوڙي ڪري آٻا جهاٻا،

جان چڙهي ري لاڏي را بابا.

ترجمُو:

گهوڙيءَ جي ڳچي ۾ گهنگهرو ٻڌل آهن، گهوڙي آٻا جهاٻا ڪري رهي آهي، اي گهوٽ جا پيءُ ڄڃ چڙهي رهي آهي.

 گهوڙي را کريا، سوني جڙيا، گهوڙي ڪري آڪا ڏاڪا،

جان چڙهي ري لاڏي را ڪاڪا

ترجمو:

گهوڙيءَ جا سنب سوني سان مڙهيل آهن، گهوڙي آڪا ڏاڪا ڪري رهي آهي، اي گهوٽ جا چاچا ڄڃ چڙهي رهي آهي.

گهوڙي را کريا، سوني جڙيا، گهوڙي ڪري رما جهما،

جان چڙهي ري لاڏي را ماما

ترجمو:

گهوڙيءَ جا سنب سوني سان مڙهيل آهن، گهوڙي رما جهما ڪري رهي آهي، اي گهوٽ جا ما ما ڄڃ چڙهي رهي آهي.

گهوڙي را کريا، سوني جڙيا، گهوڙي ڪري ايرا ويرا،

جان چڙهي ري لاڏي را ويرا

ترجمو:

گهوڙيءَ جا سنب سوني سان مڙهيل آهن، گهوڙي ايرا ويرا ڪري رهي آهي، اي گهوٽ جا ڀاءُ ڄڃ چڙهي رهي آهي.



ڏورو


پس منظر

ٿر ۾ جيڪي گيت تمام گهڻا مشهور ۽ مقبول آهن. انهن ۾  ‘ڏور’ پڻ هڪ  گيت آهي. هي بنيادي طور تي ‘موڪلاڻي’ جو گيت آهي. پنهنجي اباڻي ڳوٺ کان پري  پرڻايل ناري جا ڳوٺ  ڇڏڻ وقت احساس هن گيت ۾ اڻيل آهن. چون ٿا ته  هڪ  ٿري ناري رخصتي کان پوءِ ڄڃ  ۾ ويندي  ڳوٺ جو دڙو ٽپي ڪنڌ ڦيري اکيون ڀرجي آيون. بابل جو اڱڻ اکين کان اوجهل ٿي ويو. ڳوٺ جي هر منظر سان مخاطب ٿي هن ڏهاڻي آلاپ ۾ گيت ڳايو.  جنهن کي ‘ڏورو’ چيو وڃي ٿو. هاڻي اهو گيت ڌيئاري کي مائٽن  مان رواني ڪرڻ وقت ڳوٺ جون گيتار عورتون گڏجي ڳائينديون آهن. هن جي ڌن ۾  وڏو درد سمايل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ‘ڳيچ’ ۽ سائين رائچند هريجن ‘تاريخ ريگستان’ جي ڀاڱي ٻي ۾ ڏورو گيت جا ٻول ڏنا آهن. [1]ڏوري جون مختلف روايتون ملن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته هي ڏوري جي اصل روايت آهي؛

ڌوريئي ڌوريئي ڌامڻيو، گُڏڙا مانري گانوڙيان را اوس ري ،

مانري جيجل  ماء! ڏورو ساچي هيم رو ..................

ترجمُو:

دڙي دڙي تي ڌامڻ گاهه آهي. منهنجين ڍڳين جا کير سان ڀريل اوهه آهن. اي منهنجي جيجل ماءُ! (رشتي جو ) ڌاڳو سچي سون جو آهي.  

   ماتاڙي گونٿيو ماٿيو، سائيڻيان چتريوڙي  سرنگي سينڌ  ري،

   مانري جيجل  ماء! ڏورو ساچي هيم رو

ترجمُو:

ماتا ڙي منهنجو مٿيو (مٿو) گونٿيو (وار سواري وينڊليون ٺاهيون) ۽ منهنجين هڪ جيڏين سرنگي سينڌ چتري ( ڪڍي )آهي. اي منهنجي جيجل ماءُ! (رشتي جو ) ڌاڳو سچي سون جو آهي. 

بيري جي پلاڻيو ڪرهليو، بابي جي ڏني سيک  ري ،

مانري جيجل  ماء! ڏورو ساچي هيم رو ..................

ترجمُو:

ڀاءُ اٺ پلاڻي بيهاريو، بابا سائين موڪل ڏني.اي منهنجي جيجل ماءُ! (رشتي جو ) ڌاڳو سچي سون جو آهي. 

ڌوريئي ڌوريئي ڍوُڙيو، ڍُوڙيئي ساٿڻيان رو ساٿ ري ،

مانري جيجل  ماء! ڏورو ساچي هيم رو ..................

ترجمُو:

دڙي دڙي تي سرتين جو ٽولو آهي، ٽولي ۾ هڪ جيڏين ( سهلين ) جو ساٿ آهي. اي منهنجي جيجل ماءُ! (رشتي جو ) ڌاڳو سچي سون جو آهي. 

 هووي متي روئي جيجل ماء ! مانرو لکيو لي گيو ليک ري،

مانري جيجل  ماء! ڏورو ساچي هيم رو ..................

ترجمُو:

هاڻي منهنجي جيجل ماءُ نه روئجان، منهنجو لکيو ليک مون کي وٺي ويو. اي منهنجي جيجل ماءُ! (رشتي جو ) ڌاڳو سچي سون جو آهي. 

ڌوريئي ڍڙتي پاڇلڙي ڦوري، ماء ڏاڏاڻو رهي  گيو ڏور  ري ،

مانري جيجل  ماء! ڏورو ساچي هيم رو ..................

ترجمُو:

دڙي تان لهندي مون ڪنڌ ڦيري ڏٺو ته  منهنجي ماءُ ! ڏاڏاڻو  ڏور رهجي ويو.اي منهنجي جيجل ماءُ! (رشتي جو ) ڌاڳو سچي سون جو آهي. 

مانرو  بيرو  جي ماتاڙي  منان ڇيڪو  مڙوا ميهلي  ري ،

مانري جيجل  ماء! ڏورو ساچي هيم رو ..................

ترجمُو:

منهنجو ڀاءُ ماتاڙي مون ڏانهن جلدي ملڻ جي لاءِ موڪلجان.اي منهنجي جيجل ماءُ! (رشتي جو ) ڌاڳو سچي سون جو آهي. 

 

[1]  مٺي جي شاعر شنڪر ساگر به  ڏوري’ بابت هڪ مضمون  لکيو آهي



جهيڏر


پس منظر

جهيڏر ٿر جي مشهور لوڪ گيتن مان هڪ آهي. هي گيتاريون ٽي چار گڏجي اگيرينديون (ڳائينديون )آهن. لفظ جهيڏرٿري ٻوليءَ جي لفظ جهيڏل (جيڏل) مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ ساٿڻ/ هڪ جيڏي /ٻيلڻ آهي. پر هن گيت ۾ جهيڏر نالو ڏنو ويو آهي.

رائلاڻي ري، امراڻي ري جهيڏر،

ماءُ ! مني پيڇيا ماڻهوڙا اڻي را ميهل ،

ترجمُو:

اي ماءُ ! آئون رائلاڻي، امراڻي جي جهيڏرآهيان، مون پويان هتان جا ماڻهو موڪل. (آئون ڏيهه جو ماڻهو ڏسي راضي ٿيان)

ڏاگليو چڙهي جهيڏر ٻائي جويو، ڏيس را ليلوڙا جهاڙ،

رائيلاڻي ري، امراڻي ري ...........................

ترجمُو:

جهيڏر ٻائي اٺ تي چڙهي، پنهنجي ڏيهه جا ساوا وڻ نهاريا. اي ماءُ ! آئون رائلاڻي، امراڻي جي جهيڏرآهيان، مون پويان هتان جا ماڻهو موڪل.

پگ ري جهٻوڪي پولري، هينئڙي جهٻوڪي نو سريو هار

رائيلاڻي ري، امراڻي ري ...........................

ترجمو:

منهنجي پيرن ۾ پولري جهٻڪي رهي آهي ته منهنجي هينئڙي تي هار جهٻڪي رهيو آهي. اي ماءُ ! آئون رائلاڻي، امراڻي جي جهيڏرآهيان، مون پويان هتان جا ماڻهو موڪل...

هاٿڙلي ڏينوڙي ميندڙي چوڙلي لاگوڙي ري لال مجيٺ

رائيلاڻي ري، امراڻي ري ...........................

ترجمو:

منهنجي هٿڙن تي ميندي چٽيل آهي ته منهنجي چوڙلي کي لال مڃيٺ لڳل آهي. اي ماءُ ! آئون رائلاڻي، امراڻي جي جهيڏرآهيان، مون پويان هتان جا ماڻهو موڪل.



هالريو


پس منظر

ٿر ۾ ٻارن کي لولي ڏيڻ جي لاءِ به ڪيترائي لوڪ گيت آهن . انهن هڪ هالريو به آهي. لفظ هُلراڻي مان نڪتو آهي. نامور لوڪ راڳي مراد فقير هن کي من مو هيندڙ انداز ۾ ڳايو آهي. [1]

ڍول منگل لي ڍاڍيءَ ڙو آيو،

ايئي ڍاڍيءَ ڙي نا وڌائو سيان .................هالريو

ساڪر رو ٿال لي وڌائو سيان .................هالريو

ترجمُو:

خوشين ڀرئي جذبي سان دُهل وڄائيندو مڱڻهار فقير گهر آيو آهي، منهنجون سيهليون انهيءَ مڱڻهار جي آجيان ڪريو، مصري جو ٿال ڀري انهيءَ جو آڌر ڀاءُ ڪريو، منهنجي پياري جي جنم جي خوشيءَ جو موقعو آهي.

نو نکتر لي جوشيئڙو گهر آويو، 

ايئي جوشيئڙي نا وڌائو سيان ...............هالريو

ساڪر رو ٿال لي وڌائو سيان .................هالريو

ترجمو:

نو نکترن (نکشترن) وارو ٽپڻو کڻي جوشي ( برهمڻ ) گهر آيو آهي، منهنجون سيهليون انهيءَ جوشيءَ جي آجيان ڪريو، مصري جو ٿال ڀري انهيءَ جو آڌر ڀاءُ ڪريو، منهنجي پياري جي جنم جي خوشيءَ جو موقعو آهي.

ڦولان رِي مالهاڙي لي ماليهڙو آويو، 

ايئي مالهي ڙي نا وڌائو سيان ...............هالريو

ساڪر رو ٿال لي وڌائو سيان .................هالريو

ترجمو:

گلن جي مالها کڻي گلستان جو مالهي آيو آهي، منهنجون سيهليون انهيءَ مالهي جي آجيان ڪريو، مصري جو ٿال ڀري انهيءَ جو آڌر ڀاءُ ڪريو، منهنجي پياري جي جنم جي خوشيءَ جو موقعو آهي.

ڪورا ڪُنڀ لي ڪُنڀارڙو آويو، 

ايئي مالهي ڙي نا وڌائو سيان ...............هالريو

ساڪر رو ٿال لي وڌائو سيان .................هالريو

ترجمو:

ڪورا مٽي جا ٿانءُ کڻي ڪنڀار آيو آهي، منهنجون سيهليون انهيءَ ڪنڀار جي آجيان ڪريو، مصري جو ٿال ڀري انهيءَ جو آڌر ڀاءُ ڪريو، منهنجي پياري جي جنم جي خوشيءَ جو موقعو آهي.

[1] ٿر جي نوجوان اديب دليپ ڪوٺاري اهو گيت پنهنجي ترتيب ڏنل لولين جي ڪتاب ‘پيار منجهان ڏيان پينگهو لوڏي’ ۾ به ڏنو آهي.



راسوڙا


هيءَ ٿڌڙي جي رات، ٿر ۾ ڪيئي ڪولهڻيون،

تاڙيون وڳيون اوچتو، چيري ڇپ ڇپات،

آئي تنهنجي بات، راسوڙا رڪجي ويا

 _

ڦيري پنهنجا ڏانڊيا، ور ور ڪڙڪا ڪن،

جن جي پيرين گنگهرو ڇم ڇم سان ڇمڪن،

ساري رات نچن، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي

(شيخ اياز)



چنڙي


پس منظر:

هي پيارو راسوڙو آهي. سهاڳڻ عورتون چاهه سان ڳائينديون آهن. ڪنهن زماني ۾ ريگستاني راڄن ۾ پاوا گڍ جي چنري مشهور هوندي هئي. هن گيت جي ڌن دل لڀائيندڙ آهي.

چُنڙِي مُولاوان تو مُلهه گهڻو ڇي، پاواگڍ ري چُنڙِي

منگاوو مانرا هاٺيلا بنڙا چُنڙِي، پاواگڍ ري چُنڙِي

ترجمُو:

چُنڙِي جو ناڻو ڪرايان ته ناڻو گهڻو آهي مون کي پاوا گڍ جي چُنڙِي پسند آهي، منهنجا محبوب مونکي پاواگڍ جي چُنڙِي گهرائي ڏئي.

هُون تو چُنڙِي اوڍان، بن چُنڙِي ڪُڙيا لاج کاوي، پاوا گڍ ري چُنڙِي

هُون تو چُنڙِي ڌوئان، دريا اُلٽ جاوي، پاوا گڍ ري چُنڙِي

ترجمو:

آئون اها چُنڙِي اوڍيندس، تنهنجي لاڏلي پاواگڍجي چُنڙِي بنا شرمندي ٿئي ٿي. آئون پنهنجي چُنڙِي دريا تي ڌوئان ته ان جي حسناڪي ۽ دريا اُٿلي ٿو پوي.

هُون تو چُنڙِي سُڪوان، ڀاڏي ڌرتي داڪ جاوي. پاواگڍ ري چُنڙِي

منگاوو مانرا هاٺيلا بنڙا چُنڙِي، پاوا گڍ ري چُنڙِي

ترجمو:

آئون پنهنجي چُنڙِي سڪائڻ لاءِ وڇايان ته ڌرتي ڍڪجي ٿي وڃي. منهنجا هٺيلا پرين پاوا گڍجي چُنڙِي گهرائي ڏئي.



مانرا مٺڙا مهمان (1)


پس منظر:

هي ٿر جو مشهور ۽ مقبول راسوڙو آهي. خوشي جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي. خوشي جي موقعي تي مهمانن جي آجيان ۾ هن راسوڙي جا رنگ هوندا آهن. هن راسوڙي جي ڌن ۽ گرٻي ناچ (راند) پياري آهي.

مانرا مٺڙا مهمان ڀلي آويا،

مانرا پرديسي پکيڙا ڀلي آويا

ڪ هون تان ڪهڙي ڪران منوار ري....

ڪ هون تان ڪهڙي ڪران منوار ري...

ترجمُو

منهنجا مٺڙا مهمان ڀلي ڪري آيا، (انهن جي اچڻ جي ايڏي خوشي ٿي آهي جو )آئون انهن جو ڪهڙو آڌر ڀاءُ ڪريان .

ڪ هون تو جوئان ري جگ مٺي ري واٽ،

ڪ هون تو جوئان پرديسي ڙي ري واٽ،

 مانرا پرديسي پکيڙا ڀلي آويا،

مانرا مٺڙا ري مهمان ڀلي آويا،

ڪ هون تان ڪهڙي ڪران منوار ري...............

ترجمو:

آئون ته (هن) جڳ مٺي جون واٽون نهاري رهي آهيان، آئون ته پرديسي جون واٽون نهاري رهي آهيان، منهنجا مٺڙا مهمان ڀلي ڪري آيا، (انهن جي اچڻ جي ايڏي خوشي ٿي آهي جو سوچيا ٿي ته )آئون انهن جو ڪهڙو آڌر ڀاءُ ڪريان .

ٿاني ٻيسڻ واڙا ڏيوان ڍولڙا، 

مين تو ڏيسان هيري جڙي کاٽ ري،

اري ڏيوان گُگهرئي واڙي کاٽ ري،

مانرا مٺڙا مهمان ڀلي آويا

ڪ هون تان ڪهڙي ڪران منوار ري...............

ترجمو:

مهمانن کي ويهڻ جي لاءِ کٽولا ڏيان، ۽ آرام ڪرڻ جي لاءِ هيرن سان جڙيل گنگهرن واري کٽ وڇائي ڏيندس. منهنجا مٺڙا مهمان ڀلي ڪري آيا، (انهن جي اچڻ جي ايڏي خوشي ٿي آهي جو)آئون انهن جو ڪهڙو آڌر ڀاءُ ڪريان .

ڪ مين تو جيمڻ واڙا ڏيوان لاڏوڙا ري، 

ٿاني تو ڏيوان جيمڻ واڙا لاڏو ڙا ري،

مين ڏيسان گهيمريا واڙا ساگ ري،

مانرا مٺڙا مهمان ڀلي آويا

ڪ هون تان ڪهڙي ڪران منوار ري...............

ترجمو:

آئون (مهمانن کي ) کائڻ جي لاءِ لڏون ڏيان، منهنجا پيارا توهان کي کائڻ جي لڏو ن ڏيان، آئون گهيمريا واري ڀاڄي (سچي گيهه سان رڌل نموني نموجي ڀاڄي) ڏيندس. منهنجا مٺڙا مهمان ڀلي ڪري آيا، (انهن جي اچڻ جي ايڏي خوشي ٿي آهي جو ) آئون انهن جو ڪهڙو آڌر ڀاءُ ڪريان .

 (2)

مانرا مٺڙا مهمان ڀلي آويا،

مانرا پرديسي پکيڙا ڀلي آويا

ڪ هون تان ڪهڙي ڪران منوار ري...

 ڪ هون تان ڪهڙي ڪران منوار ري....

ترجمُو

منهنجا مٺڙا مهمان ڀلي ڪري آيا، (انهن جي اچڻ جي ايڏي خوشي ٿي آهي جو )آئون انهن جو ڪهڙو آڌر ڀاءُ ڪريان .

ٿانرو بيرو جي تو ڪرسي جاجها لاڏ ري،

ٿانرو بيرو جي تو ڪرسي موٽا لاڏ ري،

ڪ هون تان ڪهڙي ڪراڙان منوار ري...............

مانرا پرديسي پکيڙا ڀلي آويا،

مانرا مٺڙا ري مهمان ڀلي آويا،

ترجمو:

تنهنجو ڀاءُ گهڻا لاڏ ڪندو، تنهنجو ڀاءُ وڏا لاڏ ڪندو ته منهنجا مٺڙا مهمان ڀلي ڪري آيا. آئون انهن جو ڪهڙو آڌر ڀاءُ ڪريان .

ٿانري ماتاجي تو ڪرسي موٽا لاڏ ري،

ٿانري ماتا جي تو ڪرسي جهيڻا لاڏ ري،

ڪ هون تان ڪهڙي ڪراڙان منوار ري...............

مانرا پرديسي پکيڙا ڀلي آويا،

مانرا مٺڙا ري مهمان ڀلي آويا،

ترجمو:

تنهنجي ماتا وڏا لاڏ ڪندي، تنهنجي ماتا جهيڻا لاڏ ڪندي ته منهنجا مٺڙا مهمان ڀلي ڪري آيا. آئون انهن جو ڪهڙو آڌر ڀاءُ ڪرايان .

ٿانري ڀاڀل جي تو ڪرسي موٽا لاڏ ري،

ٿانري ڀاڀل جي تو ڪرسي جهيڻا لاڏ ري،

ڪ هون تان ڪهڙي ڪراڙان منوار ري...............

مانرا پرديسي پکيڙا ڀلي آويا،

مانرا مٺڙا ري مهمان ڀلي آويا،

ترجمو:

تنهنجي ڀاڀي وڏا لاڏ ڪندي، تنهنجي ڀاڀل جهيڻا لاڏ ڪندي ته منهنجا مٺڙا مهمان ڀلي ڪري آيا. آئون انهن جو ڪهڙو آڌر ڀاءُ ڪرايان .

ٿانرو بابو جي تو ڪرسي موٽا لاڏ ري،

ٿانري بابو جي تو ڪرسي جهيڻا لاڏ ري،

ڪ هون تان ڪهڙي ڪراڙان منوار ري...............

مانرا پرديسي پکيڙا ڀلي آويا،

مانرا مٺڙا ري مهمان ڀلي آويا،

ترجمو:

تنهنجي بابو جي وڏا لاڏ ڪندو، تنهنجي بابو جي جهيڻا لاڏ ڪندو ته منهنجا مٺڙا مهمان ڀلي ڪري آيا. آئون انهن جو ڪهڙو آڌر ڀاءُ ڪرايان .



مانرا ڀمريا


پس منظر:

هي ٿر جو مشهور ۽ مقبول راسوڙو پيار پريت جي لاڏ ڪوڏ جو راسوڙو آهي. خوشي جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي. ‘ڀمريو’ ٿري ٻوليءَ ۾ ڀئونر کي چئبو آهي. هن راسوڙي جي ڌن مٺڙي آهي. ٻڌندي محسوس ٿيندو آهي ته ڪوئي ڀئونر اکين اڳيان ڀري رهيو آهي. هن راسوڙي تي گرٻي ناچ (راند) منڊي تي ٽڪ وانگر لڳندي آهي.

نهين مارون ري تو ني نهين مارون ري،

مانرا اڏتا ڀمريا تو ني نهين مارون ري،

مانرا پرديسي ڀمريا تو ني نهين مارون ري...............

ترجمُو

نه ماريان ڙي، تو کي نه ماريان ڙي، اي منهنجا اڏرندڙ ڀنوئر تو کي نه ماريندس، اي منهنجا پرديسي ڀنوئرتو کي نه ماريندس،

اُڏتو ڀمريو مانري چوڙلي اوپر ٻيستو،

نهين مارون تو ني نهين مارون،

 مانرا پرديسي پکيڙا نهين مارون،

ترجمو:

اڏرندڙ ڀنوئر منهنجي چوڙي تي اچي ويهي ٿو، پر اي منهنجا ڀنوئر تو کي آئون نه ماريندس. اي منهنجا پرديسي پکيڙا تو کي نه ماريندس.

اُڏتو ڀمر مانري ٽيلڙي اوپر ٻيستو،

نهين مارون تو ني نهين مارون،

مانرا پرديسي پکيڙا نهين مارون،

ترجمو:

اڏرندڙ ڀنوئرمنهنجي ٽيلڙي تي اچي ويهي ٿو، پر اي منهنجا ڀنوئر تو کي آئون نه ماريندس. اي منهنجا پرديسي پکيڙا تو کي نه ماريندس.

اُڏتو ڀمريو مانري چوٽلي اوپر ٻيستو،

نهين مارون تو ني نهين مارون،

مانرا پرديسي پکيڙا نهين مارون،

ترجمو:

اڏرندڙ ڀنوئر منهنجي چوٽلي تي اچي ويهي ٿو، پر اي منهنجا ڀنوئر تو کي آئون نه ماريندس. اي منهنجا پرديسي پکيڙا تو کي نه ماريندس.



سنڌ گهمڻ زائي


پس منظر:

ٿري راسوڙن ۾ هي راسوڙو نئين دور جو آهي. اخبار جو دور اچڻ سان لوڪ راسوڙن ۾ اخبار جو ذڪر ڪيو آهي. ٿر جي ڏڪاريل ڌرتي جو ماڻهو ڪس اڪرندي بئراج جي پٽي ۾ پهچندي ساوڪ ڏسي سرهو ٿي پوندو آهي. لاباري جي لاءِ نڪتل لڏي ۾ شامل پنهنجي پٽ جي هٿ ۾ پين پنو ۽ اخبار ڏسي مٽي جي مهڪ من ۾ سمائي نئين دور جي روشني ۾ بي اختيار هي راسوڙو ڳائيندو آهي. 

پين پنو هاٿ ۾ ليڌو اخبار ڀڻتو زائي،

لاڏلو ڪنور مانرو سنڌ گهمڻ زائي،

ترجمُو

پين پنو هٿ ۾ کڻي اخبار پڙهندو وڃي ٿو، هي منهنجو لاڏلو ڪنور (شهزادو) سنڌ گهمڻ وڃي رهيو آهي.

او ٿانري ماتا ڙي ڪرسي جاجها لاڏ ري، 

او ٿانرو بابو جي ڏسي جاجهو مان ري

مانرو لاڏلو ڪنور سنڌ گهمڻ زائي ري.............

ترجمو:

تنهنجي ماءُ تنهنجا گهڻا لاڏ ڪندي، تنهنجو بابو تو کي گهڻو مان ڏيندو، منهنجو لاڏلو ڪنور سنڌ گهمڻ وڃي رهيو آهي.

او ٿانري ڪاڪي تو ڪرسي موٽا لاڏ ري، 

او ٿانرو ڪاڪو جي ڏسي موٽو مان ري

مانرو لاڏلو ڪنور سنڌ گهمڻ زائي ري.............

ترجمو:

تنهنجي چاچيءَ تنهنجا وڏا لاڏ ڪندي، تنهنجو چاچو تو کي گهڻو مان ڏيندو، منهنجو لاڏلو ڪنور سنڌ گهمڻ وڃي رهيو آهي.

او ٿانري بابلڙي تو ڪرسي جهيڻا لاڏ ري، 

او ٿانرو بيرو جي ڏسي موٽو مان ري

مانرو لاڏلو ڪنور سنڌ گهمڻ زائي ري.............

ترجمو:

تنهنجي ڀاڀيءَ تنهنجا جهيڻا لاڏ ڪندي، تنهنجو ڀاءُ تو کي گهڻو مان ڏيندو، منهنجو لاڏلو ڪنور سنڌ گهمڻ وڃي رهيو آهي.



گگر


پس منظر:

لفظ ٿري ٻولي ۾ مٽي جي دلي کي سڏيو ويندو آهي. هي راسوڙو پاڻياري گيت جو پسمنظر رکندڙ راسوڙو آهي.ٿر ۾ نوجوان نينگريون جڏهن پاڻي ڀرڻ جي لاءِ گڏجي کوهه ڏانهن روانيون ٿينديون آهن. تڏهن ڳائينديون آهن. هي راسوڙو ڳائيندي هلندڙ پاڻيارين جي قدمن جو به ردم راسوڙي جي ريت ۾ هوندو آهي. ٻاجهارن ٻولن ۾ سچائي جو سُر ٻڌندڙ جي من کي موهي وجهندو آهي.

گگر گهڙو کڻي مٿي تي، پاڻي ڀرڻ هلسان ري،

هيڪ جيڏين هلسان ري، هيڪ جيڏين رمسان ري

ترجمُو

گهاگهر گهڙو مٿي تي کڻي پاڻي ڀرڻ هلنديون سين، هڪ جيڏيون هلنديون سين، هڪ جيڏيون رمنديون سين.

ورت منگائي، لوڏ ٻڌائي هيڪ جيڏين لڏسان ري،

هيڪ جيڏين لڏسان ري، راسوڙي ريت رمسان ري

ترجمو:

کوهه جي ورت ( مضبوط رسو جنهن سان کوهه مان پاڻي ڪڍيو ويندو آهي) گهرائي، ان رسي سان لوڏ ٻڌائي، هڪ جيڏيون گڏجي لڏنديون سين. هڪ جيڏيون لڏنديون سين، راسوڙي جي ريت (گرٻي ناچ )رمنديون سين. 

ٻارنهن مهينا سين بيرو آيو، ٻهنان جوڻ هلسان ري،

آپين بيري نا جوڻ هلسان، گهوريا پاڻي پيسان ري

ترجمو:

ٻارنهن مهينن کان پوءِ ڀاءُ واپس (ڳوٺ) آيو آهي، اي اديون پاڻ ڀاءُ کي نهارڻ هلنديون سين، ڀاءُ کي نهارڻ هلنديون سين، ڀاءُ تان ‘گهوريا پاڻي’ پاڻي پيئنديون سين.



لال وڻجارا


پس منظر:

ڪنهن زماني ۾ ٿر جا ٻڙد ( ڍڳا ) پوري ننڍي کنڊ خاص طور گُجرات واري پٽي ۾ گهڻو ناڻو ڪندا هئا. ٿر ۾ چوپائي مال جا واپاري هتان ڍڳا سودي وڪڻڻ ويندا هئا. ٿر ۾ هڪ ڪهاوت جنم ورتو هو ته ‘ڌن گوڌي يا جوڌي’. ان وقت واپار جي سانگي نڪرندڙ وڻجارا ڏينهن جا ڏينهن لاهيندا هئا. پويان سندس ونيون وڇوڙي جون وڏيون راتيون اپٽيل پنبڻين تي پرهه آڻي ڪاٽينديون هيون. انهي راسوڙي ۾ اهڙن جذبن جي عڪاسي ٿيل آهي. هن راسوڙي ۾ گجرات ويندڙ وڻجاري کي پاڻ سان گڏ سفر تي وٺي هلڻ جي منٿ ميڙ ڪري ٿي.

مانرا لال وڻجارا جي، ماني لي هالو گجرات

ترجمُو:

منهنجا لال وڻجارا تون مونکي پاڻ سان گڏ گجرات وٺي هل.

کيتر هوئي تو کيڙ لُون ڏونگر کيڙيو ڪم جاءِ،

ترجمو:

ٻني هجي ته کيڙي وٺان، ڏونگر ڪڏهن کيڙي نٿو سگهجي

ڪاگد هوئي تو باچ لوُن، ڪرم بانچيو ڪم جاءِ

ترجمو:

ڪاغذ جو خط هجي ته پڙهي وٺان ڪرم (قسمت ) نٿو پڙهي سگهجي.

تانتڻ هوئي تو توڙلون، پريت توڙي ڪم جاءِ،

ترجمو:

ڌاڳو هجي ته ٽوڙي وٺان پر توسان محبت جا پيچ پاتل آهن. اهي ٽوڙي نٿي سگهان.

ڪٿڪ وارتا پريم ري مک سون ڪهي ڪم جاءِ

ترجمو:

محبت جي ڪهاڻي اهڙي ڪٺن آهي، جو واتان اظهاري يا بيان ڪري نٿي سگهجي.



پوپٽيا


پس منظر:

هن راسوڙي ۾ پوپٽ کي پيار ۾ ‘پوپٽيو’ سڏيو ويو آهي. ‘پوپٽيو’ روح رچنديون ڪندي نينهن جي نبور ڪيفت ۾ پريت جا لاڏ ڪوڏ هُلرائي ٿو. هي راسوڙو ٻڌڻ سان روح ۾ اتري ٿو. شبنم اچي چميون ڏي ٿي. ٿر جو آڪاش پسي ءَ جا ڳاڙها گل لڳي ٿو.

ميڙيان اوپر پنجرو پڙيو، پنجرو لي گيا آپ،

اري پوپٽيا، ڪڏي آئو ني مانري هاٿ،

ترجمُو ؛

ماڙين مٿي پڃرو پيل هو، پڃري کي (بالم ) پاڻ کڻي ويو. اي پوپٽيا ڪڏهن منهنجي هٿ لڳي وڃين ............!،

اونچي ميڙي اوجلي مهين لونٻاڙي کاٽ،

اري پوپٽيا، ڪڏي آئو ني مانري هاٿ،

ترجمو:

(ماڙين ۾ ) اونچي ماڙي اجري آهي، جنهن ۾ جهوڙن واري کٽ رکيل آهي.. اي پوپٽيا ڪڏهن منهنجي هٿ چڙهي وڃين............!.

ٿانري آگڻئي ايلچي، مانري آگڻئي جاڙ،

اري پوپٽيا، ڪڏي آئو ني مانري هاٿ،

ترجمو:

تنهنجي اڱڻ ۾ ايلچي بيٺل آهي، منهنجي اڱڻ ۾ ڄار جو وڻ آهي. اي پوپٽيا ڪڏهن منهنجي هٿ لڳي وڃين ............!.

جاڙ چڙهي مين جويو ٿي ٻڍا مين ٻاڙ،

اري پوپٽيا، ڪڏي آئو ني مانري هاٿ،

ترجمو:

ڄار چڙهي مون نهاريو تون پوڙهو آئون ٻار آهيان. اي پوپٽيا ڪڏهن منهنجي هٿ لڳي وڃين ............!.



کڙي نيم ڪي نيچي


پس منظر:

هي پيار محبت جي پنڌ ۾ انتظار جو راسوڙو آهي.هن راسوڙي جي ڌن ڏاڍي پياري آهي.هن کي ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳي ڳائي تمام گهڻو مشهور ڪيو آهي. ‘کڙي نيٻ ڪي نيچي’ جا لفظ چوڻ سان مائي ڀاڳي جو نالو تصور ۾ تري ايندو آهي. .

کڙي نيٻ ڪي نيچي هون تو هيڪلي،

جاتوڙو واٽائڙو مانا ڇاني ماني ديک کي،

هون ٿانا پڇان، ڇيل ڀمريا هيڪلي،

مانا ڇاني ماني ديک لي...............................

ترجمُو ؛

اي منهنجا پريتم! آئون تنهنجي لاءِ نم جي هيٺيان بيٺي آهيان، (گهٻرايان ٿي ) ڪوئي ايندڙ ويندڙ واٽهڙو مون کي ڏسي نه وٺي. اي منهنجا پريتم ! تون مون کي ٻڌاءِ آئون اڪيلي بيٺي آهيان (مون کي ايڏو اوسيئڙو ڇو ڏيئي رهيو آهين ؟) (گهٻرايان ٿي ) ڪوئي ايندڙ ويندڙ مون کي ڏسي نه وٺي.

جهر مر جهر مر ميهولا برسين، پون هينڊولا کائي، 

مور پپيا ميٺا ٻولين، ڪوئل شور مچاوي،

کڙي نيٻ ڪي نيچي................................

ترجمو:

رم جهم برسات وسي رهي آهي. هوا جهومي رهي آهي. مور پپيا مٺڙا ٻولن ٿا ۽ ڪوئل شور مچائي رهي آهي. اي منهنجا پريتم! آئون تنهنجي لاءِ نم جي هيٺيان بيٺي آهيان، (گهٻرايان ٿي ) ڪوئي ايندڙ ويندڙ واٽهڙو مون کي ڏسي نه وٺي.

اوٽي پڙيو رينگڻو رڙيو رڙيو جائي،

ساسو جي ٿانرو ڇيل ڀمريو

ما سين ڏريو ڏريو جائي،

کڙي نيٻ ڪي نيچي...........................[1]

ترجمو:

گهر جي اڱڻ ۾ (اوٽي تي )جيئن رينگڻو گگڙندو ( بولاٽيون کائيندو) پري ٿيندو آهي، ائين منهنجي سس! تنهنجو نوجوان پٽ مون کان پري ڊوڙي رهيو آهي. اي منهنجا پريتم! آئون تنهنجي لاءِ نم جي هيٺيان بيٺي آهيان، (گهٻرايان ٿي ) ڪوئي ايندڙ ويندڙ واٽهڙو مون کي ڏسي نه وٺي.

اونچي ميڙي اوجڙي مهين لونٻاڙي کاٽ،

ڌڻ ۾ ڍولو جي نهين پوڍيا، سگن سياڙي ري رات،

کڙي نيم ڪي نيچي.....

ترجمو:

اجري ۽ اونچي ماڙي ۾ سينگاريل کٽ وڇايل آهي، پر مون وٽ منهنجو ڍولو نه پهتو آهي. سخت سياري جي رات آهي. اي منهنجا پريتم’ آئون تنهنجي لاءِ نم جي هيٺيان بيٺي آهيان، (گهٻرايان ٿي ) ڪوئي ايندڙ ويندڙ واٽهڙو مون کي ڏسي نه وٺي.

[1] لفظ رينگڻي بابت ڪا به حتمي راءِ نه آهي، هڪڙا چون ٿا ته هي مينهن وسندي پلر پاڻي جو ٺهندڙ ڦوٽو آهي. هڪ راءِ آهي ته رينگڙو مٽي جو گولو(بلور جهڙو) آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هي ته هڪ ٻوٽي جو چڀڙ جيڏو ميوو آهي. هڪ راءِ آهي ته اٺ جي ڦولهڙي کي رينگڻو چئبو آهي.



ٻيڙلو نجر ماريو ڙي.....


پس منظر:

‘ٻيڙلو نجر ماريو ڙي’ رس ڀريوڙو راسوڙو آهي. لاڏ ڪوڏ ۾ ڳايو وڃي ٿو. پاڻياري لوڪ گيت وانگر هن راسوڙي ۾ ٻيڙلي جي خوبصورتي کي نظر هڻڻ جي شڪايت ڪندي پاڻياري پنهنجي من جون امنگون اڻيون آهن. 

ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي،

مان ماروڙا پرديسي نجر ماريو ڙي

گيا ٿا مانري امراڻي ري شهر

ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي.

ترجمُو ؛

منهنجو ٻيڙلو نظرجي ويو آهي.اي منهنجا پرديسي! منهنجي ٻيڙلي کي نظر هنئي آهي. تون منهنجي امراڻي جي شهر ويو هئين. منهنجو ٻيڙلو نظرايو آهي.

گيا تا مانري مٺياڻي ري شهر،

تم سي هون نهين ٻولان ري،

گيا تا مانري پاراڻي ري شهر،

ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي ....

ما ماروڙا پرديسي ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي.... 

ترجمو:

تون منهنجي مٺي جي شهر ويو هئين، تو سان آئون نه ڳالهائيندس، تون پاراڻي جي شهر ويو هئين منهنجو ٻيڙلو نظرايو آهي. اي منهنجا پرديسي! منهنجي ٻيڙلي کي نظر هنئي آهي.

نٿڙي لائجو ري، نٿڙي لائجو ري،

ما ماروڙا پرديسي، نٿڙي لائجو ري ،

نٿڙي مٿي حيدراڻي ري ڇاپ ري،

ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي ....

ما ماروڙا پرديسي ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي.....

ترجمو:

اي منهنجا پرديسي! منهنجي لاءِ نٿڙي وٺي اچجان، جنهن تي حيدرآباد جي ڇاپ هجي. منهنجو ٻيڙلو نظرايو آهي. اي منهنجا پرديسي! منهنجي ٻيڙلي کي نظر هنئي آهي.

گيا تا مانري امراڻي ري شهر،

چوڙلو لائجو ري، چوڙلو لائجو ري،

ما ماروڙا پرديسي، چوڙلو لائجو ،

چوڙلي مٿي ميرياڻي ري ڇاپ ري،

ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي ....

ما ماروڙا پرديسي ٻيڙلو مانرو نجر ماريو ڙي....

ترجمو:

اي منهنجا پرديسي! تون منهنجي امراڻي جي شهر ويو هئين، منهنجي لاءِ چوڙلو وٺي اچجان، جنهن تي منهنجي ميرياڻي شهر (ميرپورخاص ) جي ڇاپ هجي.



پاراڻي ري ريل


پس منظر:

لوڪ گيتن ۾ ڳايل ‘پاراڻو ٿر جو طبعي ‘پارڪر آهي يا ‘کاهوڙ ‘ جي ديهه پارڻو آهي. هي هڪ تحقيق طلب موضوع آهي. هن راسوڙي جي ٻولي پارڪري آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن راسوڙي جي سرجڻ جي سرزمين پارڪر آهي. خوشي جي موقعي تي ڳايو ويندڙ هن راسوڙي ۾ وڏو رڌم آهي.

آج ڪ موني ڍولوا رمڻ مهلوا پرديسيڙا،

پاراڻي ري ريل مانهه جانجهر واجي،......

ترجمُو ؛

اي منهنجا پرديسڙا ! اڄ مون کي دهل تي گرٻي رمڻ موڪليو، پاراڻي جي ريل ۾ جاجهر وڄي رهي آهي.

مانري پاگي پرماڻ ڪڙوا هڙوا پڙيا،

مانري ڪاٻيا تو ليجو واجو پرديسيڙا

پاراڻي ري ريل مانهه جاجهر واجي....

ترجمُو ؛

منهنجي پيرن ۾ پاتل ڪڙلا ڍرا پئجي ويا آهن. اي پرديسيڙا! منهنجي ڪاٻين جي وڄت ٻڌي ڏسو، پاراڻي جي ريل ۾ جهاجهر وڄي رهي آهي.

مانري هاٿي پرماڻ چوڙلا هڙوا پڙيا،

مانري ٻنگڙيان تو ليجو واجو پرديسيڙا

پاراڻي ري ريل مانهه جاجهر واجي....

ترجمُو

منهنجي هٿن جي ٻانهن ۾ پاتل چوڙلا وڄت ۾ ڍرا پئجي ويا آهن. اي پرديسيڙا! منهنجي چوڙين جي وڄت ٻڌي ڏسو، پاراڻي جي ريل ۾ جهاجهر وڄي رهي آهي.

مانري گڙءِ پرماڻ گاگهرو هڙوا پڙيا،

مانري چنڙي تو ليجو واجو،

پاراڻي ري ريل مانهين جاجهر واجي..

ترجمُو

منهنجو ڳلي تان پائيندي گاگهرو ڍرو پئجي ويو آهي. اي پرديسيڙا! منهنجي چنري جي وڄت ٻڌي ڏسو، پاراڻي جي ريل ۾ جهاجهر وڄي رهي آهي.

مانري ناڪي پرماڻ نٿڙي هڙوي پڙي،

مانري ٽيلڙي تو ليجو واجو،

پاراڻي ري ريل مانهين جاجهر واجي.. .........

ترجمو:

منهنجي نڪ ۾ پاتل نٿڙي ڍري پئجي ويئي آهي. منهنجي ٽيلڙي جي وڄت ٻڌي ڏسو، پاراڻي جي ريل جهاجهر وڄي رهي آهي.

مانري ڪاني پرماڻ جهوٻر هڙوا پڙيا،

مانري چوٽيان تو ليجو واجو،

پاراڻي ري ريل مانهين جاجهر واجي.. .........

ترجمو:

منهنجي ڪنن ۾ پاتل جهومر ڍرا پئجي ويا آهن. منهنجي وارن جي (سينڌ جي) چوٽلين جي وڄت ٻڌي ڏسو، پاراڻي جي ريل جهاجهر وڄي رهي آهي.



سوڪڙي


پس منظر:

‘سوڪڙي’ پهاج کي چيو ويندو آهي. هن راسوڙي ۾ هڪ مرد جي اڳئين گهر واريءَ پنهنجي ور جي پهاج سان پيار تي اندر مان اٿندڙ اڌمن کي بيان ڪيو آهي. هي راسوڙو سماجي زندگي جو عڪس آهي.

ڍولو گيا تا جهالاڻي جهول، وڙتا لايا سوڪڙي،

ترجمُو:

منهنجو مڙس جهالاڻي جهول ( ڳوٺ جو نالو) ويو هو جتان واپسي ۾ ٻي عورت سان پرڻجي منهنجي پهاج وٺي آيو. .

سوڪڙي ڪارڻي ڪڙوا لي آويا،

مانري ڪارڻي ڪوڙا ڪاٻا ري،

ترجمو:

( هُو) پهاج جي لاءِ ڪڙلا (چاندي جا) ۽ منهنجي لاءِ ڪوڙا ڪانٻا (پتل جا ) وٺي آيو.

سوڪڙي ڪارڻي مسرولي لي آويا،

مانري ڪارڻي ڪوڙي ڇينٽ ري.

ترجمو:

پهاج جي لاءِ (هو) مصر جو مشهور ڪپڙو ۽ منهنجي لاءِ ڪوڙي ڇينٽ (هلڪي ناڻي وارو ڪپڙو ) وٺي آيو، .

سوڪڙي ڪارڻي چوڙلو لي آويا،

مانري ڪارڻي ڪوڙي ٻنگڙي ري،

ترجمو:

( هُو) پهاج جي لاءِ چوڙو ۽ منهنجي لاءِ ڪوڙي چوڙي وٺي آيو.

سوڪڙي ڪارڻي نٿڙي لي آويا،

مانري ڪارڻي ڪوڙي ٽيلڙي ري،

ترجمو:

( هُو) پهاج جي لاءِ نٿ(سون جي زيور جو نالو) ۽ منهنجي لاءِ ڪوڙي ٽيلڙي وٺي آيو.

هڙوي هڙوي ٻول گهر ڇي نار،

سملي محلي سوڪڙي سنڀڙڇي،

ترجمو:

(انهن ڏوراپن تي ) مڙس چوي ٿو ته تون منهنجي گهر واريءَ آهين، ٿورو آهستي آهستي ڳالهاءِ، سامهون واري پاڙي ۾ رهندڙ تنهنجي پهاج ٻڌندي.



امراڻو


پس منظر:

عمرڪوٽ کي لوڪ گيتن ۽ راسوڙن ۾ پيار مان امراڻو سڏيو ويندو آهي. هي نئين دور جو راسوڙو آهي. جنهن ۾ پڪي روڊ جو ذڪر ٿيل آهي. روڊ جي ٺهڻ دوران اتي مزدوري ڪندڙ ڪولهي مزدورن جو راسوڙو آهي.

اي هالو امراڻو جوئان زائي،

 لاريان آئي آولٽ ڪڍيا.

ترجمُو:

اچو هلي عمرڪوٽ هلي گهمون، گاڏين اچي آواز گونجايو آهي.

آپڻئه نوان ڪوٽ شهر ۾،

پڪا ري ٻڌاويا...... .

ڌرتي را امي ساٿي سون،

اي هالو امراڻو جوئان زائي.....

ترجمو:

پنهنجي نئون ڪوٽ شهر ۾ پڪو روڊ ٺاهي (مزدوري ڪري) پورو ڪيو آهي. پاڻ ڌرتي جا ساٿي آهيون، اچو هلي عمرڪوٽ هلي گهمون، گاڏين جو آواز گونجي رهيو آهي.

آج ڪ ٽالهي جهڙي شهر ۾،

پڪا ري ٻڌاويا ري...... .

حياتئي کشي رو نوم سئه ،

اي هالو امراڻو جوئان زائي.....

ترجمو:

اڄ ٽالهي جهڙي شهر ۾ پڪو روڊ ٺاهي (مزدوري ڪري )پورو ڪيو آهي. حياتي خوشي جو نالو آهي، اچو هلي عمرڪوٽ هلي گهمون، گاڏين جو آواز گونجي رهيو آهي.

آج ڪ نبي سران شهر ۾،

پڪا ري ٻڌاويا ري...... .

حياتئي سندرتا رو نوم سئه ،

اي هالو امراڻو جوئان زائي.....

ترجمو:

اڄ نبي جهڙي شهر ۾ پڪو روڊ ٺاهي (مزدوري ڪري )پورو ڪيو آهي. حياتي سندرتا جو نالو آهي، اچو هلي عمرڪوٽ هلي گهمون، گاڏين جو آواز گونجي رهيو آهي.

آج ڪ ڪنري شهر ۾،

پڪا ري ٻڌاويا ري...... .

حياتئي منزل رو نوم سئه ،

اي هالو امراڻو جوئان زائي.....

ترجمو:

اڄ ڪنري جهڙي شهر ۾ پڪو روڊ ٺاهي (مزدوري ڪري )پورو ڪيو آهي. حياتي منزل جو نالو آهي، اچو هلي عمرڪوٽ هلي گهمون، گاڏين جو آواز گونجي رهيو آهي.



دوها


نر، ناريون سڀ سانورا، دوها دوها ديس،

وَن مٽايو ويس، مَن اُهو ئي ماروُئو

(شيخ اياز)

جيئن اسان وٽ سنڌي ڪلام ڳائيندي راڳي بيت ڏوهيڙي طور ڏيندا آهن.ائين ٿر جا سگهڙ سياڻا، لوڪ ڪچهرين جا ڪوڏيا، گيتاريون، راڳي، لوڪ گيت ڳائيندي مخلتف دوها،سورٺيا، ڪوت وغيره به چوندا/ڳائيندا آهن. هتي ڪجهه دوها ڏجن ٿا.

ٽيج آوي ري سهيليان، ٽيجلڙيان رو تهوار.

جڻ رو بالمو گهر نهين، اُوئان سين ڪڻ وهنوار.

ترجمُو:

ٽيج آئي آهي ، جيڏيون هي نوکيلي نارين جو ڏينهن آهي، انهيءَ ڏينهن تي جن جو بالم گهر نه هوندو تن سان ڪهڙي حالت هوندي، انهن جي اندر ۾ ڇا گذرندو هوندو.

تون مگران رو موريو، هُون ڍاٽاڻي ري ڊيل

ٿهين پڌاريا نوڪري، ماني پڇي پيهرئي ميهل

ترجمو:

تون ڏونگرن جو مور آهين. آئون ڍاٽ جي دڙن جي ڊيل آهيان، تنهنجي جوڙ بنان ڪيئن رهي سگهان ٿي، تون پنهنجي نوڪري تي وڃين ٿو ته مون کي واپس پنهنجي مائٽن موڪل .

سرامڻ را ستراهن ڏينهن، آوي نويلي ٽيج،

تون برسين پرديس پريا مين اوپر بيج

ترجمو:

ساوڻ جي مند سترنهن ڏينهن آهي، تنهن ۾ ٽيج جو ڏينهن نيارو آهي انهيءَ ڏينهن تي منهنجا محبوب! تون پرديس ۾ آهين، مون کان ڌار آهين ۽ مون اڪيلي مٿان کِنوڻ تجلا ڏئي رهي آهي.

مور تو جهينگور ٻولي، مور ٻولي بن ۾،

ٽيج رو تون نه آويو ڍولا ڌوڙ ٿانري ڌن ۾.

ترجمو:

جهنگل ۾ مور مٺو ٿو ٻولي، بن ۾ مور جي آواز منهنجي تن جي تارن کي ڇيڙي وڌو آهي، منهنجا محبوب تون ٽيج جو نه آئين، منهنجي ٽيج اڌوري ڪرڻ واري تنهنجي ڌن ۾ ڌوڙ پوي.

برسڻ لاڳيو بادليو، ترسڻ لاگيو جيو

ٻال نويلي ٿانهه بنا، پڙي هيڪلي پيوَ

ترجمو:

بادل برسڻ لڳو آهي، انهي رت ۾ منهنجو جيءُ انتظار ڪري رهيو آهي نئين ڪنوار توهان کانسواءِ اڪيلي تنهائي ۾ تڙپي رهي آهي.

ريڻ انڌيري گاج گهڻ، اُمڙ گهمڙ سر آت،

ڏي مَني ڏراوڻي، بالم بن برسات،

ترجمو:

رات انڌيري ۾ گاج جو گوڙ منهنجي سر تي آنڌمانڌ مچائي رهيو آهي، بالم بن برسات مون کي خوف ڏي ٿي.

ميهان اُر موٽان گهران هنيان مُ ڇوڙي آس

او برسي سرور ڀري، او نا ڇوڙي نراس.

ترجمو:

منهنجا جيءُ مينهن ۽ وڏن گهرن (خاندان وارن) مان ڪڏهين آس نه پلجان، مينهن جڏهن وٺو تلاءِ ڀرندو ۽ هو (وڏو گهراڻو) ڪڏهين نراس نه ڇڏيندو، خالي هٿين نه روانو ڪندو.

آج گهٽا اُن ڏيس ۾ مرڌر اوپر ميهه

پنک هوئي تو اُڏ چلان، گهڙي ماهي گهريهه،

ترجمو:

اڄ منهنجي ديس مرڌر (ٿرپارڪر) تي گهنگهور گهٽائون وسي رهيون آهن، پر هجن ته اڏامي هڪ گهڙي ۾ وڃي گهر (ڳوٺ) پهچان

بيجليان بي لجيان، آڀا ٿاني لج،

سُوني سيج وديش پريا، مڌرو مڌرو گرج.

ترجمو:

بجليون (کِنوڻيون) بي لڄيون آهن اي آڪاش توکي ته لج آهي، منهنجي سيج سُڃي آهي، منهنجو پرين پرديس ويل آهي تنهنڪري تون مُڌرو (مٺو ۽ ڌيرو) گرج.

گهڻ گاجي، ٻيجل کِوي، برسي بادلو ٻار،

ساجن بن لاگي سکي، انگ پر بوند انگار،

ترجمو:

بادل گرجي رهيا آهن کِنوڻ کِوي رهي آهي بادل زور سان وسي رهيا آهن، ساجن بن سکي مون کي بوند ٽانڊي جيان لڳي ٿي.

موران ميهه نا ويسري، منگت نا ڏاتار،

مهلي پيهر نا وسري جيوُن هاڙي نا ڀتوار

ترجمو:

مورن کي مينهن نه وسرندو آهي، مڱهڻار کي سخي ياد رهندو آهي، شادي شده عورت کي مائٽ ياد رهندا آهن جهڙي طرح هاري کي ٻنپهرن جي ماني کڻي ايندڙ ڀتوارڻ نه وسرندي آهي.

برسڻ لاگيو بادليو، ڍولو آيو چت

ابر ري رت آپري، نيڻ مانرا نت

ترجمو:

مينهن وسڻ لڳو ته مون کي سڄڻ ياد پيو، مينهن کي ته پنهنجي رت آهي پر منهنجا نيڻ سدائين وسن ٿا.

پڙ پڙ بوند پلنگ پر، ڪڙڪڙ بيج ڪڙڪنت

آج پيا بن هيڪلي، ڌڙ ڌڙ جيو ڌڙڪنت،

ترجمو:

اي سکي! سانوڻ جي وسڪاري جي بوند منهنجي پلنگ تي ڪري رهي آهي، مٿان آڪاش تي وڄ پنهنجن ڪڙڪاٽن سا رنگ لائي رهي آهي اهڙي رت ۾ پرين بن هيڪلي جو جيءُ ڌڙڪي رهيو آهي.

نم آوي ري سهيليان نولا هوسين نيهه،

گوري نچويو ڪانچوو جڻ نميا ٻارهي ميهه

ترجمو:

جيڏيون اڄ نم (چنڊ جي نائين تاريخ) آئي آهي، اڄ پريم ڪندڙن جي دل تي نينهن جا نوان نقش چٽجندا. هن سندري پنهنجي محبوب کي ساري پنهنجو چولو لڙڪن سان پسايو آهي ڄڻ چوماسي جا ڀرپور مينهن وٺا هجن.

ٻارس آوي ري سهليان ٻاٻيهان ٻولنت،

نيڻي سرامڻ ڀاڌرو، هونٽي ٻيج کونت.

ترجمو:

اي سهيليون! چنڊ جي ٻارنهن تاريخ (ٻارس) آئي آهي، انهي ڏينهن تي ٻاٻيها ٻولي رهيا آهن، جن جي آواز تي منهنجي نيڻن مان سڄڻ جي سار ساوڻ بڊي جو روپ وٺي برسي رهي آهي. دل جا شوڪارا چپن مان کنوڻ جي تجلن جيان ڀڙڪي رهيا آهن.

اوگميو اتر ڏسان ڪالي ڪانٿل ميهه

هُون ڀِجُون گهر آنگڻي، پيو ڀِجي پرڏيهه

ترجمو:

اُتر ڏس کان ڪارِي گهٽا ڇانئِي آهي، مينهن وسڻ شروع ٿي ويو آهي، آئون گهرجي اڱڻ ۾ پُسِي رهي آهيان ۽ منهنجو محبوب پرديس ۾ ڀِڄِي رهيو آهي.

مينهان ڪي هيڪا گهڙي، ارٽان ٻارهي ماس،

جڏ ميهه برسي، تڏ پوري من ڪي آس

ترجمو:

مينهن جي هڪ گهڙي ٻارهوئِي وهندڙ ندين کان بهتر آهي، جڏهن مينهن وسندو آهي ته دل جو سَمُوريُون آسُون پُوريُون ٿي وينديُون آهن.

سارنگ لي سارنگ چاليو بِيچ ۾ سارنگ ٿاءِ،

سارنگ سَمهُون سارنگ ٻولُون مُک رو سارنگ جاءِ،

ترجمو:

مور نانگ کڻي آڪاش ڏي اُڏريو، وچ ۾ مينهن وسڻ لڳو، گاج جي گوڙ تي مينهن کي سامهون مٺو آواز ٻولان ٿو ته منهنجي منهن جو سارنگ (نانگ) وڃي ٿو.

ٻيجا سَهي برچڻا، تون مت برچي ميهه

تين برچيا ڀوپت ڏگي، سڄڻ جاوي ٿي ڇيهه

ترجمو:

ٻيا سڀ ڀلي رُسي وڃن پر اي مينهن! تون نه رُسجان، تنهنجي رُسڻ سان هر شيءِ جو انت اچي ويندو، راجا رُلي ويندو ۽ منهنجو سڄڻ وڇڙي ويندو.

رُت آئِي بن مُوريا، کِليا ڪيتڪِي گُل،

پنٿيا باڀل نا اَمَ ڪِهجو ڀَمرو نا ٻيسي ڦُل،

ترجمو:

مِينهُن وٺو آهي، جهنگل سرسبز ٿي ويا آهن، هر طرف ڪيتڪِيءَ جا گُل ٽِڙي پيا آهن. اي قاصد! منهنجِي ڀاڀِي (ڀاءُ جِي گهر وارِي) کي چئجان ته ڀؤنر (مُنهنجي ور)پنهنجي گُل تي ڀيرو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، اَچي پَرچائي وڃي.

سورٺيو ڏوهو ڀلو، ڪپڙو ڀلو ڪميت،

ٺاڪريو تو ڏاتار ڀلو، ڀلو گهوڙو ڪميت،

ترجمو:

دوهو سورٺيو ڀلو آهي، ڪپڙو سفيد سٺو لڳندو آهي، ٺاڪر ته ڏاتار ڀلو، جيئن گهوڙن ۾ ڪميت ڀلو آهي.



مددي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ ماڻهو


  1. ‘تاريخ ريگستان’، ڀاڱو پهريون (سنڌي) رائچند هريجن، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو پنجون، 2010ع
  2. ‘تاريخ ريگستان’، ڀاڱو ٻيو (سنڌي) رائچند هريجن، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو ٽيون، 2005ع
  3. ٻني جا سنڌي لوڪ گيت، (سنڌي)، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، اسٽيج پبليڪيشن، احمد آباد، 2002ع
  4. ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر، آتم ڪٿا جو گڏيل مجموعو، شيخ اياز، روشني پبليڪشن ڪنڊيارو، 2008ع
  5. روزاني ڪاوش اخبار ۽ ڪاوش مئگزين جا مختلف پرچا.
  6. راجسٿاني زبان و ادب (اردو) باغ علي شوق، ڇاپو پهريون، چوهاڻ پبلشرز چوهاڻ بلڊنگ گزدرآباد، ڪراچي، 1992ع
  7. ڊاڪٽر ناٿو سنگهه ڀاٽي ؛ ٿر جي ڳوٺ سارنگيار جو رهواسي مسيحائي پيشي سان لاڳاپيل ڊاڪٽر ناٿو سنگهه ڀاٽي ٿر جي تاريخ، ريت رسم ۽ لوڪ ادب جو ڄاڻو آهي.
  8. ٻڍو فقير چيلهاريو ؛ چيلهار جو رهواسي ٻڍو فقير لوڪ ڳائڪ آهي.